سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :29

 

اوساريون اکڙين

قاضي صاحب بابت چند تاثرات

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو- لاڙڪاڻو

مرهيات، دوستن جو دوست هو. هر ڪنهن سان همدردي ڪرڻ سندن فطري سڀاءُ جو ذاتي گڻ هو. سندن ڪچهري نه رڳو ورونهن ۽ وندر هئي، پر ان ۾ ادبي جهلڪ به نمايان هوندي هئي، جنهن ڪري ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ٿيندي هئي.

ڊاڪٽر اياز قادري- ڪراچي

 قاضي صاحب نهايت نيڪ بزرگ، سٺو شاعر، اديب ۽ ڏاڍو پيارو هو. مرحوم جا اسان جي وڏن سان گهڻا گهرا تعلقات هئا. سندن وفات سبب لاڙڪاڻي جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال رهجي ويو آهي.

اميد خيرپوري- خيرپورميرس

چاچا سائين هميشـﮧ خوش اخلاق ۽ سخي مرد هو. ڪڏهن به سندس منهن ۾ گهنج نه ڏٺم. هو نه رڳو ادب دوست هو، پر ان سان گڏ هڪ انسان دوست پڻ هو.

مان چوندو هوس ته گل پنهنجي ڪٽنب سميت ڪيڏو نه خوش قسمت آهي، جنهن کي ”قائل“ جهڙو پيءُ عطا ٿيل آهي.

”حيات جنهن آ ڏني، اڄ سڀان وٺي ٿو سگهي!

پرائي چيز تي باور ڪجي ته ڪهڙو ڪجي!“

بدر قريشي- ڪراچي

سمجهه ۾ ڪجهه به ڪونه ٿو اچي ته ڇا لکان. اکين ۾ ڳوڙها آهن. دل ۽ دماغ ۾ ڪجهه بي معنى جملا جن کي ترتيب نٿو ڏئي سگهان.

سچ ته اهو آهي جو بابا سائين جي انتقال کان پوءِ چاچا سائين جي روپ ۾ مون کي ٻيهر بابو ملي ويو هو. سندن صورت ۽ ڳالهيون مون کي بابا سائينءَ جي ياد ڏيارينديون هيون. سندن دعائون مون لاءِ زندگي گهارڻ ۾ نهايت معاون ۽ مددگار هيون. سندن ننڍڙا ننڍڙا دعائن ڀريا خط منهنجي لاءِ سرمايهء افتخار هئا. اڄ هڪ دفعو ٻيهر يتيم ٿي وڃڻ جو احساس پيو ٿئي.

ڏک بهرحال وڏو آهي. چاچا سائينءَ جهڙي شفيق ۽ مهربان ماڻهوءَ جي جدائيءَ تي روئڻ ته هڪ پاسي ماتم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڳوڙها هر حال ۾ وهندا.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- لاڙڪاڻو

قاضي صاحب شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ هڪ اعلى خوبين وارو انسان به هو، سراپا سڪ ۽ محبت. منهنجي خوشبختي ۽ خوشنصيبي آهي جو قاضي صاحب مون سان بيحد محبت رکندو هو.

ميمڻ غلام مصطفى مشتاق- لاڙڪاڻو

خوش اخلاق، ملنسار ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ سائين قاضي عبدالحي قائل سرشاري جي اوچتي وفات جو ٻڌي، پيرن هيٺان زمين نڪري وئي!

انيس انصاري- لاڙڪاڻو

علم جو ڄاڻو، ادب جو پارکو، اديب نواز ۽ انسان دوست سائين قاضي عبدالحئي اڄ اسان وٽ نه آهي، پر ان علم جي شمع ٻاري آهي ۽ جنهن جي روشني سندس پونئر قائم ڪندا اچن ٿا سا گهڻن لاءِ مشعلِ راهه ثابت ٿيندي ۽ روشنيءَ مان روشني ٿيندي رهندي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي- لاڙڪاڻو

پياري بزرگ دوست جي اوچتي وفات تي مون کي سخت صدمو رسيو آهي.

جوهر بروهي- فريدآباد

30 سال اڳ 1958ع ڌاران جڏهن منهنجو پيءُ وفات ڪري ويو. اڄ قاضي مقصود گل، اختر ۽ منظر کي يتيم ٿيندو ڏسي هڪ ڀيرو وري پاڻ کي يتيم ٿو ڀانيان.

اي موت! تون ڪونه مئين؟

رزاق مهر- ميرپورخاص

سائين اسان لاءِ به ائين ئي شفقت ۽ پيار رکندو هو، جهڙو پنهجن پٽڙن لاءِ. سندس اهڙي اعلى طبيعت جي ڪري هن جو وڇوڙو هر هڪ کي صدمو رسائيندو.

محمد يوسف ڪڙيو- ڏهرڪي

سائين قائل صاحب جن جون ادبي ۽ سماجي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. انهيءَ تي کين جيترو به داد پيش ڪجي، اڻپورو ئي رهندو.

واجد- ٽنڊو غلام علي

اوهان جي پياري والد ۽ شاعر جناب قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي مڪي شريف ۾ وفات ڪري وڃڻ واري خبر ڪالهه اخبار ۾ پڙهيم. ائين محسوس ٿيو، ڄڻ منهنجي پنهنجي والد جي ناگهاني لاڏاڻي جي خبر هجي!

دکدائڪ سانحي جي گهڙين ۾ منهنجا ڳوڙها پنهنجن ڳوڙهن سان شامل ڀائيندا.

تاج صحرائي- دادو

اوهان جي والد صاحب جي ڀلي پار ۾ وفات جي خبر پڙهيم. دل کي ڏاڍو ڏک پهتو. اوهان سڀئي ڀائر، ڀينرون ۽ ٻيا عزيز قريب غمگين هوندا، جيڪو هڪ لازمي امر آهي. پر آگي امر کڻڻا آهن ۽ سڀ ڪجهه صبر سان سهڻو آهي. غم ۾ مان به شريڪ آهيان.

استاد بخاري-دادو

هي ٻه اکر ان جي پٿر تي لکان پيو، جنهن جي دعوتن، محبتن ۽ شفقتن جي سڪ ڇڪ ڪري هتي ايندو رهندو هوس ۽ روبرو رهاڻيون ٿينديون هيون، پر اڄ قربدار، قرب جو ڀنڊار قائل ڪونهي. افسوس، ارمان بلڪ دل کي ڌچڪو اهو آهي ته ان سنڌ جي خادم، استاد، اديب، شاعر جو هن ڌرتي تي فاني جسم، خاڪي جسم به موجود ناهي. باقي رسمي، ادبي وجود بهرحال قائم دائم آهي ۽ رهندو. سندس هر نقش چپي چپي تي چٽيل آهي. وڏا نقش ته خضر، اختر، گل ۽ منظر آهن، جن جي جڳ مڳ وسيلي قائل صاحب جي جوت به جرڪندي رهندي.

”وڇوڙو قاتل وهه آهي پر ڳهڻو ئي پوي ٿو،

زندگي، زماني جو رنگ هلندو ئي رهندو.“

منير سولنگي- پيرجوڳوٺ

ڍولڻ! هتان هر ڪنهن کي هلڻو آهي. هتي ڪوبه نه رهيو آهي ”ڪل من عليها فان، دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.“ سائين قائل مرحوم جي موت جو پس منظر ڏسجي ٿو ته اهو موت هڪ قابلِ ويچار آهي. ديار حرم ۾ وڃڻ وارو نحيف انسان هميشـﮧ لاءِ اتي جو ٿي ويو ۽ سنڌ جا وڻ به هميشـﮧ لاءِ ڇڏي ويو!!

نفيس احمد شيخ- ڄامشورو

پيارا! توهان کي والد صاحب جي شفقت ۽ ٻاجهاري ٿڌي هٿ کان محرومي ٿي آهي. توهان کي جيڪو صدمو پهتو آهي، ان جو اندازو لڳائي سگهان ٿو ۽ اُن ڏک لاءِ توهان سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪريان ٿو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- سنڌ يونيورسٽي

هي فقط اوهان جو نه پر اسان سڀني جو نقصان آهي. اوهين، خضر ۽ ٻيا ڀائر مون کي پنهنجي غم ۾ شريڪ ڄاڻندا.

محمد علي ڦلپوٽو- اسلام آباد

قدرت جي فيصلي اڳيان سڀ بيوس ۽ مجبور آهيون. اوهان جو والد گرامي،  اسان سڀن جو ابو هو. انهيءَ جي وفات تي جيترو به ڏک ۽ ملال ڪيو وڃي، گهٽ آهي.

ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ- سنڌ الاجي

اوهان جو والد سنڌي ٻولي، علم ادب ۽ سنڌ واسين جو به هو. ان ڪري اسان سڀ اوهان جي ڏکن ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

ڌڻي پناهه ۾ رکي، ڏاڍو ڏکيو واءُ گهليو آهي. اسان جا بزرگ، اديب ۽ شاعر وڃن ٿا موڪلائيندا. مرحوم احمد خان آصف ۽ ان کانپوءِ اوهان جي والد جي رحلت سنڌي ٻولي ۽علم ادب لاءِ وڏو سانحو آهي.

منٺار سولنگي- نئون ديرو

قاضي ”قائل“ جي اوچتي ڌار ٿيڻ سان مان سمجهان ٿو ته شهر رتيديري جي سماجي، صحافتي ۽ ادبي ماحول ۾ جيڪا ماٺار ٿي آهي، اها شايد ئي ڪو ٽوڙي سگهي.

زاهد مهراڻوي- نئون ديرو

گهر جي وڏي هجڻ جي حيثيت ۾ جيڪا پنهنجي اولاد جي تربيت ڪيائون، سا سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ مثالي پيءُ واري رهندي ۽ سنڌي گهر جي هر هڪ وڏي کي پنهنجي ڪٽنب جي تربيت مرحوم قاضي عبدالحئي قائل وانگر ڪري سنڌي قوم کي اديب، چترڪار، ليکڪ، شاعر پيدا ڪري ڏئي.

منور ابڙو- پيارو واهڻ

مون کين ڏاڍو ماٺيڻو پسيو. ملڻ ۾ شفقت واري نظر، ڳالهائڻ ۾ سٻاجهڙائي ۽ سادگي. سندن شخصيت جو اندازو سندس اولادکي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.

آثم ناٿن شاهي

ٽاريءَ مان پَنُ پنهنجي جاءِ تان ٽٽندو آهي، ته ان جاءِ تان رَسُ/ پاڻيٺ سِمي نڪرندو آهي ۽ اهو پاڻي ڪڏهن ته سڪي ستت کرنڊ بڻجي لهي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪافي وقت تائين سمندو رهندو آهي. سائين عبدالحئي قائل صاحب جو انتقال ائين آهي، جيئن رَت شجر جو هڪ ٽارُ ٽُٽي پوي. ان ٽار جي ٽٽڻ واري جاءِ تان جيڪا رس ٽمي پوي، انهيءَ جو رنگ ڳاڙهو آهي ۽ انهيءَ جو سُڪي کرنڊ ٿي لهي وڃڻ ناممڪن پيو لڳي.

هڪ نيڪ دل، نيڪ خصلت، نيڪ انسان جو ڀلي پار جي شهر مڪي مڪرم ۾ انتقال ٿيڻ ۽ جنت المعلى ۾ دفن ٿيڻ مڃان ٿو ته وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، پر سندن پنهنجن پوين کي سندن جدائي ۽ دوريءَ جو احساس سڄي عمر ستائيندو رهندو.

ستار- ڪراچي

اڃان ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي، جو چاچو عبدالحي قائل صاحب اسان سان هو، ۽ اڄ اسان وٽ ڪونهي. اهو ٻڌي صدمو رسيو.

علي نواز وفائي- ڪراچي

اوهان جي والد بزرگوار جي وفات حسرت آيات جو معلوم ڪري نهايت افسوس ۽ ارمان ٿيو. هونءَ به هيءَ دنيا وڇوڙي ۽ جدائيءَ جي جاءِ آهي.

نياز همايوني- حيدرآباد

اوهان جي والد جي وفات بابت اخبارن ۾ خبر پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جون همدرديون قبول ڪندا.

محمد سليمان پٺاڻ- بدين

توهان کي جيڪو صدمو رسيو آهي، ان لاءِ منهنجون اکيون به اشڪبار آهن. پيارا ڏک ۽ سک ته زندگي جو سرمايو هوندا آهن. زندگي ۽ حياتي ته غمن، ڏکن ۽ خوشين جي ميلاپ مان جڙي آهي.

شرجيل (فتاح هاليپوٽو)-

سائين محترم عبدالحئي ”قائل“ جن جي رحلت جو پڙهي انتهائي ڏک ٿيو.

دنيا ۾ هر جاندار کي ان تجربي مان گذري پنهنجي حياتيءَ جو ثبوت ٿو ڏيڻو پوي. واقعي موت برحق آهي ۽ حياتيءَ لاءِ وڏو سچ.

عبدالرزاق قريشي- ٺٽو

قاضي صاحب هڪ نيڪ انسان، مشفق بزرگ، حق جو ڪلمه گو ۽ دنياوي لالچ کان ميلَ پري، عظيم انسان هو.

ادل سومرو- سکر.

قاضي عبدالحي قائل صاحب سان منهنجون گڏجاڻيون ٿيون. هو نهايت هر دلعزيز ۽ ٻاجهاري طبيعت جو مالڪ هو. خاص پنهنجن همعصرن توڙي نوجوانن جي ميڙ ۾ عمر جو فرق محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هو. هو ظاهري طرح دورُ ٿي ويو آهي، پر پنهنجين لکڻين ۽ پنهنجن پٽن خضر، مقصود، اختر، منظر ۾ موجود رهندو. هو ڪشاده ذهن ۽ هر دلعزيز انسان هو.

”جنهن آزاد گذاريو آهي،

تنهن لئه موت ته ڪا شيءِ ناهي.“

بشير احمد شاد- لاڙڪاڻو

ٿورن لفظن ۾ چوان ته سائين عبدالحي قائل جهڙا انمول ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن.

اسحاق راهي- ميهڙ

سائين قائل سرشاري صاحب سان ازلي ناتو هو. عالم ارواح مان جڏهن اسان جا روح جدا ٿيا تڏهن به روئي وڇڙيا هئا، پر وري جڏهن فاني جهان ۾ وڇڙيا ملياسين تڏهن اهو يقين هو ته اڳي يا پوءِ وري وڇڙي وڃڻو آهي.

ناظم منگي- ٿرڙي محبت

سائين محترم قائل صاحب هڪ عظيم باصلاحيت اديب ۽ شاعر هئڻ سان گڏ هڪ انسان دوست به هو.

مون جا به ڪچهري ساڻس ڪئي، ان ۾ ادبي هيرن جا جهول ڀري پنهنجي ادبي مخزن ۾ اضافو آندم.

غلام رسول گهمرو- لاڙڪاڻو

هن طبقاتي سماج اندر جتي ذاتي ملڪيت جو رجحان، هر مڊل ڪلاس کان اپر (Upper) ڪلاس جي ماڻهوءَ ۾ سمايل آهي، اتي سائين عبدالحي هڪ کاهوڙي، ڪلجڳ جي ڪاپڙي ۽ سماج سڌارڪ جي حيثيت ۾ پاڻ مٿان ٿيل هر ذميواريءَ کي ڀرپور نموني ايمانداريءَ سان پورو ڪندا رهيا.

اسلم احساس مري- گنمبل شاهه

سائين قاضي عبدالحي قائل صاحب جن هڪ فرد نه هئا، بلڪ هڪ اداري جي حيثيت رکندا هئا. سائين جن جي خدمتن جو جائزو وٺبو ته سائين ادب ۽ شاعريءَ ۾ به پاڻ ملهايو ته تعليمي حوالي سان به اڻٿڪ محنت ڪيائين.

متل جوڳي- ٺري ميرواهه

هن دنيا ۾ ماڻهوءَ کي زندگي هڪ دفعو ملندي آهي، پر ڪي ڪي ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا انهيءَ هڪ زندگيءَ ۾ سوين ماڻهن جي زندگين کي دڳ لائي ڇڏيندا آهن. قاضي صاحب به انهن ماڻهن مان هڪ هو.

علي دوست عاجز- فريدآباد

مون سائين قائل صاحب ڪونه ڏٺو! اهو ڏک اٿم. سوچيو هوم، سائينءَ سان ملي ڪجهه پرائيندس، اها حسرت ئي رهي! سوچيان ٿو سائين سهڻو، مٺو ۽ مهانُ هو. ان جا نقش، پوکيل گل، تخليق ڪيل تارا، پوک پَسي. سائين گل ڏکويل آهي. منظر ۽ اختر جي اکين ۾ ڳوڙها آهن، جي مون کان ڏٺا نه ٿا ٿين، انهن جا لڙڪ اگهان يا انهن سان گڏجي روئان.

هُو هو به ته سانوڻ جو ڪڪر يا اڻ مندائتو آگم. سڄي عمر ڇانوَ ڪيائين. ان ڪاڻ ڪيئن نه روئندا، آخري ملاقات به موڪلائڻ واري!

پتنگ اڌ پڪو، ڏيئو اجهاڻو،

هاڻي ياد يڪو، کنڀڙاٽيون کاڻين پئي.

                                       ”استاد“

منظور منگي- نئون ديرو

اهڙا مٺڙا ۽ سٻاجهڙا، بااخلاق، باڪردار ۽ باعمل انسان روز روز ڪونه پيدا ٿيندا آهن. سائين جن جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ويجهي عرصي ۾ پورو ٿي نٿو سگهي.

 

بابا جي ياد ۾....

قاضي مقصود گل

نٽهڻ اُسَ ۾ گهاٽي بڙ جي ڇانءَ کسي وئين بابا!

خالي بت تا هتڙي کڙڪن، هانءَ کسي وئين بابا!

 

تنهنجي نسبت ساڻ سڃاتو ساريءَ سنڌڙيءَ جن کي،

تن کان پنهنجي نالي سان گڏ نانءُ کسي وئين بابا!

هر پَلُ تنهنجي پوٽن جي لئه، شاديءَ جو ڏِڻُ ڏاڏا،

ويندي ويندي ٻچڙن کان ويهانءَ کسي وئين بابا!

 

جن ۾ پيار سان پاٻوهي تو، شفقت شربت پياريو،

امبرت جا اڌ اوتيل ٿڌڙا ٿانءَ کسي وئين بابا!

 

واءُ وڇوڙي ساڻ وساڻيون، ڏاتِ ڏَيا جون ڏياٽيون،

هاءِ ڏکيءَکان ڏاهپ جا سڀ ڏانءَ کسي وئين بابا!

 

ڪنهن نه کِنياتي خطڙو آندو، پارانڀي لئه پڄران،

قرب ڪبوتر، قاصد، سارا ڪانءَ کسي وئين بابا!!

 

هاڻ خضر، گل، اختر، منظر، ڇورا سڏبا جڳ ۾،

ڇو ته انهن کان پِدري ڇٽ جي ڇانءَ کسي وئين بابا!

 

قطعو

جي پکي پاڻي پين سنڌو سُڪي ممڪن ڪٿي!

چنڊ کي ڪوئي گليليءَ سان چُٽي ممڪن ڪٿي!

 

زخم دل کي آهه جو فرقت سندو بابا ڏنو،

سو حياتيءَ ڀر ڪڏهن دل تان ڇُٽي ممڪن ڪٿي!!

 

قطع تاريخ وفات قاضي عبدالحّي قائل سرشاري

از: جوهي بروهي

 

ڏيهه ۾ ڪنهن جوت جرڪائي هئي،

هڪ مسيحا ڳالهه پهچائي هئي.

ان کي جنّت جي مبارڪ ڇا ڏجي،

خود بهشتن لاءِ واڌائي هئي!

دوستو، منهنجي تمنا جي گهٽي،

قاضي عبدالحي مهڪائي هئي.

زندگي ان جي سچل جي شاعري،

يا ڀٽائي گهوٽ جي وائي هئي.

مهڪ پنهنجي ماڳ کي پهچي وئي،

جو سندس مٽي اُتان آئي هئي.

ويو هليو ماڻهو ”عظيم الشان هاءِ

                       1409هه

ياد ۾ دردن جي گهرائي هئي.

قاضي ٿيو ”جانِ ديارِ مغرفت

                     1989ع

مون کي هاتف ڳالهه سمجهائي هئي.

اي مسافر موٽ پنهنجي ماڳ تي،

تنهنجي سنگت تو تڏي آئي هئي.

هُو هئا ”جوهر بروهي“ ساڻ گڏ،

سنڌ ساريءَ منجهه سرهائي هئي.

 

تاريخ وفات قاضي قائل

از: مرتضى عباسي رتوديرو

 

جدائي شير را روباه سازد،

چنان مارا حُبِ استاد قاضي

عجب امروز هاتف گفت اينجا،

بگو اعظم لُبِ استاد قاضي

                          1409هه

بر درِ جنّت چو با رضوان رسيد،

ديد جنّات المعلى خانه هفت

چون ز هاتف جُست اعظم با کجا،

ديد عبدالحي قاضي در بهشت.

                      1989ع     

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com