پنهنجن خاص مريدن ۽ معتقدن وٽ ڀيرا ڪرڻ.
هن دور ۾ شاهه صاحب جي محبتين ۽ معتقدن جو دائرو
وڏو وسيع ٿيو، جنهن ۾ عام توڙي خاص اچي ٿي ويا.
پاڻ عمل توڙي عقيدي ۾ محض ’رسم‘ بدران ’روح‘ جي
تلقين ڪيائين. توحيد جي اعليٰ نظريي طور ڪل ڪائنات
تي يقين ۽ توڪل، سڄي مخلوق سان پيار ۽ اعليٰ
انساني اخلاق ۽ ڪردار جا سبق ڏنائين. شاهه صاحب جي
پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ محبت ڀريي طور طريقي جو اثر
دلين تي ايترو ته پيو جو ڪي هندو فقير توڙي حڪمران
به سندس معتقد ٿي پيا.
هن دور ۾ شاهه صاحب سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر پنهنجن پيارن فقيرن
وٽ ڀيرا ڪيا ۽ سندن پوئواري ڪئي. ويهن سالن کن جي
هن وڏي عرصي ۾ هو گهڻن ئي فقيرن وٽ ڪن گهڻن ئي
ماڳن تي ويو هوندو، پر جتي جتي ڪجهه وڌيڪ ترسيو
اتي سندس نالي سان ’تڪيا‘ قائم ٿيا. هن وقت به سنڌ
۾ گهڻين جاين تي ’شاهه جا تڪيا‘ موجود آهن، جيڪي
مريدن ۽ پوءِ سندس نالي سان قائم ڪيا، فقط ڪي ٿورا
اهڙا آهن، جن بابت وڌيڪ ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته
شاهه صاحب پاڻ پنهنجي حياتي ۾ اتي ويو هوندو.
مثلاً کپري تعلقي ۾ ’واگهين جي ڀٽ‘[1]
ٺٽي ۾ مڪلي لڳ، بدين، روڙهي، سکر (پراڻو) ۽ ترائي
(مديجي کان ٻه ميل اتر-اولهه) ۾ جيڪي ’شاهه جا
تڪيا‘ آهن، اتي غالباً شاهه صاحب پاڻ ويو ۽ ٽڪيو[2].
بهرحال انهن ٿورن مشهور ’تڪين‘ جي جدا جدا ماڳن
مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته شاهه صاحب سنڌ ۾ لاڙ کان
وٺي اتر تائين پنهنجن مخلص م معتقدن وٽ ڀيرا ڪيا.
سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾، شاهه صاحب خاص طرح ڪڇ ۾ پنهنجن پيارن
جتن فقيرن وٽ گهڻو ويو. ڪڇ ۾ شاهه صاحب سان ارادت
۽ عقيدت جو بنياد وَنهين فقير سالاراڻي جت ۽ تماچي
فقير نهڙيي وڌو. غالباً هن دور جي پهرئين سفر ۾
شاهه صاحب انهن ٻنهي فقيرن تي ڪا اهڙي فيض واري
نظر ڪئي جو هو ڀٽ تي آيا. تماچي فقير کي شاهه صاحب
ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هو اتي ئي رهيو، تان
جو وفات کان ڪجهه وقت اڳ شاهه صاحب کيس سڏي پاڻ وٽ
رهايو. ونهيين کي شاهه صاحب پاڻ وٽ ڀٽ تي رهايو ۽
سندس خلوص جي مدنظر کيس پنهنجو خاص خليفو ڪيائين ۽
سندس پويان ڪڇ ۽ واڳڙ طرف گهڻا جت شاهه صاحب جا
معتقد ٿيا[3].
ڪڇ طرف جتن ۾ شاهه صاحب جي سفر جا منزل به منزل
سلسلا ونهيين فقير جي اتي وڌايل ارادتمندن سببان
شروع ٿيا، ۽ شاهه صاحب جتي جتي ڀيرا ڪيا انهن ماڳن
مڪانن جو مانُ ٿيو ۽ پڻ پوءِ تمر فقير جي اڳواڻي
هيٺ اهي ’شاهه جي راڳ‘ جا مرڪز بنيا. مسلسل طور
هلندڙ روايتن موجب ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته
شاهه صاحب هيٺين ماڳن تي ڀيرا ڪيا:
’ڏَر‘ مڪان، لکپت جي شهر سان لاڳو، جتي سالار فقير وٽ شاهه صاحب
آيو.
ڀُٽائو مڪان، ’پِپِر‘ جي شهر لاڳو (تعلقو لکپت) جتي
درويش سانوَلي فقير جت جو مزار هو.
آسالڙي مڪان، تعلقو لپت.
’ڪَنڊو‘ مڪان (تعلقو کاهڙ) جيڪو ونهيين فقير جو
اصل ڳوٺ هو.
’اوريئڙو‘ مڪان، (تعلقو نکٽراڻو) جيڪو شاهه صاحب
جي پياري فقير ميين تماچي نهڙيي جو ڳوٺ هو.
ڄَڙهوٽ مڪان، نکٽراڻي شهر کي ويجهو، جتي شاهه
صاحب جو خليفو صالح فقير مڱريو رهندڙ هو.
سِراڙو مڪان (تعلقو کاهوڙو)، جتي شاهه صاحب
جوخليفو ڇتو فقير لاکاڻي جت رهندڙ هو.
بگهاڙيو مڪان (ٻني)، جتي ميين شاهه ڪريم جا خاص
مريد جيِئنداڻي جت فقير هئا.
آرل مڪان (تعلقو نکٽراڻو)، جتي شاهه صاحب
جوخليفو دين محمد فقير هو.
هو اصل ريٻاري هو ۽ شاهه صاحب سان صحبت ۾ مسلمان ٿيو، جنهن پوءِ
پڳ ڏنس ۽ خليفو ڪيس.
مٿين ماڳن جا نالا معلوم ۽ مشهور آهن، جتي شاهه صاهب غلاباً
گهڻا ڀيرا ڪيا. سالاراڻي جتن فقيرن جي ٻي هڪ متفقه
روايت موجب شاهه صاحب ’واڳڙ‘ کان اڀرندين ڀاڱي ۾
به ويو جتي ان وقت جت ويٺل هئا ۽ اتي چاليهه ڏينهن
رهيو جو انهيءَ ياد ۾ پوءِ مچ ۽ ميلو ٿيو (۽ پڻ ڪن
روايتن موجب ڀٽائي صاحب ڀُڄ تائين ويو ۽ پڻ ڪڇ جو
راء ساڻس اچي مليو هو).
ڪڇ کانسواءِ، سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾ شاهه صاحب ٻاهڙ مير ۽
جيسلمير طرف ڀ يرا ڪيا جتي سما، سميجا، مڱريا،
لنجا، ڀنڀرا دل ۽ ڪي ٻيا سندس مريد هئا. جيسلمير
جي راجا ساب به سندس ڏيٺ ٿي ۽ هو ايتري قدر متاثر
ٿيو جو شاهه صاحب جي وفات بعد درگاهه تي نوبت لاءِ
نذراني طور ڀيرون موڪليائين. ان طرف شاهه صاحب
پهريائين غالباً ملتان جي غوثي جماعت جي فقيرن جي
دعوتن تي ويو ۽ پوءِ جن ماڳن تي ويو ۽ رهيو، اتي
کانئس پوءِ (ويندي هن پوئين ويجهي دور ۾ سنه 1930ع
تائين) ’ شاهه جو راڳ‘ ٿيندو رهيو[4]
ڪن حال ۽ ڄاڻ وارن ناٿ- پنٿي جوڳين ۽ هندو ساڌن سنتن ساڻ ملڻ.
سنڌ کان ٻاهر ڪڇ ۽جيسلمير طرف هن دور وارين
مسافرين ۾ شاهه صاحب ناٿ- جوڳين ۽ بين ڪن ساڌن
سنتن سان مليو، ۽ ساڻن توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾
خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. مذهب جي حقيقت ۽ حقانيت
تي شاهه صاحب هن کان اڳ گهڻو سوچيو هو ۽ انهيءَ
سلسلي ۾ هو عقيدي جي ’سچائي‘ ’روح‘ جو قائل ٿي چڪو
هو. اعليٰ ڄاڻ وارن صوفين ۽ عارفن وانگر، شاهه
صاحب دين ۾ محض ’نالي جي مسلماني‘، رسم ۽ رياء
واري پاڪبازي ۽ لوڪ لباس بدران ايمان جي سچائي،
نيت جي صفائي، ۽ انڪساري، ۽ مخلوق سان محبت جي
تلقين ڪئي، ۽ تنبيهه طور ”منهن ۾ مسلمان، اندر آذر
آهين“ چئي ظاهري رسم رياء ۽ اندر جي ٻيائي کي
ننديو. هندو ڌرم جي رکوالن کي به ويجهو وڃي
ڏٺائين. جڏهن سندن ڌرمي پاٺ پوڄائن ۽ عملي ڪرتوتن
کي ڀيٽيائين ته کيس منجهن محض ٻاهرين رسم ۽ رياء
وارو رنگ نظر آيو، تڏهن چيائين ته: ”هندو هڏ نه
آهيين، جڻيو تو نه جڳاء“. شاهه صاحب حق ۽ حقيقت جو
ڳولائو هو، ۽ پنهنجي زندگي جي هر مرحلي تي هو
مسلسل طور ڪائنات جي حقيقت جو ڳولائو هو، ۽ پنهنجي
زندگي جي هر مرحلي تي هو مسلسل طور ڪائنات جي
حقيقت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي، انساني عقيدي ۽
ڪردار جي رسمي صورت توڙي اعليٰ معيار جو مطالعو
ڪندو رهيو. زندگي جي هن دور ۾ جڏهن هو پاڻ معرفت
جو صاحب ٿيو، تڏهن توحيد ۽ وحدانيت واري عقيدي ۾
ئي کيس انسان ذات توڙي ڪائنات جي وحدت نظر آئي.
هاڻي هو اسلام جي حقيقت کي سمجهندڙ عالمن ۽ عارفن،
توڙي ڄاڻ وارن هندو سنتن ساڌن سان وحدانيت ۽ توحيد
جي رازن کي روشن ڪرڻ لاءِ ٿي مليو[5].
ٻاهڙ- جيسلمير طرف مسافرين ۾ شاهه صاحب غالباً
پورب کان ايندڙ ۽ هيڪڙائي حق مڃيندڙ ’هٽ- يوگين‘
کي ڏٺو جيڪي تن کي تسيا ڏيئي حق جي تلاش ۾ هلندڙ
هئا ۽ جن جي جوڳ ۽ ڪشالي جو بنيادي عقيدو ’توحيد‘
هو. ڪن مشهور روايتن موجب شاهه صاحب ٻاهڙ مير جي
پريان (والهوٽي واري علائقي ۾) ڪنهن ماڳ تي ويو،
جتي ’مَلِي- ناٿ‘ نالي هڪ موحد ساڌو سندس معتقد ٿي
ويو ۽ پوءِ ان تڪيي تي يادگار طور مسلمانن- هندن
جو گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو. ڪڇ ۾ شاهه صاحب ڪنڦاڙ
ڪاپڙين جي مڙهين ۽ ڪوٽِسر ۽ نارائڻ سر مندرن جي
سنتن کان سندن ويساهن ۽ پوڄائن بابت پڇيو، ۽ پڻ
توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ ساڻن پيار ۽ محبت سان
ويهي ورونهه ڪئي. ڪوٽيسر جي مندر لڳ واري مسجد ۾
ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃان تائين ٽنگيل
آهي، پڻ شاهه صاحب هنگلور مان ’هنج- ڪريون‘ (ڊگهين
ڳچين واريون ڪَريون) آنديون هيون، جيڪي مسجد ۾
يادگار طور رکيل آهن. ڪوٽيسر جي مندر ۾ ويو، جتي
شاهه صاحب سنتن کي سچائي واري ويساهه ۽ ’هيڪڙائي
حق‘ جي ترغيب ڏني، جنهن کان هو گهڻو متاثر ٿيا،
سندس وڃڻ کان پوءِ اندر جنهن ڀت کي شاه صاحب پڍا
ڏيئي ويٺو هو اتي ڀت ۾ محراب مثل نشان يادگار طور
قائم رکيائون[6].
’ڌيڻو ڌر‘ جبل واري مڙهي جي ڪنهن ڪاپڙي کي (ٻي
روايت موجب خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين، جيڪو پنهنجي
ٻانهن مٿي اڀي ڪري جهليو بيٺو هو. کانئس پڇيائين
ته هن چيو ته: ”مون تپسيا طور ٻانهن کي اڀو جهلي
سُڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو آهي‘، تڏهن شاهه صاحب کيس
تنبيهه طور هي بيت پڙهيو ته:
هنيون نه سُڪايئي هوت لئي ٿو سُڪائين ٻانهون
ڏيکارين ٿو ڏيهه کي دَتا ڪِيو دانهون
پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين ’آديسي آئون‘
ايء پنڌ پراهون، ڪي ڪي لهندا ڪاپڙي[7]
’شاهه جي رسالي‘ جو ’سُر رامڪلي‘ هن دور جي مسافرين ۽ مشاهدن جو
يادگار آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب ’ناٿ پنٿي‘ مُوَحّد
جوڳين، سامين سناسين ۽ ڪنڦاڙن ڪاپڙين جي حوالن
ڪناين سان توحيد ۽ وحدانيت جي نهايت دلپذير ۽ مؤثر
طريقي سان تلقين ڪئي آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب
هيڪڙائي حق وارن جي وڏي تعريف ڪئي آهي، سچائي ۽
صداقت کي ساراهيو ۽ رياء رسم کي ننديو آهي:
گندي ۽ گراه، جن سنياسين سانڍيو
اني کان الله، اڃان آڳاهون ٿئو.
سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. پاڻ پروڙڻ ۽ پرجهڻ خاطر
ويهن سالن کان وٺي نوجوان لطيف سنڌ جي ولين ۽
درويشن جي درگاهن تي ويو ۽ پڻ ان وقت جي ڪن سالڪن
۽ عالمن سان مليو، جن مان ڪم از ڪم ٻن وڏن حال ۽
ڄاڻ وارن بزرگن جا نالا تصديق سان معلوم آهن: هڪ
ميون شاهه عنات رضوي ۽ ٻيو ميون صابر ولهاري. سيد
عنايت الله شاهه عرف ميون شاهه عنات، نصرپور جي
رضوي ساداتن مان هو، سلوڪ ۽طريقت ۾ هو سکر جي شاهه
خيرالدين قادري رحه جي سلسلي سان وابسته هو، ۽
پنهنجي وقت ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. نوجواني
کان وٺي شاهه لطيف جي ساڻس محبت ۽ نيازمندي واري
ڏيٺ ويٺ ٿي. شاهه پور جو ڳوٺ جتي ميون شاهه عنات
رهندو هو توڙي نصرپور جتي هو ايندو ويندو هو، اهي
ٻئي ماڳ ڪوٽڙي کان گهڻو پري ڪو نه هئا. اندازاً
سنه 1120هه کان وٺي ويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه
عنات جي وفات تائين، ٻارهن تيرهن سال کن شاهه لطيف
جون ميين شاهه عنات سان رهاڻيون رهيون[8].
ميون صابر ولهاري، وقت جو وڏو عالم عارف ۽ تقويٰ
جو صاحب هو. هو سمن جي ’ٻَرند‘ پاڙي مان هو ۽
پرڳڻي ولهار (ٽنڊي الهيار کان ڏکڻ اوڀر طرف) ۾
درسگاهه قائم ڪئي هئائين، جيڪا پوءِ مشهور ٿي، ۽
ٽالپور اميرن جي دور ۾ وڏي اوج کي پهتي. ميون صابر
قرآن شريف جي تعليم ڏيندڙ ۽ وڏي فقيري حال وارو
بزرگ هو، جنهن جي ديدار لاءِ شاهه عبداللطيف پاڻ
وڏي چاهه سان وٽس هلي ويو. ميين صابر سنه 1135هه ۾
وفات ڪئي ۽ مخدوم پير محمد هالائي ”صد داغ بدل“ جي
فقري مان سندس وفات جو سال ڪڍيو. جيئن ته اهو پڪو
تاريخي سال آهي، انهيءَ ڪري شاهه صاحب سنه 1135هه
۾ يا ان کان اڳ ساڻس مليو هوندو[9].
ڀٽ کي وسائڻ کانپوءِ، چاليهن سالن جي عمر بعد زندگي جي ٻئي دور
۾، شاهه صاحب جون سنڌ جي جن عالمن ۽ عارفن سان
صٻهتون ٿيون تن مان هيٺين بزرگن بابت (ڪتابن ۽
تحريرن مان، مشهور ۽ معتبر روايتن مان، توڙي جن
ماڳن تي هو رهندا هئا اتي سندن پوين ۽ ٻين ڄاڻن
وٽان) جيڪي حوالا ۽ ٽاڻا ملن ٿا تن مان تصديق ٿئي
ٿي ته شاهه صاحب جون ساڻن هڪ ٻه ڀيرا ملاقاتون يا
اڃان به وڌيڪ عرصي لاءِ حال واريون صحبتون ٿيون.
آخوند حاجي متين الدين سانوڻي هالن پراڻن جو، جنهن کي شاهه صاحب
ميٽائين رنگ جو پنهنجو لباس ڏنو هو، جيڪو پوين
يادگار طور سنڀالي رکيو، تان جو ويندي 87- 1880ع
تائين سانگي جي اُستاد آخوند احمد سانوڻي وٽ موجود
7 محفوظ هو (لطائف لطيفي، ص151).
سيد شهمير شاهه باقيل پوٽو مٽياروي (وفات 10- محرم 1177هه)
مخدوم محمد هاشم جو هونهار شاگرد هو، ۽ اسلام جي
خذمت ۽ دين جي قوت ۾ ڪوشان رهيو. تحفـﺔ الڪرام ۾
سندس ذڪر آهي. شاهه صاحب جي ساڻس محبت جي واٽ هئي
جو کيس حجت سان چيائين ته هو هڪ هندو شخص کي
مسلمان نه ڪري.
مخدوم عبدالباسط هالائي، وڏو عالم ۽ شاهه صاحب جو معتقد هو،
جنهن وٽ شاهه صاحب ايندو هو ۽ اچي ٽڪندو هو (لطائف
لطيفي، ص 152) لطف اللطيف، ص16).
حافظ ميون اسحاق درس مشائخ پوٽو عرف ميون اسحاق بنوري، ميي مشا0626
هوٿي‘ واري ماڳ کان ميل کان ڏکڻ طرف، موجود ڳوٺ
’مُلَڪو دڙو‘ (تعلقو ٽنڊوالهيار) ۾ مڪتب پڙهائيندو
هو. وڏو عابد زاهد هو. ٻارڙن کي نهايت پيار سان
پڙهائيندو هو. شاهه صاحب اچي کيس مليو ۽پڇيائين
ته: ’ادا پاڙهين ٿو يا کارين ٿو!‘ حافظ اسحاق جواب
ڏنو ته: ’جي کاريندس ته به لطيف ٿيندا‘
]
يعني اکرن ۾ کريا ته به اخلاق ۾ لطيف (=
نيڪ ۽ پاڪ) ٿيندا[.
شاهه صاحب اشارو سمجهيو ۽ ساڻس وڏي محبت سان مليو.
شاهه صاحب وٽس ڀيرا ڪندو هو (’مشائخ هوٿي‘ ۽
’مُلڪو دڙو‘ ماڳن جي مشهور مقامي روايت).
ميون محمد مبين ٿَرائي، مخدوم محمد هاسم جو همعصر ۽ دوست،
پنهنجي وقت جو وڏو عالم، ۽ درسگاهه ’چوٽياريون‘
(ضلعو سانگهڙ) جو باني هو (جيڪا کانئس پوءِ وڏي
اوج کي پهتي). شاهه صاحب اڪثر سانوڻ ۾ وٽس ايندو
هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويڍا
ته گهڻو ويهي ويا ۽ البت دير ٿي وئي. جڏهن شاهه
صاحب موڪلايو ته ميين مبين چيو ته: ’جهڙ ڦڙ آهي
ترسي پئو‘. شاهه صاحب جواب ڏنو ته:
”رداء جا رضا جا سا اوڇڻ آديسين“
پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. (مشهور روايت جنهن جي تصديق انهيءَءُ
مان به ٿئي ٿي جو اها سٽ رسالي ۾ ’سر رامڪلي‘ جي
هڪ بيت ۾ موجود آهي).*
مخدوم دين محمد صديقي سهروري سيوستاني (92- 1193هه)، اصل ’پاٽ‘
جو پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهيو هو. شاهه صاحب سان سندس
گهاٽا دوستانا تعلقات هئا جو هڪ ٻئي سان دستارون
بدلائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا. مخدوم موصوف ظاهري علم
توڙي تصوف ۽ طريقت ۾ وڏو ڪامل عامل هو (تذڪره
مشاهير سنڌ، جلد-1، ص 86 ۽ 203).
ميون محمد صلاح بن ميون محمد عارف (ڊاسوڙي جو، پوءِ ’مٽياري‘ ۾
رهيو)، فارسي جو عالم ۽ مولانا رومي جي مثنوي جو
وڏو ڄاڻو هو. شاهه صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿيو، ٻاهر
سفر ۾ هميشـﮧ ساڻس گڏ هوندو هو ۽ روزانو مثنوي جو
وعظ ڪندو هو. شاهه صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس
’خليفو محمد صلاح‘ سڏيندا هئا. سنڌي ۾ ’بزغل جا
ڪلما‘ جوڙيائين جيڪي ’محمد صلاح جي سنڌي‘ جي نالي
سان مشهور ٿيا، پڻ شاهه صاحب جو ’سفر نامو‘
جوڙيائين جيڪو پوئين ويجهي دور ۾ ضايع ٿي ويو[10].
مخدوم عبدالله آگرو (ڪنڊياري جو) جنهن وٽ مسافري ۾ اڳتي ويندي
يا موٽندي شاهه صاحب ترسندو هو[11].
مخدوم محمد صديقي قريشي جيڪو پنهنجي وقت جو عالم ۽ درويش هو ۽
ڪوٽڙي ڪبير (تعلقو ڪنڊيارو) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو.
سندس اهو مڪتب مخدومن جي پاڙي ۾ ’سوا لک مقام‘ جي
وچ تي هو. اتي مسجد هئي جتي شاهه صاحب اچي ٽڪندو
هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻ هو جيڪو پوءِ
يادگار طور ’ڀٽائي صاحب وارو لئو‘ سڏبو هو ۽ سنه
18947ع ڌاري پڻ بيٺل هو[12].
|