اظهر هيسباڻي
قدم قرب وارو وڌائي ڇڏيوسين،
محبت جو ميلو مچائي ڇڏيوسين.
چيو دل ته ايندو اڱڻ منهنجي دلبر،
صحن پنهنجو اُن لئه سجائي ڇڏيوسين
محبت جو رشتو ڳنڍي دلربا سان،
وري بخت بگڙيل بنائي ڇڏيوسين.
ڏٺوسين ڪڏهن ڪينڪي ڪس ڪسر کي،
وڏو سور سيني سمائي ڇڏيوسين.
اُلا عشق وارا اندر مان اُڏاڻا،
وڏو مچ اندر ۾ مچائي ڇڏيوسين.
زمانو کڻي ڇا به سمجهي اي ”اظهر“،
مگر نينهن ڪنهن سان لائي ڇڏيوسين.
احمد سولنگي
وائي
رات به ڪاري، رات،
ناهي وَٽِ نه ڏيئڙو.
جنهن جي هَٿَ ۾ سوجهرو، |
|
اُن جي اُوچي ذات. |
سِرُ مِٺو ٿئي سنڌ کان، |
|
ڪيڏي اُوڇي بات. |
هن اونداهي ڏيهه ۾، |
|
جرڪي منهنجي ڏات. |
تنهنجي رَتَ مان سانورا، |
|
ڄاڻ ڦٽي پرڀات. |
منظور پريمي
غزل
موسم مست بهارن وانگي،
البيلن اظهارن وانگي.
ليڪو ڏئي تو واري ڇڏيم، |
|
ٻهراڙيءَ جي ٻارن وانگي. |
دل تي تنهنجي ياد ڄميل آ، |
|
سياري وارن پارن وانگي. |
پيار جي سُرڪ مٺي آ ڏاڍي، |
|
وهندڙ ماکيءَ لارن وانگي. |
منهنجو جهول آ تو بن خالي، |
|
قرض جي ماريل هارنِ وانگي. |
پَن ڇڻ مُند منظور نهوڙيو، |
|
ننگي وڻ جي ڏارن وانگي. |
شيرل ”نيڪ“ سروري
ڏکن جا اگر جي سهارا نه هوندا،
هي راتيون نه هونديون ۽ تارا نه هوندا.
وفائن جي بدلي جفا روز ٿيندي،
هتي پو غمن ۾ گذارا نه هوندا.
بهارن جي خوشبو، نه هوندي جهان ۾،
ته پوءِ نوري نرمل، نظارا نه هوندا.
محبت ۾ ايڏي جدائي جي ٿيندي،
ڪبو حال ڪنهن سان پيارا نه هوندا.
ڪري پيار فرقت جي صدمن ۾ آخر،
ڪبو ڪئن گذر ماهه پارا نه هوندا.
حقيقت سچي ”نيڪ“ هي آهه بلڪل،
خدا ياد جن سي ڏکارا نه هوندا.
|