سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :19

زبرو ڌڪ

حميد سنڌي

بس مان جيئن هيٺ لٿس ته سمجهيم ڪنهن قيد مان آزاد ٿيو آهيان. سامت ۾ اچڻ لاءِ پرڀرو وڃي بيهي رهيس. ٿيلهو هيٺ رکي، مٿي تي رکيل ٽوال کي ڇنڊيم ۽ پوءِ بيٺس پاڻ کي ڇنڊڻ. ائين ڪو سڏ ٿيو لوڻو هنيم، ڏسان ته استاد نبن سامهون واري دڪان تي چمڙائين پٽي تي پاڪي تکي ڪري رهيو هو.

”پنهل سائين، انهيءَ ڇنڊ ڦوڪ لاءِ اسين حاضر آهيون.“

مون ٿيلهو کنيو ۽ اڳتي وڌي وڃي سندس دڪان تي چڙهيس. يڪدم ٻانهن کان وٺي کڻي ڪرسيءَ ۾ هنيائين.

”ويهه ته سائين، مس مس ٿو هٿ اچين.“

يڪدم ڦوڪارو کڻي اچي اهڙا ڦوڪارا ڪڍيائين، جو مان ٿڌڙي پاڻي تي اصل ٺري پيس. ٽوال سان الڳ اگهيائين. هو مالش کي لڳو ته مون کڻي اکيون پوريون. سندس ڳالهاءُ ٻڌان ته پيو، پري پري کان.

”انهيءَ ٺِڪر بَس کان ته پنڌ اچجي ته بهتر. هيڏو آفيسر ٿيو آهين، پر اچين انهيءَ ڇڪڙي بس ۾. ننڍو مختيارڪار ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي. ڏس ته سهين، اسان جا ڀورل ڪيئن نه لٽجي ميرا ٿيو پون. سونهن ته ڏس، جوانڙو اصل لهسجي پيو آهين. ڳاڙها ڳلڙا هيڊ پيا ڇڏين، گلڙا ڪومائجي ٿا وڃن.“

ائين ڪو آواز آيو: ”استاد، واندو آهين، سيرب ٺهرائڻي آهي.“

”بگن، جهٽ ترسي اچ. پنهل سائينءَ کي تيار ڪري وٺان.“ سندس هٿ بيٺو ته مون اکيون کوليون.

”بس چاچا نبن، گهڻو ٿيو. اچي هي وٺ، مان هلان ٿو. ابو انتظار ڪندو هوندو.“

”پنهل سائين، ڇو ٿو بي عزتو ڪرين، پيسا نه ڏيندو ڪر. بس اسان وارو ڪمڙو ڪري ڏي، بنهه پير ڌوئي پيئندومانءِ. هو ڏسين ٿو، ڪيئن اسان وارو يار ڪومايو ويٺو آهي.“

مون ڏٺو، استاد جو پيارو ڪُتو ڪومايو ويٺو هو.

”بنهه نِج بُلٽري آهي. سندس ساٿي به بُلٽري نسل جا هجن ته واهه واهه ٿي وڃي. ايڏانهن اتر پاسي جو نوڪريءَ سانگي ويو آهين ته ڪجهه ته اسان فقيرن سان به وهي وڃ. ڪيڏيون نه منٿون ڪيون اٿمانءِ.“

”پر اُستاد مون کي خبر ئي نه ٿي پوي ته بلٽري ڇا ٿيندو آهي.“

اُستاد بتال کاڌو.

”سائين، ڪمال آ، سڄي ڄمار اُستاد نبن ۽ اُن جي بُلٽرين سان گذاري اٿوَ. توهان کي بلٽري ڪتي جي خبر نه ٿي پوي، هيڏانهن ڏسو.“

اوچتو اُستاد نبن شڪل ڦيرائي وٺي غُر غُر ڪيائين. ”هيءُ ڏس، هيءُ بلٽري هيئن ٿيندو آهي.“ وٺي زور سان ڀونڪيو. سندس شڪل ٻاهر ويٺل ڪتي کان هيئن مختلف هئي، جو ڪنهن خوفناڪ ڪتي جو روپ ڌاري بنهه پئي ڏاڙهيائين. مون کيس هٿ سان روڪيو. يڪدم حملو ڪري هٿ ۾ چڪ هنيائين. مون هٿ ڇڏائي دانهن ڪئي: ”اُستاد، ماڻهو جو روح اٿئي يا ڪتي جو.“

سندس ڏاڙهڻ بند ٿي ويو.

”ڀلا هڻايان ڪورس سُين جو.“

بنهه کلي پيو. مان دُڪان تان هيٺ لهي پرڀرو ٿي بيٺس.

”اُستاد، اصل بلٽري ته تون آن، باقي هي لوسي ته ڇوڙي ڇڏ.“

دُڪان وٽ ٻڌل مرضيل ڪتي ڏي اشارو ڪندي چيومانس، اُتان وٺي اُلر ڪيائين.

”هي لوسي آ؟ هي لوس آ؟ واهه سائين واهه! واهه جي عزت ڪئي اٿوَ. خانداني ڪتي جي! خانداني ماڻهو ٿي ڪري خاندان جو قدر نه ٿا ڪريو. واهه سائين واهه! بلٽري نه وٺي ڏيو ته توهان جي مرضي، پر ههڙو ذليل ته نه ڪريو.“

”اُستاد، ڪاوڙ نه ڪر. بلٽري ايندا، بنهه ڀلي نسل جا بلٽري، پر ويڙهه ۾ نه مارائجانءِ.“

ائين چئي مان گهر ڏي تکو ٿيس. هڪ ته ائين- پندرهين ڏينهن سئو ميل سٽي پهچ ۽ پهچڻ سان اُستاد نبن جي وَر چڙهجي. ڏينهن ئي اصل گارِ ٿيو وڃي. اُستاد نبن جو ڏوهه نه هو، سندس وڏا انهيءَ ڪتن جي ميل ۾ مارجي ويا. ڀلا ڪُتا وٺي ڌارڻ، رڇ ڪتي يا سوئر ڪتي جي ويڙهاند سندس پيشو هو. وڏا زميندار سندس محتاج هئا. ڀلي نسل جا ويڙهو ڪتا ملندا به نبن جي وڏن وٽ هئا. خانداني ويڙهاڪ هئا، پر وقت ساڻن ويڙهه وڙهي ويو. پهريائين نسل ڦٽو. پوءِ ڪئين نسل مئا، بلٽري هجي يا هاؤنڊ، وٽن ڪتو نه رهيو. هيءُ شڪر جو اُستاد نبن حجامڪو ڌنڌو سکي پيو. اچي شهر جي منهن تي ونگ وٽ، دُڪانڙو کوليائين. شوق ڏاڍو هيس. ڪي ڀلڙ ڪتڙا به هيس، پر آهستي آهستي اُهي رڇ ۽ سوئر جي ميل ۾ مارائي ڇڏيائين. تنهن پويان بلٽرين جو کيس ڪو سٺو نسل نه مليو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو ڪتو ور چڙهندو هيس ته ڪنهن شوقين کي وڪڻي ڇڏيندو هو. هاڻ وري هي ڪتو ملي ويو هئس، سو دُڪان تي ٻڌي نشان بڻائي جڳ کي پيو ڏيکاريندو هو ته اڃان وٽس بلٽرين جو نسل آهي. پر اسان اُن ڪتي کي لوسي ڪتو چئي، کيس چيڙائيندا هئاسين. ڪڏهن وري ڪو وڏيرو ڦاسندو هيس ته اُن جي اوطاق تي وڃي اُنهيءَ جي ڪتن جي سار سنڀال لهندو هو ۽ صلاحون ڏيندو هو. ٻه چار ڏوڪڙ جڙي پوندا هيس. ڪتن ۽ رڇن يا سوئر جي ميل ٿيندي هئي ته يڪدم پهچي ويندو هو ۽ جيڪو هوندو هيس سو شرطن ۾ ئي وڃائي ڇڏيندو هو.

سندس حجامڪو دُڪان به ڄڻ ته اوطاق هوندي هئي. ڪتن جي شوقينن جو ميڙاڪو هوندو هو. منهنجو نوڪري سانگي بس اسٽينڊ تي پنڌ هوندو هو. چڙهان ته سامهون هيءُ، جي لهان ته به هيءُ سڄڻ سامهون. کيس ڪنهن ٻڌايو هو ته اُتر ڏي ڪتن جو نسل ڀلو ٿئي ٿو. منهنجي نوڪري روينيو کاتي ۾ هئي، هرو ڀرو اِهو زور لائيندو هو ته کيس جوڙي بلٽري نسل جي ڪتن جي وٺي ڏيان. هڪ ته نوڪري، ٻيو اٺين ڏينهن ڳوٺ اڏڻ، وري دنياداري، اسان کان ڳالهه ئي لهيو وڃي. هڪ ڏينهن جيئن گشت تان موٽي جاءِ تي پهتس ته ڏسان چاچو نبن ويٺو آهي.

”اڙي چاچا ڏي خبر، نيٺ پنڌ پئين.“

”پنهل سائين، ڪاٿي ٿو ڇڏيانءِ. اسان جي ته ڀينگ ٿي وئي آهي. هو شهنشاهه بلٽري ڏنو هيئه، اُهو به نيٺ ميدان ۾ لاٿم. يارن زور ڀريو، هن ڌڪ ئي نه جهليو.پهرين ئي سَٽ ۾ رِڇ چڪ هنيس، شهنشاهه ڪئون ئي نه ڪئي ۽ الله ڏي هليو.“

”اُستاد! چوندو هومانءِ ته زوريءَ تو هُن کي ٿوم مان جافران بڻايو هو، اصل ۾ هو شهنشاهه نه هو، هو لوسي هو.“

”اُستاد نبن ڳاڙهو ٿي ويو پر سور پي ڇڏيائين.

”پنهل سائين، تنهنجي تڏي تي آيو آهيان، بي عزتو ته نه ڪر. شهنشاهه جا جوهر مون ڏٺا. هڪ واري رئيس خاوند ڏني واري سوئر واري ميل تي سوئر کي وچڙيو ته رئيس سَوَ جو نوٽ مون کي ڏنو هو. خير توهان آفيسر ماڻهو ڇا ڄاڻو انهيءَ شوق مان، بس هاڻي ڀلائي ڪر. جوڙي ڪتن جي وٺي ڏي، پر هجن بُلٽري.“

مون سوچي ٻئي ڏينهن رئيس عارب کي، جو ڪتن جو وڏو شوقين هو، ماڻهو موڪليو. هو بنهه جوڙي ڪتن سان اچي نڪتو. واقعي سنهڙا سيپڪڙا سهڻا ڪتا هئا. چيائين پي ته بلٽري نسل جا آهن ۽ ويڙهه جي ڏانءُ جا به هئا. اُستاد نبن جو هي ڀلوڙ ڪتا ڏٺا، بنهه ٺري پيو. چئي: ”بس سائين، لئي ٿي وئي، ڏسان ٿو ته تر ۾ ڪير ٿو مون کي وٺي.“

واقعي هُن جي لئي ٿي وئي هئي. سندس در تي جو ههڙا ڀلوڙ ڪتا هجن ته چڱا شوقين رئيس به ايندا هئس. مان هاڻ جڏهن به وٽانئس لنگهندو هئس ته دانهن ڪندو.

”پنهل سائين، ڦڻي ڦوڪاري کانسواءِ نه ڇڏيندومانءِ، هلي آ، هلي آ.“

مان ڪڏهن ته ڇڏايو وڃانس، ڪڏهن وهانس ته مائٽ ڳولي اچي دڪان تان کڻندا هئا ته ويل ٽري وئي، راڻو گهر نه آيو. پر استاد نبن وٽ ويل هجي نه هجي، هو راڻو پيو ڳائيندو هو.

ٻنهي بلٽرين کي هاڻ دُڪان جي پويان اڱڻ ۾ ٻڌندو هو. شوقين کي سهائي سهائي ڏيکاريندو هو. هڪ ڏينهن پڇيومانس.

”ڏي خبر اُستاد ٻنهي ڪا ميل ماري يا رکيو ويٺو آهين.“

”سائين، ڪا هڪ ميل هجي اصل تر کي ويل ۾ وجهي ڇڏيو اٿن. رئيس خاوند ڏني جي ڪتن سان ڇڏيندو آهيان، باقي سندن ڪو رنگ ڏسي. سائين، بس دعا ٿو ڪيانءِ، فقيرن تي وڙ ڪيو اٿئي باقي هڪ وڙ ڪر. آهين وڏو صاحب پر منهنجو عرض نه موٽاءِ. اڄ رئيس جي ڳوٺ ميل آهي شام ڪا مهرباني ڪر.“

مون عمر اهڙو ڪم نه ڪيو سو جان ڇڏائڻ لاءِ چيومانس ته ”چڱو چڱو ڏسنداسين.“

شام ئي مس ٿي ته ڏسان اُستاد نبن ٽانگو جهلي بيٺو آهي، ”اَبا! ڇاهي!“ چئي ”بس سهڻا، هَلُ.“

مان به نڪري پيس، ٽانگي جي هودي ۾ ٻئي بلٽري ويٺا هئا. ڏاڍا معصوم وڻيا پي، کڙا تڙا، سجاڳ ڪتا هئا. اُستاد نبن پويان وٽن ويٺو هو، مان اڳيان ويٺل هيس. ٽدڳي ٽپي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي اڳڀرو ٿياسين ته ٽانگي واري ڳالهايو.

”اُستاد، اڄ خبرون پونديون. تو وارن بلٽرين چڱن رڇن جا لاهه ڪڍيا آهن، پر اڄ ميل آهي سوئر جي. ڀانيان ٿو ته تو وارن شينهن سوئر اڃا ڏٺو نه آهي.“

مان به چوان ته اُستاد چپ ڇو هو ۽ مون کي وٺيو پيو وڃي، وڏو ڪو مسئلو سامهون هيس. اُستاد نبن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ هوشيار ٿي گلو ٽانگي واري کي جواب ڏنائين.

”گلڻ ٽانگا! توکي ڪهڙي خبر ته هي شينهن کڻي ڪٿان آيو آهيان. اصل سوئرن جي دُن مان ته ڪڍي آيو آهيان. پَليا وڏا ٿيا ئي سوئرن وٽ آهن.“

مون سندس لٻاڙ ٻڌي کلي کيس چيو ”وري وڙهن به سوئرن سان ٿا.“

”سوئر آهيئي وڙهڻ لاءِ. سوئر مارڻ ثواب آ.“ استاد ٺهه پهه جواب ڏنو.

”پر سائين، ڏسون ته هي ٿا وڙهن يا سوئر ٿو وڙهينِ.“ گلو ٽانگي واري ٽوڪ سان چيو.

”او ٽانگا! گهڻو نه ڳالهاءِ. مون وارا شينهن ڪٿي توکي نه ڦاڙي وجهن!“

اسان ائين ڳالهيون ڪندا، اُستاد کي چيڙائيندا، رئيس خاوند ڏني جي ڪوٽ وٽ پهتاسين. خلق ڪوٽ ٻاهران چڙهيو بيٺي هئي. مون کي به مٿي ويهاريائون. رئيس خاوند ڏنو ٽڙي پيو.

”سائين، وڏا ڀاڳ جو اوهان اسان وٽ ٻه پير ڀري آيا آهيو. اُستاد نبن اڄ ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي.“

”ڪارنامو اصل تڏهن ٿيندو جو سندس شينهن ۽ اوهان جا بگهڙ انهيءَ سوئر کي دَسين.“

”سائين ڏسجو ۽ پاڻ ئي فيصلو ڪجو. رئيس شمس الدين ۽ ڀليڏني ٺيڪيدار جا ڪتا به ميل ۾ شامل آهن. وڏي ميل آهي. تر ۾ اهڙي ميل اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿي آهي.“

واقعي انبوهه هجن، ماڻهن پئي شرطون هنيون. رئيس جي ماڻهن به اوڳڙ پئي ڪئي اوچتو رڙ مچي وئي. ٿَم مان سوئر نڪتو ۽ ميدان ۾ هڪ ڊوڙ پائي، گپ واري ميدان ۾ منهن هڻي ويهي رهيو. رڙيون ۽ هش هش گهڻي ٿي، پر هو ماٺ ڪيو ويٺو هو.

مون کِلي رئيس کي چيو، ”مرون لُوسي ٿو لڳي.“

”نه سائين، وَڄَ ڏسوس ٿا، رُڳو ڪُتا لهن، پوءِ رنگ ڏسجو.“

ائين ڪندي باهوڙ ٿي. ست اٺ ڪتا ميدان ۾ آيا اچي مرون کي ورتئون. مرون آهستي لاچار اُٿيو، پر گهڙيءَ ۾ ٻه چڪر ڏنائين ۽ ٻه ٽي ڪتا ڌَڪي وڌائين. همراهه ڪوٽ کان هيٺ پاسن کان پاسيرا بيٺل هئا. ڌَڪي ڪتن کي کنيو ڊوڙيو مٿي چڙهي ٿي آيا، سوئر جا وَڄَ واقعي تکا هئا. ڪي ڌَڪيا، ڪي ٿڪيا. اِئين ڪندي نوان ڪتاب لاٿئون ٿي. مرون به ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو ضرور هو پر ڪو خاص اثر نه ٿيو هيس. ائين ڏٺم استاد نبن پنهنجا ٻه ڪتا ۽ ٽي ٻيا جيڪي شايد رئيس جا هئا، ميدان ۾ ڇڏيا، واقعي ويڙهو هئا. ويڙهه مزي واري ٿي وئي هئي. مون جهڙو ماڻهو به انساني جذبن کان پري جوش ۾ اچي، واهه واهه ڪرڻ لڳو. ڪتا ڌڪيا، مون تي اثر نه هو. هاڻ جوش ۾ رڙيون پئي ڪيم ’وٺينس، وٺينس‘ ڪتڙا ويچارا ڦٽجي ڪريا. مون رئيس کي چيو، ٻيا لاهيو. رئيس آخري ٻه ٽي لاٿا. پر سوئر هاڻ تپيو بيٺو هو، منٽ ٿي ڪيائين. رئيس هاڻ بي چين هو.

”سائين هاڻ بس ٿا ڪيون، سوئر ڪاري ڪري ڇڏي آهي. ڏاڍا ڀلوڙ مارايا اٿئون.“

”رئيس! ڇڏڻو ناهي، هاڻي ڌَڪيو به آهي، ڇڏيوس نه.“

ائين ڪندي ڏٺم ته نبن پاڻ ميدان ۾ لٿو. ڪنهن رڙ ڪيس:

”اُستاد نبن، ايڏانهن نه اِيڏانهن نه.“

”يار شينهن ٿا مرن.“ سوئر جي گهمري هجي، برِ ٿيو بيٺو هو. بس نبن جيئن ڌڪيل ڪتن کي کڻڻ لاءِ نئڙيو ته سوئر ڦيرو ڏئي اچي ڪڙڪيس. بس کنيو ويس، وڃي ڪوٽ جي ٻي ڪنڊ کان ڪڍيائينس. چوڌاري رڙ مچي وئي. مان اُٿي بيهي رهيس. ڪنڌ ڌوڻي نظارو ڏٺم ڄڻ ته ميدان جنگ هو. ڏاڍو خون وهيو هو. ڪئين ڪتا ڦٽيا ڌڪيا پيا هئا. اسان جو اُستاد نبن ڌڪيو پيو هو. مون کي پاڻ کان نفرت اچڻ لڳي. مان ڪٿي کان ڪٿي هليو ويو هيس. بس مان به ڪوٽ تان گهيڙ تي ٽپو ڏنو. ائين ڏٺم ته ڪئين همراهه ڏڦا کڻي هيٺ لٿا. رئيس خاوند ڏني جو ڏٺو ته پاڻ به گهيڙ تي لهي آيو. مون کي ٻانهن کان اڳتي وڃڻ کان روڪيائين. جوانن گهڙيءَ ۾ سوئر جو ڏڦن سان ڪم لاهي ڇڏيو. اُستاد نبن وٽ به همراهه پهچي ويا هئا. سڄو چچريو پيو هو.

”اُستاد هي ڪهڙو قهر ڪيئه.“ منهنجي اکين ۾ پاڻي هو.

”سائين، هيءُ بلٽري ٻچا ڪري پاليا هئم، اصل جهٻي اچي ويم. ڏاڍا وڻندا هئم. ٻچا مارائڻا ته نه هئا.“

”اُستاد هيءَ پنهنجا پاليل هيئه، وڻندا هئا تڏهن ني!“

اُستاد چپ هو، اکين ۾ پاڻي هيس.

اُستاد بچي ويو. سندس جسم سڄو ڌڪيل ۽ چچريل هو. هاڻ به مون کي دُڪان تي چمڙائين پٽي تي پاڪي تکي ڪندي ملندو آهي، پر مون کي سڏ نه ڪندو آهي. جي مان پنهنجي ليکي سيرب لهرائڻ يا ڦڻي ڦوڪاري لاءِ ويندو آهيان ته هو بلٽري ڪتن جي نه ڳالهه ڪندو آهي ۽ نه فرمائش. هُن جي دُڪان تي باقي بچيل ٻن ڪتن مان هڪ ڌڪيل ڪتو، زمين ۾ منهن هنيو پيو هوندو آهي. مون هڪ ڏينهن اُستاد کي چيڙائڻ لاءِ چيو:

”اُستاد هيءُ بلٽري به لوسي ٿي ويو آهي.“

”اُستاد هن دفعي نه چڙيو. رڳو مرڪيو ۽ پوءِ چيائين:

”پنهل سائين! اسين ئي لوسي ٿي ويا آهيون، ٻچن جا ڌڪ ڏاڍا ڪي زبرا آهن.“

مون ڌرتيءَ تي منهن هَنيل ڌَڪيل، معذور ڪتڙي ڏانهن ڏٺو، جيڪو هاڻ بلٽري ته ڇا پر لوسي به نه رهيو هو. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي کيس چيو:

”ها اُستاد، ٻچن جو ڌڪ برابر زبرو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com