سنڌ ۽ ان جا قديم شهر
شيخ محمد اعظم ٺٽوي
مترجم: عبدالرسول قادري بلوچ
سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت جن آڳاٽن فارسي تذڪرن ۾ احوال
آيل آهي ۽ جي سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ماخذ آهن،
انهن ڪتابن ۾ هيئت العالم فارسي به هڪ اهم ماخذ
آهي. هيئت العالم ۾ سنڌ، سنڌوندي، ملتان، بکر،
الور، سيوستان، حيدرآباد ۽ ٺٽي جا جاگرافيائي
حالات مختصر ۽ دلچسپ انداز ۾ آيل آهن. هيئت العالم
جو مصنف ڪلهوڙا دور جي آخري ۽ ٽالپرن جي ابتدائي
دور جو مصنف هو. سندس نالو شيخ محمد اعظم بن محمد
شفيع بن عبدالسلام ٺٽوي آهي. شيخ محمد اعظم
ابتدائي تعليم ٺٽي ۾ ورتي ۽ اڳتي هلي سندس گهڻو
عرصو تعليم ۽ ملازمت لاءِ سورت ۾ گذريو، جتي پاڻ
اتان جي مشهور عالم ۽ بزرگ مولانا خيرالدين
نقشبندي وٽ پڙهيو، تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪري
سندس مريد به ٿيو. سورت ۾ پاڻ مير حفيظ الدين خان
جي ملازمت به ڪيائين ۽ گهڻو ڪري ٺٽي ۾ به ڪو
سرڪاري منصب سونپيل هوس. هو سير سفر به ڪندو رهيو.
بمبئي، مسقط بندر ۾ قنڌار به ويو هو. شيخ محمد
اعظم شاعر به هو. سندس وفات سن 1207هه ڌاري ٿي.
شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جا ٻه ڪتاب يادگار ملن ٿا. هڪ تحفـة
الطاهرين فارسي، جنهن ۾ مڪليءَ جي اٺهتر ۽ ٺٽي جي
نَوي مشاهيرن جو پاڙي وار احوال تمام محبت ۽ محنت
سان آيل آهي. تحفة الطاهرين فارسيءَ جو مون سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اشاعت لاءِ
موڪليل آهي.
ٻيو ڪتاب هيئت العالم آهي. شيخ محمد عظيم ٺٽويءَ جو هيءُ ٻيو
ڪتاب هيئت العالم جاگرافيءَ جي موضوع تي معلومات
افزا ۽ نهايت قيمتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي تاليف جو
سبب بيان ڪندي خود مصنف لکيو آهي ته، هو جڏهن سورت
۾ مير حفيظ الدين خان جي ملازمت ۾ هو، تڏهن هڪ رات
خواب ۾ ڏٺائين ته، جهان جو سير پيو ڪريان، جنهن ۾
برپٽ ۽ جبلن جي ماپ پيو ڪريان. آباد ۽ غير آباد
زمين ۽ چئني طرف جبل ۽ بيابان پيو جهاڳيان. بر و
بحر، برپٽ ۽ شهرن جا عجائبات به پنهنجي اکين سان
پيو ڏسان. هن کي خواب حيران ڪري ڇڏيو. ان جو تعبير
پنهنجي رهبر مولانا خيرالدين نقشبدي کان پڇيائين.
ان بزرگ مراقبو ڪري کيس ٻڌايو ته، دلجاءِ ڪر، تون
هڪ جامع ڪتاب لکندين؛ جنهن ۾ دنيا جي عجائبات،
ملڪن ۽ شهرن جو احوال تمام سهڻي نموني بيان هوندو.
همت جو سندرو ٻڌ ۽ مقصد جو گوهر هٿ ڪر. ان خواب جو
اهڙو دلپسند تعبير ٻڌي شيخ محمد اعظم ٺٽوي ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ڪتاب
پڙهڻ ۽ ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين. هيئت العالم تصنيف
ڪرڻ وقت هيٺيان ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيا: (1)
تشريح الفلاڪ (2) مجمع الاسرار (3) مقياس الارض
(4) سفينة البلاد (5) رياض الافاق (6) تحفة الڪرام
(7) مجمع الغرائب (8) مسالڪ ممالڪ (9* ميزان
الحڪمت (10) معلومات الافاق (11) هفت اقليم (12)
منتخب التواريخ (13) عجائب المخلوقات (14) مجمع
النوادر (15) جامع التواريخ (16) آثارالبلاد (17)
صور الاقاليم (18) تحفة الغرائب (19) عجائب العالم
(20) عجائب البلدان (21) تاريخ جهان نما.
هيئت العالم ۾ اٺ بابت آهن، انهن جي ترتيب هن ريت آهي:
باب پهريون: افلاڪ جي بيان ۾.
باب ٻيو: سج جي چنڊ سان نسبت ۽ سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جي بيان ۾.
باب ٽيون: چئن عناصرن جي بيان ۾.
باب پنجون: کاري ۽ مٺي بحرن جي بيان ۾.
باب ڇهون: ڪائنات جي بيان ۾.
باب ستون: ست اقليم ۽ انهن جي ملڪن ۽ شهرن جي بيان ۾.
باب اٺون: غير آباد (رڻ پٽ ۽ بيابان) ۽ انهن طرفن جا عجائبات.
هيئت العالم لکڻ وقت مصنف ڪيترن شهرن جو احوال لکندي، پنهنجا
اکين ڏٺا واقعا به بيان ڪيا آهن، تنهنڪري ڪتاب
ڏاڍو دلچسپ ٿي پيو آهي. هي ڪتاب سنه 1200هه ڌاري
سنڌ ۾ پورو ٿيو ۽ مصنف هن ڪتاب کي سنڌ جي ئي علم
پرور ۽ فياض خيرپور جي واليءَ مير سهراب خان ٽالپر
جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. هيئت العالم جو قلمي
نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي. سائيز 5X
5. 7، جنهن ۾ 148 صفحا ۽ هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن.
شيخ محمد اعظم ٺٽوي پنهنجي بيش بها تصنيف هيئت العالم فارسي جي
ٻئي فصل ۾، اقليم دوم جي عنوان سان سنڌ ملڪ ۽ سندس
قديم شهرن جو ذڪر آندو آهي. سنڌ ۽ سنڌونديءَ کان
پوءِ سنڌ جي قديم شهرن ملتان، بکر، الور، سيوستان،
حيدرآباد ۽ ٺٽي جو مختصر ۽ دلچسپ احوال ڏاڍي سهڻي
پيرايي ۾ لکيو آهي. سنڌ ۽ سندس قديم وڏن شهرن جو
احوال جيڪو اڄ کان ٻه سئو سال اڳ ۾ لکيو ويو هو،
ان جي اهميت جي پيش نظر، ان جو سنڌي ترجمو پيش
خدمت آهي.
سنڌ:
هيءَ ولايت سند ولد حام بن نوح ڏي منسوب آهي. تحفة الڪرام جي
صاحب سنڌ کي پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجين ولايت
۾ مشترڪ لکيو آهي، پر علم هيئت جي وڏي عالم، علي
قوشنجي جيڪو زمين جو دائرو ٺاهيو آهي، ان مان ظاهر
ٿئي ٿو ته سنڌ اڪثر ٻي ولايت ۾ داخل آهي ۽ ڪتاب
”مجمع الاسرار“ جي عبارت مان به ائين معلوم ٿئي
ٿو. جيتوڻيڪ هن ولايت جا ڪجهه حصا ٻين ولايتن ۾
داخل آهن، پر هن ڪتاب هيئت العالم جو مصنف (شيخ
محمد اعظم ٺٽوي) سنڌ کي ٻي ولايت سمجهي سندس بيان
لکي ٿو. مخفي نه رهي ته سنڌ سير حاصل ولايت آهي ۽
سنڌ جي زمين زرخيز ۽ نفعي بخش آهي. سيحون ندي هن
ولايت جي وچ مان وهندڙ آهي. سنڌ جي ٻوليءَ ۾ هن
ندي کي ”مهراڻ“ چوندا آهن. هن ملڪ جي ڏاکڻي حد بحر
محيط آهي، جنهن کي بحر عمان به چوندا آهن. سنڌ ۾
لاڙ جي آبهوا وچٿري آهي ۽ باقي سڀ گرم آهن.
ملتان:
ملتان آڳاٽو شهر آهي. تحفة الڪرام ۾ آهي ته هن شهر جي ابتدا ۽
بنياد پوڻ بابت ڪنهن کي به خبر ڪانهي، پر مجمع
الاسرار ۾ لکيل آهي ته سام بن نريمان جڏهن شڪار
ڪرڻ لاءِ اڪثر هن طرف متوجهه ٿيو ته ملتان جي زمين
کي پسند ڪري، شهر جو بنياد رکيائين. هن شهر ۾
رنگريزي ۽ ڇيٽ جي صنعت اوج تي آهي. هتان جا رهاڪو
سليقي ۽ لياقت وارا آهن، پر هتان جي هوا گرم آهي.
بکر:
هيءَ مضبوط قلعو آهي، جيڪو مرزا شاهه بيگ ارغون ٺهرايو هو. مير
محمد معصوم بکري به اڪبر بادشاهه جي حڪم سان، هن ۾
عاليشان ۽ وڻندڙ عمارتون تعمير ڪرايون آهن. انهن ۾
معصوم شاهه جو منارو ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. منارو
تمام مٿاهون ۽ بلند آهي. جيڪو ماڻهو ان مناري جي
چوٽيءَ تي چڙهي نظر ڪري ٿو ته ان کي اٺن فرسنگن جو
نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻي به هڪ ماڙي آهي، جيڪا
درياءَ جي ڪناري ٻيڙي وانگر ٺهيل آهي. هڪ ٻي عجيب
محلات مهراڻ درياءَ جي وچ ۾ ٺهيل آهي، جنهن کي
سيتا سر چئبو آهي.
الور:
اروڙ آڳاٽي زماني کان سنڌ جي راجائن جي گاديءَ جو هنڌ هو. هاڻي
برباد ٿي ويو آهي. اروڙ جي مضافات ۾ سيوي نالي ڳوٺ
آهي. ان جي اتر طرف هڪ جبل آهي، جنهن جي مٿان اڳين
ماڻهن قديم طلسمي گنبذ ٺاهيو آهي. گنبذ جو نالو
مارو ڪري مشهور آهي. پري کان اهو گنبذ تمام وڏو ۽
بلند ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر جڏهن اتي وڃبو آهي ته
ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
سلطان محمود خان پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ پاڻ ۽ ٽن چئن هزار ماڻهن
کي حڪم ڪيو ته، اهي هٿ هٿ ۾ ڏيئي گنبذ کي نظر ۾
رکي: اتي چڙهي وڃي ڏسن. سڀئي جڏهن اتي پهتا ته
گنبذ جو نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪونه آين.
تاريخ معصومي ۾ ذڪر آهي ته طلسمي گنبذ آهي جنهن ۾ خزانو پوريل
آهي.
تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته سيوي جي هڪ طرف کان چاليهن ڪوهن ۾
بيابان آهي، جنهن جي وچان قنڌار وارو رستو آهي.
جيڪڏهن ڪو مسافر ان بيابان ۾ رستو ڀلجي وڃي ته
ٻيهر آبادي جو منهن به نه ڏسندو ۽ هلاڪ ٿي مري
ويندو.
سيوستان:
هيءُ تمام قديم شهر آهي. ان جو قلعو مٿي دڙي تي تمام بلند آهي.
هينئر قلعو برباد ۽ شهر آباد آهي. اتي جي عجائبات
مان گنبذ آهي، جيڪو هڪ ٿنڀي تي بيٺل آهي.
حيدرآباد:
هي ملڪ سنڌ جو وڏو ناليرو قلعو جبل جي مٿان ٺهيل آهي. راجا
ساهسي جي عهد ۾، ان جي هڪ امير نيرون نالي جوڙايو
هو. سنه 1180هه ۾ ميان غلام شاهه عباسي هن قلعي کي
تمام مضبوط ۽ نئين سر ٺهرائي، حيدرآباد جي نالي
سان منسوب ڪيو.
ٺٽو:
ٺٽو ناليرو ۽ سڳورو شهر آهي. آبهوا جي تازگي ۽ صبح شام جي صفائي
۾ نرالو آهي. ڄام نظام الدين سمي نائين صدي هجري
جي آخر ۾ هن شهر کي آباد ڪيو. شهر جي اولهه پاسي
عمارتن سان سينگاريل (مڪلي) ٽڪري آهي. اها ٽڪري
برسات جي ڏينهن ۾ قدرتي ساوڪ ۽ سبزي جي ڪري بهشت
جو ٽڪرو ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن ٽڪري جي هڪ طرف کان
اڌ ڪوهه جي پنڌ تي سهسيه لنگ نالي تلاءُ آهي. چون
ٿا ته هن ٽڪري تي هڪ لک اولياءَ الله آرامي آهن.
پري کان ماڻهو انهن الله وارن جي زيارت تي ايندا
آهن. انهن اولياءَ الله مان گهڻن جو احوال مصنف جي
ڪتاب ”تحفة الطاهرين“ مان معلوم ٿيندو. هن ٽڪريءَ
تي عورتن جي به زيارت گاهه آهي. خاص مقرر ڏينهن تي
عورتن جي ٽولن جا ٽولا اتي زيارت لاءِ ويندا آهن.
ڪن عورتن جي حالت ته عجيب ٿي ويندي آهي. نفساني
خواهش کان پاڪ ۽ آزاد ٿي وينديون آهن. غيب جو
مشاهدو ڪري، ايندڙ وقت جون خبرون ٻڌائينديون آهن
ته ائين ٿي پوندو آهي. مخفي نه رهي ته هن ٽڪري جو
حقيقي قرب مڪي شريف جي جبل ۽ رستي سان آهي.
سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ هڪ قوم وارا پير سڃاڻڻ جي فن ۾ اهڙي
مهارت رکن ٿا جو پٿر تي به پير سڃاڻي وڃن ٿا.
ٻي قوم آهي جا ڦڻي جي علم مان خوب واقف آهي ۽ ان علم ذريعي
گذريل وقت ۽ ايندڙ زماني بابت صحيح خبرون ڏيندا
آهن.
حضرت مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رحه
ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل سيوهاڻي
حضرت مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح جن جي متعلق جناب ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالغفور سنڌي جن جو مضمون مهراڻ جلد 38 نمبر
2/1989ع ۾ پڙهيم. هن عاجز کي اداري طرفان حڪم ڪيو
ويو ته هن مضمون متعلق پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيان.
مون کي احساس آهي ته منهنجي حيثيت هڪ طالب علم جي آهي. مان نه
عالم آهيان نه اديب ۽ نه دانشور ۽ نه محقق، پر
ڇاڪاڻ ته حضرت مخدوم صاحب رحه جن جي ذات سان هن
خاڪِ پاء کي هڪ نسبت آهي، ان ڪري ڪجهه عرض ڪري
رهيو آهيان.
حضرت مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رحه جن کي عرف عام حضرت ”مخدوم
صاحب“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي، جن تي قدري
تفصيل سان هي پهريون مضمون لکيو ۽ ڇاپيو ويو آهي،
جيڪا نه صرف اسان سيوهاڻين لاءِ بلڪ سنڌ واسين
لاءِ هڪ وڏي سعادت آهي. هن مضمون ۾ ڪجهه ڳالهيون
ڌيان طلب آهن، ان ڪري مناسب آهي ته ڪجهه عرض ڪجي.
سڀ کان اول ته حضرت مخدوم صاحب جن جي ڏاڏي شريف جو
اسم مبارڪ مخدوم محمد حسن رحه نه بلڪ مخدوم محمد
رحه آهي، جن کي عرف عام ”مخدوم محمد سيوهاڻي“ يا
”مخدوم احرامي“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.
حضرت جن جي وفات جو سن 1220هه/ 1805ع مضمون ۾
مذڪور آهي جو به درست نه آهي، اهو ان ڪري جو حضرت
مخدوم صاحب رحه جن در يتيم هيا. سندن والد شريف
حضرت مخدوم احمد رحه جن سندن ولادت باسعادت کان
اول ئي حج جي سفر جي واپسيءَ ۾ وفات ڪئي. حضرت
مخدوم صاحب رحه جن جي پرورش ۽ تعليم ته ڇا حضرت جن
کي ولايت به حضرت سيوهاڻي رحه يعني پنهنجي ڏاڏي
کان عنايت ٿي.
اچو ته هن متعلق ڪجهه تفصيل حاصل ڪيون. حضرت مخدوم سيوهاڻي رحه
جن کي 2 فرزند هيا: (1) مخدوم احمد رحه (2) مخدوم
محمد صادق رحه.
حضرت مخدوم صاحب رحه جن حضرت مخدوم احمد رحه جن جا فرزند هئا.
سندن والده ماجده صديقي نه بلڪ سنڌ جي هڪ ٻئي
مشهور گهراڻي عباسي خاندان مان حضرت غلام محي
الدين عباسي رحه جن جي همشيره هئي. سيوهڻ شريف ۾
هي خاندان پنهنجي علم و فضل ۽ پرهيزگاريءَ سبب
نهايت مشهور هو ۽ ”خليفه“ جي لقب سان موسوم هو. هن
خاندان ۾ پوٽاڻ طرف خليفه حڪيم محمد زمان رحه،
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قاضي عبدالقيوم ۽ سندن
اولاد ۾ ڊاڪٽر خانبهادر عبدالعزيز عباسي، جناب محي
الدين عباسي، حڪيم قاضي محمد احسن، حڪيم محمد
محسن، قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي
محمد اڪرم، قاضي محمد اعظم ۽ سندن ڏوهٽاڻ ۾ حضرت
مخدوم صاحب رحه ۽ جناب سيد گل محمد شاهه رحه سجاده
نشين درگاهه حضرت مخدوم قلندر لال شهباز رحه جن
مشهور شخصيتون آهن.
حضرت مخدوم سيوهاڻي رحه جن جڏهن حج تي ويا ته کين حڪم مليو ته
واپسي بعد پنهنجي فرزند مخدوم احمد رح جن کي حج تي
روانو ڪيائون. ان وقت حضرت مخدوم صاحب جن شڪم مادر
۾ هئا. حج ادا ڪرڻ بعد واپسي تي ڪراچي کان چند
منزلون ڏور حضرت مخدوم احمد رحه جن جهاز ۾ وفات
ڪئي. دستور مطابق سندن جنازو سمنڊ داخل ڪيو ويو.
هن طرح مخدوم محمد صاحب رحه جن جي پيدائش، پرورش،
تعليم ۽ ولايت جي عنايت حضرت مخدوم سيوهاڻي رحه جن
جي سايه عاطفت ۾ ٿي.
حضرت مخدوم صاحب رحه جن جي ولادت باسعادت فجر نماز بعد ٿي، حضرت
مخدوم سيوهاڻي رحه جن سندن اوطاق (جيڪا حويلي کان
ڪجهه پري هئي) تي اطلاع ٿيو ته پاڻ بيحد خوش ٿيا.
فوراً گهر تشريف فرما ٿيا ۽ پنهنجي اهليه محترمه
کي چوڻ لڳا ته نومولود ڏينم ته ڏسان. ٻار وهنجارڻ
بعد کين ڏنو ويو. پاڻ ننڍڙي کي کڻي گهران نڪتا ۽
گم ٿي ويا. گهر کان پاڻ ايترو وقت ته گم ٿيا جو سڀ
ڀاتي پريشان ٿيا ته پاڻ ته آهن مجذوب، پر هي ننڍڙو
ڪاڏي ڪيائون، جنهن اڃان ٿڃ به نه ورتي هئي. انهيءَ
ويچار ۾ هئا ته پاڻ ”لااِلــﮧ الاالله“ جو ورد
ڪندا نومولود کي هنج ۾ کڻندا اچي حاضر ٿيا. پڇا
ڪرڻ تي ٻڌايائون ته نومولود کي حضرت خواجه خضرعه
جن کان ڪنن ۾ ٻانگ ڏيارڻ ويو هوس، پڻ دعا به
ڪرايم. نومولود جو نالو رڪن الدين رکيو ويو.
هتي هي به عرض ڪيان ته مخدوم سيوهاڻي جن جي حضرت خواجه خضر سان
ياري نهايت مشهور هئي. اهو ان ڪري ته پاڻ گهڻو ڪري
روزانه فجر نماز ادا ڪرڻ بعد سنڌو درياءَ تي ويندا
هئا ۽ حضرت خواجه صاحب سان ملاقات ڪندا هئا. پاڻ
ٻاهر جو سفر به گهڻو ڪري پاڻي ذريعي ڪندا هئا. جتي
وڃڻو هوندو هون ته سيوهڻ شريف مان درياهه ۾ ٽُٻي
ڏيندا هئا ۽ اتي منزل جي ڀرسان ڪنهن واهه يا ڪئنال
مان ڪلمه شريف جو ورد ڪندي نڪرندا هئا. هن نسبت
خاص جي ڪري حضرت مخدوم سيوهاڻي رحه جن پنهنجي
نومولود پوٽي کي خواجه خضرعه جي زيارت ڪرائڻ ويا.
ڀلا ڀاڳ چئبا اهڙي نومولود جا جنهن جي ڪنن ۾ خواجه
خضر بانگ چوي ۽ جنهن جون معصوم اکيون ان جي زيارت
ڪن، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اولياءَ الله يا زندگي
دعائون ڪندا ويا ۽ تمنا رکندا ويا. يقيناً اهو شخص
دين لاءِ ”اک“ ’يعني‘ بصر“ يا زندگي ٿي سگهي. چون
ٿا ته جڏهن پاڻ راهه سلوڪ جا مسافر ٿيا ته سندن
نالو ”بصرالدين“ مشهور ٿيو، اهو نالو ڪنهن رکيو،
خبر ناهي.
حضرت مخدوم صاحب رحه جن پنهنجي ڏاڏي محترم حضرت مخدوم سيوهاڻي
رح جن جي زير سايه دنيوي ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي.
وقت جي لحاظ مطابق پاڻ انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ۾
مئٽرڪ ۾ ۽ ان بعد ڪراچيءَ ۾ بي-اي جي ڊگري بمبئي
يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هوشياريءَ سبب ”هاير“ جو
امتحان سهڻي طريقي سان پاس ڪري مختيارڪاريءَ جي
ملازمت ڪجهه عرصي لاءِ ڪيائون. قانون جي ڊگري جي
پهرئين سال جو امتحان ڏنائون پئي ئي ته ڳوٺ موٽي
آيا، جتي رب ڪريم دين لاءِ کانئن ”بصر“ جو ڪم
ورتو. اهو واقعو هن ريت آهي:
حضرت مخدوم صاحب رح جن جي خاص معتقدن مان حاجي ميان پير محمد
ابڙو صاحب رح جن به هڪ هئا. حاجي صاحب رح جڏهن به
خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ته ڪجهه نه ڪجهه معلوم ڪندا
رهندا هئا. هڪ دفعي عرض ڪيائون ته سائين اوهان کي
ولايت ڪيئن ملي. پاڻ فرمايائون: پير محمد! ولايت
ٻن قسمن جي هوندي آهي، (1) ڪسبي جيڪا محنت ۽ عبادت
ڪرڻ سان عنايت ٿيندي آهي، (2) وهبي جيڪا رب جو فضل
۽ عنايت آهي. مان کي به اها نعمت نصيب ٿي، سا ائين
ته قانون جي امتحان جي پهرئين سال جو ٻيو پيپر ڏيڻ
ويس. امتحان هال ۾ وڃي ويٺس. پيپر مليو ته ابا
سڀڪجهه وسري ويم. ذهن تي ڏاڍو زور ڏنم، ليڪن ڪجهه
به ياد نه آيم. نيٺ خالي پيپر ڏئي موٽيس. خيال ڪيم
ته بمبئي يونيورسٽي آهي، ناپاس ته ائين ئي ٿيندس،
ان ڪري بهتر آهي ته ڳوٺ واپس هلجي. بس ڳوٺ موٽي
آيس. اوطاق تي جڏهن ويس ته وچين نماز جو وقت هو،
دروازو کڙڪايم ته ڏاڏا سائين دروازو کوليو. ڏسندي
فرمايائون ”بصر! تون وري انگريزن جو قانون پيو
پڙهين.“ مان عرض ڪيو ”بس ڏاڏا!“ پاڻ فرمايائون ته
”پاڻي ڀري اچ.“ دلي تي پسيءَ جو وٽو پيو هو. پاڻي
ڀري آيس، پاڻ 2-3 ڍڪ وٽي مان ڀري مون کي چيائون ته
پاڻي پي. ابا پاڻي پيتم پر اهو ايترو ته ڳورو هو
جو، 2-3 ڍڪن بعد بس ڪري عرض ڪيم ته ”ڏاڏا بس.“ پاڻ
فرمايائون ته ”وري پيءُ.“ ابا پاڻي وري پيتم، پر
2-3 ڍڪن بعد پاڻي اندر نه هلي سگهيو. عرض ڪيم ته
”ڏاڏا بس.“ پاڻ فرمايائون ته ”وري پيءُ.“ ابا وري
پيتم، ليڪن وري به 2-3 ڍڪن کان مٿي پي نه
سگهيم.عرض ڪيم ته ”ڏاڏا بس.“ پاڻ فرمايائون ته
”وٽو مان کي ڏي.“ پاڻ وٽي ۾ بچيل پاڻي پي
فرمايائون ته ”بصر جيڪو نصيب هيئي سو رب ڏنئي.“ بس
ابا، مون سان عنايت اها ائين ٿي.
کين پنهنجي ڏاڏي سائين رح جن کان نه صرف ولايت عنايت ٿي بلڪ
حڪمت، فلسفو، دين جو علم، دنيا جا سڀ علم مٿن ظاهر
ٿيا. پاڻ نه صرف حاذق حڪيم هئا، بلڪ علم فقـﮧ،
تفسير، حديث، ڪلام، نجوم، رمل، جفر، ابجد، موسيقي،
جواهر شناسي ۽ رڌ پچاءَ بابت ڄاڻ تي دسترس حاصل
هئن. پاڻ انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪيائون.
حاجي پير محمد صاحب رحه جن ٻڌايو ته پاڻ 1600 کن انگريزي ۾ شعر
به چيائون، جن مان ڪيترا مون کي به ٻڌايائون. حاجي
صاحب رحه جن انگريزي ۾ ماهر هئا. سندن چوڻ هو ته
حضرت مخدوم صاحب جن جو شعر شيڪسپيئر جي شعرن کان
هزار درجا مٿاهون ۽ بهتر هو. کين شاهه جو رسالو
بيحد وڻندو هو ۽ ساڻ هوندو هو. نهايت شوق سان
ٻڌندا هئا. سڀني سرن ۾ کين سسئيءَ متعلق سر وڌيڪ
پسند هئا. حضرت ڀٽائي رحه جي سورمين ۾ کين سسئي
لاءِ ڏاڍو احترام ۽ عزت هوندي هئي. پاڻ فرمائيندا
هئا ته ”حق جي طالبو هئي“، سڄي سڄي رات رسالو شريف
ٻڌائيندا هئا.
حضرت مخدوم صاحب جن کي هڪ پٽ ميان فخرالدين ۽ هڪ نياڻي هئي،
جنهن جي شادي ميان نصيرالدين مرحوم سان ڪيائون.
کين ٽي پوٽا: ميان محمد، ميان احمد (ٻئي گذاري
ويا) ۽ ميان سيف الدين جن، جيڪي اسپيشل جج ائنٽي
ڪرپشن ٿي رٽائر ٿيا ۽ 2 ڏوهٽا مرحوم ميان محمد حسن
رحه (حاذق حڪيم) ۽ محروم ميان غلام عمر رحه (سنڌ
يونيورسٽي ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ٿيا) هئا.
حضرت مخدوم صاحب رحه جن جي همعصرن ۾ ٻين سان گڏ حضرت سيد محمد
مجتبى عرف پير صاحب رامپوري رحه جن به آهن.
حضرت پير صاحب رحه جن خيرپورميرس ۾ 1936ع ۾ وفات ڪئي. سندن مرقد
مبارڪ ڳوٺ ساعده، خيرپور ميرس ۾ مرجعِ خلائق آهي.
حاجي پير محمد ابڙو، حاجي علي اڪبر شاه ميهڙ وارو،
حاجي محمد يعقوب ٻرڙو وغيره پير صاحب رحه جن جا
مريد هئا.
حضرت مخدوم صاحب رحه جن جي معتقدن مان مٿين حضرات کانسواءِ حضرت
ڄام مراد علي خان، ڄام صاحب لسٻيله، حاجي مولابخش
سومرو به شامل آهن. سندن خاص خادمن ۾ خدا بخش
مڪراڻي رحه ۽ حضرت فقير ميان نورمحمد مغل رحه جن
سندن دامن سان پيوسته آهن. زماني جي دستور مطابق
پاڻ ڪنهن کي به مريد نه ڪيائون، صرف حضرت فقير
ميان نورمحمد کي هي شرف حاصل ٿيو، سو به سندن
ارشاد مطابق ته”ابا مان تنهنجو مرشد آهيان.“ فقير
صاحب جن وٽن 24 سال خدمت ۾ رهي سندن غلامي دنيا ۽
آخرت ۾ حاصل ڪيائون.
حضرت جن جي نسبت خاص قلندري هئي، ان ڪري پاڻ پنهنجي صحيح ۾
”بصرالدين قلندري“ تحرير ڪندا هئا.
سندن ارشاد مطابق کين ڪرامت ۽ دعا ڪرڻ جو عام اذن نه هئو، تنهن
هوندي به سندن ڪرامتون بيشمار آهن، جيڪي بيان ڪيل
نه آهن، ڪنهن ٻي مجلس ۾ عرض ڪبيون. پاڻ ڪنهن کي
دعا گهٽ ڪندا هئا، ليڪن مستجاب الدعوات هئا.
فرمائيندا هئا ته ”ڏاڏا سائين کي ڪرامت ۽ دعا جو
کليو اذن هئو. مان کي نه آهي.“ اِن جي باوجود سنڌ
۽ بلوچستان مان ڪئين ماڻهو سندن خدمت ۾ دعا لاءِ
حاضر ٿيندا هئا. سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد
ايوب کهڙو ۽ بيا ڪيترا وڏا ماڻهو سندن خدمت ۾ دعا
لاءِ بار بار ايندا هئا.
کين دين اسلام لاءِ بيحد محبت هئي. حضرت شيخ عبدالرحيم قنڌاري
رحه جن جڏهن مسلمان ٿيا ته پاڻ سندن ڏاڍي عزت ۽
احترام ڪيائون، ايستائين جو سندن نياڻي محترمه کي
پنهنجي نياڻي ڪيائون. هن جيجي صاحبه به ساڻن اهڙو
ئي تعلق رکيو. سال ۾ هڪ دفعو سيوهڻ شريف ضرور
اينديون هيون ۽ پاڻ به حيدرآباد وٽن ايندا هئا ۽
قيام ڪندا هئا.
هي جيجي صاحبه رحه مرحوم شيخ عبدالعزيز قنڌاري جي اهليه هئي.
سندن فرزند جناب شيخ عبدالستار صاحب (حيدرآباد جو
هڪ سينيئر وڪيل)، جناب ڊاڪٽر شيخ عبدالرزاق ”ڪاڪا
صاحب“ (شهر جو هڪ مشهور ڊاڪٽر) ۽ جناب شيخ
عبدالصمد ”لالا صاحب“ جن مشهور شخصيتون آهن.
آخر ۾ حضرت مخدوم صاحب رحه جن جو شجرو جيڪو سندن ڪتب خاني مان
هٿ آيل هڪ حمائل شريف جي آخر ۾ هٿ سان لکيل آهي،
سو تبرڪ طور حاضر ڪجي ٿو:
(حضرت) احمد بن مخدوم بن مخدوم محمد عارف بن مخدوم محمد حسن بن
مخدوم دين محمد بن مخدوم عبدالواحد مفتي بن مخدوم
عبدالرحمان بن مخدوم محمد بن شيخ عيسى بن شيخ حسن
قاري بن شيخ رمضان بن شيخ قاسم بن شيخ يوسف بن شيخ
رڪن الدين بن شيخ معروف بن شيخ شهاب الدين سهروردي
بن شيخ نورالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ وجد
الدين بن شيخ مسعود بن شيخ رفيق الدين بن شيخ
ابوالقاسم بن حضرت ابو حفص بن حضرت سيدنا ابوبڪر
صديق رضي الله تعالى عنهم اجمعين.
ڇاڪاڻ ته شجرو مبارڪ حضرت مخدوم احمد رحه کان شروع ٿئي ٿو، ان
ڪري معلوم ٿو ٿئي ته انهن پاڻ لکيو آهي ۽ ان ڪري
ئي حضرت مخدوم صاحب جن جو اسم شريف شامل نه آهي،
جو پاڻ اڃا ڄاوائي نه هئا.
جيت روحُ
(1984ع لاءِ ادب جي نوبل انعام کٽيندڙ چيڪو
سلواڪيا جي معتبر گمنام شاعر جيروسليو سيفرٽ جي
حياتيءَ ۽ شاعريءَ جو اڀياس)
اياز گل
·”ڪير؟“
هڪڙو لفظ، سوال جو روپ ڌاري ڦهلبو ويو ۽ هر پاسي کان پڙلاءُ
آيو، ”ڪير؟ ڪير؟“ ۽ ان لفظ/ سوال ۾ حيرت هئي،
دانهن هئي، ڪُوڪ هئي ۽ احتجاج هو! 1984ع لاءِ ادب
جو نوبل انعام، چيڪو سلواڪيا جي هڪ گمنام شاعر کي
ملڻ جي اعلان تي، اهو شاعر آهي جيرو سليو سيفرٽ
(Jaroslav Seifert) ۽ ان احتجاجي شور ۾ نارمن ملر، گوئنٿر گراس، گراهم گرين پيٽر
هينڊڪ، البرٽ موراويا ۽ اٽالو ڪالونيو جا آواز
پڌرا ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. جڳ جي ناميارن ليکڪن جا، جن
پنهنجي سِر اهو انعام کٽڻ لاءِ، وسان ڪين گهٽايو
هو. اهو دنيا جو تمام گهڻي عزت وارو ادبي انعام،
جنهن جي ماليت 000، 190 ڊالر (اٽڪل 000، 70، 24
رپيا) آهي.
جيروسليوسيفرٽ، چيڪو سلواڪيا جي گمنام شاعر، جيڪو حقيقي طور تي
پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ڄاتل سڃاتل به نه آهي، پاڻ کي
ملڻ واري هن وڏي اعزاز جي خبر، پريگ شهر جي
ونوهارڊي اسپتال ۾ ٻُڌي، جتي هو انهن ڏهاڙن ۾، دل
۽ مِٺن پيشابن جي بيماريءَ سبب بستري داخل هو،
سويڊش سيفر، اولوف سوگلنڊ
(Olof Skoglund) هن وٽ آيو ۽ پنهنجي ملڪي اڪيڊميءَ پاران، ڪيل پڌرائي موجب کيس
مليل عزت کان آگاهه ڪندي چيو: ”سندس شاعريءَ، جنهن
۾ تازگي، جذبو ۽ ذهانت عطا ڪيل آهي، جنهن مان
ماڻهوءَ جي اجيت روحَ جي آزادي جو تصور ۽ سندس
مهانتا حاصل ٿئي ٿي.“ ۽ پوءِ موٽي اچي سوگلنڊ پريس
نمائندن کي ٻڌايو ته: ”هو ڏاڍو خوش هو، پر مان کيس
ڏاڍو ٿڪايل ڏسي رهيو هوس.“
سويڊش اڪيڊمي پنهنجي ڳُجهن فيصلن تي بحث نٿي ڪري، اهو ئي سبب
آهي جو سندس ڪجهه تازي چونڊ اڃا تائين راز ۾ آهي.
اڪيڊميءَ جي اهڙي هلت سبب ئي عام راءِ ۽ تنقيد
نگار، سيفرٽ جي چونڊ کي سياسي اثر جو نتيجو سمجهن
ٿا. هو شڪ ۾ آهن ته ڇا سيفرٽ کي اهو اعزاز ان ڪري
مليو آهي جو هن اوڀر يورپ جي دانشورن تي مڙهيل،
ڪميونزم جي پابندين ۽ دڙڪن دهمانن خلاف ڳالهايو
آهي؟ يا کيس اهو اعزاز ملين ڪونڊيرا
(Milan Kandera)
جهڙي نامور باهمت جلاوطن چيڪو سلواڪين کي نظرانداز
ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڏنو ويو آهي؟ اهڙن حالتن ۾
مونجهارو پيدا ٿيڻ يقيني هو، ڇا لاءِ ته سيفرٽ
ماضيءَ ۾ نازي ازم ۽ ڪميونزم ٻنهي جي مخالفت ڪندو
رهيو آهي ۽ ان جي باوجود، ڪميونسٽ ٽولو کيس اڃا
سوڌو برداشت ڪندو پيو اچي.
چيڪ ناول نگار جوزف سِوريڪي
(Josef Skvorecky)
’انساني روحن جو انجنيئر‘
(The Engineer of Human Soul) جي ليکڪ، چيو آهي ته: ”هي عوام جو شاعر آهي ۽ حڪومت
کانئس نفرت ڪري ٿي، پر هي ايترو مڃيل، ايترو پوڙهو
۽ ايترو بيمار آهي ۽ هي ايترو مشهور پڻ آهي جو کيس
ياد ڪجي.“ جيڪڏهن پريگه جو هي سوڀارو شاعر ٻاهر
نٿو سڃاتو وڃي ته، ان لاءِ سندس بچاءُ ڪرڻ وارن جو
اهو دليل آهي ته سندس شعري- چتر کي سولائيءَ سان
ترجمو ڪري نٿو سگهجي.
سيفرٽ، 1901ع ۾ هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. هن پنهنجي شاعريءَ جو
پهريون مجموعو لُڙڪن ڀريو شهر
(A City in Tears) تڏهن ڇپايو، جڏهن هُو 19 سالن جو هو. هو هڪ آدرشي ڪميونسٽ هئو،
پر 1920ع ۾ روس جي ٻن دؤرن ڪرڻ کانپوءِ، سندس سپنا
ٽٽي پيا ۽ جڏهن هُن پارٽيءَ جي اسٽالين اڳواڻيءَ
کي چئلينج ڪيو، تڏهن 1929ع ۾ کيس پارٽيءَ مان تڙيو
ويو. سيفرٽ پنهنجو نئين سوچ ڏيندڙ، شاعراڻو
ناماچار 1920ع ۽ 1930ع جي وچ ۾ پاتو، پر هُن
پنهنجو پيٽ گذر صحافتي ڌنڌي مان ڪيو. هن اخبارن ۾
جرمنيءَ جي قبضي ٿيڻ تائين ڪم ڪيو. هُن وطن
دوستيءَ جي پس منظر ۾ جيڪي نظم لکيا، سي گهڻو
پڙهيا ويا، جڏهن ڪميونسٽن 1948ع ۾ حڪومت هٿ ڪئي،
تڏهن هُن لڳاتار ٻئي، صحافتي لِکتون ۽ شاعري تخليق
ڪئي، جن مان ڪي لکڻيون سياسي قسم جون هيون ۽ ڪي
نئين ٽولي تي باريڪ بينيءَ سان ڪيل تنقيدي طور
لکيل، پر سندس اڪثر سادا لکيل گيت، پيار، بهار ۽
سندس خوبصورت شهر پريگ جي باري ۾ هئا.
پيرس جي کاٻي ڪناري جي سامونڊي سفرن، سيفرٽ جي ذهن تي هڪجهڙو
اونهو اثر ڇڏيو. مٿس نئين سوچ رکندڙ شاعرن گوئلايم
ايپولينائر
(Guillaum Apllinaire)
۽ اينڊري بريٽن
(Andree Breton)
۽ سموري ’پار سيائي‘ منظر جو به اثر ٿيو. ڪونڊيرا
چيو آهي ته:
”هُو سچو پچو
Play Boy
آهي.“
عورتون ڇا جي باري ۾ سوچن ٿيون.
سندن ننڍڙا ننڍڙا خيال اوهان کي هٿ نه ايندا.
جيئن ننڍڙا پکي، پنهنجي ننگي جسم سان ڇُهن ٿا انساني آوازَ.
جڏهن هُو فون جي تارن کي پنهنجي چنبن سان ڇڏن ٿا جڪڙي.‘
کيس 1968ع ۾ اَڻ ٽر سببن طور گرفتار ڪيو ويو، جڏهن چيڪو سلواڪيا
ڪجهه سست ڏينهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺي
رهيو هو. جيئن روسي ٽينڪن آخر ۾ سوڀ پاتي ته بيمار
سيفرٽ پنهنجي ڪاوڙ، چيڪ ليڪ- يونين تي ڇنڊي ۽ پاڻ
کي اُن جو چيئرمن چونڊايائين ته جيئن هر قسم جي
مقابلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. هُن وڏو
احتجاجي پڌرنامو منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪو چارٽر
ڪري سڏيو وڃي ٿو.
”جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو چُپ آهي ته اهو اٽڪلي ٿي سگهي ٿو.“- سيفرٽ
اسٽالن کانپوءِ وارن ڏينهن جي وچ ۾ پڌرو ڪيو ته:
”جيڪڏهن ليکڪ چُپ آهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“
بهرحال چُپ مڙهي سگهجي ٿي.
ڏهن سالن تائين چيڪ انتظاميا، سيفرٽ جي ڪابه نئين رچنا شايع نه
ڪئي. هُن جون رچنائون صرف نجي طور تي ورهايون ٿي
ويون. جڏهن هي 80 سالن جي ويجهو ٿيو ته حڪومت کي
مٿس ترس آيو ۽ هڪ ڀيرو وري سندس رچنائون ڇپجڻ
لڳيون، جن ڏاڍي شهرت حاصل ڪئي. انهيءَ شهرت کي
سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ تقابلي ۽ روسي ادب جي پروفيسر
جارج گبين
(George Gibian)،
سيفرٽ کي ”چيڪ شاعريءَ جو وڏو بزرگ ۽ رابرٽ فراسٽ
(Robert Frost) ۽ اِي-اِي- ڪنگس
(E.E Cummings) جو سنگم ڪري ڪوٺيو آهي.
1983ع ۾ سيفرٽ جي 30 جلدن تي مشتمل شاعريءَ مان صرف ٻه جلد
آمريڪا ۾ ڇپيا آهن. هڪ چيڪو سلواڪين سوسائٽي پاران
نيويارڪ سٽي ۾ ۽ ٻيو،
The Spirit that moves us
پريس آف اووا سٽي اووا ۾. سيفرٽ پڙهندڙن جو جهجهو
تعداد پنهنجي مڌر گيتن ۽ چٽي ۽ جامع شاعريءَ وسيلي
حاصل ڪيو، جيڪا لوڪ گيتن کي ويجهي آهي. پرولتاڙي
شاعريءَ کان وٺي (جيڪا سندس مُنڍ واري شاعري آهي)
سيفرٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار جي سادگي ۽ سچائيءَ
واري شعور کي قائم رکيو، جڏهن ته سندس شاعراڻي
عرصي سندس لکڻين کي مڌرتا، خوش مزاجي ۽ فڪر جي
گهرائي بخشي. جيئن سندس لکڻين
(On the wireless Waves) Va-Vlnaach FSF
’وائرليس جي لهرن تي‘ مان پَسجي پيو. اها ساڳي
جهلڪ سندس پوءِ جي لکت
Jablkos Klina
-
(An apple From the lap)
’جهوليءَ مان هڪ صوف‘ ۽
(The hands of venus) Ruce Vedusiny
’وينس جا هٿ‘ ۾ پسجڻ ۾ آيا.
·’موت،
جلدي ٿُڏي سان ٿو کولي دَرُ
۽ ٿئي ٿو داخل
خوف جي شروعات سان اُن گهڙيءَ
مان پنهنجو ساههُ جهٽيان ٿو سوگهو
۽ وساري ٿو ڇڏيان، مان وري ساههُ کڻڻ.“
سيفرٽ جا گيتَ، مڪمل طور تي دليل بازيءَ کان آجا آهن ۽ سندن
دارومدار اثرائتي بي خوديءَ سان گڏ، سچائيءَ جي
شعور تي آهي. سندس شاعريءَ ۾ معصوم ٻالپڻو قدرتي
خوشي ۽ ڪائنات جي بي بقا حسن لاءِ، سندس نظريو
اُميدن ڀريو آهي. اهو ٿورن شاعرن جو ورثي آهي جو
هو سيفرٽ وانگر پنهنجي پڙهندڙن کي تمام ويجها آهن
۽ پڙهندڙن سان سندن من موهيندڙ ناتو آهي، تنهنڪري
هو سجاڳي آڻيندڙ پنهنجائپ وارو ماحول پيدا ڪري ٿو.
خاص طور تي نازي قبضي واري زماني ۾، جڏهن شاعر
پنهنجي للڪاريل قوم وٽ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ورتي ۽
فاشزم جي خلاف، پنهنجي نفرت جو کليل اظهار ڪيو ۽
پنهنجي شهر بريگ ۽ جنم ڀوميءَ لاءِ پيار جو پرچار
ڪيو.
·”پريگَ
سڀني ڳڙکين کان
پاڻ کي ڏٺو ٿي
۽ پنهنجي پاڻ لاءِ مُرڪيو ٿي.“
اسين مٿين ڳالهين جو اولڙو، سندس هنن لکڻين
Zhasneets Sreetl
ه
Put out The linghts))
’روشنيون وسائي ڇڏيو‘،
(Bozena Nemcor’s fon) Vejir Bozeny Nemcov
’بوزينا نيمڪوا جي پرستار‘ ۽
(The Helmet of Earth)
’ڌرتيءَ جو ڇَٽَ‘ ۾ پسي سگهون ٿا. پنهنجي آخري
شعري مجموعي
(Mother) Mominka
’ماءَ ۾ هُو وري پنهنجي ڌرتيءَ جي ساروڻين ۾ گُم
ٿيل نظر ٿو اچي.
ڪونڊيرا، سيفرٽ لاءِ چيو آهي ته: ”توهان کيس نه چئو ته هي
احتجاج ڪندڙ آهي، پر رڳو هيئن چئو ته هُو انهن مان
هڪڙو آهي، جن حڪومت سان ٺاهه ناهي ڪيو. سيفرٽ جي
اخلاقي حالت قطعي نج آهي، پر وچٿري.“
شهرت جي تکي روشنيءَ جو تيج، ڪنهن حد تائين بي رحم آهي، برابر،
۽ جيڪڏهن سيفرٽ جيڪو شايد لڄارو ۽ علائقائي ذهن
آهي، تنهن کي هيڏو مانُ مليو آهي، سو ڪڏهن به هن
خطي ۽ هن وقت ۾ مانوارو ٿي جي نه سگهي ها، جتي
سندس صلاحيت کي تعصب جي نظرن سان پرکيو ٿو وڃي.
تازو اسٽاڪ هوم ۾ ڇپيل، ساڻس ڪيل هڪ انٽرويوءَ ۾ سيفرٽ ٻڌايو
ته، هو پنهنجو نوبل انعام وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهندو،
ان ڪري اهو انعام وٺڻ لاءِ، ڊسمبر ۾ هُن پنهنجي
پَٽ نوروسليو
(Noroslav)
يا ڌيءَ جانان
(janan)
کي انعامن ورهائڻ واري تقريب ۾ اسٽاڪ هوم موڪليندو
۽ انعام ۾ ملندڙ رقم پنهنجن ٻارن کي ڏيندو. هُن
وڌيڪ چيو ته: مون کي ويساهه آهي ته چيڪ قوم، هن
اعزاز ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي. مون کي ڪيترن
سياسي مسئلن سان مُنهن ڏيڻو پيو آهي، منهنجا ڪيترا
ڪم تڏهن کان رُڪيل آهن، جڏهن کان مان روس جي 1968ع
۾، چيڪو سلواڪيا ۾ ڪيل مداخلت کي ننديو آهي. مان
مسئلن کان ڀڳو ناهيان، پر مان انهن کي مسئلي طور
مڃيو ئي ناهي.“
جڏهن مڃتا جي هن گهڙيءَ بابت، 85 سالن جي زال ميري سيفرٽ
(Marie Seifert)
جا تاثرات پُڇيا ويا ته، هُن هڪ روايتي زال جيان
چيو: ”مان نٿي سمجهان ته مان خوش ٿي آهيان، مان
خوش تڏهن ٿيان ها، جڏهن هُو صحت مند هجي ها.“
۽ هاڻي خدا حافظ
·دنيا
جي لکها
گيتن ۾ ٿورڙو واڌارو آندو آهي.
اُهي گيت گهڻو ڪري، ڪرڪيٽ جي سهڻن ٻارن کان وڌيڪ ڏاها نه هئا.
مان ڄاڻان ٿو.
مون کي معاف ڪجو، مان پنهنجي پُڄاڻيءَ کي پُهچي رهيو آهيان.
اُهي پيرن جا پهريان نشان به نه هئا، چنڊ جي ڌُوڙ مٿان.
جيڪڏهن ان مهل چمڪيا ته اُها
اُنهن جي روشني نه هئي
مان ته پيار ڪيو آهي ٻوليءَ سان.
۽ اُنهن قوتن چُپ- چپن کي ٿَڙڪايو
۽ نوجوان پريمن کي، هڪٻئي کي چُمڻ لاءِ اَڀاريو
جڏهن هُو سج جي ڳاڙهاڻ سان رنڱيل انهن ٻنين مان ٿي لنگهيا
جتي سج جو تيک سدائين جهَڪو ٿو رهي.
شاعري اَزل کان گڏ آهي اسان سان
پيارَ وانگي، بُک وانگي، وبا وانگي، جنگ وانگي
ڪنهن ڪنهن وقت مون کي پنهنجي شاعري
ڏکوئيندڙ بيوقوفي لڳندي آهي.
پر مان معذرت نٿو ڪريان
مان ويساهه ٿو رکان
ته سُندر لفظن جي ڳولا
مارڻ ۽ قتل ڪرڻ کان بهتر آهي.
(سيفرٽ جو هيءُ نظم سندس شاعريءَ جي جُلد
(The Plague Column)
تان کڻي
Ewald Osers
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جنهن کي اسان سنڌي ويس
ڍڪايو آهي.)
ـــ هن مضمون جي تياريءَ لاءِ هيٺين ذريعن کي ڪم آندو ويو:
1-‘Time’-October 22,1984.
2-‘The Lindentree’ (Anthology of Czeck & Salvak Literature.)
3- ‘Dawan’ Daily, 14 October 1984.
(هي مضمون سيفرٽ کي نوبل انعام ملڻ کان جلد پوءِ لکيو ويو آهي.) |