سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :5

مٿي ذڪر ڪيل سڀئي ڏهر منٺار فقير پنهنجي مرشدن جي شان ۾ چيا آهن، جن ۾ مختلف سروري سجاده نشينن جي ساراهه، سندن فيض ۽ مسافري جو ذڪر ڏنل آهي. هن سلسلي ۾ منهنجا چيل ڏهر پڻ مثال طور ڏجن ٿا.

لاالــــﮧ الالله، مــحــــمــد الـــرســـول،

جهانن ۾ جميل کي، مولا ڪيو مقبول،

پيغمبر پڌرو ڪيو، الله جو اصول،

طالب الموليٰ مرد ٿي، فڪر ڇڏ فضول،

جنهن قريشيءَ جي قلب کي، قلبئون ڪيو قبول،

سو محبتي ملول، ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو.

آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي شاهه سرور،

پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نظر،

سندي ڏينهن محشر، سوکو ڪج سردار تون.

*

آئون طالب تنهنجو توڪلي تون سخي سرور شاهه،

پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نگاهه،

سدا منهنجو ساهه، سڪي تنهنجي سڪ ۾.

*

آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي سرور پير،

دامن لڳس تنهنجي، منهنجا مٺا مرشد مير،[1]

يا ننگي نوح فقير، ڀرم رکجانءِ ڀال سان.

مٿين سڀني ڏهرن جو موضوع اهو ساڳيو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيل آهي، يعني الله ۽ الله جي رسول صه ۽ مٺي مرشد کان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي طلب جو اظهار.

ان کانسوءِ هن وقت به بئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ ”ڏهر“ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي. سروري جماعت سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان شاعر عبدالله خان ورياهه[2] پڻ ڪافي ڏهر چيا آهن، جن مان مثال جي طور تي ٻه ڏهر هيٺ ڏجن ٿا.

سچو سرور نوح ٿئي، صديقي سلطان،

لاڙ وچولي ٿر ۽ اتر ۾ اعلان،

هند توڙي سنڌ ۾ ملڪان ملڪ بيان،

آگي جا احسان، سرور ڪيو سوجهرو.

*

سرور ڪيو سوجهرو، چوڌر ٿي چانڊاڻ،

مرشد سندي مهر سان ڀريا ڀاڳين ڀاڻ،

طالب سندي طلب جي تن ۾ رکي تاڻ،

سرور نوح سڃاڻ ته سولو نڪرين سير مان.

هي ڏهر پڻ سرور نوح رحه جن جي صفت ۾ بيان ڪيل آهن.مٿي ذڪر ڪيل ڏهر جي نمونن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڏهر مختلف ماڻهن جا چيل آهن؛ پر انهن سڀني جو موضوع اهو ساڳيو آهي. ڏهر جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته اهو نه صرف حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت ۽ سندن درگاهه، پر سندن سجاده نشينن جي فيض ۽ برڪت، مسافري ۽ سهائي سومار بابت پڻ وڏي تعداد ۾ چيا ويا آهن.

ڀلاري ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف عليـﮧ الرحمت پنهنجي رسالي ۾ ”سر ڏهر“ جي عنوان هيٺ چئن داستانن ۾ ڪافي بيت چيا آهن. ڪلياڻ آڏواڻي ڏهر جي معنيٰ سمجهائيندي لکي ٿو ته ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا ڏاڍي مٽيءَ واري سڌي ميدان کي ”ڏهَرُ“ چوندا آهن[3] هن نسبت سان سڌي، سچي ۽ واضح ڳالهه جيڪا ڏهر جو اصل موضوع هوندي آهي، جيڪر ڪنهن به بيت ۾ سمايل هجي، ته ان کي ”ڏهر“ چئي سگهجي ٿو.

جلال کٽي سنڌ جو مشهور ۽ جهونو سگهڙ، جيڪو ٻارهين صدي هجري جي اوائلي اڌ ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ خاص حيثيت آهي. هن پنهنجي هڪ سينگار بيت ۾ ”ڏهر“ جو لفظ ’ڏندن‘ لاءِ استعمال ڪيو آهي. بيت هن ريت آهي:

لڪ ليثي، ”ڏَهَر ڪپور“، ڀروان ڀؤنر ڀونگ،

تنهن سمايا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي.[4]

سينگار بيت جو هڪ ٻيو نمونو سگهڙ ڪوريءَ جو پڻ ملي ٿو. سندس نالو نه ملي سگهيو آهي، پر هي جلال کان پوءِ وري دور جو سگهڙ آهي. هن پڻ ساڳيو لفظ ڏهر، ڏندن لاءِ ڪتب آندو آهي.

مرواريد مات ٿيا ڏسي ”ڏهر“ سندان[5]

سگهڙ جلال کٽي پنهنجي سينگار بيت ۾ ”ڏهر ڪپور“ معنيٰ ’ڪافور جهڙا اڇا ڏند‘ جا لفظ استعمال ڪيا آهن.

جڏهن ته ڪوري سگهڙ ”مرواريد“ يعني موتين کان به وڌ محبوب جا ڏهر، يعني ڏندن جو ذڪر ڪيو آهي.

مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مشهور سگهڙن جي سينگار بيت جي نمونن ۾ ”ڏهر“ جو لفظ ڏندن لاءِ ڪم آندل آهي. نه صرف اهو پر ٻين به ڪيترين لکڻين جي قديم سنڌي زبان جي نمونن ۽ گفتن ۾ پڻ ”ڏَهَر“ ڏندن لاءِ ڪتب آيو آهي.

جهڙيءَ طرح ٻن ڀٽن جي وچ واري اڇي، سڌي ۽ ڏاڍي مٽيءَ واري ميدان کي ”ڏَهر“ چئبو آهي، ساڳيءَ طرح ٻن چپن جي وچ ۾ اڇن، اجرن ۽ سهڻن ڏندن جي قطار کي به ڏهر سڏيو ويو آهي ۽ سگهڙن ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻن به انهيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. پر هن لفظ جو عام استعمال ان معنيٰ ۾ باقي نه رهيو. ان ڪري هن لفظ بابت عام مانهن توڙي اديبن کي ڄاڻ ملي نه سگهي.

ڏهر جي لفظي معنيٰ کي ڳولهيندي مختلف عربي، فارسي ۽ سنڌي لغات ڏسڻ جو موقعو مليو. ممڪن آهي ته هي لفظ اصل ۾ عربي لفظ ”دهر“ جي تبديل ٿيل صورت هجي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي زمانو. نبي ڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم جي حديث ”لاتَسبو الدَهَرَ فان الله هو الدَهُر“، يعني زماني کي خراب نه چئو، ڇو ته ان کي رب پاڪ ٿو هلائي[6] دهر جي لفظي معنيٰ اهڙي زماني جي پڻ آهي، جنهن جو ڪو به ڇيڙو نه هجي. هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي کي پڻ دهر چئبو آهي[7] مقصد ته دهر جي لفظي معنيٰ زمانو، جڳ، وقت، عرصو، مدت، سمو، دنيا، سنسار ۽جهان ٿيندي[8] جيڪو شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڏنل سر ڏهر جو اصل موضوع آهي. سر ڏهر جو هڪ بيت مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:

ڍورو نه اڳئين ڍار، مهند ملاحن لکيو،

موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پسي پاڻيءَ پار،

جسوڌن جيها يار، پيڙا ويرَ و ماس.[9]

ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڏاهه جي لفظي معنيٰ ڏس، پتو، اهڃاڻ، پرو، خبرچار، سڌ، سماءُ، احوال، سڻس، کڙڪ، چتاءُ، آگاهي، اطلاع، ڄاڻ، واقفيت، ڳجهارت، پرولي، مام، سمجهه، عقل، هوش، فهم، ٻُڌي، ڏاهپ، سياڻپ، سچيتائي، دانائي ۽ هوشياري پڻ لکي آهي، جڏهن ته ڏهر کي سنڌي راڳڻيءَ جو هڪ قسم، تعريف جا بيت، سُريلا بيت جيڪي دعا يا ذڪر خاطر ملتان جي غوث بهاؤالدين رحه ۽ مخدوم نوح رحه جا مريد وڏي آواز سان پڙهن، لکيو اٿن[10]

مٿين سڀني ڳالهين جي آڏو اچڻ بعد اهو معلوم ٿيو ته ”ڏهر“ اڇي اجري، واضح ۽ سچي ڳالهه، جيڪا زماني جي مختلف دورن سان تعلق رکندڙ هجي، ان جي سڌ ڏيڻ کي چيو وڃي ٿو، جيڪو صاحب الفيض و الفتوح حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي جماعت سروري ۾ مروج ڏهر جو اصل موضوع آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اڳتي هلي بزرگ نوح هوٿياڻي جي تاريخي حقيقت معلوم ڪندي هڪ ڏهر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پاڻ سومر فقير ڏاهري کان درگاهه حضرت نوح هوٿياڻي تي ٻڌو هئائون.

اٿندي پير اويس جو، نر جو نانءُ ڳنهن،

سي سدا وتن سنرا، پاپ نه پڙي تن،

الله اويسين، ڪوسو واءُ نه واريين.

بلوچ صاحب جن هن بيت بابت لکن ٿا: ”پڇا تي چيائون ته هي ڪو آڳاٽو بيت آهي، جيڪو سيني به سيني هلندو اچي، پر اهو معلوم ناهي ته ڪهڙي شاعر جو چيل آهي. ظاهر آهي ةه هيءُ ’سماع‘ جو بيت آهي، ڇاڪاڻ ته ’اٿندي‘ مان مراد آهي ’سماع‘ ۾ اٿندي سان ئي برڪت ۽ ڀلائيءَ لاءِ اويس پير ۽ اويسين جو نالو کڻن.‘ اهو پڻ ظاهر آهي ته هيءُ بيت مخدوم صاحب جي سلسلي جي فقير جو چيل ناهي، ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحبن جو طريقو ’اويسي‘ ناهي، مگر ’سهروردي‘ آهي. ڏهر جي هن بيت ۾ پير اويس ۽ اويسين وارا ٽاڻا تاريخي لحاظ سان اهم آهن. اسان جي خيال ۾ سنڌي ۾ تصوف جو ’اويسي طريقو‘ ٿورو هليو، مگر آڳاٽو آهي. درويش نوح هوٿياڻي جي توڪل ۽ تسليم واري زندگي مان پڻ سمجهجي ٿو ته هو اويسي هو. مانجهندن جي سامهون الهندي طرف ’شاهه اويس‘، جنهن جي نالي ۾ اويسي طريقي جا اهڃاڻ سمايل آهي، سو پڻ آڳاٽو ولي ٿي گذريو آهي. نسبتا پوئين دور ۾ ڏيرا فقير درويش جيڪي سئي ڪندر واري مقام ۾ دفون آهن، تن مان پڻ هڪ ٽولو اويسين جو هو. هيءُ آڳاٽي اويسي طريقي جي مضمون وارو سماع جو بيت آهي، جيڪو مسلسل روايت ذريعي ’ڏهر‘ طور پڙهجڻ ۾ آيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ اندر ’ڏهر جي سماع‘ کي اويسي طريقي سان پڻ ڪا نسبت آهي، ۽ ڏهر ۽ سماع جو اهو سلسلو ڪم از ڪم اٺين صدي هجري تائين پهچي ٿو، ڇاڪاڻ ته درويش نوح هوٿياڻي تڏهن ٿي گذريو.“[11]

هن ۾ وضاحت طلب اها ڳالهه آهي ته ڏهر ۾ اويسين جو ذڪر ڪيل آهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب اهو ڏهر سروري جماعت جي ڪنهن فقير جو چيل ان ڪري نه آهي جو هيءُ سلسلو سهروردي آهي، اويسي ناهي ۽ سندن خيال موجب درويش نوح هوٿياڻي رحه اويسي سمجهڻ ۾ اچي ٿو.

هن سڄي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين اويسي طريقي کي سمجهجي ۽ پوءِ ثابت ڪجي ته حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جو اويسي طريقي سان ڪهڙو تعلق هو ۽ درويش نوح هوٿياڻي جي مخدوم نوح رحه سان تعلق تي پڻ روشني وجهجي.

اويسي جو لفظ حضرت اويس القرني سيد التابعين جينالي مبارڪ سان منسوب آهي. پاڻ يمن جي علائقي قرن جا رهاڪو هئا. حضور جن جي پرپٺ اسلام قبول ڪيو هئائون، مگر ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيا. پاڻ (سنه 17 هجري کانپوءِ) يمن جي هڪ امدادي فوج سان مديني پاڪ ۾ آيا ۽ حضرت عمر رضي الله عنـﮧ سان سندن پهرين ملاقات ٿي. ڪجهه عرصو ڪوفي ۽ بصري ۾ گوشه نشيني جي زندگي گذاريائون ۽ الله جي عبادت ۾ مشغول رهيا، جنهن کانپوءِ ڪيترين جنگين ۾ حصو ورتائون.

سندن لاڏاڻي بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون. هڪڙي روايت آهي ته آذربائيجان جي هڪ معرڪي ۾ (20 کان 22هه) حصو وٺڻ کان پوءِ موٽندي رستي ۾ اوچتو بيمار ٿي وفات ڪري ويا (حليـﮧ الاوليا، 2: 9.)

ٻي روايت موجب جنگ صفين (37هه- 657ع) ۾ حضرت علي رضه جي طرفان شريڪ ٿيا ۽ شهيد ٿي ڪنهن پاسي گم ٿي ويا.

اڪمال في اسماء الرجال جي عبارت آهي ته ”فُقِدَ يصفين سنـﺔ سبع و ثلثين“ معنيٰ ”گم ٿي ويا صفين مان سنـﮧ 37هه ۾.“

ٽي روايت سندن دمشق ۾ وفات ۽ مقبره باب الجايـﮧ ۾ دفن ٿيڻ بابت آهي.

چوٿين روايت آهي ته پاڻ مڪي شريف ۾ وفات ڪري ويا[12]

هڪ ٻي روايت موجب، سيلاني ماڻهن کان معتبر سندن سان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته حضرت اويس جو مقبرو ڪن مٿاهن جبلن ۾ موجود آهي، يعني سن شهر جي ويجهڙائيءَ وارن جبلن ۾، جتي هر سال 9 ذوالحج جي رات ميلو لڳندو آهي[13]

تاريخ مظهر شاهجهاني وارو به ساڳي ڳالهه جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته ”سن کان پنج ڪوهه پري ٺٽي جي طرف ڏانهن هڪ جبل آهي، جنهن تي حضرت خواجه اويس قرنيءَ جي مزار پئي ٻُڌجي، جتي سندس والده جي مزار به آهي. هيءَ جاءِ اويس قرنيءَ جي نظر گاهه به ڪوٺجي ٿي. صبح جي موقعي تي جبل ۽ ٻين پاسن کان حشام ماڻهن جا زيارت لاءِ هتي ايندا رهن ٿا.“[14]

سنڌ ۾ اويسي قرني عليـﮧ الرحمت جي روضي مبارڪ جو هجڻ ۽ ان تي سالياني ميلي لڳڻ تي وقت جي عالمن اعتراض ڪيو ته حضرت اويس يمن مان هلي اچي سنڌ ۾ وصال ڪيو يا حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ جي لشڪر ۾ شهادت پرائي اچي سن واري جبل ۾ مدفون ٿيو. اها ڳالهه مڃڻ جهڙي نه آهي، پر ڪن بدعتي قبر پرستن اها مصنوعي قبر ٺاهي آهي. انهي حجت ۽ دليل سان انهن عالمن قبر تي ويندڙ ماڻهن کي روڪيو. روڪيندڙ عالمن ۽ حضرت مخدوم بلاول عليـﮧ الرحمت پڻ شامل هئا.

حڪمت الاهي حضرت مخدوم بلال رحه کي ٽلٽي ۾، جتان سن وارو جبل نظر ٿو اچي حضرت اويس قرني رحه جن پنهنجي مقرر ٿيل مقبري مان پنهنجي بزرگي ۽ ڪرامت جي قوت سان جلوه افروزي ڪري پنهنجو مشاهدو ڏيندي فرمايائون ته فقيهن جي روايت پوري آهي، پر اسين ته اجهو پنهنجي قبر ۾ موجود ويٺا آهيون[15]

ان مشاهدي بعد حضرت مخدوم بلاول رحه جن مريدن ۽ شاگردن سميت سن ۾ اچي حضرت خواجه اويس قرني رحه جي زيارت ڪئي. گهڻي زماني کان اهو مقبرو ڊهي ويوهو، جنهن کي سنڌ جي ارغون حاڪم ميرزا شاهه حسن وڏي عقيدت منديءَ سان ٺهرائي ان جي چوڌاري ديوار ڏيئي چوڪنڊي قائم ڪئي ۽ ماڻهن جي سهوليت لاءِ تلاءُ ٺهرايائين[16]

عارفن ۽ صوفين جي اصطلاح ۾ اويسي ٻن قسمن جي بزرگن کي ٿو چئجي. هڪڙا جن جي بيعت جو سلسلو حضرت اويس قرني رحه جن کان هليو آهي؛ ٻيا اهي جيڪي حضرت اويس رحه وانگر بغير ظاهري مرشد جي منزل مقصود کي رسيا آهن.

هتي هي سمجهڻ به ضروري آهي ته حضرت اويس قرني رحه جن جي سلسلي جا ڪهڙا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن کي اويسي سلسلي جو چئي سگهجي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته اهو متبرڪ سلسلو حضرت جنيد بغدادي عليـﮧ الرحمت جن کان مٿي هلي ٿو. سندن وفات 7 رجب المرجب سنه 297هه ۾ ٿي. اهو مريد هو. شيخ ابو عمر اصطخري جو، اهو سڳورو مريد هو حضرت سلطان ابراهيم بن اهم جو جنهن جي وفات 28 جمادي الاول سنه 166هه ۾ ٿي. جيڪو مريد هو حضرت ابو موسيٰ يزيدراعي جو. اُهو مريد هو حضرت ابو عمرو اويس قرني رحه جو ۽ ان سڳوري کي فيض مليو، حضرت عمر رضي الله عنـﮧ ۽ حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ کان. جيڪي به بزرگ حضرت جنيد رحه سان منسلڪ آهن، اهي سڀئي سڳورا اويسي سلسلي جا اصحاب سڏائڻ جا مستحق آهن. ڇاڪاڻ ته سندن بزرگن جو ظاهري شيخ طريقت اويسي سلسلي سان تعلق رکندڙ آهي ۽ انهن جي بيعت جو سلسلو حضرت اويس قرني رحه کان هليو اچي. ٻيا اهي جيڪي سواءِ ڪنهن ظاهري مرشد جي حضرت اويس قرني رحه جن وانگر قادر جي ڪرم سان ڪامل اولياءَ الله ٿي ويا، انهن کي ”اويسي المشرف“
چئبو. شيخ ابو القاسم جرجاني ۽ حضرت خواجه ابو الحسن خرقاني (وفات 425هه) پڻ اهڙن اويسي المشرف اولياء ڪرام مان آهن.

ساڳي طرح حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن جو به ظاهري مرشد نه آهي، ان ڪري کين پڻ ”اويسي المشرف“ چيو ويندو. انهيءَ سبب جي ڪري کين سهروردي سان گڏوگڏ اويسي پڻ سڏيو ويندو آهي.

اويسي بزرگن بنسبت چيو وڃي ٿو ته اهي سڳورا ذڪر سان گڏ ”اويس، اويس“ جو نعرو پڻ هڻندا هئا.

ساڳي طرح حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن شروعات ۾ ”لا الله الاالله“ جي ذڪر سان گڏ ”اويس، اويس“ به گهڻو چوندا هئا[17]

قطب الاقطاب حضرت مخدوم نوح رح جن پنهنجي اويسي شرف حاصل ڪرڻ بابت فرمائين ٿا ته ”جڏهن چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ پڙهندو هئس، هڪڙي ڏينهن حضرت ابوبڪر صديق رضه تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليـﮧ وسلم جن توهان کي سڏايو آهي. پاڻ ٻئي سڳورا مون کي پاڻ سان هڪڙي عجيب ۽ حيرتناڪ رستي تان وٺي هليا، تان جو هڪ جبل تي اچي چڙهياسون. اتي هڪڙي عاليشان جاءِ هئي، پاڻ مون کي ان ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائون. جڏهن اتي هتاسون ته حضرت عيسيٰ عليـﮧ اسلام جن جي ڪچهري لڳي پيئي هئي. مون کي سندن آڏو پيش ڪيائون، انهن اسان جي ڏاڍي عزت ڪئي. سندن هٿ ۾ هڪ ڦرهي هئي، جيڪا مون کي عنايت ڪيائون، جنهن تي ٽي سٽون لکيل هيون ۽ مون کي سبق وانگر پڙهيائون. اتي مون کي حضور جن صلي الله عليـﮧ وسلم جو ديدار نصيب ٿيو، سندن اشاري تي ويجهو حاضر ٿي سندن قدم بوسي جي سعادت حاصل ڪيم. حضور جن گهڻيون مهربانيون ۽ لطف فرمايا. ڦرهي وٺي اهي سٽون ڏسي نئين سر سبق پڙهايو. اتان ٿي اچي وهب الاهي جو آغاز ٿيو. لدني علم جا دروازا کلي پيا. ظاهري ۽ باطني علوم جا درياهه سيني ۾ پلٽجي پيا ۽ تعليم و تربيت جو سڌو رب تعاليٰ سان تعلق پيدا ٿي پيو ۽ سڌو سنئون ان جو مريد ٿي پيس.“ حضرت غوث الحق جن جي اهڙيءَ طرح بلاواسطه ظاهري مربي ۽ مرشد جي سڌو رب تعاليٰ جي ذات اقدس کان تلقين وٺڻ ۽ فيض پرائڻ کي اويسي طريقو ٿو چئجي.[18] ڪامل عارفن اويسيت جي اوائلي سڃاڻپ ۽ تعريف ڪئي آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪنهن خاص ٻانهي کي ڪنهن ٻئي جي وچ ۾ پوڻ کانسواءِ پنهنجي بي انتها فضل ۽ ڪرم سان صمدي تعليم سان مشرف ۽ ممتاز ڪري پاڻ تعليم ۽ تربيت عطا ڪري ۽ تلقين بخشي ته اهو شخص اويسي طريقي ۽ اويسي نسبت وارو ٿي پوندو.

حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي اويسي هجڻ جي سلسلي ۾ حضرت بهاؤالدين گودڙيو فرمائي ٿو ته ٺٽي شهر ۾ حضرت ميان محمود ڪاريي رح جي جاءِ تي، جيڪو حضرت مخدوم اعظم جن جو مريد پڻ هو، فقيرن ۽ الله وارن جي محفل مچايو ويٺا هئا، ۽ ڳالهه پئي ٿي ته فلاڻو بزرگ فلاڻي ولي الله جو عقيدتمند ۽ فلاڻو فقير فلاڻي شيخ جو مريد آهي. ٺٽي جي هڪ مشهور بزرگ مخدوم فضل الله، شيخ ابوبڪر رح (حضرت مخدوم نوح رح جي ڏوهٽي) کان پڇيو ته حضرت مخدوم نوح رح جن ڪهڙي بزرگ جا عقيدتمند ۽ مريد آهن. شيخ ابوبڪر رح جن جڏهن مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته ساڳيو سوال کانئن معلوم ڪيائون. حضرت مخدوم اعظم جن ارشاد فرمايو ته، ”اسين مخلوق مان ڪنهن جا به مريد نه آهيون، پر قادر جي ڪرم جا مريد آهيون.“

شيخ ابوبڪر اطمينان سان سڄي ڳالهه مخدوم فضل الله جن کي ٻڌائي. ان چيو ته بيشڪ هو سچو شخص آهي، ۽ پاڻ اويسي اولياء جو درجو رکن ٿا. ان بعد مخدوم فضل الله سڀ شڪ شبها ختم ڪري هردم پنهنجن ۽ مريدن واري روش اختيار ڪئي.[19]

جنهن وقت هي واقعو رونما ٿيو هو تڏهن مخدوم اعظم حضرت غوث الحق رحمت الله عليـﮧ پورا ٽي مهينا ٺٽي شهر ۾ مقيم رهيا ۽ پنهنجي فيض ۽ برڪت سان الله وارن، نيڪ ماڻهن ۽ حاجتمندن جي رهبري ۽ سروري ڪندا رهيا.[20]

اهڙيءَ طرح حضرت مخدوم نوح رح اويسي ٿيا ۽ اويسي ولين جو درجو سڀني اوليائن کان بلند ۽ بالاتر هوندو آهي. مٿين سمورن دليلن ۽ تاريخي حقيقتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان خيال جي واضح ترديد ٿي وڃي ٿي ته مخدوم صاحبن جو سلسلو اويسي نه آهي، ۽ پير اويس بابت چيل ڏهر مخدوم صاحبن جي سلسلي جي ڪنهن فقير جو چيل نه آهي، پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ڏهر سروري جماعت جي ڪنهن فقير جو چيل آهي، جنهن ۾ پنهنجي مرشد کي اويسي پير ۽ ان جي مڃيندڙن ۽ مريدن کي اويسي سڏيو اٿس.

جيستائين درويش نوح هوٿياڻي جو ذڪر آهي، جنهن جي درگاهه تي هي ڏهر ٻڌو ويو ان جو تعلق پڻ جماعت سروري سان آهي. هن بزرگ بابت جيڪي تفصيل هٿ اچي سگهيا آهن، سي هن ريت آهن:

صاحب الفيض و الفتوح حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحت جن جي والد ماجد مخدوم نعمت الله رحمت الله عليـﮧ جن جي خدمت ۾ هڪ فقير رهندو هو. هڪ ڏينهن اهو درويش ائين چئي مخدوم نعمت الله جن وٽان هليو ويو ته اوهان جي پيشانيءَ ۾ جيڪونور هو، اهو منتقل ٿي چڪو آهي. جنهن ڏينهن مخدوم نوح رح جن جي ولادت باسعادت ٿي ته اهو بزرگ اتي پهچي ويو ۽ مخدوم نوح رح جن جي بيعت ڪري مريد ٿيو.

هن واقعي جو ذڪر منٺار فقير راڄڙ پنهنجي هڪ ڏهر ۾ هن ريت ڪيو آهي:

جنهن ڏينهن ڏيدا پير ٿيو، سرور شاهه سردار،

تڏهن هوٿياڻيءَ حضور ۾، اچي ڪيو اظهار،

ته ان ۾ نورالله جو، جو جل جلال جبار،

رجمون منجهه رسول جو، اڙين جو آڌار،

آئون مريد ٿيندس مخدوم نوح جو، اٿم ٻڌو اعتبار،

سو مون وٽ مڪمل آڻيو، ته ڪندس دلبر جو ديدار،

پوءِ آندائون اڪمل کي، جو ماڻهن جو مهندار،

اتي هوٿياڻيءَ هٿ ورتو، ٿيو دست بيعت بردار،

تڏهن ان صادق شاهد ٿي، ڪيا چؤ قبلي چوڌار،

ته آئون مريد اولياء جو، آهيان پهرين درجي دار،

تڏهن فيض ڌڻي فرمايو، تنهن طالب سان تڪرار،

ته نو لک ملڪ مريد ٿيا، منهنجا شاگرد بي شمار،

تنهن پڄاڻان تنهنجو، مون نام رکيو نروار،

اهڙا معجزا مخدوم نوح جا، آهن لکين لک هزار،

تنهن جون تعريفون ڪيتريون، ڪندو مداحي منٺار،

آهي اور نه ڪوئي پار، سرور سندي سگهه جو.[21]

درويش نوح هوٿياڻي بابت انهن روايتن کان سواءِ ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ پڻ حوالا ملن ٿا. انهن موجب درويش نوح هوٿياڻي،[22] اٺين صدي هجري جي آخر ۾ کيبراڻي واري ايراضي ۾ هڪ نالي وارو درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي درگاهه هن وقت حيدرآباد- هالا رستي تي کيبرن جي ڳوٺ کان ٻه ميل کن اتر- اوڀر ۾ واقع آهي. حديـقـﺔ الاولياء جو مصنف لکي ٿو ته: جڏهن ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين سنڌ پهتا ۽ کيبرن جي ڳوٺ کي ڏٺائون، جنهن ڍڳن جي گوهر پئيچاري. ان موقعي تي ڪو شخص سندس گوهر ڏانهن وڌيو، جنهن تي بزرف چيس ته: ڄام تماچي جي حڪم سان منهنجي مال سان دست اندازي نه ڪر. اهو ٻڌي هو نهايت عجب ۾ پيا ۽ اڳتي وڌي اچي درويش کان پڇيائون ته ملڪ جو والي اڃا ڄام جوڻو آهي ۽ تماچي دارالخلافت دهليءَ ۾ نظربند آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چوين ته ’ڄام تماچي جو حڪم آهي.‘ درويش چيو ته ’مون کي تماچي جي خبر ڪانهي، باقي ٻن ٽن ڏينهن کان وڻ ٽڻ پکي پکڻ کان اهائي صدا ٻڌي رهيو آهيان ته ڄام تماچيءَ جو حڪم آهي.‘ اها بشارت ٻڌي کين نهايت خوشي ٿي ۽ درويش سان پنهنجو سڄو احوال ڪيائون ۽ مقصد حاصل ٿيڻ خاطر پاڻ تي نذرانو مقرر ڪيائون.

غالباً انهيءَ موقعي تي درويش کين دعا ڪئي ته فتح اوهان جي آهي. چون ٿا ته درويش نوح ان موقعي تي هي بيت پڙهيو:

جوڻو وڃي جهوري ماريو،

ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.[23]

يعني ته ”ڄام جوڻي کي وڃي پورو ڪريو، ۽ ڄام تماچي کي ملڪ جو بادشاهه بڻايو.“

درويش نوح هوٿياڻي هي دعائيه فقرا تڏهن چيا جڏهنڄام تماچي سنڌ ۾ پهچي ويو هو ۽ ٺٽي ڏانهن ويندي کيبرن وٽان اچي لانگهائو ٿيو. تاريخي لحاظ کان ڄام تماچي غلاباً سلطان فيروز شاهه جي فوت ٿيڻ (18- رمضان 790 -1388ع) تي دهلي ڇڏي.[24] مقصد ته هي واقعو به ان تاريخ کان ستت پوءِ جو آهي. مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جي تاريخ ولادت 27- رمضان المبارڪ 911 هه آهي ۽ سندس دارالبقا ڏانهن روانگي 27- ذوالقعد 998هه جو ظهور پذير ٿي.[25] جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بزرگ نوح فقير هوٿياڻي ڄام تماچي جي سنڌ ڏانهن واپس ورڻ (790هه -1388ع) وقت ننڍي عمر جا هئا ۽ سندن عمر مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي ولادت (911هه) وقت اٽڪل سو سؤ سالن کان مٿي هوندي. هي فقير پنهنجي وقت جو نالي وارو درويش ٿي گذريو آهي ۽ سندس ڪيئي ڪرامتون مشهور آهن. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي پاڻ مخدوم نوح رحمت الله عليـﮧ جا سچا ۽ ڀلارا مريد هئا. سندس والاد اڄ تائين به درگاهه سروري سان ساڳي عقيد رکن ٿا ۽ مريد آهن.

مٿين سڀني ڳالهين سمجهڻ سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جو سلسلو نه صرف سهروردي پر ”اويسي“ پڻ آهي ۽ سندن مريد هجڻ جي حيثيت ۾ درويش نوح هوٿياڻي کي پڻ اويسي چئي سگهجي ٿو.

 

ba

 

 


 


[1]  مقدمو ”رسالو رهنمائي“، از طالب الموليٰ.

[2]  عبدالله ورياهه پٽ تاج محمد ورياهه، ٽنڊي آدم جو رهندڙ آهي. پاڻ شاعر کانسواءِ اديب پڻ آهي. سندس ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ”سنڌ جي تاريخ سڪن جي روشنيءَ ۾“ لکيل آهي.

[3]  شاهه جو رسالو، ترتيب پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، صفحو- 467.

[4]  سنڌي سينگار شاعري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1986ع.

[5] ايضاً، ص 154.

[6]  لسان العرب- امام علامه ابي الفضل جلال الدين محمد بن مڪرم ابن منطور الافريقي المصري، جلد چوٿون، دارصادر، بيروت، لبنان صفحو 292.

[7]  فرهنگ فارسي عميد، حسن عميد، تهران ڇاپو ڇهون، 1365هه، جلد اول، صفحو 1165.

[8]  جامع سنڌي لغات، جلد ٽيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1404هه - صفحو 1249.

[9]  شاهه جو رسالو، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، سر ڏهر، داستان پهريون، بيت نمبر ڏهو، صفحو 456.

[10]  جامع سنڌي لغات، جلد ٽيون، صفحو 1307 ۽ 1348.

[11]  سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، صفحو 307.

[12] انسائيڪلوپيڊيا ] اردو[ جلد ٽيون، دائره معارف اسلاميه، پنجاب يونيورسٽي لاهور، ص ص 570 ۽ 571.

[13] سراج العارفين.

[14]  تاريخ مظهر شاهجهاني، يوسف ميرڪ (ترجمو: نياز همايوني)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1979ع، صفحو 299.

[15]  سراج العارفين جي حوالي سان هي ذڪر قلمي ڪتاب سفينـﺔ النوح ۾ ٿيل آهي، صفحو 77.

[16]  سفينـﺔ النوح في سڪينـﺔ الروح (قلمي) تاليف حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي صفحو 82، (طالب المولي لئبرري هالا نوان).

[17]  سفينـﺔ النوح في سڪينـﺔ الروح (قلمي) تاليف مخدوم غلام حيدر صديقي، صفحو 82 کان 86.

[18]  رساله فتحي، (قلمي) از مخدوم فتح محمد رحمت الله عليـﮧ (طالب الموليٰ لائبريري هالا.)

[19]  سفينـﺔ النوح (اردو قلمي) تاليف مخدوم غلام حيدر رح. تصحيح ۽ حاشيه عبدالله ورياهه، ، طالب الموليٰ لائبريري هالا، صفحو 76- 77.

[20] سراج العارفين، قلمي، طالب الموليٰ لائبريري هالا، صفحو 99.

[21]  رسالو رهنمائي، منٺار فقير راڄڙ، مرڪزي بزم طالب الموليٰ هالا، 1984ع،
 صفحو 38.

[22]  حديقـﺔ الاولياءَ ۾ ’درويش نوح کبير‘ لکيل آهي، پر سندس بزرگ جو نالو هوٿي هو، انهيءَ ڪري مقامي طرح ’نوح هوٿياڻي‘ جي نالي سان مشهور آهي.

[23]  حديقـﺔ الولياءَ (قلمي 1240ع) مير علي شير قانع واري نسخي جي حاشئي تي هي بيت لکيل آهي.

[24]  سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1980ع، 182- 183.

[25]  سفينـﺔ النوح (اردو) قلمي. تاليف مخدوم غلام حيدر صديقي، تصحيح ۽ حاشيه، عبدالله ورياهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com