بسۡمِ اللهِ الرۡحمــٰن الرَّحِيۡم
حال احوال
(ايڊيٽوريل)
سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي حلقن کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي آهي جو
لاکيڻي لطيف جي 245 هين عرس جي موقعي تي وزيراعظم
پاڪستان محترمـﮧ بينظير ڀٽو ”ڀٽ شاهه اوپن ايئر
ٿيٽر“ لاءِ 25 لک رپيا ۽ ”تحقيقي مرڪز“ لاءِ ڏهه
لک رپيا گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان طرح
محترمـﮧ، ”سنڌ جي فنڪارن لاءِ“ پنجاهه هزار رپين
جي مالي مدد جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي وفاقي
وزير تعليم پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه صاحب به
پنهنجي وزارت پاران پنجاهه هزار رپين جي مالي
امداد جو اعلان ڪيو.
وزيراعظم پاڪستان، سنڌ جي عظيم المرتبت شاعر لطيف سائينءَ جي
ڪلام ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سنڌي ثقافت جي آبياريءَ
لاءِ مالي اعانت ڪرڻ جو اعلان ڪري هڪ اهڙو قدم
کنيو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام ۽ لطيف جي شيدائين جي
اُمنگن ۽ خواهشن جي عين مطابق آهي.
هن ڀيري ملڪ جي وزيراعظم نه صرف پاڻ اچي ميلي جي تقريبات جو
افتتاح ڪيو، پر ان سان گڏ سينٽر جي ضرورتن جي
پورائي لاءِ مالي مدد ڪري اهلِ سنڌ جي دلنوازي ڪئي
آهي.
اها پڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو عُرس شريف جي موقعي تي ثقافت
کاتي پاران، سنڌ جي مايه ناز عالم ۽ محقق جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ورهين جي تحقيقي جاکوڙ
جو سهڻو ثمر ”شاهه جو رسالو“ (رسالي جو جامع مستند
متن) ڇپجي راس ٿيو آهي، جيڪو سُتت ئي سنڌ جي عوام
جي هٿن ۾ پهچندو.
ڀٽائيءَ جي عرس جي حوالي سان ثقافت کاتي جي تازه نمايان
ڪارڪردگيءَ ۾ اهو نقطو پڻ شامل آهي جو هن سال ادبي
ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي
پيماني تي اديبن ۽ محققن کي دعوت ڏيئي گهرايو ويو
هو. ان روايت جو بنياد ڪجهه سالن کان وٺي ڪانفرنس
جي ڪنوينر جناب حميد سنڌيءَ وڏيءَ محنت ۽ جاکوڙ
سان وڌو هو ۽ هن سال ڏسڻ ۾ آيو ته ان ۾ ڪافي نواڻ
۽ وڌيڪ رونق پيدا ڪيل هئي. ڪجهه اهڙن سينئر ۽ سڄاڻ
۽ ڪجهه اهڙن نوجوان ذهين ۽ مقبول مقاله نگارن کي
پڻ پهريون ڀيرو اسٽيج تي اچي پنهنجا زرين خيال
عوام آڏو آڻڻ جو موقعو ڏنو ويو هو، جن کي اڳي ڪڏهن
به انهيءَ پليٽفارم تان نه ٻڌو ويو هو. ڪانفرنس جي
سامعين ان دلپذير تبديليءَ تي بار بار مسرت جو
اظهار ڪيو. ٻئي طرف ادبي ڪانفرنس جي حوالي سان
”ثقافت کاتي“ کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو ڀرپور پرخلوص
ساٿ حاصل هو ۽ اديبن ۽ شاعرن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد
مان ڀٽ شاهه نييڻ ۽ آڻڻ لاءِ جيڪي خاص انتظام ڪيا
ويا هئا، تن ۾ بورڊ نهايت گرمجوشيءَ سان تعاون
ڪيو. نتيجي ۾ اديبن ۽ عالمن جو هي ميڙ نه صرف
تعداد جي لحاظ کان پر نمائندگيءَ جي نقطه نظر کان
پڻ هڪ مثالي ميڙ هو. اسان جي خيال ۾ سنڌي ادبي
بورڊ هن ڏس ۾ تعاون ڪري هڪ خوشگوار فرض ادائي ڪئي
آهي.
ثقافت کاتي جي بهترين ڪارڪردگيءَ جي سلسلي ۾ صلاڪار جناب ارباب
وزير احمد ميمڻ جي خدمتن کي به ساراهڻ کان سواءِ
رهي نٿا سگهون، جو هن صاحب کاتي جي سربراهه جي
حيثيت سان عرس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪيون هيون.
ان موقعي تي کاتي جي سيڪريٽري ۽ سنڌ جي هر دلعزيز ثقافتي شخصيت
محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي ڪاوشن کي اسان
وڏي تحسين ۽ قدر جي نظر سان ڏسون ٿا، جو سندس
جانفشاني ۽ تندهيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جي ثقافت جو هڪ
خوشگوار دؤر شروع ٿيو آهي. ڀٽائيءَ جي عرس جي
موقعي تي سڀني تقريبات ۾ ۽ خاص ڪري ادبي ڪانفرنس ۾
نواڻ جا سمورا نقطا، محترمـﮧ جي زرخيز ذهن ۽ اڻ ٿڪ
جاکوڙ سان وابسته آهن. محترمـﮧ جي ايامڪاريءَ ۾ هي
پهريون ميڙو هو ۽ اسان کي خاطري آهي ته اڳتي هلي
ان ۾ ترقيءَ جا نوان نوان قدر ۽ رجحان منظر تي
ايندا.
ميلي جي پُڄاڻيءَ تي سنڌ ثقافت کاتي، لطيف سائينءَ جي ٽي سؤ ساله جشن ولادت
(1689ع-1989ع) ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. ايندڙ
عرس تائين، سمورو سال سنڌ ۾ لطيف سائينءَ جي ڪلام
۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ کاتي طرفان ڪيئي پروگرام
جوڙيا ويا آهن. انهيءَ باري ۾ اسان جي هڪ گذارش
آهي ته صرف ”لطيف ڏهاڙن“ ۽ ”ادبي گڏجاڻين“ ذريعي
”لطيف سال“ روايتي نموني ملهائڻ بدران مناسب
رٿابنديءَ سان هڪ بامقصد پروگرام مرتب ڪيو وڃي،
جنهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي ”لطيف ڪلاسز“
هلائڻ جو انتظام ڪجي.
شاهه جي بيتن جي پڙهڻي ۽ معنى سيکارڻ ۽ سمجهڻ هن وقت سنڌي
نوجوانن جي اهم ترين ضرورت آهي. هن ڏس ۾ لطيف جي
استعمال ڪيل لفظن ۽ محاورن خواه ڪم آندل قرآني
آيتن جي معنى ۽ مفهوم کي هڪ فرهنگ جي نموني ڪتابي
صورت ۾ آندو وڃي ۽ ان ڪتاب کي شايع ڪري هر هڪ
اسڪول ۽ ڪاليج ۾ مهيا ڪيو وڃي.
سنڌ لئنگويج اٿارٽي ۽ سنڌ اڪيڊمي آف ليٽرس
ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي سنڌي جي وڏي وزير جناب سيد
قائم علي شاهه جيلانيءَ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي
قيام جو اعلان ڪيو ۽ اهو پڻ اظهار ڪيو ته سنڌ جي
سطح تي اڪيڊمي آف ليٽرس جو قيام به عمل ۾ آندو
ويندو، جنهن تي سرڪار جو تمام گهٽ ڪنٽرول هوندو.
سنڌ جي وڏي وزير جي انهن اعلانن جي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن طرفان
گرمجوشيءَ سان آجيان ڪئي ويئي آهي. دراصل سنڌ جي
ادبي حلقن جا اهي ديرينه مطالبا آهن، جيڪي موجوده
منتخب حڪومت طرفان برصواب ڪيا پيا وڃن.
سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ لاءِ ڀرپور مطالبو اڄ کان ڏهاڪو سال کن
اڳ ”سنڌي ساهت سال ڪانفرنس“ ڪراچيءَ جي موقعي تي
ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان جي تقاضا تڏهن کان جاري
هئي، جڏهن سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو
هو، جنهن ۾ اهڙي اداري جي قيام جو اعادو ڪيل هو.
پر بدقسمتيءَ سان ايڏي وڏي طويل عرصي دوران،
باوجود اهلِ سنڌ جي مسلسل مطالبن، آمريت واري
تاريڪ دؤر ۾ ڪڏهن به انهيءَ طرف توجهه ڪونه ڏنو
ويو هو ۽ موجوده عوامي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان
پوءِ، گذريل بجيٽ املاس ۾، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي
خزاني واري وزير ڊاڪٽر محمد اسماعيل اڍيجي اهلِ
سنڌ کي اٿارٽيءَ جي قيام جي خوشخبري ٻڌائي ۽ هاڻي
لطيف سائينءَ جي اڱڻ تي وڏي وزير ان جي قيام جو
اعلان ڪيو.
هن موقعي تي اسان اها تجويز ڏينداسين ته جيئن ته اٿارٽيءَ جي
قيام جي مقصدن ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فروغ مکيه
اهميت رکي ٿو، ان ڪري هن ميدان ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي
مڃيل ۽ عالمي شهرت يافته تحقيقي اداري ”سنڌي ادبي
بورڊ“ جي مقصدن ۽ ڪارڪردگيءَ کي ان کان الڳ ڪري
نٿو سگهجي. بورڊ اڳي ئي سنڌي زبان کي جديد سائنسي
انداز سان ترقي وٺائڻ لاءِ وڏيون خدمتون انجام
ڏنيون آهن ۽ خاص ڪري بورڊ جي ”دستور“ ۾ (مهراڻ
رسالي جي متن ۽ مقصدن جي حوالي سان) اِهو نقطو خاص
طرح شامل آهي، ان ڪري لازم بنجي ٿو ته مذڪور
اٿارٽي کي سنڌي ادبي بورڊ سان ملحق اداري جي حيثيت
۾ قائم ڪيو وڃي. اسان جي پروڙ مطابق س.1.ب ۽ س.ل.ا
هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. اٿارٽيءَ جي ڪاميابي ان ۾
مضر هوندي ته ان کي بورڊ جهڙي سينيئر ۽ مايه دار
علمي ۽ تحقيقي اداري جي رهبري ۽ نگراني حاصل هجي.
اميد ته ان تجويز کي اهميت سان نوٽ ڪيو ويندو.
ساڳي وقت اسان سنڌ سطح تي اڪيڊمي آف ليٽرس قائم ڪرڻ واري
خوشخبري جي به آجيان ڪريون ٿا ۽ اهو مطالبو
ڪنداسين ته ان اداري کي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس
جي طرز تي قائم ڪيو وڃي، ڇو ته مذڪوره اداري جو
قيام اُن وقت جي سڄاڻ ۽ ادب پرور وزيراعظم، شهيد
ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪم سان (1976ع ۾) عمل ۾ آيو
هو، جنهن جي جوڙ جڪ ۾ مشرق ۽ مغرب جي قومي ادبي
ادارن جي طرز شامل هئي.
اسان کي اميد آهي ته سنڌ سرڪار، سنڌ سطح تي مجوزه اڪيڊمي آف
ليٽرس قائم ڪرڻ وقت پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام
آباد جي تجربن ۽ ڪارڪردگيءَ مان ضرور استفادو
ڪندي.
اهو نقطو، سنڌ جي ادبي حلقن لاءِ يقيناً خاص خوشيءَ جو باعث
ٿيندو ته مذڪوره اداري تي سرڪاري ڪنٽرول گهٽ
رهندو. اسان جا اديب ۽ شاعر، ليکڪ ۽ دانشور،
معاشري جي انهيءَ حساس طبقي سان تعلق رکن ٿا، جيڪو
پنهنجي تحرير ۽ تقرير ۾ بيجا دخل اندازي ۽ مصلحت
سازيءَ کان گهڻو تنگ اچي چڪو آهي. بدقسمتيءَ سان،
اسان جي ملڪ ۾ آزاديءَ کان پوءِ وڏا عرصا، آمريت ۽
مارشل لا جي تاريڪين ۾ گذريا آهن؛ جن جي ڪري اديبن
کي خيال ۽ فڪر جي سلسلي ۾ وڏيءَ گهُٽ ۽ ٻوسٽ جي
ماحول مان گذرڻو پئي پيو آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي،
جو قومي سطح تي جتي زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ترقيءَ
جي رفتار گهٽ پئي رهي آهي، اتي ادب جي اوسر به
خاطر خواه نموني نه ٿي سگهي آهي.
اسان کي قوي اُميد آهي ته سنڌ اڪيڊمي آف ليٽرس انهيءَ تلخ حقيقت
جو مداوا ثابت ٿيندي.
هاڻي ملڪ ۾ هڪ جمهوري دؤر آهي، جنهن جو ڳچ ثبوت ٽي. وي، ريڊيو ۽
پريس جي موجوده ڪارڪردگي آهي. وڏي ضرورت آهي ته
ادب جي اوسر جي سلسلي ۾ پڻ فراخدليءَکان ڪم ورتو
وڃي ۽ اديبن کي گهربل ذهني ۽ فڪري آزادي ۽ آسائش
ميسر ڪري ڏني وڃي، جا موجوده وقت جي اهم تقاضا
آهي.
اسان کي خوشي آهي جو سنڌ جي سڄاڻ وزيراعلى، ان خاص نقطي کي اڳي
ئي محسوس ڪندي پنهنجي پهرئين ئي اعلان ۾ نشاندهي
ڪري ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته اڳتي هلي گهربل آزاديءَ
جو مڪمل عملي بندوبست پڻ ڪيو ويندو.
ساڳئي وقت اسان اها پڻ تقاضا ڪنداسين ته سنڌ سطه تي اڪيڊمي آف
ليٽرس، حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وڃي، ڇو ته سنڌ جي ادب
۽ ثقافت جو مرڪز حيدرآباد آهي. سنڌ جا علمي ۽ ادبي
ادارا به وڏي تعداد ۾ اڳي ئي حيدرآباد ۾ قائم آهن
۽ سنڌي پريس جو مرڪز به حيدرآباد آهي. حيدرآباد
سنڌ جي دل ۽ جاگرافيائي لحاظ کان مرڪزي شهر آهي،
جتي سنڌ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن ۽ علمي حلقن جي
پهچ ۽ مواصلات آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي.
ٻيو ته هن اداري جي مقصدن ۾ اهو نقطو خاص طرح واضح هئڻ گهرجي ته
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي بيماري ۽ غير ملڪي علاج
جي ڏس ۾ ترت اپاءَ وٺڻ جو اهتمام ڪيو ويندو.
سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ جي مقبول شاعر شيخ اياز ۽
برک سماج سڌارڪ خان محمد پنهور جي پرڏيهه ۾ علاج
لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيئي صاحب
علاج لاءِ سرڪاري خرچ تي ولايت ڏانهن روانا ٿيا
آهن.
هن وقت سنڌ جو قابل صد احترام اديب ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو
بانيڪار سائين جمال ابڙو دل جي بيماريءَ سبب
ڪراچيءَ جي علاجن ۾ افاقو ماڻي نه سگهيو آهي.
ساڳيءَ طرح سنڌ جو مشهور شاعر استاد بخاري هڪ وڏي
عرصي کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ڪراچيءَ جي
اسپتالن حوالي آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي جي عملدارن
محترم استاد بخاريءَ جي مزاج پرسي ڪئي آهي. اسان
مطالبو ڪنداسين ته جناب جمال ابڙي ۽ جناب استاد
بخاري جي پرڏيهه ۾ ترت سُٺي علاج جا تڪڙا اپاءَ
ورتا وڃن.
ساڳي وقت اسان سنڌ سرڪار کان اهو پڻ مطالبو ڪنداسين ته اڪيڊمي
آف ليٽرس قائم ڪرڻ وقت سنڌي اديبن جي نمائنده
چونڊيل تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ جي عهديدارن ۽
ڪارڪنن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي، ڇو ته اها جماعت
جديد ادب جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي ۽ ان جماعت کي
نظرانداز ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. ان طرح چند ٻين فعال
۽ متحرڪ ادبي تنظيمن، مثلاً بزم طالب المولى سنڌ،
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي،
علامـﮧ آءِ- آءِ- قاضي ميموريل سوسائٽي، شيخ
عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، زندگي پبليڪيشن ۽ نيو
فيلڊس پبليڪيشنس کي پڻ ذهن ۾ رکڻ کپي، جيئن مذڪوره
اڪيڊميءَ تي سڀني شعبن کي مشاورت جو موقعو ملي.
آه! احمد خان آصف ۽ قاضي عبدالحي قائل
سنڌي زبان جا ٻه مشهور اديب ۽ شاعر جناب احمد خان آصف مصراڻي ۽
جناب قاضي عبدالحّي قائل سرشاري ويجهڙائي ۾ گذر
ڪري ويا آهن. اِنا لله و اِنا اليـﮧ الراجعون.
سندن لاڏاڻي تي سنڌ جا ادبي حلقا مغموم آهن. ٻنهي بزرگن جي ادبي
ڪارنامن بابت تفصيلي احوال، هن پرچي جي آخر ۾
سهيڙي درج ڪيو ويو آهي، جيئن آئنده جي محققن لاءِ
هي مواد تحقيقي ڪم ۾ معاون ثابت ٿئي.
قائل مرحوم هونءَ به پنهنجي خوش نصيبيءَ جو قائل هو. سدائين
چوندو هو ته حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي
پيراندي نصيب ٿيندم، سو ٿيو به ائين.
جناب احمد خان آصف جي رحلت جو قصو نهايت دلخراش ۽ دردناڪ آهي،
جنهن جا تفصيل مختلف مضمونن ۾ پيرائتا آيل آهن.
اسان مطالبو ڪيون ٿا ته آصف شهيد جي وحشي قاتلن کي
هٿ ڪري، کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، سندن مجبور
۽ مظلوم اولاد جي ڀرپور مالي اعانت ڪئي وڃي ۽
بيروزگار ٻچڙن کي روزگار مهيا ڪيو وڃي ۽ سندس
نياڻيءَ جي تعليم ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان خصوصي
مالي مدد ڪئي وڃي. سنڌي زبان جي هڪ محنتي ۽
صلاحيتمند خدمتگذار کي اسان جي بيرحم معاشري اسان
کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان تي اِهو فرض عائد
ٿو ٿئي ته اُن جي پوين جي گهربل سار سنڀال لهون.
تنوير عباسيءَ جي اڪيڊمي آف ليٽرس تي نامزدگي
ممتاز شاعر ۽ دانشور جناب تنوير عباسيءَ کي ملڪ جي اعلى ادبي
اداري، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي گورننگ باڊيءَ
جو سنڌ مان ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. اسان تنوير
صاحب کي پرخلوص مبارڪباد ڏيندي ان توقع جو اظهار
ڪريون ٿا ته سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ادب جي
نمائندگيءَ جي سلسلي ۾ تنوير صاحب قومي سطح تي
پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.
حميد سنڌي ۽ ٻين سنڌي سپوتن لاءِ صدارتي ايوارڊ
يوم آزادي 1989ع جي موقعي تي، سنڌ جي مشهور اديب جناب حميد
سنڌيءَ کي سندس نمايان ادبي ڪاوشن جي اعتراف ۾ صدر
پاڪستان طرفن ”تمغهء امتياز“ جو اعزاز ڏيڻ جو
اعلان ڪيو ويو آهي.
جناب حميد سنڌي جون ادبي خدمتون اهلِ سنڌ کان ڳجهيون ناهن. هن
محنتي ۽ سُڄاڻ ليکڪ سنڌي ادب جي فروغ لاءِ جيڪي
ڪوششون ڪيون آهن، سي جديد سنڌي ادب جو عمدو اثاثو
آهن.
جناب حميد کي سندس ڪتابن ۽ ڪهاڻين تي اڳي ئي سنڌالاجي، پاڪستان
رائيٽرس گلڊ ۽ ٽماهي مهراڻ جا خاصا خطاب ۽ انعام ۽
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ“ به حميد صاحب جي
ڪتاب ”وِيريون“ کي حاصل آهي. هاڻي سربراههِ مملڪيت
طرفان ”تمغهء امتياز“ جي اعلان تي اسان جناب حميد
سنڌيءَ کي مبارڪباد ڏيون ٿا.
ساڳئي وقت، صدر مملڪت طرفان سنڌ جي چند ٻين سپوتن کي سندن شعبن
۾ نمايان ڪارڪردگيءَ تي مختلف قومي سِول اعزاز ڏنا
ويا آهن، تن تي اسان انهن صاحب کي واڌايون ڏيون
ٿا. جناب ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو وائيس چانسلر مهراڻ
يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڄام شورو ۽
جناب ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري چيئرمن يونيورسٽي
گرانٽس ڪميشن اسلام آباد کي ”سائنس“ جي شعبي ۾
”ستارهء امتياز“ ڏنا ويا آهن.
ڊاڪٽر الاهي بخش ڀٽي وائيس چانسيلر سنڌ ائگريڪلچرل يونيورسٽي
ٽنڊوڄام ۽ سنڌ زرعي کاتي جي ڊئريڪٽر ڊاڪٽر
بدرالدين سومرو کي ”سائنس“ جي شعبي ۾ ۽ عبدالعزيز
سومرو کي آرٽ ۾ ”تمغهء امتياز“، مير محمد لنڊ
(بوڙينڊو وڄائڻ)، ڍول فقير خاصخيلي (لوڪ سنگيت)،
گل محمد سومرو (ڪاشيءَ جو ڪم) ۽ شفيع محمد شاهه
(اداڪاري) کي ”صدارتي ايوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي“
جو اعلان ڪيو ويو آهي. اداره مهراڻ طرفان سڀني
ايوارڊيافته حضرات کان مبارڪون هجن.
-نفيس احمد شيخ |