سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :27

 

آه! آصف مصراڻي

اميد خيرپور

آصف کي انجمن ۾ وسارڻ محال آ!

صحرا ۾ زندگاني گذارڻ محال آ!

طاقت جو وس پڄي نه سگهي ٿو جهان ۾!

تُرهي بغير بَحر اڪارڻ محال آ!

يارن جو يار ميٺ محبت جو باب هو،

 

تقدير جي ادا جو رضا جو شڪار ٿيو!

اخلاق جي هٿن ۾ ادب جو ڪتاب هو،

 

بي ڏوهه بي گناهه جفا جو شڪار ٿيو!

”محفل جو مور مرڪ ڀريو ماهتاب هو“

 

اي آسمان تنهنجي اڳيان تنهنجي راڄ ۾!

آصف جو ڇا حساب ڪجي بي حساب هو!

 

هڪڙو شريف شخص قضا جو شڪار ٿيو!

ناظم نياز خادم احسن اثر نظامي

 

راز افساني حقيقت هتي کولي وئين،

مخلص رشيد نجفي واصف سليم حامي

 

سي هنئين سان ٿا هنڊايون ٻول جي ٻولي وئين،

ذاڪر خليل اسلم دادن فدا گرامي

 

حمد ڪافي نعت دوهو منقبت مرثيو غزل،

آصف تون نيٺ پنهنجي سنگت جو ٿئين سلامي!

 

واه آصف شاعريءَ کي سنڌ ۾ رولي وئين!

 

قطعِ تاريخ وفات جناب احمد خان آصف مصراڻي مرحوم

از: ميرزا ڪاظم رضا بيگ ”ڪاظم“

آهه احمد خان آصف آهه آهه

 

مرجعِ الطاف و ايثار و ڪرم

نڪته سنج و نڪته دان و نڪته ور

 

شاعرِ خوش گو اديبِ محترم

شاعري جي رهبري ۾ تاحيات

 

ٿي رهيو مصروف جو باصد حشم

پيڪرِ اخلاص و احسان و عطا

 

خُلق جي تصوير از سرتا قدم

صابر و شاڪر غيور و بُردبار

 

هر قدم تي ٿي رهيو صاحب حشم

آهه، استادِ يگانه ڪئي قضا

 

ڇو نه شاگردن کي ٿئي رنج و الم

ان جي غم ۾ دوستن جو ذڪر ڇا

 

ٿي حريفن جي اڃا تئين چشم نم

ڏئي ندا هاتف چيو ”ڪاظم رضا

 

هن طرح تاريخ رحلت ڪر رقم

خلد ۾ شادان ٿيو حق کان وٺي

افتخارِ ”اهلِ فن باغِ ارم.“

1409هه

 

جيئڻ ڪونه ٿيندو

گلبدن ”آصف مصراڻي

زهر زندگيءَ جو، پيڻ ڪونه ٿيندو،

سوا تنهنجي منهنجو، جيئڻ ڪونه ٿيندو.

ڪيا تو ها واعدا،

 

سدا گڏ رهڻ جا،

چيو هئي هجر ۾،

 

ڇڏڻ ڪونه ٿيندو.

وساري ڇڏيان جي،

 

مٺا محب توکي،

اهو ورد مون کان،

 

سڄڻ ڪونه ٿيندو.

رسي جي وڃين تون،

 

ميارون نه ڏبيون،

مگر منهنجو توسان

 

رسڻ ڪونه ٿيندو،

دوا منهن جي دل جي،

 

آ ديدار تنهن جو،

اگر تون نه آئين،

 

بَچڻ ڪونه ٿيندو.

کڻي راز رمزون،

 

بَچڻ ڪونه ٿيندو.

سوا سور تنهن جي،

 

سلڻ ڪونه ٿيندو.

اکيون اڄ به آتيون،

 

اوهان جي ڏسڻ لئه،

حياتي سموري،

 

سڪڻ ڪونه ٿيندو.

سوا تنهنجي، منهنجو جيئڻ ڪونه ٿيندو.

قاضي عبدالحّي ”قائل“، مرحوم

از: مختيار گهمرو

هينئڙو مون لوڻ ٿئي

انگريز شاعر شيلي چواڻي ته ”زمان جا زمانا ڪکن پنن وانگر اُڏامندا ٿا وڃن، تخليق ۽ فنا جو قانون اٽل آهي. زندگي جر تي ڦوٽي وانگر بُڙڪو ڏيئي ظاهر ٿئي ٿي، ۽ پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي.“

موت اٽل حقيقت آهي، جنهن کان ڪوبه اڪابر ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهي، پر هن ٿورڙي حياتيءَ ۾ جن به پنهنجي زندگي مسڪينن، پورهيتن ۽ سانگيئڙن کي ارپي ڇڏي آهي، اهي اَمر ۽ عظيم ليکيا وڃن ٿا. انهن مهان مردن ۾ قاضي عبدالحئي ”قائل“ جو نالو وڏي شان ۽ مان سان شماري سگهجي ٿو. قاضي صاحب اديب ۽ شاعر، سماج سڌارڪ، مسڪينن جو هڏ ڏوکي، بي سهارن جو سهارو ۽ هڪ مثالي استاد هو، جنهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. جيڪڏهن خدمتن جو مڪمل وچور ڪٺو ڪبو ته ڪتاب بڻجي پوندو، انهيءَ ڪري سندس ڀرپور مثالي زندگيءَ جون چند جهلڪيون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

قاضي صاحب جا وڏا خيري ديري تعلقي رتيديري ۾ آباد هئا، پر پوءِ سندس والد قاضي عبدالحق لڏي پلاڻي اچي رتيديري شهر ۾ پنهنجي پڳ مٽ دوست حڪيم الهه رکيي بالر جي پاڙي ۾ آبادي ٿيو. سب رجسٽرار جي عهدي تي فائز هئڻ ڪري ملازمت سانگي بدلي سبب مختلف شهرن ۾ وسندو رهيو. قاضي عبدالحق جي بدلي ٿي ۽ قسمت کيس ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ وٺي آئي.

ٺل ۾ 17 ڊسمبر 1917ع ۾ قاضي عبدالحق کي پٽڙو ڄائو، جنهن کي قاضي عبدالحي جي نالي سان سڏڻ لڳا. اهو قاضي عبدالحي اڳتي هلي ادبي حلقن ۾ ”قائل سرشاري“ ۽ تعليمي حلقن ۾ ”سائين قاضي“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويو.

قاضي عبدالحي صاحب پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي، ۽ سائين الاهي بخش سومرو، سائين نچو سنگهه، سائين محراب خان ابڙو ۽ سائين ڏيالداس جهڙن لائق ۽ فائق استادن کان تعليم ۽ اخلاق جا سبق پرائي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪري 1936ع کان وٺي استاديءَ جي عزت ڀرئي پيشي سان وابسته ٿيو ۽ پنهنجي دل ۾ تعليم ۽ تدريس لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح طيب، بنگل ديرو، ڪٻڙو، ڪيهر، ڳچل، ڪوٺي، ڪلهوڙو ۽ رتي ديري جي پرائمري اسڪولن ۾ تعليم سان گڏ اخلاقي درس به ڏيندو رهيو. تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ قاضي صاحب تعليم به حاصل ڪندو رهيو. ٿوري وقت ۾ اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ان سان گڏ انٽر ڊرائنگ جو امتحان به امتيازي حيثيت سان پاس ڪري ورتائين.

انهيءَ وچ ۾ رتوديرو ميونسپل هاءِ اسڪول جو وجود عمل ۾ آيو ۽ قاضي صاحب ساڳي اسڪول ۾ ڊرائينگ جو استاد بڻجي نئين عزم سان پنهنجي نئين جوابداري سنڀالي. پنهنجي منفرد انداز سان تعليم ڏيندڙ هن پُرخلوص استاد پنهنجي محنت ۽ صداقت جي ڪري صرف شاگردن وٽ نه پر پوري شهر ۾ پنهنجي ڪردار سبب منفرد تشخص ۽ حيثيت جو مالڪ بڻجي ويو ۽ تعليمي حلقن سان گڏ سماجي حلقن ۾ ”سائين قاضي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com