شاهراهه ريشم ]حصو
پهريون[
(ان جي ايشيا ۽ يورپ ۾ تهذيبي، تمدني، مذهبي ۽ سياسي اهميت)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ويجهي عرصي ۾ شاهراهه ريشم جيڪا شهرت حاصل ڪئي آهي، تنهن کان
پاڪستان جو هر فرد واقف آهي. هيءَ شاهراهه، دراصل
قديم زماني ۾ به ايتروئي مشهور هئي جيترو اڄ آهي.
قديم زماني ۾ به هن شاهراهه کي سياسي، سماجي،
ثقافتي، معاشي، معاشرتي، مذهبي ۽ تجارتي لحاظ کان
تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. مختلف پراڻن تاريخي
ڪتابن ۽ گرنٿن ۾ هيءَ شاهراهه قديم واپاري شاهراهه
يعني ”شاهراهه ريشم“ جي نالي ياد ڪئي ويئي آهي،
جنهن جو هڪ ڇيڙو چين تائين پهچندو هو ته وري ٻيو
ڇيڙو ٽئڪسيلا تائين ختم ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح هن
سڙڪ هڪ طرف ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن کي
واپاري سهوليتون ٿي مهيا ڪيون ته ٻئي طرف هنن جپان
جي قديم شهر ۽ پهرئين تختگاهه ”نارا“ تائين واپاري
۽ مذهبي رشتا ڳنڍي ڇڏيا. هيءَ سڙڪ هاڻ نئين سر
جوڙي ويئي آهي، ۽ 1982ع ۾ هن جو افتتاح ڪيو ويو
هو. هيءَ سڙڪ پاڪستان کي چين جي مٿاهين ريجن
”سنڪيانگ“ سان ملائي ٿي ۽ هاڻ ”خنجراب“ دڙي کان
”ڪارا ڪورم جبل“ اُڪري، چين جي ”پرالي“
(Pirali)
چيڪ پوسٽ وٽان، اتر طرف ”ڪاشگر“ تائين وڃي سگهجي
ٿو.
ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم زماني ۾ شاهراهه ريشم، خنجراب
دڙي وٽان برصغير کي چين سان نٿي ملايو، پر اُهي
دڙا
(Passes)،
جتان واپاري قافلا چين طرف ويندا هئا يا چين کان
ايندا هئا، اهي چار دڙا هئا، جن جا نالا آهن:
”ڪِلڪ“
(Kilik)
دڙو، ”منتاڪا“
(Mintaka)
دڙو، ٽيون ”پارپڪ“
(Parpik)
۽ دڙو چوٿون ”مسگر“ دڙو. اڪثر قافلا ”منتاڪا يا
”پارپڪ دڙن“ کان ايندا هئا، ڇو ته چين واري سرحد ۾
شاهراهه ريشم وارو حصو انهن ٻن دڙن سان مليو ٿي.
”ڪلڪ“ دڙو ”واخان“
(Wakhan)
علائقي جي ويجهو هو، جتان عالم، و دوان، مبلغ ۽
واپاري قافلا افعانستان کان ٿيندا، اترين علائقن ۾
داخل ٿيندا هئا ۽ پوءِ هنزا نديءَ جي ڪناري تي
قديم شاهراهه تي چڙهندا هئا.
موجوده شاهراهه ريشم کي سرڪاري طور ”ڪاراڪورم هاءِ وي“
(KKH)
چوندا آهن. هن شاهراهه نه فقط چين ۽ پاڪستان کي
تجارتي لحاظ کان ملايو آهي، پر هن شاهراهه جي
ذريعي انهن سنسان پهاڙي علائقن جي وچان هن سڙڪ کي
وري نئين سر هموار ڪيو ويو آهي، جيڪي صدين کان
سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني اثرن ۽ مذهبي مبلغن
جي اچ وڃ جو ذريعو رهيا آهن. هن شاهراهه جي نئين
سر تعمير سان گويا ”دنيا جي عجائبات“ ۾ اٺين عجائب
جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جي تعمير ۾ چيني ۽
پاڪستاني (آرمي) انجنيئرن وڏو ڪمال ڪيو آهي ۽
هزارين جانيون قربان ڪيون آهن. هنن جي قربانين
دنيا جي پراڻي تاريخ ۾ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي.
”ڪارا ڪورم“ جي لفظي معنيٰ ”ڪارا جبل“ آهي. جبلن جي هيءَ هڪ وڏي
قطار آهي، جيڪا چين ۾ ”پامير“ وٽ موڙ کائي ٿي. ٻي
وڏي قطار هماليه جبلن جي آهي. هي جبل اتر طرف چين
۽ ڏکڻ طرف برصغير جي وچ ۾ هڪ مضبوط ديوار مثل اُڀا
آهن، ۽ ”اوڪسس“
(Oxus)
ريجن ۽ واديءَ - سنڌ اندر، ماڻهن جي چرپر لاءِ
رڪاوٽ بنيل آهن. اهڙيءَ طرح ”گزر“
(Ghissar)
۽ ”الائي“
(Alai)
جبل اتر ۽ ڏکڻ طرف بيٺل آهن. انهيءَ ڪري اهي اوڀر
۽ اولهه طرف وارن خطن جي وچ ۾ آمدرفت ۽ چرپر کي
روڪيو بيٺا آهن. اتر- اوڀر طرف جبلن جون ٻيون به
ڪيتريون ئي قطارون آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور
”ڪُن لُن“
(Kun Lun)
”تيين شان“
(Tien Shan)
۽ ”التائي“
(Altai)
آهن. انهن قطارن جي وچ ۾ ڏکڻ طرف ”تريم“
(Tarim)
وادي ۽ اتر طرف ”زونگرئي“
(Dzungarai)
وادي/ ترائي آهي. اهي واديون ۽ ترايون منگوليا جي
ڏکڻ- اولهه طرف جهڪيل آهن، ۽ انهن جو ڳچ حصو قديم
ترڪستان جو حصو آهي. اهي ئي ترايون آهن جتان ٻڌمت
جا مبلغ ۽ پرچاري گنڌارا کان چين، منگوليا، ڪوريا
۽ جپان تائين اچ- وچ ڪندا هئا.
هماليه ۽ ڪارا ڪورم قطارن جي وچ وارين ماٿرينل مان طاقتور سنڌو
درياء، ٽڪرن کي ٽاڪيندو، ڇپن کي ڇيهون ڇهيون ڪندو،
جبلن کي جهوريندو، گجندو، دهشت مچائيندو، هزارن
آبشارن، ندين ۽ نالن کي پاڻ ۾ پائيندو، انهن کي
هضم ڪندو، پاڪستان ۾ ”اسڪردو“ کان وڪڙ کائي اتر-
اولهه طرف وهندو ”ساسلي“
(Sasli)
کان اولهه طرف موڙ
کائي ”جنگلوٽ“ وٽان شاهراهه ريشم جو ڪنارو وٺي، ”رائڪوٽ“ وٽ سر
اولهه مُڙي، ”چلاس“، ”ٿور“،
”شتيال“، ”سازينا“ تائن پهچي، پوءِ ڏکڻ ۽ ڏکڻ-
اولهه طرف مڙي، ”داسو“، ”ڪوميلا“، ”پتن“، ”بشام“ ۽
”ٿاڪوٽ“ وٽ شاهراهه ريشم کان هيٺ اچي، تربيلا بند
کان پوءِ اٽڪ وٽ ڪابل درياء کي پائيندو، هيٺ
واديء- سنڌ جي پنجاب ۽ صوبه سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو.
اسان جي ديومالائي ڪهاڻين ۾ ”هماليه“، ”ڪارا
ڪورم“، ”ننگا پربت“ ۽ ”راڪاپوشيءَ“ کي جئن ۽ پرين
وارو جبل ”ڪوهه ڪاف“ سمجهندا آهن.
اسلام آباد کان هوائي جهاز ۾ ”گلگت“ ڏانهن اڏامندي، ننگا پربت
مٿان جڏهن جهاز پرواز ڪندو آهي، ان وقت جبلن جي
مٿان ڦهليل برف بلڪل اهڙو منظر پيش ڪندي آهي، ڄڻ
ته ڪا حسين و جميل پري، پنهنجي مٿان سفيد چادر
اوڍي، گهري ننڊ ۾ ستل آهي، جنهن کي ننڊ جي خمار ۾
پنهنجي حسن ۽ جمال واري دلفريب لقاء ۽ منظر جو
احساس بنهه ڪونهي. جهاز جي ڪپتان مون کي ڪاڪپٽ ۾
ويهاري هيءُ خوبصورت ۽ دلفريب منظر ڏيکاريندي چيو
ته ”سائين، اسين هن منظر کي
Sleeping beauty
سڏيندا آهيون.“ سچ پچ ته اهو منظر هوائي جهاز جي
ڪاڪپٽ ۾ ويهي ڏسڻ تي ئي مدار ٿو رکي، ۽ واقعي اهو
منظر
Sleeping beauty
وارو منظر آهي.
هن قسم جو ٻيو رومانوي منظر جنهن جو بيان لفظن ۾ لکي نٿو سگهجي،
۽ جيڪو هر سياح کي ڪنهن خواب آلوده رومانوي دنيا،
خاموش فضا ۽ دلفريب وايومنڊل ۾ گم ڪري ٿو ڇڏي، اهو
آهي ”سيف الملوڪ جي جهيل“ وارو منظر. هن رومانوي
ماحول ۾ پهچڻ سان ائين ٿو محسوس ٿئي ته گويا سيف
الملوڪ ۽ بديع الجمال پنهنجي رومانوي ماحول ۾ پهچڻ
سان ائين ٿو محسوس ٿئي ته گويا سيف الملوڪ ۽ بديع
الجمال پنهنجي رومانوي ۽ محبت واري ماحول ۾ دور
دور، بلڪه پربت جي چوٽيءَ تي ويٺل نظر اچن ٿا ۽
بديع الجمال پريءَ جون سهيليون، ڍنڍ ۾ وهنجي به
رهيون آهن ۽ کينچل بازي به ڪري رهيون آهن؛ مطلب ته
ڪو به سياح پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ پهچي ايتريقدر
ته گم ٿي ويندو آهي جو هو هنزا ۾ راڪاپوشي جبلن،
چلاس وٽ ننگا پربت ۽ ڪاراڪورم جبلن واري وايو منڊل
۾، ۽ سيف الملوڪ جهيل ۾ پرين کي رانديون ڪندي،
کلندي، ٽهڪ ڏيندي، سفيد لباس ۾ اُڏامندي محسوس
ڪندو آهي. اهي پريون برف مان ٺهيل سفيد برفاني
جبلن
(Glaciers),
ننگاپربت، راڪاپوشي ۽ ڪاراڪورم مٿان اڏامندي، سيف
الملوڪ جهيل تي پهچي بديع الجمال جي حسن ۾ اضافو
ڪنديون آهن.
چين واري حصي ۾ ”تريم“
(Tarim)
۽ ”زونگرئي“
(Dzungarai)
ترايون خشڪ صحرا نما آهن. ڪيترائي نالا ۽ نهرون
”خوتن“
(Khotan)،
”يارقند“
(Yarkand)،
”تشڪورگن“
(Tashkurgan)
۽ ”ڪاشگر“ کان نڪرن ٿيون ۽ ”تريم“
(Tarim)
جي ترائيءَ تائين پهچن ٿيون، جنهنڪري هن ترائيءَ ۾
انسان ذات جي آبادي ممڪن ٿيو پوي ۽ اچ- وڃ لاءِ
راهون کليو پون. انهن تراين جي وچ ۾ خيابان- نما
ٽڪرا آهن، جيڪي انسان ذات جي آباديءَ لاءِ وسيلا
بنيل آهن. قديم زماني ۾ اهڙين انساني آبادين، وڻج
واپار، آمدرفت ۽ واپاري قافلن جي اچ- وڃ لاءِ
راهون هموار ٿي ڪيون. اهڙي تاريخي ميل جول، واپاري
قافلن جي آمدرفت، هن واديءَ کي انساني تهذيب جي
رسيءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو. ”تاريخ“ شاهد آهي ته ”زونگرئي“
(Dzungarai)
واري واديءَ ۾ آباد ”شيونگ- نو“
(Hsiung- nu)
قوميت وارن ماڻهن، تريم
(Tarim)
تي پنهنجون نطرون رکيون، ۽ چين جي ”هَن خاندان“
(Han Dynasty)
جي حڪمرانن، هن طرف پنهنجون سرحدون وڌايون ۽ هن
پاسي ايندڙ رستن ۽ واٽن تي قبضو ڪيو. ان زماني ۾
چين وارن چاهيو ٿي ته سندن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ريشم
جو روانگي واپار وڌائجي. چين جا واپاري قافلا،
تريم
(Tarim)
واري جهن وادي/ ترائيءَ جي وچان، جنهن رستي/8 واٽ/
راهه ذريعي وسط- ايشيا ڏانهن ريشم کڻي ويندا هئا،
اُن واٽ/ راهه کي هنن ”ريشم واري راهه/ واٽ“
(Silk- road)
نالو ڏنو. هن رستي ذريعي چين کان ريشم ڀونوچ سمنڊ
جي ساحلي واپاري ملڪن تائين پڻ پهچڻ لڳو. هن رستي
ذريعي هي واپر ٻين صدي ق- م کان پنجين صدي عسويءَ
تائين جاري رهيو. اهو واپار ڪارا ڪورم جبلن جي دڙن
(”پارپِڪ“، ”منتاڪا“
۽ ”ڪِلڪِ“) ذريعي هنزا نديءَ جي ڪناري واري رستي
کان پوءِ درياءِ- سنڌ جي ڪناري واري قديم شاهه
راهه، شاهه راهه ريشم وسيلي برصغير ۾ به جاري
رهيو. پنجين صدي عيوسيءَ ۾ جڏهن سرحد هن پار
شيونگ- نو
(Hsiung-nu)
قوموارن زور ورتو ۽ تريم
(Tarim)
واديءَ تي قبضو ڪيو، تڏهن نه فقط هي رستو بند ٿي
ويو، پر ريشم جو واپار به رڪجي ويو ۽ شاهراهه ريشم
جو نالو صرف لوڪ ادب ۽ ديومالائي ڪهاڻين ۽
ڏندڪٿائن تائين محدود رهجي ويو.
ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره شاهراهه ريشم ان زماني ۾، چين
جي، برصغير جي اتر- اولهه واري سرحد وٽ، ”ڇانگن“
(Ch’angan)
شهر وٽان شروع ٿيندو هو. هي شهر ”شنسي“
(Shen-si)
صوبي جو اڳوڻو تخت گاهه هو. موجوده وقت هن شهر جو
نالو ”سِي- گن- فُو“
(Si-gan-fu)
آهي. هن شهر وٽان اهو رستو (شاهراهه ريشم) نڪرندو
هو ۽ گوبي
(Gobi)
جي صحرا وٽان، گول چڪر کائيندو، اولهه طرف دُن-
هُئانـڱ
(Dun Huang)
ڏانهن ويندو هو، جتي هي رستو ٻن شاخن ۾ ورهائجي
ويندو هو؛ هڪ شاخ ”تريم“
(Tarim)
واديءَ جي اترئين ڇيڙي وٽان ”تُرفن“
(Turfan)
جي وچان لنگهندي ”اڪشو“
(Akshu)
۽ ”ڪاشگر“
(Kashgar)
کان ٿيندي، اولهه طرف ”پامر“ جي مٿاهين پٽ جي اتر
طرف کان ”سمرقند“ کان ٿيندي ”هندوڪش“ جبلن جي
اترين وادي اوڪسس
(Oxus)
کان واخان
(Wakhan),
بدخشان(Badakhashan)
۽ بختر
(Bacteria)
پهچندي هئي. هن واٽ تي ڪيترائي مرڪز هوندا هئا، جن
جي ذريعي ڪُن- لُن
(Kun- Lun)
جبلن مان، ڪارا ڪورم ريجن ۾ واديءَ سنڌ تائين داخل
ٿيڻ لاءِ راهون نڪرنديون هيون. تاريخدانن اهو به
بيان ڪيو آهي ته واٽ ۾ تبديليون به ٿينديون رهيون.
انهن تبديلين جومدار هن ڳالهه تي هوندو هو ته اهو
رستو شروع ڪٿان ٿيو؛ ٻي شاخ (اهو رستو) ڪڏهن
”خوتن“
(Khotan)
کان شروع ٿيندي هئي ته ڪڏهن وري ”يارقند“
(Yarkand)
کان. خوتن وارو رستو اوڀر طرف هو، جيڪو ”يارقند“
ندي پار ڪري، ”ڪُن لُن“
(Kun- Lun)
پهچندو هو، پوءِ ڏکڻ طرف ”مُزتاگ“
(Muztag)
ندي اڪري، ”شِمشال“
(Shimshal)
نديءَ واري واديءَ وچان ونگي، ”پسو“
(Passu)
جي ويجهو هنزا نديءَ تي پهچندو هو، جتان قديم
شاهراهه وهندو هو؛ پر جيڪو رستو يارقند
(Yarkand)
وٽان نڪرندو هو، اهو ”تشڪور گئي“
(Tashkugai)
نديءَ جي هڪ نالي جو ڪنارو ڏيندو، واخان
(Wakhan)
واري ريجن وٽان، ڪِلڪ
(Kilik)
دڙي يا ان جي اوڀر طرف منِتاڪَا
(Mintaka)
دڙي وٽان، هُنزا نديءَ جو ڪنارو وٺندو هو. اهڙيءَ
طرح خنجراب
(Khunjerab)
دڙي کان به ڪي قافلي داخل ٿي، هزا نديءَ جو ڪنارو
وٺندا هئا، پر ان دڙي جو استعمال ايترو گهڻو ڪو نه
هوندو هو.
موجوده سڙڪ خنجراب دڙي کان شروع ٿئي ٿي، جتي سرحد جو پٿر به لڳل
آهي. سرحد جي اتر طرف ٻاويهه ڪلوميٽر مفاصلي تي
چين جي چيڪ پوسٽ ”پرالي“
(Pirali)
وٽ آهي، ۽ پاڪستان جي چيڪ پوسٽ ٽيهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾
”سوست“
(Sost)
وٽ آهي. خنجراب واري ابتدائي هنڌ کان اڳ هنزا واري
سرحد ۾ هيءَ شاهه راهه قديم زماني ۾ چئن هنڌن کان
شروع ٿيندي هئي. اُهي چار هنڌ هئا: پارپڪ
(Parpik)،
منتاڪا
(Mintaka)،
ڪِلڪ
(Kilik)
۽ مِسگر
(Misger)
دڙا. انهن مان ”مِسگر“ واخان ريجن ۾ واقع آهي. اهي
شاخون هُنزا واري ريجن ۾، هنزا نديءَ جي ڪناري تي
پهچنديون هيون. هاڻ به هنزا واري قديم شاهه راهه
کي موجوده شاهه راهه جي شڪل ڏنل ويئي آهي. چيني
شهنشاهن واري زماني ۾، اوڀر طرف منتاڪا
(Mintaka)
۽پارپڪ
(Parpik)
دڙا قافلن لاءِ اڪٿر کليل هوندا هئا ۽ اُتر- اولهه
طرف وارو ”ڪلڪ دڙو“
(kilik)
اڪثر ”زار“ واري رشيا
(Tsarist Russia) جي قافلن لاءِ کليل هوندو هو، جيڪي ”واخان ريجن“ ذريعي هتان
داخل ٿيند اهئا. برطانوي دور حڪومت ۾ ”پارپڪ“
(Parpik)
کي وڌيڪ اهميت ملي ڇو جو برطانيه حڪومت هنزا جي
واديءَ کي اهم حصو ٿي سمجهيو، انهيءَ ڪري جو هِت
ٽن حڪومتن جون سرحدون مليون ٿي. حاصل مطلب ته
”ڪلِڪ“
(Kilik)،
”منتاڪا“
(Mintaka)
۽ ”پارپڪ“
(Parpik)
دڙن وٽان هنزا ڏانهن چيني ۽ روسي قافلا ايندا هئا،
پر چيني قافلا گهڻوڪري ”پارپڪ“
(Parpik)
۽ منتاڪا
(Mintaka)
دڙن جي وچان لنگهنا هئا. انهن قافلن سان گڏ چين
کان عالم ۽ فاضل پڻ برصغير ۾ ايندا هئا، ۽ برصغير
جا عالم ۽ ودوان چين، ڪوريا ۽ جپان کانسواءِ يورپ
طرف ويندا هئا، جن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڪيو ويندو.
موجوده سڙڪ پاڪستان ۾ ”مانسهره“ وٽان شروع ٿئي ٿي ۽ ”ٿاڪوٽ“
(Thakot)
وٽ سنڌو درياء جو ڪنارو وٺي ٿي، ۽ اتر، ۽ اوڀر ۽
وري اوڀر ۽ اُتر اوڀر طرف خنجراب دڙي تائين پهچي
ٿي. ”ٿاڪوٽ“ کان وٺي ”جنگلوٽ“ تائين سنڌو درياء جو
ڪڏهن ساڄو ته ڪڏهن وري کاٻو ڪنارو ڏيندي، درياء جي
دهشت، آسمان سان ٽڪر کائيندڙ پهاڙن، جبلن ۽ پربتن
جي هيبت کان سياحن ۽ مسافرن کي ڊيڄاريندي، ڪڙڪا
ڪندڙ آبشارن ۽ پاڻيءَ جي گجگوڙ جي وچان ”بشام“
(Besham)،”پتن“
(Pattan)،”ڪوميلا“
(Komila)،”داسو“
(Dassu)،
”سازين“
(Sazin)،
”شتيال“
(Shatial)،
”ٿور“
(Thor)،
”چلاس“
(Chilas)،
”جنگلوت“ تائينپهچي ٿي؛ هتان سنڌوءَ درياء اوڀر
طرف مڙي ٿو، پر هيءَ سڙڪ اڳتي اتر طرف هلي، گلگت
کان ٿورو اڳي، هنزا نديءَ جو ڪنارو ڏيندي،
”دائنيور“
(Dainyor)،
”نِلت“
(Nilt)،
”ميناپن“
(Minapin)،
سڪندر آباد، حسن آباد، علي آباد، ”آلتت“
(Altit)،
”بالتت“
(Baltit)
يعني پراڻين ٽن رياستن- گلگت، ننگر ۽هنزا کي پار
ڪندي، ”گجال رياست“ جي شهر
”گُلمت“ کي ڇُهندي، ”پَسُو“
(Passu)
وٽان برفاني پهاڙن
(Glacier)
جو پاسو وٺندي، پاڪستاني چيڪ پوسٽ
”سوست“
(Sost)
تائين پهچي ٿي، جنهن کان اڳتي هيءَ سڙڪ خُنجراب
دڙو پار ڪري ٿي. پر ”سوست“ کان اڳتي انسان ذات جي
آبادي نظر نٿي اچي. هن شاهه راهه تان گذرندي سياحن
کي ڪيترن ئي برفاني پهاڙن کانسواءِ راڪاپوشي
(Rakaposhi)
۽ ڪارا ڪورم جبلن وٽان لنگهڻو پوندو آهي. چلاس کان
اڳتي ننگا پربت ۽ راڪاپوشيءَ جا منظر دلفريب لڳندا
آهن.
هن مقالي ۾ منهنجي مراد ٻڌمت جي پرچار جي سلسلي ۾ عالمن ۽ فاضلن
جي، واديء- سنڌ ۾ جيڪا اچ- وڃ ٿيندي هئي، تنهن جي
باري ۾ روشني وجهڻي آهي، حالانڪه معاشي، معاشرتي،
تهذيبي، تمدني ۽ تجارتي نقطه نگاهه کان به هن سڙڪ
کي وڏي اهميت آهي، جنهن جو ذڪر آءٌ ڀاڱي ٻئي واري
مقالي ۾ ڪندس، جنهن ۾ حن سڙڪ تي آباد ماڻهن، انهن
جي گذر- معاش، ٻولين، معاشرتي حالتن کانسواءِ هن
سڙڪ جي آسپاس وارين ايراضين جهڙوڪ مانسهرن، هزاره،
واديء استور، هنز، ننگرن سان واسطو رکندڙ لوڪ
ڪهاڻين، ديومالائي قصن، زرعي ۽ معدني پيدائش،
ٻولين، قديم آثارن جي باري ۾ وضاحت سان لکندس.
اهڙيءَ طرح هن سڙڪ يج ٻيءَ ڀر واديءَ سوات ۾ ٻڌمت
جي پرچار، قديم آثارن جي باري ۾ پڻ هڪ الڳ مقالو
لکندس.
هن مقالي ۾ شاهه راهه ريشم جي وسيلي سان برصغير جي اترين علائقن
کان وٺي جپان جي قديم شهر ”نارا“
(Nara)
تائين ٻڌ ڌرم جي ڦهلجڻ ۽ برصغير جي ثقافتي، علمي ۽
ادبي اثرن جي باري ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، ڇو ته
چين، ڪوريا ۽ جپان کانسواءِ افغانستان ۽ وچ ايشيا
تائين ٻڌ ڌرم جي ڦهلجڻ ۾ هن سرڪ اهم حصو ادا ڪيو
آهي.
هيءَ هڪ تاريخي سڙڪ آهي، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هيءَ سڙڪ
ٻين صدي ق- م کان وجود ۾ هي آهي. سڄيءَ دنيا ۾
هيءَ ڊگهي ڊگهي سرڪ آهي ۽ هڪ لحاظ کان هن سڙڪ،
واديء- سنڌ ۽ مشرق- ايشيا جي وچ ۾، جپان جي قديم
۽پهرئين تختگاهه ”نارا“
(Nara)
تائين، مذهبي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي ناتا هموار
ڪيا. ڪاش هيءَ سڙڪ تاريخدانن کي پنهنجي قديم
تاريخ، خود بيان ڪري ٻڌائي. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو
آهي ته هن شاهه راهه تان اُٺن ۽ خچرن جا قافلا،
چانهه، ريشم ۽ چين کان ٻيو سامان کڻي وچ مشرق ۽
مشرق جي واپري منڊين، ۽ ”بزنٽائين“ ۽ ”روم“ تائين
پهچندا هئا؛ اهڙيءَ طرح برصغير ۽ ٻين ملڪن جو مال
چين ڏانهن ويندو هو؛ پرڇاڪاڻ ته جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو
ويو آهي ته چيني تاجر، چين جو ريشم هن ئي سڙڪ
ذريعي کڻي ويندا هئا، انهيءَ ڪري هن راهه جو نالو
”شاهه راهه ريشم“ پئجي ويو.
واپري قافلن سان گڏ، سياح ۽ ٻڌ مت جا مبلغ پڻ هن سڙڪ تان سفر
ڪندا رهندا هئا. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته چين
جا مشهور ودوان فاهيان
(Fa-Hsien)،
”سنُگ- يُن“
(Sung- Yun)
۽ ”هُيون- سَنگ“(Hiuen- Tsang)
به هن ئي راهه ذريعي واديء سنڌ پهتا. اهڙيءَ طرح
دنيا جو وڏي ۾ وڏو سياح ”مارڪو پولو“ (1270ع-
1290ع) به هن ئي راهه ذريعي لنگهيو هو. ساڳيءَ طرح
ٻڌمت جو مبلغ ”ڪمارجيوَ“
(Kumarajiva)
به هن سڙڪ ذريعي واديء- سنڌ کان چين پهتو. مطلب ته
شاهراهه ريشم ئي اهو وسيلو هو، جنهن جي ذريعي
ٻڌمت، هندستان کان چين، پوءِ ڪوريا ۽ڪوريا کان
جپان پهتو. اڄ به هن سڙڪ جي معاشي ۽ معاشرتي اهميت
کانسواءِ، مذهبي اهميت هن ڪري به آهي جو سنڪيانگ
جا چيني مسلمان، حج بيت الله لاءِ اڪثر هن سڙڪ جي
ذريعي پاڪستان ايندا آهن، جتان اڳتي سهندا آهن.
تاريخ مان خبر پوي ٿي ته چين جي ”هَن خاندان،
(Han Dynasty)،
جنهن چين تي 140 ق. م. کان 81ق.م تائين حڪومت ڪئي،
جي ”شهنشاهه فُو“
(King Wu) جي زماني ۾، هيءَ شاهراهه تجارت ۽ واپار لاءِ کولي ويئي. ان
زماني ۾ هن خاندان جي حڪومت جون حدون مغربي سرحد
تائين پکڙيل هيون ۽ هيٺ ڏکڻ ۾، واديء- سنڌ ۾ ٽين
صدي عيسويءَ تائين، چين ۽واديء- سنڌ جي علائقن جي
وچ ۾ مذهبي، معاشي ۽ معاشرتي ميل جول جا وڏا اهڃاڻ
۽ ثبوت ملن ٿا.
هن شاهراهه ذريعي چين کان عالم، فاضل ۽ مذهب جا پرچاري، واديء-
سنڌ ۽ اتر هندستان تائين نه فقط هتي جي عالمن،
فاضلن ۽ ودوانن کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، پر هتي
جي عالمن، فاضلن ۽ ودوانن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ مان
پڻ فائدو پهچايون. انهيءَ لحاظ سان هيءَ دُراهي-
آمدرفت
(Two- Way Traffic) چين ۽ واديء- سنڌ جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو هڪ اهم ۽ انمول وسيلو
بني.
ان زماني ۾، جڏهن هن خاندان جي حڪومت جون سرحدون، مغرب بعيد
تائين ڦهليل هيون، تنهن زماني ۾ ”فرعانه“
(Farghana)،
”ساگديئانا“
(Sagdiana)،
”تخارا“
(Tukhara)
۽ ”پارٿيا“
(Parthia)
تائين، تجارتي اچ- وڃ وڌيڪ سرگرم رهي، جنهن جو
بنياد دراصل ”سڪندر اعظم“ وڌو هو. هيءَ سرڪ، جيئن
ته، انهن ملڪن جي وچان لنگهي ٿي، تنهنڪري هن سڙڪ
جي ڪري، نه فقط ريشم جي واپار کي هٿي ملي پر عيسوي
صديءَ جي شروع واري زماني ۾، واديء- سنڌ ۽ چين
پنهنجا ثقافتي ۽ تجارتي ناتا، هن سڙڪ ذريعي انهن
ملڪن سان جوڙيا ۽ مضبوط ڪيا. اڳتي هلي ڀارت- ورش
جي موريا گهراڻي جي ”شهنشاهه اشوڪا“ (268- 232
ق.م.) جي زماني ۾ ٻڌمت جي سکيا نه فقط برصغير پاڪ-
هند ۾ زور ورتو، پر برصغير جي سرحد کان ٻاهر به هن
ڌرم) جي پکڙجڻ لاءِ موقعا حاصل ڪيا ويا. موريا
گهراڻي جي حڪومت، پهرئين ئي حڪومت هئي، جنهن
برصغير ۾ پنهنجا پير پختا ڪيا هئا. هن گهراڻي جي
پهرئين حاڪم ”چندرگپت“ (316 ق. م. کان 293 ق. م.)
جي زماني ۾ ئي حڪومت جون سرحدون اتر ۾ هماليه جبلن
تائين، اوڀر ۾ بنگال جي اپسمنڊ تائين، اولهه ۾
هندوڪش جبلن تائين ۽ڏکڻ ۾ وڌيا جبلن تائين پکڙجي
چڪيون هيون. شهنشاهه اشوڪا هن حڪومت جي سرحدن کي
وڌيڪ هيٺ يعني ڏکڻ تائين وڌايو ۽ ’ڪالنگا‘
(Kalinga)
۽ ٻيا حصا فتح ڪيائين. اشوڪا پٿرن جي ٿنڀن تي يا
جبلن جي ڇپن تي ٻڌمت جي سکيا جا اصول ۽ متا
اڪرايا، ۽ هن ڌرم جي پرچار کي وڌيڪ زور وٺايو
(پنهنجي الڳ مقالي ۾ شاهراهه ريشم ۽ سوات جي قديم
آثارن جي ذڪر ۾ آءٌ انهن تي ڪجهه روشني وجهندس.)
اڳ م عرض ڪيو ويو آهي ته شاهراهه ريشم جي ذريعي ٻڌمت چين پهتو.
اول ٻڌمت جا پرچاري ٽئڪسيلا کان چين ويا ۽ پوءِ
چيني ماهر ۽ ودوان هت يعني واديء- سنڌ ۾ وارد ٿيا
۽ ٻڌمت جي سکيا ۽ ان جي اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪيائين،
۽ چيني زبان ۾ ان جا ترجما ڪيائون. هن سلسلي ۾
جنهن چيني ودوان جو نالو سڀ کان پهرين ملي ٿو سو
هو ”ائن- شِن ڪائو“
(An-Shin-Kao)
جيڪو 148ع کان 171ع تائين ”لو- يانگ“
(Lo- yong) شهر ۾ ترجمي واري ڪم تي مقرر ڪيو ويو. چون ٿا ته ”آئن- شن-
ڪائو“
(An-Shin-Kao)
۽ ٻيا ڪيترائي چيني ودوان وچ- مشرق وارن ملڪن جا
رهندڙ هئا، مثلاَ آئن- شن ڪائو ”پارٿيا“
(Parthia)
جو رهاڪو هو، ٻيو ماهر جنهن جو
نالو ”ڪڱ- سڱ- ڪائي“
(Kang- Seng- Kai)
هو، سو ٽين صدي عيسويءَ ڌاري ”سمرقند ريجن“ ۾
رهندو هو. هن
(Kang- Seng- Kai) عالم ”لاحد
(Limitless)
حياتيءَ“ جي عنوان واري ڪتاب، ”سُکوَ تيوِ يُوهه“
(Sukhavativyuha)
جو ترجمو ڪيو. اهڙيءَ طرح ”ڌَرمَ رَڪشَ“
(Chu-Fa-Hu)،
جنهن ”سڌ ڌرم پوندَ ريلا“
(Saddharmapundarila)
نالي واري ڪتاب جو ترجمو ڪيو هو، سو ”تخارا“
(Tukhara)
جو رهاڪو هو، ۽ ٽين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۽
چوٿين صدي عيسويءَ جي اوائيل حصي ۾ ”لو- يانگ“(Lo-Yong)
يا ”ڇانگ- آن“
(Chang-an)
۾ رهندو
هو. چين ۾ ترجمي (ٻڌمت جي سلسلي ۾) وارو ڪم، پنجين
صدي عيسويءَ جي اوائلي حصي ۾، ان زماني ۾ اعليٰ
مقام تي پهتو، جنهن زماني ”ڪُمارجيوَ“
(Kumarajiva)”ڪُوچا“
(Kucha)
کان پهتو هو.
پنجين صدي عيسويءَ جي اوائلي دور ۾ ٻڍمت جي ڀکشوئن جي سرگرمين ۾
گهڻو واڌارو آيو. ۽ هن شاهراهه جي ذريعي چين،
واديءَ- سنڌ ۽ برصغير جي اترين علائقن تائين، انهن
سرگرمين ۾ گهڻو اضافو آيو. چين کان ڪيترائي ودوان
برصغير ۾ سنسڪرت ۽ ٻڌمت جي سکيا وٺڻ لاءِ پهتا. هن
قسم جي سرگرميءَ جو باني ”فا- هيان“
(Fa-Hein)
هو، جيڪو 399ع-420ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هو 400ع
ڌاري ٽئڪسيلا آيو. هن جو اصلي نالو ”ڪُڱ“
(Kung)
هو ۽ ”شين- سي“
(Hsen-si)
صوبي جي ”پڱ- يڱ“
(Ping-Yang)
ضلعي جي ”فو- يڱ“
(Wuyang)
ڳوٺ جو رهاڪو هو. فا- هيان، خوتن
(Khotan)
واري رستي کان ”يارقند“ پهتو، جتان ”چلاس“
(Chilas)
واري علائقي ۾ آيو، اتان پوءِ ”اَدين“
(موجوده سوات: واديءَ- سوات ۾ اُديگرام جا آثار اڄ به موجود
آهن) پهتو. هن سنڌو دريا يا ته شتيال وٽان پار ڪيو
هوندو يا ”سازينا“ وٽان؛ ۽ پوءِ دريا جو ساڄو
ڪنارو وٺي بشام وٽان سوات جي واديءَ ۾ هو ”شنگلا
دڙي“ وٽان ”خازا خيل“
(Khawaza- khela)
آيو هوندو، اتان ٽئڪسيلا پهچڻ لاءِ هن ”باريڪوٽ“
کان اڳتي ڏکڻ ۾ ”ڪاراڪردڙو“ پار ڪري، اڃا به اڳتي
ڏکڻ ۾ ”بَنَرا“
(Buner)
۽ ”امبيلا“
(Aumbela)
دڙو اڪري، ”شهباز ڳڙهي“ پهچي، ”هند“
(Hund)
وٽان سنڌو دريا پار ڪيو هوندو. هن جو تفصيلي ذڪر
ڌار مقالي ۾ ڪيو ويندو. فاهيان پنهنجي سفر جي
پهرين منزل جي باري ۾ لکي ٿو:
هي هڪ تمام مشڪل پهاڙي رستو آهي. جبلن جي ڄڻ ته هڪ مضبوط ديوار
ٺهيل آهي، جيڪا ڏهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي
ٿيندي. مٿان جڏهن هيٺ نهارجي ٿو تڏهن نيڻ- نهار
تائين ڪا به راهه ۽ پير رکڻ جي جاءِ نظر نٿي اچي.
هيٺ هڪ ندي وهي ٿي جنهن کي سنڌو
(Sint-uho)
چون ٿا. قديم زماني ۾ انسانن، انهن ٽڪرن کي ٽانڪي،
انهن جي وچان لنگهه ٺاهيا آهن. پاسن کان ڏاڪا به
جوڙيا اٿن. مون کي اهڙا ڪل ست سؤ کن ڏاڪا لنگهڻا
پيا. ان کانپوءِ اسين رسين واري لٽڪندڙ پل تي
پهتاسين، جتان دريا پار ڪيوسين. نديءَ جا ٻئي
ڪنارا اٽڪل 80 قدمن جي مفاصلي تي هوندا.“
منهنجي خيال ۾ ”چلاس“ کان هيٺ ڏکڻ طرف، درياءِ- سنڌ جي ڪناري تي
”شتيال“ يا ”سازينا“ ٻه اهڙيون جڳهيون (مقام) آهن،
جتي اڄبه جبلن جي ڇپن تي ٻڌ مت وارن پنهنجا نشان
ڇڏيا آهن. فاهيان، شتيال يا سازينا پهچي، درياء
اڪري درياء جو ساڄو ڪنارو ڏيئي، بشام پهتو هوندو.
فاهيان پندرهن سال واديء- سنڌ ۾ سکيا وٺڻ لاءِ
رهيو، ۽ گهڻو عرصو ٽئڪسيلا گذاريائين. هن نه فقط
سنسڪرت زبان جي سکيا ورتي پر ٽئڪسيلا ۾ ۽ ان جي
آسپاس واري علائقي جي ثقافت ۽ تاريخي حالات کان به
واقفيت حاصل ڪيائين. هو پنڊت پاڻينيءَ سان به مليو
هوندو، جيڪو ان وقت، ٽئڪسيلا ۾ هڪ وڏو ودوان هو.
ٻيو چيني ماهر جيڪو ”فاهيان“ کان پوءِ آيو، سو هو ”سڱ يُن“
(Sung-yun).
هيءُ ”دُن- هُئانڱ“
(Dun-Huang)
جو رهاڪو هو. هن کي عظيم ”في“
(Wei)
خاندان جي مهاراڻي ”دوواگر“
(Dowager)
ٻڌمت تي ڪتابن جي حاصل ڪرڻ لاءِ برصغير موڪليو هي
به ڪارا ڪورم ذريعي هت آيو. هي پهرين ”خوتن“ پهتو،
جتان يارقند آيو. يارقند کان ”تشڪورگن“
(Tashkurgan)
آيو، اتان پوءِ ”مسگر“
(Misgar)
واري رستي کان ”منتاڪا“
(Mintaka)
دڙو پار ڪري، هنزا نديءَ جي ڪناري تي، قديم
شاهراهه ريشم پهتو، جتان واديء- سنڌ ۾ آيو. هو
پنهنجي سفر جي باري ۾ لکي ٿو:
”هتي جا جبل تمام اتاها آهن. هتي جي حاڪم هڪ شهر تعمير ڪرايو
آهي، جتي هو خود به رهندو آهي. هتي جا ماڻهو چمڙي
مان سهڻا لباس ٺاهي پائيندا آهن. هي ملڪ تمام سرد
آهي. ايتريقدر جو ماڻهو جبلن جي غارن اندر پنهنجي
رهڻ لاءِ گهر ٺاهيندا آهن. هت هوائون ايتريقدر ته
تيز لڳنديون آهن ۽ برف ايتري ته پوندي آهي جو
ماڻهو ۽ سندن مال هن موسم م گڏ غارن ۾ رهندو آهي.
هن ملڪ جي ڏکڻ ۾برف سان سٿيل جبل آهن.“
هن جي بيان جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو تڏهن ائين چئي سگهجي ٿو ته
جنهن ايراضيءَ جو هي نقشو چٽيو ويو آهي اهو”هنزا“
جي اتر- اوڀر طرف ”گُجال“ واري واديءَ جو آهي. هي
عالم يقيناً هتان ئي لنگهيو هوندو، جتي وَخي
(Wakhi)
ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. هتان هيءُ پهرين ”سوات“
آيو،جتان پوءِ ٽئڪسيلا پڌاريو.
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ فخر جي لائق جنهن عالم ۽
فاضل، برصغير جي ياترا عموماً ۽ وادي سنڌ جي
ياترا خصوصاً ڪئي، سو هو ”شون- چُئانڱ“
(Hsuan- Chuang) هي عالم 603ع ۾ ”چن- ليو“
(Ch’in-Liu)
۾ ”هُنان“
(Honan)
صوبي ۾ ڄائو هو. هو واديء- سنڌ ۾ 627ع ۾ آيو، ۽
645ع ۾ يعني 18- 19 سالن جي عرصي کان پوءِ واپس
چين موٽيو. هو پنهنجي بيان ۾ لکي ٿو:
”منگورا شهر کان اتر- اولهه طرف ويندي، جبلن جون قطارون پار
ڪندي سنڌو
(Sin- tu)
درياء جي واديءَ ۾ پهتاسين. رستا نهايت ئي اڻانگا
۽ جوکائتا هئا. جبل ۽ وادي ڌنڌ واري ۽ ڪارسري ٿي
نظر آئي. ڪڏهن ڪڏهن رسين وارين پلين ذريعي دريا
اڪرڻو ٿي پيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ڪنارن تي لوهي
زنجير (تار) کي جهلي دريا کي پار ڪرڻو ٿي پيو. ڪٿي
ڪٿي درياء جي پار ڪرڻ لاءِ ڦڙهيون پڻ ٺهيل هيون،
جن تان پيدل هلي ٿي سگهياسين، پر اهي ڦڙهيون
(پليون) لٽڪندڙ هيون. اهڙيءَ طرح اسين نديءَ جي
“Ta-li-lo”
واديءَ ۾ پهتاسين، جتي ڪنهن زماني ۾ ”آو-چنگ-نا“
(U-Chang-na)
نالي تختگاهه هو. ”او- چنگ- نا“ دراصل واديء سوات
۾ ”ادين“ يا ”اَديگرام“ آهي، جنهن جي باري ۾ ٻئي
مقالي ۾ تفصيل سان لکبو. هت سون به لڀي ٿو ۽
خوشبودار عمارتي ڪاٺ (غالباً ديال) پيدا ٿئي ٿو.“
هن کانپوءِ ”آءِ- چِنگ“
(I- Ching) برصغير ۾ تشريف فرما ٿيو (آءِ- چنگ عالم جو نالو، آءِ چنگ ڪتاب
سان مُنجهايو نه وڃي). هي عالم 713- 635ع ڌاري ٿي
گذريو آهي. آءِ- چنگ سمنڊ جي ذريعي 671ع ۾، واديء-
سنڌ ۾ پهتو، ۽ ويهن سالن جي عرصي کانپوءِ، ساڳئي
رستي کان چين واپس موٽي ويو. |