سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :2

شاعري

 

لافاني ڪلام

 

مخدوم امين محمد صديقي ”امين“ رح

 

ٻاروچا ٻيهار

اڱڻ آءٌ تان عيد ڪيون.

اچي ويهج اوڏڙو، منهنجا تون منٺار،

ديدن ۾ ٿا ديد ڪيون.

هلڻ واريون من ۾، هلي ڪر هيڪار،

خوشيءَ کي ته خريد ڪيون.

اهي اسان کي ڳالهڙيون سيکاريون سنسار،

هلائي ته حميد ڪيون.

هل ته گهمون ڪي گهٽيون، برهن جي بازار،

شهرن ۾ ته شنيد ڪيون.

”امين“ تنهنجي عشق جي، پيئي آهه پچار،

هوتان رسيد ڪيون.


 

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

غزل

ڇو ڪو نه ڪيئي وعدو وفا خير ته آهي،

اي منهنجا مٺا ماه لقا خير ته آهي.

اڄ شيرين زباني جي جڳهه خامشي ڇا کان،

اي دلربا اي هوش ربا خير ته آهي.

پهرين ته تظلم کان پيو وٺندو هئين ڪم،

اڄ ڇا کان نه آ جورو جفا خير ته آهي.

ناراض اهين سهڻا صنم؟ چور ٻٽي چپ،

ڇو ڇو ٿو ڪرين صلح و صفا خير ته آهي.

برگِ گلِ تر کان به تون نازڪ اهين دلبر،

پر هيسين ٿو بي جرم و خطا خير ته آهي.

اي منهنجا سڄڻ يار طبيبِ دلِ مجروح،

ڏين ٿو نه دوا، بلڪ دعا خير ته آهي.

آئين نه، سڄي رات اکن تي مون گذاري،

تو کان ٿو پڇان يار ته ڇا خير ته آهي.

هي جوش هي گرمي آ سڄڻ ڇا جي ڪري اڄ،

مون کان نه ٿي اربع ڪا خطا خير ته آهي.

اڳ چڙندو هئين طالبِ مولا سان پيارا،

اڄ ڪجهه به ڪڇين ٿو نه، ڀلا خير ته آهي.

(11- آگسٽ 1988ع)

 

سيد احسن الهاشمي

 

ڪجهه اکين سان اکيون ملائڻ ڏيو،

عشق جو حوصلو نه هارڻ ڏيو.

سنگِ در تائين مون کي پهچڻ ڏيو،

روح کي ڪا گهڙي ته ترسڻ ڏيو.

غم جون ڳالهيون ڪرڻ ڏيو، روئڻ ڏيو،

يار ڦاٿل کي ڪجهه ته ڦٿڪڻ ڏيو.

تنهنجي ياد آمد جو پوءِ ذڪر ڪندس،

پهرين پيرن تي پنهنجي بيهڻ ڏيو.

تنهنجي آوازِ پا تان صدقي وڃان،

دل جي ڦٿڪي ته اُن کي ڦٿڪڻ ڏيو.

پير ته پاڻي اچي ويندو،

پهرين مون کي رُٺل سان پرچڻ ڏيو.

هن کي ڏسندي جي پُل صراط مٿان،

پير تِرڪي پوي ته تِرڪڻ ڏيو.

درد مون ساڻ حُجتون نه ڪريو،

زيست کي مشڪلن تي مشڪڻ ڏيو.

احسنِ خسته کي وساري ڇڏيو،

ڇا ڪندو ڀل ڪني کي ڪرڪڻ ڏيو.

       

بشير مورياڻي

دل جوهر زخم گل ٿيو آهي،

درد کي مون دوا ڪيو آهي.

جنهن کي سمجهون ٿا نور جو مرڪز،

سج جو هڪڙو ترورو آهي.

سون گهوري ڇڏيان ٿو سيڻن تان،

بس اهو دل جو فيصلو آهي.

جنهنکي سمجهان ٿو آءٌ ديسان دوُر،

سو ته دل کان به ويجهڙو آهي.

ڪيئن توسان لڳي اسان جي دل،

تنهنجو انداز اوپرو آهي.

روشني روشني ٿيو ماحول،

رُخ تان پردو سُري ويو آهي.

دل جي ڌڙڪڻ ٿي ويئي آهي تيز،

تنهنجي آمد جو آسرو آهي.

بي حجابانه آءٌ دل ۾ هلي،

بعد مدت جي در کليو آهي.

تنهنجو چهو هجي يا چانڊوڪي،

منهنجي اندر جو اولڙو آهي.

ڇو نگاهون ملي جهڪي ويئون،

نيٺ ڪوئي ته سلسلو آهي.

وقت جي بيهجي وئي رفتار،

بعد مدت جو هُو مليو آهي.

تون اجايو جلين پيئي گوري،

منهنجو ساجن ته سانورو آهي.

روپ جي رڻ ۾ پُر فضا پاسو،

تنهنجي زلفن جو ڇانورو آهي.

عنايت بلوچ

کڙڪي کولي جهاتيون پايان،

تنهنجون واٽون پيو واجهايان.

پنهنجي پنهنجي قسمت آهي،

هُو مُرڪي، مان نير وهايان.

تون سڀني جو، سڀڪو تنهنجو،

ڪو به نه منهنجو، ڪنهن جو ناهيان

غيرن کان ڪو الڪو ناهي،

يارن کان ٿو مان گهٻرايان.

سچ جي مون ۾ جرئت ناهي،

ڪوڙ چوڻ کان ڇو شرمايان.

آهيان سارو عيبن هاڻو،

ڪهڙا ڪهڙا عيب لڪايان.

جڳ ۾ جيڪو جيئن به سمجهي،

تنهنجي لاءِ عنايت آهيان.

 

تاج بلوچ

بي خياليءَ ۾

تو جو هٿ هوا ۾ لوڏيا

تنهنجي چوڙين جا

پولارن ۾ ٽهڪ ٽڙي پيا

۽ ڪنواري هٿن جو خوشبوءَ،

رم جهم رم جهم مهڪ پکيڙي،

 

کليءَ هوا ۾

تو جي اڱڻ تي پير گهمايا

سڀ کي جاڳايو

تنهنجي پايل جي ڇم ڇم

گيت کڙي پيا

لهر لهر سنگيت ٻري پيو.

 

تو جي وار هوا تي ڇوڙيا

ميگهه ملهار جي موسم موٽي.

چڪ ۾ پوتيءَ جي ڪنڊ جهلي

پير جي ننهن سان

تو جي ڌرتيءَ کي کوٽيو

خوشبوءِ جو ساگر ڇلڪي پيو.

 

تو جي مرڪيو

ڌرتيءَ کان اُڀ ڪنارين موتيا مهڪيا

چانديءَ جي جلون جو نور ٻري پيو

تو جي ڪڏهن، ها، تو جي ڪڏهن

بي خياليءَ ۾ ٽهڪ ڏنو

ايئن لڳو، ها ايئن لڳو

ڄڻ ٿر تي مينهن اُٺو

بي خياليءَ ۾

بي خياليءَ ۾.

سرويچ سجاولي

ڳورن ڀُرن ڪارن .....

اُڀ ڀون جي اِسرارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون،

پَڙهيم پَٽين پارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

هُو هُو جي هونگارن ۾، سج ۽ چنڊ ستارن ۾،

آذانن اذڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

پوڙهن جوانن ٻارن ۾ ۽ ساون ساون ٻارن ۾،

۽ اَن سان ڀريل ٻارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

کڙندڙ ٽڙندڙ تارن ۾، ۽ يَڪتارن جي تارن ۾،

تَن جي تندن تارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

ڳيرن جي ڳٽڪارن ۾، ڪونجن جي ڪُڻڪارن ۾،

ڀونئرن جي ڀُڻڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

سوچن ۾ افڪارن ۾، ۽ ڳورن ڀُرن ڪارن ۾،

جنسن ۽ جنسارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

سئُهڻن سبز نظارن ۾ ۽ ولين جي وَڻڪارن ۾،

غُنچن ۽ گلزارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون.

مُرڪن ٽَهڪن کِلڪارن ۾، کيجن خوشين کيڪارن ۾،

لولين جي للڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

واهوندن ۽ وَسڪارن ۾، هيرن ۾ هٻڪارن ۾،

ڪڪرن ڪارن ڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

شُعرا جي اَشعارن ۾، اَدبا جي شهپارن ۾،

فنڪارن فنپارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

سرويچن ۽ سچارن ۾، مهميرن ۽ مهندارن ۾،

ماڻهن مڻيادارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون.

 

مظفر حسين جوش

ڪافي

جن لئه ڀنان نيڻ جيڏيون، منهنجا سي جانب آيا.

سڪندي سڪندي سال گذاريم، روز ٿي جن لئه اڱڻ اجاريم،

سي ئي آيم سيڻ، مولا مهرؤن محب ملايا.

ورهه وڇوڙو سر تي آيو، پاڙي وارين ساهه سڪايو،

ويرين ڏنا ويڻ، اديون اکر سي مون نه ورايا.

جن جي آئي خوشيون آيون، وک وک تي مليم واڌايون،

ڀل سي آيا ڀيڻ، ڀلي پنهنجا ڀال ڀلايا.

ساهه ۾ سانڍيم سڪ سڄڻ جي، پکي آيا پيار مان پيهي،

جيڏيون ٺريم نيڻ، ڀينر ٿئيڙم ڀاڳ سوايا.

 

عبدالقيوم صائب

غزل

ڀروسو ڪهڙو ڪجي تقدير تي،

ڪم هليو آهي جڏهن تدبير تي.

خوابِ هستيءَ کي پريشان ڪيم ڪر،

ڳالهه آهي خواب جي تعبير تي.

دهر ۾ تخريب ڪاريءَ جو هنر،

ضرب ڪاري آهه خود تعمير تي.

دورِ حاضر ۾ به صوفي مست آهه،

اڻ ڏٺل جي، اڻ ڏٺل تصوير تي.

سرمد و منصور جي ڳالهين پٺيان،

حرف آيو آهه پڻ تفصير تي.

منهنجي زخمن جا نشان آهن ٿيا،

نقش هر هڪ حلقئه زنجير تي.

حق جي نالي ۾ وري ناحق ٿيو،

زور هو بس، ڪوڙ جي تشهير تي.

اصل کان پاسو ڪري، خوش هو صنم،

مست ماڻهو هو جڏهن تفسير تي.

جام شيرين زهر آلوده ڪري،

ٿو ڏجي سقراط جي تقرير تي.

مرد ماريا ٿا وڃن، هر دؤر ۾،

بس، ذرا هڪ شوخيءَ تحرير تي.

ڏاڍ پنهنجي ڏاڍ تي مڇريو وتي،

دم هڻي ٿو، هو دمِ شمشير تي.

حلقئه ياران ۾ آهن سڀ ڪٺا،

وڃ نه ڪنهن جي تخم تي تاثير تي.

ويسلو ٿي واٽ ٿي صائب نه ويهه،

ڇو ٿو ترسين جاده بي پير تي.

 

 

 

محمد علي ”جوهر“

 

ٿيو پري اکڙين کان پيارو يار دلبر عيد ڏينهن،

ٿيا اسان جي لاءِ عاشورا سراسر عيد ڏينهن.

دور ڪنهن کان شل نه ٿئي دلبند دلبر دادلو،

زندگي اهڙي کان آهي موت بهتر عيد ڏينهن.

دور دل کان ڪين مان هڪڙي گهڙي توکي ڪيو،

رَتُ رُئاري ٿو مِٺا تنهنجو تصور عيد ڏينهن.

ٿيو هلالِ عيد دنيا لاءِ پيغامِ خوشي،

بڻجي منهنجي لاءِ آيو نوڪِ خنجر عيد ڏينهن.

آهه اُڀريو سج اڄوڪو سور جو سامان کڻي،

اڄ ڏکن مون کي ورايو آهه ويتر عيد ڏينهن.

عيد جي سڀ ڳالهه ڇيڙي اي عزيزو! دوستو!

اڄ نه مون کان رت جا وهرايو سمندر عيد ڏينهن

اي ملڻ وارو! مبارڪ عيد جي مون کي نه ڏيو،

منهنجي دل کي سڀ ڏکايو ڪين هَر هَر عيد ڏينهن.

شينهن جا پٽ سورما جوڌا جوان سڏجن سوين،

شينهن جي ڏاڏي سندو ڏيجي نه همسر عيد ڏينهن.

ڪير ڏيندو اڄ کِلي جوهر مبارڪ عيد جي؟

ڪير نوڙي نياز سان پائيندو ڀاڪر عيد ڏينهن.

مسڪرائي ناز سان سينگارجي سامهون اچي،

ڪير پيرين اڄ پئي پائيندو ڀاڪر عيد ڏينهن.


 

محبوب سروري

 

هي سروري صاحب جو غزل، غور طلب آهه،

هر شعر ۾ آ راز لڪل، غور طلب آهه.

ڪنهن کي به خدا حسن جي بک ڪا نه ڏني آهه،

ڪاڻيءَ به وڌو آهه ڪجل! غور طلب آهه.

رندن جي خلاف آهه سڄي ملڪ ۾ هڙتال،

هر شيخ آ سرگرمِ عمل غور طلب آهه.

حاوي ٿو ڏسان شهر تي حجري جي سياست،

ميخاني تي آ تالو لڳل، غور طلب آهه.

ڪنهن قدر ڪيو مردِ قلندر جو نه جئري،

ميڙو آ جنازي تي متل، غور طلب آهه.

پيري ۾ ڪري شادي ٿو، هي شهر جو قاضي!،

ڏس! واڇ ڦِريل، ڏند ڀڳل، غور طلب آهه.

هن پوڙهي به فرياد جواني تي ڪيو آهه!

ڏاڙهيءَ تي اٿس ’ڪيس‘ ڪيل، غور طلب آهه.

بي وقت اچي راڳڻي اڄ ڇيڙي رقيب آهه،

خوشين ۾ وجهي ٿو هو خلل، غور طلب آهه.

هٿ جنهن جا هئا صاف، اهو صاف ڇُٽي ويو!

پيو ويل ۾، جنهن کاڌا کڳل، غور طلب آهه.

معيارِ وفا آهه شهنشاهه جي دولت؟

يا جنهن تي اڏيل تاج محل؟ غور طلب آهه.

ڏس تَڙَ تي تماچي ٿو ڏئي ڀونئر جيئن ڀيرا،

ڪينجهر ۾ کڙيو آهه ڪنول، غور طلب آهه.

اڄ تنهنجي چرئي، عام سان گڏ عيد ملهائي،

دامن تي چَتي آهه لڳل، غور طلب آهه.

ورهين جي وڇوڙي کان پو محبوب مليو آهه،

بيشڪ آ مٺو صبر جو ڦل، غور طلب آهه.

 

انور هالائي

 

پرڪشش انقلاب جون راتيون،

منهنجي خوشي انتخاب جون راتيون.

مئڪشن لاءِ شراب جون راتيون،

زندگي جي ثواب جون راتيون.

تنهنجي حسن و شباب جون راتيون،

چنڊ جي آب آب جون راتيون.

پيار جون ڪيئن وضاحتون ڪريون،

اُف! سوال و جواب جون راتيون.

تُنهنجا مُنهنجا مباحثا اهڙا،

ڄڻ حساب و ڪتاب جون راتيون.

تو سوا مون گذاريون آهن،

فرقتن ۾ عذاب جون راتيون.

تنهنجي نيڻن جي ئي تصور ۾،

”ياد آيون حجاب جون راتيون“.

لذتِ غم سان ئي پيون گذرن،

عشق خانه خراب جون راتيون.

حوصلن تي ٿين پيون حاوي،

رفته رفته هو خواب جون راتيون.

مون سان هو ڪاوڙيو، رٺو، وڙهيو،

ڪيئي آيون عتاب جون راتيون.

سر به خم رهندو تو اڳيان ”انور“،

ڀل اچن احتساب جون راتيون.

اُستاد بخاري

 

زهر ڍُڪ ڪري پيان ٿو پيو،

ساٿ سقراط سان ڏيان ٿو پيو.

صبر ايوب کان گهريم نه مليو،

لوڇ موسيٰ ڏني، لُڇان ٿو پيو.

ڪوهه ناهيان جو زلزلو لوڏي،

ڇرڪ دل ٿي ڀري، ڏڪان ٿو پيو.

ڀنُونءِ ڍُرڪي پوي ڪِران جي مان،

اُڀ ڦاٽي ٿو، جي اُٿان ٿو پيو.

ڪِلڪ سان ڪو ٽَڪر نه ٿو ٽُڪجي،

تيشو فرهاد کان کڻان ٿو پيو.

حشر ڪر، پورهيتن کي جنت ڏي!

روز الله کي چوان ٿو پيو.

جسم ٻي جُوڻ گيت ۾ ورتي،

شعر ٿي شهر ۾ گجان ٿو پيو.

واءَ ۾ ساههَ مُون ڇڏيا سِڪندا،

مان مري ڀي ڀِٽون چمان ٿو پيو.

عشق استاد، عشق شاگرد آ،

پيار پاڙهيان به ٿو، پڙهان ٿو پيو.

 

مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“

جهان ۾ ڪوئي ناهي جو اسان جو داستان سمجهي،

نڪو ٿو گلستان سمجهي نڪو ٿو باغبان سمجهي.

اڄوڪي وقت ۾ هر شخص پنهنجي مسئلن ۾ گم،

ته پو ڪئن ڪو ٻئي ڪنهن جي ڀلا آهه و فغان سمجهي.

هي دنيا آ، هتي وٺڻو پوي ٿو سختين سان ڪم،

جهان ۾ گهٽ ڏسون ٿا، جو محبت جي زبان سمجهي.

مِٺو محبوب گڏ آهي ته صحرا پڻ چمن ٿيو پئي،

نه آهي ڪنهن جي پرواهه، خود کي ڇا ٿو گلستان سمجهي.

جا گذري تنهنجي ٻانهن ۾، اها ئي زندگي آهي،

سوا تنهنجي حياتي کي ٿو ”عاطف“ رائگان سمجهي.

 

ولي سروري

جرات ڪري ڪي صرف ٿيا گفتا ڪڏهن ڪڏهن،

سنڀريا مگر نه خلق کان، نڪتا ڪڏهن ڪڏهن.

ڪنهن سان گذر ٿين ٿا جي لمحا ڪڏهن ڪڏهن،

دردن جا ٿي پون ٿا مداوا ڪڏهن ڪڏهن.

دل ۽ دماغ، عقل و خرد ڪنهن جي چئي لڳي،

مون ساڻ ڪن دغا ٿي هي منهنجا ڪڏهن ڪڏهن.

جا هئي چوڻ جي ڳالهه، سا چپ چئي ويا،

هن جي جبين تي اڀريا جي ليڪا ڪڏهن ڪڏهن.

طغياني ۾ اکين جا ڪنارا ٻَڏيو وڃن،

ناڪافي ٿئي ٿو قلب جو صحرا ڪڏهن ڪڏهن.

صبر و شڪيب سارو دِگر گُون ڪريو ڇڏي،

تحت الشعور مان ڪو سراپا ڪڏهن ڪڏهن.

ڪنهن جي حسين ياد اُڏايو کنيو وڃي،

از فرش تا به اوجِ ثريا ڪڏهن ڪڏهن.

بي پيرهن فلڪ جي شڪايت نه ڪا ڪبي،

موٽائي تشنه لب ٿو دريا ڪڏهن ڪڏهن.

ڪنهن بد نظر جي آهه نظر ڪا لڳي ويئي،

پوري ٿئي ٿي ڪا ڪا تمنا ڪڏهن ڪڏهن.

هرڪو نه ذوالفقار نه سقراط ٿو ٿئي،

قومن ۾ ٿئي مسيح ٿو پيدا ڪڏهن ڪڏهن.

مخدوم جميل الزمان ”جميل“

 

وطن جو آهي برو حال، يا الاهي خير،

جيئڻ آ ٿي پيو جنجال، يا الاهي خير،

محبتن جو پيو ڪال، يا الاهي خير،

زمانو ٿي ويو ڪنگال، يا الاهي خير.

ننڍو وڏي سان وڙهي ۽ وڏو ننڍي سان وڙهي،

نه آهي ڪنهن ۾ ڪو افعال، يا الاهي خير.

نماز عيب ۽ روزو عذاب سمجهيو ويو،

عوام کي ٿو وڻي تال، يا الاهي خير.

نه ڪوئي بم ٿو کپي ۽ نه ڪا ڪلاشنڪوف،

کپي ٿو ملڪ ۾ في الحال، يا الاهي خير.

درِ امير جي دربان وٽ آ خوشحالي،

غريب ٿي ويو بدحال، يا الاهي خير.

تمام عمر رهي منهنجو پيارو پاڪ وطن،

حسين و بهتر و خوشحال، يا الاهي خير.

دلِ حزين جي دعا آ ته حشر تائين هجي،

وطن سڄي جو سڄو سال، يا الاهي خير.

سڄي جهان ۾ جمي الزمان جي ڌرتيءَ جو،

اڃا بلند ٿئي اقبال، يا الاهي خير.

نثار بزمي

 

ماڻهو ماڻهوءَ جي ڪم اچي ته چڱو،

اهڙو وهنوار پيو هلي، ته چڱو.

دشمني ڪک جي ڀي چڱي ناهي،

فعل بڇڙو ڏجي ڇڏي، ته چڱو.

ڏوهه آخر ته ڏوهه ئي آهي،

ان کان ماڻهو ڀلي بچي، ته چڱو.

ويڙهه ويڙهاند مان ملي ڇا ٿو؟

پاڻ ۾ پيار ڪو وڌي، ته چڱو.

دَڳُ نه نيڪيءَ جوٿي ڏَسي دولت،

موههُ ڇڏجي اِهو مٽي، ته چڱو.

هڪڙي ڪُرري ڪِني ته سڀ ڪِنيون،

ڪو لُچو ڳوٺ مان لَڏي، ته چڱو.

ظلم تي جيڪو سندرو ٿو ٻَڌي،

اهڙو موذي ڀلي مري، ته چڱو.

جيڪي آهي سو آهي الفت ۾،

وير وچ مان هليو وڃي، ته چڱو.

جيڪو سَڏَ ۾ ڏئي ٻه سَڏَ ”بزمي“،

اهڙو گهر گهر ۾ پيو ڄمي، ته چڱو.

 

”آزاد“ ورياهه

”دلبر دل کان ناهين دور“

تنهنجي ياد ڪيو وهلور، دلبر دل کان ناهين دور.

مرڪڻ مهڪڻ من کي موهيو،

گهاءُ هڻي وئي تنهنجي گهور، دلبر دل کان ناهين دور.

تنهنجي سونهن تان سڀ ڪجهه صدقي،

سون پري يا ڀل ڪا حور، دلبر دل کان ناهين دور.

گونچن گلڙن گيت گلابي،

تو بن ٻن وجهان سي ٻور، دلبر دل کان ناهين دور.

هينئڙي ۾ تون روز هُرين ٿي،

پل پل پلجن تنهنجا پور، دلبر دل کان ناهين دور.

تو جي ٻول ٻَڌا ها مون سان،

من ۾ سانڍيم سي مذڪور، دلبر دل کان ناهين دور.

راتيون ڏينهن گذاريل توسان،

ساٿ سنڀاري سرجن سُور، دلبر دل کان ناهين دور.

ڳالهه ڳڻيان تان ڳاراڻو ٿئي،

چاڪ چڪي پيا ٿيڙس چور، دلبر دل کان ناهين دور.

هينئن حياتي گهارڻ ڏکيو،

سال، مهينا، منٽ نه مور، دلبر دل کان ناهين دور.

ڪيئن وساري ويٺين مون کي،

ڪيڏو ڪيڙءِ ڪيِس ڪلور، دلبر دل کان ناهين دور.

منهنجي آس اُميد اهائي،

محب مِٺا تون رهه مسرور، دلبر دل کان ناهين دور.

هيڪر جيڪر تون به پڇين ها،

آزاد آهين يا مجبور، دلبر دل کان ناهين دور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com