سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :26

 

تنهن سورهيه کي شاباس

از: الحاج رحيم بخش ”قمر“

سنڌي علم و ادب جو روشن مينار، استاد الشعراءِ، محسنِ ادب، شهيد احمد خان ”آصف“ سنڌ جو نرمل، ناميارو ۽ وڏو شاعر هو، جنهن جا سنڌي علم و ادب تي اپار احسان آهن. مرحوم خوش اخلاق، يار ويس، رلڻو ملڻو ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هو، جنهن جي مظلوميت، مجبوريت ۽ شهادت تي سموريءَ سنڌ جا ماڻهو ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن:

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،

ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.

حقيقت ۾ حضرت احمد خان ”آصف“ سان ٿيل واقعو، سنڌ ۽ سنڌي اديبن جي لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو، دردناڪ ۽ هنئين ۾ وڍ وجهندڙ سانحو آهي، جنهن تي جيترو به ڏک جو اظهار ڪجي، اوترو گهٽ آهي.

احمد خان آصف سنڌ جو وڏو اديب، عالم، شاعر ۽ ليکڪ هو، جنهن سنڌي علم و ادب جي واڌاري لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون آهن، اهي ساراهه جوڳيون ۽ تقليد جوڳيون آهن. مرحوم احمد خان آصف جن سال 1937ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ شاعري شروع ڪيائين، جنهن ۾ علم عروض جا سبق، الحاج حافظ محمد احسن چنا مرحوم ۽ مرحوم جمعي خان ”غريب“ کان ورتائين ۽ مضمونن جي اصلاح، مرحوم حاجي محمود ”خادم“ لاڙڪاڻوي کان ورتائين. مرحوم کي جهڙيءَ ريت نظم تي مهارت ۽ عبور حاصل هو، اهڙيءَ ريت سندن نثر ۾ به پختگي ۽ اعلى قسم جو اثر آهي.

”آصف“ مرحوم جي شاعري ٺيٺ سنڌي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ترجمان آهي. سندس اندازِ بيان نهايت نرالو، سليس، سلوڻو، وڻندڙ ۽ ساهه سيباڻو آهي. پاڻ هر صنف تي شاعري ڪئي اٿن. مثال طور بيت، وايون، ڪافيون، غزل، نظم مستزاد، گيت، رباعي ۽ قطعات وغيره گهڻي تعداد ۾ لکيا اٿن. انهيءَ سلسلي ۾ تاريخي قطعي ۽ ماده تاريخ لکڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي (شايد ڪن مجبورين سبب) شهيد آصف پنهنجي ڪلام جو مجموعو پنهنجي زندگيءَ ۾ شايع ڪرائي نه سگهيو.

شهيد آصف جو ڪلام نهايت سٺو، سهڻو، وڻندڙ، پڪو ۽ پختو آهي. حمديه ڪلام جا ڪجهه بند هن ريت آهن:

حمد ۽ تعريف توکي ٿي جُڳائي، يا خُدا.

ڪير آهي جو سگهي ڳُڻ تُنهنجا ڳائي، يا خدا.

”ڪُن“ جي ٻن حرفن سان ڪيئي ڪائناتون پيون جڙي،

تنهنجي قدرت جو پتو هِت ڪير پائي، يا خُدا.

تون جي چاهين، باز جهرڪي کان ٿو مارائي سگهين،

تون جي چاهين شينهن رڍ کان هار کائي، يا خدا.

تنهنجا لائق لک ۽ احسان آهن اڻ ڳڻيا،

ڪين ڳڻبا ڇا ڳڻي ”آصف“ ٻڌائي، يا خدا.

مرحوم جي نعتيه ڪلام جا ڪجهه بند هن ريت آهن:

”محمد مصطفى مدني تون ختم الانبيا آهين،

ڪري ويا سڀ نبي تصديق ۽ تائيد، تو تائين!

 

خدا کان بَعۡد تنهنجو شان، اعلى ۽ اُتم آهي،

بزرگي، برتري سونهن سدا تمجيد، تو تائين!

نه ڏيندو دانهن ”آصف“ ڪنهن ٻئي کي سور ۽ ڏک جي،

مگر دل جي صدا توڙي نِدا تاڪيد تو تائين!

آصف مرحوم سنڌ جو هڪ عظيم شاعر ۽ برک اديب هو، پر ان سان گڏ، سنڌي ادبي انجمنن، جهڙوڪ: انجمن آفتاب ادب دادو، جمعيت الشعراءِ سنڌي، سنڌي سڌار سوسائٽي ڪڪڙ، انجمن اظهر ريلائي، ۽ بزم طالب المولى سنڌ وغيره ۾ نهايت وڏو ادبي ڪم ڪيائين. سندس انهن ادبي ڪارنامن کيس ادبي دنيا ۾ ناميارو ۽ امر ڪري ڇڏيو آهي.

شهيد آصف سنڌ ساڻيهه جي نرمل ۽ نمايان نثر نويسن مان هڪ هو، جن سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪري ڇڏيو آهي. سندس نثر توڙي نظم فصاحت ۽ بَلاغت سان ڀرپور آهي. پاڻ لغات، محاورن، چوڻين ۽ گرامر جا ماهر ۽ استاد هئا. سنڌي اکرن جا املهه ماڻڪ ۽ حرفن جا هيرا سندن حضور ۾ هميشـﮧ ٻانهون ٻڌيو بيٺا هوندا هئا. ادبي اکرن جو وٽس اڻ کٽ خزانوهوندو هو. شهيد’آصف‘ سان پهرين ملاقات، غالباً 1962ع ۾ ٿي، جڏهن سيوهڻ شريف ۾ مخدوم شيخ محمد عثمان رحمة الله عليـﮧ جن جي سالياني عرس جي موقعي تي مون کي ادبي ڪانفرنس ۾، رئيس ضياء الدين ايس بلبل مرحوم مدعو ڪيو هو. ان وقت منهنجي ڀرپور جواني هئي. درگاهه جي زيارت لاءِ وڃي رهيو هوس، ميلو به نهايت عروج تي هو. اوچتو سڏ ٿيو. ”مولوي صاحب، او مولوي صاحب“، پڇاڙيءَ ۾ وضاحت سان سڏ ٿيو ”مولوي قمر صاحب.“ مون ڏٺو ته هڪ ٽانگي مان مون کي هڪ بزرگ، سُهڻي صورت وارو ۽ قدآور شخص پاڻ ڏانهن سڏي رهيو آهي. سندس آواز ۾ ميٺاج ۽ اعلى قسم جو اثر هو.

مون کي سندن پهرين ئي ملاقات نهايت متاثر ڪيو.

”رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جَت سين.“

وانگر منهنجو جيءُ جَڙي، سپرينءَ سوگهو ڪيو. الا! اُهي ڪهڙا نه پيارا ڏينهن هئا.

”ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،

منهنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.“

لعل شهباز جي زيارت کان پوءِ، ’آصف‘ مرحوم جن مون کي شاعرن ۽ اديبن جي هڪ وڏي ميڙ ۽ مجلس ۾ وٺي ويا، جتي استاد الشعراء الحاج حافظ محمد احسن چنا صاحب، رئيس ضياء الدين بلبل مرحوم، محبوب علي چنا مرحوم، علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب، احمد خان مدهوش صاحب، محمد اسحاق راهي صاحب، نشتر ناٿن شاهي صاحب، محمد رمضان راز صاحب، محمد نواز رڪڻائي صاحب، تاج محمد تاج صحرائي صاحب، استاد بخاري صاحب، سيد ظفر شاهه ’ظفر‘ صاحب، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، ملنگ حيدري صاحب، غالبِ سنڌ فيض بخشاپوري صاحب، عطا محمد ’حامي‘ صاحب، عبدالڪريم گدائي صاحب، پروانو ڀٽي صاحب، جمال الدين ميراڻي صاحب، سيد محسن ڪڪڙائي صاحب، قطب الدين تاب صاحب، سرويچ سجاولي صاحب، پير اظهر ريلائي صاحب، محمد علي دائود پوٽو صاحب ۽ ٻيا موجود هئا.

انهن سمورن دوستن سان منهنجي سڃاڻپ ڪرايائين. الحاج حافظ محمد احسن صاحب کان سواءِ ٻين سڀني سان پهرين ملاقات هئي. ان کانپوءِ روح رچندين ۽ قرب ڀرين ڪچهرين جو سلسلو جاري ٿيو، جو زندگيءَ جي آخر تائين جاري رهيو. ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي. وي جي مشاعرن ۾ ساڻس خوب ڪچهريون ٿينديون هيون.

جناب احمد خان آصف مصراڻيءَ جي آخرت جو انجام جنهن دردناڪ نموني سان ٿيو، ان تي سنڌ جي علم ادب جي دنيا ۾ غم ۽ غصي، احتجاج ۽ مذمت جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. اسان حڪومت کان پرزور گهر ٿا ڪريون ته شهيد جي پونيرن جي ڀرپور مالي مدد ڪئي وڃي، سندس بيروزگار اولاد کي آبرومندانه روزگار فراهم ڪيو وڃي، سندس نياڻيءَ جي تعليم جي ڏس ۾ گهربل مالي اعانت ڪئي وڃي ۽ شهيد جي وحشي قاتلن کي هٿ ڪري عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. سنڌي ادبي بورڊ کان تقاضا ڪجي ٿي ته آصف شهيد جو اڻ ڇپيل مواد، ڪتاب ۽ ڪلام وغيره شايع ڪرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، جيئن شهيد جي روح کي راحت رسي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com