سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :22

کنيل قدمن جي اُڏامندڙ دَزَ

عبيدالرحمان شاهه

 

”ڪير .....؟ اڇا تون .....!“

”ها آءٌ، بهشت مان تڙيل“

”ڪهڙا حال اٿئي.“

”بدحال“

”امتحان جي خبر ڏي“

”ڪنهن هڪ امتحان جو پڇ ته ٻڌايانءِ“

”ڪڏهن موٽندي“

”جڏهن دل چوئي ته گهرائي وٺج

چئين ته اڄ بلڪل هينئر

سڙهه اڀا ڪريان .....؟“

”چريا ائين نه ڪجانءِ

اڳي ئي گهڻا امتحان وڃايا اٿئي“

”پوءِ به تنهنجن آزمائشن ۽ امتحانن ۾

سرخرو رهيو هوندس،

ڀلا ڪڏهن اچان .....؟“

”آرام سان ٽريننگ ۽ امتحان ڏيئي وٺ

چريائي نه ڪجانءِ“

”باقي سرمد جيان (الف) ٿيڻ جي

ضرورت آهي.“

”موسم جو احوال ٻڌاءِ؟“

”ٻاهرين موسم جي ته سُڌ ڪا نه اٿم،

البت مَن بَنَ ۾

تنهنجي وڇوڙي جون تيز هوائون آهن.“

”تڏهن ائين بنا ٻڌائڻ جي هليو وئين!“

”پري ڪڏهن ٿيو هان، جو موڪلايان ها .....؟“

.....            .....            .....

.....            .....            .....

”آواز ڪو نه ٿو اچي.“

”تون رسيور تي چپ رکي

ڇڏ تنهنجي سانت چپن تي

نظم لکي ڇڏيندس“

ها، امتحان جو ٿي پڇيم؟“

”ڪهڙن امتحانن جو ٿي پڇين،

مون ته

زندگيءَ جي هن رڻ ۾ وک وک تي،

تنهنجي اوسيئڙي ۽ چاهتن جا اوکا امتحان ڏنا آهن.“

اڃان به ٿي پڇين امتحان .....

پر ڪڏهن ڪڏهن

اهي چاهتنجا امتحان

آئوٽ آف ڪورس به لڳندا آهن

.....            .....            .....

.....            .....            .....

”ٻڌ هيترن ڏينهن ۾

اسين رڳو ڪالهه شهر کان ٻاهر

اوڙڪ ۽ سيدو شريف ويا هئاسين،

جتي جي آزاد فضا ۾ سڀ Couples

بنا جهل پل جي

گهمي رهيا هئا.

بس آءٌ اڪيلو

اڪيلائي جي جهنم ۾

پيڙبو ٿي رهيس.

پوءِ اسان جي ليڊي انسٽرڪٽر

جا، ڪرسچن آهي.

مون کي سڏي ورتو

(شايد هن منهنجي اداسائي ۽ اُٻاڻڪائي

پرکي ورتي هئي.

پر ڪير ڪنهن جي من تان

اداسائيءَ جا پيلا پن ميڙي سگهيو آ .....؟)

چون ٿا هوءَ هڪ سٺي پامسٽ آهي.

هن کي مون اهو سڀ ڪجهه

ٻڌائي ڇڏيو، جو پنهنجي وچ ۾ آهي.

پر کيس اهو ٻڌائيندي ٻڌائيندي

خاموش ٿي ويس ته ورهيه اڳ،

تو ڪنهن ٻئي جي نالي جي

چُني اوڍي هئي.

(اسان جي ڏيهه جي

نياڻين جي چُنيءَ ۾

جيترا موتي هوندا آهن،

اوترا مونجهارا ۽ حسرتون به!)“

.....            .....            .....

.....            .....            .....

”ٻي ڪا خبر  .....!“

”اڪيلائي ماري وڌو آهي“

”اڪيلو ۽ تون..... آ؟

”تونته ليڊي انسٽرڪٽر سان شامون پيو گذارين

اڃان به اڪيلو آهين!؟“

”اڙي چري هوءَ ته عمر ۾ ڏهاڪو سال اڳتي آهي.

۽ هن سان رشتواستاد شاگرد وارو آهي“

”تون هميشـﮧ پراڻا داڳ پئينٽ ڪندو آهين.“

”ناراض نه ٿي.“

ڪا گڙ ٻڙ هجي ها ته ٿورو ئي ٻڌايان هان.“

”ڏينهن ڪيئن ٿا گذرن؟“

پرهه ڦٽيءَ جو ٽريننگ تي هليا ويندا آهيون،

۽ شام جو ٿڪل ٽٽل.

 

ڪي دوست شهر ۾ نڪري ويندا آهن

پر آءٌ اڪيلو هن اوپري هاسٽل جي

اوپري ڪمري ۾ ٻوساٽجي ويندو آهيان.

۽ رات جو ٽيبل لئمپ جي

ڌنڌلي ڌنڌلي روشني ۾

پاڻ کي ڳوليندو رهندو آهيان،

۽ سوچيندو رهندو آهيان، ڌنڌلجندڙ انساني رشتن تي.

ٻُڌ ..... مون کي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي،

دليون به هاسٽل جي ڪمرن جيان هونديون آهن، جن ۾ هرڪو پنهنجو ٽينيوئر پورو ڪري اڳتي هليو ويندو آهي.“

”ٻيو ڇا محسوس ڪندو آهين؟“-

”لڳي ٿو ڄڻ سڀڪي

خوابن جو اڌورو داستان آهي

اسين خوابن جا شهزادا

حقيقتن جي پن ڇڻ ۾

ڀُريو ٿا وڃون

شايد اُن اڻپورائي ۾

زندگي جوراز آهي.“

”پر تنهنجو راز ته اها ايجڊ ڪرسچن آهي نه؟“

”تون غلط ٿي سوچين .....“

ڪوئي ڪنهن کي سمجهي نه سگهيو آهي،

ان غلط فهمي جي دوري لاءِ، الائجي ڪيترا جنم کپن.

اهي جنم جنم جا چڪر ۽ پنڌ

پورا پوندا به الائجي نه .....؟

”تو ڇا سوچيو آهي؟“

”ڇا جي لاءِ-؟“

”ايندڙ وقت لاءِ.“

آئيندي جي عمارت جي اوسر

ماضي جي بنياد تي ٿيندي آهي

۽ منهنجو ماضي تنهنجين چاهين ۽ مرڪن سان

Cemented آهي“

پر- پر  .....

خبر اٿم تون زندگي جي رستي تي

ان وڻ جيان آهين

جو ڪڏهوڪو پنهنجو سڀ ڪجهه

وقت جي واچوڙي ۾

وڃائي چڪو آ.

سانوڻ رُتِ به جنهن جي

اڃ اجهائي نه سگهي آ.

”هاڻ ڇا ورندو؟“

”محبتن جي مچ ۾

پهاڙ به جهُري پوندا آهن.

(ائين ڇو هوندو آ، جو ڪا پرهه سانجهي جو

ڏيک ڏيندي آ

۽ ڇو ڪڏهن

بسنت بهار ۾

پن ڇڻ جون هوائن گهُلڻ لڳنديون آهن؟)“

”مون توکان ايندڙ وقت لاءِ پڇيو هو؟“

”ايندڙ وقت جو پڇين ٿي ته ٻڌ.

زندگي جي ايندڙ وقت ۾

جو ڪجهه به گذرندو، ان ۾

تنهنجين ڳالهين۽ يادن جا حوالا هوندا،

۽ جڏهن به چنڊ تارا ۽ سانوڻ

ساٽ ڪندا، تڏهن اندر جي آڳر ۾

تنهنجي نه هئڻ جي آڳ

دکيل هوندي.

هرگلي ۽ موڙ تي

تو لاءِ بيچين ۽ اٻاڻڪو هوندس.

تون هن ليڊي انسٽرڪٽر جو مهڻو ٿي ڏين.

پر مون توکي

هن پٿر دل ماڻهو لاءِ

ڪڏهن الف به نه چيو،

جو تنهنجو پنهنجو هوندي به،

ڪڏهن به تنهنجن احساسن کي ڇهي نه سگهيو

هن کي اوچتو لڳو ڄڻ پريان ڪير به ڪونهي

۽ هو پنهنجي ليکي ڳالهائيندو هجي.

هن نستي ۽ ٿڪل ماڻهو جيان

آهستي رسيور ڪريڊل تي رکي ڇڏيو .....

 

ba

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com