”ونار“ کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيائون، جنهن ملڪ
فيروز لقب اختيار ڪيو ۽ خزانو لشڪر ۾ ورهائي
ڇڏيائين. ان کان پوءِ ونار کي اچي ڀؤ ٿيو، ڇاڪاڻ
جو ان جو وطن ۽ قبيلو اتان کان پري هو. هو پنهنجا
ساٿي ساڻ ڪري، پنهنجي قبيلي ڏانهن هليو ويو. ان
کان پوءِ لشڪر قيصر رومي کي پنهنجو سردار مقرر
ڪيو. ان واقعي جي خبر سربسر عماد الملڪ کي جڏهن
ملتان پهتي، تڏهن لشڪر گڏ ڪري خشڪيءَ ۽ دريائي
رستن سان سيوهڻ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. قيصر سندس
مقابلو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. ان کان پوءِ قلع بند
ٿي ويهي رهيو. سر تيز منجنيق لڳائي ۽ گهيرو تنگ
ڪيو. چاليهن ڏينهن کان پوءِ قيصر پيش پيو ۽ امان
گهريائين. جڏهن قيصر ۽ سندس لشڪر امان جي وعدي تي
ٻاهر آيو، ته سرتيز ان سان دغا ڪئي. سندس ملڪيت
لٽي وئي ۽ سڀني کي قتل ڪيو ويو. روزانو ڪنهن نه
ڪنهن جي سسي لڻي ويندي هئي ۽ ڪنهن کي ترار جي ڌڪ
سان ٻه ٽڪر ڪيو ويندو هو ۽ ڪنهن جي کل لهرائي
ويندي هئي. انهن جي کلن ۾ بُهه ڀرائي انهن کي شهر
جي فصيل تي لٽڪايو ويندو هو. گهڻن جو اهو حال ڪيو
ويو. انهن جا لاش لٽڪيل ڏسي، الٽيون اينديون هيون،
دل ڏڪي ويندي هئي ۽ ڀؤ ٿيندو هو. انهن جون کوپڙيون
گڏ ڪري شهر جي وچ ۾ ڍير ڪيو ويو هو. مان ان واقعي
کان ٿورو ئي پوءِ شهر ۾ پهتس. هڪ وڏي مدرسي ۾ لٿس.
مدرسي جي ڇت تي سمهندو هوس. اتان لاش لٽڪيل نظر
ايندا هئا. جڏهن صبح جو اٿي اهي لاش ڏسندو هوس، ته
دل ڏڪي ويندي هئي. آخر ان مدرسي ۾ رهڻ ڇڏي ڏنم.“
(1)
سادات گهراڻي جي خضر خان جي وفات کان پوءِ مبارڪ شاهه تخت تي
ويٺو. انهن ڏينهن ۾ ڪابل جي حاڪم اميرزاده شيخ علي
بن رغتش (جيڪو مرزا شاهه رخ بن امير تيمور جي
اميرن مان هو) جي حملي جو هُل ٿيو، ته هو وڏي لشڪر
سان بکر ۽ سيوستان جي علائقن تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي
رهيو آهي، تڏهن هن مغلن جي حملي کي ختم ڪرڻ لاءِ
تاريخ فيروز شاهي جي بيان موجب ملتان، بکر ۽
سيوستان جا علائقا ملڪ محمد حسن جي سپرد ڪري، ان
کي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڏئي، ملتان ڏانهن روانو ڪيو.
(2)
مغل بادشاهه همايون جڏهن شير شاهه کان شڪست کائي ڀڄي نڪتو، تڏهن
سنڌ ۾ آيو. ان وقت سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو،
جنهن همايون جي سخت مخالفت ڪئي ۽ کيس ڪٿي به آرام
سان ويهڻ نه ڏنو. هو بکر کان ٿيندو سيوهڻ آيو.
تاريخ مبارڪ شاهي جي مصنف احمد يادگار لکيو آهي:
”همايون ڀاڄ وقت جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن بکر کان ٿيندو سيوهڻ
پهتو. سيوهڻ جي قلعي جو گهيرو ڪيائين، پر قلعو فتح
نه ڪري سگهيو. آخر مايوس ٿي موٽي ويو.“
(1)
صمصام الدولـﮧ شاهنواز خان پنهنجي ڪتاب ماثرالامراء ۾ لکيو آهي:
”جڏهن همايون ناڪام ٿيو، تڏهن کيس سنڌ کان سواءِ ڪو به ٺڪاڻو
نظر نه آيو. هو ڪجهه ڏينهن بکر جي پسگردائيءَ ۾
رهيو. اها جاءِ ڇڏي سيوهڻ پهچي قلعي جو گهيرو
ڪيائين. ٺٽي جي حاڪم مرزا شاهه حسن اڳتي وڌي سندس
رستو روڪيو ۽ اناج ۽ سيڌي جي پهچ بند ڪري ڇڏيائين.
همايون جا اڪثر امير، سندس اجازت کان سواءِ کيس
ڇڏي هليا ويا.(2)
همايون جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال همايون نامه، از گلبدن بيگم ۽ ٻين
ڪتابن ۾ به ملي ٿو. انهن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو
ته، سيوهڻ اچڻ کان اڳ ۾ ”پاٽ“ ۾ ماهه جمادي الاول
948هه (1541ع) ۾ همايون، حميده بانو بيگم سان شادي
ڪئي، جيڪا ابوالحسن ابونصر حضرت احمد جام زندهه
پير اويسي (وفات 356هه/1146ع) جي خاندان مان هئي.
جڏهن همايون سيوهڻ پهتو، تڏهن سيوهڻ جي مضبوط قلعي
تي مير علي ڪوٽوال هو، جيڪو اڳ همايون وٽ نوڪر هو.
همايون کي يقين هو، ته هو سندس لاءِ سيوهڻ جو در
کوليندو، پر هن قلعي تي توبون چاڙهي همايون جو
مقابلو ڪيو. همايون جي فوج خندقن جي وسيلي مقابلو
ڪندي، قلعي جو هڪڙو برج ڪيرائي وڌو، ان هوندي به
قلعي تي قبضو ڪري نه سگهيو. ٻئي طرف اَن جي
مهانگائيءَ جي ڪري همايون جا ماڻهو کيس ڇڏي ڀڄڻ
لڳا، جن کي مرزا شاهه حسن ارغون گرفتار ڪرائي،
ٻيڙين ۾ ويهاري سمنڊ ۾ ٻوڙائڻ لڳو. اهڙيءَ طرح
همايون جا اٽڪل ڏهه هزار ماڻهو مرزا شاهه حسن
ارغون سمنڊ ۾ ٻوڙائي ڇڏيا. همايون قريباً ست مهينا
سيوهڻ ۾ رهيو. سندس ماڻهو گهٽجي ويا. هوڏانهن مرزا
شاهه حسن ٻيڙين تي توبون رکائي، سيوهڻ پهتو.
همايون جون ٻيڙيون ۽ سامان ڦرائي،کيس سيوهڻ مان
نڪري وڃڻ لاءِ چوائي موڪليائين.
سيوهڻ مان نڪري همايون بک پهتو، جتي مرزا يادگار ناصر ساڻس جنگ
لاءِ تيار ٿيو. ان کان پوءِ همايون جوڌپور جي راجا
مالديو کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ بکر ڇڏي نڪتو، ۽
چولستان ۾ ”ديره ور“ جي قلعي تي قبضو ڪيائين. ان
کان پوءِ جيسلمير روانو ٿيو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي
هنڌن تان ٿيندو، عمرڪوٽ پهتو، جتي کيس اڪبر ڄائو.
نومبر 1553ع ۾ همايون ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي وچ
۾ وڏي جنگ لڳي. ان کان پوءِ همايون سنڌ ڇڏي ايران
هليو ويو.
مرزا شاهه حسن سنه 967هه/ (1560ع) ۾ لاولد فوت ٿيو. ان کان پوءِ
سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. سمنڊ کان لڪيءَ جي جبلن
تائين ملڪ، مرزا عيسى خان ترخان جي هٿ هيٺ اچي
ويو، ۽ سيوهڻ کان اوٻاوڙي تائين مٿيون حصو سلطان
محمود بن امير فاضل ڪوڪلتاش جي قبضي ۾ آيو. 980هه
(1572ع) ۾ مرزا عيسى خان ترخان وفات ڪئي. ان
کانپوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقي حاڪم ٿيو، جيڪو
تمام ظالم هو. هن 993هه (1585ع) ۾ آپگهات ڪيو.
مرزا عيسى ترخان جي ڏينهن ۾ سندس سوٽ مرزا جاني بيگ سيوهڻ تي
قبضو ڪيو. ماثرالامراء ۾ آيو آهي:
”جڏهن دهلي سلطنت ڪمزور ٿي وئي، تڏهن مرزا جاني بيگ گجرات جي
حاڪمن سان رابطو پيدا ڪيو، ۽ تعلقات وڌايا،جيئن ته
شاهه بيگ ارغون ان علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو،
انهيءَ ڪري هن آسانيءَ سان اڳتي وڌي بکر ۽ سيوستان
تي قبضو ڪري ورتو.
(1)
حقيقت اها آهي ته، بکر جو حاڪم سلطان محمود بکري 2 صفر سنه
982هه (1574ع) تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ بکر تي
مغل حڪومت جو قبضو ٿيو ۽ سنه 982هه ۾ گيسو خان بکر
جو صوبيدار ٿيو. ان کان پوءِ 983ع ۾ فتح خان ۽ سيد
محمد امير صوبيدار ٿيا. 984هه ۾ سيد ابو فضل،
984هه ۾ اعتماد خان خواجه سرا، 987هه ۾ فتح خان،
996 هه ۾ اسماعيل قلي خان، 997 هه ۾ شيرديد سلطان
۽ 998هه ۾ صادق خان گورنر هئا.
جيئن ته بکر ۽ سيوهڻ محمود بکريءَ جي هٿ هيٺ هئا، انهيءَ ڪري ان
جي وفات کان پوءِ بکر جا مغليه گورنر سيوهڻ کي
سنڀالي نه سگهيا. ان جو فائدو وٺي مرزا جاني بيگ
سيوهڻ تي قبضو ڪري، حڪومت ڪرڻ لڳو. ماثر الامراء
مان معلوم ٿئي ٿو ته 984 هه (5-1574ع) ۾ اعتماد
خان کي مالوه مان بدلي ڪري، بکر جو گورنر مقرر ڪيو
ويو. هو هڪ لشڪر ساڻ ڪري سيوهڻ پهتو، پر صلح ڪري
موٽي ويو.(1)
مرزا باقي جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ کي گادي تي ويهاريو ويو؛ پر
جيئن ته هن جو دماغ ٺيڪ نه هو، تنهنڪري حڪومت
هلائي نه سگهيو. اهو ڏسي ترخاني اميرن مرزا جاني
بيگ کي سيوهڻ مان گهرائي، سنڌ جو حاڪم بنايو.
اهڙيءَ طرح سيوهڻ، بکر کان ڇڄي، ٺٽي سان شامل ٿيو.
ان کان پوءِ اڪبر جي طرفان سندس سپهه سالار خان
خانان ٺٽو فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو. ماثرالمراء ۾
آيو آهي:
”ملتان ۽ بکر خان خانان جي جاگير ۾ هئا... ان کان پوءِ ٺٽو به
هن کي جاگير طور ڏنو ويو. انهيءَ ڪري هن سنڌ فتح
ڪرڻ جي اجازت ورتي. مرزا جاني بيگ هڪ وڏو لشڪر وٺي
هڪ سئو پنجاهه ڪوهه اڳتي وڌي سيوستان جي سرحد تي
آيو ۽ خان خانان جو مردانه وار مقابلو ڪيائين.
محرم 1000هه (1592ع) ۾ مرزا جاني بيگ کي شڪست آئي.
مجبور ٿي هن صلح ڪيو. 38 سال جلوس اڪبري ۾ 1001هه
(93-1592ع) ۾ هو خان خانان سان گڏجي لاهور آيو ۽
اڪبر سان مليو. کيس ٽي هزاري منصب ۽ ملتان جو صوبو
جاگير طور مليو. سنڌ شاهه رخ مرزا کي ملي.“
(2)
اڪبر جي ڏينهن ۾ سنڌ ٽن حصن ۾ ورهايل هئي: بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽو،
جنهن مان هر هڪ کي ”سرڪار“ سڏيو ويندو هو. سيوهڻ
سرڪار ۾ 9 محل هئا ۽ ان جي آمدني 15546808 دام
هئي. آئين اڪبري مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي محل
هيٺين ريت هئا:
”باتر (پاٽ)، باغبان (باغبان)، بن (سن)، بوسيڪان (بوبڪان،
بوبڪ)، جنجه (جوڻيجا)، خطو، حويلي سيوستان، جنهن ۾
مضبوط قلعو هو، ڳاها ۽ لاکاٽ.“
(1)
باغبان، پاٽ، بوبڪ، سن ۽ سيوهڻ حويلي، درياءَ جي ساڄي ڪپ تي
هئا، ۽ جوڻيجا خطو ۽ لاکاٽ درياءَ جي کاٻي ڪپ تي
هئا، جوڻيجا، سيوهڻ ۽ بوبڪ محل جي سامهون، خطو ڏکڻ
دادو ۽ اتر سيوهڻ جي سامهون ۽ لاکاٽ، لڪي ۽ سن جي
سامهون کاٻي ڪپ تي هئا.
اڪبر کان پوءِ جهانگير جي زماني ۾ به مغل حڪومت طرفان سيوهڻ تي
حاڪم مقرر ٿيندا هئا. جهانگير پنهنجي ”توزڪ“ ۾
سيوستان جي ٻن حاڪمن: سردار خان ۽ ارسلان بي اوزبڪ
جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڏيکاريو اٿس، ته انهن کي هن علم
عنايت ڪيو.(2)
سنڌ جي مشهور مورخ ۽ اڪبر بادشاهه جي امير معصوم بکري جا ناناڻا
سيوهڻ جا هئا. مير معصوم جو والد سيد صفائي، بکر
جو شيخ الاسلام هو. ماثرالامراء مان معلوم ٿئي ٿو،
ته سيد صفائي قنڌار مان بکر آيو ۽ اتي جي حاڪم
سلطان محمود بکريءَ سندس عزت ۽ احترام ڪيو. انهيءَ
ڪري بکر ۾ رهي پيو ۽ سيوهڻ ۾ کاٻڙوٽي ساداتن مان
شادي ڪيائين. مير معصوم ۽ سندس ٻه ڀائر بکر ۾
ڄاوا.(1)
شاهجهان جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جو پهريون فوجدار ۽ جاگيردار احمد بيگ
مقرر ٿيو. ماثرالامراء ۾ آيو آهي:
جلوس شاهجهاني جي پهرين سال (1038هه) احمد بيگ ٺٽي ۽ سيوهڻ جو
فوجدار ۽ جاگيردار مقرر ٿيو.“
(2)
هو گهر کان ٻاهر ئي نه نڪرندو هو. سندس سڄو ڪاروبار سندس ڀاءُ
مرزا يوسف هلائيندو هو، جيڪو وڏو ظالم هو. هن
ماڻهن تي بي انتها ظلم ڪيا. سندس ظلمن جو داستان
ميرڪ يوسف بن ابوالقاسم نمڪين جي ڪتاب تاريخ مظهر
شاهجهاني ۾ تفصيل سان بيان ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب
دراصل هڪ رپورٽ هئي، جيڪا هن بادشاهه تائين پهچائڻ
ٿي گهري. هن هي ڪتاب 1038هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 19
محرم 1044هه (1634ع) تي لکي پورو ڪيائين.
1039هه (30-1629ع) ۾ احمد بيگ کي بدلي ڪري، مير ابوالبقا جي
جاءِ تي ملتان ۾ رکيو ويو، ۽ سيوهڻ ۾ ديندار خان
کي مقرر ڪيو ويو. ديندار خان جي ڏينهن ۾ حضرت
قلندر شهباز جي درگاهه جو تعميراتي ڪم ٿيو ۽
درگاهه جي صحن کي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريو ويو.
ماثرالامراء مان معلوم ٿئي ٿو ته، 1044هه (1634ع) ۾ ضياء الدين
خان جي بدران ”ارسلان خان“ سيوستان جو فوجدار مقرر
ٿيو
(1)
بعد ۾ قزاق خان سيوستان جو فوجدار مقرر ٿيو.
ماثرالامراء ۾ آيو آهي:
”9 سال شاهجهاني ۾ خان دوران بهادر سان گڏجي، ججهار سنگهه جي
تعاقب ۾ باقي بيگ ازبڪ سٺيون خدمتون انجام ڏنيون.
بادشاهه کيس قزاق خان جو خطاب ۽ هڪ هزار پنج سئو
ذات ۽ 800 سوارن جو منصب عطا ڪيو. ان کان پوءِ هو
سيوستان جي فوجداري تي مقرر ٿيو. اتي ”هيمچه“
(سميجا) وغيره قومن جي سرڪشن سان خوب لڙايون
ڪيائين ۽ شاهي اقتدار ۽ تسلط کي قائم رکيائين. ان
کان پوءِ کيس ٻه هزار ذات ۽ ٻن هزارن سوارن جو
منصب مليو.“(2)
محمد صالح ڪنبوهه جي ڪتاب شاهجهان نامه ۾ به قزاق خان جو احوال
ملي ٿو. اُتي ڏيکاريل آهي ته هو 1641ع ۾ حاڪم
سيوستان جي منصب تي فائز ٿيو.(3)
ماثر الامراء موجب ان کان اڳ ۾ يوسف خان ۽ جان
نثار خان سيوستان جا حاڪم هئا. قذاق خان جي بدلي
ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه وقت تاريخ مظهر شاهه جهاني
جي مصنف ميرڪ يوسف جو ڀاءُ امير خان مير ابوالبقا
سيوستان جو حاڪم ٿي رهيو(4)
جان نثار خان بابت، ماثرالامراء جي صاحب فريد بکري
جي ڪتاب ذخيرة الخوانين جي حوالي سان لکيو آهي:
”سيوستان جي حڪومت جي زماني ۾ هن اُتي جي زميندارن جي ڇوڪرين کي
پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو، جيڪي سميجا ۽ سوڍا قوم مان
هيون. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي حڪومت کي قائم رکيو، ۽
ان علائقي مان بغاوت ۽ سرڪشي ختم ٿي وئي. ان جي
وفات کان پوءِ زميندار پنهنجون ڇوڪريون ان جي گهر
مان کڻي ويا.“
(1)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهجهان جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جا مغليه
گورنر ظلم ڪندا رهيا، ۽ سيوهڻ جا ماڻهو انهن سان
وڙهندا رهيا.
شاهجهان نامه مان معلوم ٿئي ٿو ته 1638ع ۾ يڪه تاز خان کي ڏيڍ
هزاري ذات ۽ ڏيڍ هزار سوار جو منصب عطا ڪري
سيوستان جي فوجداري تي مامور ڪيو ويو.
(2)
ماثر الامراء مان معلوم ٿئي ٿو، ته 1055هه (1645ع) ۾ زبردست خان
سيوستان جو حاڪم مقرر ٿيو. 1059هه (1649ع) ۾
زبردست خان سيوستان جي فوجداري جي زماني ۾ فوت
ٿيو.(3)
شاهجهان نامه مان معلوم ٿئي ٿو ته ان جي وفات کان پوءِ نورالحسن
کي ان جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو.
(4)هو
1651ع تائين سيوستان جو حاڪم ٿي رهيو. پوءِ بهار
جو فوجدار ٿيو.(5)
اورنگزيب، شاهجهان جي ڏينهن ۾ ملتان جو صوبيدار هو. شاهجهان
نامه مان معلوم ٿئي ٿو، ته پوءِ کيس بکر ۽ سيوستان
سرڪار جو انتظام به مليو، ۽ ٺٽه جي صوبيداري به
ملي.(1)
اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي ويڙهه ۾ دارا ڀڄي نڪتو، ۽ بکر ۾ پهتو،
اورنگزيب جي طرفان شيخ مير صف شڪن خان دارا جي
تعاقب ۾ روانو ٿيو. دارا پنهنجو اهل عيال بکر جي
قلعي ۾ ڇڏي اڳتي وڌيو. صف شڪن خان به سندس پٺيان
آيو ماثر عالمگيري ۾ آيو آهي:
”شهزادي (دارا) جو ارادو قنڌار وڃڻ جو هو، پر پنهنجي ساٿين جي
جدائي ۽ پنهنجي حرم جي ناراضگيءَ جي ڪري ان وقت هن
ٺٽي جو رخ ڪيو. صف شڪن خان اعزخان کي ٻين سردارن
سان گڏ بکر ۾ ڇڏيو، جيئن قلعي وارن کي تنگ ڪن. پاڻ
سيوستان ڏانهن روانو ٿيو. ان وچ ۾ قلعي جي قلعه
دار محمد صالح ترخان جو خط صف شڪن خان کي مليو،
جنهن ۾ لکيل هو، ته دارا شڪوه قلعي کان پنجن ڪوهن
جي مفاصلي تي پهچي ويو آهي. توهان جيترو جلد ٿي
سگهي، اوترو جلد اوڏانهن اچو، ۽ سندس خزاني وارين
ٻيڙين تي اچي قبضو ڪيو. صف شڪن خان پنهنجي نياڻي
محمد معصوم کي هڪ وڏو لشڪر ڏئي پنهنجي وڃڻ کان اڳ
روانو ڪيو، ته جيئن دارا شڪوه جي ٻيڙين کي ڇڏي،
درياءَ جي ڪناري تي مورچا تيار ڪري پاڻ به انهيءَ
ئي رات ڪوچ ڪري دارا شڪوه جي فوج جي محاذ کان ٽن
ڪوهن جي مفاصلي تي قيام ڪيائين.
(2)شاهه
جهان نامه ۾ به دارا جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال ملي
ٿو. بهرحال دارا شڪوه به ڀاڄ جي زماني ۾ سيوستان
جي پسگردائيءَ ۾ آيو.
ماثرالامراء مان معلوم ٿئي ٿو ته اورنگزيب جي زماني ۾ غضنفر خان
ٺٽي جو گورنر هو. هو ڏهين سال جلوس عالمگير جي
زماني جي آخر ۾ 1077هه (1666هه) ۾ ٺٽي ۾ فوت ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ غضنفر خان جو ننڍو ڀاءُ اسلام خان
سيوستان جو فوجدار هو.
(1)
مغل دور حڪومت ۾ صوبي ۾ هڪ مکيه عهدو وقائع نگاري هو. سنه
1116هه (1705ع) ۾ عالم ۽ اديب مير عبدالجليل
بلگرامي سيوستان ۽ بکر صوبن جي بخشي گري، وقائع
نگاري ۽ سوانح نگاري جي خدمتن تي مقرر ٿي آيو. مير
عبدالجليل جو سوٽ مير محمد جان بلگرامي 17 ربيع
الآخر 1146هه (1733ع) تي سيوهڻ ۾ آيو ۽ 15 جمادي
الاول 1146هه (1733ع) ۾ جهاز تي چڙهي بصري ويو.
ماثر الڪرام جو صاحب مير غلام علي آزاد بلگرامي به
ان وقت سيوهڻ ۾ موجود هو.
اهو احوال ماثر الڪرام ۾ آيل آهي. هن ڪتاب ۾ مير غلام علي آزاد
بلگرامي حضرت قلندر شهباز جو احوال به ڏنو آهي ۽
ان ۾ سندس ڄم جي شهر جو نالو ”مرند“ ڏيکاريو اٿس.
ان سان گڏ حضرت قلندر شهباز جي روحاني مدد جو ذڪر
به ڪيو اٿس. لکيو اٿس:
”جڏهن 10 ربيع الاول 1143هه (1720ع) تي سيوستان جي شهر ۾ پهتس،
ته مير سيد محمد خان بخشي گري ۽ وقائع نگاري جي
خدمت منهنجي حوالي ڪري، پاڻ بلگرام هليو ويو. ڪجهه
وقت کان پوءِ منهنجي ملازمت ختم ٿي وئي، جنهن ڪري
مون کي ڏاڍو صدمو پهتو.“(1)
ان کان پوءِ ڏيکاريو اٿس، ته حضرت قلندر شهباز جي روحاني مدد
سان هڪ سال کان پوءِ سندس ملازمت بحال ٿي.
مغل دور جي ٻين تاريخي ڪتابن ۾ به ”سيوستان“ جو ذڪر ملي ٿو.
جهڙوڪ محمد بختار خان جو ڪتاب مرآة العالم تاريخ
اورنگزيب، شيخ فريد بکري جو ڪتاب ذخيرة الخوانين،
واقعات عالمگيري، مولانا نظام الدين احمد جو طبقات
اڪبري، توزڪ جهانگيري وغيره.
سيوهڻ جا بزرگ:
سياسي تاريخ کان سواءِ پرڏيهي عالمن جي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ حضرت
قلندر شهباز ۽ ٻين بزرگن جو احوال به ملي ٿو.
شيخ عارف: امير خورد، پنهنجي ڪتاب سيرالاولياءَ ۾ لکيو آهي ته
حضرت بابا فريد گنج شڪر شيخ عارف کي مريد ڪري بيعت
وٺڻ جي اجازت ڏئي، روحاني تبليغ لاءِ سيوستان طرف
موڪليو.
(2)شيخ
عارف بابت اهو ساڳيو احوال شيخ عبدالرحمان چشتي
(1005هه- 1094هه) جي لکيل تذڪره مراة الاسرار ۾
ملي ٿو.
(3)
شاهه صدر: خواجه معين الدين چشتي اجميري جي ملفوظات (جيڪا سندس
مريد خواجه بختيار ڪاڪي 614هه/1217ع ۾ مرتب ڪئي)
”دليل العارفين“ ۾ شاهه صدر لڪياري جو احوال ملي
ٿو. ڄاڻايل آهي:
”هڪ ڀيري سيوستان ۾ خواجه عثمان هاروني سان گڏ سفر ڪري رهيو
هوس. هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ درويش صدرالدين محمد احمد
کي ڏٺم، جيڪو ياد الاهي ۾ بيحد مصروف هو. مان ڪجهه
ڏينهن ان جي صحبت ۾ رهيس، جيڪو به شخص جهوپڙيءَ ۾
ايندو هو، محروم نه ويندو هو.“
(1)
حضرت بابا فريدالدين گنج شڪر به هن بزرگ سان ملاقات ڪئي. سندس
ملفوظات ”راحت القلوب“ ۾ ان ملاقات جو ذڪر هن طرح
آيو آهي:
”هڪ ڀيري سيوستان طرف مسافر هيس. اتي جي اوليائن ۽ بزرگن سان
ملاقات ڪيم. هڪ ڏينهن شيخ محمد سيوستاني جي خدمت ۾
حاضر ٿيس، جيڪو ولايت جو صاحب بزرگ هو. ساڻس لوڪ
جي باري ۾ گفتگو ٿي.“
(2)
هن بزرگ سان حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت قلندر
شهباز به سيوهڻ ۾ آمد کان اڳ لڪيءَ وٽ ملاقات ڪئي.
حضرت قلندر شهباز متعلق احوال برني جي تاريخ فيروز شاهي، خزينة
الاصغيا، تاريخ سروري، ماثرالڪرام، اخبار الاخيا،
نزهة الخواطر ۽ ٻين ڪتابن ۾ ملي ٿو.
شيخ ملهي قتال: تاريخ خان جهاني و مخزن افغاني ۾ آيو آهي، ته
سرحد جي طرف جو شيخ ملهي قتال حضرت قلندر شهباز جو
مريد هو. ان جو والد شيخ احمد ولد موسى حضرت غوث
بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جو مريد هو ۽ سندس ڀاءُ
۽ پنهنجي پيءُ جو سجاده نشين سليمان داتا حضرت
زڪريا جي فرزند شيخ صدرالدين عارف جو مريد هو. شيخ
ملهي جوانيءَ ۾ ئي علم جي طلب ۽ روحاني فيض حاصل
ڪرڻ لاءِ سفر، ڪندو سيوهڻ شهر ۽ حضرت قلندر جي
خدمت ۾ پهتو. هتي رهي ڏاڍيون رياضتون ۽ مجاهدا
ڪيائين ۽ عشق الاهي ۽ عرفان جون منزلون طئي
ڪيائين.
(1)
حضرت قلندر شهباز: انگريز عالم رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽
سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ ۾ حضرت قلندر شهباز جي
صرف ونحو بابت لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ان
زماني تائين يعني اڻويهين صدي عيسويءَ تائين مدرسن
۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا ويندا هئا. هو لکي ٿو:
”پهريون ڪتاب، جيڪو پڙهايو وڃي ٿو، اهو ”ميزان صرف“ نالي آهي ۽
فعلن جي مضمون تي آهي، اهو مشهور ولي ۽ عالم لال
شهباز جو لکيل آهي ۽ مختصر رسالو آهي. اهو گهڻو
ڪري اجناس يا منشعب وانگر حفظ ڪيو ويندو آهي.
اجناس ۽ اشتقاقن ٺاهڻ جا سليس قاعدا ان ۾ ڏنل آهن
”قسم دويم“ ۾ بي قاعدي فعلن جو ذڪر ۽ صرف صغير
ٺاهڻ جو طريقو ڏنل آهي. اهي ٻئي ڪتاب فارسي ۾ لال
شهباز جي روحاني قلم جا لکيل آهن. ٽيون ڪتاب جو
اڪثر پڙهيو ويندو آهي، ان جو نالو آهي ”عقد“ اهو
به ساڳي ئي مصنف جو جوڙيل آهي. اهو گڏيل فارسي ۽
عربي ۾ لکيل آهي، ۽ حرفن جي تبديلي جي مضمون سان
تعلق رکي ٿو. ان ۾ جدا جدا قسمن جا بي قاعدي فعلن
جا اصول پڻ ڏنل آهن.(1)
ٻئي هنڌ ڄاڻايو اٿس:
”هن بزرگ جو اصل نالو عثمان مروندي هو. هو صرف و نحو جو وڏو
ماهر، زباندان ۽ قابل سيار هو. هن 673هه (1274ع) ۾
سيوهڻ ۾ وفات ڪئي... سندس مقبري جو تمام گهڻو ادب
ڪيو ويندو آهي. مون ٻڌو آهي ته قلندر جي مريد ٿيڻ
لاءِ هڪ عجيب رسم ادا ڪئي ويندي آهي. پهريائين
مريد جا سڀ وار ڀرون تائين ڪوڙيا ويندا آهن، پوءِ
مجاور هن جي ڪلهن تي هڪ تتل ڳاڙهي لوهه جي مهر سان
ڏنڀ ڏيندا آهن ۽ سندس ڪپڙا لاهي، سندس بدن تي ڳائي
ڇيڻي جي رک مليندا آهن، تنهن کان پوءِ هو زندگي
شروع ڪندو آهي. بعضي بعضي معزز ماڻهو سکا ڏيڻ يا
ڪنهن مراد حاصل ڪرڻ جي ارادي سان اچي مريد ٿيندا
آهن، ۽ ٿورو وقت فقير ٿي رهندا آهن. هن مقبري تي
هميشـﮧ سوالين جا لشڪر هوندا آهن، شاهوڪار ماڻهو
مٿس پَڙ چاڙهيندا آهن. نذراني جو ڪجهه حصو خليفو
کڻندو آهي، ۽ ڪجهه حصو مجاور کي ملندو آهي.“(2)
حضرت قلندر شهباز جو احوال برني جي تاريخ فيروز شاهي ۾ مير غلام
علي آزاد بلگرامي جي ماثر الڪرام ۾ لکي ٿو، جيڪو
اڳ اچي چڪو آهي.
مخدوم بلال: حامد بن فضل الله جمالي پنهنجي ڪتاب ”سير العارفين“
۾ حضرت مخدوم بلال سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو
آهي. هو لکي ٿو:
”قصبي سيوهان وٽ ”بحري“ نالي هڪ ڳوٺ آهي، ان ۾ مولانا ”بلال“
نالي هڪ بزرگ رهي ٿو، هو ڏاڍو رياضت ڪرڻ وارو ۽
پاڪ اعتقاد وارو هو. جڏهن مان ان ڳوٺ ۾ ويس ته
ساڻس ملاقات ڪيم، ان جي آڏو عوارف (شيخ شهاب الدين
عمر سهروردي جو ڪتاب ”عوارف المعارف“) رکيو هو. هن
حقير (جمالي) سان ان ڪتاب جي ڳالهين بابت تبادله
خيالات ڪيائين. هو صاحبِ دل انسان هو.“
(1)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جمالي، مخدوم بلال سان شاهه بيگ ارغون
کان اڳ، ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي حڪومت جي
زماني ۾ مليو. مخدوم غوثي شطاري مانڊوي پنهنجي
تذڪره گلزار ابرار ۾ به مخدوم بلال ۽ سندس خليفي
حيدرسنائي جو ذڪر ڪيو آهي.
(2)
مخدوم جعفر بوبڪائي: بوبڪ جو وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سڀ
کان پهريائين هن بزرگ جو احوال گلزار ابرار ۾ ملي
ٿو. ان ۾ آيو آهي:
”بوبڪ جو رهاڪو هو، جيڪو سيهواڻ جي ويجهو ڳوٺ آهي. سيهواڻ کي
سيوستانِ سنڌ به چوندا آهن.“(3)
ميان مير سيوهاڻي: هي بزرگ اصل ۾ سيوهڻ جو هو، پوءِ لاهور وڃي
رهيو. سندس احوال ڪيترن ئي تذڪرن ۾ ملي ٿو. هو
قاضي قاضن جو ڏوهٽو هو. قاضي قاضن جو احوال گلزار
ابرار ۾ ملي ٿو. ميان مير شيخ خضر سيوستاني جو
مريد ۽ خليفو هو. هو قادري طريقي جو بزرگ هو. مفتي
غلام سرور لاهوري پنهنجي ڪتاب حديقة الاولياء ۾
شيخ خضر ۽ ميان مير جو احوال ڏنو آهي. هن شيخ خضر
جو شجرهء طريقت به ڏنو آهي.
(1) دارالشڪوه پنهنجي ڪتاب سڪينة الاولياء ۾
حضرت ميان مير رحه جي سوانح حيات نهايت تفصيل سان
ڏني آهي. ان ۾ به هي ڄاڻايو اٿس، ته حضرت ميان مير
رحه سيوهڻ ۾ 938هه (1531ع) ۾ تولد ٿيو، ۽ اتي ئي
جوان ٿيو. لاهور ۾ به گهڻو ڪري سنڌيءَ ۾ گفتگو
ڪندو هو.“
(2)
مغربي عالم ۽ سياح:
ڪيترن مغربي عالمن ۽ سياحن به سيوهڻ بابت اکين ڏٺو
۽ ڪنين ٻڌو احوال ڏنو آهي. ڪئپٽن ليو پولڊون اورلچ
(Captain Leopold Von Orlich)
پنهنجي ڪتاب
Travels in India including Sindh and the Punjab
۾ سيوهڻ، حضرت قلندر شهباز ۽ ڌمال جو احوال آندو
آهي
(3)
پوسٽنس
(T. Postans)
پنهنجي ڪتاب
Personal Observations on Sindh
۾ سيوهڻ ۽ حضرت قلندر شهباز جو بيان ڏنو آهي.
(4)اي.
بي ايسٽوڪ
(E.B Eastiwick)
پنهنجي ڪتاب ”نئينءَ مصر جا پراڻا ورق“
(Dry Leaves From Young Epypt) ۾ سيوهڻ، اڙل ۽ حضرت قلندر شهباز جو ذڪر ڪيو آهي. لکي
ٿو:
26 جولاءِ 1939ع ۾ اسين سيوهڻ کان ميل پنڌ تي وڃي
پهتاسون، جتي ٻيڙيءَ ۾ ناکئن ڊاٻو ڪيو، ۽ اتي جي
درويشن جي زيارت ڪرڻ تي زور رکيو... سيوهڻ وٽ اسان
درياءَ جي هڪ شاخ اڙل جي رستي، ٿورن ميلن جي
مسافريءَ کان پوءِ منڇر ۾ وڃي پهتاسون.
27 تاريخ اسان چڱو سفر ڪيو. منڇر جي آر پار گهٽ ۾ گهٽ ويهه ميل
ڪري وياسون، ڏينهن جو اهڙي ته سخت گرمي هئي، جو
بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. شام جو ڪجهه هوا گهلي ۽
فقط ڪي ٿورا ماڻهو وڃي ٻيڙين ۾ رهيا. مون انهن مان
ڪن کي ٻيڙي هلائڻ لاءِ چيو ۽ کين ڪجهه پئسا ڏنا،
جي کين تمام گهڻا لڳا، ڇاڪاڻ جو اهي اڌ- اگهاڙا ۽
بکيا آهن. انهن جهڙي پوئتي پيل قوم مون ٻي ڪانه
ڏٺي آهي.
(1)
سفرنامه ابن بطوطه اردو ترجمو: رئيس احمد
جعفري، نفيس اڪيڊمي، 1961ع، ص 486 کان 488.
تاريخ مبارڪ شاهي: احمد يادگار، اردو ترجمو،
سيد نذير نيازي، اردو سائنس بورڊ لاهور،
1985ع، ص 163.
ماثرالامراء: صمصام الدولـﮧ شاهنواز خان، اردو
ترجمو، ڊاڪٽر محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو
بورڊ، لاهور، جلد اول، 1968ع ص 632.
ماثرالمراء، جلد سوم، سال 1970ع، ص 258.
ماثرالامراء، جلد اول، ص 99.
ماثرالامراء، جلد سوم، 1970ع، ص 260.
علامه ابوالفضل: آئين اڪبري، اردو ترجمو،
مولوي محمد فدا علي طالب، سنگ ميل پبليڪيشنز
لاهور، جلد اول، حصه دوم، ص 1053.
توزڪ جهانگيري: جهانگير، اردو ترجمو، اعجاز
الحق قدوسي، مجلس ترقي ادب لاهور، جلد اول،
1968ع، ص 342.
ماثرالامراء، جلد سوم، ص 275.
ايضاً، جلد اول، ص 145-296.
ماثرالامراء، جلد اول، ص 272.
شاهجهان نامه: محمد صالح ڪنبوهه جلد- 3، اردو
ترجمو: ڊاڪٽر ناظر حسين زيدي، مرڪزي اردو بورڊ
لاهور، 1974ع، ص 277.
ماثر الامراء، جلد اول، ص 175.
شاهجهان نامه، جلد سوم، ص 246.
ماثر الامراء، جلد ٻيو، سال 1969ع، ص 376.
شاهجهان نامه: جلد سوم، ص 563.
ماثر عالمگيري: محمد ساقي مستعد خان، اردو
ترجمو: محمد فدا علي طالب، بڪ لئنڊ ڪراچي،
1961ع، ص 20.
ماثرالامراء جلد دوم ص 863.
ماثرالڪرام: غلام علي آزاد بلگرامي، اردو
ترجمو: مولانا شاهه محمد خالد، دائرة
المصنفين، ڪراچي، 1983ع، ص 344، 358 کان 366.
سنڌ
۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون: رچرڊ برٽن، سنڌي
ترجمو: محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، 1971ع ص 129-130.
سير العارفين: حامد بن فضل الله جمالي دهلوي،
اردو ترجمو: محمد ايوب قادري مرڪزي اردو بورڊ
لاهور، 1976ع، 174.
گلزار ابرار: محمد غوثي شطاري، اردو ترجمو:
فضل احمد جيوري، نئون ڇاپو 1395هه (1975ع)،
اسلامڪ بوڪ فائونڊيشن لاهور، ص 375 ۽ 379.
حديقة الاولياء مفتي غلام سرور لاهوري،
لاهور1926ع، ص 48.
|