-اڪرم ساگر عباسي
من اندر جا لوچ
بيتن ۽ غزلن جو هي ننڍڙو ڪتاب 95 صفحن تي پکڙيل
”من اندر جا لوچ“ جي عنوان سان بازار ادب ۾ پهچي
چڪو آهي. هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي
۾ شاعر اهو مناسب سمجهيو ته سندس بزرگ، سرپرست،
والد ۽ هٽڙيءَ جي هڪ معزز ۽ سڄاڻ شخصيت جناب حاجي
عبدالحيات (مرحوم) تخلص عبدالحئي ’عاجز‘ جا ٻاويهه
بيت ۽ ٽي ڪافيون ڇپيل آهن، جيڪي سڀ مضمون ۽ مواد
جي اعتبار کان الله تعالى ۽ رسول مقبول صه جن جي
شان ۾ چيل آهن. چڱو ٿيو جو اهو مختصر ڪلام ضايع
ٿيڻ کان محفوظ ٿي ويو.
ڪتاب جي منڍ ۾ علم عروض جي چند بحرن ۽ وزنن جو به
خلاصو ڏنل آهي، جيڪي عام طور سنڌي شاعريءَ ۾
اڄڪلهه رواج ۾ آهن، جيڪا هڪ چڱي ڪوشش چئي سگهجي
ٿي.
ڪتاب کي مصنف جي تعارف ۽ تصوير سان سينگاريو ويو
آهي. ائين چئي سگهبو ته سنڌ جا ڳوٺ، قصبا،
جهرجهنگ، ٻهراڙيون ۽ بستيون اڄ به علم ادب ۽ سخن و
فهم جي خزانن کان خالي نه آهن، ۽ ڪک هيٺان لک پيو
آهي. ان جو ننڍڙو مثال هي ڪتاب ”من اندر جا لوچ“
آهي، جيڪو پڻ حيدرآباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ هٽڙي
جي رهندڙ تعليم يافته ۽ روشن خيال اديب عبدالحفيظ
هاليپوٽي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي تحرير ۽ ڪتابت
گل محمد سولنگي قلبيءَ ڪئي آهي، جنهن هن ننڍڙي
ادبي ڪاوش کي حسن بخشيو آهي.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اٽڪل منو سؤ ورقن تي عبدالحفيظ
هاليپوٽي جو ڪلام سندس شفاف ذهن ۽ سلجهيل دل و
دماغ جي ترجماني ڪري ٿو. ڪلام جي ابتدا دعائيه
ڪلام سان ڪيل آهي، ان کان پوءِ غزلن جو طويل سلسلو
شروع ٿئي ٿو. منهنجي راءِ موجب اگرچه عبدالحفيظ
هاليپوٽي صاحب جو ڪلام غزلن جو حصو، مضمون جي
اعتبار کان ته کڻي انهيءَ صنف ۽ صف ۾ شمار ڪجي، پر
مان سمجهان ٿو ته غزل جي هر هڪ شعر ۾ مطلع کان
مقطع تائين ٻه ٻه سٽون (معارڪون) هونديون آهن، پر
هتي ان سٽاءَ کي بدلائي ڪٿي ٻه ته ڪٿي ٽي سٽون هر
هڪ شعر ۾ ڏنل آهن، جن کي ٻيو ته سڀڪجهه چئي سگهبو،
پر غلط نه. بهرحال هيءَ هڪ مخلصانه ادبي سوکڙي
آهي. ان جي قيمت ڏهه رپيا آهي.
-ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي
جيون جا نه وسرندڙ لمحا
ڪالهه تائين شعبان وسطڙي جو نالو ادب ۾ اوپرو هو،
مگر هن پنهنجو ڀرپور تعارف، پنهنجي ڪهاڻين جي
پهرئين مجموعي ”جيون جا نه وسرندڙ لمحا“ سان ڪرايو
آهي.
چوڏهن مختصر ڪهاڻين جي هن مجموعي کي ۽ سندس
سرجڻهار کي اسان سنڌي ادب ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پر،
ان سان گڏوگڏ، ڪجهه اهم ڳالهيون، جيڪي ڪتاب پڙهڻ
سان ذهن ۾ جنم وٺن ٿيون، تن جو ذڪر نه ڪرڻ پڻ نا
انصافي ٿيندي.
سنڌي ادب جي اها روايت رهي آهي جو ان ۾ لکندڙن نثر
کان وڌ نظم ڏانهن ڌيان پئي ڏنو آهي. اهو ئي سبب
آهي جو اسان وٽ ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾ شاعر حضرات وڏي
تعداد ۾ موجود آهن. شايد ان جو سبب اهو به کڻي هجي
ته هن ٻوليءَ جا پڙهندڙن نثر جي ڀيٽ ۾ نظم ڏانهن
وڌيڪ توجهه ڏين ٿا.
نثري ادب جي تاريخ تمام وڏن ۽ اهم نالن سان ڀري
پئي آهي، ۽ اهڙي وقت جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ
جي کيتر ۾ نون لکندڙن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي،
شعبان وسطڙي جي هڪ عدد ڪهاڻين جي مجموعي سان ادب
گهر جو دروازو کڙڪائڻ، بسنت رت جي پهرئين جهونڪي
کان گهٽ ناهي.
”جيون جا نه وسرندڙ لمحا“ جو مهاڳ خيرالنساءِ
جعفري لکيو آهي، جنهن جي هڪ ڪچي گهڙي تي خوبصورت
رنگ جو ڪم ڏنو آهي.
نون لکندڙن جي همت افزائي ضرور ڪرڻ گهرجي، مگر
سندن تخليقن جا ڪمزور پهلو اُجاگر ڪرڻ، ساڻن
صحتمند رويو ثابت ٿيندو.
مهاڳ ۾ ذاتي ڄاڻ سڃاڻ جو اثر قبولڻ فطري عمل آهي،
مگر اهو بلڪل وساري ڇڏڻ ته جنهن سلسلي ۾ مهاڳ لکيو
ٿو وڃي، سو سڀاڻي ادبي دستاويز جي حيثيت رکندو،
ڪجهه غير مناسب لڳي ٿو.
ڪهاڻيءَ جا بنيادي اصول، شعبان جي مطالعي هيٺ شايد
ناهن آيا، مثلاً تسلسل
(Continuity)
ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ موجود ناهي ۽ عام يا درگذر ڪرڻ
جهڙين غلطين کان هٽي ڪري ڏسجي ته شعبان وٽ جيڪا
وڏي ڪمزوري آهي، سا آهي لفاظي ۽ ڪنهن مخصوص نقطئه
نظر تي واضح نه هجڻ.
تاهم، تمام تر ڪمزورين جي باوجود، شعبان وسطڙي جي
پهرئين ڪوشش، بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ جي برابر
آهي.
هي ڪتاب منصور پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي.
صفحا 182، سائيز ڪرائون، قيمت ويهه رپيا. هي ڪتاب
منصور پبليڪيشن جو ٻاويهون نمبر ڪتاب آهي.
-عزيز گوپانگ
جناب احمد خان ”آصف مصراڻي
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
از: محسن ڪڪڙائي
مظلوم احمد خان آصف!
بلاشڪ موتُ برحق آهي ۽ هر ڪنهن کي اڳي يا پوءِ موت
جو ذائقو چکڻو آهي، ليڪن شهيد احمد خان آصف مصراڻي
۽ سندس ٻچن سان جيڪو قهر ۽ ڪِيسُ ٿيو، اُن جو مثال
اسان جي ڏيهه- تَرَ ۾ مشڪل ملندو.
تاريخ 9 جولاءِ 1989ع تي، رات جو اٽڪل 12 بجه ڌاري
5-6 ڌاڙيل گهر ۾ گهڙي آيا، انهن مان هڪڙي، ڊاڪٽر
اشرف (آصف جي پُٽ) جي نشاندهي ڪندي، ٻين کي ٻڌايو
ته ”هيءُ اٿوَ ڊاڪٽر اشرف.“ ايتري ۾ گهر جا سڀ
ڀاتي سجاڳ ٿي پيا ۽ هڪ ڌاڙيل کي چوڌاري ڦِري ويا.
مظلومن وٽ ڪو به هٿيار ڪونه هو، ليڪن ڌاڙيلن
سمجهيو ته کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري
ٻين ڌاڙيلن اَنڌا ڌُنڌُ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن
جي نتيجي ۾ شهيد آصف جي نياڻي گُلبانو ۽ ڀائٽي حوا
ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويون. شهيد آصف کي به گوليون
لڳيون. سندس ٻي ڀائٽي پنهنجي معصوم ٻار سميت زخمي
ٿي پيئي. چيو وڃي ٿو ته زخمي خاتون پنهنجو هوش
وڃائي ويٺي آهي. عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته ڳوٺ کان
ميل کَن جي مفاصلي تي پوليس پارٽي رونِ تي موجود
هئي، ليڪن اُتان ڪوبه مدد لاءِ نه پهتو ۽ نه وري
ڪو فائر ٿي ڪيائون. ڳوٺ وارن، البته، پنهنجي گهرن
مان فائرنگ جي جواب ۾ فائرنگ جاري رکي، جنهن ڪري
ڌاڙيل واپس هليا ويا.
صبح جو تَڪَ جو ايم- پي- اي، ڊي- سي دادو ۽ پوليس
جا عملدار جاءِ واردات تي پهتا، ليڪن ڌاڙيلن جي
دَزَ به هٿ نه آئي.
شهيد آصف کي دل هيٺيان گوليون لڳيون هُيون. هُو
سِول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج لاءِ پهچي ٿو. هڪ
سادو ڳوٺاڻو، هڪ شاعر ۽ اديب، ڊاڪٽر صاحبان اُهو
توجهه نٿا فرمائين، جنهن جي مريض کي ضرورت آهي. ۽
پوءِ سنڌي ادب جي محسن اعظم حضرت طالب المولى
سائينءَ کي خبر پوي ٿي. حضرت جن ٽيليفون به ڪن ٿا
ته پنهنجو ماڻهو به موڪلين ٿا. هاڻي ڊاڪٽر صاحبان
توجهه فرمائين ٿا، آپريشن به ٿئي ٿو. ڇرا نڪرن ٿا،
حالت سڌرڻ لڳي ٿي، ليڪن مٿان عيدالاضحى جو ڀلارو
ڏينهن اچي ٿو. هر ڪنهن کي پنهنجي ٻچن سان عيد
ملهائڻ جو فڪر ٿئي ٿو، ليڪن آصف طرف، جنهن جا ٻچا
ڪُسجي ويا هئا ۽ پاڻ به موتَ سان مُلاقي ٿيڻ وارو
هو، ڪوبه ڌيان نٿو ڏئي. هڪ پيرسني، ٻيو ٻچن جا رتَ
۾ وهنتل لاش اکين اڳيان، شهيد جي دل ۾ سُورَ جي
سُوٽ اُڀري ٿي، ڊاڪٽر موجود ڪونه.. ۽ زخمي روح وڃي
پنهنجي شهيد ٻچن سام مليو. اِهو عيد جو ٻيو ڏينهن
هو. تاريخ 15 جولاءِ 1989ع.
شهيد آصف انتهائي شريف انسان هو. پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪکَ کي به نه رنجايائين. هُن جو، ڪنهن سان دشمنيءَ
جو ته سوال ئي ڪونه ٿي پيدا ٿيو. ته پوءِ سوال ٿو
پيدا ٿئي ته اهڙي شريف النفس انسان سان اهڙو ظلم
ڇو؟
ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته شهيد آصف هڪ سفيد پوش
انسان هو. پرائمري ماستريءَ مان پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ
چڱڙي جاءِ جوڙائي هئائين. سندس وڏو پُٽ محمد اشرف،
ڊاڪٽر بنجي چڪو هو. وڏڙن جي مــٖـيڙي چونڊي ۽
پنهنجي قناعت ۽ ڪفايت سان چار ٻارا زمين جا به
ڌاريا هئائين. اِن کان علاوه سندس ڀائٽــٖـي امام
بخش مصراڻي به پرائمري ماستريءَ تان رٽاير ڪري
پينشن جي پئسن مان دادو شهر ۾ هڪ جاءِ خريد ڪئي
هئي. بس، اِها هئي شهيد آصف جي خطا، جنهن کي ايتري
”وڏي ملڪيت“ هُئي.
ڌاڙيلن کي اِها خبر ڪانه هئي ته شهيد آصف جي
خاندان ۾ تمام گهڻا ڀاتي هئا. روزانو جڏهن هڪ مَڻُ
اٽو پچندو هو، تڏهن وڃي سمورا ڀاتي پيٽ ڀريندا
هئا. اِن کان علاوه شهيد جا ٻه- ٽي ٻار سنڌ
يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئا، اُانهن جو خرچ الڳ،
بيماري- بَڙي الڳ، آيو- ويو الڳ، مِٽي- مائٽي ۽
ننگ- ناموس جا خرچ- پَکا الڳ. زمين جي پيدائش
ايتري، جو صرف گهر ۾ کائڻ لاءِ اَنُ موجود هوندو
هو ۽ ٻيو ٿيو خيرُ. ڌاڙيلن جي ڏاٺ اڳ ۾ هريل هئي.
هنن جو خيال هو، ته جيڪڏهن ڊاڪٽر اشرف کي اغوا ڪيو
ويندو ته آصف ضرور پنهنجي پُٽ جي بازيابيءَ لاءِ
ٻَني- ٻارو کپائي به سندن مطالبو پورو ڪندو.
ٿورڙو به تصور ڪبو ته شهيد آصف جي گهر ۾ ٿيندڙ
موتَ جي رقص جو خوني نظارو اوهان جي اکين آڏو ڦِري
ويندو. هڪ اهڙو انسان، جنهن ساري زندگي پڙهڻ ۽
پڙهائڻ ۾ گذاري هئي، جنهن پنهنجي قلم سان سڄي عمر
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ گيت لکيا هئا، جنهن ڪڏهن به
ڪنهن سان ڪوڙو نه ڳالهايو هو، اُن تي، اُن جي ٻچن
تي، ۽ اُن جي گهر تي گولين جو مِينهن وسندو رهيو،
رَتَ جون ناليون وهنديون رهيون، ٻچڙن جون ڪِيهون،
قرآن مصحف ۽ خدا جا واسطا فضا ۾ گونجندا رهيا،
ليڪن... ليڪن... هيڏي بيوسي هيڏو قهر، هيڌو
ڪِيس!!اَبول!! يا الله!
شهيد آصف جهڙا پنهل پٽَ ڪا ڇِٽِي ماءُ ڄڻيندي. هو
فرشته صفت انسان هو. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليائين
پنهنجي سڄي خاندان جو ته نڪ هو، هن ئي مڙس جي ڪري
سڄي خاندان جي عزت ۽ ناموس هئي. شهيد جو وڏو پٽ
ڊاڪٽر اشرف ته هن وقت نه آهي مُئن ۾ نه جيئرن ۾...
صدمي، مڙس کي بي حال بنائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر صاحب،
پيشي جي لحاظ کان اُنهن ڊاڪٽرن مان نه آهي، جن تي
پئسن جو مِينهُن وسندو آهي. شهيد جو ٻيو نمبر پٽ
محمد شريف (ايل- ايل- بي) بي روزگار آهي. ٽيون
نمبر پٽ نظام اڃا طالب العلم آهي.
●آهي
ڪو جو، هِن اُجڙيل ۽ تباهه ٿيل خاندان جي خبر لهي؟
●آهي
ڪو، جو، هن قهري ڪارروائيءَ جي خلاف اقتدار جي
●ايوانن
۾ آواز اٿاري؟
●ڇا،
حڪومت سنڌ هِن ظلم جو نوٽيس ورتو آهي؟
●ڇا،
حڪومت سنڌ هِن برباد خاندان جي مالي مدد ڪئي آهي.
حياتيءَ جو احوال ۽ ڪلام جو جائزو:
شهيد آصف مِصراڻي جي ذات، سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڪنهن
به تعارف جي محتاج نه آهي. سال 1937ع کان شعر چوڻ
شروع ڪيائين ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين شعر و
ادب جي خدمت ڪندو رهيو. شعر ۽ شاعريءَ جي نصف صدي
کان وڌيڪ سفر ۾، آصف صاحب، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”مِٺو
ٻَٻَرَ“ (تعلقو خيرپور ناٿن شاهه، ضلعو دادو) ۾
رهندي جيڪو علمي ۽ ادبي وکرَ وهايو، اُهو بلاشبه
لائقِ تحسين ۽ قابلِ ستائش آهي. تاريخ 8- جولاءِ
1922ع تي، مرحوم محمد اسماعيل مِصراڻيءَ جي ڪکائين
گهَر ۾ جنم وٺندڙُ هيي سنڌي سٻاجهڙو زندگيءَ جون
67 بهارون گذاري، 15 جولاءِ 1989ع تي هزارن همدردن
کي رت رئاري هليو ويو. گذريل رمضان شريف جي مهيني
۾ ٽي- وي ڪراچي جي ادبي پروگرام ’مخزن‘ لاءِ نعتيه
مشاعري جي رڪارڊنگ ۾ گڏ هئاسون. اِهو نعتيه مشاعرو
4 مئي 1989ع تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيو هو، ڪهڙي خبر ته آصف
جو هي آخري مشاعرو ثابت ٿيندو!
پيشو:
مرحوم آصف تاريخ 14 آگسٽ 19540ع تي پرائمري اسڪول
پِيرُ ڳُڻيو (تعلقو دادو) ۾ پرائمري استاد مقرر
ٿيو ۽ پورا 42 سال هن معزز پيشي سان منسلڪ رهندي،
جولاءِ 1981ع ۾، پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان نهايت
عزت ۽ احترام سان رٽاير ڪيائين. پرائمري استاد جي
حيثيت سان آصف صاحب وڏو مانُ ۽ مرتبو ماڻيو.
پنهنجي وقت جي ڪامل استادن ۾ شمار ٿيندو هو. مون
خود سندس عروج اکين سان ڏٺو. هي سال 1952ع جي
ڳالهه آهي. آءٌ ان وقت ”فائينل“ جي تياري ڪندو
هوس. (ياد رهي ته ان وقت پرائمري اسڪولن ۾ ستين
جماعت تائين تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ستين جماعت جي
امتحان کي ”فائينل جو امتحان“ سڏيو ويندو هو) انهن
ڏينهن ۾ آصف صاحب جي هڪ ڪافي ڏاڍي مشهور هوندي
هئي، جيڪا مان پاڻ به ڳائيندو هوس. ڪافيءَ جو
ٿَلهه هو:
ڳُڻَ مارن جا نِتُ ياد ڪري،
دل درد منجهان ٿي فرياد ڪري.
اُن زماني ۾ آصف صاحب منهنجي ڳوٺ ڪَڪَڙَ ۾ پرائمري
اسڪول جو هيڊ ماستر هو. هر مهيني پنهنجي اسڪول ۾
آسپاس جا استاد گهرائي محفلون مچائيندو هو. تعليمي
گفتگو ٿيندي هئي. نصاب جي ٽيڪا- ٽپڻيءَ سان گڏ شعر
و شاعريءَ جو دور به هلندو هو. پنهنجي تَرَ جا
ناميارا استاد ڏِسي، اُنهن جي عزت ۽ احترام ڏسي،
منهنجي دل ۾ به استاد ٿيڻ جي تمنا ڪَرُ موڙڻ لڳندي
هئي. آصف صاحب جڏهن محفل ۾ ايندو هو ته سڀ استاد
ٽپ ڏئي اُٿي بيهي، سندس استقبال ڪندا هئا. سڀڪو
پيو ”آصف صاحب، آصف صاحب“ جو ورد ڪندو هو. خدا
گواهه آهي ته اهڙن هوشيار، لائق ۽ بااخلاق استادن
جا اهڙا مانائتا ۽ پُروقار ميڙ ڏسندي منهنجي دل ۾
آس اُڀرندي هئي ”خدا ڪري ته مان به ڪڏهن اهڙو
استاد ٿيان!“ خدا جو شان! جو تاريخ 2 آگسٽ 1954ع ۾
آءٌ به پرائمري استاد جي حيثيت سان هن عزت واري
پيشي جي قافلي ۾ شريڪ ٿي ويس ۽ 1952ع ۾ جيڪا تمنا
منهنجي دل ۾ ڪَر موڙڻ لڳي هئي، اُها هن طرح پوري
ٿي ته پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن جي حوالي سان
ڪيترائي دفعا، اِنهن ساڳين لائق ۽ فائق استادن مون
کي عزت ڏئي ميٽنگن ۾ صدارت جي ڪُرسيءَ تي ويهارڻ ۾
ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪئي. ۽ پوءِ 1956ع ۾ آصف صاحب ۽
منهنجو ”هيڊ ۽ نائب“ جو رشتو به ڪافي وقت کان قائم
رهيو. وقت جي پابند، انتظامي امور ۾ ڪابه گهٽ-
وڌائي برداشت نه ڪرڻ، ٻارن جو همدرد ۽ تعليم ڏيڻ
سان عشق سندس خاص خوبيون هيون.
تصنيف ۽ تاليف:
آصف صاحب، شعر و شاعريءَ ۾ پنهنجي لائق استادن مرحوم جمع خان ’غريب‘ ۽ حافظ
محمد احسن چنا مرحوم جي مدد سان چڱو خاصو درڪ پيدا
ڪرڻ کانپوءِ مرحوم حاجي محمود ’خادم‘ لاڙڪاڻوي جي
ترغيب تي نثر به لکڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي
ڪيترائي ڪتاب لکي ورتائين. سندس شايع ٿيل ڪتابن جو
وچور هن طرح آهي: (1) ارمغانِ آصف (مختصر ڪلام)
(2) گلزار چنبيلي ٻه ڀاڱا (3) همايون نامه (4)
سيرت زيب النساءِ (5) سيرت خواجه اويس قرني (6)
سيرت حضرت بلال (7) شڪسته حال شهزاديون (8) روميءَ
جون رهاڻيون (9) قصص الانبيا (10) املهه ماڻڪ
(تاليف: مختلف شاعرن جو بي نقاط ڪلام) (11)
جاگرافي ضلعو دادو (انعام يافته) (12) جاگرافي
تعلقو خيرپور ناٿن شاهه.
سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو وچور هن طرح آهي: (1)
اربيلا عشاق (محسن ڪڪڙائي سان گڏ لکيل) (2) ادبي
رهاڻ (محسن ڪڪڙائي سان گڏ لکيل) (3) زين اقوال (4)
خان خانان جون خوبيون (5) اڪبري نَوَ رتن ۽ (6)
ڪليات آصف (نظم ونثر).
آصف صاحب انگريزي علم کان واقف نه هو، البته سنڌي،
اردو ۽ پارسي چڱي طرح ڄاڻندو هو. سنڌي فائينل
1936ع ۾ پاس ڪيائين. اديب سنڌي 1954ع، اديب عالم
1955ع ۽ اديب فاضل 1959ع ۾ پاس ڪيائين. اردو
فائينل 1962ع ۾ پاس ڪيائين ۽ پرائمري ماستريءَ جي
ٽريننگ ٻه سال، 1943ع ۽ 1949ع ۾ ورتائين. سندس
ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن.
ذاتي خوبيون:
مرحوم آصف نهايت سادو ماڻهو هو. قدآور، اکيون
وڏيون ۽ ذهين. شڪل و صورت سادي، ليڪن قدرت شڪل و
صورت واري سادگيءَ کي ٻين بي انتها خوبين ۾
بدلائي، هڪ قسم جي زيادتيءَ جو ازالو ڪري ڇڏيو هو.
انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو هوندو آهي، ليڪن
منهنجو ايمان آهي ته هڪ انسان، بلڪ سڀني انسانن ۾
خامين کان وڌيڪ خوبيون هونديون آهن. هر ڪنهن
ماڻهوءَ جو پنهنجو پنهنجو نقطئه نظر ٿئي ٿو. جنهن
ڳالهه کي آءٌ خامي شمار ڪريان ٿو، ممڪن آهي ته
اوهان جي نظر ۾ اُها خوبي هجي. اِن لحاظ کان جڏهن
آصف صاحب جي خامين کي ڳولڻ ويهان ٿو ته مون کي
سندس زندگيءَ ۾ ڪابه وڏي خامي نظر نٿي اچي.
ڀُلَ-چُوڪ هر ڪنهن انسان کان ٿئي ٿي. ڏوههَ- ثوابَ
هر ڪنهن جي زندگيءَ ۾ اچن وڃن ٿا. اڄ واري خامي
سڀاڻي سُڌاري به سگهجي ٿي. چنانچه مان ائين چوڻ تي
مجبور آهيان ته مرحوم آصف پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾
نهايت مکڻ ماڻهو هو. مهمان نواز، نيازمند ۽
پُرخلوص طبيعت جو مالڪ، نهايت صابرين انسان،
ڪَسُ-ڪسر کائڻ وارو، درگذر ڪرڻ وارو، روزه- نماز
جو پابند ۽ مهل جو مڙس. اهڙا پُٽَ وري ڪٿان ايندا.
ڪجهه ڪلام متعلق:
آصف اڌ صديءَ کان مٿي لکندو رهيو. مرحوم دادو ضلعي
۾ (احسن مرحوم کانپوءِ) عمر ۽ تجربي جي لحاظ کان
سڀني کان سينيئر
(Senior)
ليکڪ هو. ڪيترن ئي شاعرن کي پنهنجي استادانه اصلاح
سان نوازيندو رهيو. ان سلسلي ۾ راقم الحروف کان
علاوه مرحوم پير علي محمد ’اظهر‘، مرحوم عابد
ابڙو، مولانا رحيم بخش ’قمر‘، جان محمد ’شاد‘،
مرحوم ۽ ناظم منگيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. آصف
صاحب جو فڪري ۽ فني تعلق گهڻي ڀاڱي قديم مڪتبهء
فڪر سان رهيو. سندس ڪلام جا موضوع، انداز بيان،
ترڪيبون ۽ تشبيهون گهڻو ڪري روايتي استادانه
شاعريءَ جي دائري ۾ هونديون هيون. گهڻو ڪري
شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيو اٿس. سنڌ جي تقريباً
سڀني اڳين توڙي هاڻوڪن اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو
رهيو. خاص طرح ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ماهنامه ’نئين
زندگي‘ ۾ ته باقاعده شروع کان لکندو رهيو. شهادت
کان چند ڏينهن اڳ شايع ٿيندڙ ٽماهي ’مهراڻ‘
(3/89ع) ۽ ’نئين زندگي‘ (اپريل- مئي 89ع) ۾ سندس
ڪلام شايع ٿيو آهي، جيڪو سندس آخري ڪلام سمجهڻ
گهرجي. منهنجي ذاتي راءِ موجب آصف صاحب جون ڪافيون
سندس سموري ڪلام کان گهڻو مٿي آهن. آصف جي ڪافين ۾
جيڪا نماڻائي، نهٺائي، نيازمندي، خود سپردگي، آزي-
نيزاري، سوز ۽ سِڪ آهي، اُها سندس ٻئي ڪلام ۾ مون
کي نظر نه آئي آهي. هن جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته
آصف جو ٻيو سمورو ڪلام بس خال خال آهي. آصف پنهنجي
رنگ ۽ ڍنگ سان جو ڪجهه لکيو آهي، فني اعتبار کان
خوب لکيو آهي.
غزل، گيت، مثنوي، وائي، ڪافي، بيت، رباعي ۽ قطعات،
آصف کي هر صنف سخن تي استادانه عبور حاصل هو.
جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته آصف ڪافيءَ جو
بادشاهه هو. سندس ڪافين مان مون کي ڏاڍو لطف ايندو
آهي. ماضيءَ ۾ سندس ڪافي:
”محبت ڪڏهن ڀي پُراڻي نه ٿيندي
پرين پيار جي ڪا پڄاڻي نه ٿيندي.“
ڏاڍي مشهور ٿي. اِها ڪافي (۽ ڪجهه ٻيون) ريڊيو
حيدرآباد/ ڪراچيءَ تان نشر ٿينديون رهنديون آهن.
ان ڪافيءَ جي هڪ مصرع هن طرح آهي:
ڪرين ٿو ته مون تي ڀلي ڪر جفائون،
مگر مان ته توکي ڪندس پيو دعائون،
شڪايت جي مون کان ڪهاڻي نه ٿيندي،
پرين پيار جي ڪا پڄاڻي نه ٿيندي.
بيت:
سنڌ ۾ ڌاڙن ۽ اغوائن جي قهري ڪاررواين جو جيڪو
مانڌاڻ مَتل آهي، اُهو ڪنهن کان به ڳُجهو نه آهي.
سالُ- ٻه اڳ خود آصف صاحب جي ڳوٺ مان، ڏينهن ڏٺي
جو ٽي ماڻهو اغوا ڪيا ويا هئا. اِن انڌير تي آصف
دانهون ڪندي چيو هو:
ڏاڍنِ سارو ڏيههُ، ڏاڍو آهه ڏُکائيو،
ڏِيَنِ ڏُٻريٖ ڏيلَ کي، ڇُرن وانگر ڇيــٖـههُ،
ڦَٽــٖـي ڏِيَنِ، ڦــٖـيهه، ڪَهَل اُنهن ۾ ڪانه
ڪا.
۽ پوءِ... ۽ پوءِ شهيد آصف به اِنهن ظالمن جو شڪار
ٿي ويو.
قطعات:
سنڌ ۾ عورت- ذات کي، ورثي جي حق کان جنهن نموني
محروم رکيو وڃي ٿو، ان جو ذڪر مرحوم آصف هينئن ٿو
ڪري:
زمينن جا کاتا بنايا وڃن ٿا،
ته نالا ڌِيُن جا لِکايا وڃن ٿا.
پُٽن کي ۽ پوٽن کي وارث بنائي،
نياڻين جا حصا ڦَٻايا وڃن ٿا.
نظم:
مرحوم آصف پنهنجي نظمن ۾ سنڌ سڳوريءَ کي خوب ڳايو
آهي. چند شعر ملاحظه فرمايو:
قربان تنهنجي نام تان منهنجي عجيب سنڌ،
منهنجي عجيب سنڌ، بَلــٖـي، خوش نصيب سنڌ.
ــــــ
خُوبتر ۽ خوب خاصي خوبصورت سنڌ آهه،
سنڌ وارن لاءِ هن جڳ ۾ ئي جنت سنڌ آهه.
ـــــ
توسان ازل کان ڪن ٿا عشق ۽ پيار اي سنڌ!
هِتهُون جا مرد، زالون، ٻڍڙا ۽ ٻار اي سنڌ!
آصف جي دل ۾ آهي حُب وطن جو جذبو،
اشعار توتي لکندو ساري ڄمار اي سنڌ!
غزل
آصف جي غزل ۾ فن جي استادانه پختگي نه آهي، ليڪن اُن ۾ جوانيءَ واريون عشق
جون اُٿلون، جذبي جون جولانيون ۽ اندر جي اُڻ-تڻ
واري گهرائي ۽ گيرائي نه آهي. شايد پيرسنيءَ ۾
ماڻهوءَ جا هَڙَ جذبا ٿڌا ٿي وڃن ٿا. آصف صاحب
پڇاڙيءَ ۾ جيڪو غزل لکيو، اُن جو بوتو
(Form) ته غزل جو ملندو، ليڪن روح نظم جو. مرحوم جي ٻن غزلن مان ڪجهه
شعر مثال طور پيش ڪجن ٿا:
اچانڪ ڪنهن جي ڳُڻ جي ڳالهه جيئن دل تي تري آئي،
قريب المرگ وٽ گويا نئين سِر زندگي ائي،
جڏهن ڪَنِ ٻِن جي وچ ۾ بدگماني، بدظني آئي،
اِئين سمجهو ته ويئي دوستي ۽ دشمني آئي.
گيت:
بنيادي طور تي گيتُ، عورت جي نازڪ جذبن جي اظهار
جو ڪلام آهي، جنهن ۾ وڇوڙي جي ورلاپن، ميلاپ جي
مسّرتن، آسن- نراسن ۽ برهه جي بَڙڇين جو ذڪر هوندو
آهي. آصف هو هڪ گيت ڏسو:
ناتو ننڍپڻ جو ناداني- هاءِ منهنجي مجبور جواني!
ڇُلڪن ڇاتيون ڇوهه منجهارون- انگي ڦاٽي ٿي
تَهبارون،
ڦاٽُ ڏنو آ ڦوهه جواني- هاءِ، منهنجي مجبور جواني!
رباعيون:
عنقا ٿي ويو امن و امان ڪاڏي وڃون
دشمن ٿي پيو چڻ ته جهان ڪاڏي وڃون.
اغوا نه ٿيون، هرڪو اِنهيءَ ڊپ ۾ رهيو،
آصف ٿو چوي خورد وڪلان ”ڪاڏي وڃون!؟“
شاعريءَ ۾ رباعي نهايت پياري صنف آهي. ان ۾ اڄ
ڪلهه هر قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو:
تنظيمن سان وابستگي:
شهيد آصف ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. هو جتي به سڪ
مان سڏيو ويندو هو، اُتي ضرور ويندو هو. اِن کان
علاوه مرحوم جو ڪافي علمي ۽ ادبي تنظيمن سان به
تعلق هو. (1) انجمن آفتاب ادب (2) جمعيت الشعرا
سنڌ (3) سنڌي سڌار سوسائٽي ڪَڪَڙ (4) بزم طالب
المولى سنڌ (5) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم
سان 1957ع کان سيپٽمبر 1958ع تائين وابستگي (6)
تعليم ڪميٽي يونين ڪائونسل ڪَڪَڙ جو چئرمين ۽ (7)
بزم طالب المولى شاخ پير رکيل ريلائيءَ جو جنرل
سيڪريٽري انهن تنظيمن ۾ خوب ڪم ڪيائين.
اولاد:
مرحوم جي اولاد ۾ ٽي پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن. هڪ
نياڻي (گلبانو) شهيد ٿي وئي. ٻي گهر ڌياڻي آهي.
ٽيون نياڻي گلبدن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ آهي،
وڏو پُٽ ڊاڪٽر محمد اشرف پاڻ به شاعري ڪندو آهي.
ٻيو نمبر پُٽ محمد شريف ايل- ايل- بي آهي، مگر بي
روزگار. ٽيون نمبر پُٽ نظام الدين سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ پڙهي ٿو.
حرف آخر:
شهيد آصف جي فن تي مون جو ڪجهه لکيو آهي، اُها
منهنجي ذاتي راءِ آهي، جنهن سان اختلاف ڪري سگهجي
ٿو، ليڪن سندس ڀل- مانسائي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن
سان ڪوبه اختلاف ڪري نٿو سگهي. مرحوم منهنجو
پاڙيسري استاد هو. مون سان مَرُ- جيءُ ۾ گڏ هو.
ساڻس جيڪو قهر ۽ ڪِيسُ ٿيو، ان جو مثال ملڻ مشڪل
آهي. مرحوم جو سِرُ ويو. سندس ٻچا ڪُسي ويا. سندس
گهر تباهه ٿي ويو. ههڙي دلبر انسان سان جيڪو ظلم
ٿيو، سندس جيڪو نقصان ٿيو، اُن جو ازالو ته ناممڪن
آهي، ليڪن پوءِ به ڪنهن حد تائين مرحوم جي پونيرن
جي ڦَٽن تي مِهر ۽ ٻاجهه جو پَهو ته رکي سگهجي ٿو.
منهنجي سنڌ جي سڀني اهل قلم حضرات کي اپيل آهي ته
هو هِن ظلم خلاف آواز اُٿارين. خصوصاً قبله طالب
المولى سائينءَ جن کي التماس آهي ته هن اُجڙيل ۽
تباهه حال خاندان لاءِ سرڪاري مالي امداد جو
بندوبست ڪرائي ڏين. |