فقير محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي (وفات 1192هه)، سچل جو
ڏاڏ، درازن جي شهر کان ٻاهر کٻڙن جي ويڙهه ۾
گوشائتو رياضت ۽ عبادت ۾ ويٺل هو، جو شاهه صاحب
اتان لنگهندي ساڻس مليو، ۽ سندس اشاري تي ميان
صاحبڏنو ويراڳ مان نڪتو ۽ کوهه کڻايائين ۽ مسجد
ٺهرايائين (’لطف اللطيف‘ ص 83- 84).
مخدوم محمدي (وفات 1171هه)، مخدوم عبدالرحمان شهيد جو فرزند ۽
جائنشين، جنهن جي وقت ۾ هڪ ڀيري شاهه صاحب کهڙن جي
شهر جي ٻاهران چنيهه فقير اڄڻ جي کوهه تي اچي لٿو.
جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پئي ته پنهنجو خاص ماڻهو
موڪليائين ۽ تاڪيد سان چوائي موڪليائين ته: هتي
اسان وٽ اچي رهو. (غالباً شاهه صاحب اڳ مخدوم
عبدالرحمان سان مليو هو، ۽ پوءِ جڏهن مخدوم صاحب
کي ميان نور محمد ڪلهوڙي سنه 1145هه ۾ شهيد ڪرايو
ته شاهه صاحب عذر خواهي لاءِ مخدوم محمدي وٽ آيو
هو. انهيءَ اڳئين لاڳاپي جي ڪري ئي مخدوم موصوف
حجت سان چوائي موڪليو ته: هت اسان وٽ اچي رهو. پر
شاهه صاحب جو اچي فقير وٽ لٿو هو سو رات اتي رهڻ
مناسب سمجهيائن). انهيءَ تي شاهه صاحب، ٺڪر جي ٽڪر
تي اڱار سان هيءُ بيت لکي مخدوم محمد ڏانهن ڏياري
موڪليدو ته:
اڄ نه آيس آنء، صبح ايندس سپرين
توتي جنهن جو نانء، سو کڻي بار کُهين جا[1]
وعدي موجب شاهه صاحب ٻئي صبح مخدوم صاحب وٽ ويو. ان وقتٿ شاهه
صاحب سان راڳ لاءِ پنهنجا راڳائي فقير دنبورن ساڻ
گڏ هئا. جئن ته مخدوم صاحب شريعت جو صاحب هو سو
سبب پڇيائين، جنهن تي شاهه صاحب عذر ڏيندي چيو ته:
اسان جي مجبوري آهي جو ’راڳ‘ اسان جي روحاني خوراڪ
بنجي چڪو آهي. مخدوم صاحب جن چيو ته: هت بنا سازن
جي ڀل راڳ ٿئي ۽ ڀل ٻڌو. شاهه صاحب قبول ڪيو ۽
دنبورا اندر ڪوٺي ۾ سنڀالي رکيائون. رات جو نماز
بعد جڏهن ٻاهران ويهي فقيرن وڏي سوز گداز سان راڳ
ڪيو ته اندر دنبورا وڄڻ لڳا. ان تي مخدوم صاحب چيو
ته: هيءَ هڪ نرالي حالت آهي ۽ شاهه صاحب بي ميار
آهي. ان موقعي تي شاهه صاحب هفتو کن مخدوم صاحب وٽ
ٽڪيو ۽ سندن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿيون. مخدوم محمدي پاڻ
اويسي سلسلي جو وڏو شيخ ۽ ڄائي ڄام کان الله وارو
هو. هيءَ ملاقات غالباً شاهه صاحب جي زندگي جي
آخري سالن 60- 1159هه ڌاري ٿي جڏهن مخدوم صاحب جي
عمر 16- 17 سال کن هئا.
چنهيه فقير اڄڻ، کهڙن جو، جنهن وٽ شاهه صاحب ٽڪيو، جئن مٿي بيان
ٿي چڪو آهي.
سيد محمد بقا لڪياري (شهيد 1192هه)، جناب پير صاحب محمد راشد
’روضي- ڌڻي‘ جو والد، جنهن سان شاهه صاحب جي
ملاقات ٿي ۽ هڪ ٻئي سان حجائتي گفتگو ڪيائون. شاهه
صاحب جي اها ملاقات مسافري ۾ کهڙن جي شهر کان اڳتي
ويندي ڪٿي ٿي[2]،
جنهن جو ذڪر پوءِ غالباً سيس محمد بقا پنهنجي
هونهار فرزند محمد راشد صاحب (1170- 1230هه) سان
ڪيو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف ٿيو.
پنهنجي والد کان شاهه عبداللطيف بابت جيڪي ٻڌائين
ان کان متاثر ٿي شاهه صاحب جي بيتن ڏانهن توجهه
ڪيائين. هو سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽ قادري طريقي
جو اڳوڻ هو، جنهن سڀ کان اڳ شاهه صاحب جي بيتن ۾
سمايل عارفانه فڪر کي سڃاتو ۽ انهن کي اهميت ڏيندي
پنهنجي وعظ ۽ نصيحت ۾ بيان ڪيو.
پير موسن شاهه جيلاني، ’لوءِ مبارڪ‘ (گهوٽڪي) جو عالم عارف ۽
سجاده نشين هو، جنهن سنه 1101هه ۾ شاندار جامع
مسجد جوڙائي ۽ مدرسو قائم ڪيو. شاهه صاحب جڏهن
’لوءِ‘ ۾ آيو ته انهيءَ مسجد ۾ اچي ٽڪيو جتي پير
صاحب سان سندس روح رهاڻ ٿي، جنهن ۾ شاهه صاحب
مارئي جي سُر مان پنهنجا ڪي بيت پڙهيا، جيڪي پوءِ
اتي پيرن صاحبن وٽ يادگار رهيا. روايت موجب شاهه
صاحب جيڪو پهريون بيت پڙهيو ۽ جنهن پير صاحب تي
وڏو اثر ڪيو سو هيءُ هو:
زُمر زُخرف سومرا، حمد جني جو هنڌ
اهدناالصراط المستقيم اهو پنهوارن پنڌ
باري لاهج بند، ته ملان ماروئڙن کـي[3]
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1172هه)، بلڙي جي ڀرسان بهرام پور ۾
رهندڙ هو جو شاهه صاحب جي سانس ڏيٺ ٿي. مخدوم صاحب
سان شاهه صاحب جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتن جو سلسلو
ويندي 1153- 1154هه وارن سالن تائين قائم رهيو.
انهن سالن ۾ شاهه صاحب ارادو ڪيو ته بلڙي ۾ ميين
شاهه ڪريم جي مزار تي قبو جوڙائي، مخدوم صاحب کي
جڏهن خبر پئي تڏهن شاهه صاهب کي چيائين ته قبو نه
ٺهرائي، جنهن تي شاهه صاحب عذر پيش ڪيو ته ميين
شاهه ڪريم سان سندس بي انتها محبت آهي، انهيءَ ڪري
ٿو قبو جوڙائي، پر ان سان گڏ جامع مسجد به تعمير
ٿيندي. ان بعد ملاقاتن ۾ ويجهائي ڪا نه رهي؛ پر
باوجود ان جي شاهه صاحبن کي مخدوم صاحب لاءِ آخر
تائين وڏي عزت هئي[4].
درويش ڏاتار ڏنو بن درويش اسحاق سَڪَريو (’ملاڪاتيار‘ وارن
بزرگن جو وڏو جنهن جو ذڪر قانع تحفـﺔ الڪرام ۾
آندو آهي) تنهن سان شاهه صاحب جي گهڻي ڏيٺ هئي.
جڏهن ميين شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد جي تعمير لاءِ
شاهه صاحب ڪاشيءَ جي سِرن وٺڻ لاءِ ملتان وڃڻ جو
ارادو ڪيو ته درويش ڏاتار ڏنو (جيڪو ملتان وارن
بزرگن جو خاص مريد هو) ساڻس گڏجي ملتان ويو هو (
هيءَ روايت ملاڪاتيار وارن بزرگن وٽ مسلسل طور
هلندي آئي آهي ۽ راقم سان اتي جي موجوده سجاده
نشين فقير محمد اسحاق پنهنجي زباني بيانڪئي).
مخدوم ڀاون شاهه، ملتان جي سهروردي غوثيه درگاهه جو سجاده نشين،
جنهن سان فقير ڏاتار ڏني سان گڏ شاهه صاحب مليو ۽
صحبت ڪئي. اها ملاقات 1154- 1155هه وارن سالن ۾ ٿي
هوندي.
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي، عالم ۽ صوفي، مخدوم معين جو شاگرد
۽ خواجه محمد زمان لواري واري جو استاد، فارسي جو
وڏو ڄاڻو ۽ شاعر جنهن کي مير علي شير قانع ”جامع
فنون ڪمال ظاهر يو باطني“ ڪري لکيو آهي، سو شاهه
صاحب جي زندگي جي هن دور جي شروع ۾ ئي سندس معتقد
۽ مريد ٿيو ۽ سندس اها اراتمندي آخر تائين قائم
رهي. هن پوءِ شاهه صاحب جي ارشاد تي، شاهه حبيب جي
وفات (سنه 1144هه) توڙي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه
جي تعمير (سنه 1156هه) جون ابجد جي حساب سان
فارسيءَ ۾ سهڻيون تاريخون ڪڍيون.
خواجه محمد زمان (اول) لواري وارو، جيڪو شاهه عبداللطيف جي مريد
۽ وڏي عالم ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد
هو، تنهن سنه 1150هه ۾لواري کي وسايو، جتي پوءِ
غالباً ڪڇ ڏانهن ايندي يا ويندي شاهه صاحب ساڻس
مليو ۽ ڪا گهڙي پاڻ ۾ اعليٰ معرفت واري صحبت
ڪيائون. خواجه صاحب ٺٽي مان ظاهري توڙي باطني علم
سان بهرور ٿي آيو هو، سو شاهه صاحب کانئس پڇيو ته:
”“فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟“. جواب ڏيڻ بدران
خواجه صاحب پاڻ سامهون سوال پڇيو ته: ”فنا کان اڳ
ڀلا ڇا آهي؟“ خواجه صاحب ان ملاقات وقت نسبتاً
جوان هو ۽ چاهيائين ٿي ته شاهه صاحب سندس مريد
ٿئي، پر شاهه صاحب وڌيڪ ڪو نه ترسيو ۽ اتان ٻيءَ
منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. خواجه محمد زمان جي نظر
۾ ’شاهه صاحب هڪ اهل دل عارف هو جنهن جو قلب ذڪر
الـٰهي ۾ مشغول هو‘. (ڪتاب ”مرغوب الاحباب“، تصنيف
نظر علي ٽالپور، لطف اللطيف، ص ص 75- 76، تذڪره
مشاهير سنڌ، جلد3، ص ص 111- 113).
مير (سيد) محمد عطا امير خاني ٺٽوي (وفات 3- شعبان 1178هه)،
جڏهن کان شاهه صاحب جي صحبت ۾ آيو ته پنهنجون تلخ
طبع واريون عادتون ۽مذهبي نفرتون ترڪ ڪيائين، ۽
باوجود هڪ شيعه گهراڻي جي فرد هجڻ جي هو خليق ۽
صاف دل صوفي ٿي پيو. شاهه صاحب به پوءِ کيس گهڻو
ڀانئڻ لڳو ۽ ٺٽي ۾ بعضي وٽس وڃي ٽڪندو هو. سنه
1152هه ۾ شاهه صاحب وٽس اوطاقي هو جو اتي حبيب
شاهه ڪلهوڙي نالي هڪ مجذوب درويش کي ستل ڏٺائين
جنهن ٻه ڏينهن ٻه راتيون پاسو ڪو نه ورايو هو.
تڏهن سندس ڀرسان ويهي شاهه صاحب چيو ته: ’اي مست‘
تو کي جيڪي ننڊڙ ۾ حاصل آهي سو اسان جاڳندي پي
اڳوليون، اهڙي ننڊر تون ڪنهن کان سکئين![5].
مخدوم محمد معين ٺٽوي پنهنجي وقت جي چوٽيءَ جي عالمن مان هو
جنهن سان شاهه صاحب جون زندگي هن دور جي شروع کان
وٺي محبت ڀريون ملاقاتون ٿيون ۽ ويندي آخر تائين
قائم رهيون، مخدوم محمد معين پنهنجي وقت جو وڏو
محقق ۽ فلسفي، ابن عربي جي صوفيانه فڪر جو
علمبردار سالڪ ۽ صوفي، ۽ ’وحدت الوجود‘ جي نظريي
جو زوردار حامي هو. هو ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم
عنايت الله ۽ دهلي جي وڏي عالم شاهه ولي الله جو
ذهين شاگرد هو. تصوف ۾ نقشبندي طريقي جي شيخ ۽
مرشد ميان ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي جو مريد هو.
شاهه عبداللطيف جو وڏو يار هو: بعضي پاڻ ڀٽ تي
شاهه صاحب وٽ ايندو هو ۽ بعضي شاهه صاحب ٺٽي ۾ وٽس
روح رهاڻ لاءِ ويندو هو. مخدوم محمد معين جي ديني
۽ فقهي ڄاڻ تي شاهه صاحب جو وڏو ڀروسو هو جو آڳاٽو
ڏانهن ’اويسي طريقي‘ جي حقيقت سمجهائڻ بابت خط
لکيو هئائين. مخدوم محمد معين کي شاهه صاحب لاءِ
وڏي عزت بلڪه دلي محبت هئي ۽ سندس هر ارشاد جو خاص
لحاظ رکندو هو[6].
مخدوم معين سماع جو شائق ۽ ’شاه جي راڳ‘ تي عاشق هو، ايتريقدر
جو آخر حياتي ۾ به ’شاهه جو راڳ‘ ٻڌندي مٿس حال
پئجي ويو، جنهن ۾ دم ڏنائين. مير علي شير قانع
’تحفـﺔ الڪرام‘ ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘ ۾ اهو
واقعو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
”ڀٽ تي شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو ته: اچو ته
پنهنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ هلون. ائين چئي ٺٽي
۾ (مخدوم محمد معين وٽ آيو ۽ اتي) راڳ جي صحبت
(محفل) ڪيائين جنهن ۾ مخدوم (محمد معين) پڻ شامل
ٿيو. محفل ۾ عين گرمي ۽ ذوق واري وقت هو اٿي اندر
ويو ۽ ٿوري دير ۾ دم ڏنائين. سيد موصوف (شاهه
عبداللطيف) جنازي ۾ شموليت بعد ڀٽ ڏانهن موٽندي
چيو ته: ”ٺٽي ۾ اچڻ سندن ڪري ئي ٿيندو هو- هاڻي
کانئس پوءِ ختم“ (تحفـﺔ الڪرام، جلد 3، مطبوع
دهلي، ص ص 229- 230).
وڏي ارادي ۽ اخلاق وارو ٿيو. شاهه موصوف کي به ٺٽي ۾ سندس صحبت
نهايت وڻي وئي ۽ سندس ملڻ خاطر هو ٺٽي ۾ گهڻو اچڻ
وڃڻ لڳو. مخدوم جي (حياتي جي) آخري ڏينهن ۾ شاهه
موصوف آيو ۽ اچي راڳ جي صحبت (محفل) ڪرايائين.
مخدوم کي ان راڳ ٻڌڻ سان حال پئجي ويو، ايتريقدر
جو جان ڏيڻ کانسواءِ چارو ڪو نه رهيو... (جڏهن)
سندس جنازو مڪلي ڏانهن پئي نيائون ته سيد (شاهه
عبداللطيف) پڻ پويان ڪانڌي ٿي پئي هليو.... شاهه
عبداللطيف جنازي سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي، پنهنجي
ڪرامت ڀري زبان سان چيو ته: ”ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي
الوداع خاطر هي اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو....“
(معيار سالڪان طريقت، قلمي).
مخدوم محمد معين غالباً آخري عالم هو، جنهن سان زندگي جي هن دور
۾ شاهه صاحب جي هي آخري ملاقات ٿي.
ڀٽ تي هڪ جاءِ مقيم ٿيڻ وارو آخري دور (1161-
1165هه)
مخدوم محمد معين جي وفاتر سنه 1161هه ۾ ٿي، جنهن جي تصديق قانع
جي ڏنل تاريخي ماده ”قطه در بحر واصل شد“ مان ٿئي
ٿ. وفات بابت مٿئين بيان مان ظاهر آهي ته شاهه
صاحب کي وڏو غم ٿو جو چيائين ته سندس ٺٽي ۾ اچڻ جو
هيء آخري ڀيرو ٿيندو ۽ دوست جي جدائي بعد هاڻي هو
وري ٺٽي ڪو نه ايندو. هن وقت شاه صاحب جي عمر 59
سال هئي، ۽ هو جيئن ’ڀٽ‘ تي موٽيو ته غالباً وري
ڪنهن ٻئي سفر تي ٻاهر ڪو نه ويو، زندگي جو باقي
عرصو ڀٽ تي ئي ياد الاهي ۾ فقيرن سان گڏجي گذارڻ
جو پهه ڪيائين. ان جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو
هاڻي ڀٽ تي اڳين مسجد واري جاءِ تي هڪ وڏي ٽن
گنبذن واري جامع مسجد ٺهرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا
بکر جي ويٺل عيدن رازي شاه صاحب جي موجودگي ۾ سندس
نظرداري هيٺ سنه 1162هه ۾ جوڙي راس ڪئي[7].
(اها ساڳي ٽن گنبنذن واري مسجد، جيڪا اڃا تائين
موجود آهي). هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم شاه صاحب
جي ارشاد موجود مسجد جي تعمير جي تاريخ هيٺين
منظوم مصرع مان ڪڍي[8]:
”نادري مسجد درين دوران چـﮧ زيبا دل ربا“
شاهه صاحب هاڻي ڀٽ تي ئي گوڏو ڀڃي ويٺو ۽ اتي همـﮧ تن عبادت ۽
رياضت ۾ مشغول ٿيو. مير سانگي جو هيٺيون بيان شاهه
صاحب جي زندگيءَ جي انهي آخري دور جي ئي عڪاسي ڪري
ٿو:
ڀٽ واري جامع مسجد ۾ هميشـﮧ (=
روزانو لازمي طور) پنجئي وقت نماز جا جماعت سان
ادا ڪندا هئا. نماز ۾ پاڻ آڏو امام نه ٿيندا هئا.
حضرت شاهه عبدالڪريم جي طريقي موجب، ٽي تسبيحون
ذڪر جون صبح جي نماز ۽ ٻين نمازن وقت مقرر ٿيل
هيون، جيڪي پڙهيون وينديون هيون: پهرين تسبيح
”الله هو“، ٻي تسبيح ”الله الله“، ۽ ٽئين تسبيح
”هُو هُو“. پاڻ اڪثر روزي ۾ هوندا هئا ۽ فرمائيندا
هئا ته: (حقيقي) ’روزه دار‘ اهو آهي جيڪو عيد جو
محتاج ناهي، ۽ (حقيقي) ’عابد‘ اهو آهي جنهن ۾
’نانيت‘ (’آءٌ‘) ناهي: مسجد به ماڻهن لاءِ انهيءَ
ڪري سجده گاه بني آهي جو (منجهس خود نمائي ڪانهي
۽) پاڻ پٺيري ٿي ٻين جو منهجن ڪعبي ڏانهن ڪيو اٿس“[9].هاڻي
شاهه صاحب جڏهن ڀٽ ماڳائتو مقيم ٿيو ته راڳ پڻ هر
جمعي رات باقاعدگي سان ٿيڻ لڳو، جنهنڪري ڀٽ سندس
مريدن ۽ معتقدن توڙي ٻين عام مرادوندن جو مرڪز
بني. راڳ ٿورو گهڻو اڳ به فقير ڪندا هئا پر 1144هه
۾ شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ فقيرن راڳ تي گهڻو
ڌيان ڏنو هو. ان کانپوءِ واري سورهن سالن جي عرصي
۾ راڳائي فقير وڏي سمجهه ۽ سوز سان شاهه صاحب جا
بيت ۽ وايون ڳائڻ لڳا. اهڙي توجهه سان ’شاهه جو
راڳ‘ ڄڻ ڄڻ هڪ اعليٰ ادارو بڻجي ويو ۽ راڳائي فقير
به راڳ ۾ وڏي ڄاڻ واراٿي ويا. تمر فقير راڳ جو
اڳواڻ هو، ۽ سيد تقي فقير، هاشم علي فقير ريحاڻ
پوٽو ۽ ٻيا سندس اڳواڻي هيٺ راڳ ڪندا هئا. سڀني
راڳاين فقيرن وٽ هاڻي دنبورا پڻ هئا، ۽ جئن ته هر
جمعي رات ’شاهه جو راڳ‘ خود شاهه صاحب جي حاضري ۾
ٿيڻ لڳو، تنهنڪري فقيرن جي ’راڳ واري سڏ‘ ۾ وڏو
درد ۽ اثر پيدا ٿيو، جنهن جو غوغاء پري پري تائين
وڃي پهتو:
”لات جا لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي“
هڪ طرف شاهه جي بيتن ۽ واين جي لفظن ۽ معنيٰ ۾ سمايل درد ۽ اثر،
ته ٻئي طرف خود راڳائي فقيرن جو راڳ ۽ ساوز وارو
’سڏ‘- انهن ٻنهي جاذب جُزن جي ميلاپ سان ’شاهه جي
راڳ‘ ۾ وڏي ڪشش پيدا ٿي جنهن هر جمعي رات ’ڀِٽ‘
تي محبتين جا ميڙا لڳائي ڇڏيا.
شاهه صاحب جو عشق ۽ عرفان، ڪل ڪائنات جي خالص جي وحدانيت تائين
پهچي چڪو هو، ۽ هاڻي خالق حقيقي سان وصال کانسواءِ
هن عارضي زندگي واري وجود کي بي سود ڪري ٿي
ڄاتائين. انهيءَ حق ۽ حقيقت جي آگاهي جو اظهار ان
وقت سر ’سهڻي‘ جي ’وائي‘ ۾ ڪيائين جو چيائين ته:
”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“
اڳ هلندڙ مسلسل روايت توڙي موجوده دور يج اعليٰ عالمانه راء
مطابق.انهيءَ وائي جي لحاظ سان سر سهڻي آخري ڪلام
هو جيڪو شاهه صاحب چيو[10].
شاه صاحب لاءِ راڳ روحاني خوراڪ هو ۽ بالاخر راڳ جي رس ۾ ئي
هيءُ جهان ڇڏيائين. پڇاڙي واري وقت سندس ارشاد
موجب ٽي ڏينهن راڳ ٿيندو هيو ۽ شاهه صاحب پاڻ
استغراق واري حالت ۾ مراقبي ۾ ويٺو رهيو. جڏهن راڳ
۾ ذرا وقفو ڪيائون ته ڏڍائون ته ان مراقبي واري
حالت ۾ ئي شاهه صاحب جو روح پرواز ڪري چڪو هو[11].
شاهه صاحب جي اُستاد (ميين نور محمد ڀٽي مرحوم) جي
فرزند ميين ولي محمد غسل ڏياريو[12]
۽ شاهه صاحب جي پنهنجي ارشاد موجب کيس ان جاءِ تي
دفن ڪيائون جتي هن وقت سندس مزار آهي. هجري سال
1165 جي صفر مهيني چوڏهين تاريخ هئي جو شاهه صاحب
وفات ڪئي: اها سندس پيارن فقيرن لاءِ هڪ وڏو صدمو
هئي، جنهن کي ڪي فقير برداشت ڪري نه سگهيا ۽
انهيءَ غم ۾ گذاري ويا. ان وقت جي ٻن عالمن بزرگن،
قاضي ابراهيم هالائي ۽ محمد پناهه ’رجا‘ نقشبندي
ٺٽوي، جيڪي ٻئي شاهه صاحب جا معتقد هئا، تن سندس
وفات تي هيٺيان ’تاريخي قطعا‘ چيا جيڪي ان غمناڪ ۽
جانگداز واقعي جا يادگار آهن:
- قاضي ابراهيم هالائي هيٺئين قطعي ۾ ”رضوان حق“ جي لفظن مان
وفات جو سال ڪڍيو:
شاهه صاحب ذوالمناقب سيدِ عبداللطيف
آن که قطب وقت خود بودست در مردان حق
چون زجامِ اِرجعي مخمور نوش وصل شد
گفت مَلهم غيب رب رحلتش ”رضوان حق“
1165
- محمد پناه ’رجا‘ سندس هيٺين ٻين شعرن جي پوين سٽن مان رحلت
جو سال ڪڍيو:
زد نعره در فراق دگر کرد سينـﮧ چاک
”شد محو در مراقبـﮧ جسمِ لطيف پاک.“
=
1165
گفت اينن ”رجا“ مريد سنِ ارتحال پير
”گرديد محو عشق وجودِ لطيفِ مير“.
=
1165
مٿيون بيان شاهه صاحب جي زميني زندگي جو هڪ مختصر خاڪو آهي،
جيڪو ڪڳن معتبر تحريري حوالن ۽ ڀروسي جهڙين روايتن
۽ تصديقي ٽاڻن مان اجاگر ٿئي ٿو[13].
مگر انهن جملي اهڃاڻن کان وڌيڪ چٽا پڌرا ڪي ٻيا
آثار آهن جيڪي شاهه صاحب جي سوانح حيات کي روشن ڪن
ٿا. اهڙن آثارن مان ’ڀٽ‘ تي سندس مزار سنس خاڪي
جسم جي امانت گاهه آحي، بلڙيءَ ۾ ميين شاهه ڪريم
جو قبو ۽ مسجد، ۽ ڀٽ تي شاهه حبيب جو قبو ۽ جامع
مسجد سندس جوڙايل عمارتن جا يادگار آهن، ’لال
لئو‘، ’ڪنڊو‘ ۽ڪي ٻيا ماڳ مڪان پڻ سندس زندگيءَ جي
ماضي وارن مرحلن جا نشان آهن. پر حقيقت ۾ ’شاه جو
رسالو‘ ۽ ’شاه جو راڳ‘ ئي حضرت شاهه صاحب جي سوانح
جا جئرا جاڳندا باب آهن. رسالي ۾ محفوظ سندس
پنهنجو ڪلام، حضرت شاهه صاحب جي اعليٰ شاعري ۽
عارفانه بصيرت تي شاهد آهي. ساڳئي وقت اهو سنڌي
ٻوليءَ جو دائمي دستاويز آهي. اهو ڄڻ الهامي ڪلام
آهي، جيڪو شاهه صاحب جي عالمگير فڪر جو مظهر آهي،
اسلامي تعليم ۽ تلقين جو روح آهي، زندگي جي مختلف
مرحلن ۽ موڙن تي انسان جي فطري جذبن ۽ احساسن جو
عڪس آهي، ۽ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو آئينو
آهي. ٻئي طرف ’شاهه جو راڳ‘ سنڌي موسيقي جو هڪ
اهم تاريخي ادارو آهي، جنهن جو شاهه صاحب پاڻ
بنياد وڌو ۽ ان جي تڪميل ڪئي- اهو انهيءَ لاءِ ته
درديلي ۽ مٺي آواز ۾ ڳايل سندس بيتن ۽ واين ۾
سمايل حق ۽ حقيقت، فڪر ۽ هدايت جو دلين تي خاص اثر
ٿئي: اهڙو اثر جيڪو سالم دلين کي وڌيڪ سنواري،
ڪَٽيل دلين کي اُجاري، بلڪه مُين دلين کي جياري.
|