سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :18

 

وڃايل اُفق

محمد خالد اختر

مترجم: ولي رام ولڀ

اها سراءِ جنهن ۾ مان ترسيو هوس، ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون هئي، ۽ دراصل ياترين لاءِ مخصوص هئي. منهنجو ڪمرو اندر گهڙڻ واري دروازي کان کاٻي پاسي مٿينءَ منزل تي هو. ڪمري جي دروازي تي هڪ ننڍي لوهي پٽي لڳل هئي، جنهن تي هڪ چورس ۾ ڪجهه سڀاڳا انگ لکيل هئا.

جيڪڏهن اندريون دروازو ۽ ٻاهريون سيخن وارو دروازو- ٻئي کليل هجن ها ته جانور خاني (Zoo) جي ڪنهن پڃري ۾ رهڻ جو احساس ٿئي ها. مون کي ته ڪئين ڀيرا محسوس ٿيو ته پنهنجي ڳاڙهي ٽاءِ، سائي ٽوپلي ۽ بي. اي. جي ڊگريءَ جي باوجود مان ڪو بهتر قسم جو باندر آهيان، جو دريءَ مان هيٺ اسٽيشن جي سامهون ويٺل باندرن کي سڃاڻي برادريءَ جي جذبي تحت مرڪي رهيو آهيان.

صبح ٿيندي ئي مان باندرن ۽ ديوتائن جي انهيءَ آستان کي، جنهن کي هردوار چون ٿا، ڳولهڻ نڪري پيس. مون اکين تي اس جي عينڪ چاڙهي رکي هئي ۽ پنهنجي سائي ٽوپلي جي اڳئين گهيري کي هيٺ ڇڪي ڇڏيو هوم.

ڪو اجنبي هنڌ ڏسڻ ۾ ان جو گهري نظر سان مشاهدو ڪرڻ جو بهترين طريقو، منهنجي نظر ۾ اهو آهي ته پنهنجو پاڻ کي ان جي ڳلين، ان جي رستن ۽ بازارن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏجي. مون اڄ تائين ڪڏهن ڪنهن هنڌ جي ڏسڻ جهڙين جاين جي باري ۾ ڪنهن کان پڇيو ناهي. هميشـﮧ پنهنجي دريافتن تي ڪولمبس وانگر اوچتو اچي نڪرندو آهيان ۽ مون کي ائين ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي.

ڊسمبر جا پڇاڙي ڏينهن هئا، سخت سردي هئي. مان اوڏانهن روانو ٿيس جيڏانهن ’پوڙي‘ آهي. ’هر‘ تائين وٺي ويندڙ اهو ويڪرو رستو سيمنٽ جو ٺهيل آهي. دڪان بند هئا، پر باندر جو انسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سحر خيز حيوان آهي، جاڳيا پئي ۽ هر هنڌ موجود هئا.

الائجي انهن منهنجي باري ۾ ڇا ٿي سوچيو. ظاهري طرح انهن جي انداز مان برترانه حقارت ڏسڻ ۾ ٿي آئي. گهڻو ڪري هنن هن شهر کي پنهنجو شهر سمجهيو ٿي ۽ انسانن کي ڦورو ۽ اڻ ڪوٺيو مهمان. اهو ئي ڪارڻ آهي جو انسان کي ڇڏي ٻين حيوانن سان سندس واسطا تمام سٺا ۽ تهذيب وارا هئا. هڪ هنڌ مون ڏهن ٻارهن باندرن ۽ هڪ گابي کي گڏجي ڪجهه کائيندي به ڏٺو.

پنهنجي کاٻي پاسي، گهرن کان پري... تمام پري؛ مون سج کي گلاب جي ٽڪرين مٿان ليئا پائيندي ڏٺو. انهن ٽڪرين تي پيلو ڊگهو گاهه سون جي تارن جي ڳُڇن جهڙو پئي لڳو. هڪ ٽڪريءَ تي ننڍو مندر هو. مون دل ۾ چيو، اُهو آهي اُهو رومان جيڪو ڳولڻ لاءِ تون هيڏو پري آيو آهين.‘

منهنجي سامهون هڪ ڀت تي لکيل هو؛ ذب ذب ڪلوريم- اکين جي هر بيماريءَ جو واحد علاج. گڏوگڏ وڏن وڏن اکرن ۾ ’هميشـﮧ ۽ بنان ويڇي ناز بيوٽي ۽ ناز سِنو واپرائڻ جي هدايت هئي. انهيءَ کان هيٺ سڀ کان مشهور ڪتاب جو اشتهار هو: ’هدايت نامو خاوند‘، ليکڪ: ڪوي راج نام داس بي-اي.

مان لاهور مان ٻين ڪئين ڳالهين کانسواءِ، جنهن شخص کان ڀڳو هوس اهو حضرت ڪوي راج نام داس بي- اي به هو، جو ڀتين تي، مندرن تي، منارن تي- هر هنڌ پنهنجي مختلف هدايتنامن سميت موجود هو ۽ هاڻي هتي به برجمان هو.

رستي جي ڇيڙي تي مان پوڙي پهچي ويس. زندگي ۽ حرڪت جا آثار پيدا ٿي رهيا هئا. اها مخلوق جيڪا ارتقا جا مختلف مرحلا طئي ڪري چڪي هئي، پنهنجن پنهنجن ڪمن ڏانهن رواني ٿي رهي هئي.

پوڙيءَ تي منتظمين پاران هڪ بورڊ ٽنگيل هو: ’پوڙي تي هندئن کان سواءِ ٻي ڪنهن مذهب جي ماڻهو کي وڃڻ جي اجازت ناهي.‘ مان بزدل آهيان ۽ اهڙي قسم جي نوٽيس جو خيال ڪندو آهيان. رستي تي ڪجهه اڳڀرو نڪري ويس، هڪ طرف گندي پاڻيءَ جو تلاءُ هو، جنهن ۾ ڳوري جسم جي هڪ عورت پنهنجن ڪپڙن ۽ عينڪ سميت بيهي هر هر ٽٻيون هڻي رهي هئي. ڪپهه وانگر گول، عينڪ لڳايل نهايت سنجيده چهرو، پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وري هيٺ هليو ٿي ويو. پنهنجي خيال کان هوءَ پنهنجا پاپ ڌوئي رهي هئي. انهي بي حد سنجيدي ۽ عينڪ لڳل چهري سان!

پوءِ مان ريلوي لائين تي پهچي ويس ۽ اتان واپس پوڙي ڏانهن مُڙيس. گنگا جو پاٽ (پيٽ) هتي تمام سوڙهو آهي. انهيءَ جي پرئين ڀر بازار ۽ گهاٽن جي وچ ۾ هڪ ديوار آهي- شيشي جي چوڪنڊن لالٽينن واري اڇي ديوار، جنهن تي هڪ نوٽيس لڳل هو، جنهن ديوار جي مٿان پرينءَ ڀر نهارڻ کان منع ٿي ڪئي. پر مان قد جو ڊگهو آهيان، پٻن ڀر بيهڻ کانسواءِ  مون منع ڪيل منظر جي هڪ جهلڪ ڏسي ورتي... پر اها ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ته مون ڇا ڏٺو.

مون دل ٻَڌي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته مان مسلمان آهيان. بازار جون ڪجهه سوڙهيون گهٽيون لتاڙي گهاٽ تي پهچي ويس. اها اصلي پوڙي هئي جتي ڀڳوان ڪنهن زماني ۾ لٿو هو. اها اُها جاءِ هئي جتي پانڊن جو هٿ جهلي انسان پنهنجي سڀني پاپن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو آهي.

گهاٽ اُس ۾ چمڪيو پئي. ساڄي هٿ تي دڪان، جيوتشي ۽ جڙي ٻوٽيون وڪندڙ ويڄن جون پڙيون هيون ۽ کاٻي هٿ تي گنگا. تکي وهڪ ۽ بي پرواهه. ڏاڍي تيزيءَ سان پنهنجي ٻه هزار ميل ڊگهي سفر تي سمنڊ سان گڏجڻ پئي ويئي.

گهاٽ زندگيءَ جي چهل پهل ۽ ڀيڙ جي شور ۽ رنگ سان ڀريل هو. گندي چانهه ۽ مٺاين جا دڪان، گهورڙيا، وڏين وڏين ڇٽين هيٺان ويٺل جٽاڌاري ساڌو. اڳڀرو ٿيس ته گهاٽي جي فرش تي ويٺل حجامن جي فوج، جيڪا ياترين جا مٿا ڪوڙڻ جي انتظار ۾ هئي، مون کي هٿن ۾ کڻي ورتو. ڪن مون کي صاحب بهادر چئي دعوت ڏني، ڪن مهاراج، ڪن راجا صاحب ۽ ڪن راءِ صاحب!

هڪ ننڍي خوبصورت پل پار ڪري مان ننڍي گهاٽ تي آيس، جنهن تي اُس ۾ ڪي عورتون پنهنجا ڪپڙا ۽ وار سڪائي رهيون هيون ۽ جٽاڌاري ساڌو ڇٽين هيٺان اَسڻ ڄمائي، اکيون ٺاري رهيا هئا ۽ ڪي اتان لانگهائو عورتن سان پڪ سان گيان ڌيان جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

رات جو دير تائين مان سراءِ جي ڪمري ۾ ليٽي پڙهندو رهيس. ڏهين وڳي منشي بجلي آف ڪري ڇڏي، پر مان ڏيئو ٻاري، ان جي جهڪي روشنيءَ ۾ هڪ وڳي تائين جاسوسي ناول، ’الماريءَ جو لاش‘ پڙهڻ ۾  مشغول رهيس. اهي جاسوسي ناول به ڪيڏي ذهانت ۽ ڪاريگريءَ سان لکيا وڃن ٿا، خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي فرار چاهين ٿا.

پڙهندي پڙهندي سمهي پيس. ان جي باوجود جو مون الماريءَ مان لاش نڪرڻ تي ڪئين خواب ڏٺا، پر منهنجي ننڊ گهري ۽ آرام واري هئي.

ٻئي ڏينهن مان رڙڪي هليو ويس. صبح جو زندگي مون کي بوج وانگي پئي لڳي. هڪ بيزار ڪندڙ ڌنڌو. زندگيءَ جي خواهش به جنسي خواهش وانگر ڪڏهن چوٽيءَ تي هوندي آهي ته ڪڏهن صفا هيٺاهين تي.

 مان ’هرجي پوڙي‘ جي رستي ڏانهن لهي آيس. سامهون لاري پئي آئي، جنهن ۾ ويٺس. سفر ڏاڍو ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ ثابت ٿيو. لاري بهادر پور جي ڳوٺ تي پندرهن منٽن لاءِ بيٺي. ڳوٺ ڪجهه دڪانن تي مشتمل هو. هڪ دڪان جي ميڙي بورڊ تي غلام قادر بالبر لکيل هو. هيٺ ڪئنچيون، پاڪيون ۽ صابڻن جون هٿ سان ڪڍيل آڏيون ابتيون تصويرون هيون. مون سوچيو، اهو حجامت ڪرائڻ جو تمام قيمتي وجهه آهي. لاري ڊرائيور کي چئي مان غلام قادر بالبر جي دڪان ۾ گهڙيس. هن چڱي مڙس اهڙي ته اخلاق ۽ ڪشاده پيشانيءَ سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ڄڻ مان سندس سڳو ڀاءُ هئس.

شيوَ ڪرائيندي مون کي ’باربر‘ جي بدران ”بالبر‘ لکڻ جي غلطي ٻڌائي. هن ڏاڍي ڀروسي سان چيو، ”جي نه، اصل ۾ بالبر ئي صحيح آهي، باربر غلط آهي. بالبر بال (وارو) مان ٺهيو آهي. ماڻهن خواه مخواه ڦٽائي باربر ڪري ڇڏيو آهي.“ مون انهيءَ دليل جي اڳيان آڻ مڃي ورتي.

ڪجهه دير رڙڪي ۾ بي مقصد رلندو رهيس. پوءِ لاريءَ ۾ هر دوار موٽي آيس. بهادرپور تي ٿوري دير ترسياسين. غلام قادر باربر جي پُروقار هستي دڪان جي ٻاهران بيٺي هئي. مون دريءَ مان هٿ لوڏيو، جنهن تي هن ڌيان نه ڏنو.

رات جو مان هردوار جي واحد سئنيما ”گنگا ٽاڪيز‘ ۾ فلم ’موجي جيون‘ ڏسڻ هليو ويس. اشتهارن جو پهريون سلائيڊ پردي تي ظاهر ٿيو! هدايت نامه خاوند- ليکڪ ڪوي راج هرنام داس بي- اي. منهنجا خدا! هي حضرت هتي به موجود هو.

فلم ختم ٿي ته مان اُداسيءَ وچان منهن ڀيلو ڪري واپس پنهنجي سراءِ جي پڃري ۾ موٽي آيس. اسٽيشن جي سامهون لنگهڻ مهل ڏاڪڻ تي هڪدم کُليل مُرڪ سان منهنجي گڏجاڻي ٿي- ڪاري شيرواني، اڇي طُري واري پڳ ۾ هڪ تمام کُليل مرڪ. اهو ٽوني هو. پر ٽوني هتي ڪيئن؟

انهيءَ اوچتي گڏجاڻي جو اثر ڪجهه مِٽيو ته مون ٽونيءَ کان پڇيو، ”مون کي هيئن تنهنجي هتي اچڻ جي ڳالهه وهم گمان ۾ ئي نه هئي.“

ٽوني مُرڪي ڏنو- اها ئي کُليل مرڪ.

”تون ڪيئن آئين؟“

”اها ئي کُليل مرڪ. پوءِ هلو چانهه پيئون. مون کي بک لڳي آهي!“

اسان ريلوي اسٽيشن جي ڊائننگ روم ۾ وڃي ويٺاسين. ٽوني چانهه ۽ ٽوسٽ جو آرڊر ڏنو ۽ ڀرُون کڻي ڄڻ منهنجو وزن ڪندي چوڻ لڳو، ”تڏهن هتي تون رومان جي ڳولها ۾ آهين. ڪو مليو به سهي؟“

مون وراڻيو، ”مليو اٿم، رڳو پُڇ جي ڪسر رهيل آهي.“

هڪ کُليل مرڪ کان پوءِ، ”سچ؟“

”سچ! اهو ته ٻڌاءِ آيو ڪڏهن آهين؟“

”ڇهين وڳي جي گاڏي... سڌو سراءِ ويس، ڏاڍي مشڪل سان پتو پيو ته تون اُتي آهين. پنهنجو صحيح نالو تو ڇو نه لکايو؟“

”اوهه... مان ان باري ۾ لکڻ ڀلجي ويس. ڳالهه اها آهي ته مان پنهنجي خوديءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. هر پراڻي شيءِ انسان کي ماضي ڏانهن ڇڪيندي آهي.“

ٽوني چانهه ڪوپ ۾ اوتي ”تون پنهنجو پاڻ کان ڀڄڻ چاهين ٿو.... ڇا هن موقعي تي ائين ممڪن آهي؟“

”منهنجو خيال آهي، جيڪڏهن انسان انهيءَ جو خواهشمند هجي ته.“

چانهه معمول جي ابتڙ تمام سٺي هئي.

ٽوني پڇيو، ”تون ائين هڪدم ڇو اٿي ڀڳين؟“

مون ڏانهنس ڏٺو ۽ چيم: ”ٽوني، توکي ياد هوندو جڏهن پاڻ ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته مون هڪ نظم لکيو هو. هڪ ننڍي، بيوقوفي جهڙي ڪچي ۽ اڻ ٺهڪندڙ شيءِ. اچو نڪري هلون- اچو ڀڄي هلون، اسان جو هتي ساهه گهٽجي ٿو. تون منهنجو مذاق اڏائيندو هئين. پر ٽوني، مان سچ چوان ٿو، انگريزي اصطلاح موجب منهنجا اهي جذبا ايندڙ حادثن جو پيش خيمو هئا. مان هتي ڇو ڀڄي آيو آهيان، انهيءَ جي ڪارڻ سمجهڻ ۾ هاڻي توکي ڪا وڌيڪ دقت نه ٿيڻ گهرجي.“

ٽوني چيو، ”زندگي سنوارڻ گهرجي، نه ڪي وڃائڻ.“

مون چيو، ”تون زندگي سنوارڻ ڪنهن کي ٿو چوين، اهو ئي ته مان امتحان پاس ڪريان، هڪ محفوظ، پر بي روح نوڪري حاصل ڪريان. ڪا بيوقوف ڳاليهر عورت پنهنجي يا منهنجي موت تائين منهنجي زندگيءَ سان چنبڙي پوي- اها رسمي رواجي زندگي، معاف ڪج، هڪ چيتي مثل آهي جا انسان کي پنهنجن چنبن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي. ادا، مان زندگيءَ جي فلسفي ۾ اسٽيونسن جو چيلو آهيان. مان ته هڪ سيلاني آواره گرد جيئن جيئرو جيئرو رهڻ چاهيان ٿو ۽ سيلاني آواره گرد وانگر رستي تي هلندي هلندي ڪنهن وڻ جي اوٽ ۾ هن خوبصورت زندگيءَ کي الوداع چوندس.“

ٽوني منهنجي ڳالهه ٻڌي رڳو ايترو چيو، ”مان توکي وٺڻ آيو آهيان ۽ توکي هلڻو پوندو.“

هن جي لهجي ۾ حد درجي جو ڀروسو هو. مون هوريان چيو، ”چڱو.“

ٽوني جي اچڻ سان رومان هميشـﮧ ائين ئي ختم ٿي ويندو هو. واپس وڃڻو پوندو هو. واپس ساڳي دنيا ۾.

ٻئي ڏينهن ٽوني ۽ مان هٿ ڏيئي سراءِ کان ٻاهر نڪتاسين. پهرين پوسٽ آفيس وياسين، پوءِ اسپورٽس جو سامان وڪرو ڪندڙ دڪان تي. ٽونيءَ کي ڊمبل ۽ ڇاتيءَ کي ويڪرو ڪندڙ اسپرنگن کي ڏسڻ ۽ آزمائڻ جو خبط آهي. ان کان پوءِ ٽونيءَ جو پروگرام ڪنگڻ ۽ چوڙين جي دڪان تي وڃڻ جو هو. هن چيو، ”چوڙي گري هردوار جي خاص صنعت آهي.“ جيتوڻيڪ مون کيس پڪ ڏياري هئي ته هردوار جي صنعت رڳو روحانيت آهي، انهيءَ کان سواءِ اتي ڪا ٻي صنعت اُسري نٿي سگهي.

ٽوني عجيب و غريب شخص آهي. ڏاڍو خوش ڪلام، خشڪ کان خشڪ موضوع تي سٺي گفتو ڪري سگهي ٿو. هر شيءِ سان دلچسپي اٿس. ڊَمبلون ۽ ڇاتي ويڪري ڪندڙ اسپرنگن کان وٺي ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙن تائين، ڪپڙن جي حِس منجهس ڏاڍي تيز آهي. ايتري قدر جو هن هردوار جي سڀني بزارن کي پنهنجي انهيءَ حِس جو شڪار ڪيو. هڪڙي ڇاڙڪي ڪپڙو نه ورتائين، پر تعجب آهي جو منجهانئن هر هڪ دڪاندار جو چهرو ڪئين تاڪيا کولڻ تي به ٻهڪندو رهيو.

ڪجهه وقت اهڙي ريت گذاري اسان وري گهاٽ تي نڪري آياسين. سج جي چمڪندڙ روشنيءَ ۾ گهاٽ پنهنجي سمورين رنگينين سميت پوري جوڀن تي هو. تصويرن جي هڪ جهرمر هئي جا کليل آسمان هيٺ ٻهڪي رهي هئي. مان ۽ ٽوني ٻئي هٿ ۾ هٿ  ڏيئي پاٺشالائن، اسٽالن ۽ ساڌوئن ڀرسان لنگهندا، سفيد پل تي آياسين، جيڪا انهيءَ گهاٽ کي برلاٽاور واري گهاٽ سان ڳنڍي ٿي. ٽوني هر شيءِ ۾ دلچسپي وٺي رهيو هو. وڏين وڏين ڇٽين هيٺان، ڀڀوت لڳل ساڌو تلڪ لڳائيندڙ پانڊا، ٽٻيون هڻندڙ ياتري، هر ڪنهن ۾ ٽوني لاءِ دلچسپي جو سامان موجود هو، ۽ منهنجو ٽوني کي آسپاس جي شين سان متعارف ڪرائڻ ۽ انهن کي ڏيکارڻ جو انداز ڪجهه اهڙو هو ڄڻ مان پنهنجي جاگير ۾ پنهنجي ڪنهن دوست کي هيڏانهن هوڏانهن گهمائي رهيو هجان.

ڪجهه دير گهمڻ کان پوءِ اسان سڙڪ تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ڏانهن وڌياسين ته رستي ۾ اسان کي عجيب و غريب عورت ملي.

مان هتي چٽو چوڻ چاهيان ٿو ته هيستائين جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، دراصل انهيءَ عجيب و غريب عورت لاءِ لکيو آهي. مان هن سان مليس، مون کيس محسوس ڪيو. هو انهن عورتن مان هئي، جيڪي گهاٽ تي بيک پني پيٽ ڀرينديون ۽ تن ڍڪينديون آهن. پر سندس هڪ هڪ خط و خال چيو ٿي ته هوءَ عورت کان يا ته تمام وڌيڪ آهي، يا تمام گهٽ، پر اها گهٽتائي به تمام گهري هئي جيڪڏهن هئي ته:

هن جون اکيون صاف ۽ بي باڪ هيون، پر انهيءَ بي باڪيءَ ۾ پري تمام پري هڪ تمام گهڻي سادي نگاهه ڄڻ هڪ هنڌ پئجي مٽيءَ هاڻي ٿي وئي هئي. هيٺيون چپ ڪجهه عجيب مزاحيه انداز ۾ هيٺ لڙيل هو. هن جا ٻئي چپ پاڻ ۾ ڪڏهن نٿي مليا، شايد انهيءَ ڀؤ کان ته جيڪڏهن مليا ته هڪ ٻئي سان چنبڙي ويندا.

هوءَ ننهن کان چوٽيءَ تائين گڏيل سڏيل سرڪشي يا گستاخي ۽ هڪ جلندڙ خواهش يا جلي ويل خواهش جو تاثر هئي.

مون کي سڌ ناهي، منهنجي انهن لفظن جو مطلب به آهي يا نه. هوءَ هڪ جلي ويل عورت هئي، جنهن جا وٽ اڃا تائين نه نڪتا هئا.

پل تي اسان جي سامهون ايندي ئي هن عجيب مزاحيه انداز ۾ چيو، ”اچو ڳالهيون ڪريون، هوڏانهن هُن گهاٽ تي گنگا مائيءَ جي ڀرسان ويهي ڳالهيون ڪريون.“

”ڳالهيون ڪريون!“ ٽوني پنهنجن چپن تي اها خاص مرڪ پيدا ڪئي، جيڪا هو عورتن جون دليون جيتڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. اها مرڪ تمام مٺي ۽ چمڪندڙ مرڪ هوندي آهي، جنهن ۾ هڪ دلگير جوڌي جو احساسِ تنهائي چٽو پڙهي سگهبو آهي.

ٽوني مڪمل ترين پيشه ور عاشق آهي. مون کي حيرت لڳي ته انهيءَ عورت لاءِ هن اهو حربو ڇو استعمال ڪيو، پر مون سوچيو ته عورت ڪابه هجي، هن جي اندر ۾ رحم جي جذبي کي ڇيڙڻ شايد ضروري هوندو آهي.

ٽوني کانئس ڏاڍي نَرمائيءَ سان پڇيو، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

عورت پولار ۾ ڏسندي چيو، ”منهنجو نالو؟ منهنجا ته گهڻي ئي نالا آهن، جانڪي ٻائي، سنيهه پرڀا، ڌرتي ماتا، سيتا ۽ مدر انڊيا.“

وات اهڙو هئس جهڙو ٻار جو هجي، پر وقت کان اڳ وڏو ٿي ويو هجي. صاف ۽ بي لاڳ اکين ۾ هڪ نه ٻڌائڻ جوڳي اُداسي هئي، هڪ وڃايل روشني.

ٽوني دلچسپي وٺندي رڳو ايترو چيو، ”واهه!“

انهيءَ عورت، جنهن جا هيترا سارا نالا هئا، دريا جي جهرمر ڪندڙ وسعتن ڏانهن پنهنجي نيري ڀوري هٿ سان اشارو ڪندي چيو، ”اچو ته، هوڏانهن گنگا مائي جي ڀرسان ويهي ڳالهيون ڪريون.“

ٽوني چيو، ”هتي ئي ٿا ويهي رهون، ڳالهيون ئي ته آهن، ڪٿي به ڪريون ڪيئن؟“

”چڱو.“

هن مڃي ورتو، اسان ٽيئي پل جي فرش تي، ڀت جي لاهي ڀرسان ويهي رهياسين. ٽوني، مان ۽ انهيءَ عورت کانسواءِ ڪيترن ئي قسمن جا ملنگ، ياتري، ساڌو، پانڊا، لچا لوفر انهيءَ پل تان گذري رهيا هئا. منجهانئن گهڻن تجسس ڀريل نگاهن سان اسان ڏانهن ڏٺو ٿي. گهڻو ڪري سوچيو هوندائون ته اسان گهاٽ جي انهيءَ عورت سان ويهي ڇا پئي ڪيو.

ڀت جي لاهيءَ کان هيٺ پوتر تلاءُ هو، جيڪو عورتن لاءِ مخصوص هو. ٽٻي کائڻ کان پوءِ جنهن وقت انساني ڏيڏريون ٻاهر نڪتيون ٿي ته اڳي کان گهڻو کلڻ هاب ۽ غليظ ڏسڻ ۾ آيون ٿي. تعجب آهي ته اهو پاڻي جنهن سندن جسمن جي غلاظت دور نٿي ڪئي، سندن آتمائن کي ڪيئن ڌوئيندو هوندو.

لڳ ڀڳ ٽي ساڍا ٽي فوٽ گهري پاڻي ۾ ڇهه ست ڇوڪريون ۽ عورتون پنهنجين ساڙهين ۽ ڌوتين سان بيهي ٽٻيون هڻي رهيون هيون. جڏهن ٻاهر نڪتيون ٿي ته هڪ عجيب انداز سان مرڪيون ٿي. سندن جسمن جا سڀ خدوخال، سڀ اُڀار ۽ خم، سڀ راز ۽ اسرار جامي کان ٻاهر هئا. ٽوني تمام پُرسڪون مبصر آهي، هو انهيءَ نظاري کي ڏسي رهيو هو ۽ گهاٽ جي انهيءَ بيکارڻ ڏانهن متوجهه هو. جڏهن هن پنهنجي ڦاٽل قميص جي کيسي مان ريڊليمپ سگريٽن جو پيڪٽ ڪڍيو ۽ اسان ڏانهن وڌايو ته ٽوني سندس ٿورو مڃي هڪ سگريٽ ورتو.

انهيءَ عورت اسان ٻنهي جا سگريٽ دکايا، هڪ پاڻ لاءِ دکايائين. پوءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون.

ٽوني پڇيو، ”تون ڪير آهين، ڇا ڪندين آهين؟“

عورت وراڻيو، ”تو پريم اديب جو نالو ٻڌو ناهي، هن مون سان بيوفائي ڪئي آهي. مون هن سان فلم ۾ هيروئن جو پارٽ ڪيو هو. هن مون سان شاديءَ جو وعدو ڪيو، پر هو هڪ ٻي عورت وٺي آيو... مان هتي گنگا مائيءَ جي چرڻن ۾ جيون گهارڻ لاءِ هلي آيس.“

ٽوني مون ڏانهن ڏٺو. فلمن سان سندس ڪا دلچسپي ناهي. مون کيس ٻڌايو، ”پريم اديب هڪ ائڪٽر آهي... ڪافي مشهور ايڪٽر آهي.“

ٽوني انهيءَ عورت کان پڇيو، ”اُتي فلم ۾ تنهنجو نالو ڇا هو؟“

هن فوراً وراڻيو، ”سوڀنا سمرٿ.“

ظاهر آهي ته هوءَ سوڀنا سمرٿ نه هئي. غير ارادي طور تي منهنجي وات مان نڪري ويو، ”هرگز نه... ٽوني هيءَ ڪوڙ ٿي ڳالهائي.“

مايوسيءَ جو تمام گهرو پاڇو انهيءَ عورت جي چهري تي پيو، ٿوري دير کان پوءِ گذري ويو مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته مون هن جي خود فريبيءَ جي آبگيني کي ڌڪ هنيو هو.

هوءَ اصرار ڪرڻ لڳي، ته....“ مان سوڀنا سمرٿ آهيان... مان ئي سوڀنا سمرٿ آهيان... سوڀنا سمرٿ ئي ته آهيان.... سوڀنا سمرٿ!“

انهيءَ تڪرار سان هوءَ مون کي نه، دراصل خود کي پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته هوءَ سوڀنا سمرٿ آهي... مان ڪوڙو آهيان ۽ هوءَ سچي آهي... پنهنجي پاڻ کي وڌيڪ پڪ ڏياڻ خاطر هن هڪ فلمي گيت ڌيمي ڌيمي سر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو... آواز ۾ فن نه هو، پر درد موجود هو.

ٽوني پڇيو، ”تون ڪٿي جي آهين؟“

هن وراڻيو، ”مان... مان امرتسر جي آهيان.“

”اوهه... تنهنجو نالو؟“ انهيءَ عورت ٽونيءَ کان پڇيو.

”رام چندر!“ چپن تي اهائي مرڪ ڦهليل هئي.

عورت ٽونيءَ ڏانهن غور ان ڏٺو، تنهنجي شڪل به رام جهڙي آهي.“ مون کي مخاطب ٿيندي هن پڇيو ”تنهنجو نالو؟“

”منهنجو.... مرلي ڌر.“ مون کي ڪڏهن ڪو رومانوي نالو نه سُجهيو.

عورت مرڪي، ”تنهنجي هٿ ۾ ته مرلي آهي ڪانه.“

مان وسامي ويس... پر هردوار ۾ جتي هَر لٿو هو، گلابي فضا ۾ ريڊ ليمپ جو دونهون چپن مان ڪڍندي، مون کي هڪ کن لاءِ محسوس ٿيو ته رومان منهنجي زندگيءَ جي ڪلهن کي ڇهي ويو آهي... منهنجو نه ڪنهن ٻئي جو... پر ڄاتل سڃاتل.

اسان ڪجهه دير ڳالهيون ڪندا رهياسين. هيٺ تلاءَ ۾ عورتون پنهنجا گناهه ڌوئينديون رهيون.... ڪڏهن ڪڏهن ٽوني جي نگاهه اوڏانهن هلي ٿي ويئي. جانڪي يا سوڀنا ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اٿي ۽ پُل جي ڀت لاهي ڀرسان وڃي هن وهنجندڙ عورتن کي اهڙيون ڪچيون گاريون ڏنيون جو اهي هراسجي پنهنجا پاپ ڌوئڻ ڇڏي ٻاهر نڪري ويئون. جڏهن هوءَ ٽونيءَ جي ڀرسان اچي ويٺي ته هن کانئس پڇيو، ”تو ڀڄائي ڪڍيو انهن کي؟“

عورت ڪا ورندي ڪانه ڏني... پولار ۾ ڪجهه منٽ ڏسي پنهنجي اکين مان ڪاوڙ جي مير صاف ڪري، هوءَ ٽونيءَ سان مخاطب ٿي، ”مون کي هڪ ڪمبل وٺي ڏي رام... رات جو ڏاڍو سيءُ ٿو لڳي.“

مون کي حيرت آهي، ٽونيءَ ڏاڍي رکي انداز ۾ کيس چيو، ”اسان وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“

عورت سادگيءَ سان چيو، ”مون کي ڪمبل وٺي ڏي نه!“

ٽونيءَ وري ساڳي رکي انداز ۾ وراڻيو، ”نه“ پر فوراً ئي سندس لهجو بدلجي ويو، ”تون اسان سان گڏجي هل... هتي گهاٽ تي ڇا رکيو آهي... اسان ٽيئي گڏ رهنداسين... ٺيڪ آهي؟“

”مان... مان ڪٿي رهنديس؟“

”جتي اسان ٻئي رهنداسين... اسان سان گڏ.“

عورت جي اکين ۾ اها جيڪا، پري، تمام پري هڪ ميٽاڻي شيءِ هئي، روشن ٿي... ۽ پوءِ اها ئي شيءِ ٻن وڏن لڙڪن ۾ تبديل ٿي ويئي. ٿورائتي ٿيڻ جي لهجي ۾ چيائين، ”رام به اهڙو ئي هو.“

اهو چئي هوءَ پولار ۾ گهورڻ لڳي. ٽونيءَ پڇيس، ”ڪيئن؟“

”تو جهڙو، بلڪل تو جهڙو... تو جهڙو سندر ۽ ڀڳت“، پولار ۾ کتل نگاهون ٽونيءَ ڏانهن ڦيري، هن ٻارن وانگيان چيو، ”تون مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندين؟“

ٽونيءَ مون ڏانهن اشارو ڪري کانئس پڇيو، ”هيءُ ڪيئن ٿو لڳي توکي؟“

عورت ڏاڍي ڀروسي سان وراڻيو، ”هيءُ... هيءُ لڪشمڻ آهي.... لڪشمڻ.“

ڪٿي مان ۽ ڪٿي ماٺيڻو رام جو البيلو، مٿس ساهه ڇڏيندڙ ڀاءُ لڪشمڻ. مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ لڪشمڻ جي شان ۾ مون کان گستاخي ٿي ويئي هجي.

ٽونيءَ وري ڏاڍي پيار وچان عورت کان پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“

ٽونيءَ جي لهجي ۾ اولاد هجڻ جو جذبو پيدا ٿي ويو، ”سيتا نه... ڪوشليا... رام لڪشمڻ جي ماءُ ڪوشليا!“

”سيتا ته؟“ هن جي لهجي ۾ تمام گهڻو تپرس هو... انهيءَ ٻار جو تپرس جنهن جي پڪ کي اهو چئي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ”بابا نه مامون.“ ۽ هو وات کولي چوي، ”مامون؟“

ٽوني قطعيت سان چيو، ”نه.“

”نه“ ۽ انهيءَ ڪيترن ئي نالن واري عورت جي اکين مان ڪيترائي لڙڪ لڙي پيا.

ٽونيءَ جو لهجو فوراً ئي تمام ملائم ٿي ويو، ”تون اسان سان گڏ هل... اسان توکي پنهنجي ماءُ وانگيان گهرنداسين... تنهنجي خدمت ڪنداسين... اسان توکي پنهنجي محبت ڀري دل ڏينداسين!“

”دل؟“ انهيءَ عورت جون اکيون کُلي ڊيڄاريندڙ ٿي ويون. ”دل؟ ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي اوهان جي محبت ڀري دل؟“ هن پنهنجا وڏن نهن وارا هٿ ائين وڌايا، ڄڻ هوءَ ٽونيءَ جي دل پٽي ٻاهر ڪڍي وٺندي، پر فوراً ئي هن پنهنجو هٿ پوئتي هٽائي ڇڏيو. ”ماءُ جي محبت نٿي ٿي سگهي. محبت استريءَ سان ٿيندي آهي. شِوَ جي پاروتيءَ سان، شام  جي راڌا سان، رام جي سيتا سان، مان تنهنجي سيتا آهيان. مان توسان اهڙيءَ طرح محبت ڪنديس جهڙيءَ طرح سيتا رام سان ڪندي هئي.“

ٽوني ۽ مان ٻئي سمجهي ويا هئاسين ته اها عورت محبت جي بُکي آهي، اڃا به وڌيڪ بُکي آهي. انهيءَ ڪري جو هن جي اڳيان هڪ ڀيرو ماني ٽُڪر وجهي واپس کنيا ويا آهن. هوءَ بيک مڱي رهي هئي. هڪ حفاظت ڪرڻ، ٻچڪارڻ واري مضبوط هٿ جي، ۽ ٽوني کانئس مامتا طلب ڪري رهيو هو، جيڪا هن پنهنجي وجود ۾ ڪنهن ٻئي لاءِ محفوظ رکڻ گهُري ٿي، انهيءَ نئين جيوَ لاءِ ڌنڌليون تصويرون هوءَ هزارين ڀيرا پنهنجي ڪُک ۾ ٺاهي ۽ مٽائي چڪي هوندي.

ٽوني ڏاڍي بي جگريءَ سان کيس چيو، ”نه سيتا نه.“

عورت مايوس ٿي ويئي ۽ پولار ۾ ڏسڻ لڳي، جتي شايد سندس رام وڃائجي ويو هو، ٿوري دير خاموش رهڻ کانپوءِ هن هڪ ٻي ڪوشش ڪئي. ٽونيءَ سان مخاطب ٿي، هن دل کي ميڻ ڪندڙ لهجي ۾ چوڻ شروع ڪيو، ”تيرنهن ورهين کان گنجا مائي جي چرڻن ۾ پئي واٽ ڏسان، منهنجو رام هڪ ڏينهن ايندو ضرور ايندو، ضرور ايندو، ۽ مون کي وٺي ويندو.“ پوءِ هن هوريان چيو، ”گنگا مائي مون کي وچن ڏنو هو، پاڻيءَ جي بوندن مون کي ڪن ۾ ٻڌايو هو: ’جانڪي چنتا نه ڪر، تنهنجو رام ضرور ايندو.‘ هن جو آواز وڏو ٿي ويو، ’سو اڄ منهنجو رام اچي ويو، مون ڪالهه رات سيءَ ۾ ڪنبندي ڪبندي هڪ سپنو به ڏٺو هو.‘ ڄڻ هن اکيون بند ڪري سپني کي ياد ڪيو هجي، ”ڄڻ رام ۽ لڪشمڻ ٻئي منهنجي دواري بکايل ۽ اڃايل آيا هجن، رام تنهنجي شڪل جو هو ۽ لڪشمڻ هن جي شڪل جو.“ هن مون ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ٽوني ڏانهن بيک مڱندڙ اکين سان ڏٺائين، پر کيس خواب جو جواب نه مليو.

بيحد مايوس ٿي هوءَ اٿي بيٺي ۽ جيئن هڪ پاڇو هلندو آهي، تيئن هوءَ هوريان هوريان ڏاڪڻ تان لهي رواني ٿي وئي، ۽ ٿوري دير کان پوءِ گهاٽ جي بي شمار روشنيءَ جي داغن ۾ گم ٿي ويئي.

مان سوچي رهيو هوس ته ڪيترن ئي نالن واري عورت جيڪا تيرنهن ورهين کان گنگا مائي جي چرنن ۾ پنهنجي رام جو انتظار ڪري رهي آهي، شايد هميشـﮧ جي لاءِ منهنجي زندگي مان هلي ويئي آهي، ۽ مان رام جو ڪردار پنهنجي ڪردار ۾ سموئيندي رهجي ويو آهيان. انسان به ڪيتري قدر ڪمزور، ڪيتري قدر عاجز ۽ ڪيتري قدر رحم جوڳي حد تائين بيوقوف آهي.

مون سوچيو ته اها عورت ڪيستائين پنهنجي وهم ڀرئي رام جو انتظار ڪندي رهندي؟ ڪيستائين ائين ئي محبت جي بک پنندي رهندي؟... ڪيستائين؟.... هڪ ڏينهن ائين ئي پولار ۾ ڏسندي ڏسندي مري ويندي.

ڇا ٻئي جنم ۾ پنهنجي رام کي حاصل ڪندي؟... ڪهڙي خبر؟

مون سوچيو، هن عورت چوريون ڪيون هونديون، ۽ پڪ سان پانڊن، ساڌن ۽ حجامن جي مڪروهه ٻانهن ۾ به سُتي هوندي. هيءَ عورت جنهن جا گهڻا نالا هئا ۽ جنهن جي آتما گنگا جل کان گهڻو پوتر هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com