جناب قاضي عبدالحي ”قائل“
خداداد صلاحيتن ۽ وسيع ڄاڻ ذريعي ٻيا سبجيڪٽ به
پاڙهيندو هو. تعليم سان گڏوگڏ سائين قاضي پنهنجي
شاگردن جي اخلاقي تربيت تي به مڪمل ڌيان ڏيندو هو.
سائين قاضي ڪيترن ئي ٻهراڙيءَ جي شاگردن کي پنهنجي
گهر ۾ رهائي پڙهائيندو هو. ان کانسواءِ اوڙي پاڙي
جا شاگرد به اسڪول ٽائيم کان پوءِ اچي وٽس بنا
ڪنهن معاوضي جي پڙهندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ ٽيوشن جي
رسم ڪانه هئي. هونءَ به قاضي صاحب پڇاڙيءَ تائين
ٽيوشن ۽ نقل جي خلاف رهيو. سندس محنتن جي ڪري ڪيئي
شاگرد وڏن عهدن تي پهتا، پر جڏهن به سائين قاضي جي
سامهون ايندا هئا ته ادب مان جهڪي قدمن تي هٿ رکي،
دعائون وٺندا هئا.
استاد جو پيشو نهايت اعلى ۽ ارفع آهي، جيڪو به
انهيءَ جي عظمت کان واقف هوندو اهو پاڻ ۾ اهڙا
ارڪان پيدا ڪندو ۽ مرتبي جون منزلون ماڻيندو. جيڪو
استاد پنهنجي حيثيت برقرار نٿو رکي سگهي، لٻاڙي ٿي
رڳو استاد لفظ جي ساراهه جا ڍڪ ٿو ڀري، اهو استادي
پيشي کي لڄائي ٿو.
ازرا پائونڊ جي چواڻيءَ، ”هر فنڪار پنهنجي دؤر جي
ڪنهن نه ڪنهن فنڪار کان ضرور متاثر ٿيندو آهي.“ ان
مطابق سائين قاضي به پنهنجي دور جي معتبر شاعر
محترم الهه بخش سرشار عقيليءَ جي شاعريءَ کان
متاثر ٿي سندس قريب آيو ۽ کيس پنهنجو استاد تسليم
ڪري تقريباً سنه 1932ع کان وٺي شاعريءَ طرف متوجهه
ٿيو ۽ استاد جي نسبت سان قائل سرشاريءَ جو تخلص
اختيار ڪري قومي ۽ اصلاحي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي
ڪرڻ لڳو. وڏڙن جي تعلقات سبب سنڌ جي قومي شاعر
مرحوم عبدالڪريم ’گدائي‘ ۽ مزاحيه شاعر واحد بخش
’عاشق‘ سان ويجهڙائي سبب سندن شاعريءَ کان متاثر
ٿيو ۽ انهن دوستن جي صحبت به سندس شاعريءَ کي جلا
بخشي. هندو مسلم اتحاد ۽ ايڪتا لاءِ قومي ڪَوي
هوندراج ”دکايل“ ۽ سنڌ جي عاشق هري درياني دلگير
جو ساٿاري هو. گهر گهر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هندن ۽
مسلمانن جي اڳواڻي ميٺ محبت کي واپس ورائڻ لاءِ
انڊلٺ جي رنگن ۾ هوليءَ جي رنگن جون ريکائون
ڳوليندو رهيو. قائل صاحب، امرتراءِ ’سام‘
جئسنگهاڻيءَ سان گڏ مهاتما گانڌيءَ جي چوڻيءَ تي
عمل ڪندي پنهنجي تن من سان گڏ ڳوٺ جي صفائيءَ جي
جذبي تحت طيب ڳوٺ جون گهٽيون ٻهاري صاف ڪيون.
ماستر چندر جي عوامي شاعريءَ ۽ گائڪيءَ کان متاثر
ٿي قائل صاحب پاڻ به هارمونيم ورتي. شوق جي حد
تائين راڳ ۽ موسيقيءَ سان روح ريجهائيندو رهيو.
گراموفون واري زماني ۾ ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت جاڙا
رام، جيوڻي ٻائي ۽ استاد الهه ڏني نوناري جا رڪارڊ
وڏي شوق سان ٻڌندو هو. استاد منظور علي خان جي
وفات کان پوءِ پوئين دؤر ۾ عابده پروين ۽ استاد
محمد جمن جي فن کي ڏاڍو ڀائيندو هو.
نظم ۽ نثر ۾ قاضي صاحب پنهنجي فڪر ۽ فهم مطابق سٺي
محنت ڪئي. سندس لکڻين ۾ جذبي جي سچائي ۽ لفظن جي
سادگي پري کان بکندي نظر اچي ٿي. سندس ليک هٿرادو
ٺاهه ٺوهه کان بلڪل صاف نظر ايندا هئا.
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ”جنهن جي گهر ۾ ڪتاب
ڪونهن اهو گهر قبرستان سمان آهي.“ پر قاضي صاحب جي
گهر ۾ انبار ڪتابن جا موجود آهن. هو جڏهن به
مطالعي لاءِ پنهنجي ننڍڙي بي ترتيب لئبريريءَ ۾
داخل ٿيندو هو، تڏهن پڪل پوک ڏسندڙ هاريءَ وانگر
ٻَهڪي پوندو هو.
1983ع ۾ قائل صاحب جي سرپرستيءَ ۾ ”سرڪش“ سنڌي، مقصود ”گل“ ۽ مون سنڌڙي ڪتابي
سلسلو رتوديرو جي نالي سان هڪ ننڍڙو اشاعتي ادارو کوليو. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن
اداري طرفان نئون ڪتاب شايع ٿي ايندو هو، تڏهن
قائل صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هن ڪتابي سلسلي
طرفان چار ڪتاب- وکريل موتي، زندگي ڏي موٽ، ڪرڻا
ڪرڻا ۽ امن آبحيات- شايع ٿي چڪا آهن. هي ڪتاب سنڌي
ادب ۾ قائل صاحب جي محنتن ۽ محبتن ۽ ڪتابن سان
دلچسپيءَ جو سهڻو ثبوت پيش ڪن ٿا.
1975ع ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ قائل
صاحب پنهنجو سمورو توجهه ادبي سرگرمين سان گڏ
صحافت جي طرف به ڪيو.
هفتيوار هاري- رتوديرو، سنڌ سجاڳ- جيڪب آباد،
سارنگ- جيڪب آباد، آواز سنڌ- دادو ۽ ڪيترن ئي
اخبارن سان سندس واسطو رهيو. قائل صاحب ٻه سال
پريس ڪلب رتودير جو بنا مقابلي صدر به چونڊيو ويو.
هن پنهنجي دؤر ۾ وڏي ڪوشش وٺي پريس ڪلب جي بلڊنگ
منظور ڪرائي
1974ع ۾ شاهه سائين جي نسبت سان لطيف ادبي سنگت
رتوديرو جو بنياد پيو. قائل صاحب کي هن اداري جو
چيئرمين مقرر ڪيو ويو. آخري دم تائين پاڻ هن اداري
جا سرپرست رهيا. هن ننڍڙي اداري کي نوجوان شاعرن ۽
اديبن جو تربيت گاهه ڪوٺجي ته به وڌاءُ ڪونه
ٿيندو. هن اداري جي سهڪار ۽ وابستگيءَ سان مون
جهڙا ڪيترائي نوآموز ادبي دنيا ۾ متعارف ٿي چڪا
آهن.
قاضي عبدالحي بنا ڪنهن مقصد ۽ معاوضي، فرق ۽ تفاوت
جي ڪيترن ئي اڻ ڏٺل انسانن سان چڱائي ڪئي.
هڪ ڀيري نواب شاهه ويندي سندس ملاقات هڪ پرائمري
استاد سان ٿي، جيڪو جوان پٽ جي وفات جي صدمي سبب
ڪجهه وقتي ذهني طرح پريشان رهڻ ڪري نوڪريءَ تي
حاضر ٿي نه سگهيو هو، جنهنڪري غريب جي نوڪري به
ختم ٿي ويئي هئي. سائين عبدالئي جڏهن مظلوم ماستر
جو دردن ڀريو داستان ٻڌو تڏهن سندس درد مند دل
ڀرجي آئي ۽ سڌو محترم حبيب الله صديقي صاحب وٽ
پهتو، جيڪو ان وقت تعليم جو آفيسر هو، ۽ کيس مسڪين
جي داد رسي لاءِ عرض ڪيو. اهڙيءَ طرح هڪ ڏکايل
بيروزگار استاد کي پنهنجو حق پلئه پيو.
قائل صاحب سموري زندگي مسڪينن، بي پهچ ۽ ڏتڙيل
ماڻهن جي ڳل تان مظلوميت جا ڳوڙها اگهندي گذاري،
انهيءَ ڪري اوڙي پاڙي کان سواءِ جوڳي فقيرن ۽
ڀنگين وٽ اوتار جيترو مانُ هيس.
قاضي صاحب جن سموري ڄمار قلمي، ذهني ۽ فڪري پورهيو
ڪندا رهيا. سندن قلم مان ڪافي شهپارا نڪري نروار
ٿيا آهن، ضرورت انهيءَ جي آهي ته قاضي صاحب جي
قلمي ڪاوشن کي ميڙي سهيڙي هڪ هنڌ جمع ڪري ڪتابي
صورت ۾ آڻي سنڌي ادب جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو
آڻجي. قاضي صاحب جا چار ڪتاب ۽ ٻيو وکريل مواد
موجود آهي، جنهن کي ترتيب ڏيئي ڇپائڻ جي ضرورت
آهي.
اهڙي وڏي مان ۽ مرتبي واري ماڻهوءَ جي ڪهڙي واکاڻ
ڪجي. شاهه لطيف جي چواڻي ”محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي
هيڪڙو.“ ها! انهن محبتين مان سائين قاضي به هڪ هو،
جن کي ميڙي شاهه لطيف هڪ وڏو ڳوٺ ٻڌڻ ٿي گهريو.
هي بي ريا، سانگيئڙن جو ساهه ۽ رتيديري جي رونق 26
جون 1989ع تي حج سانگي مڪي معظم ۾ پهتو. حج ادا
ڪرڻ کان بعد مختصر بيماريءَ کان پوءِ پيارن کان
منهن موڙي اهڙي ڏوراهين ڏيهه ڏي راهي ٿي ويو، جتان
ڪوبه واپس ڪونه وريو آهي.
قاضي صاحب جي وفات جي خبر 23 جولاءِ 1989ع تي سڄي
ڏيهه ۾ پکڙجي ويئي. هر شخص جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي
رهيا هئا. اديب شاعر، دوست احباب، شاگرد، صحافي ۽
غريب، بي وس ۽ مسڪين ويچارا ماتم ڪرڻ لڳا.
سائين قاضيءَ جي شخصيت جا اڪيچار پهلو آهن: محترم
استاد، سٻاجهڙو ۽ سادو شاعر، سچو صحافي، پرخلوص
سماج سڌارڪ، غريبن جو هڏڏوکي، مهانُ انسان ۽ محبتي
۽ مرڪڻو ماڻهو. مان هڪ وقت سندس سڀئي خوبيون ڪاغذ
جي سيني تي سموئي نٿو سگهان، بس چند ڳالهيون ڪيون
اٿم، جيڪي سندس شخصيت جو هلڪو عڪس پيش ڪن ٿيون.
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي
سائين قاضي
خضر حيات
علم و ادب، شعر و شاعري ۽ فنونِ لطيفه سان پيار
ڪندڙ، زندگيءَ جي آخري لمحن تائين هر هڪ سان ساٿ
نڀائيندڙ، پنهنجن ۽ پراون کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ،
سالن جي سڪ ۽ سڌ پوري ٿيڻ تي هڪ طرف حج بيت الله
جي سرزمين ڏسڻ لاءِ بيچين ٿيندي، دل جي آخري مراد
اتان جي مٽي نصيب ٿيڻ لاءِ دعائون گهُرندي هر هڪ
سان وري موٽي ملڻ يا نصيب جو اظهار ڪندي، وڏي چاهه
سان آخري سفر لاءِ روانو ٿئي ٿو. ٻئي طرف زندگيءَ
۾ سفر جي تڪليفن کان بي خبر سالن جي سنگتين جي
وڇوڙي، جيون ساٿي جي جدائي، اوڙي پاڙي جي اوني،
وڏي عمر ۽ نحيف جسم ۽ ڪمزوري محسوس ڪندي، اولاد جي
ٻچڙن جي جدائي کي حساس طبيعت هجڻ ڪري وڌيڪ محسوس
ڪري ٿو، هيانءُ لاهي وجهي ٿو.
حج پوري ٿيڻ کانپوءِ سختيءَ جي سٽ سهي نٿو سگهي.
اتان جي اصول مطابق اڪيلو اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان
انڪار ڪري ٿو ۽ ٿورڙن ئي ڏينهن جي معمولي تڪليف
هوندي به آخري دم تائين کلندي ڳالهائيندي اکيون
ٻوٽي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سبحان الله، جنازي
۾ لکين حاجي صاحبان جي ڪعبة الله شريف ۾ حاضري ٿئي
ٿي ۽ جنت المعلى ۾ ابدي آرام نصيب ٿئي ٿو.
استاد قاضي، سائين قاضي، قاضي صاحب، رتيديري وارو
قاضي، سندس مخصوص نالا آهن. شهر جو ننڍو وڏو ۽ تر
جو ٻچو ٻچو کيس سڃاڻي ٿو. سندس اولاد کان به وڌ
پيارا شاگرد نه صرف پاڪستان پر سڄي سنڌ ۽ هند ۾
پکڙيل آهن. ڪيترا پرڏيهه تائين وڃي به کيس نٿا
وسارن. علمي ادبي حلقن ۾ سنڌي اسڪول کان وٺي
يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ ان جا سربراهه وائيس
چانسيلر سڃاڻن ٿا.
شعر و شاعري ۾ جهونن موڪلائي ويل وقت جي مانجهين،
حال جي استاد شاعرن ۽ نوجوان لڙهي وارا به استاد
قاضي عبدالحئي قائل مرحوم کي پنهنجو سمجهن ٿا.
سماجي ميدان ۾ سندس ويجها تر جا نه صرف امير ۽
اعلى منصب وارا عزت سان ياد ڪن ٿا پر غريب ۽ پيٽ
اگهاڙا، مجبور ۽ مسڪين، معذور ۽ مجذوب، لولا ۽
لنگڙا به کيس ياد ڪري هنجون هارن ٿا.
قاضي عبدالحي مرحوم نوجواني کان وٺي سنڌي استاد
ٿيو ۽ 1936ع کان پوءِ 1944ع تائين هڪ فرض شناس
ماستر رهيو. بعد ۾ ان وقت بمبئي بورڊ مان ڊرائنگ
جو امتحان پاس ڪري پنهنجي شهر جي اسڪول ۾ ڊرائنگ
ماستر ٿيو ۽ پورا 30 سال رتيديري جي درسگاهه ۾ هڪ
مثالي استاد ٿي رهيو ۽ 58 سالن جي عمر ۾ وقت کان
اڳ رٽائر ٿي 1975ع کان وٺي آخري وقت تائين وت ۽ وس
آهر ٻين جي خدمت ڪندي گذاري.
سندس دل جي تمنا هوندي هئي ته والدين جي توجهه ۽
استاد جي اُستادي سان هر هڪ شاگرد مثالي شاگرد
بنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارائتو انسان بنجي. سندس دل
چاهيندي هئي ته اسان جي وطن جي هر هڪ واهڻ ۽
وستيءَ جو ٻار علم جي روشنيءَ سان منور هجي. پاڻ
ان لاءِ وسان ڪونه گهٽايو. سندس رهڻي ڪهڻي سادي،
صاف ۽ سٺي ۽ هر هڪ لاءِ ڪشش رکندڙ هئي. اسڪول جي
چؤديواري جي اندر خواهه ٻاهر شاگردن جي پڙهائي سان
گڏوگڏ انفرادي طرح توجهه ڏئي هر هڪ شاگرد کي
سنوارڻ ۾ مخصوص ڪردار ادا ڪيائون. مقابلي جي
امتحان لاءِ شاگردن کي همٿائي اسڪالرشپ، ڊرائنگ ۽
مئٽرڪ امتحانن لاءِ اضافي ڪلاس لڳرائي هر سال اڳي
کان اڳرا سٺا نتيجا وٺڻ جي جستجو ۾ هر هڪ استاد کي
پاڻ سان گڏ رکي بنا لالچ بنا ٽيوشن جي سٺا شاگرد
پيدا ڪيائون. ڪيترائي شاگرد اَٽو ٻڌي اچي سندس گهر
۾ رهندا هئا، جتي ماني پچائڻ ۽ کارائڻ لاءِ گهر ۾
انتظام ته پڙهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ پاڻ موجود. پنهنجن
شاگردن کي سٺن سٺن عهدن تي ڏسي پيو خوش ٿيندو.
انهن سان زندگي ڀر لڳ لاڳاپا، خط و ڪتابت ۽ اچڻ
وڃڻ قائم رکندو آيو. پاڻ اڃا وڌيڪ مطمئن ٿيو ته رب
پاڪ کيس ٻين جي ٻچن جي خدمت جي بدلي ۾ سندس ٻچا
پڙهي لائق اولاد بنيا. پاڻ وڏي فخر سان چوندو رهيو
ته سندس زندگيءَ جي ميراث سندس چار پٽ ۽ ٻه
نياڻيون آهن، جيڪي خدا جي فضل سان سڀ صاحبِ علم ۽
صاحبِ اولاد آهن، سڌريل آهن. اڃان به وڌيڪ جڏهن
پوٽن ۽ پوٽينِ کي سٺي نموني پڙهائي ۾ اڳتي وڌندو
ڏسي خوش ٿيندو هو ۽ مطمئن نظر ايندو هو.
سندس زندگيءَ جي معمول ۾ پنهنجي گهر ڳوٺ ۽ شهر جي
گهٽيءَ گهٽيءَ سان روح ريجهيل هو. پاڻ سڄا سارا 72
سال پنهنجي ماتر ڀومي کي نه ڇڏيو. ڪٿي به گهمڻ ڦرڻ
ويندو هو، ويجهو هوندو ته رات اچي گهر ڀيڙو ٿيندو
نه ته لاچار ٻه ٽي ڏينهن. پاڙي وارن سان پيار هئس.
صبح کان شام تائين پيو هلندو. ڀاڄي وٺڻ ويندو ته
اڌ شهر وارن سان ملندو، سار سنڀال لهندو ويندو،
واپسيءَ ۾ وري ٻي طرف کان موٽندو ته ٻيا يار ڏسندو
ايندو. هر هڪ جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار، سڀ جي
چڱائي پيو گهرندو. سندس مشن هئي انسان ذات جي
خدمت. کيس ديس واسي سڀ هڪجهڙا پيارا لڳندا هئا.
پاڻ هندو مسلمان، سنڌي ۽ پنجابي هڪ برابر سمجهي هر
هڪ جي اولاد وانگر خدمت ڪئي. پاڻ ٻيو ته ٺهيو پر
شهر جي ڀنگين، ڀيلن، جوڳين ۽ فقيرن سان به ياريون
نڀايون. انهن جي شادين ۽ غمين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو.
زندگي سڄي خودداريءَ سان گذاريائين. ٻي ڪنهن کي
ڪجهه چوڻ پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪجهه گهرڻ عيب
سمجهيائين. مطلب ته زندگيءَ ۾ رڳو ”ڏيڻ“ ئي سکيو
هو.
استاد قاضي پنهنجي اولاد کي ڏاڍي پيار سان پاليو.
هڪ مالهي وانگر نازڪ پودي مثل هنن جي سنڀال ڪئي.
هڪ سنگتراش وانگر کين هر هڪ پهلوءَ کان تراشي
خراشي سينگاريو ۽ سنواريو. موٽ ۾ پنهنجي اولاد کي
ڪامياب ۽ ڪامران ڏسي رڳو دعائون ڏيندو هو. هڪ منصف
۽ جج بنجي آخر تائين سڀني جي مٿان ڪڙي نظر رکي هر
پهلوءَ کان کين باخبر رکيو. پاڻ پڇاڙيءَ تائين
ڪنهن کان به ڪجهه نه گهريو. ڪابه فرمائش نه ڪئي،
هميشـﮧ خوش ۽ مطمئن هو. هميشـﮧ وانگر نه صرف پٽن ۽
پوٽن، پر نُنهن ۽ ڌيُن کي خرچي ڏيندو رهيو. هميشـﮧ
اها هدايت هئي ته جهڙي نموني هن اسان سڀني جي خدمت
ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، اهڙيءَ طرح اسين سڀ
به پنهنجي اولاد کي موٽ ۾ ڀرپور توجهه ڏئي دل و
جان سان خدمت ڪري فرض ادا ڪيون، ۽ ڪڏهن به ڪا لالچ
نه رکئون.
پاڻ ڀرپور طرح هڪ ادارو هئا. هر طرح کان مڪمل
انسان، پيار سان ڀرپور، سڪ ۽ محبت سان سرشار. سڄي
زندگي ٻين جي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ لڳا رهيا. ڪنهن جي
بدخوئيءَ ڪرڻ کان پري. سياسي طرح سڀني سان هڪجهڙا،
لکڻ ۽ پڙهڻ سندن عبادت، شعر و شاعري سندن روح جي
راحت، خط و ڪتابت سندن مشغلو هو. جنهن سان به هڪ
دفعو لاتائون ته مرڻ گهڙيءَ تائين انهن جي پونئرن
سان به نڀايائون.
محفل جا مور ۽ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا، سدائين سندن سٿ ۾
ڪونه ڪو حاضر ۽ شامل. پيا مشڪندا مزاح ڪندا، کلندا
۽ علم جي ڏي- وٺ هر گهڙيءَ پيا ڪندا. هميشـﮧ سڀ
لاءِ سندن سيني ۾ سڪ اهائي. ننڍي وڏي سان عمر آهر
پيا گفتگو ڪري خوش ٿيندا. دعوت شيراز مثل جيڪي
هوندو حاضر ڪندا پيا، ونڊي ورهائي کائيندا.
دعا آهي ته شال ابدي آرام ۾ به ايڏائي مطمئن هجن ۽
شال رحمت خداوندي پئي وسين ۽ اسان پوين کي پڻ اهو
ڪجهه نصيب ٿئي جيڪي پاڻ ڏئي ويا آهن. آمين.
پاڪ مِٽي- نيڪ انسان
از: آثم ناٿن شاهي
سائين قاضي عبدالحي ”قائل“ جن اسان کان جدا ٿي
ويا. ڪنهن کي خبر هئي ته قائل صاحب جن جي، اسان
کان ائين ۽ اهڙي نموني تڪڙي جدائي ٿي ويندي!
مرحوم جي نوجوان فرزندن: شاعر مقصود گل ۽ ڊاڪٽر
منظر حيات ته ٽي- چار مهينا اڳ ۾ ئي منهنجي ڪن تي
ڳالهه وجهي ڇڏي هئي ته ”بابا جن فريضهء حج ادا ڪرڻ
لاءِ سنبريل آهن، اميد آهي ته ستت ئي هتان روانا
ٿي ويندا.“
- ۽ پوءِ نيٺ اُهو وقت به آيو، جڏهن قائل صاحب جن
اُن مقدس ملڪ جي مقدس مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي رهڻ جو
اَٽل ارادو ڪري اچي ڪراچيءَ پهتا. ڏينهن ٻه
ڪراچيءَ ۾ رهيا. ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيا، ٽِيڪا ٻِيڪا
(انجيڪشنون) لڳا. کين سفر جي قابل سمجهي ”اوڪي“
ڪيو ويو، ۽ پاڻ 27 جون 1989ع تي هتان هوائي جهاز
ذريعي حجاز مقدس روانا ٿي ويا. ساڻن گڏ، سندن
نياڻو محترم قاضي قمرالدين ۽ گهر جا ڪجهه ٻار به
شريڪِ سفر هئا ۽ پوين جون کوڙ ساريون دعائون به
ساڻ هُين.
فلائيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ مون سان فون تي
ڳالهايائون، ته سندن ڳالهائڻ مان ڪابه ڪمزوري،
پريشاني يا ڌڙڪ ڪانه پئي معلوم ٿي. گفتگو ۾ اُها
ئي ماٺار ۽ اُها ئي ٻاجهه موجود هئي. مون کي
چيائون: ”بابا! اوهان هتي هلي اچي مون کي رخصت ڪرڻ
جي تڪليف نه ڪجو. ڇوڪرا ڪاغذي ڪارواين جي ڊوڙ ڊُڪ
۾ آهن ۽ وقت به ٿورو آهي، سو ڪا ڪچهري ٿي نه
سگهندي. گهڻو وقت جدائي ڪانه ٿيندي، سُتت ئي موٽي
اچبو، پوءِ ملاقاتون پيون ٿينديون.“ پر اهي سڀ
اندازا، اهي سڀ اميدون پوريون ٿيڻيون نه هيون، نه
ٿيون- پاڻ شعائر حج ادا ڪري، مَڪّي مڪرم ۾ پهتا ته
بخار جي جهڙپ اچي وين. باقاعدي مستعديءَ سان علاج
ڪرائڻ جي باوجود، پاڻ پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ پنهنجي
ڪَهول کان گهڻو ڏُور، 23 جولاءِ 1989ع تي الله کي
پيارا ٿي ويا، ۽ اُتي ئي جنت المعلى ۾ سندن تدفين
ٿي- هڪ پاڪ ملڪ جي مٽي ۽ هڪ نيڪ انسان جي جسم جو
پاڻ ۾ سدا لاءِ ميلاپ ٿي ويو.
”پهنچي وهين په خاڪ جهان ڪا خمير تها.“
گهر وارن کي خبر پهتي، فونون کڙڪيون، سڄي سنڌ ۾
خبر پکڙجي وئي، ڇيهه ڇڄي پيا، دليون ڦِسي پيون،
اکيون وسي پيون، پر وڃڻ وارا ڪٿي ٿا موٽي اچن!!
رتي ديري جي ڪوٽ جو هڪ ڪُنگرو ڪري پيو. سنڌ جي هڪ
ڪنڊ خالي ٿي وئي!! رتي ديري جي فصيل (ڪوٽ) تي اهڙو
بُرج (ڪُنگرو) وري نه ٺهي سگهندو، ۽ سنڌ جي اها
خالي ڪُنڊ ڀرجي نه سگهندي.
پاڻ ڪافي وقت تعليم جهڙي پوتر پيشي سان لاڳاپيل
رهيا، دانشور هئا، شاعر هئا ۽ سماجي حيثيت ۾ معتبر
هئا. پاڻ لاڏاڻي وقت وڏڙي عمر جا هئا ۽ پاڻ کان
نڍي عمر وارن سڀني انسانن کي، هندو مسلم جي ڀيد-
ڀاوَ کان بالا رهي، پنهنجي پُٽن وانگر سمجهندا
هئا. پيارُ، خلوص، ٻاجهه، سڀڪجهه وٽانئن ملندو هو.
پاڻ پنهنجي فرزندن: قاضي خضر حيات، قاضي مقصود
حيات (گُل)، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات تي
جهڙي طرح ڇپرَ ڇانوَ هئا، تهڙو ئي ٻين ماڻهن لاءِ
به سندن سايو گهاٽو ۽ کُليل رهندو هو. جهڙا پنهنجن
پوٽن/ ڏُهٽن تي ٻاجهارا هئا، تهڙا ئي ٻين جي ٻچڙن
تي به مهربان هئا. جيئن پنهنجين نياڻين جي سِرن تي
دستِ شفقت هوندو هون، تيئن پاڙي پتيءَ جي نياڻين
سياڻين جي مٿَن تي به سندن هٿ موجود هوندو هو.
مان جڏهن به وٽن ويس، وٽائن دعائن، دلاسن، همدردين
۽ همت افزاين سان جهوليون ڀري اُٿيس. پاڻ جڏهن به
مون وٽ آيا، خلوص، پيار، محبت ۽ مشورن جا تحفا
هميشـﮧ مون لاءِ آڻيندا رهيا، ڏيندا رهيا- پر، 23
جولاءِ 1989ع کان، سندن اولاد سان گڏ مان به انهن
نعمتن کان محروم ٿي ويو آهيان! ڇا ڪجي، ڇا ٿو ڪري
سگهجي؟
”ڦَٿڪي ڦٿڪي ڦيهه نه آثم،
ڦڪڻا سارو سينو آهي!“ |