ساميءَ جا سلوڪن جي سرا
انيس انصاري
سنڌ هميشـﮧ صوفين ۽ سنتن جو گهر رهي آهي، جن براين کان پري رهڻ
۽ چڱاين کي ويجهي ڪرڻ جو درس پئي ڏنو آهي. انهن جي
تعليم سدائين اها رهي آهي ته پهريائين پنهنجو من
اجارجي ۽ ”مان“ کي مارجي. اهڙن صوفين جي فهرست ته
وڏي آهي، پر جن سرل سنڌي ۾ ان اپديش کي عام ڪيو،
تن ۾ شاهه، سچل ۽ سامي مڙن کان مٿي آهن.
آتما ۽ پرماتما جي وچ ۾ سنٻنڌ آهي، تنهن جي ڄاڻ تصوف ۽ ويدانت
ذريعي ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. نالا جيتوڻيڪ جدا جدا
آهن پر تصوف ۽ ويدانيت جو مقصد مڙئي هڪ آهي. ڪلياڻ
آڏواڻي لکيو آهي، ”سنڌي شعر ۾ تصوف رستي ۽ سامي
ويدانيت جي ذريعي انسان ذات جي اُدار لاءِ ويچار
سهنجي سنڌيءَ ۾ پيش ڪيا آهن. بي. ايڇ. ناگراڻي
پنهنجي ڪتاب سامي جا چونڊ سلوڪ ۾ لکيو آهي، ”شاهه
تمثيلن ۽ آکاڻين ذريعي وحدت جي ڄاڻ ڪرائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. سچل ساڳي ڳالهه پڌري پٽ انا الحق جو نعرو
هڻي ظاهر ڪئي آهي. ساميءَ ساڳيو ئي ايڪتا ۽
هيڪڙائيءَ جو سنديس ويدانيت جي سکيائن وسيلي ڏنو
آهي.“
ساميءَ جا سلوڪ ته ڪاڳر تي ساگر آهن، جن جي اونهائيءَ کي لوچڻ
لاءِ ڄاڻ ۽ سڄاڻ جي ضرورت آهي. مان ان ساگر ڪناري
بيهي ان جي مٿاڇڙي تي جا مڻيا ڏسان ٿو تنهن جو
وستار پنهنجي سوچ ۽ سمجهه موجب ڪريان ٿو. ساميءَ
جي سلوڪن جو سار سندس سُرن ۾ اچي وڃي ٿو.
”ساميءَ جا سلوڪ“ ڪتاب، جو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد
ڇپايو آهي، سو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن مان هر هڪ
ڀاڱي ۾ جدا جدا سرن هيٺ سلوڪ گڏ ڪيا ويا آهن. انهن
جي معنى ۽ مطلب کي هن مضمون ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪريان ٿو.
ساميءَ پنهنجي سلوڪن ۾ ويدانيت جا ويچار پيش ڪيا آهن. ويدانيت
لفظ نڪتو آهي سنسڪرت ويد+ انت مان، جن جي معنى آهي
ويدن جي پڇاڙي يا تات پرج. ويدانيت هندو فلاسافي
آهي جنهن کي بدريانا ڪتاب ويدانت سوتر ۾ بيان ڪيو
آهي. هن فلاسافيءَ موجب خدا جي ذات کان سواءِ هر
چيز مايا (سراب) آهي، جيڪا ڄاڻ ته هئڻ (اوديا) ڪري
ماڻهو محسوس ڪري ٿو. ويد، جن تي ويدانت جو بنياد
رکيو ويو آهي، تنهن بابت ساميءَ چيو آهي. ”ويد
لائن ٿا واٽ آتم پد اپار جي.“
جهڙيءَ طرح شاهه پنهنجن بيتن کي آيتون چيو آهي، اهڙيءَ طرح
ساميءَ پنهنجن سلوڪن لاءِ چيو آهي، ”ويدن جو
ويچار، سو سنڌيءَ ۾ سڻايم.“
ڪلياڻ آڏواڻيءَ چيو آهي، ”ساميءَ صاحب جي سلوڪن ۾ انيڪ گرنٿن ۽
شاسترن جو سار سمايل آهي. جن سندن سلوڪن جو اڀياس
ڪيو، تن ڄڻ مڙئي آدي ويد ۽ اپنشد پڙهي پورا ڪيا.“
ويد ڪل چار آهن. اهي آهن: 1- رگويد 2- يجرويد 3- سام ويد ۽ 4-
اٿر ويد. اپنشد ڪل هڪ سئو اٺ آهن جن مان مکيه ڏهه
آهن: 1- ايش 2- ڪين 3- ڪٺ 4- پراشما 5- مانڊڪ 6-
مانڊڪيه 7- تيتريه 8- ائتريه 9- ڇاندوگيه ۽ 10-
براهورنيڪ. ويدن ۽ اپنشدن کانسواءِ هندن جا ٻيا
مکيه مذهبي ڪتاب آهن: اپ ويد، برهمڻا (ويد ڀاشا)
ڌرم شاستر ۽ سمرتيون.
سامي نه رڳو ويدن جو ڄاڻو هو، پر هو هندن جي ڪتابن ۽ فلاسافين ۾
پڻ ڀڙ هو، جنهن جو وستار اڳتي هلي ڇهه اٺارهن چار
۾ ڪندس.
مايا: ساميءَ جي سلوڪن مان پهريون سرو آهي مايا. مايا ڪنهن
ڌاتوءَ مان نڪتي آهي سو آهي ”ما“ جنهن جي معنى آهي
ماپڻ. رگوويد ۾ مايا مافوق طاقت
(Superntural Power)
۽ عجيب هنرمندي
(Wonderful Skill)
جي معنى ۾ اٿر ويد ۾ جادو
(Magic)
۽ خراب
(Illusion)
جي معنى ۾ آيل آهي.
مايا کي هڪ ديويءَ جي صورت ۾ پڻ پيش ڪيو ويو آهي. مانڊوڪيه
اپنشد شلوڪ 7 ۾ مايا لاءِ چيو ويو آهي، ”پيدائش تي
غور ڪرڻ وارا ڪي ماڻهو پيدائش کي ايشور جي وڀوتي
مڃن ٿا. ڪي وري ان پيدائش کي خواب جو نقشو يا مايا
چون ٿا.“
شريمد ڀڳوت ۾ مايا لاءِ چيو ويو آهي، ”ايشور ۽ مايا انادي آهن.
ايشور پنهنجي مايا مان هي سرشٽي پيدا ڪئي آهي.“
(اسڪند ٽيون اڌياءَ پهريون)
ساميءَ مايا لاءِ پنهنجي هڪ سلوڪ ۾ چيو آهي:
”مهاچل پر ٻل، مايا محبوبن جي،
وڌو جنهن جهان کي نانا ڀاء خلل.“
مايا اصطلاحي معنى ۾ دولت کي به چيو ويندو آهي.
اوديا: وديا جو ضد آهي. وديا نڪتي آهي سنسڪرت وِد مان، جنهن جي
معنى آهي علم يا ڄاڻ، ان ڪري وديا جي معنى به
ٿيندي علم ۽ ڄاڻ. ان طرح اوديا جي معنى ٿيندي بي
علمي يا اڻ ڄاڻائي. پرايشا واسيه اپنشد ۾ ڄاڻ کي
ٻن قسمن جو چيو ويو آهي. هڪ آهي وديا جا حقيقي ڄاڻ
آهي ۽ جا آتما برهما بابت سڌ ڏئي ٿي. ٻي اڻپوري
ڄاڻ (اوديا) آهي اوديا ۾ شين، پدارٿن ۽ حواسن
ذريعي چيزن جي ڄاڻ ته حاصل ٿي سگهي ٿي، پر انهن جي
اصليت کان ماڻهو اڻ واقف ٿو رهي.
ايشا واسيه اپنشد منتر 9 ۾ لکيل آهي، ”جي ماڻهو اوديا جي خواهش
ڪن ٿا اهي سخت انڌيري ۾ ڪرن ٿا ۽ ان کان به وڌيڪ
اونداهي ۾ اهي ڪرن ٿا جي وديا ۾ مشغول ۽ مصروف
آهن.
ساڳي اپنشد جي منتر 11 ۾ لکيل آهي، ”وديا ۽ اوديا ٻنهي جي جيڪو
ساڻ ساڻ ڄاڻ رکي ٿو، اهو اوديا سان فنا کي عبور
ڪري وديا سان لافانيت حاصل ڪري ٿو.“
شروع ۾ وديا جون چار شاخون سمجهيون وينديون هيون، (1) ٽن ويدن
جي ڄاڻ (2) انوڪشڪي يعني منطق ۽ مابعدالطبعيات (3)
ڊنڊا نيتي، حڪومت ڪرڻ جي ڄاڻ ۽ (4) ورٽا يعني پوک،
واپار، دوائن وغيره جو علم. منوءَ ان ۾ آتم وديا
به داخل ڪئي آهي.
هندي فلاسافي ۽ مابعدالطبعيات مطابق وديا جي معنى آهي اوديا
(ناممڪن تجربي تي مبني ڄاڻ) کان اول ۽ بعد ۾ جا
ڄاڻ آهي تنهن کي حاصل ڪرڻ.
اوديا لاءِ ساميءَ چيو آهي:
سڀ کي نچائي ٿو اوديا ڀوت ڀرم جو؛
بنا ڦاهيءَ ڦند جي ٿو پل پل پٽائي؛
منتر نه مني ڪنهن جو رهيا ٻلي ٻل لائي؛
ستگر ڇڏائي ته سامي ڇٽي دک کون.
شريمد ڀاڳوت (اسڪند يارهون اڌياءُ 4) ۾ اوديا لاءِ لکيل آهي،
”اوديا جي ڪري ناسونت شرير کي سچ سمجهجي ٿو. ان
اوديا جي پڙدي کي دور هٽاءِ ۽ سچو گيان پائي
پنهنجي پورڻ، مڪت ۽ شد آتما جو ديدار ڪر.“
مورک: ان جي معنى آهي بي وقوف ۽ اڻ ڄاڻ. ساميءَ پنهنجي سلوڪن ۾
مورک ان کي سڏيو آهي جو پنهنجي مورکائيءَ سبب ڌرم
جي پالنا نه ٿو ڪري؛ آتم گيان جي ڄاڻ نه ٿو رکي.
مايا جي موهه ۾ ڦاسي ٿو ۽ اوديا جي اوڙاهه ۾ وڃي
ڪري ٿو ۽ هيڪڙائي هيڪ ۾ اعتبار نه ٿو رکي.
ساميءَ چيو آهي:
گهر ۾ رام وسي، ٻاهر ڍونڍي جيءَ نت
پائي منهن مهران ۾، سامي ڪين پسي
پنهنجو پاڻ ڦسي ٿو مورک اوديا ڦاس ۾.
اگياني: گيان (ڄاڻ) نه رکندڙ ماڻهوءَ کي سامي اگياني سڏيو آهي.
گيان کي عرفان به چئي سگهجي ٿو. گيان نڪتو آهي گيه
مان جا ڄاڻ آهي.
گياني ڪير آهي، ان لاءِ شريمد ڀاڳوت اسڪند ٻيو اڌياءُ ٻڌائي ٿو،
”گياني دنيا ۾ رهي ٿو پر ان سان موهه نه ٿو رکي.
هو پنهنجي حواسن جو مزو نه ٿو ماڻي، ڇاڪاڻ ته هن
کي ڄاڻ آهي ته اندرين جي ڀوڳ ۾ سچو سک نه آهي.“
ساميءَ انهيءَ ماڻهوءَ کي اگياني سڏيو آهي، جو پنجن تتن جو پتلو
ٿي ڪري به پاڻ کي فاني نه ٿو ڄاڻي. چوي ٿو:
ٻانڀڻ ٻنڌ گياني، ڪوڙا گهمن ڪيترا
ڳالهيون ڪن زبان سان، انڀئه آساني
رهن رس ڪس لوڀ ۾ ارجها اڀماني
ڄاڻن نه فاني پتلو پنجن تتن جو.
پنجن تتن جن جو ذڪر ساميءَ ڪيو آهي سي آهن (1) خاڪ (2) پاڻي (3)
هوا (4) باهه ۽ (5) آڪاش.
ويساسي: ويساسي جي معنى آهي ويساهه رکندڙ. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي
پير وڏو يا ويساهه؟ ويساهه واقعي وڏو آهي.
انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي
Faith moves the Mountion.
ساميءَ به ويساهه کي وڏو چيو آهي. سندس سلوڪ آهي.
وڏو ڄاڻ ويساه، سامي سڀ ڪهين کون
ويد پراڻ مٿي ڪري ڪڍيو اهو راءَ
انتر مگ اچي ڪري سمجهي ڪو سماءَ
ڇڏ وڏائي واءُ ته سهجي ملني سپرين.
ڀاونا: ڀاونا جي معنى آهي خيال، نيت يا ارادو. سنڌيءَ ۾ پهاڪو
آهي ”جهڙي نيت تهڙي مراد.“
ساميءَ چيو آهي:
سڀ کي ڏئي ڦل سامي پنهن جي ڀاونا
چون ويد پران ٿا، ايها ڳالهه اصل
ڏنائون ڪري نرمل حاضر شيشو هٿ ۾.
ساڌ مهما: ساڌ جي معنى آهي سنت، ڀلو ماڻهو ۽ مهما جي معنى آهي
وڏائي (هتي مهما جي معنى علم، فضل ۽ عمل ۾ وڏو هجڻ
آهي).
ڏيارام گدومل لکيو آهي، ”ساڌو اهو آهي جنهن جو ڌن اُتم ڌن ۽
گيان اتم گيان آهي. اهو ئي ڌن اتم آهي. اهو ئي
گيان اتم آهي.“
ٽِي راجا گوپال آچاريه پنهنجي ڪتاب ۾ وشستا دويتا فلاسافي هيٺ
لکي ٿو ته هڪ يوگي هيٺين اٺن طاقتن مان ڪي يا سڀ
حاصل ڪري سگهي ٿو.
1- انيما: اها طاقت، جنهن هيٺ ايٽم جيترو ننڍو ٿي سگهجي ٿو.
2- مهما: وڏو ٿيڻ جي طاقت.
3- لگما: هلڪي ڦلڪي ٿيڻ جي طاقت.
4- پراپتي: ديوتائن جيتري طاقت حاصل ڪرڻ.
5- پراڪميا: نظر ايندڙ يا نظر نه ايندڙ چيزن مان حظ حاصل ڪرڻ.
6- اشٽا: قدرتي قوتن مٿان طاقت حاصل ڪرڻ.
7- وستا: وستن سان دل نه لڳائڻ.
8- ڪامابيتا: سڀ خواهشن حاصل ڪرڻ جي طاقت.
ساڌوءَ بابت ساميءَ هيئن فرمايو آهي:
ساڌوءَ جو اپڪار، ڪهڙو ڳڻيان مک سان
ڦيري هٿ مٿي تي ڪيائين سيتل سار
سامي سڀ مٽي ويو اوديا جو اهنڪار
ساکي سرجڻ هار وٺي ڏنائين هٿ سان.
ست سنگ مهما: ست سنگ جي معنى آهي سچن جو ساٿ.
ست سنگ لاءِ شريمد ڀاڳوت ۾ آيو آهي، ”جيڪي منش اهڙن گيانن جو
سنگ ڪن ٿا ۽ انهن ۾ شرڌا رکن ٿا سي پوتر ٿين ٿا.“
هر روز ايشور جي نالي ڌيائڻ سان ۽ ست پرشن جي سنگ
۽ پوتر وايو منڊل ۾ رهڻ ڪري هنن ۾ ايشور لاءِ پيار
۽ شرڌا وڌي ٿي (اسڪند ٽيون اڌياءُ 4).
ست سنگ لاءِ شريمد ڀاڳوت (اسڪند چوٿون اڌياءَ 1) ۾ نارد منيءَ
جي واتان ڌروءَ کي صلاح ڏني وئي آهي، ”ايشور کي
ڳولڻ جو رستو ڏاڍو ڪٺن آهي، يوگي سالن جا سال ويٺا
ڪوشش ڪندا آهن، هو دنيا جا سڀ سک ۽ مزا ڇڏي ڏيندا
آهن. ڪڏهين ڪڏهين ته هڪ ٻئي پٺيان جنمن جا جنم
ويٺا يتن ڪندا آهن. انهيءَ ڪري تون اها ڪوشش ڇڏي
ڏي ۽ موٽي گهر وڃ. ست پرشن جو وڃي سنگ ڪر.“
سامي چوي ٿو:
آهن اگم اپار، راهان رام ملڻ جون،
تن سڀني ۾ هڪڙي، ساڌ سنگت نروار،
سامي مل تنهين سان، ڪري پريم پيار،
ته دوست جو ديدار، ڏسين ڀيد ڀرم ري.
ساڌ سنگت مهما: ساڌ سنگت جي معنى آهي ساڌن يا نيڪ ماڻهن جو ساٿ
يا دوستي، ڏيارام گدومل لکيو آهي، ”ساڌ سنگت ڪري
من جا ڀوت ڪڍي سگهجن ٿا پر ساڌو ٿيڻ کان سواءِ
سائين نه ٿو ملي.“
من جا ڀوت پنج آهن: 1- ڪام 2- ڪروڌ 3- لوڀ 4- موه 5- اهنڪار.
سامي چيو آهي:
ڀريو جنهن مجرو، سامي ساڌ سنگت جو،
سهجي تنهن شيوڪ جو اندر ٿيو اجرو،
لڌائين حجرو، پرچي پاڪ پرين جو.
پنج ڀوت: 1- پرٿوي (زمين) 2- جل (پاڻي) 3- وايو (هوا) 4- اگني
(باهه) 5- آڪاش (آسمان يا خلا) کي به چيو ويندو
آهي.
گرمک: گرمک جي معنى آهي سک، چيلو يا مريد.
گروءَ جو ڪم آهي گيان ڏيڻ ۽ گرمک جو ڪم آهي ان کي هينئين سان
هنڊائڻ ۽ ان موجب عمل ڪرڻ. اهو ته گرمک جي پنهنجي
ظرف تي ڇڏيل آهي ته اهو پنهنجي گروءَ جي حڪمن جي
تعميل ڪيتري قدر ڪري سگهي ٿو.
هڪ سچي گرمک ۾ جي خوبيون هئڻ گهرجن، تن جو ذڪر سامي پنهنجي سلوڪ
۾ هيئن ڪري ٿو.
گرمک گڻ کڻي، سامي هر ڪنهن جو؛
اوديا جي اهنڪار جا ليکا ڪين ڳڻي؛
آتم لک صحي ڪري سڀ جو داس بڻي؛
وري ماءُ ڄڻي، ڪا اهڙا پتر انڀئي.
ايشور مهما: ايشور نڪتو آهي. ايش ڌاتوءَ مان، جنهن جي معنى آهي
طاقتور هجڻ ان لاءِ ايشور جي معنى ٿيندي وڏي طاقت
وارو. مهما بابت اڳي ذڪر ڪيو ويو آهي.
شريمد ڀاڳوت ۾ چيو ويو آهي، ”ايشور ستيه آهي، اهو ئي اننت ۽ بي
اَننت آهي، اهو ئي سرو شڪتيوان آهي، ان ڪري منش کي
سڀ منورت ڇڏي ان هڪ کي ئي ڌيائڻ گهرجي.“ (اسڪند
ٻيو اڌياء 1). سامي لکيو آهي:
شهه رڳ کون نزيڪ، سڄڻ اٿي اوڏڙو،
ڪڍي غير اندر مون، ڪري ڏس تحقيق،
ناحق ڪرمَ ڪيڪ، سامي چئي سمجهه ري.
اپديش: اپديش جي معنى آهي وعظ، پرچار يا نصيحت. اها نصيحت جا
سچي مرشد کان ملي ٿي، ان تي هلڻ سان ئي انسان جو
ڀلو ٿئي ٿو.
ساميءَ چيو آهي:
عجائب اپديش، سامي ڏنو ست گرو،
نور مَحل نرباڻ ۾، پرچي ڪيو پرويس،
مٽيو ڪلهه ڪليس، سڀ گهٽ ڏٺا سپري.
ڀڳتي: ان جو ڌاتو آهي ڀڄ. مذهبي طرح ان جي معنى ٿيندي ساراهڻ يا
عبادت ڪرڻ.
ڀڳتي بابت رگ ويد ۾ ٻن هنڌن تي ذڪر آيو آهي جنهن ۾ وروڻ ديو جي
استتي ڪيل آهي.
وويڪانند ڀڳتي بابت لکيو آهي ته ”اها مذهبي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ
ذهني ڪوشش جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪا عام پوڄا سان شروع
ٿي ايشور جي پريم جي مٿاهينءَ منزل تي ختم ٿئي
ٿي.“
ساميءَ ڀڳت ۽ ڀڳتيءَ جو ذڪر پنهنجي هڪ سلوڪ ۾ هيئن ڪيو آهي:
ڀڳت ري ڀڳوان، ڪنهين پاتو ڪينڪي
توڙي ويد پراڻ پڙهي ڪري، ڪن گيتا جو گيان
سمجهي ڏس سامي چئي، تون ڪڍي گير گمان
ويسا سي وِدِ مانُ، پرچي ٿئا وڃي پيءَ جي.
سڪ: پريم، نيهي، محبت، عشق ۽ عاشق جي ساميءَ جي سلوڪن جا جدا
جدا سرا آهن، تن جي معنى گهڻو ڪري ساڳي آهي. ان جو
مقصد آهي پنهنجي سرجڻ هار سان پريت رکڻ. شريمد
ڀاڳوت ۾ نارد منيءَ کان چورايو ويو آهي، ”سڀني
ويدن جو تت، سڀني تپسيائن ۽ يوگن جو سار ۽ سموري
وديا ۽ گيان جو ڀرم اننت آهي پرڀوءَ جو پريم ۽
شيوا“ (اسڪند چوٿون اڌياءُ 5).
سڪ لاءِ ساميءَ جو هڪ سلوڪ آهي:
جنکي سڪ ڪيا، آکيرا اندر ۾
سي ڀو ساگر جي ڀيڙ کون، لنگهي پار پيا
ڏسي منهن محبوب جو، عين اڀيد ٿيا
ٻانڀڻ چئي، ٻيا ڳالهيون ڪن زبان سان.
پريم لاءِ چوي ٿو:
پريم پريم سڀ ڪن، پريم پرک پرماتما
مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پري، لکايا لهن
ٻيا سڀ يادِ بَڪَن، سمجهه ري سامي چئي.
نيهي بابت لکي ٿو:
نيهَن بنا نادانَ، ويد پڙهي وادي ٿيا
ٻانڀڻ ڪن ٻيائي سان، جپ تپ دان اشنان
نيهي نارائڻ ري، ٻي سُڌ رکن ڪان
رهن منجهه جهان، نرپک نيارا نَڀَ جان.
محبت لاءِ سامي جو چوڻ آهي:
محبت جي ميدان ۾، عاشق رنگ رچن
پون پروانن جان، اڳيون عجيبن
سانگ نه وارن، سِر جو، توڙي مچ مچن
ماسو ماس نه تن، برهه جنين جي بکري.
عشق لاءِ آيو آهي:
جنهن کي چڙهيو خمار، اچي عشق اڀيد جو
سو سامي سپيرين ۾، وِٿ نه ڀائين وار
سدائي گلزار، رهي پنهنجي حال ۾.
عاشق ته اهي جنهن تي معشوق خود عاشق ٿئي، سامي ان سلسلي ۾ چوي
ٿو.
عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو
جتي ڏسن نيڻ ڀري، تتي پرين ڏسن
اٿندي وهندي ننڊ ۾، سامي مليا رهن
اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
سهاڳڻ: سهاڳڻ سائي جنهن کي پرين پنهنجو ڪري، سهاڳڻ تي ساميءَ جا
سلوڪ سون ۾ ترڻ لائق آهي.
سهاڳڻ سائي، جنهن کي پر پانهنجو ڪيو
سنسو ڀرم ڇڏي ڪري ادب ۾ آئي
کائي کارائي سڀ کي، محبت مٺائي
سامي سدائي، سنمکه ڏسي سپرين.
ڇهه اٺارهن چار: هن سري هيٺ هندن جي انهن بنيادي ڪتابن ڏانهن
اشارو آهي، جن هندو ڌرم جي فلاسافي ۽ عمل ذڪر ڪيل
آهن.
ڇهه ڌرم شاستر (1) نيايا (2) وشيشڪ (3) سانکيه (4) يوگا (5)
پورو ميمانسا ۽ (6) ويدانتا ۽ اترميمانسا.
اٺارهن يا ارڙهن پراڻ آهن. پراڻ ته گهڻا آهن پر انهن مان مکيه
ارڙهن سمجهيا ويندا آهن. (1) برهم (2) پدم (3)
وشنو (4) شو (5) ڀاڳوت (6) نادر (7) مارڪنڊ (8)
اگني (9) ڀوشيه (10) برهم وايو ورت (11) لنگه (12)
ورهه (13) سڪند (14) وامن (15) ڪرم (16) متسيه
(17) گرڙ (18) برهامنڊ
چار ويد آهن (1) رگ ويد (2) سام ويد (3) يجر ويد ۽ (4) اٿر ويد.
اهي چار مکيه ويد آهن. اپ ويد به چار آهن. (1)
آيرويد (2) ڌنرويد (3) گنڌرو ويد ۽ (4)
ايسٿاپتياويد.
ڇهه اٺارهن چار لاءِ ساميءَ چيو آهي:
ڇهه اٺارهه چار، ڳالهه چون ٿا هڪڙي
در در ديوانن جان، ناحق ڪيم نهار
ملي ساڌ سنگت سان، بيحد ڏيئو ٻار
ته بيٺي منجهه بزار، سامي ڏسين سپرين.
لکشڻ: لڇڻ ئي انسان کي انسان بنائن ٿا. سلڇڻو ماڻهو سڀ کي پيو
وڻندو ۽ ڪلڇڻو ته کيس گهر ۾ مانُ ملندو نه ٻاهر.
سامي صاحب پنهنجن سلوڪن ۾ لکشڻ بابت جي سلوڪ چيا
آهن، انهن مان نموني طور هڪ هيٺ ڏجي ٿو:
چڱا سي چئجن، چڱو جنين جي چت ۾
برائي ڪنهن جيءَ ڏي، سامي ڪين ڏسن
ديا درشٽ رکي ڪري، سڀ تي ڪرپا ڪن
سدا سم رهن، اسٿت آدم پد ۾.
فقير: فقير نڪتو آهي فقر مان. سيد محمد ذوقي پنهنجي ڪتاب سرِ
دلبران، جنهن ۾ ان تصوف جي اصطلاحن جي تشريح ڪئي
آهي، تنهن ۾ لکيو آهي. ”فقر آهي فنا في الله ٿي
وڃڻ ۽ ٻنهي دنيائن کان منهن موڙڻ.“ فقير جي تشريح
ڪندي هو لکي ٿو ته ”بعض جي نزديڪ فقير اهو آهي جو
خدا جي ذات کان سواءِ ڪنهن جو محتاج نه رهي ۽ ڪن
جي نزديڪ ته هو خدا جو محتاج به نه ٿو رهي.“ |