شهيد احمد خان ”آصف“ مصراڻي جو جناب حبيب الله
صديقي ڏي لکيل هڪ
خط
ڪلاشنڪوف کان بي خوف قلم ڌڻي
از: گلبدن آصف مصراڻي
حاجي محمود ”خادم“ کان وٺي ڊاڪٽر محمد ابراهيم
”خليل“ تائين، قبله مخدوم طالب المولى کان وٺي
مخدوم زاده جميل الزمان ”جميل“ تائين علم ۽ قلم جي
ڪيترن وارثن منهنجي والد کي خط لکيا، انهن خطن ۾
علم ادب جون ڳالهيون ٿيون، ٻوليءَ جون جهوليون
ڀريون ويون، ثقافت جي سينڌ سجائي وئي ۽ تاريخ جا
واهڙ وهايا ويا، ليڪن اسان جي ابي ڏانهن هڪ خط
اهڙو به آيو، جيڪو قلم نه پر ’ڪلاشنڪوف ڌڻين‘ لکيو
هو. جن جو خيال هو ته منهنجي والد وٽ ”قارون جا
خزانا“ لڪا ويا آهن. احمد خان ”آصف جي گهر ۾ ناڻي
جون نديون وهي رهيون آهن ۽ جواهرن جون جوتيون
موجود آهن. پر اسان جي ابي وٽ ته فقط علم جا خزانا
هئا، حلم ۽ حياء جا انبار هئا، محنت ۽ محبت جا
موتي هئا، شرافت ۽ صداقت جا ساغر ڀريل هئا ۽ انسان
دوستيءَ جا اَڻ ميا پل ڀريل هئا. پر ڪلاشنڪوف ڌڻين
جي اکين تي انڌ جي پٽي ٻڌل هئي. هو ڏاڍ ۽ ڏمر جي
رڻ جا رولاڪ هئا. هنن ڪجهه به حاصل نه ڪيو، پر
اسان جو ڪونڌر ڪهي ڇڏيو. اسان کي لاوارث ڪري ڇڏيو.
سنڌي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي! قهر جي انهن
ڪوڏين اهو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو؟ تاريخ ۾ اسان
”ڪوفين جا خط“ ٻڌا هئاسين، ليڪن سنڌ جي امن ۽ سڪون
واري هن ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ ”ڪلاشنڪوفين“ جا هي خط
ڪهڙو رنگ لائيندا؟ بلاشڪ ڌرتيون ريٽي رت جون ريج
گهرنديون آهن، ليڪن اسان جي دلين جي ڌرتيءَ کي ڇا
ٿيو آهي؟ اهي انساني رت جون پياسيون ڇو ٿيون آهن؟
”جي اتر ڊاهي ان جا، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن!“
اها شب قدر جي رات هئي! ستاويهين رمضان تي سمورا
متقي ۽ پرهيزگار بندا عبادتن ۽ رياضتن ۾ مصروف
هئا. هر ڪو مسلمان ڪرم ۽ قدر لاءِ قادر ڪريم جي
درٻار ۾ هٿ کڻي رهيو هو. ٺيڪ انهيءَ ڏينهن، بلڪ
اهڙي ئي ماحول ۾ منهنجي والد محترم کي ڪلاشنڪوفين
هٿن ۾ خط رکي ڇڏيو. منهنجي مٺڙي پيءُ ڌڻيءَ در
جيڪي دعا لاءِ هٿ کنيا هئا، اهي ائين خالي نه
موٽيا. پر ستاويهين رمضان جي ڀلاري تاريخ تي سندن
مقدر ۾ شهادت جو جام لکيو ويو هو!
سچي ۽ سٻاجهي انسان، منهنجي مٺڙي والد ڪلاشنڪوفين
جي اها قهري چٺي ڪنهن ڪنهن کي نه ڏيکاري هوندي؟
اها ڪنهن ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چٺي نه
هئي، ڪنهن مشاعري ۾ موجود ٿيڻ جي ڪوٺ نه هئي، پر
سِر ڏيڻ جو سڏ هو. سِرَ وٺڻ وارا اڄوڪا ٻيجل پڻ هن
ڌرتيءَ جا پنهنجا ٻالڪ هئا. هنن پنهنجي ڌرتيءَ جي
سپوت، پنهنجي ٻوليءَ جي خادم ۽ پنهنجي ڀاءُ جو سر
ورتو. قهر جو ڪوٽ کٽيائون! کين خبر ڪيئن نه هوندي
ته احمد خان ”آصف“ فقط اسان جو ڪونه هو، هن عظيم
انسان ته پنهنجي سموري ڄمار درس و تدريس ۽ علم ۽
ادب جي خدمت ڪندي گذاري. پوري اڌ صدي پنهنجي
ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو رهيو. ديس واسين کي اخلاق
۽ ايڪي جا سبق ڏنائين. سندس لکيل ڪتاب پڙهي ماڻهن
کي ته منهنجي پيءُ جي مٿان عقيدت جا گل گهورڻ
گهربا هئا، ليڪن ڪلاشنڪوفين مٿانئس گولين مٺ گهوري
ثابت ڪيو ته اسان کي پنهنجي عالمن، اديبن، شاعرن ۽
ليکڪن جي ۽ سندن علم يا قلم جي ضرورت ڪانهي.
تر جا هڪ نه پر ٻه ٽي نسل بابا سائينءَ جا شاگرد
هئا. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ اسان جو والد احمد
خان ”آصف“ 1981ع تائين قوم کي علم جو نور ڏيندو
رهيو، پر تاريخ 9
جولاءِ 1989ع تي سندس اڳيان سندس اکين جي نور ۽ دل
جي سرور اولاد تي گوليون هلايون ويون ۽ کيس چڪنا
چور ڪيو ويو، تان جو 15 جولاءِ 1989ع تي رب جي
حضور ۾ وڃي سلامي ٿيو. شايد انهيءَ دانهن ڏيڻ لاءِ
ته آدمين مان اخلاص موڪلائي چڪو آهي. ڀاءُ ڀاءُ جو
ويري ٿي چڪو آهي. ڪلاشنڪوف قلم جي ڪنڌ کي مروڙي
چڪي آهي. ڪنهن جي ڪير ٻڌڻ وارو ڪونهي. خطن ۾ موت
جي تاريخ متعين ڪئي وڃي ٿي. ڪلاشنڪوفين جي انهيءَ
قلم جو لکيو ڪير به ميٽي نه ٿو سگهي، نه تر جا
بااثر افراد نه شهر جا معزز شهري، نه عملدار نه
آفيسر! ڪلاشنڪوفين جي موجودگيءَ ۾ ويچاري عوام جي
جان ۽ مال جي تحفظ جو ڪوبه يقين ڏياري نه ٿو سگهي.
نه فقط ايترو بلڪ وحشي ۽ امن جا دشمن، جانين ۽
مالن تي ڌاڙا هڻندڙ قهرن مٿان قهر ڪندا رهن، شهرن
جا شهر ڦريندا رهن، پر ڪوبه سندن رستي روڪ نه ٿو
ڪري سگهي! ڄاڻان ٿي ته اهي حالتون وقتي آهن. اڄ
ڪلاشنڪوف قلم تي حاوي ٿي چڪي آهي. پر اهو ڏينهن به
پري ڪونهي جڏهن هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ ۽ ڏمر جو نالو
نشان به ڪونه هوندو. ڪنهن جي جان، مال ۽ عزت کي
ڪوبه خطرو نه هوندو. ڪلاشنڪوف عوام جي جان ۽ مال
جي دشمن ٿيڻ بدران ان جي حفاظت جو ذريعو ٿيندي.
اسان جي اهڙي آئيندي ۾ دير آهي، پر انڌير ڪونه
آهي.
آئون شهيد احمد خان ”آصف“ جي نياڻي آهيان. مون
ناتوان جي ڪهڙي مجال جو آءٌ معاشري کان پنهنجي
مٺري پيءُ جي خون ناحق جو حساب يا جواب وٺي سگهان.
ها، البت هڪ بي لوث، پرخلوص، باشعور، حساس ۽
ذميوار اديب ۽ شاعر جي ڌيءَ آهيان. آئون پنهنجي
پيءُ جو حساب ڪتاب ڏئي ٿي سگهان!
منهنجي شهيد والد ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان: (1)
ارمغانِ آصف (2) سيرت حضرت بلال (3) سيرت حضرت
خواجه اويس قرني (4) سيرت زيب النساءِ (5) همايون
نامو (6) شڪسته حال شهزاديون (7) قصص النبياءُ (8)
روميءَ جون رهاڻيون (9) گلزار چنبيلي 2 جلد (10)
جاگرافي ضلع دادو انعام يافته (11) جاگرافي ضلع
دادو سوال جواب (12) جاگرافي تعلقو خيرپور ناٿن
شاهه (13) املهه ماڻڪ (14) نعتن جو نذرانو (15)
ميرل ڏانهن محبت ناما (16) ڪافي مضامين ۽ اشعار
ذڪر لائق آهن.
منهنجي پياري پيءُ اڌ صديءَ تائين سنڌ جي علمي،
ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو ورتو. منهنجو مٺڙو
ابو اهو انسان هو، جنهن لاءِ مرحوم گرامي صاحب
مهراڻ ”شاعر نمبر“ ۾ لکيو آهي ته ”آصف“ صاحب جو فن
ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ترجمان آهي. سندس انداز بيان
سليس، سلوڻو ۽ دلڪش ۽ لذيذ آهي. هر صنف تي سندس
ڪلام موجود آهي.“
هن ئي عظيم انسان لاءِ ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي
پي. ايڇ ڊي واري مقالي ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ لکي
ٿو ته ”آصف سنڌ جي انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جن کي
قطع تاريخ لکڻ ۾ مهارت آهي.“ سندس شخصيت بابت
محترم محمد نواز مخزون ”رهبر ڊائجسٽ“ ۾ لکي ٿو ته:
”آصف صاحب جن جو ستاره عطارد آهي ۽ حاوي سياره قمر
آهي. هر اهو شخص جنهن جو ستاره عطارد آهي، سو
فطرتاً پنهنجي سيني ۾ بيحد پيار ڪندڙ ۽ خلوص سان
ڀريل دل رکي ٿو.“
منهنجي مرحوم والد اڌ صديءَ ۾ جيڪي علمي، ادبي ۽
ثقافتي خدمتون سرانجام ڏنيون، اهي ”ڏات ڌڻين جي
رٿا“ هيٺ رکيل رڪارڊ نمبر 140 پٽاندر انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجيءَ ۾ محفوظ آهن. انهيءَ رڪارڊ کي ڏسڻ ۽
پڙهڻ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان احمد
خان ”آصف“ جهڙي عظيم انسان کان حياتي کسي ۽ سندس
خاندان کي تباهه ڪري پنهنجو ۽ قوم جو ۽ علم ادب جو
ڪيڏو نقصان ڪيو آهي!
سنڌي ادب جو مانجهي مڻيادار
از انور هالائي
سنڌي ٻوليءَ جو عظيم اديب ۽ شاعر احمد خان آصف
مصراڻي 15 جولاءِ 1989ع ڇنڇر ڏينهن صبح جو سول
اسپتال حيدرآباد ۾ گذاري ويو. 9 جولاءِ رات جو آصف
صاحب جي ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ سندس گهر تي ڌاڙيلن حملو
ڪيو. حملي جو جواب، هٿئين خالي پوري ڪٽنب ديده
دليريءَ سان ڏنو. ڳوٺاڻن به پنهنجو پاڻ واهه جو
ملهايو. سندس آڪهه جون ٻه زالون موقعي تي شهيد ٿي
ويون. احمد خان آصف ۽ سندس ٻن نياڻين کي گولين جا
ڌڪ لڳا. آصف صاحب کي جيڪا گولي لڳي اها خطرناڪ هئي
ان ڪري حيدرآباد ايل- ايم- سي اسپتال ۾ آپريشن ڪيو
ويو. سندس علاج معالج ۽ سار سنڀال لهڻ ۾ جناب
مخدوم محمد زمان طالب المولى جن فوراً وڏي دلچسپي
ورتي، پر افسوس جو سنڌي ٻوليءَ جو هي مانجهي
مڻيادار هن فاني دنيا کان منهن موڙي وڃي خالق
حقيقي سان مليو. (اِنا للهِ وانِا اِلـيۡـﮧ
الرَّاجِعُون). آصف صاحب سنڌي ادب جو اهو منفرد
اديب هو، جنهن جو فن ديهاتي زندگيءَ جو عڪاس هو.
سندس انداز بيان سليس، سلوڻو، دلڪش ۽ دلپذير هو.
هر صنف تي سندس ڪلام موجود آهي. ڪافي، غزل، نظم،
بيت، وائي ۽ ماده تاريخ لکڻ تي کيس دسترس حاصل
هئي. پاڻ ڪيترن ئي واقعن تي سوين تاريخي ماده لکيا
اٿس. آصف صاحب جي فن جي هيئت زياده تر ڪلاسيڪي
آهي، تاهم ڪيئي نوان تجربا سندس تخليقي فن ۾ موجود
آهن جيڪي ڏاڍا سهڻا ۽ دلڪش آهن.
احمد خان آصف ولد محمد اسماعيل مصراڻي، ڳوٺ مٺو
ٻٻر تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادو ۾ 8 جولاءِ
1922ع تي ڄائو. هن پرائمري اسڪول ڪاٺيا ۾ تعليم
ورتي ۽ 16 آڪٽوبر 1936ع تي سنڌي ورنيڪيولر فائينل
امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ سال 1939ع تائين
محمد يوسف چانڊئي ۽ حافظ جمال الدين برهماڻي وٽ
قرآن شريف، عربي، اردو ۽ پارسي پڙهيو. سيپٽمبر
1939ع ۾ پير الاهي بخش صاحب ان وقت جي تعليمي وزير
سنڌ جي قائم ڪيل تعليم بالغان سينٽر احمد خان
رودناڻي ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو. هن اديب فاضل سنڌي ۽
اردو امتحان ۾ بهترين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. ان
کانسواءِ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ به تعليم
حاصل ڪيائين ۽ ساري عمر پرائمري شاگردن جي تعليم ۽
تربيت ۾ بسر ڪئي ۽ 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. آصف صاحب جي
شاگردن جو حلقو نهايت وسيع آهي. هو نه فقط هڪ
بهترين استاد هو بلڪ هڪ مشفق ۽ مهربان دوست به هو،
جنهن جي ڪري سندس عزت هر هنڌ قائم ۽ دائم هئي.
احمد خان آصف جيترو پنهنجي خاندان ۾ مقبول هو
اوترو ئي دوستن ۾ به سندس مان مٿاهون هو. آصف خان
1937ع ۾ شاعري شروع ڪئي. علم عروض جا سبق جناب
حافظ محمد احسن ۽ مرحوم جمع خان غريب وٽان
ورتائين. مضامين جناب حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي جي
اثر هيٺ لکيائين. سندس اشعار ۽ مضامين شروعات ۾
اديب سنڌ رسالي ۾ شايع ٿيا. مختلف ادبي انجمنن
جهڙوڪ: انجمن آفتاب ادب دادو، جمعيت الشعراءِ سنڌ،
سنڌي سوسائٽي ڪڪڙ ۽ بزمِ طالب المولى سنڌ ۾ حصو
ورتائين. سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم ۾
فيبروري 1957ع کان سيپٽمبر 1958ع تائين ڪم ڪندو
رهيو ۽ سندس خدمات کي لوڪ ادب اسڪيم جي ڊئريڪٽر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وقتاً فوقتاً گهڻو
ساراهيو. سندس ڇپيل ڪتاب: گلزار چنبيلي ٻه حصا،
همايون نامو، سيرت زيب النساءِ، شڪسته حال
شهزاديون، سيرت حضرت بلال، سيرت حضرت اويس قرني،
قصص الانبياءِ، روميءَ جون رهاڻيون، ارمغان آصف،
جاگرافي ضلع دادو، جاگرافي خيرپور ناٿن شاهه ۽
سنڌي ٽئين درسي ڪتاب لاءِ نظم آهن، جيڪي اسڪولن ۾
پاڙهيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ڪيترائي سندس اڻ ڇپيل
ڪتاب پڻ آهن، جن ۾ ”سنڌي مخففات“ هڪ بهترين ڪتاب
آهي. هن ڪتاب جو خاڪو ۽ شروعات قبله مخدوم طالب
المولى صاحب ڪئي، ۽ ان جي تڪميل آصف صاحب ڪئي. هي
ڪتاب جلد ڇپجي ظاهر ٿيندو.
احمد خان آصف، پوين ويهن سالن ۾ بزم طالب المولا
سنڌ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ۽ ان لاءِ نمايان خدمتون
ڏنيون، تن جي اعتراف ۾ کيس 1985ع ۾ مخدوم طالب
المولى صاحب طرفان هڪ ”ادبي ايوارڊ“ ڏنو ويو. ان
کان سواءِ مخدوم طالب المولى سائينءَ جي غزل جي
مجموعي ”ديوان طالب المولى“ جي رونمائي احمد خان
آصف جهڙي شخصيت هٿان 12 آگسٽ 1982ع ۾ ٿي. جنهن مان
به ثابت ٿئي ٿو ته احمد خان آصف جي شخصيت، هڪ
ڳوٺاڻي ۽ سقيم حال هوندي به سنڌي ادب ۾ ممتاز ۽
نمايان هئي. آصف صاحب پڪو نمازي، اسلام جو سچو
پيروڪار، دوستن جو دوست، ۽ هڪ املهه شخصيت هئي،
جنهن پنهنجي سڄي عمر سنڌي ادب جي فروغ ۽عشق ۾ پوري
ڪئي. اڄ احمد خان آصف اسان وٽ نه آهي، پر ان جون
اڻ ڇپيل تصنيفون موجود آهن. اهو سنڌ الاجي ۽ سنڌي
ادبي بورڊ تي فرض عائد ٿو ٿئي ته هو آصف جا ڪتاب
ڇپرائي سنڌي ٻوليءَ جي هن مثالي ۽ مخلص خدمتگذار
جو ادبي سرمايو محفوظ ڪن.
مظلوم آصف
از: آثم ناٿن شاهي
حد ٿي وئي!
هن زماني ۾ ڪنهن شريف/ غريب ماڻهوءَ لاءِ، پنهنجي
اولاد کي اعلى تعليم ڏياري، ڪنهن چڱي عهدي تي
پهچائڻ به خطري کان خالي ناهي! مهانگي تعليم،
داخلائن جا ڌِڪا- ٿاٻا، پُٽ/ پُٽن، نياڻين کي
ڪاليجن/ يونيورسٽين جي سوسائٽيز مطابق پرسنلٽي رکڻ
لاءِ خرچ پڄائڻ، هڪ وچولي طبقي جي ماڻهوءَ لاءِ
پهريائين ئي ڪنهن پهاڙ سَر ڪرڻ جي برابر ۽ پوءِ
وري اولاد تعليم پوري ڪري ڪنهن چڱي مانيءَ کي
رســٖـي ته هر وقت سندس سِر جي سلامتيءَ جي ڳڻتي!
پُٽ ڊاڪٽر/ انجنيئر ٿيو ته پنهنجي ئي قوم جا ڪجهه
مُردار/ ظالم فرد ڪلاشنڪوف هٿن ۾ کنيو، رائيفلون
ڪُلهن ۾ وجهيو وتن لامارا ڏيندا: ”مِلي موقعو ته
هڻون سَٽَ. ڪيون ڊاڪٽر کي اغوا، وٺون لک.“ حد ٿي
وئي.
سنڌي زبان جي هڪ هاڪاري شاعر احمد خان آصف
مصراڻيءَ سان به اهڙو ئي ظلم ٿيو. سندس فرزند اشرف
مصراڻي جڏهن ڊاڪٽر/ ڪيپٽن بڻجي ڳوٺ واپس آيو، تڏهن
کان ئي آصف صاحب جي ذهن ۾ خطري جي گهنٽي وچڻ لڳي
هئي. پاڻ اڪثر نجي ڪچهرين ۾ چوندو هو: ”يار! ڇوڪرو
ڊاڪٽر ٿي آيو آهي، هاڻي مون کي ’ڳوٺ مٺو ٻٻر‘ کي
ڇڏڻو پوندو/ ڇڏڻ گهرجي. حساس ماڻهو هو، شاعر هو/
سياڻو هو. مُلڪ جي موجوده حالتن کي ڏسي، اندازو
لڳائي ويو هو ته اڄ ڪنهن به غريب شريف ماڻهوءَ جي
زندگي/ عزت/ اولاد محفوظ نه آهي.
آصف صاحب، اهڙي کٽڪي جو اظهار، مون ڏانهن موڪليل
پنهنجن خطن ۾ به ڪيو هو. گويا کوڙ ڏينهن اڳ ۾ ئي
کيس ڄاڻَ پئجي چڪا آهن. هڪ خط ۾ لکيو هئائين:
”قبله احسن صاحب (حافظ احسن چنا) گذاري ويو، هاڻي
منهنجو وارو آهي. دعا ڪندا ته ته الله تبارڪ
وتعالى عاقبت موچاري ڪري، ڇاڪاڻ ته ڏاڍي ڏُکئي دور
مان گذري رهيا آهيون. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو
ته 23 جولاءِ 96ع تي اسان جي ڳوٺ مٺو ٻٻر تي شام
جو سوا پنجين بجين 12 ڌاڙيلن ڪلاشنڪوف ۽ خودڪار
هٿيارن سان حملو ڪيو ۽ ٽي ڇوڪرا اغوا ڪري ويا.
ڪجهه هٿيار ۽ سامان به کڻي ويا. اهڙين حالتن سبب
اسان هن وقت غير محفوظ ۽ هِراسان آهيون. اوهان چڱو
ڪيو جو هجرت ڪري ويا آهيو. دعا ڪندا ته الله امن ۾
رکي. ڇوڪرا ڀُنگ تي موٽيا آهن، چڱو هاڻي خدا
حافظ.“ (3 آگسٽ 1986ع)
عيدالاضحى جو موقعو هو، خوشيءَ جو ڏينهن. آصف جو
سڄو ڪهول هڪٻئي سان عيد ملڻ لاءِ، ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾
آصف صاحب جي گهر اچي گڏ ٿيو هو. رات جي وقت ۾ ته
واهيرن ۾ ويٺل پکين تي به مار وارُ ڪونه ڪندا آهن.
پر، آصف جي گهر ۾ رات جو بيگاه وقت ڌاڙيلن جو ٽولو
ڪاهي پيو. سندس پُٽ ڊاڪٽر اشرف کي اغوا ڪرڻ/
يرغمال بنائڻ لاءِ ڊاڪٽر کي گَلي مان جهلي گهِلڻ
شروع ڪيو ويو، ڀينرن جو رت اُٿلي پيو. ڌاڙيلن کي
چنبڙيون، مقابلو ڪيائون هٿين خالي، هڪ کي
ڪيرايائون، مدد لاءِ رڙيون ڪيائون. آصف جو ڪٿي آس
پاس هو، رڙيون ٻُڌي هانءَ جي باهه کان گهر ۾ گهڙي
پيو. ٺيڪ اُن وقت ورتل ڌاڙيلن به دانهون ڪيون. ٻيا
ڌاڙيل موٽي پيا، ڪلاشنڪوف جو برسٽ لڳو، ٻئي ڀينر
ٿڏي تي ڇيهون ڇيهون ٿي ويون، آصف گهائجي پيو.
ڊاڪٽر کي موقعو ملي ويو، کِسڪي وڃي ڪي لِڪو، بچي
ويو. اغوا کان به ۽ ڪنهن ايذاءَ پهچڻ کان به. آصف
زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو. چون ٿا ته ايترو
زخمي ڪونه هو، پر سندس حساسيت، غيرت ۽ اوچتي آفت
جي هراس، کيس جيئڻ نه ڏنو/ جِي نه سگهيو. حد ٿي
وئي!
ٻه سورميون ڀينر ڀاءُ تان صدي ۽ هڪ ٻاجهارو پيءُ
پُٽ تان قربان ٿي ويو! جملا ڪونهن جن سان شرڌانجلي
پيش ڪجي. لفظ ڪونهن جن جو نذرانو ڏجي، انهن ٽنهي
ساهن کي!
آصف صاحب شاعر هو، ليکڪ هو. ڪيترا ڪتاب تصنيف
ڪيائين، جن مان ڪجهه ڇپيا ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل رهجي ويا
آهن. رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪافي مضمون ۽ شاعري
ڇپجندي رهي. ٻولي ڏاڍي پياري ۽ آسان لکندو هو،
جنهنڪري سندس لکڻين سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي ڪانه
ٿيندي هئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ’مرنجان- مرنج‘
ماڻهو هو. غريبن/ مسڪينن جو هڏ ڏوکي، حيا ڪرڻ وارو
خوش خلق، خوش گفتارانسان، مظلوم جو همدرد ۽ ظالم
کان نفرت ڪرڻ وارو شخص هو افسوس! نهايت وڏي افسوس
جي ڳالهه آهي، جو اهڙو ملائڪ صفت فرد پاڻ به مظلوم
بڻجي ظلم جي آريءَ ۾ وڍجي ويو. حد ٿي وئي!
سهپ کان ٻاهر صدمو، وڏو سُور، ڏاڍو ڏک آهي پيرسن
آصف جي مظلوميت واري موت تي! وسَ وارن جي ڪنن
تائين پهچائڻ لاءِ واڪا ته وڏا پيا ٿين، پر نه داد
نه فرياد! ڪڏهن ظلم جي پاڙ پٽبي؟ ڪڏهن سفيد پوش
ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهي، ڪا خبر ڪانهي!
هينئر ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته آصف صاحب
پنهنجي پويان قلمي ڪاوشن جو جيڪو کوڙ ذخيرو ڇڏي
ويو آهي، اُهو هٿ ڪري، ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي،
عوام آڏو آندو وڃي. آصف جي سڀ کان وڏي مڃتا اِها
ئي آهي، اهڙي مڃتا ۾ گهڻو وقت وجهڻ نه گهرجي.
”چُپ چُپِ رهندي، ڀي تون آصف!
از غيبي آواز لڳين پيو.“
|