”امين محمد“ انهن جي، رڪوع ڪيو روح،
نيڻ وهائي نار ڪيا، جئن کاهوڙين کوهه،
منجهان فيض فتوح، الم ٿيو انهن کي.
-مخدوم امين محمد رحه
شاعري
لافاني ڪلام
مخدوم امين محمد صديقي ”امين“ رحه
تنهنجي نيڻن جادو لايو ٺار،
رمزون رمزون رليون يار!
اکيون تنهنجون ڪجليون ڪاريون،
ڌاڙي ڪارڻ دلبر ڌاريون،
هو گهر اجاڙن، ڳليون يار!
دليون دلبر ڪاڻ سڌاريون،
ؤوڙڻ وييون وري نه آيون،
او گهٽ نهارن، گهٽيون يار!
اکيون آيون اکڙين آري،
وارن وَرَ وَر وڌڙا واري،
هو جت ڀڳيون تت جهليون يار!
جانب جنگي جادو لايو،
سر ڏيڻ جو تن ڪيو سعيو،
هردم حاضر هليون يار!
”امين محمد“ اکڙيون اڙيون،
زلف زنجير قلابين ڪڙيون،
وه ڪين ڇٽن سي جهليون يار!
مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“
غزل
تون پنهنجو اندر ڳول، تمنّا به ڇڏي ڏي،
هتُن ساڻ ملڻ واري تقاضا به ڇڏي ڏي.
هر جاءِ جڏهن ذاتِ الاهي آهي موجود،
پو مسجد و ڪعبه و ڪليسا به ڇڏي ڏي.
ڪر بند اکئون پاڻ کي تون پاڻ ۾ ڳولج،
ناسوت جو هر ذوقِ تماشا به ڇڏي ڏي.
ڪر پاڻ منجهان گوهرِ مقصود کي حاصل،
مرشد کانسواءِ غير جو سودا به ڇڏي ڏي.
وٺ دامنِ يزدان کي اميدن جا وجهي هٿ،
۽ اهرمنِ ذهن جي دعوا به ڇڏي ڏي.
اي قيس تون پنهنجي ئي تصّور کان وٺج ڪم،
هاڻي ته کڻي حاجتِ ليلى به ڇڏي ڏي.
والد جي نگهداشت ڪرڻ ڪاڻ هلئو وڃ،
اي يوسفِ دوران تون زليخا به ڇڏي ڏي.
تون پاڻ کي ڪر قادرِ مطلق جي حوالي،
وسواس ڇڏي ڏي، وري سودا به ڇڏي ڏي.
تون حال کي حاصل ڪر خوش باش سدا رهه،
امروز به ديِ روز به فردا به ڇڏي ڏي.
وٺ پنهنجي بدن مان تون سندم واس اي جاني،
پنهنجو هو کڻي ”طالبِ مولا“ به ڇڏي ڏي.
مولا جي طلب طالبِ مولا تون ڀلي رک،
ماڻهن جي سڄڻ حاجتِ بيجا به ڇڏي ڏي.
سيد احسن الهاشمي
غزل
عشق جي منزل هميشـﮧ چنڊ تارن کان مٿي،
عشق جي بيهوش ٿيو ته به عقل وارن کان مٿي.
آسمانن کان مٿي ۽ چنڊ تارن کان مٿي،
منهنجو سهڻو ڪل جهان جي حسن وارن کان مٿي.
تو سوا بادِ بهاري، ڄڻ جهنم جي هوا،
تنهنجي قدمن ۾ خزان جو خط بهارن کان مٿي.
رات گذري جاڳندي رئندي تڪيندي راه رند،
هوت هرگز ٿي نه سگهندو انتظارن کان مٿي.
آءٌ نه تنهنجي در اچان سو ڪيئن ٿئي ممڪن سڄڻ،
تون اچين مون وٽ اهو ٿيو اعتبارن کان مٿي.
تون نظر ڦيرين سڄي دنيا نظر ڦيريو ڇڏي،
گل به اندم ٿا اذيّت ڏين خارَن کان مٿي.
زندگي ٿي خوگرِ طوفان طلاطم آشنا،
مطمئن گرداب ۾ آهيان ڪنارن کان مٿي.
بس الائجي ڇو ذري پرزي تي دل ڀرجيو اچي،
ٿي وئي پنهنجي طبيعت آهي پارن کان مٿي.
ائين نه ٿئي جو بي رخي جا سور سهندي ٿي وڃي،
قوتِ برداشت غم جي اقتدارن کان مٿي.
دوست هاڻي دم دلاسي جي ضرورت ناهي ڪا،
بيڪسي منهنجي وڃي پهتي سهارن کان مٿي،
ڪيم ڇڏ دروازه آلِ محمد جو سندن،
سايهء دامانِ رحمت عيبدارن کان مٿي.
ٻيا لکين عاشق سڏائن ۽ چوائن سرفروش،
ڪير ٿيندو ”احسنِ“ آشفته پارن کان مٿي.
بشير مورياڻي
غزل
دل جي پناهه گاهه ۾ جيڪا اُمنگ آ،
وسعت سڄي جهان جي ان لاءِ تنگ آ.
هن دور ۾ ڪو زور هلي ڪونه ٿو سگهي،
اهلِ طلب جي جبر پسندن سان جنگ آ.
منزل نه آهي صرف طلبگار کي نصيب،
گم ڪرده راهه سان به اها سنگ سنگ آ.
تنهنجي ڳلن جي باغ جو هر گل سدا بهار،
ڪيڏو نفيس منهنجو به احساسِ رنگ آ.
قحط الرّجال ڪُوئي ملامت ۾ آ بشير،
پنهنجو ئي سِر آ، پنهنجي هٿن ۾ ئي سنگ آ.
امداد حسيني
گيت
ڪوئي گيت ٻڌائي.
تنهنجو نه سهي،
منهنجو نه سهي،
ڪنهن جو نه سهي،
ڪوئي گيت سُڻائي.
ڪيسين تائين چَپ چُپ رهندا، ٻول چئو ٻولائي،
هر سُر سونو سِڪّو آهي، سِڪّن کي ڇڻڪائي،
ڪوئي گيت سُڻائي.
الجهيل الجهيل مَن آهي مَنَ! اُلجهن کي سُلجهائي،
خاموشيءَ جي اونداهيءَ ۾، سُر جو ديپ جلائي،
ڪوئي گيت سُڻائي.
اُلاّ اُلاّ اَلاپن سان، تَن مَن آڳ لڳائي،
شيشو سنّاٽي جو شيشو، پٿر تي اڇلائي،
ڪوئي گيت سُڻائي.
ڪوبه ملهائي يا نه ملهائي، راڳي تون ته ملهائي،
ڳائي ڳائي ڳائي ڳائي، ٻيجل تندُ ٻُرائي.
سرويچ سجاولي
غزل
سونهاريءَ سنڌ جي ڌرتيءَ، ڄڻيا لک لال لاثاني،
وِجهن جي موت کي ماريو، مرڻ کي ڪن فنا فاني.
نه نميا نامِورَ نيهي، نه ناحق تي مٽيائون حَق،
نسون نيزن ۾ وِچڙائي، پيا ڪن ننگن ۾ نِگراني.
سِسِيون جيڪي نه سانڍيندا، سِسيون ساڻهه تان گهوريندا،
اُنهن سورهيه سپوتن سان، اسانجي يار، ياراني،
نه ڪنهن فِرعون ڦوروءَ کان، فنا ٿيندا سي فولادي،
فنا کي پيا بقا ڏيئَن، جيئنِ جُڳ جُڳ اُهي جاني.
سِريون سهرن سان سينگاري، سڄڻ ٿي سرفراز ايندا،
سچا ”سرويچ“ ثابت ٿي، کٽندا سوڀ سلطاني.
عنايت بلوچ
گيت
سرويچن جو سڱيڻو آهيان،
لاشڪ مان لاکيڻو آهيان.
شاه، سچل ۽ سامي منهنجا،
دودا هوشو، حامي منهنجا
پوءِ به چوين ٿو هيڻو آهيان.
سِنڌو سون، سدا سوڀاري،
ٻولي مٺڙي ڀونءِ ڀلاري،
پورو پاڻ وهيڻو آهيان.
ڳاڙها ڳڀرو جوڌا جاڳيا،
بَبَر شيرَ سڃاڻج ساڳيا،
توکان ٻيڻو ٽيڻو آهيان.
ڪير اسان سان هڻندو هامون،
هڪجهڙو نه اچي ڪو سامهون،
ڏاڍن کان به ڏهوڻو آهيان.
تاج بلوچ
غزل
رات جا نيڻ ڦري ويا آهن،
دل ۾ ٻارڻ ڪي ٻري ويا آهن،
ڪنهن مهانڊي ۾ نه گرمي نه گلال،
رنگ وکري ۽ ڳري ويا آهن.
تنهنجي ميخاني جي کڙڪي نه کلي،
رند تڙپي ۽ وري ويا آهن.
ميڪدو نور سان گلنار ٿيو،
جذبا ساغر ۾ ٻري ويا آهن.
عڪس باقي نه بچيو اکين ۾،
مَڌُ ۾ پيمانا ڳري ويا آهن.
ڪائي موکي نه ڪلال آهي ڪو،
سُورَ پِي رند سَرِي ويا آهن.
رات باقي نه ستارا باقي،
مَڌُ ۾ ميخانا تري ويا آهن.
گيت وائي نه غزل ٿو گونجي،
درد وارا ڇا مَرِي ويا آهن.
تنهنجي نيڻن جي نهارنُ صدقي،
”تاج“ پارا به کري ويا آهن.
الحاج رحيم بخش ”قمر“
هاڙهي جيڏو هانءُ
نينهؤن رب جو نانءُ، وٺي وَڌائج وَکَ،
”سنڌوءَ“ جيڏي سوچ ڪج، ”هاڙهي“ جيڏو هانءُ،
بُزدليءَ جو بدن مان، ڪڍي ڇڏج ڪانءُ،
ڏوٿيئڙن کي ڏانءُ، سدا ڏيج سَچ جو.
سوچيندڙ تون سوچ، سدا پنهنجيءَ سنڌ لئي،
لاکو چئي لوچ، دائم دلبر ديس لئي.
وَهلو هڻج وَنجهه، ٻيڙو تارج تار مان،
مانگر ملاحن کي، ڏنا آهن ڏَنجهه،
لاکو چئي لهرين ۾، سعيو صبح، سنجهه،
مَڻيا ماڻهوءَ منجهه، سجاڳيءَ ۽ سوچ جي.
سنڌ سموري سچ، سنڌ سڄي سُرهاڻ،
سنڌ سموري سون، سنڌ کٿوريءَ کاڻِ،
سنڌ ڀٽائي گهوٽ جي، سنڌ ڀٽائيءَ ساڻ،
سنڌ ”قمر“ ڪريم جي، سنڌ ڏنا سرواڻ،
موج ڀريو مهراڻ، سدا وهي سنڌ ۾.
مظفر حسين جوش
غزل
درد عم رنج و الم مليا ۽ يا آرام ٿيو،
توسان ڪو شڪوو ته ناهي گردشِ ايام ٿيو.
ڇا ڪندي تنهن سخت جان کي گردشِ ليل و نهار،
جو اسيرِ ميڪده ٿيو ۽ حريفِ جام ٿيو.
ڪنهن جي مُرڪن سان ٽڙي ويا، ديده و دل جا ڪنول،
ڪنهن جي رعنائي ٿي جهلڪي رنگ صبح و شام ٿيو.
تن کي پيرِ ميڪده چشمِ حقارت سان نه ڏس،
جن جي دم سان تنهنجي ميخاني جو روشن نام ٿيو.
تنهنجي عارض جو بهار ۽ تنهنجي زلفن جي خزان،
جنهن کي حاصل ٿي دوعالم ۾ اهو بدنام ٿيو.
چشمِ ساقي کان ٿيا اهلِ سُبو سڀ فيضياب،
دورِ پيمانه ته محفل ۾ بَرائي نام ٿيو.
ڪجهه وڌيس مان پاڻ يارو ڪجهه وڌيا دارو رسن،
عشق ويچارو ته ناحق مفت ۾ بدنام ٿيو.
جت رکيا پنهنجا قدم تو ات مهه و انجم کِڙيا،
تنهنجي ڪوچي جي زمين هي چرخ نيلي فام ٿيو.
تون مون کان نالان آهين يا آءٌ توکان شڪوه سنج،
ڪير ڄاڻي ڪير اسان مان موردِ الزام ٿيو.
تو سوا ڪهڙي ڀلا گذري ٿي منهنجي زندگي،
تو سوا مون تي جيئڻ جو بس فقط الزام ٿيو.
طوفِ صحرا گهٽ نه آهي طوفِ ڪعبه کان اي شيخ،
وحشين لئه چاڪ پيراهن به ڄڻ احرام ٿيو.
عشق جي هي آهي منزل رک سنڀالي تون قدم،
هت وڃن دستارو جُبه شيخ ٿا نيلام ٿيو.
هي به شايد آهي منهنجي قلب بسمل جو بهار،
منهنجن اکين مان وهي هر اشڪ ٿو گلفام ٿيو.
ڪيئن غزل مون کان ٿو لکجي جوش ناهي ڪا خبر،
خود بخود ٿا شعر اڀرن، ذهن ۾ الهام ٿيو.
عبدالڪريم پلي
محرومين جو زهر، پِيُون ۽ جِيون پيا،
رُسوا قدم قدم تي، ٿِيون ۽ جِيُون پيا.
خوش فهمين جا تاج محل نِت نَوان اڏي،
خود کي حَسين فريب، ڏيون ۽ جِيُون پيا.
گُلڙن جي آرزو ۾، سَهي زخم شوق مان،
خارَن سان پُڻ نِڀائي، نِيُون ۽ جِيُون پيا.
پوري نه آرزو ڪا ڪئي جانِ آرزو،
ٻولُون ٻُڌون ٿا روز ٻِيون ۽ جِيُون پيا.
مجبورين کي ماٺ جو ڏئي خوش نما غلاف،
ٽهڪن ۾ ويڙهي لُڙڪ، پيون ۽ جِيُون پيا.
ممڪن فرار ناهي حياتيءَ کان ڪنهن طرح،
لازم ’ڪريم‘، آهي، جِيُون ۽ جِيُون پيا.
محمد علي جوهر
جي لاتي دير تو دلبر ته پوءِ دلدار مان اِيندس،
اڃا ڀي ڪين آئين تون ته تو وٽ يار مان اِيندس.
سڏين يا نا سڏين سُهڻا تون منهنجي سر جو آن سائين،
ٺهي توسان نه حُجت اَڻ سَڏيو سرڪار مان ايندس.
ڪچي ڌاڳي سان دلبر مان ٻَڌو، حاضر اچي ٿيندس،
سَڳو سِڪَ جو تون سوريندين ته اُلفت ڪار مان اِيندس.
ڀلي وچ ۾ هجي آڙاهُه يا درياءُ يا طوفان،
ٽَپو ڏيئي الاتوهر مٺا منٺار مان اِيندس.
تون پنهنجا پرت وارا سڀ ڀَليجان آزمائي ڏس،
اڳي پو ڪم ته توکي يار آخرڪار مان ايندس.
پَرين ڀَر آههِ جي ’جوهر‘ مِٺو ميهر ته ڇا ٿي پيو؟
دِلو درياءَ ۾ سُهڻي جان سَٽي ڌوپار مان اِيندس.
عبدالقيوم صائب
غزل
مڙس ڪي نڪتا ڀڃي ڏاڍ جي ديوار اڄ،
جيل جون سيخون ٿيون تن جي لئه بيڪار اڄ.
جن جو هڏ هڏ چور هو، تن کنيو اڄ ڪنڌ هو،
ويڙهه جو حالانڪ هو مرحلو دشوار اڄ.
انقلابين کي ڪندو ڪين ڪي مرعوب، گر،
جنگ جو ميدان هو سخت ناهموار اڄ.
هڪ طرف دولاب هو، ٻئي طرف قربانيون،
ته به سسين جا ڳچ هيا دار جو سينگار اڄ.
رت ڪري ريلا هليو، باهه جا درياءَ وهيا،
خوب ٿيندي گم وئي موت جي بازار اڄ.
نيزي نيزي تي کڙا سر شهيدن جا هيا،
اهلِ نيزه ها مگر دربدر ۽ خوار اڄ.
گرچ سنگينون هيون ٿي ويون چوڌر اُڀيون،
باغين جا ٿي ويا ليڪ ٻيڙا پار اڄ.
نعمتِ پاڪيزه جو حق مليو حقدار کي،
سر ڏيڻ آهي سکيو، مفلس و نادار اڄ.
سو غلامن جو غلام ڪينڪي رهندو ڪڏهن،
جنهن جي لئه آهي خسيس درهم و دينار اڄ.
سنڌ کي جنهن قتل گـﮧ هو بڻايو هت اچي،
تنهن کي هر صورت ڪبو خوار ۽ لاچار اڄ.
يا الــٰﮧ العالمين بس کپي تنهنجو ڪرم،
ڪيئن نه ٿيندو سر نِگون فتنهء تاتار اڄ.
جنهن جي ٺوڪر ۾ هيو تاجِ ڪسرى جو غرور،
سو سندم سرواڻ هو، سرور و سردار اڄ.
اهلِ عرفان ۾ فقط ناهه ’صائب‘ هڪ مگر،
سينه سينه ٿي ويو آهه پُراسرار اڄ.
محبوب سروري
غزل
اڄ لڳو منهنجي غزل شعر و سخن تي پهرو،
منهنجي تقرير ۽ تحرير، خطن تي پهرو.
زور آهي سڄڻ، منهنجي چپن جي قسمت،
ڪيترو ڏيندين ڀلا پنهنجي ڳلن تي پهرو.
اڄ گلستانَ تي ڪانگن ڪيو آهي قبضو،
ڪابه بلبل نه اچي، آهه چمن تي پهرو.
جيڪڏهن ڪنڌَ تي ڪاتي اچي ته به دانهن نه ڪر،
چو طرف آهي لڳل منهنجي چپن تي پهرو.
غير مُلڪي ٿا رهن فتني ۾ سرگرمِ عمل،
مڙس ماڻهو ٿي ڏيو پنهنجي وطن تي پهرو.
خوب اڄ پرکي ڇڏيو، دوست نما دشمن کي،
رهجو هوشيار! ڏجو پنهنجي حقن تي پهرو.
دشمني برقِ تپان سان ٿي نئين سر پنهنجي،
اي پکي! ڏي تون نشيمن جي ڪکن تي پهرو.
اڄ وڌي آهه ويو اهلِ جنون جو تعداد،
سخت تر ٿي ويو سهڻن جي دَرَن تي پهرو.
هل ته ويراني ۽ جهنگل ۾ ڏسون امن و امان،
فوج جو گشت آ شهرن ۾، گهرَرن تي پهرو!
صبح جي هير نه گلشن ۾ بغاوت آڻي،
بادِ صرصر جو لڳل آهي گلن تي پهرو.
قوم پنهنجي کي ڀلا ننڊ مان ڪيئن جاڳايان؟
منهنجي دانهن تي، پڪارن تي، سڏن تي پهرو!
ظلم کي ڪيئن ڳِٿِرِ مان جهلي برباد ڪيان،
منهنجي پيرن تي به پهرو آ، هٿن تي پهرو!
ڪوبه هرگز نه ٻُڌي، ”سروري“ باغي جو سخن،
نوجوانن جي لڳي ويو آ ڪَنن تي پهرو.
انور هالائي
غزل
رنگ لائيندو جنونِ دشت و ويران عنقريب،
وحشتن سان فيض ور ٿيندو گريبان عنقريب.
ناه ممڪن جو ٿين سڀ پورا ارمان عنقريب،
مشڪلاتن کي ڪبو همّت سان آسان عنقريب.
قتل گاهِ ناز جي ماحول مان سمجهيو اٿم،
دست خنجر جو مان ٿيندس زيرِ احسان عنقريب
منهنجي زخمن کي ڇڏي ڏي ڀل کُلي روشن ٿين،
مان ڪندس زخمن سان پنهنجو گهر چراغان عنقريب.
يار آڻيندو وفائون بااليقين ايندو صنم،
فاتحا لئه برمزارِ ما غريبان عنقريب.
ٿو نقابِ رخ هٽائي دعوتِ ديدار ڏي،
ٿيندو ڪنهن جو دين و ايمان لرزان لرزان عنقريب.
صبح تائين منهنجي نيڻن کي اهو هو انتظار،
ايندو ايندو غيرتِ چشمِ غزالان عنقريب.
هي جهانِ رنگ و بو حسنِ وجودِ ڪائنات،
عشق آڏو ويندا ٿي افتان و خيزان عنقريب.
آرزو ساحل سندي گرداب ۾ ٿيندي غرق،
سمنڊ جي ماٺار ۾ جي آيو طوفان عنقريب.
در حقيقت ظلم جي آهي حياتي مختصر،
پر اثر ”انور“ جي ٿيندي آه و افغان عنقريب.
مخدوم جميل الزمان ”جميل“
گهڻيون ئي عيدون
تنهنجي نيڻن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون،
تنهنجي ٻانهن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
تنهنجي ڌڙڪن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون،
تنهنجي جذبن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
عيد جي ڏينهن تصور ۾ ملي توسان پرين!
تنهنجي جلون ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
عيد رمضان ۽ عيد بقر جهڙيون ڪئين،
تنهنجي قدمن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
روزِ اوّل کان وٺي پائي ٻئي ٻانهون سڄڻ،
تنهنجي گردن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
هجر فرقت کان وڇوڙي کان جدائي کان لڪي،
تنهنجي زلفن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
آءٌ هر هر پي ٿڙيس تو پي سنڀاليو هر هر،
اهڙن لمحن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
جڏهن مون کي پيو ياد ته سوچيم اي ’جميل‘
پنهنجي وقتن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
هڪ ڏهاڙو مليو محبوب مٺي سان اي ’جميل‘
چئن پهرن ۾ ملهايون مون هزارين عيدون.
حبيب الله صديقي ”حبيب“
زندگيءَ جي راهه ۾
زندگيءَ جي راهه جا سڀ پيچرا چارا ڏٺم،
واٽ حق جي مٽ نه هو ڪو ڪيترا سارا ڏٺم.
آدمي هر آدميءَ جي هم پلئه ٿيندو رهيو،
مختصر مدت اندر ڪيئي اڇا ڪارا ڏٺم.
ڪي فقيريءَ ۾ ڏٺم خوش، ڪي اميريءَ ۾ خفا،
خوف ۽ لالچ وچان سلطان ويچارا ڏٺم.
پارسا پاپن ۾ پورا، خلق جا خادم چَٽِي،
ڪن اٻوجهن جي ڪلهن تي بار بيگارا ڏٺم.
علم وارن وٽ خبر جي کوٽ هردم ٿِي رهي،
خود فراموشيءَ ۾ خوش ٿيندي خدا وارا ڏٺم.
سڀ لڳا دولت پٺيان، ٿي سادگِي ديوانگِي،
دل لڳائي لوڪ سان ڪيئي ڏينهن جا تارا ڏٺم.
آهليل ديوار کي جي هٿ ڏئي هلندا رهيا،
قافله گم ٿِي ويا، نسلن ۾ لابارا ڏٺم.
آسرو الله جو ڪافي ٿيو مون لئه ”حبيب“،
عقل تي شيطان جا شب روز لامارا ڏٺم.
”آزاد“ ورياهه
گيت
تو بن ساجن پيو واجهايان،
جهڙو آهيان، تنهنجو آهيان.
تو لئه گيت غزل ۽ وايون، |
|
توکي پوڄيم توکي چاهيان، |
جهڙو آهيان تنهنجو آهيان.
ڪاريون راتيون ڪيئن ڪٽيندس، |
|
ڪيسين جيون جوت جلايان، |
جهڙو آهيان تنهنجو آهيان.
ڏنگ هڻي ٿو ڏيهه سڄو ئي، |
|
پاڇي تنهنجي پاڻ لڪايان، |
جهڙو آهيان تنهنجو آهيان.
تنهنجي ياد سهاري سانول، |
|
جڳ ۾ جي ٿو من پرڀايان، |
جهڙو آهيان تنهنجو آهيان.
آس نراس جي چوواٽي تي، |
|
ويٺو سپنو ٺاهيان ڊاهيان، |
جهڙو آهيان تنهنجو آهيان.
احمد خان مدهوش
غزل
جڳ ۾ جيئندو ٿو رهان خوش نام جو نالو وٺي،
گل عذارو گل بدن، گلفام جو نالو وٺي.
عرش جا تارا ستارا ٿا سندس در تي جُهڪن،
صبح جو نالو وٺي ۽ شام جو نالو وٺي.
هُن جي نيڻن جي ڪريو توهِينَ ويهي ڪا متان،
ميڪدي جو ۽ صراحي جام جو نالو وٺي.
ڀيٽ بيجا ٿي لڳي آ هُو نظر جي اک اڳيان،
دل نه ساڙيو نرگس و بادام جو نالو وٺي.
منهنجي دلڙيءَ جي پکي اُڏري وڃي ورتي پناهه،
زلف جو نالو وٺي ۽ دامّ جو نالو وٺي.
حسن وارن جون ادائون، نازَ ۽ عشوه گريون،
پيش پيون سڀ هُنن جي هڪڙي مامَ جو نالو وٺي.
روز اول کان وٺي ٿا هُن جي چوڌاري ڦرن،
ڏينهن راتيون گردشِ ايام جو نالو وٺي.
مهر سان ”مدهوش“ جا سڀ عيب بخشيندو جڏهن،
اُن جي در تي آءٌ ويندس سامَ جو نالو وٺي. |