سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :19

”هن تارن سان جَڙيل وسيع گنبذ هيٺان،

” جتي چانديءَ جهڙن ڍنڍ ۽ زمرد جهڙن سمنڊن جا فرش پٿريل آهن،

”ڇا- ڪڏهن به ڪا روح رچندي جاءِ آرام جي نصيب نه ٿيندي؟

”ڇا- خواهشمند دل کي ڪڏهن به سڪون حاصل ٿي نه سگهندو؟

 

 

 

ڪهاڻيون

ٻري جن ٻاري....

حفيظ شيخ سنڌي زبان جو هڪ بيباڪ، باهمت ۽ انسان دوست اديب هو، جيڪو جيسين زنده رهيو، پنهنجي قلم کي هڪ ماهر سرجن وانگر، معاشري جي اوڻاين خلاف بيحد مهارت سان استعمال ڪندو رهيو.

۽ سندس ئي چواڻي:

”منهنجون آکاڻيون بند ڪمن ۾ شراب جا پيگ چاڙهي ڪين لکيون وينديون آهن. اُهي آکاڻيون زندگيءَ جو صحيح عڪس هونديون آهن ۽ اُهي عڪس آءٌ جيئري جاڳندي جندڙيءَ جي رنگن مان چورائيندو آهيان.“

زندگيءَ جا صحيح ۽ سچا عڪس چِٽيندڙ هِنَ اُجري مَنَ واري افسانا نويس جتي سنڌي ادب کي ”مبارڪون“، ”فقير رمندا رهن“، ”امان مان اسڪول نه ويندس“، ”ٻه ڳوڙها“، ”اديب“ ۽ ”ساگر جي لهرن تي“ جهڙا يادگار افسانا ڏنا، اُتي سنڌي ڪهاڻي کي سچائي ۽ حقيقتن جي واٽ تي هلڻ به سيکاريو. ”زرينا“ سندس اڻ ڇپيل افسانو آهي، جيڪو اسان مهراڻ جي پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي بجا طور تي فخر محسوس ڪريون ٿا. ۽ پڻ ٿورا مڃون ٿا محترم بيدل مسرور جا، جنهن مهراڻ لاءِ هي افسانو ”زرينا“ اڪير مان اماڻيو.

 

زريـــنـــه!

حفيظ شيخ

سڃاڻندو ته آءٌ کيس گهڻي وقت کان وٺي هيس، پر جوانيءَ جي آمد سان اسان جي محبت جي ابتدا ٿي. آءٌ  سندس گهر ڪم ڪار سانگي پيو ايندو ويندو هيس ۽ اهڙي ئي هڪ موقعي تي مون کانئس پاڻي گهريو. هوءَ پاڻي کڻي آئي ۽ پوءِ ٿوريءَ دير کان پوءِ چانهه جو هڪ ڪوپ به. آءٌ چانهه پيئڻ لاءِ منجي سوري ويهي رهيس ۽ هوءَ هيٺ صندليءَ تي ويهي نيرن ڪرڻ لڳي. سندس پيءُ خواهه ڀاءٌ نيرن ڪري وڃي چڪا هئا ۽ باقي رڳو سندس حصو رهيل هو.

هن ڪڏهن ڪڏهن اکيون کڻي مون ڏانهن نهاري ٿي ورتو ۽ وري نيرن کائڻ ۾ لڳي ٿي ويئي. آءٌ آهستي آهستي چانهه جا ڍڪ ڀري رهيو هيس. هن نيرن کائي پوري ڪئي. دسترخوان سهيڙي پري ڪيائين. دلي مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري گرڙي ڪيائين ۽ باقي بچيل پاڻيءَ کي ڳيت ڏيئي پي ويئي. پاڻي پي هوءَ ٿانون ٿپن کي درست ڪرڻ ۾ جنبجي ويئي ته مون کي احساس ٿيو ته هن جيڪا چانهه مون کي پيئڻ لاءِ ڏني هئي، سا سندس حصي جي هئي.

مون کي ڪجهه تعجب ٿيو، مگر آءٌ خاموش رهيس ۽ ڏانهنس نهاريندو رهيس. ”حسين هئي“ سو چوڻ سندس حسن کي بيان نٿو ڪري سگهي. ”نهايت حسين هئي.، پوري وضاحت نه ڪندو ۽ اهڙيءَ طرح سندس شڪل و شبيهه بيان ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي ۽وري هن پنهنجي حصي جي چانهه مون کي ڏئي ڇڏي هئي. هن ائين ڇو ڪيو؟ اهو ئي سوال منهنجي دل ۾ هلچل مچايو ويٺو هو، پر آءٌ ڪو جواب سوچي ڪين سگهيس. آءٌ اتي ڪيتري دير ائين خاموش ويٺو هئس ۽ پوءِ اٿي آيس. انهيءَ ڏينهن آءٌ سندس گهر ٽي چار دفعا ويس يا شايد انهيءَ کان به وڌيڪ، مگر جيترا دفعا به ويس، منهنجي آرزو تهائين وڌندي ويئي. دل پئي چوي ته ڪنهن پر اسين ٻئي گڏئي گڏ هجون ۽ ٻيءَ سڄي دنيا اسان کي ڏسي نه سگهي. ان ڏينهن پڄاڻان اسان جون ملاقاتون شروع ٿيون، سندس گهر وڃڻ لاءِ مون تي ڪا بندش ڪا نه هئي. سندس پيءُ خواه چاچو خواه ڀاءُ منهنجي طرفان مطمئن هئا. آءٌ سندن روبرو به ويندو هئس ۽ غير حاضريءَ ۾ به، البته غير حاضريءَ ۾ ڪيترو وقت ويٺو هوندو هئس ۽ سندن موجودگيءَ ۾ جلد موڪلائي اٿندو هئس.

چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪائي نه لڪن، سو اسان بابت به چؤ پچار شروع ٿي. پاڙي وارن پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ نيٺ+ سندس پيءُ کي به انهيءَ جو علم ٿي ويو ۽نتيجي ۾ اسان ٻنهي جي ملاقاتن تي پابنديون وڌيون.  مون کي سندن گهر وڃڻ کان منع ڪيو ويو ۽ هن کي مون سان ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويو ۽ هن کي مون سان ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويو. مگر معاملو انهيءَ وچ ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. اسان جي انسيت محبت ۾ تبديل ٿي ويئي هئي. هڪ ٻئي سان نباهڻ جا قسم کڄي چڪا هئا ۽ هاڻي انهن ملاقتن جو يڪ قلمبند ٿيڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي. اسان ٻنهي جا گهر، گهر ۾ گڏيا پيا هئا، تنهنڪري هن جي خواه منهنجي والدين جي مداخلت مان ڪو کڙتيل ڪين نڪري سگهيو. اسين ملندا رهياسين، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ کان ترسندا رهندا هئاسين، مگر موقعي ملڻ شرط ملاقات ٿيندي هئي ۽ سڀ شڪايتون دور ٿي وينديون هيون. اهڙين ئي ملاقاتن مان هڪڙي لاءِ مان هڪ اونداهيءَ رات ۾ مٿي کڏ تي چڙهيس. رات ڪاري ٻاٽ لڳي پيئي هئي، هٿ کي هٿ ڪين پئي سجهيو. ڏاڪڻ چرهندي هنياءُ پئي لڏيو. دل جهلي پير پير  ۾ پائي مٿي چڙهڻ شروع ڪيم. اڄ پهريون موقعو هو جو هن بيگاهه وقت آءٌ هنسان ملڻ وڃي رهيو هيس. اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندو، آءٌ ڏاڪڻ چڙهي کڏ تي پهتس. کڏ تي پهچندي پگهر وٺي ويا هئم. مٿي پهتس ته سياٽو وٺي ويم، نومبر جا ڏينهن هئا، ٿڌي هوا سوساٽ ڪيو پئي گهلي. کٿو کنيو آيو هئس، سو گهو ڪري پاڻ ويڙهيم. ”ڀر واري کڏ تي هوءَ منهنجي انتظار ۾ هوندي“ آءٌ سوچڻ لڳس.... منهنجي دل تمام تڪڙو ڌڙڪي رهي هئي. الائي ڇو! آهستي آهستي قدم وڌائيندي ڀت وٽ پهتس. هن جي کڏ تي نظر ڪيم، هوءَ ڪا نه هئي. منهنجي دل کي ڌڌڪو آيو، پر آس ڪين لاٿم. پنهنجي کڏ تي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيس. دل ۾ هزارن قسمن جا خيال پئي وسوسا بنجي اٿيا..... ۽ پوءِ هوءَ آئي.... هن ڀت تان ليئو پاتو.... مون کي ڏٺائين.... سڏ ڪيائين.... ”عزيز“... اءٌ خاموش بيٺو رهيس.... خيالات جي عجيبطوفان ۾ گهريل.... ڄڻ اسين ٻئي هڪ ٻئي کان ڪي ڪوهه پري بيٺا هئاسين... هن جو ڊپ ڀريو هلڪو آواز منهنجي ڪن ۾ هڪ سريلي آواز مثل وڄي رهيو هو ۽ آءٌ انهيءَ ۾ ئي مست ٿي رهجي ويو هئس. ڪيتري دير ائين بيٺو هئس، سو خوف منجهان هن وري پڪاريو.... ”عزيز“... مون ڪنڌ ورائي ڏانهنس ڏٺو ۽ چيو ”زرينه“... مون وراڻي ڏني ۽ پوءِ هوءَ ڀت ٽپي اچي منهنجي پاسي ۾ بيٺي ۽.....

ملاقاتن جو اهو سلسلو زنجير جيلاانتها ڪڙين مثل هڪ ٻئي سان جڙيل هو. اسين ملندا رهياسين ۽ محبت اسان کي اسير ڪندي رهي.

۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو هن جي در تي دهل وڄڻ لڳو. قيدي پکيئڙي مثل هن گهڻي ئي پير هنيا. مون به سندس ڪوشش ۾ ساٿ ڏنو، مگر ظالم سماج اسان جي محبت کي برداشت نه ڪري سگهيو. هن کي هڪ ٻئي شخص سان وابسته ڪيو ويو. آءٌ دل تي پٿر رکي ويهي رهيس ۽ وري پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مشغول ٿي ويس.

هن جي محبت صدقي پڙهائيءَ جو هڪ سال خراب ڪري چڪو هئس. هوءَ پنهنجي مڙس جي گهر وڃڻ بعد به مون کي ياد ڪندي رهندي هئي ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي گونگيون هنجون هاريندي هئي. مون کي سندس احوال ملندا هئا. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ مون کي ڪو به نياپووغيره ڪين موڪليندي هئي.

اڄ ٽن سالن بعد زرينه وري منهنجي پاڙي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي آهي. سندس مڙس کيس چوسيل هڏيءَ مثل پري اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ آءٌ.... آءٌ سوچيان ٿو ته ڇا ڪيان....! سوچيان ٿو ته سماج آئينده ڪهڙو قدم کڻندو!.... سوچيان ٿو ته زرينه جي حالت ڇا ٿيندي.... ۽ سوچيان ٿو ته مون کي زرينه سان محبت آهي؟

 

چوري ساڻ چسن

حميد سنڌي

سلطان اوطاق ۾ گهڙيو ته مان ٽپو ڏئي اٿي بيٺس. ساڻس اسان جا ٻيا ٽي هاري به همراهي هئا. سلطان لک اسان جو هاري صحيح، پر ابي ڏاڏي جي ڏينهن جو ساٿي هو. مون سڪ مان وٺي ڪوچ تي ڀرسان ويهاريو مانس. سال ٻنکان پوءِ ڏٺو مانس، همراهه بنهه جهونو پئي لڳو. نه اها مينديءَ رتي سوناهري، نه اڇو کير جهڙو پڻئي جو پٽڪو، نه اکين ۾سرميجي سونهن، نه وري مساڳ سان مليل جرڪندڙ ڏند، ڪپڙن ڏي ڏٺومانس ته اڄ گوڏ ٻڌل هئس. رئيس جي اوطاق تي سلطان ڀلو وڳو اوڍي ايندو هو. سنس منهنتي اڄگهنج به وڌي ويا هئا، بنهه ڏهاڳيل پئي لڳو.

”سلطان،خير ته آهي، اُجڙيو پيو آهين؟“

سلطان ماٺ ويٺو رهيو. سلطان اسان جو جهونڙو هاري هوندو هو، منهنجي ننڍي هوندي کان ساڻس دل هئي. جڏهن به ملندو هو ته مان وچڙي ويندو هيومانس. مان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽پاڻ گفتن جو بادشاهه. بس ساڻس ڪچهري ڪري اٿندو هوس ته سمجهندو هوس ڪنهن مَٽ مَڌجا پياري ڇڏيا آهن. سندس ڪچهري بس جي نه هئي. هو ڳالهائيندو هو ته محفل مسف مگن هوندي هئي. اڄ محفل جو مور ماٺ ۾ هو. مون سلطان جو لڙيل ڪنڌ مٿي کنيو، اکين ۾ ميگهه ملهار هو، بس وسڻ تي هو. مون ڇڪي کيس ڇاتيءَ لاتو، بنهه وسي پيو. اوڇنگارون ڏئي رنو، ڳوڙها بس ئي نه ڪن. مون ساڻس گڏ آيل پنهنجي هاري صوف کان اشارن ۾ پڇيو. جيسين هو ٻڌائي. سلطان ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏي سڌو نهاريو.

”سائين صوف ڇا ٻڌائيندو، مان ٿو ٻڌايانءِ. شاهن مري ويو، سائين شاهن مري ويو.، شاهن سلطان جو وڏو پٽ، اسان جو هاري هو. سلطان جيئن جهونو ٿيو ته سندس هارپ، هن جي ٻن پٽن شاهن ۽ گلڻ سنڀالي هئي. گلڻ ماٺو پر شاهن شهزور هو. طاقت وارو، سهڻو جوان.ڀلو هاري، پر ڍڳن جي چوريءَ جو ماهجر. شاهنڪٿي ڀلا ڍڳا ڏٺا نه آهن، ننڊ ڦٽي پوندس. بنهه پويون ڏينهن ٿي لڳندن، جيسين ڍڳا ڪڍي واٽ نه وڃائين ته شاهن ڪونه سڏائي. جهلبو به ڏکيو هو، پوليس جي پڪڙ ۾ گهٽ اچي، تنهنڪري ويري به ويري هيس.

”سلطان، مان توکي چوندو هيس ته شاهن کي جهل. ڪڏهن پاڻ اهڙو جهلبئي جو ڳوليونه ملندءِ.“

”نه سائين، هيءُ چور چوريءَ وگهي نه مئو آهي. اڪسيڊنٽ ٿيس. توکي ته خبر آهي، هاڻ ڀرپاسي ۾ کنڊ وارو ڪارخانو لڳو آهي. ڀلا پڪو روڊ، ٽرڪ وارا نشو پي هلائين ٽرڪ، بس همراهه جون پاسيرون ڪڍي وڌائون.“

سلطان ڳالهه ٻڌائيندي سهڪي پيو. هن بس ڪئي ته صوف شروع ٿيو.

”سائين، ويو هو بهاري وارن ڏي. ٻن ڏينهن کان اتي ٽڪيل هو. بهاري وارن جو ڳوٺ تي خبر اٿئي، شهر جي ڇيڙي تي پڪي روڊ سان آهي. بهارو ۽ هيءُ هوٽلن جا شوقين، بس شهر پيا اچن وڃن، بهارو ته روڊ ٽپي ڳوٺ واري پاسي آيو، پر شاهن ٽپي نه سگهيو. پريان ٽرڪ پئي آيو، جوان کي کنيو ويو. بنهه ٽُڪر ٿي ويو.“

مان ماٺ ۾ واقعو پئي ٻڌو. اعتبار ئي نه پئي آيم. ڇهه فوٽو، ڀريل بت، ڪاٽڪو ڦڙتيلو جوان. جنهن جي ٻرانگهه ڪوهه لتاڙي، سو روڊ ٽپندي ٽرڪ لتاڙيو. بنهه ويساهه نه پئي آيم. سلطان جو ماٺ ۾ هو، پرکي ويو.

”ابا سائين، ويسهه ته مان کي به نه هو. پر سال ٿيو، جو قرآن ڏنو مانس ته چوري کان پاسو ڪر. ڪاٽڪي ڇڏ. قسم ته ابا کنيائين، پر ڇوڪر وسامي ويو. آهستي آهستي ڪم کان جواب. بس هاري جي سنگت ۾ پيو رلندو هو. گهڻو رهندو به بهاري وارن جي ڳوٺ هو. يار اٿس ڀلوڙ، پاڻ سان ڪم تي به لڳائي ڇڏيو هئائينس. اسان ته پاڻ پلي ڇڏيو هو. ڪنهن ويلي پور پيس ته ڳوٺ ايندوهو. زال کي پڇي ڪو نه. باقي ٻچڙن سان دل هيس. بس انهن کي ڏسي ٽول وٺي ڏئي، ۽ پوءِ اهو ٿو وڃئي. گهڻو چئون: ابا! ابا! گهڙي ته ويهه. چڱائيءَ لاءِ قرآن ڏنم. بس همراهه چوريءَ کان ويو، ڄڻ گهر کان ويو.“

سلطان پئي ڳالهايو. مان اوطاق ۾ هوندي به اوطاق ۾ نه هيس.اڄڪلهه نوڪريءَ سنگي ٻاهر رهڻي پئي پيو، پر جڏهن ٻنهي ٻاري جي سنڀال ڪندو هيس ته شاهن مون وٽ گهڻو ايندو هو. سهڻو جوان هو، سندس نراڙ تي ڏينڀوڙي جو نشان ڏاڍو ٺهندو هيس. پيءُ وانگر ماڳ هڻندو هو. ڏند پيا جرڪندا هيس. مان جڏهن پڇندو هيومانس: ”شاهن، ڏي خبهر انهيءَ ڏينڀوڙيءَ جي؛ ڪنهن ڏينڀوڙيءَ ته نه ڏنگيو اٿئي.“ هيڏو پهلوان مڙس، بنهه ڇوڪرين وانگر شرمائجي ويندو هو.

هن راڄ جو زميندار هوندي به منهنجي راڄ سان دوستي هوندي هئي. هاڻ وڃن گهٽ ٿئي، ادو ننڍو پيو منهن ڏئين. پر جڏهن به ويندو آهيان ته راڄ اچيو مڙي. بس اها ڪچهري لڳندي آهي، جو اسين مست ٿي اٿندا آهيون. سلطانسان گهني لڳندي هئي، پر سندس پٽ شاهن مون کي وڻندو هو. سندس شخصيت ۾ هڪ سحر هوندو هو. پَٽ تي هجي يا کٽ تي، سڀني هارين ۾ پيو بکندو هو. سندس شخصت مون کي ڏاڍو متاثرڪندي هئي.مان سلطان کي چوندو هيس:

”سلطان، هن ڪاتڪو کي سمجهاءِ، عمر نه وڃائي. مون سان هلي ته شهر ۾ ڪنهن ڪم ڪار سان لايانس. سندس حياتي ٺهي پوندي.“

”تون مالڪ آن، هلئي ته ڀلي وٺي وڃينس.“

”ڀلا شاهن کي ڍڳن جي چوري جي هَوس. ڇهين مهيني ڪري يا ٻارهين، پر ڪري ضرور ۽ جهڙي تهڙي ڍڳي ۾ به هٿ نه وجهي. بس ڳولي کڻندو. مان ڪڏهن پڇندو هو مانس ته کلي پوندو هو:

”ڀوتار، توهان سان ڪهڙو لڪ لڪاءُ. ڍڳو يا ڍڳي مون کي نه ماري، سندس اک بس ماريو وجهي. اک ۾ ڏسندو مانس، جي مڻيا هوندس ته بنهه ڇڪي ڪڍندومانس. پوءِ ڀل مون وٽ ڏينهڪ هجي. کڻندو مانس ضررو.“

ويٺي ويٺي شاهن جا ڏاڍا پور پيا. اُهي ڏکيا ڏينهن به گهاريل هئا، جڏهن زمين تي قبضا ٿيا. شاهن، ڪهاڙي کنيو اُڀو پيو ورندو هو. وڏو ڀرجهلائو هو. پر سندس چوريءَ جي عادت ڪري اسان جو پنڌ وڏو پنڌ نه هوندو هو. ٻيءَ ٽيءَ پوليس سان ويڙهه ته همراه ڇڏيو، ڳالهه ڏاڍو تنگ ڪندي هئي. پر ماڻهو ته مڻيا وارو هو، پوءِ کڻي عيب به سوين هجنس. مونڏٺو سلطان ۽ سندس ساٿي اُٿيا بيٺا هئا.

”ابل سائين، ڳوٺ مهمان آهن. بهاري وارا آيل آهن. ڪجهه سندن ماني ٽڪر جو به فڪر ڪيون. بس موڪل ڏي، وري ٻي ساعت اينداسين. اڃا ته اِتي آهيو نه؟“

”ها چاچا، پر مان ڳوٺ ايندس شاهن جو پير ڏيڻ. مڙس ويو پر يار کي ياد ته ڪبو.“

هو نڪتا ئي پئي ته مون کي خيال آيو:

”صوف، سڀاڻي شهر اچين ته بهاري کي وٺيو اچجانءِ. مان يار جي يار سان ملڻ چاهيان ٿو.“

”حاضر منهنجا سائين!“

هيءُ سڀ ويا ته مان وري ٻئي خفي ۾ لڳي ويس. پنهنجي ڳوٺ اچون ڇٺي ڇماهي. ماڻهو ملڻ ۽ پير ڀرڻ ۾ ئي پورو. ڏينهن گذريو رات وئي. صبح جو صوف، بهاري کي وٺي آيوته شاهن جو موت ياد آيو. مانهو موت کي ته پَل لاءِ ياد ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته آهي به پل جو کيل.

مون سوچيو ته بهارو به شاهن وانگي ڪو قدرآور، ڪو سهڻو جوان هوندو. پر هيءُ جوان قد جو ننڍو، رنگ جو سانورو پر ڦڙتيلو هو. سندس اکيون ننڍيون، ٻليءَ وانگر چمڪيون پئي.

اڃا اسان هڪ ٻئي سان کيڪر ئي ڪا نه ڪئي ته تر جو وڏو صوبيدار فضل حسين اندر گهڙيو. پراڻو واقف هو. سيلوٽ هڻي اچي مليو.

”سائينجن جي خبر پئي، بس چيم ته ٿيندو وڃان.“

سندس نظر بهاري تي پئي ته پيشانيءَ تي گهنج اچي ويس.

”اڙي ڪاٽڪو، پنهنجي جُوءِ ڇڏي هتي ڪيئن آيوآن. چيو هيو مانءِ ته هيڏي نه اچجانءِ، مارجي ويندين.“

”سائين! سائين! بابو آن. بس سائينءَ گهرايو هو، اجهو وڃان پيو.“

بهارو پگهريو پيو هو. ڏٺم ته فضل حسين جي نرڙ تي گهنج وڌي ويا هئا. ڪاوڙ مڙئي سرس هيس.

مون کلي ڳالهه کي لنوايو.

”چڱو، توهان هلي مناهينن ۾ ويهو، مان پوءِ ڳالهائيندس.“

”سائين، هيءُ وڏو بدمعاش آهي. توهان اچو ٿا ڪڏهن ڪڏهن، هن کي نه ٿا سڃاڻو. خطرناڪ ماڻهو آهي. هن کي هتي اچڻ نه کپي.“

اِها ئي ته ڳالهه آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچون. ڀلي پيا اچن، اسان کي ڇا ڪندا.“

”سائين، ڪاٽڪوهڪ دفعو اچي يا سؤ دفعا، وارُ ضرور ڪندو ۽ ڪنهن به ويلي. هُن کي جوُءِ ڏيکارجي ئي نه.“

هن ۽ شاهن، تر ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي. شاهن مئو ڄڻ ڪتو مئو، اسان جي جان ڇٽي پئي. ڪو وقت ڍڳن جي چوري ڪندا هئا، پوءِ به- ڇڏيو انهيءَ ڳالهه کي؛ ڏيو خبر اوهان ڪيئن آهيو.“

فضل حسين کي ڳالهه مٽائيندي وقت لڳو. ويو تهفڪر ڏئي ويو. ”سائين! بهاري کي هڪدم ڪڍي ڇڏيو، جيئن مان اوهان کي چوان.“ مانڪا ويل ماٺ هيس، پوءِ جيڏي مهل بهارو ۽صوف اندر گهڙيا ته ڄمي بيهي رهيا. هاڻ هنن جي سامهون هڪ سخت گير زميندار سامهون هو. منهنجي هٿ ۾ اباڻو نيٽ جو لڪڻ هو. منهنجي پاسن کان منهنجو ڪمدار خانڻ ۽ منهنجو خاص نوڪر ڌڻي بخش بيٺا هئا. هنن يڪدم اوطاق جو در بند ڪيو، ۽ مون اشارو ڪيو. هنن صوف کي ٿيلهو ڏئي ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ در ورائي ڇڏيائون. جيسين بهاري کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي، ٻنهي همراهن کڻي کيس دسيو، مان اُٿندي ئي نيٽ جو لڪڻ کيس وهائي ڪڍيو.

”اڙي بهارا! سچي ڪر، شاهن ڪيئن مئو.“

”سائين- سئاين، سڄي جڳ کي خبر آهي اڪسيڊنٽ ۾ مئو. روڊ تي مئو سائين روڊ تي.“

”بهارا، مان آفيسر سان گڏ تر جو زميندار به آهيان. تو جهڙن کي چڱيءَ ريت سڃاڻان. ٻڌاءِ شاهن ڪيئن مئو.“

مون نيٽ جو ٻيو لڪڻ کيس وَسايو، ٽيون، چوٿون...

”جهليو سائين جهليو- مان مارجي ويندم. اِهو صوبيدار فضل حسين ئي مارائي ڇڏيندم- بس سائين مون کي معافي ملي.“

”فضل حسين جو ذمو منهنجو آهي. بس تون ٻڌاءِ شاهن ڪيئن مئو، اِڪسيڊنٽ ۾ مئُو؟ مون سان چرچو؟ جلدي ڪر، ٻڌاءِ شاهن ڪيئن مئو.“

مون نيٽ جو لڪڻ وري وسايو.

”سائين بس ڪريو. ٻڌايانوَ ٿو. پاڻي پياريو.“

همراهه پڪو هو پر اوطاق آفيسري ڏسي دهلجي ويو هو. يڪدم کڻي باسيائين.

”سائين، اوهان کي ته خبر آهي، شاهن ڍڳن جي چوري ڪندو هو. پڻس قرآن ڏنس، ڀڄي اچي مون وٽ رهيو، هو ڏاڍو موڙهل هو. مون کيس چيو ته ڍڳن جي چوري لاءِ قرآن کنيو اٿئي ڪو ٻين چورين لاءِ ته ناهي نه. مون سان هل گڏجي. اسين سائينن چور آهيون، سنهي ٿلهي جيڪا چوري آئي سا به ڪار پر هي مور نه مڃي. نيٺ هڪ وهڙي ڏٺائين. هتان ٻه ڪوهه اندر چڱا سکر زميندار آهن، کاجاڻن جا زميندار ليکبا آهن. اصل قسم ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون کي خبر نه هئي ته هيءُ پيو وهڙي سانگي يا ڪنهن ٻئي مامري اُتي لامارا ڏيندو هو. الائي ڪيئن لڳس. ويو وهڙي ڪاهڻ هو، آيو ته زال ماڻهو ساڻ هجيس. ڀلوڙ زال هئي. مون اُن رات ئي کيس چيو ته ٻانهن موٽاءِ. اصل روئي پيو. هن جي ته ڪن ڏينهن کان ڪا پنهنجي پَر ۾ ميخ لڳل هئي. اسان کي خبر نه هئي. بس يار سان هئي ياري نڀائڻي، پوءِ نڀائي سون.“

هُن ساهي کڻي پاڻي گهريو. مون ڏٺو هو سڄو ڏَڪيو پئي ۽ پگهريو پيو هو. پاڻي پي وڏو ساهه کنيائين ۽ وري قصو شروع ڪيائين:

”سائين، ٻانهن اسان وڃي ڪچي ۾ دَمي. لڪي به ڪيترو لڪون. هونئن به شاهن ڍڳا ڪاهي ته ڪي ڏينهن رکي پوءِ ڏيو ڇڏي، پر هيءَ ته زال ماڻهو هئي ۽ هئي به سهڻي ڏاڍي. نيٺ ته هئي پرائي ٻانهن، همراهه ڪوشش ڏاڍي ڪئي ته رکي ۽ نڀا؟ي، پر همراهه ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو. تر ۾ باهه ٻري وئي. فضل حسين تڪڙو صوبيدار آهي. بنهه اسانجي ڪڍ ڪاهجي پيو. نيٺ اسان جيئن رات جو کنئي. هئي، ڏهين ڏينهندر تي ڇڏي آياسين.“

”مائي پرڻيل هئي يا ڪنواري.“

”ڪنواري، پر عمر جي چڱي وڏي هئي. مالڪن جي ملڪيت ۾ وڏي وارث هئي، وهاري ڇڏي هئائون. پيسو، زيور جام آندوهئائين. شاهن پيسي ۽ زيور سوڌي واپس ڪئي، پر ڀاڳين کي خبر پئجي وئي هئي. فضل صوبيدار پاڻ به چورن جي ناني آهي. خبر کيس به هئي پر خيال سان هٿ وجهڻ ٿي چاهيائين. ٻانهن موٽي ناهي اِشارو ڪري ڇڏيائين. شاهن کي منهنجي سامهون ڌَڪيائون، ڪٺائون، پوءِ روڊ تي پنهنجي ٽرڪ سان چٿيائون. مان پاڻ هُيم سائين. فضل حسين کي به خبر آهي، شاهن جي مائٽن کي به خبر آهي. سائين، هو پوليس جي ڪري چپ آهن.“

بهارو چپ ٿي ويو. فضا ۾ سانت ڇانئجي وئي. مون اٿي بهاري کي فرش تان کنيو. بهارو ڏٺم ٿڙڪي پيو، هراسيل هو.

”سائين، ڀاڳيا مون کي ماري ڇڏيندا، فضل حسين کي به لنبي ڇڏيو اٿن. سڄي پوليس مليل آهي. مون کي حڪم هو، ڪچي مان پڪي ته نه اچجانءِ. نه ته مارجي ويندين. آيو هئس چاچي سلطان سان ملڻ بس چاچي جو حڪم ٿيو، ٻيو اوهان جو نالو ٻڌو هيم، هلي آيس هتي ته....“

هو ويٺو ڌڪ سيڪاٽڻ، مان مرڪي ويٺس. وڌي ڀاڪر پاتومانس. کيسي مان ڪجهه نوٽ ڪڍي ڏنامانس. دلداري ڏني مانس.

”خير آ، خير آ. مان ويٺو آهيان، ڪنهن مائيءَ جي لال کي طاقت آ. بس تون هاڻي ڀلي وڃ، ڳالهه ڇپر ۾ رهندي.“

مون صوف کي سڏ ڪيو، کيس به خرچي ڏنم ۽ چيومانس ته بهاري کي خيال سان وٺي وڃي. بهاري هٿ ٻڌي موڪلايو.

”بابل سائين، بس پارت اٿئي.“

مون بهاري کي ڪنڌ هيٺ ۽ ڪلها لڙڪائيندي ويندي ڏٺو. هُن جي چهري تي هراس هو. هڪ چور ڪاٽڪو موت جي پَل کان ڪيڏو نه ڊنل هو.

مان ٻئي ڏينهن صبح جو نوڪريءَ سانگي واپس حيدرآباد آيس پئي. اڃا موٽر ۾ پير رکيم ته ڪمدار خانڻ آهستي اچي ڀڻڪو ڪيو.

”بهارو مري ويو سائين، اڪسيڊنٽ ۾. ساڳئي روڊ تي.“

مون ڊرائيور کي اشارو ڪيو ۽ موٽر اچي روڊ تي چڙهي. اڳيان هلي مس ته سامهون ڪا شئي چچريل روڊ تي پئي هئي. مون يڪدم دانهن ڪئي ۽ ڊرائيورکي ٻانهن کان ڇڪي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيو. ڊرائيور زور سان بريڪ هنئي.

”شمن ڏس، ڪنهن جو لاش آهي.“

سائين، هيءُ لاش نه آهي، ڪتو آهي. توهان هروڀرو ڇرڪي ويا آهيو. هيءُ ماڻهوءَ جو لاش نه آهي. ٽرڪ هيڍان ڪتو چچرجي مئو.“

هن گاڏي هلائي، مون کيس اشارو ڪيو، پاسو ڪري گاڏي ڪڍيائين. مون ڪتي جي چچريل جسم کي ڏٺو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم.

ba

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com