مقالا
”ڀائرو! اوهان ۾ غيرت آهي، ته اُٿو! پنهنجي اباڻي ورثي جي سنڀال ڪريو! جا
ٻولي مخدوم ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم، سيد
عبداللطيف، بزرگ گرهوڙيءَ ۽ ٻين عاليشان هستين جي
هنج ۾ پَلي آهي، ۽ جيڪا لفظن ۽ اصطلاحن ۽ ٻين
ڪلامي خوبين جي ڪري ڪنهن به ٻوليءَ کان گهٽ نه پر
گهڻو بلند ۽ بالا آهي، تنهن کي اوهين نڌڻڪو ڇڏي
ڏيندا؟ جنهن قوم کي پنهنجو ’ادب‘ نه آهي، سا اڄ
ڪنهن به قطار ۾ نه آهي: جيڪڏهن اوهان پنهنجو ادب
وساريو، ته ڌوٻيءَ جي ڪُتي وانگر نه گهر جا ٿيندا،
نه گهاٽ جا! اکيون پَٽيو، جاڳو، پنهنجو ورثو
سنڀاليو، نه ته ستت اوهان کي پڇتاءُ جون تريون
مَهٽڻيون پونديون.!“
- شس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو
سيوهڻ- سياحن ۽ پرڏيهي مورخن جي نظر ۾
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ڪيترائي ٻاهريان سياح سنڌ ۾ آيا آهن ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان گڏ
سيوهڻ به گهمي ويا آهن. انهن پنهنجن سفرنامن ۽
ڪتابن ۾ سيوهڻ جي طبعي حالتن، ثقافت، بزرگن ۽ ٻين
ڪيترين ڳالهين جو حوالو ڏنو آهي. انهن کان سواءِ
ڪيترن ئي پرڏيهي مورخن، عالمن ۽ بزرگن به پنهنجن
ڪتابن ۾ سيوهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. انهن سياحن، مورخن
۽ عالمن جي بيانن کي هن مقالي ۾ ترتيب سان يڪجاءِ
ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. اهڙيءَ طرح هن مقالي ۾ ڪجهه
اهڙو مواد به آندو پيو وڃي، جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن به
سنڌي زبان ۾ لکيل مقالن ۽ ڪتابن ۾ نه آيو آهي. هن
مقالي ۾ انهن تاريخن، ڪتابن ۽ مقالن جو مواد نه
ڏنو ويو آهي، جيڪي قديم زماني ۾ توڙي موجوده دور ۾
سنڌي، فارسي، عربي، انگيزي ۽ اردو زبانن ۾ سنڌ ۾
لکيو ويو آهي. ان کان سواءِ انهن تاريخن ۽ ڪتابن ۾
آيل مواد جو جائزو به نه ڏنو ويو آهي، جيڪي ماضي
قريب ۾ قيام پاڪستان کان ٿورو اڳ يا پوءِ اردوءَ ۾
لکيو ويو.
سياحن ۽ پرڏيهي مورخن جي بيانن جو جائزو هن طرح ترتيب وار پيش
ڪجي ٿو، جيئن تاريخ، ثقافت، علم ادب، بزرگن جي
سوانح ۽ طبعي حالتن جا مختلف پهلو روشن ٿين.
”سيوهڻ“ جو نالو
تاريخن ۽ سفرنامن ۾ هن شهر ۽ علائقي جا جدا جدا نالا آيل آهن.
يوناني تاريخدانن جي بيانن مان موجوده دور جي ڪن
تاريخدانن ”موسيڪانوس“ مان ”اروڙ“ ۽ ”سنڊيمانا“
مان ”سيوهڻ“ مطلب ڪڍيو ويو آهي. وليم وِنسينٽ“
(William Vincent) لِيرڪس جو جهازي سفر
(Voyage of Nearchus)
نالي ڪتاب مرتب ڪيو، جيڪو لنڊن مان 1797ع تي ڇپيو.
ان ۾ هن سوگدي
(Sogdi)
مان مطلب ”بکر“ ورتو آهي ۽ موسيڪانوس
(Musikanus)
مان مراد سيوهڻ وارو شهر ورتو آهي.
(1)
ڪننگهام، هندستان جي قديم جاگرافي ۾ لکيو آهي، ته سنڊيمانا شهر
وٽ جابلو قومن جي بادشاهه ”سامبوس“، سڪندر جي
سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا. مسٽر جي. ڊبليو سمٿ هن
سامبوس کي گزيٽيئر ۾ ”شايد سمو“ ڪري ڄاڻايو آهي.
عرب تاريخدان احمد بن ابي يعقوب بن جعفر پنهنجي تاريخ ”تاريخ
اليعقوبي“ ۾ ”سهبان“ لکيو آهي.(2)
بلاذري به ”سهبان“ لکيو آهي، پر ان شهر جي
پسگردائيءَ ۾ ٻئي شهر کي ”سد-سان“ سڏيو آهي. سندس
بيان هن طرح آهي:
”محمد بن قاسم جنهن رستي تان لنگهيو، فتح کان سواءِ اڳتي نه
وڌيو، تان جو مهراڻ جي تمام ويجهي علائقي ۾ هڪ نهر
ٽپيو. سربيدس جو سمني وٽس آيو ۽ اتي جي رهاڪن جي
وچ ۾ صلح ڪرايائين. محمد بن قاسم انهن جو خراج
مقرر ڪيو. ”سهبان“ پهتو ۽ ان کي فتح ڪري، مهراڻ
عبور ڪرڻ جي ارادي سان وچ واري علائقي ۾ لٿو. ڏاهر
اها خبر ٻڌي لڙائي لاءِ تيار ٿيو.
محمد بن قاسم درياءَ ٽپڻ جي سٽ سٽڻ لاءِ پاڻ ته هتي ترسيو، پر
محمد بن مصعب کي هٿيار پنوهار ڏئي ”سدوسان“
موڪليائين. هي جڏهن هتي پهتو، ته اتي جي رهاڪن
امان گهري ۽ انهن جي سمني ٻنهي جي وچ ۾ صلح جي
ڪوشش ڪئي. ابن مصعب سندن درخواست قبول ڪئي، خراج
مقرر ڪيو، عهدنامي جي پابندي جي ضمانت ورتي،
پنهنجي ماڻهن مان هڪ کي انهن تي عامل مقرر ڪيو ۽
چار هزار جت ساڻ ڪري محمد بن قاسم وٽ موٽي آيو.“
(1)
چچ نامي ۾ به لڳ ڀڳ ساڳيو احوال آيو آهي. البت محمد بن قاسم
جيڪا نهر ٽپيو، ان جو نالو ”موج“ ڄاڻايو ويو آهي ۽
ان کي نيران کان 30 فرلانگن جي پنڌ تي ڏيکاريو ويو
آهي. ”سيوهڻ“ لاءِ ”سيوستان“ نالو آندو ويو آهي.
سيوهڻ جي حاڪم جو نالو بجهراءِ ڏيکاريو ويو آهي،
جنهن ٻُڌي شمنين جي سمجهائڻ جي باوجود قلعه بند ٿي
محمد بن قاسم سان جنگ جوٽي. آخر مقابلي جي سَٽَ
سهي نه سگهيو ۽ هڪ رات لڪي ڀڄي وڃي، ٻڌيه جي حد ۾
پهتو. انهيءَ وقت ٻڌيه جو راجا ڪاڪو بن ڪوتل نالي
شمني ڀِڪُو هو. سندس قلعو ڪُنڀ نهر جي ڪناري
”سيسم“ نالي هو.
(2)
يعني سيوهڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم ان جي پسگردائيءَ ۾
جيڪو ٻيو قلعو فتح ڪيو، ان کي چچ نامي جو صاحب
”سيسم“ لکي ٿو ته بلاذري ان کي ”سدوسان“ سڏي ٿو.
محمد بن قاسم فرشته تاريخ فرشته ۾ سيوهڻ جي حاڪم
جو نالو ”کجراءِ“ ۽ ”سيسم“ جو نالو ”سليم“ ڪري
لکيو آهي.
(3)معلوم
ٿئي ٿو ته فرشته ۾ جيڪو احوال آندو ويو آهي، اهو
اختصار سان چچ نامي تان ورتو ويو آهي ۽ راجا توڙي
شهر جو نالو بگاڙي لکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچ نامي جي حاشيءَ ۾ لکيو آهي ته”موج“
نهر نئن سن آهي ۽ ”ڪنڀ“ منڇر آهي(1)
. ”سيسم“ لاءِ هيگ لکيو آهي ته ”اهو شاهه حسن“ آهي
(2)،
پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ راءِ کي رد ڪري ٿو.
(3)
چچ نامي ۾ آيو آهي ته محمد بن قاسم سيسم جي قلعي تي حملي ڪرڻ
لاءِ روانو ٿي، ڪنڀ جي ڪناري تي ”بندهان“ نالي هڪ
منزل وٽ اچي لٿو(4).
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب چچ نامي جي ڪن نسخن ۾
”بندهان“ جي بدران ”نيلهان“ به آيو آهي(5)
هيگ انهيءَ بستيءَ کي موجوده ”ٻلهڻ“ ڳوٺ سمجهي ٿو،
جيڪو سيوهڻ کان 77 ميلن جي مفاصلي تي منڇر جي
ڪناري تي آهي.
(6)
هن ناچيز اهي ماڳ مڪان ڪيترائي ڀيرا چڱيءَ طرح گهمي ڏٺا آهن.
موجوده ٻلهڻ ڳوٺ جي ڀرسان مون کي هڪ دڙو نظر آيو،
جيڪو ڪنهن قديم قلعي جي جڳهه معلوم ٿي ٿيو. اهو
دڙو هوريان هوريان ختم ٿيندو ويو، ڇاڪاڻ جو ان کي
ڪٽي آباديءَ هيٺ آندو ويو. هينئر ان جا ٿورا نشان
وڃي بچيا آهن. معلوم ٿئي ٿو ته هيگ جي راءِ صحيح
آهي. ”بدهان“ يا ”نيلهان“، ”ٻُلهڻ“ لفظ جي بگڙيل
بناوت آهي. ڀانئجي ٿو ته ان تي اهو نالو انهيءَ
ڪري پيو، جو هي ڳوٺ
اڙل جي منڇر ۾ ڇوڙ واري هنڌ جي ڀرسان اڙل ۽ منڇر
جي ٻيگهو ۾ آهي. هن راءِ کي ان مان به هٿي ملي ٿي،
ته ٻلهڻ جا جيڪي رهاڪو آهن، اهي ”ڪاڪي پوٽا“ ابڙا
آهن. باقي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اها راءِ صحيح معلوم
نه ٿي ٿئي، ته اصل نالو ”بندهان“ هجي ۽ منڇر جي
ڪنهن قديم بند سبب انهيءَ بستيءَ تي اهو نالو پيو
هجي يا ممڪن آهي ته اهو نالو اصل ۾ ”ٻڌاڻ“ هجي.
(1)البت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اها راءِ صحيح معلوم ٿئي ٿي: ”موج“،
”نئن سن“ کي سڏيو ويو آهي ۽ ”ڪنڀ“ منڇر لاءِ آيو
آهي.
اصطخري، ”المسالڪ الممالڪ“ ۾ ”سدوسان“ آندو آهي. هن سنڌ جي شهرن
جا هي نالا ڏيکاريا آهن: منصوره، برهمنما باد،
ديبل، قانري، اتري، بلري، مواهي، بهرج، بانيه،
سدوسان، الرور(2)
ادريسي ۽ ابن حوقل ”سدوسان“ ڄاڻايو آهي.
ائين ٿو معلوم ٿئي ته سيسم يا سدوسان، سيوهڻ کان جدا ٻيو شهر
هو؛ پر جيئن ته انهن جو تلفظ لڳ ڀڳ ساڳيو هو،
انهيءَ ڪري ڪن ليکڪن انهن کي گڏي سڏي لکيو آهي. هن
ناچيز جي تحقيق موجب ”سيسم“ يا ”سدوسان“ اصل ۾
”سوسٿان“ آهي، جيڪو شو/سو+ اسٿان مان بنيو آهي،
جنهن کي پوين ڪتابن ۾ ”سيوستان“ ڪري لکيو ويو آهي.
سيوهڻ، سو*شو+ واهڻ مان بنيو آهي. ائين ڪونهي، ته
سوسٿان ۽ سيوهڻ هڪ ئي شهر جا نالا آهن. ان جو وڏو
ثبوت بلاذري جو بيان آهي، جيڪو ”سهبان“ جدا شهر کي
سڏي ٿو. ۽ ”سدوسان“ ٻئي شهر کي چوي ٿو. بلاذري کان
سواءِ يعقوبيءَ به ”سهبان“ نالو آندو آهي، ان مان
صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن شهر تي ”سيوهڻ“ نالو تمام
قديم زماني کان هليو اچي ٿو، جنهن کي عرب مورخن
بگيڙي ”سهبان“ ڪري ليکيو آهي.
علائقو:
سيوهڻ نه فقط شهر هو، پر قديم زماني کان علائقو به هو. چچ نامي
مان به اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سيوهڻ، قديم
زماني کان علائقو هليو ٿي آيو. علامه ابوالفضل،
آئين اڪبري ۾ سيوهڻ جي علائقي يا سرڪار سيوستان جا
9 محل (تعلقا) ڏيکاريا آهن، جيڪي هن ريت آهن باتر
(پاٽ)، باغبان، بن (ڀان)، بوسڪان (بوبڪان- بوبڪ)
جنجه، خطه، حويلي سيوستان، ڳاهان ۽ لاکاوٽ.
(1)
علامه ابوالفضل اهو به ڄاڻايو آهي ته حويلي سيوستان ۾ هڪ مضبوط
قلعو به آهي.
(2)ان
مان ظاهر ٿئي ٿو ته مغل دور ۾ سيوهڻ جو قلعو نه
صرف سلامت هو، پر مضبوط به هو.
علائقي جو تاريخي پس منظر:
راءِ گهراڻي توڙي برهمڻ گهراڻي جي زماني ۾ سيوهڻ علائقو هو ۽ ان
تي مرڪزي حڪومت جي ماتحت هڪ نائب حڪومت ڪندو هو.
محمد بن قاسم جي حملي وقت بجهراءِ هتي جو حاڪم هو.
محمد بن قاسم کان اڳ ۾ حجاج بن يوسف مڪران ۽ سنڌ
فتح ڪرڻ لاءِ محمد هارون کي موڪليو، جنهن کي ڪيچ-
مڪران سان گڏ سيوستان کي به فتح ڪرڻو هو. خواجه
نعمت الله هروي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ خان جهاني و
مخزن افغاني ۾ لکيو آهي:
”سنه 86هه (705ع) ۾ حجاج بن يوسف محمد هارون کي فوج جو هڪ دستو
ڏئي، سيوستان، ڪيچ- مڪران ۽ ان جي پسگردائيءَ جي
گرم علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ شيراز جي رستي موڪليو.
محمد هارون هتي پهچي بار بار حملا ڪيا، پر آخر هڪ
جهڙپ ۾ شهيد ٿي ويو.(1)
عربن کان پوءِ سومرا سنڌ جا حڪمران ٿيا. تاريخن مان معلوم ٿئي
ٿو ته، سومرن جي ڏينهن ۾ سيوهڻ وارو علائقو سومرن
جي قبضي ۾ ڪونه هو؛ پر اتي جو حاڪم دهلي حڪومت جي
ماتحت هو، يحيى بن احمد سرهندي پنهنجي ڪتاب تاريخ
مبارڪ شاهي ۾ لکيو آهي:
”جڏهن سلطان قطب الدين (ايبڪ) وفات ڪئي، ته قطب الدين جي اميرن
فتني ۽ فساد کي روڪڻ لاءِ آرام شاهه بن سلطان قطب
الدين کي تخت تي ويهاريو. ان تي سلطان قطب الدين
جو نياڻو ناصرالدين قباچه سنڌ طرف وڌيو ۽ ملتان،
اُچ، بکر ۽ سيوستان جي علائقي تي قابض ٿي ويو.“
(2)
منهاج سراج پنهنجي ڪتاب ”طبقات ناصري“ ۾ لکيو آهي ته هو سيوهڻ
کان اڳتي ديبل تائين قابض ٿي ويو. هو سيوستان جي
بدران سيوهڻ لاءِ ”سوستان“ ۽ ديبل لاءِ ”ديول“ آڻي
ٿو، لکيو اٿس ته:
”مطلب ته ناصرالدين قباچه، سلطان قطب الدين جي وفات کان پوءِ
اُچ هليو ويو ۽ ملتان تي قبضو ڪيائين. سوستان
(سيوستان) ۽ ديول (ديبل) به سمنڊ جي ڪناري تائين
سندس قبضي ۾ اچي ويا. هن سنڌ جا قلعا ۽ شهر به هٿ
هيٺ ڪيا.(1)
انهن ڏينهن ۾ خراسان تي چنگيز خان تاتاريءَ جي مصيبت اچي ڪڙڪي.
619هه (1222ع) جلال الدين خوارزم شاه تاتارين کان
شڪست کائي ڀڳو ۽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ آيو، هو ملڪ
لتاڙيندو ديبل تائين ويو ۽ ديبل سندس هٿان برباد
ٿيو. طبقات ناصري وارو لکي ٿو:
”619هه جلال الدين خوارزم شاهه تاتارين کان شڪست کاڌي. هو
هندستان هليو آيو ۽ خوارزم شاهه جو فتنو لاهور جي
سرحد تائين پهچي ويو. سلطان شمس الدين ايلتمش،
هندستاني لشڪر سان دهليءَ کان لاهور ڏانهن وڌيو.
جلال الدين خوارزم هندستاني لشڪر کان لنوائي سنڌ ۽
سيوستان طرف هليو آيو.“
(2)
ايلتمش جي ڏينهن ۾ قباچه سندس مخالفت ڪئي، ۽ خود مختياري اختيار
ڪئي. جڏهن خوارزم شاهه سنڌ ۽ پنجاب ۾ آيو، تڏهن
اُچ، ملتان، بکر ۽ سيوهڻ قباچه جي هٿ هيٺ هئا. عطا
الملڪ جوينيءَ، پنهنجي تاريخ ”جهان ڪشا“ ۾ لکيو
آهي:
”سلطان خوارزم شاهه، ملتان جي پسگردائيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ قباچه
کي ڏن موڪلڻ لاءِ لکيو، جيڪو هن ڏيڻ کان انڪار
ڪيو. سلطان ٻه ڏينهن ملتان ۾ رهي، ملتان کي باهه
ڏئي؛اُچ ڏانهن وڌيو. ان کان پوءِ هو ”سوستان“
(سيوستان- سيوهڻ) ڏانهن روانو ٿيو، جتي قباچه جو
نائب فخرالدين سالاريءَ حڪومت ڪري رهيو هو. هن
لشڪر ڏئي، پنهنجي هڪ سپهه سالار کي سلطان خوارزم
شاهه جي مقابلي لاءِ موڪليو، پر هن شڪست کاڌي.
فخرالدين پاڻ کي بي يار مددگار سمجهي، پيش پيو.
سلطان مهينو کن سيوهڻ ۾ رهيو ۽ فخرالدين کي پنهنجو
نائب مقرر ڪري پاڻ ديبل ڏانهن هليو ويو.“
(1)
سنه 623هه (1226ع) ۾ ملڪ خان خلجي سيوهڻ تي قبضو ڪيو. قباچه
سندس مقابلو ڪيو، جنهن ۾ ملڪ خان مارجي ويو. 624هه
۾ ايلتمش پنهنجي وزير نظام الملڪ محمد بن ابي سعيد
کي سنڌ جي ولايت سونپي، قباچه کي زير ڪرڻ لاءِ
موڪليو. قباچه شڪست کاڌي ۽ 9 جمادي الآخر 625هه
(1228ع) بکر وٽ سنڌونديءَ ۾ ٻڏي مئو. ان کان پوءِ
نظام الملڪ، مذڪوره علائقن جو والي ٿيو.
ايلتمش 26 شعبان سن 633هه (1236ع) تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ رڪن
الدين فيروز شاهه تخت تي ويٺو. ان کان پوءِ جڏهن
سندس پٽ سلطان مسعود شاهه ابن رڪن الدين فيروز
شاهه تخت تي ويٺو، تڏهن هن سيوستان جي والي
نورالدين محمود کي موقوف ڪري، ملڪ جلال الدين حسن
کي والي مقرر ڪيو. سنه 644هه (1246ع) ۾ ناصرالدين
محمود تخت تي ويٺو. هي نهايت نيڪ ۽ ديندار حڪمران
هو. سنه 649هه (1251ع) ۾ سلطان ناصرالدين قتلغ خان
کي سيوستان جو حاڪم مقرر ڪيو. هي اهو زمانو هو،
جڏهن حضرت قلندر شهباز رح سيوهڻ ۾ آيو. ان کان
پوءِ غياث الدين بلبن هندستان جو بادشاهه ٿيو. هن
جي طرفان سندس پٽ شهزادو محمد ملتان- اُچ ۽ سنڌ جو
گورنر هو، ۽ ملتان ۾ رهندو هو. هن جي ڏينهن ۾ حضرت
قلندر شهباز سيوهڻ مان حضرت غوث بهاؤالدين الحق
زڪريا ملتاني جي وفات کان پوءِ عذرخواهيءَ لاءِ
ملتان ويو، ۽ حضرت صدرالدين عارف سان ملاقات
ڪيائين. شهزادي محمد سان به ملاقات ڪيائين. شهزادي
محمد کيس ملتان ۾ رهڻ تي زور ڀريو، پر پاڻ قبول نه
ڪيائون.
هڪ ڏينهن سلطان محمد هڪ مجلس تيار ڪرائي، جنهن ۾ عربي سرود ٿيو.
ان مجلس ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني جو
فرزند شيخ صدرالدين عارف به موجود هو. ٻئي بزرگ
وجد جي حالت ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳا. سلطان محمد هٿ
ٻڌيو، پيرن ڀر بيٺو هو ۽ زارو زار پئي رنائين. هي
واقعو ضياءُ الدين برني جي ڪتاب ”تاريخ فيروز
شاهي“ ۾ آيل آهي(1)
اتان تاريخ معصومي، لب تاريخ سنڌ، ماثر الڪرام،
تاريخ فرشته ۽ نزهته الخواطر ۾ نقل ڪيو ويو آهي.
غياث الدين بلبن کان پوءِ ڪيقباد، هندستان جو بادشاهه ٿيو. ان
کان پوءِ خلجي گهراڻي جو مشهور حڪمران ٿي گذريو
آهي. هن جي ڏينهن ۾ به سيوستان جو حاڪم، دهلي
حڪومت جي هٿ هيٺ هو. ضياءُ الدين برني، تاريخ
فيروز شاهه ۾ لکيو آهي:
”جنهن سال الغ خان ۽ نصرت خان کي گجرات موڪليو ويو. انهيءَ ئي سال (698هه-1299ع) ظفر خان کي سيوستان جي لاءِ
نامزد ڪيو ويو. (ان کان اڳ ۾) سيوستان تي جلدي، ان
جي ڀاءُ ۽ ٻين مغل سردارن قبضو ڪيو هو. ظفر خان هڪ
وڏو لشڪر وٺي سيوستان ويو، ۽ قلعي جو گهيرو
ڪيائين. فقط تيرن، تلوارن، ناخ (ان تبر کي چوندا
آهن، جنهن کي زين سان ٻڌندا آهن. ننڍي نيزي کي به
ناخ چوندا آهن) ۽ نيزن سان مغربين منجيقن ۽ عرادن
جي استعمال کان سواءِ، ۽ ساباط، پاشيب ۽ گرگج
وغيره بنائڻ کان سواءِ، سيوستان جهڙو قلعو فتح
ڪيائون. مغل، چئني پاسن کان ايترا ته تير هڻي رهيا
هئا، جو ڪنهن پکيءَ جي مجال به نه هئي، جو قلعي جي
ڀرسان اڏامي سگهي. ان جي باوجود ظفر خان فقط تير ۽
تلوار سان ان کي فتح ڪيو؛ ۽ جلدي ان جي ڀاءُ، ۽
سڀني مغلن کي انهن جي ٻارن ٻچن سوڌو گرفتار
ڪيائون. سڀني کي ٻڌي، زنجيرن ۾ جڪڙي دهلي موڪلي
ڏنائين.“(1)
ان کان پوءِ علاؤالدين خلجي جي ڏينهن ۾ تاج الملڪ ڪافوري، ملتان
سيوستان جو حاڪم رهيو.
(2)سنه
716هه (1316ع) ۾ علاؤالدين خلجي وفات ڪئي.
ان کان پوءِ سلطان قطب الدين بادشاهه ٿيو، جنهن کي نومسلم خسرو
خان 5 ربيع الاول 720هه (1320ع) تي قتل ڪري تخت تي
ويٺو، ۽ سلطان ناصرالدين جو لقب اختيار ڪيائين.
ملڪ فخرالدين بن غازي ملڪ، سلطان علاؤالدين خلجي
جي خاندان جي تباهيءَ تي دل ۾ پيو ڪڙهندو هو. آخر
موقعو وٺي ڀڄي نڪتو. تاريخ مبارڪ شاهيءَ، انهيءَ
بيان ۾ سيوهڻ جو ذڪر به هن طرح آندو آهي:
”ملڪ غازي ملڪ، ان وقت جي علائي اميرن جهڙوڪ: ملڪ بهرام آينه،
(اُچ جو حاڪم ڪشلو خان)، ملتان جي حاڪم ملڪ مغلتي،
ملڪ عين الملڪ شهاب الدين ملتاني، سيوستان جي حاڪم
جي پٽ، محمد شاهه ۽ امير سامانه ملڪ يڪ لکي ڏانهن
خط لکيا ۽ انهن کي سلطان قطب الدين جي خون جو بدلو
وٺڻ لاءِ اڀاريو.“
(1)
”ملڪ غازي جي خطن پهچڻ کان اڳ ۾ ئي سيوستان جي رهاڪن، سيوهڻ جي
امير جي پٽ کي قيد ڪيو. جڏهن ملڪ غازيءَ جو خط
پهتو، تڏهن سيوستانين ان کي چيو، ته جيڪڏهن تون
غازي ملڪ جي ڳالهه مڃيندين ته اسان توکي بخش
ڪنداسون. هن ائين ئي ڪيو، ۽ هنن کيس ڇڏي ڏنو.“
(2)
تاريخ مبارڪ شاهيءَ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، انهن ڏينهن ۾
سيوهڻ مان خراج به دهلي ويندو هو.
(3)
تغلق خاندان جي حڪومت جي زماني ۾ محمد تغلق سنڌ تي حملو ڪيو،پر
ڪامياب ڪونه ٿيو، ۽ ٺٽي جي ڀرسان مري ويو. سندس
لاش آڻي سيوهڻ ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو. ان کان
پوءِ فيروز تغلق سنڌو درياءَ جي ڪناري تي تخت تي
ويٺو، هي احوال برني جي تاريخ فيروز شاهي، شمس
سراج عفيف جي تاريخ فيروز شاهي ۽ تاريخ مبارڪ
شاهيءَ ۾ ملي ٿو. تاريخ فيروز شاهي ۾ آيو آهي، ته
فيروز تغلق تخت تي ويهڻ کان پوءِ روانو ٿي
سيوستان پهتو.
(1)
هتي جمع ڏينهن سندس نالي جو خطبو پڙهيو ويو.(2)
فيروز شاهه ملڪ اختيارالدين کي سيوستان جو والي
مقرر ڪيو، جنهن 17 رجب 757هه (1356ع) تي حضرت
قلندر شهباز جو مقبرو تعمير ڪرايو، جنهن کي ست
ونگون ۽ ڇهه گنبذ هئا. 7 صفر 758هه (1357ع) تي هن
علي بغدادي جي قبر تي هڪ گنبذ تعمير ڪرايو.
محمد تغلق جي زماني ۾ مشهور سياح ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو. هو سيوهڻ
به پهتو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ سيوهڻ جو احوال هن
طرح آندو آهي:
”شهر جنالي کان هلي اسان سيوهڻ شهر ۾ پهتاسون. هي ڪو وڏو شهر
آهي ۽ ريگستان ۾ واقع آهي. هتي ٻٻر جي وڻن کان
سواءِ ٻيو ڪو وڻ ڪونهي. نهر جي ڪناري گدرن کان
سواءِ ٻي ڪا پوک ڪانه ٿي ٿئي. هن شهر جا ماڻهو
جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي ماني کائين ٿا. هن شهر ۾ مڇي
تمام گهڻي آهي؛ ۽ مينهن جو کير تمام جهجهو آهي.
هتي جا رهاڪو ريگ ماهي کائين ٿا، جيڪا ڳوهه وانگر
ٿئي ٿي، پر ان کي پڇ ڪونه ٿو ٿئي. ان کي واريءَ
مانکوٽي ڪڍي، ان جو پيٽ چيري، پيٽ ۾ هيڊ وجهي
پچائي کائين ٿا.
”جڏهن اسان هن شهر ۾ پهتاسون، ته ڏاڍي سخت گرمي هئي. منهنجا
ساٿي لڱين اگهاڙا هوندا هئا، ۽ هڪ پوتڙو آلو ڪري
هيٺ تي ٻڌندا هئا، ۽ هڪ لڱن کي ويڙهيندا هئا. هن
شهر جو خطيب شيباني آهي، جنهن مون کي حضرت عمر بن
عبدالعزيز رضه جو پروانو ڏيکاريو، جيڪو ان جي ڏاڏي
کي خطيب ٿيڻ وقت مليو هو. اهو پروانو سندس خاندان
۾ وراثت ۾ هلندو آيو. ان جي مٿان هيءَ عبارت لکيل
آهي.
”هذا امر به عبدالله اميرالمومنين عمر بن عبدالعزيز بن فلان...“
ان جي تحرير ۾ تاريخ 99هه آهي. ان کانسواءِ ان تي
الحمد لکيل آهي. خطيب جو چوڻ هو ته اهي لفظ خود
خليفي جي هٿ جا لکيل هئا.
هن شهر ۾ مون کي هڪ پوڙهو شيخ محمد بغدادي مليو، جيڪو شيخ عثمان
مروندي جي درگاهه ۾ رهي ٿو. مون کي ٻڌايو ويو ته
ان جي عمر 140 سالن کان مٿي آهي ۽ هو ان وقت بغداد
۾ موجود هو، جڏهن خليفه معتصم بالله کي هلاڪو خان
بن چنگيز خان قتل ڪيو هو، هو ايڏي وڏي عمر جي
باوجود خوش چڱو ڀلو آهي ۽ گهمي ڦري سگهي ٿو. هن
شهر ۾ سامره (سومره) قوم جو سردار ”ونار“
(1)
۽ امير قيصر به هتي رهندا هئا. هي ٻئي بادشاهه جا
ملازم هئا ۽ وٽن 18 سئو سردارن جي جمعيت رهندي
هئي. ”رتن“ نالي هڪ هندو به رهندو هو، جيڪو حسابن
۽ لکڻ جي فن ۾ ماهر هو. ڪنهن امير ذريعي اهو هندو
بادشاهه تائين پهتو ۽ بادشاهه سندس قدر ڪندي هتي
جو حاڪم بنايو. کيس مرتبو يعني نوبت ۽ عَلم رکڻ جي
اجازت ڏني، جيڪو وڏن اميرن لاءِ مخصوص هو. سيوستان
۽ ان جي پسگردائي کيس جاگير طور بخشي ڇڏي. جڏهن هو
شهر ۾ پهتو، ته ونار ۽ قيصر کي هڪ هندوءَ جي اطاعت
ڏاڍي ڏکي لڳي. هنن کيس قتل ڪرڻ جو پاڻ ۾ مشورو
ڪيو. هن جي اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هن کي چيائون،
ته هلو ته ٻاهر هلي پنهنجو علائقو گهمون، اسان به
توهان سان گڏ هلون ٿا. هو انهن سان گڏجي دوري تي
نڪتو. هڪ رات جڏهن سڀ ماڻهو سمهي پيا هئا، تڏهن
اوچتو لڙ ٿيو ته درندا اچي ويا. انهيءَ بهاني سان
هنن ان کي قتل ڪيو. ان کان پوءِ شهر ۾ اچي بادشاهي
خزانو لٽيائون،جنهن ۾ ٻارنهن لک دينار هئا. ڏهن
هزارن طلائي هندي دينارن جا هڪ لک دينار ٿين ٿا ۽
هندي طلائي دينار مغرب جي اڍائي طلائي دينارن جي
برابر ٿين ٿا.
آئين اڪبري: علامه ابوالفضل، اردو ترجمو:
مولوي محمد فدا علي طالب، سنگ ميل پبليڪيشن،
لاهور، جلد اول حصه دوم، ص 1053.
تاريخ خان جهاني و مخزن افغاني: نعمت الله
هروي، اردو ترجمو: ڊاڪٽر محمد بشير حسين،
مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1978ع، ص 121- 120.
تاريخ مبارڪ شاهي: يحى بن احمد سرهندي، اردو
ترجمو: ڊاڪٽر آفتاب احمد اصغر، مرڪزي اردو
بورڊ لاهور، 1976ع، ص 79-78ع.
طبقات ناصري: منهاج الدين عثمان، معروف به
منهاج سراج، اردو ترجمو: غلام رسول مهر، مرڪزي
اردو بورڊ لاهور، 1975ع، ص 744، جلد اول.
تاريخ جهان ڪشا جويني: عطا ملڪ جويني، ليدن
16-1911ع جلد 2، ص 148.
تاريخ فيروز شاهي: ضياء الدين برني، اردو ترجمو: ڊاڪٽر
سيد معين الحق، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور،
1969ع، ص 380-379.
اصل
۾ سنڌي نالو ”ڏاتار“ معلوم ٿئي ٿو. هي سومرو
نه پر ”سمو“ معلوم ٿئي ٿو.
|