بيدل مسرور سان شام
سنڌي سنگيت کي نئون انداز، نئون لهجو ۽ انقلابي آهنگ ڏيندڙ سنڌ
جي جديد راڳي، نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، موسيقار ۽
ٽي- وپي پروڊيوسر ”بيدل مسرور“ سان هڪ سريلي شام
16- نومبر 1989ع سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران ۽
مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي، مهراڻ سوشل فورم جي سهڪار
سان مورو شهر ۾ خوبصورت ۽ جڳمڳائيندڙ ڪاڪ محل
سئنيما ۾ رچائي وئي.
انهيءَ دوران ڪيترائي اديب، شاعر، صحافي، سنگي ساٿي، راڳ جا
شوقين، بيدل جي آواز سان عقيدت رکندڙ ۽ اياز جي
شاعريءَ جا عاشق ڪٺا ٿيندا رهيا. مهمانن ۾ جناب
آفتاب احمد ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه، محترم شوڪت
علي پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر مورو، محترم خان محمد
جماليءَ کان علاوه اديب ۽ شاعر- نصير مرزا، اياز
گل، ادل سومرو، بينا مسرور، طارق عالم، تاج جويو،
مير محمد پيرزادو، آغا سعيد، بخشڻ مهراڻو، قاضي
نذير احمد، احمد بخش، سنتوش ڪامراڻي، سليمان
سولنگي، خادم ٻگهيو، ادريس جتوئي، مسرور سومرو، گل
سومرو، عبيدالله عباسي، اقبال عباسي، جميل مورائي،
غلام نبي جويو، خادم شيخ ۽ زاهد ڀٽيءَ کانسواءِ
ڪيترن اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام جي شروعاتي ڪمپيئرنگ صلاح الدين پنهور ڪئي، جنهن بيدل
جي فن تي ڪجهه جملا چئي بيدل مسرور سان گڏ محفل جي
صدر جناب آفتاب احمد ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه،
خان محمد جمالي خاص مهمان، اعزازي مهمان شوڪت علي
پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي
مورو جي صدر واحد بخش شيخ کي اسٽيج تي ويهاريو.
واحد بخش شيخ آجيان ڪندي، مورو جي شهر واسين، بيدل مسرور ۽ ٻين
اديبن، شاعرن ۽ مهمانن جا ٿورا مڃيا، جن ههڙو
پروگرام رچائڻ ۾ سندن ساٿ ڏنو.
بعد ۾ نصير مرزا اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض ادا ڪندي نوجوان
شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري احمد سولنگي کي
بيدل مسرور جي تعارف ڪرائڻ لاءِ اسٽيج تي سڏيو.
جنهن چيو ته اسان سڀني لاءِ نه مورو اوپرو آهي، نه
بيدل جو ساز ۽ آواز. مورو سنڌ جو اهو شهر آهي،
جتان پورهيتن ۽ شاگرن ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور
حصو ورتو هو. انهيءَ دور ۾ بيدل پنهنجي ساز جي تند
تپائي ڳايو هو: ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ....“
ڪهاڻيڪار ۽ شاعر نذير احمد قاضيءَ کي سڏيو ويو، جنهن چيو ته
”جيون جي ڏک سک جي ڪهاڻي لکندي لکندي جُڳ گذري
ويا. اوجاڳيل اکڙين ماڻ پاڻي وهندي وهندي جُڳ گذري
ويا آهن. پوءِ به آدجڳاد کان جيون جي ڏک سک جي
ڪهاڻي لکجندي پئي آهي.بيدل مسرور به جيون جي ڏکن ۽
سکن جون ڪهاڻيون رچيون آهن، جن جو تاڃي پيٽو
انساني پيڙائون ۽ درد سندس ڪهاڻين ۾ اندر جي
ايذائن ۽ عذابن جا خوبصورت عڪس جرڪندا ۽ مرڪندا
نظر اچن ٿا.“
اُن پوءِ، نصير مرزا، بيدل جي ڪاڪ محل جي مومل ۽ زنديءَ جي هم
سفر ۽ خوبصورت ساٿيءَ بينا کي بيدل جي فن ۽ فڪر
متعلق ڳالهائڻ لاءِ چيو، بينا چيو ته: ”مان سمجهان
ٿي ته بيدل جي دوستن مان سڀ کان ويجهي دوست مان
آهيان، جنهن جي ڏک، خوشي، احساس ۽ جذبن جي خبر مون
کي آهي. بيدل جا ڪيترائي روپ آهن. اديب جو، شاعر
جو، ڪمپزر جو ۽ راڳيءَ جو، پر مون کي جيڪو روپ
موهي ٿو، اهو راڳيءَ وارو روپ آهي. مان سمجهان ٿي
ته ٻين کي به اُهوئي روپ پسند آهي. سنڌ ۾ جيترا به
راڳي آهن، انهن ۾ بيدل جو هڪ جدا مقام آهي. هڪ وڏو
ڪريڊٽ جيڪو بيدل ڏانهن وڃي ٿو. بيدل سڀني کان
پهريائين انقلاب ۽ جديد سنڌي شاعريءَ کي ڳايو.
تاج جويي چيو ته ”مورو ادب جو سکيا گهر رهيو آهي. هي شهر راڳين
فنڪارن، شهيدن ۽ استادن سان ڀريل آهي. سنڌي ادبي
سنگت مورو، بيدل سان راڳ رنگ جي محفل مچائي پنهنجي
انقلابي فنڪار سان، محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي.“
نوجوان شاعر اياز گل مقالو پڙهندي چيو: ”بيدل ادب ۽ فن جي سج جي
چوڌاري ڌرتي وانگر ڦرندو رهيو آهي، ۽ ڦري رهيو
آهي. عملي زندگي ۾ هو ڪامياب پروڊيوسر آهي. هڪ هٿ
۾ ٻه گدرا کڻڻ وارو اصطلاح مون بيدل وٽ ممڪن ٿيندي
ڏٺو آهي. هن جي ڳايل انقلابي گيتن سرد دلين ۽ برف
ٿيل ذهنن ۾ به ڀنڀٽ ڀڙڪايا آهن.“
ادل سومري چيو ته ”بيدل، شيخ اياز جو به من پسند راڳي آهي. شيخ
اياز جي به اها خواهش آهي ته بيدل سنگيت جو سفر
ايڏي اُتساهه سان جاري رکيو اچي، ان ڪري کيس چئي
ٿو ته:
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا،
امرت رَسُ ڇلڪاءِ، بانورا.
ان کانپوءِ مقالن جينشست کي ڪجهه گهڙيون پاسيرو رکي راڳ رنگ جي
محفل کي مچايو ويو. سرمد سنڌي قومي ۽ انقلابي گيت
ٻڌائي محفل کان ڀرپور داد حاصل ڪيو، ۽ ان بعد جلد
ئي وري مقالن کي ٻيهر جاري رکيو ويو ۽ سٻاجهي شاعر
مير محمد پيرزادي ڳالهائيندي چيو ته ”بيدل کي آءٌ
انهن ڏينهن کانسڃاڻان جڏهن ٽنڊي ڄام ۾ پڙهندا
هئاسين ته بيدل اسٽيجن تي ڳائڻ ايندو هو. هو تمام
سنهڙن سُرن ۾ به ڳائي ويندو هو. تمام وچولن سُرن ۽
اُوچن سُرن ۾ به ڳائي ويندو هو، اها هڪ وڏي ڪٿ
آهي. بيدل جنهن انداز سان جديد شاعري کي ڳايو آهي،
ٻيو ڪو به ائين ڳائي نه سگهيو آهي.“
محفل جي مور ”بيدل“ چيو ته توهان سڀ نوجوان آهيو، توهان کي ڳائڻ
واري جي لفظن ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. توهان شاعري
کي ان جذبي سان ٻڌو، جنهن جذبي سان شاعر اوهان
لاءِ پيغام لکيو آهي. فنڪار اوهان آڏو گيت کڻي ٿو
اچي.“ ان کانپوءِ خاص مهمان خان محمد جمالي چيو ته
”سڀني دوستن کي اهڙي سٺي ۽ سريلي شام ملهائڻ تي
مبارڪ باد ڏيان ٿو. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو
اوهان مونکي سنڌ جي سڄاڻ شخصيتن کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو
موقعو ڏنو آهي.“
محفل جي اعزازي مهمان اسسٽنٽ ڪمشنر مورو شوڪت علي پنهور چيو ته
”بيدل جي شام جي سلسلي ۾
بيدل مسرور سان شام
بيدل مسرور، بينا بيدل، اياز گل، ادل سومرو، تاج
جويو ۽ خان محمد جمالي (مورو 16- نومبر 1989ع)
جيترن ماڻهن اسان سان جيڪو تعاون ڪيو آهي، اسان ان لاءِ ٿورائتا
آهيون. اڳتي به اهڙا پروگرام ڪندا رهنداسين.“
مجلس جي صدر جناب آفتاب احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نواب شاهه،
پنهنجا تاثرات بيان ڪندي چيو ته ”الاهي ڏينهن کان
پوءِ مون کي اهڙي محفل ملي آهي، جنهن ۾ دل چوي ٿي
ته ڏاڍو ڪجهه ڳالهايان. 1974ع کان پوءِ بيدل سان
منهنجي ملاقات نه ٿي آهي. اڄ مون کي اُهي ڏينهن
ياد اچن ٿا جڏهن مان ۽ بيدل ڄامشوري جي پٿرن،
ميدانن، علامه آءِ- آءِ- قاضي جي مقبري ۽
انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ڪچهريون ڪندا هئاسين ۽ بيدل کان
راڳ ٻڌندا هئاسين. مون اڄ صبح کان وٺي ٻيو ڪو به
ڪم نه ڪيو آهي، رڳو اهو انتظار ڪيو آهي ته شام ٿئي
ته مان بيدل کي ٻڌان.“
ان بعد راڳ رنگ جي محفل جي ڪاروائي رميش ڪمار هلائي. محفل ۾
فوزيه سومرو، حنيف لاشاري، خادم حسين سخيراڻي،
اعجاز سولنگي، نعيم ميمڻ ۽ فقير محمد مستاني کان
پوءِ بيدل مسرور، اياز جي نظم ”مان ڏوهي هان مان
ڏوهي هان.“ سان پنهنجي جديد سنڌي سنگيت جي شروعات
ڪئي. بيدل جڏهن اياز جو نظم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“
ڳايو ته سامعين خوب لطف حاصل ڪيو. بيدل ڪيترائي
ٻيا نظم ڳائي ٻڌايا: فاشي ڪتا، سنڌ جي ڌرتي توتي،
انقلاب انقلاب ڳاءِ انقلاب، جيجل ڪهڙي ٻيجل آندي،
نه تڙ تي تماچي، کان علاوه نصير مرزاق جو نثر نظم
خوشبوءِ جي سنگ سنگ ڳائي ڌرتي ۽ آڪاس کي مٺڙي ۽ من
موهيندڙ آڳواز سان جهُمايو. آخر ۾ بيدل فجر مهل
محفل جي پڄاڻي اياز جي نطم ”ڪو سورچ ٻاري
اينداسين“ سان ڪئي ۽ سڀئي ٻڌندڙ جهومڻ لڳا.
- احمد سولنگي
”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت
شانتي پبليڪيشن بدين طرفان ”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت 6- ڊسمبر
تي اسلاميه ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم ۾ ٿي، جنهن کي
بدين شهر ۾ ٺاپرجي ويل ادبي سرگرمين کي ٻيهر تحرڪ
۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڪوشش به چئي سگهجي ٿو.
مهورت جي هن محفل جي شروعات علي احمد جمالي ڪمپيئرنگ سان ڪئي.
اعلان کان پوءِ تاڙين جي گونج ۾ طارق عالم (مهورت
ڪار)، پرمانند ڪنول (صدر تقريب) محمد صديق مرهم
ملاح (مهمان خاص)، عبداللطيف زرگر (اعزازي مهمان
خاص)، ليکڪ جي والد غلام حيدر ڪليار ۽ ليکڪ ضراب
حيدر اسٽيج تي پنهنجون نشستون سنڀاليون ۽ تلاوت
ڪلام پاڪ سان ابتدا ڪئي ويئي.
ان کان پوءِ طارق عالم ابڙي تاڙين جي گونج ۾ ڪتاب جي مهورت ڪئي.
طارق ’عاجز‘ ڀٽي چيو ته ”دوست ضراب حيدر جوهيءُ ڪتاب سنڌي ادبي
۾ يقيناً هڪ واڌارو آهي. سندس سموريون ڪهاڻيون ۽
مواد سندس ذاتي مشاهدي جا عڪس آهن، انهيءَ عمر ۾
ايترو مشاهدو ۽ تجربو مون کي اڄ جو نوجوان ۾ نظر
نٿو اچي.“
بعد ۾ عبدالله ملاح اسٽيج تي آيو، جنهن پنهنجي خيالن جو اظهار
ڪندي چيو ته: ”تخليق ڪهڙي به هجي، اُها تخليق ۽ ان
جوجيڪو حسن آهي، اُهو دراصل تخليقار جو حسن آهي.
موناليزا جي مُرڪ دراصل موناليزا جي سونهن آهي؛
رهجي ويل منظر جي سونهن دراصل طارق عالم ابڙي جي
تخليق جي سونهن آهي، انگن چڙهيو انگ جي سونهن
دراصل ضراب حيدر جي تخليق جي سونهن آهي.“
ساگر سومري چيو ته ”هڪ سٺي آرٽسٽ ۾ جيڪي خوبيون هئڻ گهرجن، انهن
جو اولڙو مون کي ضراب جي هن ڪتاب ۾ نظر آيو.“
اسماعيل پٺاڻ چيو ته ”سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اسان جي نوجوان
دوست جي هيءَ جاکوڙ کيرون لهڻي.“
ان دوران لاڙ جي جهوني شاعر عبدالمبين پنائي کي اسٽيج تي سڏيو
ويو، جنهن پنهنجي لفظن ۾ ماروئڙن، جهانگيرئڙن ۽
سانگيئڙن جي دردن جي خوب عڪاسي ڪئي هئي.
ليکڪ جي والد محترم غلام حيدر ڪليار چيو ته ”دنيا ۾ سچ چوڻ وڏو
ڏوهه آهي ۽ دنيا ۾ سچ کي جنم ڏيڻ به وڏو ڏوهه آهي.
ضراب کي زبان الله تعاليٰ ڏني، مون کيس صرف جرئت
ڏني ته سچ لک ۽ سچ تي سينو ساهي لک.“
اعزازي مهمان خاص عبداللطيف زرگر چيو ته ”ضراب جي ڪهاڻين ۽
ڊائريءَ جي ورقن ۾ جيڪي واقعا ۽ مشاهدا آهن، سي اڄ
جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا.“
خاص مهمان سائين محمد صديق ’مرهم‘ ملاح چيو ته ”هيءُ ڪتاب پڙهڻ
سان مون کي ڀٽائيءَ جو سڄو سُر يمن
ڪتاب ”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت جي موقعي تي طارق
عالم، پرمانند ڪنول، ضراب حيدر، ڪليار، طارق عاجز
ڀٽي، ساگر سومرو، عبدالله ملاح ۽ عبداللطيف زوگر
ڳالهائي رهيا آهن.
(بدين -6 ڊسمبر 1989ع)
ڪلياڻ ٿو ياد اچي. سڄو يمن ڪلياڻ- جنهن ۾ جذبو آهي، درد آهي،
اپيل آهي. ضراب جي ڊائريءَ جو هر ورق هڪ ننڍي
ڪهاڻي آهي، اِهو هڪ مشڪل ڪم آهي.“
ان کانپوءِ پرمانند ڪنول صدارتي تقرير ڪندي چيو ته ”جيتوڻيڪ
ضراب جي عمر تمام ننڍي آهي، پر سندس تجربي، ڀوڳنا
۽ احساس جو ڪينواس تمام وڏو آهي. سندس ڪهاڻين ۽
ڊائريءَ جي ورقن ۾ اصولن جي ٻٽاڪ هڻندڙ سماج جي
اندرين کوکلائب ۽ منافقت جو احتساب نظر اچي ٿو.“
بعد ۾ ليکڪ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”جيستائين زندگي
۽ قلم منهنجو ساٿ ڏنو، تيسين پنهنجي ڌرتي ۽معاشري
جي اوڻاين خلاف قلم جي جنگ جاري رکندس.“
هن پُربهار تقريب جو اهم مهمان، سنڌ جو مڃيل ڪهاڻيڪار ۽آرٽسٽ
طارق عالم تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج تي آيو. ليکڪ ۽
ڪتاب تي ڳالهائيندي هن چيو ته ”ليکڪ ڪڏهن به ڪوڙو
ڪونهي ٿيندو. ڪوڙ هميشـﮧ پوڙهو هوندو آهي ۽ سچ
هميشـﮧ جوان هوندو آهي ۽ سچ چوڻ وارو به هميشـﮧ
جوان هوندو آهي. ليکڪ هميشـﮧ سچ چوندو آهي ۽ اُن
جي لکڻي هميشـﮧ جوان هوندي آهي. ضراب حيدر به
نوجوان آهي، هو پنهنجين لکڻين ۾ سدائين جوان
رهندو.“
- ”طارق“ عاجز ڀٽي
ادل سومرو سان رهاڻ
14- ڊسمبهر 1989ع تي، سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو پاران نئين
ٽهيءَ جي نمائدن شاعر ادل سومري سان هڪ خوبصورت
رهاڻ رچائي وئي. هاءِ اسڪول جي اسيمبلي هال ۾
نوجوان شاعر اياز جاني پروگرام جي ابتدا ڪئي.
ڊاڪٽر غلام الرسول گهمري شاهه رحه سائينءَ جا بيت
ٻڌايا. ان کان پوءِ صاحبِ رهاڻ کي ڀرپور تاڙين جي
گونج ۾ اسٽيج تي ويهڻ لاءِ سڏيو ويو. صدارت لاءِ
اياز گل، مهمان خاص مختيار ملڪ، اعزاي مهمان خاص
اسحاق راهي ۽ ساٿ لاءِ س. ق. س ضلعي لارڪاڻي جي
رابطا سيڪريٽري منڍار سولنگيءَ کي اسٽيج تي
ويهاريو ويو.
منڍار سڀني آيل مهمانن جا ٿور مڃيا، پوءِ ننڍڙي ياسر مقصود، ادل
جي خوبصورت وائي ترنم ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. جن
اديبن ۽ شاعرن ادل جي فن ۽ شخصيت تي مضمون ۽ تاثر
پڙهيا، تن ۾ عبدالغني مهر، مهر خادم، اڪرام ساگر
عباسي، قاضي منظر، خليل عارف سومرو،امام
راشدي،اشرف زمان پير چنڊامي، مقصود گل، شڪيل
پريالوي، وحيد انصاري، پارس سنديلو،جوهر بروهي،
ڪيلاش، گل حسن شاد گوپانگ، دوست راڄپر، امان شيخ،
اختر درگاهي، سرڪش سنڌي، اسحاق راهي، مختيار ملڪ ۽
اياز گل شامل هئي. آخر ۾ صاحبِ رهاڻ شهر واسين جا
ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي جيون جون ڪجهه يادون ۽ ڪجهه
شاعري ٻڌائي. مقالن واري نشست ۾ ناصر مقصود، استاد
بخاريءَ جو گيت ٻڌائي حاضرين کي مسرور ڪيو.
شاعريءَ جي نشست جي صدارت لاءِ سرڪش سنڌي، خاص
مهمان ’اختر‘ درگاهي ۽ اعزازي مهمان
’جوهر‘ بروهيءَ کي ادل سان گڏ اسٽيج تي ويهاريو
ويو ۽ ڪمپيئرنگ منٺار سولنگيءَ ڪئي. اڪرام ’ساگر‘
عباسي، زخمي ڄام خان چانڊيو، منصور سيتائي،
صاحبخان سورهيه ميراڻي، صابر پريمي، سڄڻ سيتائي،
اياز جاني، وحيد انصاري، مهمدي شاهه، خليل لاکر،
گل حسن ’شاد‘ گوپانگ اسد ڪٽپر، مهراڻ ڪٽپر، خليل
عارف سومرو، عابد عارف الموليٰ، مقصود گل، ابراهيم
خليل،منٺار سولنگي، مهر خادم، سلطان شاهه، دوست
راڄپر، شڪيل پريالوي، علي دوست عاجز، سعيد عاقلي،
ملنگ حيدري، عبيد ڪٽپر، منظر حيات، غلام محمد
غازي، صدر ساغر دايو، متل جوڳي، ضمير ڦل، مشتاق
ڦل، سلطان احمد شيخ، محمد بچل ’بيوس‘ سيتائي، پيرل
’پرديسي‘ سيتائي، چانڊيو الطاف ’آسي‘، مختار
گهمرو، ملڪ آگاڻي، اياز گل، عبدالغفار تبسم، منير
سولنگي، جوهر بروهي، اختر درگاهي، ادل سومرو ۽
سرڪش سنڌي مشاعري ۾ حصو ورتو.
آخر ۾ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ غلام شبير سمون ۽ اختر درگاهي،
ادل سومري ۽ ٻين جو ڪلام ٻڌايو. اهڙيءَ طرح صبح جو
ڇهين وڳي هي يادگار پروگرام پڄاڻيءَ کي رسيو.
- امام راشدي
”ادل سومرو سان رهاڻ“- مقررين (کاٻي کان) ادل سومرو، اياز
گل، مختيار ملڪ، مقصود گل، اسحاق راهي، سرڪش سنڌ،
عبدالغفار تبسم، منٺار سولنگي، اياز جاني، خليل
عارف سومرو.
(نئون ديرو- 14 ڊسمبر 1989ع)
مارو ڳڻن ساڻ، ويڙا ٿرئون اُڪري
سائين سنديلو صاحب
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
1990ع- جنوري جي ٻي تاريخ هئي، اڱاري جو ڏينهن هو، قريباً
ٻارهين بجي جو وقت هو. آءٌ سوچي رهيو هوس ته فون
ڪري سائين سنديلي صاحب کي ٻڌايان، ته شام اوهان وٽ
ايندس، ڇاڪاڻ جو هفتو کن اڳ واٽ ويندي سائين مليو
هو، ۽ مون ساڻس وعدو ڪيو هو ته 1- جنوري کانپوءِ
اوهان سان ڪچهري ڪرڻ ايندس. اڃا انهيءَ ويچار ۾
هوس ته فون آئي. ڪو صاحب چئي رهيو هو، ته ڊاڪٽر
سنديلو صاحب وفات ڪري ويو! اعتبار ڪو نه پئي آيو.
ائين ڪندي محترمانيس انصاري جي فوج آئي، جنهن پڻ
ساڳي ڳالهه ڪئي. آخر ٻئي ڄڻا وڃي سنديلي صاحب جي
گهر پهتاسون. ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا ۽ هرڪو اداس ۽
ملول نظر اچي رهيو هو. اسلم ميان مون کي ڀاڪر پائي
ڍنڍڪران ڏيئي روئڻ لڳو. منهنجي دل به ڦِسي پيئي،
پر انسان ويچارو ڪري ئي ڇا ٿو سگهي!
ٻي جنور يجي شام جو سائين سنديلي صاحب جي گهر تي ويٺو هوس، پر
سائين سنديلو صاحب ڪونه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن معآسري
جون ناانصافيون، زيادتيون ۽ ڏاڍايون بيان ڪري
چوندو هو: ”سنديلا ڪر صبر...“ ان شام جو سائينءَ
جا اِهي لفظ منهنجي ڪن ۾ ٻري رهيا هئا. هاڻي ته هو
صفا صبر ڪري، چپ چاپ، هن جهان مان هليو ويو هو. هو
انهيءَ ڏيهه وڃي چڪو هو، جتان ڪو وريو ڪونهي، جتي
آخر هر ڪنهن کي هلڻو آهي. تڏي تي ويٺي هيڏانهن
ڏسان ته سائين سنديلي صاحب جو گهاٽو دوست، محترم
عبدالغفور ڀرڳڙي اکين مان آب هاري رهيو هو. ڀرسان
ئي محترم عبدالمنان چانڊيو روئي رهيو هو. مون کي
ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪيئن هن ئي دڪيءَ تي ٻي بجي رات
تائين سنديلي صاحب سان ڪچهريون ڪندا هئاسون، اهي
روح پرور محفلون ڪي وسرڻ جون آهن.“
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين.
دنيا اچ- وڃ جو جهان آهي. ڪي ئي آيا، ڪي ئي ويا. پر ڪي ڪي انسان
اهڙا به اچي گهڙيون گهاري ويندا آهن، جيڪي ويندي
ويندي اڻ- مٽ نقش ڇڏي ويندا آهن. اهي پنهنجن
ڪارنامن جي ڪري مرڻ کان پوءِبه زندهه هوندا آهن.
اهڙين اڻ وسرندڙ شخيتن مان سائين سنديلو صاحب هو.
هن اهي ماڻڪ ميڙي سنڌي زبان ۽ ادب ۾ اضافو ڪيو، جو
جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب زنده آهي، تيستائين
سنديلي صاحب جو نالو به ڳائبو رهيو. اهڙا ماڻهو
روز روز پيدا نه ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن تي قومون
فخر ڪنديون آهن. سائين سنديلي صاحب جي وفات سبب
اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو پُر ٿيڻ جو نه آهي.
هي اهو وکر ونڌيندڙ وينجهار هو،جنهن سنڌي ادب جو
گهڻي ئي وڃايل وٿون واري هٿ ڪيون هيون.
ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.
سوانح: محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 31- ڊسمبر 1919ع ۾ ڳوٺ
”محراب خان سنديلو“ ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو نالو
سهراب خان هو. سنڌي فائنل پاس ڪري، سنڌي پرائمري
استاد ٿيو. انهيءَ وچ ۾ ڀائرن سان گڏ ڳوٺ مان لڏي
اچي لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ رهيو. سندس گهر
لڳ ”جلال“ نالي هڪ وڏو قابل سگهڙ رهندو هو، جنهن
جي صحبت سائين سنديلي صاحب ۾ لوڪ ادب سان دلچسپي
پيدا ڪئي. هن جلال سان ڪچهريون ڪري ڏور- ڳجهارت
جوگُنَ سکيو، ۽ لوڪ ادب قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين.
سائين سنديلو صاحب پاڻ چوندو هو، ته لوڪ ادب ۾
سندس استاد لاهوري محلي جورهاڪو جلال کٽي هو.
سنديلي صاحب، پرائمري استاد، هيڊماستر ۽ اسڪولن جي صاحب جي
حيثيت ۾ ڪيترائي ڳوٺ گهميا. جتي به ويو،اتي سگهڙن
کي ڳولي انهن سان رهاڻيون ڪيائين ۽ انهن جي سينن ۾
محفوظ لوڪ ادب جو ذخيرو قلمبند ڪيائين. هو پاڻ ڪهي
وڃي سگهڙن سان ڪچهريون ڪندو هو، ۽ انهن جو صدري
خزانو ميڙي ايندو هو. نه فقط ايترو پر هو پنهنجن
دوستن ۽ شاگردن جي ذريعي به لوڪ ادب جا املهه ماڻڪ
سيڙارائي پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويندو هو، ان کان پوءِ ان
مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪري، سنواري سينگاري ڪتابن جي صورت
۾ پيش ڪندو رهيو.
سائين سنديلي صاحب پنهنجي سڄي حياتي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ
۾ گذاري. ان سان گڏ هو سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت به
ڪندو رهيو. هو استاد به رهيو، ته پاڻ به تعليم
حاصل ڪندو رهيو. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ وڏي
محنت ڪري مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان سان گڏ ٽريننگ
ڪاليج جا ٽي سال پاس ڪيائين. ان کان پوءِ بي. اي،
ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هو پرائمري استاد ۽
پرائمري اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ٿي رهيو. انهيءَ
ملازمت دوران نه فقط لاڙڪاڻي ضلعي ۾، پر سانگهڙ
ضلعي ۾ به رهيو. ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾
استاد رهي، پرائمري استادن کي پڙهايائين. ان کان
پوءِ ڪجهه وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾
استاد ٿي رهيو. 52- 1953ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج کليو،
ته ان ۾ ليڪچرار ٿيو. ان وقت اڃا ايم. اي سنڌي جي
آخري سال ۾ هو؛ پر سندس لياقتن ۽ صلاحيتن جي مدنظر
کيس گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو
ويو. ان کان پوءِ سالن جا سال گورنمينٽ ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر ٿي رهيو. سيوهڻ ۾
ڪاليج قائم ٿيو، ته کيس پرنسپال ڪري موڪليو ويو،
يعني گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو باني پرنسپال هو.
جلد ئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو. ان
کان پوءِ 1974ع ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪيائين. 1979ع ۾
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر
ڪيائين. ان کان پوءِ علمي ۽ ادبي صلاحيت ۽ لياقتن
سبب کيس ”مجلس شوريٰ“ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.
1984ع ۾ ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس
صدارتي ايوارڊ ”تمغهء امتياز“ مليو.
تمغهء امتياز کان سواءِ کيس سچل ادبي ايوارڊ، پاڪستان رائيٽرس
گلڊ طرفان ادبي انعام، راقم الحروف سان گڏ نائين-
ڏهين جي سنڌي ڪتاب تي بهترين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ
ايوارڊ ۽ ٻيا انعام مليا.
سائين سنديلو صاحب لائق ۽ فائق استاد ۽ وڏو منتظم هو. هو وڏو
داناءُ هو، ۽ کيس زندگي گذارڻ جو ڏانءُ هو. هو هر
ڪم وڏي سياڻپ سان ڪندو هو، ۽ اڳ- پوءِ جانچي قدم
کڻندو هو. انهيءَ ڪري هر وقت ڪاميابي سندس قدم
چمندي هئي. کيس ٻئي مان ڪم وٺڻ ۾ وڏي مهارت حاصل
هئي. هو هر ڪم لاءِ سوچي ويچاري، ان جي رٿابندي
ڪندو هو. ان کان پوءِ ان رٿا کي عملي جامو پهرائڻ
لاءِ خاموشيءَ سان قدم کڻندو هو. ان جو نه ڪنهن کي
مَنجههُ ڏيندو هو، ۽ نه پاڻ پڏائيندو هو. هو
انساني نفسيات جو وڏو ماهر هو، ۽ کيس ماڻهوءَ جي
مزاج ۽ فطرت سمجهڻ جي ڏات حاصل هئي. هو ڳالهين
ڳالهين ۾ ٻئي کان سندس اندر جو مَنجهُه زبان تي
آڻائي ويندو هو.
سائين سنديلي صاحب جو اٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ چلڻ جو ڍنگ ئي نرالو هو.
هن جي هلڻ جي ڍار پرئون پڌري هوندي هئي. هو هوريان
هلندو هو، پر سندس هلڻ جو انداز منفرد هو. هن جيڪي
دوست بنايا، اهي ساڻس بيحد مخلص ۽ وفادار رهيا؛ ۽
توڙ تائين ساڻس نباهيائون. هن کي ماڻهوءَ کي سمجهڻ
جي خداداد ڏات حاصل هئي، انهيءَ ڪري انهن سان
نينهن جو ناتو رکيائين، جن ۾ خلوص، محبت، سچائي ۽
وفادري جو انگ ڏٺائين. جن سان دوستي رکيائين، انهن
سان سچي ۽ پڪي دوستي رکيائين.
سائين سنديلي صاحب جي ڪچهريءَ جو انداز به نرالو هوندو هو. هو
هر مانهوءَ سان سندس طبعي لاڙي ۽ ذهني معيار موجب
گفتگو ڪندو هو، انهيءَ ڪري عام توڙي خاص ماڻهو کيس
عزت جي نظر سان ڏسندا هئا. ادبي گفتگو ۾ به هو
پنهنجي مخصوص اندا بيان ۽ طنزو مزاح وارن گفتن ۽
چوڻين ذريعي رنگيني ۽ رعنائي پيدا ڪندو هو. انهيءَ
ڪري سندس ڪچهري مان علمي ۽ ادبي ڳالهيون به
پرائبيون هيون، ته طبيعت ۾ سگفتگي به اچي ويندي
هئي.
سادگي، سچيتائي، سنجيدگي ۽ خاموشيءَ سان ڪمڪرڻ سان سنديلي صاحب
جي طبيعت جون خاص خوبيون هيون. هو سوچي سمجهي، چٻي
چٿي ڳالهائيندو هو. گفتگو دوران چپي چپي تي پهاڪا
۽چوڻيون استعمال ڪندو هو. کيس سينگار جي بيتن سان
تمام گهڻي دلچپسي هئي، ۽ کيس ڪيترائي سينگار جا
بيت ياد هئا. هو ڳالهين ڪندي، اهڙو موضوع آڻي
ويندو هو، جيئن هو سينگار جو بيت ٻڌائي، محفل کي
پر رونق ۽ پر اثر بنائي. اهڙيءَ طرح محفل ۾ ويٺل
احباب، سينگار جي بيت مان پورو پورو حظ حاصل ڪندا
هئا، ۽ سنديلي صاحب جي ڄاڻ تي کيس داد ڏيڻ کان رهي
نه سگهندا هئا.
سائين سنديلي صاحب سنڌي لوڪ ادب جي روح کي پنهنجي اندر ۾ سمايل
هو؛ ۽ ان جي افاديت، اهميت ۽ سماجي ڪارج کان
پوريءَ طرح باخبر هو. هن کي اها ڄاڻ هئي ته سنڌي
لوڪ ادب، انساني مزاج ۽ فطرت جو آئينو آهي، 7 ان ۾
انسان جي جذبن، احساسن ۽ اڌمن جي عڪاسي ٿيل آهي.
انهيءَ ڪري هن لوڪ ادب جي سچائيءَ کي نظر ۾ رکي،
پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنا تي ڪيتريون ئي
چوڻيون پنهنجي طرفان جوڙيون. هو چوڻيون محفلن ۾
ٻڌائيندو هو ۽ ائين ظاهر ڪندو هو، ته هي چوڻيون هن
پاڻ ٺاهيون آهن. پر اسان سمجهي ويندا هئاسون، ته
هي چوڻيون سندس تخليقي ذهن جون پيداوار آهن.
محترم ڊاڪٽر سنديلو صاحب انهن محققن مان آهي، جن سنڌي لوڪ ادب
جي اهميت کي سمجهي، ان کي سهيڙي سموهي ڪتابي صورت
۾ پيش ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. ان کان اڳ سنڌي لوڪ ادب
ڏانهن ڪنهن جو ڌيان خير ڪو هو. البت سندس زماني ۾
سائين عبدالحسين شاهه موسوي سڳنڌ ۽سرهاڻ ۾ لوڪ ادب
جي جهلڪ ڏيکاري؛ پر صحيح معنيٰ ۾ لوڪ ادب جو
بنيادي ڪتاب سائين سنديلي صاحب جو ”وينجهار“ آهي،
جنهن ۾ لوڪ ادب جي سمورين صفن جو مختصر مگر جامع
تعارف ڏنو ويو آهي. لوڪ ادب تي تمام وڏو ڪم ڪندڙ
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن ڪتاب جي تعريف
ڪئي آهي.
تصنيفون:- محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پورهيت اديب هو. هن
پنهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ زندگيءَ جونڪاميابيون حاصل
ڪرڻ ۾ به وڏي محنت، جهد ۽ جاکوڙ ڪئي، ته ادبي
حيثيت حاصل ڪرڻ ۾ به پيار مان پورهيو ڪيو. هن ڪڻو
ڪڻو گڏ ڪري، ادبي خزانو ٺاهيو، ۽ ان کي اهڙي سليقي
سان پيش ڪيو، جو ان جي جوت جي جلوي، سنڌي زبان ۽
ادب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هت سندس تصنيفن جو
مختصر تعارف ڏجي ٿو:
وينجهار: سنڌي الوڪ ادب کي سهيڙڻ جي سلسلي ۾ اسان جي اديبن ۽
محققن جيڪي ڪوششون ڪيون آهن، اهي قابل قدر آهن.
لوڪ ادب سهيڙي، سوڌي ۽ سنواري پيش ڪندڙن ۾ محترم
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي اوليت جو شرف حاصل آهي.
لوڪ ادب سلسلي جي شروعاتي ڪتابن ۾
اِهي جن اُهڃاڻ، پانڌي پکي لڏسين
مارو ڳڻن ساڻ، ويڙا ٿرئون اُڪري
(شاهه)
سائين عبدالڪريم سنديلو
ولادت وفات
31- ڊسمبر 1919ع 2- جنوري 1990ع
جيتوڻيڪ محترم عبدالحسين شاهه موسوي جا ڪتاب
”سڳنڌ“ ۽ ”سرهاڻ“ به پنهنجيءَ جاءِءَ تي وڏي اهميت
رکن ٿا، پر سائين سنديلي صاحب جو ڪتاب ”وينجهار“
پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ۾ لوڪ ادب جي سمورين صنفن
جو فني تعارف ڏنو ويو آهي ۽ هر صنف جو چڱو چوکو
مواد سهيڙي سلجهائي، سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ڊسمبر 1950ع ۾ ڇپيو. ان جو مهاڳ محترم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي.
هي ڪتاب ان وقت ڇپيو، جڏهن سائين سنديلو صاحب گورنمينٽ هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو استاد هو ۽ آءٌ ميٽرڪ ۾
پڙهندو هوس. هن ڪتاب ئي مون کي سائين سنديلي صاحب
جي ويجهو آندو ۽ مون ۾ لوڪ ادب جي سهيڙ جو جذبو
پيدا ڪيو. اهو ئي سبب هو، جو مون ”ذور“ جا بيت گڏ
ڪري، سوڌي ۽ سنواري ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيا. هيءُ
ڪتاب ”ڏور“ جينالي سان ڊسمبر 1961ع ۾ ڇپيو. ان کان
پوءِ سائين سنديلي صاحب جي ڪتاب ”وينجهار“ سان گڏ
”ڏور“ به ايم- اي جي نصاب ۾ شامل ٿيو. ”وينجهار“
جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي
ٿو، ته جولاءِ 1963ع ۾ ان جو اٺون ڇاپو ڇپيو.ان
کان پوءِ به ڪي ئي ڇاپا هن ڪتاب جا ڇپيا. ”ڏور“ به
چار ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.
تحقيق لغات سنڌي
هونئن ته محترم سنديلي صاحب ادب جي هر صنف تي مضمون ۽ مقالا
لکيا آهن، پر هن جا ٻه خاص موضوع هئا: لوڪ ادب ۽
لغت، جن لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي.
حياتيءَ جو سمورو وقت هو انهن موضوعن تي کوجنا
ڪندو رهيو. لوڪ ادب گڏ ڪري، ان جي لغوي پگهلوءَ تي
وڏي جاکوڙ ڪندو هو. ان لاءِ هن کي ڪيتريون ئي
سنسڪرت، پراڪرت، پالي، عربي ۽ فارسي وغيره جون
مستند لغتون اٿلائڻيون پونديون هيون. لفظن جي لغوي
کناکيڙ منجهس سنڌي لغت تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو شوق
پيدا ڪيو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
نگرانيءَ ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ،جامع سنڌي لغات جو
ڪم شروع ڪيو، ته محترم سنديلو صاحب به ريسرچ
اسسٽنٽ طور ان جي عملي ۾ شامل ٿيو. سندس ارادو ٽي
سال ڪم ڪرڻ جو هو، پر گهر کان دوريءَ سبب هڪ سال
مس ڪم ڪري سگهيو. هن 1952ع- 195ع ۾ جامع سنڌي لغات
جي ترتيب ۾ ڪم ڪيو. ان کان پوءِ هو موٽي تعليم
کاتي ۾ آيو، پر سنڌي لغات تي تحقيقي ڪم ڪندو رهيو.
سندس جهد، جاکوڙ ۽ پيار جي پورهئي جو نتيجو 1955ع
۾ ”تحقيق لعات سنڌي“ جي نالي سان پڌرو ٿيو.
سنڌ جو سينگار
هيءُ ڪتاب لوڪ ادب جي صنف سينگار بابت آهي. ۽ 1956ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان شايع ٿيو. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان
سان مهاڳ آهي، جنهن ۾ سينگار شاعريءَ جي وصف جامع
انداز ۾ بيان ڪيل آهي.
ا ن کان پوءِ سينگار جي شاعرن جهڙوڪ: جلال کٽي، سليمان، ڪنڀار،
صابر، موچي عارف شاهه، چاڪر خان ۽ شاهه محمد ديدڙ
جا سينگار جا بيت ڏنا ويا آهن. شروع ۾ هر شاعر جو
مختصر تعارف به ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو
معنيٰ ۽ شرح تي مشتمل آهي. سينگار جي بيتن ۾
ڪيترين ئي ٻين ٻويلن جا لفظ آيل آهن. سنديلي صاحب
انهن لفظن جي اصل نسل جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن جو
بنياد ڏنو آهي ۽ معنيٰ سمجهائي آهي. نه فقط ايترو
پر ڪن فقرن، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي معنيٰ ۽ مطلب به
بيان ڪيو اٿس. هيءُ ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت
جو انمول خزانو آهي ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ لاءِ اهم
ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.
ڏهس نامو:
”ڏهس نامو“ به لوڪ ادب جي صنف آهي ۽ سينگار شاعريءَ سان تعلق
رکي ٿي. هن ڪتاب ۾ سائين سنديلي صاحب ڏهس نامي جا
بيت ڏنا آهن ۽ انهن ۾ آيل انوکن ۽ ٻين ٻولين جي
لفطن جي معنيٰ ۽ جڙ آندي آهي. ڏهس جا بيت به
سينگار جا ئي بيت آهن، پر هنن بيتن جي خاص خوبي
هيءَ آهي ته هنن ۾ ڏهه، تشبيهون آنديون وينديون
آهن، يا مختلف ٻولين جا هم معنيٰ ڏهه لفظ
آنداويندا آهن.
سچل لغات:
سنديلي صاحب، سنڌي لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، هي ڪتاب به ان جي هڪ
ڪڙي آهي. حضرت سچل سرمست جي رسالي ۾ جيڪي انوکا
الفاظ آيل آهن، هن ڪتاب ۾ انهن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي
ڏني ويئي آهي. دستور موجب سنديلي صاحب هر لفظ جو
بنياد به ڏنو آهي. ان سان گڏ ڪن صوفيانه اصطلاحن ۽
فقرن جي معنيٰ به سمجهائي آهي. هي ڪتاب سچل سرمست
يادگار ڪميٽي خيرپور طرفان 1984ع ۾ ڇپيو.
ساميءَ سنديون سپون:
هن ۾ سنڌي زبان جي بلند پايه ويدانتي شاعر ساميءَ جا چونڊ سلوڪ
ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪل 200 آهن. ٻيو حصو ”معنيٰ ۽
مطلب“ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل
هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ڏکين لفظن جي معنيٰ سمجهائي
ويئي آهي. ان سان گڏ هر لفظ جو بنياد به ڏنو ويو
آهي. نه فقط ايترو، پر سلوڪن جي ڪن سٽن، فقرن ۽
ويدانتي وائين جي سمجهاڻي به ڏني ويئي آهي. معني ۽
شرح اهڙي اناز سان ڏني ويئي آهي، جهڙي نموني
آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي شعر جي ڏني آهي.
سائين سنديلو صاحب هميشـﮧ چوندو رهندو هو ته آنجهاني ڊاڪٽر
گربخشاڻي هڪ هندو ٿي ڪري شاهه لطيف جي شعر جي
نهايت سهڻي نموني ۽ وضاحت سان معنيٰ ۽ شرح ڏني
آهي. هجي ڪو مسلمان محقق، جيڪو ساميءَ جي سلوڪن جي
اهڙي انداز سان معنيٰ ۽ شرح لکي. ان مان ائين
لڳندو هو، ته سائين سنديلي صاحب جي دلي خواهش آهي،
ته هو ساميءَ جي سلوڪن جي اهڙي ئي معنيٰ ۽ شرح
لکي، جهڙي آنجهاني گربخشاڻيءَ شاهه جي شعر جي لکي
آهي. پر ڪم ڏاڍو ڪٺن هو، تڏهن به هوريان هوريان
ڪندو رهيو. افسوس جو اهو سمورو ڪم ته پورو نه ٿي
سگهيو، پر جيڪي ڪجهه ٿي سگهيس، اهو هن ڪاب ۾ ڏنو
اٿس. ڪتاب لاڙڪاڻي مان 1975ع ۾ ڇپيو.
سامي ڌاتو ڪوش:
سائين سنديلي صاحب، ساميءَ جي سمورن سلوڪن جي معنيٰ ۽ شرح ته نه
لکي، پر سلوڪن ۾ آيل انوکن ۽ ٻين ٻولين جي لفظن جي
لغت مڪمل ڪري ورتي، جيڪا ”سامي ڌاتو ڪوش“ نالي
ڪتاب ۾ پيش ڪيائين. هي ڪتاب لاڙڪاڻي مان 1978ع ۾
ڇپيو. لفظن جي معنيٰ سان گڏ انهن جو بنياد به ڏنو
ويو آهي.
پهاڪن جي پاڙ:
هن ڪتاب ۾ سنڌي پهاڪن جو وچور آهي. سنديلو صاحب سنڌي پهاڪن جي
اصل ۽ پس منظر بابت ورهين کان کوجنا ڪندو رهندو
هو. پنهنجي ورهين جي پيار جي پورهئي کي هن ڪتاب ۾
پيش ڪيو اٿس. هر پهاڪي جي وجود ۾ اچڻ بابت جيڪو
واقعو، پس منظر، روايت ۽ تاريخي حڪايت کيس معلوم
ٿي سگهي آهي، اها بيان ڪئي اٿس. يعني پهاڪن بابت
هي روايتي نوعيت جو ڪتاب نه آهي، جنهن ۾ پهاڪي
جيمعنيٰ ڏيئي، ان جو استعمال ڏنو ويندو آهي. پر هر
پهاڪي بابت تحقيق ڪري، پنهنجو تحقيقي نتيجو ڏنو
اٿس. انهيءَ ڪري هي ڪتاب سنڌي ثقافت جو ڄڻ آئينو
ٿي پيو آهي.
هي ڪتاب لاڙڪاڻي مان پهريون ڀيرو 1966ع ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ سنڌي
زبان جا سمورا پهاڪا ته نه آهن، پر اهي پهاڪا آهن،
جن جي اصليت جي هُو تحقيق ڪري سگهيو. هي ڪتاب تازو
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.
اصلاحن جي اصليت:
هن ڪتاب ۾ اصطلاحن جي اصليت بابت ڪيل تحقيق پيش ڪئي ويئي آهي.
هي به روايتي قسم جو اصطلاحن جو ڪتاب نه آهي، پر
هر اصطلاح بابت جاکوڙ ڪري ان جي لغوي ۽ معنوي پهلو
جي اصليت بيان ڪري، اصطلاح جي معنيٰ سمجهائي ويئي
آهي. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان هيٺ اصلاح جي وصف،
افاديت ۽ تاريخي حيثيت بيان ڪئي ويئي آهي. سنڌي
زبان ۾ هزارين اصطلاح ملن ٿا، پر هن ڪتاب ۾ فقط
اهي اصطلاح آندا ويا آهن، جن بابت سائين سنديلي
صاحب تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي ۾ 1987ع
۾ ڇپيو.
لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو:
هي ڪتاب سائين سنديلي صاحب جي پي- ايڇ- ڊي جو ٿيسز آهي، جيڪو
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان 1986ع ۾ ڇپيو. سنديلي
صاحب 1973ع ۾ هي تحقيقي ڪم مڪمل ڪري، ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري لاءِ پيش ڪيو. ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي مختلف صنفن
جهڙوڪ: پرولي، ٻهڳڻ جا ٻول، هنر، دراهو، ست سري،
سينگار، ڏهس، ڏور، مناظرا، مداحون ۽ مناجاتون
معجزا، ٽيهه اکريون، مولود، لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻين
جو تحقيقي جائزو ڏنو ويو آهي. هر صنف جي وصف، فني
سٽا ۽ تاريخي ارتقا ڏيئي، هر جنس مان نمونو ڏنو
ويو آهي. شروع ۾ لوڪ ادب جي وصف تي روشني وڌي اٿس.
ڄاڻايو اٿس:
لوڪ ادب کي نج دهقاني ادب به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي،
جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي، جا ڪنهن
به وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هي
عوامي احساسن ۽ جزبن، اُمنگن ۽ اُڌمن جي پونجي
آهي، جا دميل ديڳ جيان لوڪ ادب جي جملي جنسن
(صنفن) جوهڳاءُ ۽ هڳسان ڏيندي پئي رهي آهي.“
لاڙڪاڻي ضلعي جي بلند پايه عوامي شاعرن جو ڪلام:
محترم سنديلي صاحب ايم- اي لاءِ ”لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي ۽ ثقافتي
تاريخ، جيعنوان سان تحقيقي مقالو لکيو هو، جيڪو
اڃا تئاين شايع نه ٿيوآهي. انهيءَ زماني ۾ سنديلي
صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن جو ڪلام به گڏ ڪرڻ
شروع ڪيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽن
باڪمال ۽ عوامي شاعرن حسين ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽
حاجي خانڻ چنجڻي جو ڪلام گڏ ڪري، ڪليات حسين ديدڙ،
ڪليات شاهه محمد ديدڙ ۽ ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي جي
نالن سان سهيڙي سموهي، سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنائين.
هي ٽيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هر ڪتاب جي شروع ۾
مقدمو آهي، جنهن ۾ شاعر جي مختصر سوانح حيات ڏني
ويئي آهي، ۽ ان جي ڪلام جي فني، لغوي ۽معنوي خوبين
۽ خصوصيتن تي روشني وڌي ويئي آهي. نه فقط ايترو پر
ان جي ڪلام جو ٻين شاعرن جي شعر سان تقابلي مطالعو
به ڏنو ويو آهي.
مختلف ڪلاسيڪي ڪتابن جو رهبر:
سائين سنديلي صاحب استادن ۽ شاگردن جي سهوليت لاءِ مختلف
ڪلاسيڪي نثر توڙي نظم جي ڪتابن جا رهبر به لکيا؛
جهڙوڪ: رهبر ديوان گل، رهبر روح رهاڻ، رهبر سي
ڪوهستان وغيره. هنن ڪتابن ۾ اصل ڪتاب/ شعر جو
مفهوم نهايت چٽائيءَ سان سمجهايو ويو آهي. ايتري
قدر جو ديوان گل جي شرح لکندي هر غزل جو بحر- وزن
به ڏنو اٿس.
انهن کانسواءِ سنديلي صاحب درسي نوعيت جا ٻيا به ڪتاب لکيا،
جهڙوڪ: علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ، اسلامي
تاريخ، وغيره.
مڪليءَ جو سير: محبوب علي چنه مرحوم ڪنهن زماني ۾ مڪليءَ جي
مقام تي وڃي، اُتي مدفون بزرگن، عالمن، حاڪمن
۽اميرن جي قبرن جا ڪتبا نوٽ ڪيا هئا، ۽ پنهنجي
تحقيق جو نتيجو قسط وار ماهنامه ئين زندگيءَ ۾
ڇپايو هو. سنڌي ادبي بورڊ جي چوڻ تي سائين سنديلي
صاحب اهي قسطون ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيون. اهو
ڪتاب ڇپجي چڪو آهي.
درسي ڪتاب:
سائين سنديلو صاحب، محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا، سائين قادر بخش
شاهه مرحوم، راقم الهروف ۽ بيا ڪجهه دوست بيورو آف
ڪريڪيولم جي نظرثاني ڪاميٽيءَ جا ميمبر هئاسون.
اسان ڪيتريون ئي ميٽنگون ڪري، پهرين جماعت کان
ڏهين جماعت تائين سمورن سنڌي ڪتابن تي نظرثاني
ڪئي. نظرثاني وقت سائين سنديلو صاحب ڏاڍا مفيد
مشورا ڏيندو هو. ڪتاب جي سبق جي عبارت پڙهي، ان کي
بهتر بنائڻ لاءِ ويچار ڪندا هئاسون، ته سائين
سنديلو صاحب چوندو هو: ”ان کي رَندي جي ضرورت
آهي.“ يعني اها عبارت موزون نه آهي، پر ان ۾ کاري
ڦير ڦار ڪري، ان کي سنواري، سينگاري شاگردن جي
ڏانوَ جهڙو بنائڻو آهي. ”رَندو هڻڻ“ سندس مخصوص
اصطلاح هوندو هو، جيڪو نظرثانيءَ جهڙيءَ ٿڪائيندڙ
ڪم ۾ شگفتگي پيدا ڪندو هو.
نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ سائين سنديلي صاحب، محترم ڊاڪٽر
الانا صاحب ۽ راقم الحروف گڏجي نائين- ڏهين ڪلاس
جو سنڌي ڪتاب به لکيو، جنهن کي پاڪستان جي سڀني
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊن جي ٽيڪسٽ بوڪس ۾ ”بهترين ٽيڪسٽ
بوڪ“ قرار ڏنو ويو. گذريل سال اسان کي هڪ تقريب ۾
ان جو انعام به ڏنو ويو، جيڪا وفاقي وزارت تعليم ۽
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ طرفان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.
تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا:
سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب جي سلسلي ۾ سنديلي صاحب ڪيترائي تحقيقي ۽
تنقيدي مقالا لکيا، جيڪي وقت بوقت ماهنامه عام
راءِ، نئين زندگي، اديب سنڌ لاڙڪاڻه، سه ماهي
مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا.
انهن مان ڪن مضمونن ۾ لوڪ ادب جي بيتن جي لغوي
پهلوءَ تي روشني وڌي اٿس، ڪن ۾ گمنام شاعرن جو
تعارف ڏنو اٿس، ۽ ڪن ڪتابن ۾ آيل لفظن جي معنيٰ تي
تنقيدي بحث ڪيو اٿس.
اسلوب بيان:
سائين سنديلو صاحب هڪ مخصوص اسلوب بيان جو مالڪ هو. هن پنهنجو
اسلوب بيان پاڻ جوڙيو ۽ ٺاهيو، ۽ ان ۾ هن ڪنهن جي
تقليد يا پيروي نه ڪئي. هو ٺيٺ سنڌي لفظ ڏاڍي سهڻي
نموني استعمال ڪندو هو ۽ تجنيس حرفي ۽ تڪ بندي
ذريعي تحرير ۾ رنگيني، رواني ۽ اثر انگيزي پيدا
ڪندو هو. جنهن به موضوع تي لکندو هو، لفظ به ان جي
مناسبت سان آنيندو هو. سينگار جي بيتن تي لکندو،
ته سينگار جي شاعريءَ وارو انداز بيان اختيار ڪندو
هو؛ لغت تي لکندو، ته لغت جي علم واري اسلوب سان
لکندو هو. يعني سندس اسلوب بيان مضمون جي موضوع
سان هم آهنگ آهي.
سنديلي صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، انهن جي مهاڳ تي گهڻو ڪري
”ٻه اکر“ عنوان ڏنو اٿس. ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابن جي
مهاڳ جو عنوان ”مقدمو“ آهي. سنديلي صاحب جي ڪنهن
به ڪتاب جو مهاڳ طويل نه آهي. ”ٻه اکر“ جي معنوي
نسبت سان ٿورن لفطن ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪيو اٿس.
هن مختصر مگر معنيٰ دار عبارت ۾ موضوع جي مختلف
پهلوئن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. البت ڪٿي
ڪٿي تسنگي جو احساس ٿئي ٿو.
سنديلي صاحب پنهنيج تحرير ۾ گهڻو ڪري ٺيٺ سنڌي لفٽ ڪتب آندا
آهن، ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن مان علمي ۽ فني اصطلاح جوڙيا
آهن، جهڙوڪ: کناکيڙ، اُکري ڀڃ، جَڙَ، پاڙ وغيره.
ڪٿي ڪٿي ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ موزون عربي ۽ فارسي لفظن
جو حسين امتزاج پيش ڪيو اٿس. گهڻو ڪري اهي عربي ۽
فارسي لفظ استعمال ڪيا اٿس، جيڪي عام طرح سنڌي
تنقيد ۽ تحقيق ۾ آندا وڃن ٿا، مثلاً: تتبع، متاثر،
خاڪو، نمايان، بلند خيالي، ذوق وغيره. اهڙن فني
لفطن کان سواءِ ٻيا لفظ به سهڻي نموني آندا اٿس،
جهڙوڪ: تاهم، ماحول، فضا، الفاظ وغيره.
مطلب ته سنديلي صاحب جي عبارت ۾ رس، رچاءُ، دلڪشي ۽ شگفتگي آهي.
هن خالص علمي موضوعن تي لکندي به عبارت ۾ رنگيني ۽
رعنائي پيدا ڪري، قاريءَ لاءِ دلچسپي پيدا ڪئي
آهي.
ba |