”جامع سنڌي لغات“ تي هڪ نظر- (3)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
هن کان اڳ، مهراڻ 1988ع جي چوٿين پرچي ۾ پهرين (ل-م-ن-و-هه) جلد
پنجون، تنقيدي جائزو جي قسط ۽ مهراڻ 1989ع جي ٽئين
پرچي ۾ ٻي قسط شايع ٿي آهي. انهن ٻنهي قسطن، ۽ هن
ٽئين قسط ۾ لفظن جي ڀَڃ گهڙَ جو لغوي جائزو ورتو
ويو آهي، جنهن مان هي خيال وٺي سگهجي ٿو.
جيترو وقت مون سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ قائم ڪيل
سنڌي لغت برانچ ۾ ڪم ڪيو، ان وقت تائين پروفيسر
گاجرا کان مواد پهتل نه هو، جو اعتماد سان چئي
سگهان ته لفظن ۽ اعرابن جون چڪون، پروفيسر صاحب
کان ٿيون آهن يا هِتان جي ڪارڪنن کان، جن پريس
لاءِ، صاف ڪاپي لکي. پروفيسر صاحب جي تحقيق ٻڌائي
ٿي ته سنسڪرت جو ڄاڻو، لفظن ۽ اعرابن جون چڪون ڪري
نٿو سگهي. باقي ائين ممڪن آهي ته پروفيسر گاجرا جي
سنسڪرت لفظن ۽ اعرابن کي نقل ڪندڙ، پوريءَ ريت
سمجهيو نه هجي، ۽ کڻي وچ ورتو هجي! سنسڪرت لفظن تي
اعرابون ڏيڻ، لغوي ڄاڻ جو قوي دليل آهي. جيڪڏهن
لفظ تان زير زبر هيڏي هوڏي ٿي ته تحقيقي مفهوم فوت
ٿي ويندو، تنهنڪري اهڙين چڪن لاءِ، پروفيسر صاحب
تي حرف اچي نٿو سگهي.
ل
1- ص 2456- لاڏو. (سن. لاڙِنِي، لڙ= راند) لاڏ وارو، البيلو.
2- ص 2457- لاڏو. (سن. لب= کيڏائڻ)، لاڏ وارو، گهوٽ، شاديءَ جو
سهرو. لاڏو، لاڏي، لاڏو ۽ لاڏ لفظ، هڪ ئي بنياد
سان تعلق رکن ٿا، تنهنڪري سندن ڏاتو يا بنياد به
هڪ سمجهڻ کپي، ’لاڏلو‘ جو لڙ (=راند) ۽ ’لاڏو‘
’لب‘(=کيڏائڻ) بنياد يا ڌاتو ڏيکاريل آهن، جي ٺيڪ
نه آهن. حقيقت هن ريت آهي:
لاڏُ. (سن لاڊَ. لَڊۡ= کيڏائڻ)، انگل، آرو، پياز.
لاڏلو (سن. لاڊَنِيهَ. لَڊۡ= کيڏائڻ)، لاڏ وارو، سڪيلڌو،
البيلو.
3- ص 2457- لاوڏُو. (سن. لادَؤيا)، بارَ کڻندڙ اُٺ.
4-ص 2492- لڏڻ. (سن. لَڌِ پرا. لَڌِي)، اٺ، گهوڙي وغيره تي بار
رکڻ. ’لاڏو ۽ لڏڻ، لفظن جي تحقيق ۾ فرق ڏيکاريل
آهي. لغوي حقيقت هن ريت آهي:
لَڏڻ. پرا. لڌو. سن. لَبۡڌ= حاصل ڪيل لَڀۡ= حاصل ڪرڻ). اٺ،
گهوڙي تي بار رکڻ.
’لاڏُو‘، جو سنسڪرت لفظ ’لادَؤيا‘ ڏيکاريل آهي، جو دراصل هندي
لفظ ’لادِيا‘ آهي.
آءٌ سمجهان ٿو ته پروفيسر گاجرا سنسڪرت لفظ لکيا هوندا، پر
اُتارڻ واري ’لبڌ‘ بدران ’لڌ‘لکيو آهي.
5- ص 2468- لانبڙ. (سن. لَنبَٽَ)، بي شرم، لچو.
اها ريسرچ هيئن ٿيڻ کپي.(1)
لالبڙ، (سن. لَنپَٽَ. رَمۡ= کيڏڻ. جو پراين عورتن سان کيڏي)،
بدچال، بي شرم.
6- ص 2484- لَٺِ. (سن. لٺيڪا. پرا. لَٺِيا)، لَڪڻ، عصا.
لغوي خيال کان هيئن ٿيڻ کپي.(2)
لَٺِ. (پرا. لَٽۡٺِ. سن. يَشۡٽ)، لڪڻ، عصا.
7-ص 2487- لڄارو= حياءَ وارو، ڦڪو، لڄي.
اسان جي خيال موجب: لڄارو= لڄ وارو، حيا وارو، شرميلو، محجوب،
طعباً معصوم.
تنهنڪري لغت ۾ ڏنل معانئون- ڦڪو، لڄي- مطلق غلط سمجهڻ کپن؛
ڇاڪاڻ ته ڦڪو يا لڄي معنى: شرمندو، شرمسار،
پشيمان.
8- ص 2503- لُفنگ= لُفنگ. جملي 25 معنائون.
9- ص 2503- لُفنگ= لُفنگ. جملي ڏهه معنائون.
جڏهن ’لفنگ‘ معنى لفنگو ۽ لفنگو معنى لفنگ ته ائين سمجهڻ کپي ته
ساڳئي لفظ جون ٻه صورتون آهن يعني لفظ ساڳيو آهي.
جڏهن لفظ ساڳيو، ته معنائون به ساڳيون ۽ هڪ
جيتريون ٿيڻ کپن! تنهن کان سواءِ ’لفنگ‘ جي اصليت
بيان ڪجي ها ته جيئن خبر پوي ها ته ڪهڙي ٻوليءَ
مان آيو آهي. اسان جي خيال ۾، اهو لفظ، فارسي
’لاف‘ (=ڊاڙ، ٻٽاڪ) مان ورتل آهي.
10- 2547- لِيڙ. (سن. چِيرُ= ڪپڙو)، رِيڙَ، پراڻي اڳڙي. ’ليڙ‘
کي، اصل لفظ سنسڪرت ’چير‘ ڏيکاريل آهي، جو غلط آهي
سنسڪرت ۾ ’چير‘ معنى ’ڪپڙو‘ آهي. جيئن پٽ چير=
پُٽَ جو ڪپڙو پر ’لير‘ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:
ليڙ. (سن. لَڪۡتَڪَ)، ريڙ، ڪپڙي جي پٽي.
11- ص 2556 ماتِ. (سن. ماٽِڪا. مانترَ)، ماءُ، امڙ.
’ماٽڪا ۽ مانتر‘ ٻه لفظ ڪهڙي خيال کان ڏنل آهن؟ هڪ لفظ به پورت
لاءِ ڪافي هو. خير!
لغوي ڪسوٽيءَ تي سنسڪرت لفظن- ماٽڪا، مانتر- کي پرکڻ کان پوءِ
هيئن معلوم ٿيو:
’ماٽِڪا‘ نه، پر ماتۡرڪا!‘
’مانتر‘ نه، پر ’ماتر‘.
12- ص 2558- ماٽي. (پرا. ماٽِيا. سن. مرتڪا<
مَٽيڪا)، چاڏي.
اهو خيال پلئٽس تان ورتل آهي،(1)
جتي هيئن لکيل آهي:
ماٽي. پرا، مَٽّئِا. سن. مُرتِّڪا)، چاڏي.
13- ص 2571. مام. (پرا. مَمّو. سن. مَرۡم)، ڳجهو گڻ، خاصيت.
پلئٽس تان ورتل خيال(2).
مام. (پرا. مَمّو. سن. مَرۡمَ)، ڳجهو گڻ.
14- ص 2574- مانجهاندو. (سن. مَڌيَه+ آهۡنَ= منجهند)، منجهند جي
ماني.
وضاحت سان هيئن ٿيڻ کپي:
مانجهاندو. (سن. مَڌۡ ياهَنّ= منجهند. مَدۡيَه+ وچ+ اَهَنّ=
ڏينهن)، منجهند جي ماني.
15- 2716- منهنگو. (پرا. مَنهنگا+ پنا: سن. مَنهَنگا+ پل ڪ=
آڪرو)، مهانگو.
16- ص 2740- مَهانگ. (سن. مَها= وڏو+ اَرۡ گههُ= اگهه)
مهانگائي.
17- ص 2746- مَهنگو. (سن مَها= وڏو+ اَرۡگهه= اگهه)، مهانگو.
’منهنگو ۽ مهنگو‘ ساڳيو لفظ آهي، پر تڏهن به ريرسچ ۾ فرق! ائين
ڇو؟
درست لغوي صورت هيئن آهي:
مهنگو. (پرا. مَهَگۡگهو: مهگگهه. سن. مهارگهه. مها= وڏو+
آرگههَ= اگهه)، مهانگو.
نوٽ: جيڪڏهن درسي ڪتابن ۾ اهو لفظ ڪم آڻجي ته ڪيئن لکجي؟ منهنگو
يا مهنگو! انهن لفظن سان منهنگائي‘ ۽ ’مهانگو‘ لفظ
به تعلق رکن ٿا. ’جامع سنڌي لغات‘ جا الفاظ، درسي
ڪتابن ۾ آيل لفظن سان ملي اچن ته بهتر. مطلب هي
آهي ته درسي ڪتابن ۾ ’منهانگو، لکجي يا ’مهانگو‘؟
اسان جي خيال موجب ’مهانگو‘ درست آهي.
18- ص 2721- موٺُ. (سن. مَڪُٺَ)، دال جو هڪ قسم، گاهه جو هڪ
قسم.
لغت موجب هيئن ٿيڻ کپي:
موٺ. (سن. مڪُشٺَ)، دال جو هڪ قسم، گاهه جو هڪ قسم.
19- ص 2750- مياڻي= ميربحرن جي بستي، مڇي يا پلا ماري آڻي گڏ
رکڻ جو هنڌ، مياڻ.
اعتراض: ’مياڻي‘ جي معنى ’مياڻُ‘ (’ڻ‘ کي پيش) به ڏنل آهي،
حالانڪه مياڻُ معنى کِپُ (ترار وجهڻ جو کوپو) آهي.
اسان جي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته اهو لفظ ’مياڻ‘ نه،
پر ’مياڻِ‘ (ڻ کي زير) ٿيڻ کپي.
20- ص 2757- ميگهاچَنُ= ٻارهن ميگهن مان پهرين ميگهه جو نالو-
گهاٽا ڪڪر، گهٽا گهنگهور.
’ميگهاچن‘ لفظ، لغت لاءِ نئون لفظ آهي، تنهنڪري وڌيڪ وضاحت ڪرڻ
کپندي هئي ته جيئن لغت جي لفظن جو سينگار وڌي ها،
۽ معنى سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ها.
’ميگهاچَن‘ جي لغوي وضاحت:
ميگهاچنُ. (سن. ميگهاڇَنُ ’ميگههَ= ڪڪر، بادل+ آچڇَنَ. آ=
تائين، چئني طرفن کان+ ڇَنّ= ڍڪيل. ڇد= ڍڪڻ)، ڪڪرن
سان ڇانيل جُهڙ جي لسي.
21- ص 2751 ميٺِ. (سن. مِشۡٽَ)، مٺيون ڳالهيون. ڌاڌر، ٺڳي.
اهو لفظ- ميٺ- آخوند گل محمد هالائي به ڪم آندو آهي:
ويڻ تنهنجو مون کي دلبر، ٿيو مٺو ماکيءَ جي ميٺِ،
ٻين جي شاباس کان، تنهنجي وڻي مون هيٺِ ڦيٺِ. (گل)
بيت ۾ ڏنل ’ميٺ‘ لفظ مان محقق جي ڏنل معنى نٿي نڪري، پر ’ميٺاج،
مٺاڻ‘ جي معنى نڪري ٿي. لغت ۾ ڏنل معانئون اصطلآهي
آهن ۽ نه بنيادي. پهريائين لغوي يا بنيادي معنى
ڏجي، ۽ پوءِ اصطلآهي.
ن
22- ص 2772- ناريل. (سن. نار ڪئلهه)، ڦل جو هڪ قسم ناريل جو وڻ.
ناريل. (سن. نار ڪيل. نارِ: نالِ= شاخ+ ڪ= هوا، پاڻي+ اِل= وڌڻ.
جنهن جي شاخ، پاڻي يا هوا سان وڌي ٿي) ڦل جو هڪ
قسم، ناريل جو وڻ.
23- ص 2776 ناسِتَڪُ. (سن. ناستِڪَ)، ايمان نه آڻيندڙ، ڪافر.
اهڙن لفظن جي پوريءَ ريت کول ڪرڻ کپي ته جيئن لفظ ۾ ٿيل ويچار
فوراً سمجهه ۾ اچي وڃي. لفظ جي حقيقت:(1)
ناستِڪُ. (سن. ناسۡتِڪَ. ناست= نَه= نَه = نه+ اَسۡتِ= آهي.
اهو، جو چوي ته پرلوڪ ۽ ايشور نه آهي يا جهان جو
خالق نه آهي)، ڪافر خدا جو انڪاري.
24- ص 2779- ناڪو. (پرا. نَڪو. سن. نڪ+ ڪ)، داخل ٿيڻ جو رستو.
اهو خيال پلئٽس تان ورتل آهي .(2)
ناڪو. (پرا. نَڪَّئه. سن. نڪۡرَ+ ڪ) داخل ٿيڻ جور ستو.
25- ص 2794- نَپٽُو. (پرا. نپوتيو. سن. نپوترڪ. نش= سواءِ+
پُتۡر= پٽ)، بي اولاد. لفظ جي لغوي حقيقت هن ريت
آهي.
26- ص 2803- نرڙُ= افلاطون، چالاڪ، پهلوان، بهادر.
ڏنل معنائون بلڪل ٺيڪ آهن، پر لفظ کي ٿورو کولجي ها ته بهتر.
سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ آهن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ آيل
حرف يا حرفن مان معنى معلوم ڪري سگهجي ٿي. جيئن
ڳالهه مان ڳالهوڙو= وڏي ڳالهه ڏاگهو مان ڏاگهڙ=
وڏو اُٺ، وڏو قد. ڏر مان ڏرڙ= وڏو ڏر يا ڏورو.
ترڙ= تر+ڙ+ نڀاڳو= وڏو نڀاڳو، منڍ کان نڀاڳو. لفظ
جي پڇاڙيءَ واريون نشانيون اسم تڪبير جون آهن،
جنهن مان ”وڏو“ جي معنى نڪري ٿي. ”نرڙ“ لفظ به
انهيءَ اصول تحت آهي:
نرڙ= وڏو نر، پهلوان، جنگ جوان، هرڪاريو، افلاطون.
27- ص 2810- نِسرڻ. (سن. نشڪرشڻ<
ڪوش ڪڍڻ)، سنگ جو ٻاهر نڪرڻ.
هي خيال ڊاڪٽر فالن جي ڊڪشنريءَ تان ورتل آهي.(1)
نسرڻ. (سن. نِشڪرشڻ)، سنگ جو ٻاهر نڪرڻ.
”نشڪرشڻ لاءِ، ”سنڌي لغات“ ۾ وڌيڪ هيئن ڏيکاريل آهي.
<
ڪوش ڪڍڻ.
ريسرچ جو مطلب هي آهي ته، بنيادي سنسڪرت لفظ ”نشڪرشڻ“ آهي، جنهن
مان ”ڪوش ڪڍڻ“ ورتل آهي.
اسان کي يقين آهي ته پروفيسر کاجرا جي تحقيق درست ڪيل آهي، جنهن
کي لغت ۾ ٻئي نموني ڏيکاريو ويو آهي:
”نِشۡڪَرۡ شَڻُ“ جو ڌاتو يا بنياد، ”ڪُرِش= ڪڍڻ“ کي ”ڪوش ڪڍڻ“
ڏيکاري، ريسرچ سان ڪيڏي نه زيادتي ڪئي ويئي آهي.
افسوس، جو پروفيسر صاحب جي تحقيق کي پوريءَ طرح نه
سمجهيو ويو آهي، جنهنڪري ساري جلد ۾ اهو وهندار
هليو اچي.
”نِشۡڪرَشَڻَ= کي هيئن ڏيکارڻ کپي:
نِسرڻ. (سن. نِشۡڪَرۡشَڻَ. نش= ٻاهر+ ڪۡرشۡ= ڪڍڻ)، سنگ جو ٻاهر
نڪرڻ:
هت اهو بحث ڪرڻو آهي ته ”نسرڻ“ جي تحقيق درست آهي يا نه. صرف هي
ڏيکارڻو آهي ته پروفيسر صاحب جي لفظي کوجنا کي،
”جامع سنڌي لغات“ ۾ عين بين آندل آهي يا نه!
28- ص 2829- نِماز. (سن. نَمَسۡ= نَمَڻُ)، عبادت، بندگي.
ڏيکاريل تحقيق جو مطلب آهي ته ”نماز“ سنسڪرت لفظ ”نَمَسۡ“ مان
ورتل آهي، حالانڪ ائين نه آهي. ”نماز“ فارسي لفظ
آهي ۽ درست تلفظ ”نَمازَ“ (ن کي زبر) آهي.
29- ص 2840- نَواڙو= ٻيڙيءَ جو قسم، تاري جو نالو.
”نواڙو“ لفظ جي تشريح ڪندي، ڏيکاريل آهي ته هڪ تاري جو نالو، جو
پرڀات جو اڀري.
”نواڙو“ لفظ شاهدي طور بيت ۾ آندل آهي.
شاهد.
نِواڙو تنهن نرمل کي، پُوڄي ٿو پرڀات. (ڪبير شاهه).
نَواڙو (ن کي زبر) ۽ نِواڙو (ن کي زير) مختلف اُچار جا ٻه لفظ
آهن، تنهنڪري ٻنهي کي ڌار ڌار ڏيکارڻ کپي.
”نَواڙو“ جي لغوي حقيقت هن طرح آهي:(1)
نواڙو. (پرا. ناوڊِئو. سن. ناوَ+ رَ+ڪ.)، ٻيڙي.
”نواڙو“ ۾ ”ڙو“ اسم تصغير جي نشاني آهي، تنهنڪري لغوي يا بنيادي
معنى ٿيندي: ”ننڍي ٻيڙي“.
”نواڙو“ کي سگهڙن، ”سينگار جي بيتن ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ ته نيڪ ۽
روشن تارو آهي.
شايد.
ڄموُن جِي جاتيان، هُو آهن نيڪ نِواڙي جهڙا. (اُڙ)
سگهڙ جي زباني ته: ”نِواڙو تارو“ ۽ ”وهائو تارو“ هڪ ئي تارو
آهي.
30- ص 2823- نڪٽُ. (سن. نڪٽم<
نه= نه+ ڪٽ= ڍڪڻ) نيڙي، ويجهو، نزديڪ.
31- ص 2861- نيڙي. (سن. نڪٽ)، ويجهو، نزديڪ. ”نڪٽَ ۽ نيڙي“ لفظن
جي ريسرچ ۾ فرق ڏيکاريل آهي.
لغوي حقيقت هن ريت آهي.
نِڪَٽُ. (سن. نِڪَٽَ. نهِ= ڀرسان+ ڪَٽُ= وڃڻ)، نيڙي، نزديڪ،
ويجهو.
نيڙي (سن. نڪٽَ نه= ڀرسان+ ڪٽۡ= وڃڻ)، نزديڪ.
32- ص 2850- نهارڻ. (سن نِڀالَيهَ<
نه+ ڀل) ڏسڻ.
لغوي حقيقت هن طرح آهي:
نهارڻ. (سن. نِڀالَيهَ: نهِ= چڱيءَ طرح سان+ ڀَلۡ= ڏسڻ)، ڏِسڻ.
33-- ص 2859- نيٽُ. (انگ. نيٽ= ڄاري)، رسو، وڻ جو قسم، بيڊ، نيٽ
جو لڪڻ.
”نيٽُ= وڻ جو قسم“ ڏيکاريل آهي، جنهن جو انگريزي لفظ
“Net”
سان ڪو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته سنسڪرت سان واسطو
رکي ٿو، ۽ ان ۾ نرم ”ر“ جو اُچار به سمايل آهي.
نيٽُ. (سن. ويترَ)، وڻ جو هڪ قسم نيٽ جو لڪڻ به اتان ئي ورتل
آهي.
34- ص 2859- نيٽُ. مذڪر. آخر، پڇاڙي.
تحقيق هيئن ٻڌائي ٿي:
’نيٺُ‘ (ٺ کي پيش) مذڪر نه، ’نيٺِ‘ (ٺ کي زير) مونث آهي.
35- 2871- وات ڏارُو= گهڻو ڳالهائيندڙ، بڪندڙ.
اسان جي خيال موجب ”ڏارُو“ (ر کي پيش معنى ’ڏاريندڙ‘.
وات ڏارُو= وات کي ڏاريندڙ.
لغوي لحاظ کان هيئن ٿيڻ کپي:
وات ڏارو= گهڻو ڳالهائيندڙ، بڪندڙ.
36- ص 2871- وات ڏاري= بڪوات ڪندڙ، ويڙهاڪ؛ ڇنال عورت.
اعتراض آهي ته: وات ڏاري، معنى ”ڇنال عورت“ غلط آهي. ڇنال عورت=
رنڊي، ڪڃري ڪسبياڻي.
سنڌي محاوره موجب ”وات ڏاري“ کي ”ڪڃري يا رنڊي“ چئي نٿو سگهجي.
37- ص 2874- واتُوڙي= وات هڻندڙ.
لغت جي تقَاضا موجب ٿيڻ کپي:
واتوڙي (’ت‘ کي ’پيش‘ نه)= وات هڻندڙ لٻاڙي، ڊاڙي. جيئن-
پيٽوڙي= پيٽي، پيٽ لَٽُ، گهڻ کائڪ، مانين توڙ،
وَڏَ قَوتو“ ڏُوتُ؛ هٻڇي.
38- ص 2878- واڌُو= پراپٽ، فائدو- حسابن ۾ جوڙ (+) جي نشاني-
تمام گهڻو
جملي 40 معنائون.
اهو ساڳيو ’واڌُو‘ لفظ، ص 2879- تي به نظر اچي ٿو:
39- ص 2879- واڌُو= تمام گهڻو، بيحد- انگي حساب ۾ جوڙ(+) جي
نشاني. جملي 8 منعائون.
تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿيان ٻئي (واڌُو) لفظ، هڪجهڙا ۽ هڪ
ئي معنى رکندڙ آهن، پر تڏهن به ٻنهي لفظن جي
معنائن ۾ فرق صاف ظاهر آهي، جو هڪ لفظ جون چاليهه
ته ٻئي جون اَٺ معنائون! لغوي لحاظ کان ٻئي، لفظ
الڳ اچار ۽ الڳ معنى سان آهن. حقيقت هن ريت آهي:
1- واڌُو (’ڌ‘ کي ’پيش‘)= وڌيڪ، گهڻو، بيحد- جوڙ (+) جي نشاني
ضد: ’ڪاٽُو‘.
2- واڌو (’ڌ‘ کي ’پيش‘ نه)= فائدو، لاڀ، نفعو. ضد: ’گهاٽو‘
(=نقصان).
جيئن گهاٽو واڌو.
40- ص 2893- والِي. (ع. وَلِي)، سنڀاليندڙ، ڌڻي، مالڪ، محافظ-
ڪَنن ۾ پائڻ جو ڳهه.
لغت جي سَند موجب، ’والي‘ لفظ کي، ٻن قسمن جي معنائن سان
ڏيکاريو ويو آهي:
1- سنڀاليندڙ، ڌڻي، محافظ.
2- ڪَنن ۾ پائڻ جو ڳههُ.
لغوي خيال کان، اهو ويچار (ٻن معنائن وارو) وٺڻ غلط آهي؛ ڇاڪاڻ
ته والِي= ڪَنَ جو هڪ زيور)، سنڌي لفظ آهي، جنهن
جو عربي- ولي- سان ڪو تعلق ڪونهي، بلڪ اهو سنسڪرت
لفظ ’بالي‘ آهي.
41- ص 2884- واريِ. (سن. بالڪني)، ريگ، ريتي.
’واري‘ تان، لغت ۾، هي اصطلاح آندل آهن:
واري= ورڻ= بخت کُلڻ، ڀاڳ کُلڻ.
واري کُٽڻ= بخت وڃڻ نصيب ڦِٽڻ.
مٿئين ريسرچ تي اعتراض:
پهريون ته: ’واريءَ جو سنسڪرت لفظ ’بالُڪا‘ آهي.
ٻيو ته: ”واري ورڻ“ ۽ ”واري کُٽڻ“ جيڪي اصطلاح ڏنل آهن، تن جو
’واري‘ (=ريگ) سان ڪو واسطو ڪونهي، پر ”واري،<
ف. بار= وقت، وارو“ سان تعلق آهي. انهن اصطلاحن جي
حقيقت هن ريت آهي:
واري ورڻ= ساڄي لڳڻ، بخت کلڻ.
واري کٽڻ= بخت وڃڻ،نصيب ڦٽڻ.
’واري‘ (=ريگ) تان ٺهيل اصطلاح:
واريءَ ڪوٽ اڏڻ= اجايا پَهه پچائڻ.
واريءَ مُٺِ هئڻ= گهڻو جٽاءُ نه ڪرڻ.
واري وَسائڻ= هاءِ گهوڙا ڪرڻ.
42- ص 2885- واسامو. (سن. باسنگ<
وَسۡ= رهڻ)، آرام؛ ڳڻتي. تحقيق هن ريت ٿيڻ کپي:
واسامو ”(سن. وۡيا سَنگَ. وِ= گهڻو+ آ= چڱيءَ طرح سان+ سَنجۡ=
گڏڻ. هڪ ڪم کي ڇڏي، ٻئي کي لڳڻ)، آرام؛ ڳڻتي، فڪر،
43- ص 2908- وياڳُ. (سن. ويڀچار) زنا.
لغتن ۾ ’وياڳ‘ هن طرح نظر اچي ٿو:
وِڀاڳُ. (سن. وِڀاڳَ. وِ= ڪيترن نمونن+ ڀاگَ= ٽُڪرو. ڀَجۡ= ٽڪر
ٽڪر ڪرڻ)، تقسيم، ڀاڳ؛ حصو، بخرو؛ محڪمو، ڪارۡيَه
کيتَر.
44- ص 2918- وجهلڻ. (پرا. وِجۡههَ. سن. وِڌۡيَئِي. سن. وڪشرڻ)،
وڦلڻ، پريشان ٿيڻ.
تحقيق ۾ ٻن سنسڪرت لفظن- وڌيئي ۽ وڪشرڻ- ڏيڻ جو مطلب؟ در حقيقت
’وڪشرڻ‘ درست آهي.
وِجهلڻ” (سن. وِڪۡشَرَڻَ. وِ= گهڻو+ ڪۡشَرَڻَ= ناس ٿيڻ. ڪۡشرُ=
ڳرڻ)، جهڄڻ، ڳرڻ، پريشان ٿيڻ.
45-ص 2931. وَڏُفَ جمع وَڏُفُ. مذڪر. (ف. باديان)، سونف، پسارڪي
وکر جو هڪ قسم.
46- ص 2931- وَڏُفَ. مذڪر. پسارڪي وکر جو هڪ قسم، سونف.
ٻنهي لفظن جي تحقيق بعد، هي سوال ٿو اٿي ته ’وَڏُف‘ (’ف‘) کي
پيشُ) درست يا وَڏُفَ (’ف‘کي زبر)؟ ٻنهي لفظن کي
مذڪر ڏيکاريو ويو آهي. در حقيقت ’وَڏُفَ‘ (’ف‘ کي
زير) مونث آهي. ٻيو ته ’وَڏُفَ‘ جو جمع وَڏُفَ‘
آهي.
47- ص 2943- ورني. سن وَرۡ= مڙس)، مڙس واري- ڪنوار، وَنِي.
’ورني‘ کي ٻن مختلف معنائن سان ڏيکاريو ويو آهي:
1- ورني= مڙس واري.
2- ورني= ڪنوار، وَني.
لغوي حقيقت هيئن نظر اچي ٿي:
ورني= وَرن واري، رنگ واري، رنگ جهڙي. (سن. وَرۡڻُ= رنگ.)
شاهد.
1- چَمَپَڪَ وَرنِي پَدمني= چنبيلي جي گل جهڙي پدمني
(1)
سونَ ورنيون سوڍيون، رُپي رانديون ڪن. (شاهه)
سون ورنيون= سونَ جي رنگ جهڙيون، حسين سهڻيون.
پروفيسر صاحب ’ورني‘ معنى ’وني‘ (=ڪنوار) لکيو آهي، جو پڻ درست
آهي؛ ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ’وَنِي‘ ۽ هندي ۾ ’بني‘
لفظ، اهو ئي مفهوم ادا ڪن ٿا.
48- ص 2943- ’وَرِنهه.‘ 1-(سن. ورُ= مڙس+ نَهه= نه)، رن زال.
2- (سن. وَرُ= سٺي ۾ سٺو(، بهار؛ گهوٽ.
سنسڪرت ۾ ’ورنهه‘ لفظ نظر نٿو اچي، جنهن جو اشتقاق ”وَرُ= مڙس+
نهه= نه“، ڪيو ويو هجي.
حقيقت هن ريت آهي:
ورونهن. (ف. بَرنا)، بهادر، جوان.
49- ص 2947- وِڙُ. (سن. وِٽَ. سن. آوَ= خراب+ واٽَ= رستو)، بي
حيا، بي شرم، ڪميڻو، لنگهو، جڙتو راڻو.
’وِڙ‘ لفظ لاءِ، ڏنگيءَ اندر، ٻه ڀيرا سنسڪرت لفظ آندل آهن. خبر
ناهي ته اهي الڳ الڳ لفظ آهن يا ’وٽ‘ جو اشتقاق
ڏنل آهي. مطلب ڪهڙو به هجي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته
سنسڪرت لفظ- وِٽُ- جو اشتقاق- اَو+ واٽَ ڏنل آهي.
جيڪڏهن وِٽُ جو اهو اشتقاق آهي ته غلط سمجهڻ کپي؛ ڇاڪاڻ ته
اشتقاق آهي: ”اَواٽَ“ جو.
اواٽ. (سن. اَواٽَ. اَ= نه+ واٽَ= رستو)، اوجهڙ. ’وڙ‘ جي لغوي
حقيقت هن طرح آهي.
وِڙُ (سن. وِٽَ. وِٽۡ= ڌڪارڻ)، ڪميڻو.
50- ص 2951 وسرڻ. سن. وِ= پري+ سمر= پري ڪرڻ، ڀُلجي وڃڻ، وسري
وڃڻ.
تحقيق ڪندي، لفظ جو اشتقاق اهڙي نموني ڏيکارجي جو فوراً سمجهه ۾
اچي وڃي. ’وسرڻ‘ لفظ جي سنسڪرت لفظ جو ڏنل اشتقاق،
و= پري+ سمر= پري ڪرڻ، پوريءَ ريت سمجهه ۾ نٿو
اچي؛ ڇاڪاڻ ته ڏنل اشتقاق لغوي تقاضا پوري نٿو
ڪري. حقيقت هيئن آهي:
وسرڻ. (سن. وِسۡمَرَڻُ. وِ= پري+ سۡمَرۡ= ياد رهڻ)، ياد لهي وڃڻ
وسري وڃڻ، ڀُلجي وڃڻ.
51- ص 2968- ولوڙڻ. (سن. وولَڻُ<
وَلُڙَ= لوڙڻ)، جُهڳڻ.
لغوي حقيقت هيئن نظر اچي ٿي:
ولوڙڻ (سن. وِلوڊَنَ. وِ= گهڻو+ لُڊۡ= ڇاڇولڻ)، جُهڳڻ، ڄمايل
کير ۾ مانڌاڻي ڦيرائڻ.
52- ص 2768- وَلَهه (سن. اُد، اُندۡ= اُلَو ڪرڻ. پرا. اول)،
ماَٽ، ماڪ.
اعتراض آهي ته:
”اُد ۽ اُندۡ“ ٻه لفظ ڏنل آهن، جي ڌاتو يا بنياد جي خيال کان
آندل ٿا ڀانئجن. ’اُندۡ“ ڏاتو يا بنياد لغتن مان
ملي ٿو، پر ’اُدۡ ڪنهن به سنسڪرت جو ڌاتو نظر نٿو
اچي. سنسڪرت ۾: اُدۡ= مٿي.
اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي:
وِلَهه. (ع. بلَّـﮧ)، ماڪ ماٽ، ٽيڙ.
53- ص 2970- وسامڻ. (پرا. وِماسَڻَ= غور ڪرڻ. سن. وِمۡرشَنَ=
غور ڪرڻ. سن. وسۡمَيَه= حيران)، فڪر ڪرڻ“ تور تڪ
ڪرڻ، چٻڻ چٿڻ.
ڏنگيءَ اندر ٻه سنسڪرت لفظ- ومرشن ۽ وسميه- ڏنل آهن. ڪهڙي خيال
کان ائين ڪيو ويو آهي، سو سمجهڻ ضروري آهي.
اسان جي خيال موجب: ’وِمَرۡشَنَ‘ بلڪل درست آهي. ’وسميه‘ انهيءَ
ڪري آندل آهي، جو اهو لفظ وئتپتي ڪوش ۾ ڏنل آهي.
(1)
وماسڻ. (پرا. وِماسَڻَ. سن وَمَرۡشَن. وِ= گهڻو+ مۡرَش= سوچڻ،
غور ڪرڻ)، ويچار ڪرڻ، سوچڻ، غور ڪرڻ.
54- ص 2973- وَنڙو= ننڍڙو گهوٽ، مڙس، ڀتار.
ڪيل تحقيق مان ظاهر آهي ته ’ونڙو‘ کي اسم تصغير سمجهي، ”ننڍڙو
گهوٽ“ معنى ڪئي ويئي آهي. ”ننڍڙو گهوٽ“ مان ڪهڙي
مراد وٺجي؟ قد جو ننڍو گهوٽ يا نابالغ گهوٽ! ائين
سمجهڻ ته جنهن به لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڙو‘ اچي، سو
يقيناً اسم تصغير آهي، بنهه غلط آهي، جيئن هيٺ
ڏيکاريل مثالن مان ظاهر آهي.
1- هٽ+ ڙو= هٽڙو. ’ڙو‘ اسم تصغير جي نشاني.
= = =
2- ٻار+ وڙو= ٻارڙو.
3- پنڌ+ ڙو= پنڌڙو.
پرين پنڌڙو ڪري آيو منهنجو لال،
ماڻس ڇَٽيندي عطر گلال
پرين پنڌڙو....
پنڌڙو معنى ٿورو پنڌ.
3- ڀاءُ+ ڙو= ڀايڙو.
پٽ+ ڙو= پٽڙو.
ڌيءَ+ڙي= ڌيئيڙي.
ڀيڻ+ ڙي.
وني+ ڙي= ونڙي.
مطلب ته جيڪي مٽي مائٽي ڏيکاريندڙ لفظ آهن، تن کي جيڪڏهن پڇاڙي
۾ ”ڙو يا ڙي“ آهي ته پيار ۽ قرب جا لفظ سمجهڻ کپن.
جيئن ڀايڙو= پيارو ڀاءُ.
انهيءَ اصول تحت ’ونڙو‘ به اچي ٿو:
ونڙو= ون (ونو)+ڙو= پيارو گهوٽ.
55- ص 2999- ويمو (ع. بيمهَ)، جان ۽ مال جي حفاظت جو ذمو.
’بيمه‘ عربي نه، پر فارسي لفظ آهي.
هه
56- ص 3007- هاڙَٻُ= گذريل سال واري ڇٽيل ٻج مان زمين ۾ ڄميل
تيلا.
جيئن ته ’هاڙَٻُ‘ انوکو لفظ آهي، تنهنڪري ٿوري وضاحت ڪرڻ کپندي
هئي. سوال ٿو اٿي ته گذريل سال واري سڀني ڇَٽيل
ٻجن- مڱ، موٺ، مٽر، چڻا وغيره. جي اُڀريل سَلن
(تيلن) کي ’هاڙٻ‘ چئجي يا ڪن خاص ٻجن جي سَلن کي‘
پڪي ۽ ڪچي جي هارين يا ڪڙمين وٽ ’هاڙٻ سَلو‘ مروج
محاوره جو لفظ آهي، يعني اهو ’سَلو‘ جو پاڻمرادو
اُڀري. خاص ڪري ’مٽرن‘ جي لوڙههَ کان پوءِ، جيڪي
مٽرن جا داڻا زمين تي نڪرندا آهن، سي ٻيءَ مند ۾
ڦٽندا آهن، پر ايترو زور نه وٺندا آهن، جو وري
لوڙههَ پوي، تنهنڪري مال کي ڇڏيندا آهن ته ڀل چري.
هڪ سگهڙ ڳجهارت جي ڀڃِڻيءَ ۾ ”هاڙٻ سَلو“ ڪم آندو
آهي.(1)
ٻج پُراڻيءَ ٻنيءَ ۾ ڪنهن ڇلَّ وڌو ڇَٽي،
هاڙَٻُ سَلو سَر نه ٿئي، جو ڦولارجيو ڦُٽي،
جهَليو پَليو نه رهي، ماڻس ڪَرم ويٺي ڪُٽي،
متان تيلانهن ڪُٽيو پيو ڪُٽي.
هاڙٻ سلو= اهو (ٻج جو) سلو، جو پاڻمرادو ڦُٽي.
هاڙٻي مٽرن کان سواءِ، هاڙٻي زيتون ۽ هاڙٻي ٻير به ٿيندا آهن،
پر مندائتي فصل جهڙا نه ٿيندا آهن.
57- ص 3010- هاڻو= وارو، سان ڀريل، لڳل- ڌاڙيوال، ڦورو، لٽيرو.
’هاڻو‘ جون ٻه مختلف معنائون ڏيکاريل آهن. ’1- وارو، سان ڀريل.
جيئن: چُڪن هاڻو= چڪن وارو.
مٽيءَ هاڻو= مٽيءَ سان ڀريل.
اهي معنائون بلڪل درست آهن. باقي ”ڦورو لٽيرو“ ڏنل معنائون لفظ
سان نه ٿيون ٺهڪن. جيڪڏهن لفظ ”هاڻُو“ (ڻ کي پيش)
هجي ها ته پوءِ ٺيڪ هو. جيئن سڃاڻُو= سڃاڻيندڙ.
ڄاڻُو= ڄاڻيندڙ، هاڻُو= هڻندڙ، ماريندڙ، لٽيرو،
ڦورو. وڌيڪ ڏسو هيٺ.
58- ص 3010- هاڻُون. (سن. هاتڪ)، هاڃو مچائيندڙ، ڌاڙيل.
”هاتڪ“، عربي لفظ ”حاذق“ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنى آهي:
هوشيار، ڏاهو، سياڻو.
شاهد
ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن. (شاهه)
هاڻون“ جي لغوي حقيقت هيئن آهي:
هاڻون. (سن. هانُڪَ. هَنۡ مارڻ، هڻڻ)، هاڃو مچائيندڙ، ڌاڙيل.
آءٌ سمجهان ٿو ته پروفيسر گاجرا کان اها غلطي نه ٿي آهي، پر
اُتاري ڪندڙ کان خطا ٿي آهي.
59- ص 3011- هاواڻو. (سن. هَوان)، مقرر ڪيل وقت، وعدو، تٿ،
افواهه، ڊڄ، ڊپ.
”هاواڻو“ دراصل ”آواڻو“ آهي:
آواڻو. (سن. آهۡوانَ، آ= تائين+ هيو= سَڏڻ)، ڪنهن جي اچڻ جا
افواهه، هُل، خبر(1)
60- ص 3032- هَرُ. (پرا. هَلُ. سن. هَلُ)، ٻني کيڙڻ جو هٿڻ،
هَلُ، شينهن.
لغوي تقاضا هن طرح آهي:
هَرُ. (پرا. هَلَ. سن. هَلَ)، هَلُ.
”هَرُ“ جي معنى ڏيندي. ”شينهن“ به ڏنل آهي، جو لغوي لحاظ کان
مناسب نه آهي.
”هر“= (شينهن جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:
هر. (سن. هَرِ) شينهن، شير.
تحقيق کي پڪي پايي تي بيهارڻ لاءِ ”شاهد“ به ڏنل آهي:
شاهد.
هر ڪئون سرهن، ور وينگس. دي، پَٻ هداور حمام.
(عالم خان لنڊ)
اها غلط پڙهڻي آهي. درست هن ريت آهي:
”هَرِڪِي هي، وَل ويِنگس دِي، پَٻ هِن اور حمام“
هر= شنيهن. ڪي= جِي. هي= آهي. ول= وَر، ڪمر، چيلهه. پٻ= پير.
هِن= آهن. اور= ۽ حمام= پاليهر.
وينگس جي چيلهه، شينهن جهڙي (پتلي، سنهي) ۽ پير پاليهر جي پيرن
جهڙا (ڳاڙها ۽ نرم) آهن.
61- ص 3037- هُريڙُ (ع هليله. سن. هڙ. ف. هليله)، دوائن جي ڪم
ايندڙ پسارڪو وکر. ”هريڙ“ جو سنسڪرت لفظ ”هڙ“
ڏيکاريل آهي، جو دراصل هندي آهي.
(1)
ٿيڻ کپي.
هَرِيڙَ. (سن. هَرِيتَڪي. ف. هَلِيلَه)، دوائن جي ڪم ايندڙ هڪ
پسارکو وکر.
نوٽ: ”هُرِيڙَ“ نه پر ”هَرِيڙَ“.
- ص 3040- هزار. (سن. سهسين)، ڏهه سئو.
لغوي ريسرچ مان ظاهر آهي ته ”هزار“ لفظ، سنسڪرت لفظ ”سهسين“ مان
ورتل آهي، جو حقيقت جي بنهه خلاف آهي.
پهريون ته: ”هزار“ فارسي لفظ آهي.
ٻيو ته: ”سهسين“ سنسڪرت لفظ نه، پر سنڌي آهي.
شايد.
سهسين چمڪن ٿا تارا سدائين. (گيت)
سهسين= هزارين. سهس= هزار.
لفظ جي لغوي حقيقت:
سَهۡسُ. (سن. سَهۡسَرَ)، هزار.
62- ص 3040- هزار داڻي= جبل جي هٿ جيڏي ٻوٽي، سانئين جيڏڙا ٻج،
بخار کان استعمال ڪجن.
63- ص 3041- هزار داڻي= هڪ قسم جي ول، جيڪا ننڍن داڻن سان ڀريل
هجي.
ٻئي لفظ ساڳيا، پر معنى ساڳي نه! ڇو؟ تنهن کان سواءِ ساڳيو لفظ
ٻيهر ڪم آندل آهي. ڪهڙي خيال کان؟
وڏي ڳالهه ته پهرين لفظ جي معنى ڏيندي، ”ٻوٽي“ ۽ ٻئي لفظ جي
معنى ڏيندي ”ول“ ڏنل آهي. ”ٻوٽي ۽ ول“ ۾ فرق صاف
ظاهر آهي. درحقيقت ”هرداڻي“ ٻوٽي جو قسم آهي.
64- ص 3071- هَيا= جلدي
شاهد.
”هتان هليو ويندين، تون هيا هيڪلو.“
’هيا‘ لفظ جي معنى هيءَ بيهندي: هَيا= هَنيل، ڌڪاريل، ڦٽڪاريل.
”هَيو“، اسم مفعول آهي. ”هئڻ“ جو.
|