سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :13

سنڌي عورت جي عظمت ۽ شاهه لطيف رح

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر

سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي ارتقا جو تجزيو ڪنداسين ته اسان کي ان جو سمورو تاڃي پيٽو عورت جي تعريف تي مشتمل نظر ايندو. ڪڏهن سندس ماءُ جي مامتا جي تقدس جي تعريف ڪيل آهي ته ڪڏهن وفا شعار زال ۽ گهر ڌياڻيءَ جي وجود جو اقرار ڪيل آهي. ڪڏهن سندس معصوم آهنُ ۾ اباڻن ۽ پيڪن جي اڪير سمايل نظر ٿي اچي ته ڪڏهن هوءَ ڀيڻ جي روپ ۾ ڀائرن جي عزت ۽ وقار جي علامت نظر ٿي اچي. مطلب ته سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪو اُتم درجو عورت جو ڄاتو ويو آهي، اهو ڪنهن به ٻئي ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي.

شاهه عبداللطيف جي سموري شاعريءَ جو تعلق ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ سان آهي. هو پاڻ به ٻهراڙيءَ جو هو، جنهنڪري ساري عمر سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي جاچيندو رهيو ۽ هر’وَٿُ‘ کي پروڙيندو رهيو. ان ڪري سندس شاعريءَ جي اڀرڻ جا هنڌ ۽ ماڳ مڪان به ٻهراڙيءَ ۾ موجود آهن، جتي ڪدورت ۽ عداوت، نفرت ۽ حسد جو نانءُ نشان به نه آهي.

پير حسام الدين راشديءَ جي لکڻ موجب: (هو ڏوٿي، هو ڏينهن ص 71)

”سنڌ جي حقيقي شاعري يا اسان جي مادري ٻوليءَ جي شاعري دراصل دهقانين جي وستين خواه وَسِوَن ۾، ڳوٺاڻين اوطاقن ۾، انهن جي ڪشاده اڱڻن ۾، ۽ وسيع ميدانن ۾، ڳوٺن جي وڻن هيٺ، انهن جي ٿڌين ڇانوَن منجهه، راتين جي اونداهين خواه چانڊوڪين ۾، سانوڻ جي لوهن خواه لُڪن ۽ سياري جي ڄَرَن ۽ ڄائو پارن ۾، چيٽ جي موسم خواه سرءُ جي مٺين مندن ۾، ٻهراڙيءَ جي ٻيلن خواه بيابانن ۾، ٿرن خواه برن ۾، چنڊ جي پاسي ۾، ڏُڌ جي چاڏيءَ وٽ، ميهارن جي وٿاڻن ۾، کوهه جي نيسر وٽ، مانجهين جي مڪانن ۾ يا سڙهه سنوارڻ وقت، نو ورنيُن جي سينڌ سرمي ڪرڻ وقت، يا اورون اورڻ مهل، شادين يا سهرن ۽ لاڏن ڳائڻ وقت جنم ورتو ۽ پرورش پاتي. يقين آهي، ته جنهن شاعريءَ اهڙين پاڪ ۽ پوتر روايتن مان جنم ورتو، انهن جي ماڻهن جون دليون به اهڙيون صاف هيون جهڙو سنڌوءَ جو پاڻي.“

سنڌي زبان ۾ اڪثر معاشرتي روايتن جي اظهار جو ذريعو شاعري رهي آهي، ۽ اها عورت جي زباني منظر تي آندل آهي، ڇاڪاڻ جو شاهه صاحب جي واين خواهه بيتن ۾ مرد هميشـﮧ معشوق ٿئي ٿو ۽ عورت عاشق. ان جو به مکيه سبب اهو آهي ته هتان جو عشق اخلاقي اقدارن کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري. مايون پنهنجن ئي مڙسن سان محبت ڪن ٿيون. سنڌي عورت جي سموري حياتيءَ جو محور سندس سهاڳ ٿئي ٿو، ان ڪري زال جي مڙس سان عقيدت ٿئي ٿي ۽ عشق ٿئي ٿو. ڀينر پنهنجن ئي ڀائرن لاءِ سڪن ٿيون، مائون پنهنجي ئي اولاد تي آرو رکن ٿيون ۽ ڌيئر اباڻن ۽ پيڪن لاءِ پيون ڪانگ اڏائينديون آهن، ۽ اها ئي شاهه صاحب جي شاعريءَ جي ميراث هئي، جنهن جي ڪري سندس شاعريءَ جو وڏو حصو عورت جي وفاداري، سندس لڄ ۽ حياءُ، وقار ۽ بردباريءَ جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو.

شاهه صاحب جي بيشتر شارحن، اڄ تائين عورت جي روپ کي روحاني علامتن جي نوعيت سان جاچيو آهي، پر اڄ اسان مختصر طور سندس سورمين جو سماجي ڪارج ۽ سندن مقام معاشرتي نوعيت سان ڏسون ٿا.

سهڻي:

سهڻيءَ جي بي ڊپائي بي نظير آهي. عورت جڏهن پنهنجو عزم ڪندي آهي ته منجهانئس زناني ضعيفائي نڪري ويندي آهي ۽ هوءَ پهاڙ کان به مضبوط ٿي پوندي آهي. سماج ۾ جڏهن مرد پنهنجي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ کان باز نه ايندو آهي، ته عورت به اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريندي آهي، جيڪو مرد به نه ڪري سگهندو آهي. هن سُر ۾ سهڻي پنهنجي فطري اصولن موجب سماج جي ڪڌن ڪرتوتن کي ٺوڪر هنئي آهي، ۽ مردن جي مختلف ٽن ڪردارن کي چئلينج ڪيو آهي: انهن ۾ هڪ آهي جابر پيءُ، جيڪو نياڻي جي زوري شادي ڪرائيندو آهي، ٻيو زوريءَ مڙهيل مڙس، ۽ زال کي مهڻا ڏيندي ڏيندي سندس زندگي زهر ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن سهڻي چوي ٿي:

ڏَمَ ڏِيهاڻي ڏي، سَندا ميهر مهڻا،

جهَليم ٿي جهوليءَ ۾، پَل پائيو سي،

مَرجان چالِيها چي، سڱا سپُرين جي.

(سهڻي 5-31)

۽ ٽيون آهي بي همت محبوب، جنهن سان سهڻيءَ لنؤ لاتي هئي. مرد جي حوالي سان ميهار کي درياهه کان ڊڄڻ نه گهربو هو، پر هن سر ۾ اسان ڏسون ٿا ته ميهار انتهائي بزدل آهي. جڏهن ته سهڻي درياهه ۾ ٻڏي ٿي، ته هو مدد لاءِ مهاڻن کي سڏ ٿو ڪري:

ميهارُ ملاح کي اُڀو ڪري سَڏَ،

ادا! انهين پار جا، موڙي اچو مَڏَ،

وئا جي وَههَ گڏُ، هَلو ته ڏوريون اُن کي.

(سهڻي 7-6)

هن سُر ۾ جڏهن اسان سهڻيءَ جي ڪردار کي ڏسون ٿا ته هي اهڙي عورت نظر ٿي اچي، جنهن لاءِ معاشري کيس ڪمزور ۽ هيڻي سڏيو آهي. پر هوءَ پنهنجن ارادن ۾ اڏول نظر اچي ٿي. دراصل سماجي لحاظ کان سهڻيءَ جو ڪردار اهو آهي ته مرد ضدي طبيعت کان ڪنهن طرح باز اچي ۽ عورت جا فطري حق تسليم ڪري ۽ سندس معاشري ۾ حيثيت کي برابر جو حقدار سمجهي.

سسئي:

سسئيءَ کي شاهه صاحب پنجن سرن ۾ پيش ڪيو آهي. ان جو مکيه سبب اهو هو ته سسئيءَ پنهنجي ور خاطر اڪيلي سر جبل جهاڳيا ۽ ڏونگر ڏوريا، جنهن ڪري هوءَ سنڌي عورت جو مثالي ڪردار آهي.

سسئي پيدائشي طور ٻانڀڻ جي ڌيءُ هئي، پر سنڌي عورت وانگر هوءَ پنهنجي پيار جو محور رڳو مڙس کي ئي سمجهي ٿي ۽ ان ڪري هوءَ ذات پات جي ڀيد کان گهڻو مٿي سوچي ٿي.

ٻئي طرف هنن سرن ۾ مرد جو ڪردار وري ڏاڍ ۽ تڪبر ۽ ذات پات جي ڀيد ۾ رڱيل نظر اچي ٿو، جنهن ۾ سوچيو ويو ته سندن ٻولي ٻي، روايتون الڳ ۽ زندگيءَ جا قدر به مختلف آهن، شايد سسئي انهن تي پوري نه بيهي سگهي. لهــٰذا هنن سسئيءَ کي گهٽ ذات واري چئي، ۽ پاڻ سان نه کنيائونس. انڪري جتن جي آڏو وڏائيءَ کي سسئي چڱو نه چيو آهي:

کوءِ ٻولي ٻن ٻروچ، گهوري ذات جتن جي،

مُن کي چئي ”لوچ“، پيهي وئا ڇپرين،

(سسئي 2-13)

سسئي جتن کي گهڻائي حيلا ڪيا ته ”توهان جو اهو شڪ اجايو آهي، ته مان توهان جي روايتن وانگر، توهان جي ريتن جو قدر نه ڪنديس ۽ انهن وانگر ثابت قدم نه ٿي سگهنديس:

مون کي نٿا نين، جت ملڪ پاهجي،

جي گهگهيرن گڏين، ته ٻين کان ٻيڻو ڪرن.

(حسيني- 12- 36)

سسئي آخر اهو قبول ڪيو ته ”ڌاريا ڙي! ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا“، ان ڪري هنن کان اهو ئي ٿيڻو هو، جو هنن ڪيو. پر شاهه صاحب به سچ چئي ڏنس:

ڪنءَ اڙايئي پاند، پلئه پرڏيهين سين؟

متيون موڙهئي سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،

رلي ڀاينء راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.

(حسيني 5-8)

بهرحال، سماجي نقطئه نگاهه کان سسئيءَ جي سرن جو مطالعو ڪندي، اهو يقين ٿو ٿئي ته زندگيءَ ۾ عورت مرد کان وڌيڪ ثابت قدم آهي ۽ پنهنجي سهاڳ سان انتهائي وفادار به آهي.

ليلان:

هن سر ۾ شاهه صاحب مرد جي جبر، هٺ، آڏ وڏائي ۽ شڪي طبيعت جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته عورت جي مڙس لاءِ هار سينگار، رٺل کي پرچائڻ ۽ ازدواجي زندگيءَ کي جوڙڻ لاءِ حيلا هلائڻ جو بيان ڪيل آهي.

سر جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته چنيسر ليلان سان اڳ ۾ ئي سچو ڪونه هو، پر هارکي رڳو بهانو بنايائين:

 

”او ڏمرئو ڏس، حيلو هينئن هار جو.“

 

ليلان داناءَ هئي. هن شاديءَ رات ئي ساٺن سوڻن مان اندازو لڳايو هو ته چنيسر جي نيت صاف ڪونهي:

 

”پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،

مون ڀانئيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريتڙي.“

(ليلان-1 5)

ليلان جو آخر قصور ڪهڙو هو؟ رڳو اهو ته هُن ور جي اڳيان خوبصورت بڻجي ۽ هار سينگار ڪيو هو.

 

سونا ڪُرَ ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار،

ٻانهوٽا ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا وار،

تيلاه پي پچار، ڪانڌ منهنجي ڇڏي

(ليلان 1-11)

اهو مڙس جو وڙ نه آهي، جو زال کي گهر ۾ طعنا تنڪا هڻندو رهي ۽ هن جو جيئڻ به حرام ڪري ڇڏي!

 

ڍولا! ڪُڄاڙِيا، ٻولائيو ٻوڏُ، چَئين؟

آئون تو پيراندِئا، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿيان!

(ليلان 1-17)

ڊاڪٽر گربخشاڻي هن بيت جي معنى لکندي چوي ٿو ته ليلان چنيسر کي وس ڪيا ۽ چيائينس، ”اي ڀتار! مون ڪهڙي اربعا خطا ڪئي، جو وڏي واڪي مون تي ڦٽ لعنت وسائي ڏني اٿئي؟ انهيءَ هوندي به آءٌ پنهنجي پيرانديءَ کان ويهي ويهي ٿڪجي هر روز نا اميد ٿيو موٽيو وڃان.“

هن سر جي مطالعي مان اهو يقين ٿو ٿئي ته ازدواجي زندگي جي نبيہ لاءِ عورت وڏي فراخ دل آهي- جڏهن ته مرد هروڀرو بهانا ڳولي گهر کي خراب ڪرڻ گهرندو آهي.

ڏهاڳا سُهاڳڻيون، ڪهڙي ڏوهه ڪَنبن؟

وَرُ وڏو وڻو ايهين، جنء جنء پاڻ پسن.

(ليلان 2-10)

مومل:

مومل ذات جي گجر هئي ۽ سنڌ جي اتر- اوڀر واري سرحدي علائقي سان تعلق هوس. هُن پيءُ جي وڃايل خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جوڙايو هو، جيڪو اميرن کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ ڄار هو:

 

مومل ماري مير، آهيڙين کي اَڪري،

سوڍيء گهڻا سڪايا، پڙهيا پڻت پير،

هڻي تن کي تير، مڻيون جن مٿن ۾.

(مومل 2-6)

افسوس آهي ته اڄ تائين اديبن رڳو مومل کي قصور وار سمجهيو. جڏهن ته انهن مردن لاءِ ڪنهن کي چوڻ جي جرائت نه ٿي آهي، ته ڇو سوين ڪوهه لتاڙي، پنهنجي دولت کڻي، خزانا لٽائي ڪاڪ محل ۾ ويندا هئا ۽ پنهنجا سر گنوائيندا هئا. ملڪ جا حاڪم هئا. مٿن ڪي ذميواريون هونديون، سندس سلطنت ۾ ڪي مفلس هوندا؛ ڪن جا فيصلا ڪرڻا هوندن.

هن سُر جي مطالعي مان هڪڙي اهم ڳالهه جنهن سماجي طور اسان جو ڌيان لهڻو، اها هيءَ آهي ته ڪاڪ محل جي قاتل ”مومل“ جڏهن ازدواجي زندگيءَ کي حاصل ٿي ڪري ته هوءَ توبهه تائب ٿي ٿئي.

 

موٽي آيو مــﮧ ۾، سوڍا شرم جن،

سي لڄائيون لڇن، پَسئو عيب اڳيان.

(مومل-8- 21)

مگر حد آهي، راڻي مينڌري جي ضد جي! جڏهن مومل سندس زال نه هئي، ته سوين ڪوهه لتاڙي رات وچ ۾ ڪاڪ محل ويندو هو، پر جڏهن مومل سندس ازواجي زندگيءَ ۾ اچي ٿي، ته هو ڪناره ڪش ٿيڻ لڳي ٿو، ۽ ايستائين جو آهي وسنديون ۽ وٿاڻ به سڃا سکڻا ٿي وڃن ٿا، پر راڻو ضد تان نٿو لهي.

 

جِت رايائين راڻن کي، چَندنُ چِڪ ڪري،

هاڻي انهن ڀيڻن، ورِههُ وراڪا ڏي،

سوڍو سُڃَ ڪري، مومل ماري هليو.

(مومل-3-8)

مارئي:

مارئي سنڌي نياڻيءَ جي عِفت ۽ پاڪدامنيءَ جو اهڙو مثالي ڪردار آهي، جو جيستائين سنڌي سماج زندهه آهي، ته وسرڻ جو نه آهي. سندس پرورش ٻهراڙيءَ جي صاف ۽ سٿري ماحول ۾ ٿي هئي، جتي غلاظتن جو نانءُ نشان به نه هوندو آهي، ۽ نه ئي ڪڌن ڪرتوتن ۽ نفرتن جو ڪو اهڃاڻ نظر ايندو آهي. سڀئي پاڻ ۾، سڀئي هڪٻئي جي لڄن جا رکپال، آزاد انسان صاف دلين ۽ نيڪ نيتن جا مالڪ، جن جي روايتن ۽ زندگيءَ جي قدرن ۾ ڪابه ميراڻ ڪانه:

 

مائٽ منهنجا سومرا! مارو نه ميرا،

اٿيو ڏين اسور جو، ڀٽن ڀر ڀيرا،

پنهوارن پيرا، وڙهه مَ ويڙهيچن سين.

(مارئي- متفرقه- 12)

مارئيءَ کي احساس هو ته سندس پرورش هڪ صاف ۽ سادي ماحول ۾ ٿي هئي، جنهن ماحول جي روايتن ۽ زندگيءَ جي قدرن کيس اڏول بنائي ڇڏيو هو. ان جو هوءَ اقرار ڪندي چوي ٿي:

 

هَڏِ نه پڙان هيڪڙَي، ٿوري ٿر ڄاين،

مون کي ماروئڙن، ميري ڪري نه مٽيو.

(مارئي: متفرقه 40)

عمر حاڪم هو. هن مارئيءَ کي شاهي محلاتن جي راحتن جا سرسبز باغ ڏيکاريا، سٺن طعامن جون لالچون ڏنيون، سون ۽ چانديءَ جي زيورن جون آڇون به ڪيون؛ ۽ مارئي عورت هئي، جيڪڏهن چاهي ها ته عمر بادشاهه سان شادي به رچائي سگهي ها. ڪير هو جو سندس راهن کي روڪي ها؟ پر هن سنڌي نياڻيءَ انهيءَ رشتي کي هرگز قبول نه ڪيو. مارئيءَ انهيءَ سڱ ڳنڍڻ ۾ پنهنجي عزت نفس جو قتل، اباڻن جي ريتن ۽ روايتن جي توهين، ۽ پنهنجي پيڪن جي تذليل سمجهي. عمر کيس دلاسن کانسواءِ ايذاء  به ڏنا، جيڪي عورت جي قوتِ برداشت کان ته شايد مٿي هئا پر، مٿير مڙس به اهڙا ايذاءَ هوند سهي نه سگهن! مگر، هيءَ جهانگياڻي پنهنجي فيصلي تي جبل جيئن قائم رهي:

 

جي لوڻ لڱن لائين، چيري چيري چم،

مون ڪُرَ اڳي نه ڪئو، اهڙو ڪوجهو ڪم،

جان جان دعوى دم، تان تان پرت پهنوار سين

(مارئي: متفرقه 17)

شاهه صاحب جي سر مارئيءَ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته مارئيءَ جي سموري ڪردار جي پويان سنڌ جي جهانگين جون عظيم روايتون پوشيده هيون، جن جو شاهه صاحب به مارئيءَ جي واتان اقرار ڪرايو آهي:

 

مر ڄائي مارئي، لٿو دليل داين،

لاٿائين لطيف چي، ٿورو ٿر ڄاين،

مونکي ماروئڙن، ايڏو سيل سيکاريو.

نوري:

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ’نوري‘ هڪ اهڙو سنڌي سماج جو تاريخي ڪردار آهي، جنهن ۾ هٺ وڏائي، تڪبر ۽ غرور نظر نٿو اچي. سچ ته هوءَ سنڌي عورتاڻي فطرت جي مڪمل علامت آهي. هوءَ پنهنجي ڪانڌ سان دوکو نٿي ڪري، کيس فريب نٿي ڏئي، بلڪ صاف صاف ٻڌائي ٿي ته سندس پيڪا مسڪين مهاڻا آهن، جن وٽ:

 

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،

پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ.

(ڪاموڏ: 1-10)

۽ اهو ئي سندن ورثو آهي، جيڪو اميرن کي شايد پسند نه اچي!

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها ڄام تماچيءَ جي شرافت ۽ دانائي هئي، يا نوريءَ جي سيرت؟ جنهن سنڌي سماج ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ جو تاريخي تصور پيدا ڪيو.

يقيناً اهو ڪردار نوريءَ جو ئي هو، جنهن ڄام تماچيءَ کي گهٽ ذات وارن سان سڱ ڳنڍڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان سان گڏ اسان لاءِ پڻ طبقاتي فرق کي سمجهڻ ۾ راهه متعين ڪئي، جنهن ۾ اسان ڏسون ٿا ته:

 

مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،

سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.

(ڪاموڏ: 2-7)

سر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي ڪردار اهو ثابت ڪيو آهي ته ”سلطاني سهاڳ“ رڳو راجائي نُک جو ورثو نه آهي، پر غريباڻي جيوت وارا ماڻهو به انهيءَ درجي جا حامل ٿي سگهن ٿا:

 

”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون،

ڄام هٿ ۾ ڄار، ڄُلي ڄُٻيرين وچ ۾.“

(ڪاموڏ: 2-6)

سورٺ:

سر سورٺ جي مطالعي ڪرڻ سان ڏسجي ٿو ته سڄي سُر ۾، راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي درميان سخاوت ۽ دان گهرڻ جو معاملو موجود آهي، ۽ دان به اهو، جيڪو سِرَ سان تعلق ٿو رکي. راءِ ڏياچ وٽ هڪ سخي انسان جي دل موجود هئي، جو سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. ۽ ٻيچل وٽ ساز جو فن هو، جنهن کي غلط مطلب لاءِ استعمال پئي ڪيائين. مگر سورٺ سوالي ۽ سخيءَ جي وچ ۾ هڪ خاموش ماٺيڻو ڪردار آهي. ليڪن، انهيءَ ماٺيڻي ڪردار ۾ سندس ازدواجي زندگيءَ جي لاءِ ڪرب ۽ تڙپ ضرور نظر اچي ٿي. هو انتهائي داناءُ آهي. هيٺين بيت مان لڳي ٿو ته هوءَ ٻيجل کي راءِ ڏياچ وانگر تَندُن چورڻ جو ماهر ۽ راڳائي نه، بلڪ دغاباز، ٺڳ ۽ مڪار سمجهي ٿي، جنهن ڪري کيس چوي ٿي:

 

موٽي مڱڻهار! شال مَ اچين ڪڏهين!

اٺئي پر اجل جو ڪُنڍو منجهه ڪپار،

جــﮧ تو سڀ ڄمار، هنيان ڇٽ پٽن سين.

(سورٺ 2-15)

سخي حاڪم راءِ ڏياچ کي دل ۾ اهو احساس هو، ته سندس سر جي سخاوت جي ڪري سورٺ جي زندگي متاثر ٿيندي، پر چارڻ، جيڪو سياسي چڪر بازيءَ جي ڪري، ٺڳي ڪري رهيو هو، ان کي سون ۽ چاندي نه، پر راءِ ڏياچ کي ليلائي چوڻ لڳو:

 

”سنهارا سورٺ ور! ڳال هيين سين لاءِ.“

انهن التجائن جي ڪري هي سخي حاڪم ٻن باهين جي وچ ۾ اچي ويو. هڪ طرف ٻيجل جو ناراضپو، جيڪو سخاوت جي ڪردار تي داغ هو، ۽ ٻيو سورٺ جو بيوه ٿيڻ جو احساس، ۽ آهي ٻئي بار هن سخي حاڪم لاءِ ڳرا ٿي پيا، جنهنڪري ٻيجل کي سمجهائيندي چيائين:

چارَڻَ! ٻوليجِ ڪين ٻئو، جو گهُريئي سو گهوريان،

گهَرُ، سورَٺ نه پَڙي، جا تَندنِ برابر توريان،

ڳُجهِي آهيم ڳالَهڙِي، آءُ اوري تان اوريان،

ڪِڪُلهنئون ڪوريان؟ ڪِ، جاجِڪَ‘ جُسُي سين ڏِيُنءِ.

(سورٺ 4-6)

ٻيجل انتهائي ضدي انسان هو. هن کي يقين هو ته راءِ ڏياچ پنهنجو سر ضرور ڏيندو، پر کيس سورٺ جي بيوهه هجڻ جو احساس روڪي ٿو، ان ڪري تندن جي تان ۾ وري چيائين:

 

سُنهارا سورَٺ وَرَ! ڪا مُهِجِي ڪَّرِ.

(سورٺ 1-13)

راءِ ڏياچ آخر پنهنجو فيصلو ڏنو ۽ سورٺ ويچاريءَ سان ظلم ٿيو، مگر اها هڪڙي سورٺ نه هئي،جنهن سان اها ويڌن ٿي هجي، اهڙيون ڪيئي گهر ڌياڻيون هونديون، جن جا گهر اجاڙ ٿيا هوندا ۽ اهڙين تباهه ڪارين کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟

 

سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارِينِ،

چوٽا چارَڻَ هَٿ ۾، سِرُ سينگارئو ڏِينِ.

(سورٺ 4-12)

شاهه صاحب سماجي علمن جو ماهر هو. هن سُر ۾ سخي ۽ پينار جي وچ ۾ ٿيل سموري ڪار گذاريءَ جي باوجود، هُن جو نالو سورٺ رکيو، ڇاڪاڻ جو سموري سر پڙهڻ کان پوءِ جيڪو اهم اثر انسان جي ذهن تي ويهي ٿو، اهو آهي هڪ برباد عورت جي ازدواجي زندگيءَ جي تباهي.

سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي متعلق، جيڪي به عام واقعاتي قصا آهن، تن جي پڙهڻ سان به انسان جي همدردي وري به سورٺ سان ٿئي ٿي، ان ڪري جو ٻيجل کي سندس گهر ويران ڪندي، ڪو رحم نه آيو، ۽ اهو احساس رڳو سنڌي سماجي زندگيءَ ۾ موجود آهي. شايد ٻين معاشرن ۾ ورلي لڀندو!

وڻجارن جون وهون:

شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ واپار جي لحاظ کان ڏيهان ڏيهه مشهور هو. سنڌ جي سامونڊي بندرن تان سامان جا ٻيڙا ڀرجي پرڏيهه ويندا هئا. انهن ٻيڙن سان گڏ، ملاح، معلم، واپاري ۽ دلال به ويندا هئا، جن جي اسهڻ کان پوءِ، سندن وهون، واپار تان خير سان واپس اچڻ جون دعائون گهرنديون هيون ۽ ملڪي روايتن موجب پاڻيءَ ۾ اکا وجهنديون هيون، جن جو پتو اسان کي شاهه صاحب جي ڪلام مان ملي ٿو:

 

اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،

آڻئو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.

(سامونڊي 2-18)

انهن ڏينهن ۾ سامونڊي سفر اڻانگو به هو. ڪيترائي جهاز سمنڊ جي تيز لهرن جو شڪار ٿي ويندا هئا ۽ وڻجارن جي ٻڏي وڃڻ جون خبرون، سامونڊي بندرن تي پهچنديون هيون. اهڙي وقت وڻجارن جي وَهُن کي پنهنجن ڪانڌن لاءِ جيڪو اوسيئڙو هوندو هو ۽ دل ۾ جيڪا ماندڪائي هوندي هئي، تنهن جي خبر اسان کي شاهه صاحب هيئن ٻڌائي ٿو:

 

سڙهه سڃاڻئو چوءِ، ماء! سامونڊي آئيا،

مان مهجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾!

(سر سامونڊي 2-13)

سر سامونڊيءَ ۾ شاهه صاحب جيڪا وڻجارن جي وهن جي اضطرابي ڪيفيت بيان ڪئي آهي، تنهن مان سنڌي عورت جي سندس ڪانڌ لاءِ اُڪيرَ بي مثال آهي، تنهن کي پڙهي اهو يقين ٿو ٿئي ته سنڌي عورت پنهنجي سهاڳ لاءِ، سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هن مٿئين مختصر تاريخي ۽ سماجي تجزيي کان پوءِ جيڪي اهم نتيجا سامهون اچن ٿا، آهي هي آهن.

پهريون ته پوري دنيا تي، تهذيب ۽ تمّدن کي فروغ وٺرائڻ لاءِ عورت ڪيڏا ڪٺن ڪشالا ڪڍيا آهن. هوءَ پنهنجي صبر، تحمل سان دنيا مان ڏاڍ ۽ ظلم کي ڪڍڻ جا هر وقت حيلا هلائيندي رهي آهي: ڪڏهن پيرن ۾ ڇيريون پائي پنهنجي پريتم کي پيار سيکارڻ جا هن جتن ڪيا آهن، ڪڏهن پنهنجي تخليق کي جهوليءَ ۾ جهلائي سچائيءَ ۽ قربانيءَ جون لوليون ڏيندي رهي آهي، ڪڏهن ڀائرن مٿان سر گهوري ۽ کين صداقت جو درس ڏيندي رهي آهي. پر پوءِ به هوءَ ڪيتري قدر مرد جي ذهن کي مهذب ۽ ملائم بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي؟ ان جي فيصلي ڏيڻ کان اڃا دنيا قاصر آهي.

ٻيو ته شاهه عبداللطيف پنهنجي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار جنهن مؤثر نموني سان پيش ڪيو آهي، اهو سنڌي عورت جو موروثي ڪردار به آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ سنڌ جون رسمون ۽ رواج آهن، جن کي فروغ ڏيڻ ۽ سنڌي عورت جي شرافت، دانائي ۽ همت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

ولاڙئو وڻين چڙهي، پسو سگهه سندياس،

آڌِيَ وڃئو آکُڙي، نڪو پيءُ نه ماسِ،

سو ئي سو سيڻاس، پَري پڙاڏا ڪري.

(معذوري 7-14)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com