سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :13

وري ساڳين تابوتن جو جلوس گجگاهه ۽ گهڙيال سميت صبح جو اٺين وڳي شروع ٿيندو آهي. درگاهه تي پهچڻ کان پو3 ساڳيون رسمون پوريون ڪيون وينديون آهن، جن ۾ بازن (ٻانهن ۽ ڪلهن) جو ماتم به اچي وڃي ٿو. پوءِ هي ماتمي جلوس ڪچهري بازار کان ٿيندو، اولهه طرف وڌي نئن وارن کان مولچند جي مڪان وٽ سلامي لاءِ ترسندو آهي. سلامي کانپوءِ نقارن تي ڍانڍ وڄائي ويندي آهي ۽ زنجيرن ۽ چاڪن جو ماتم ٿيندو آحي، جيڪو ڪربلا تائين هلندو رهندو آهي. ان وچ ۾ پنجن ڇهن جڳهين تي تابوتن سان غازي عباس جي علم کي مخصوص رسم مطابق، ’مس‘ ڪيو ويندو آهي. ان علم جي علم طوق سان سنڌ جي مشهور ۽ معروف مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه جي نسبت چئي ويندي آهي. جلوس جي ڪربلا ۾ پهچڻ کانپوءِ هڪ خاص انداز ۾ فاتح پڙهي ويندي ۽ تمام حاضرين لڪياري سيدن ۽ ٻين سادات سان فاتح خواني ۽ عذرخواهي ڪندا آهن. ان وقت تائين عورتون اوسر ڪنديون رهنديون آهن ۽ پاڻ پڇاڙي ۾ عذرخواهي ڪنديون آهن. ياد رهي ته انهن ٻنهي تابوتن مان پهرين تابوت جي سينگار جي ذميواري لڪياري سيدن ۽ پوئين تابوت جي سينگار جي بار بودلي بهار جي فقيرن جي بلي آهي. مون کي ٻڌايو ويو ته پهرين وڏي تابوت ۾ اندر لعل سئاين جي گڊي تبرڪاً رکي ويندي آهي.

 

ذوالجناح:

مون کي ذاتي طور تي ڪجهه خبر هئي ۽ ڪن ٻين کان وڌيڪ تصديق ڪيم ته سيوهڻ شهر ۾ حضرت امام حسين رضه ڏانهن منسوب ذوالجناح جا نڪرندڙ چارئي گهوڙا ننڍي عمر ۾ ئي خريد ڪيا ويندا آهن يا عقيدت ۽ احترام سان خاص نموني سان انهن جي پالنا ۽ پرگهور ڪئي ويندي آهي. انهن گهوڙن کي ڪڏهن به سواري لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو آهي. البت انهن گهوڙن کي ڪڏهن ڪڏهن شهر ۾ گهمايو ويندو آهي يا اونهاري ۾ ارل درياهه تي وهنجارڻ لاءِ نيو ويندو آهي، مگر ٻنهي حالتن ۾ گهوڙن جون پٺيون ڍڪيل هونديون آهن. گهڙن جي چاري جي شين جو به خيال رکيو ويندو آهي.

گهوڙن جي سينگار ۾ هيٺيون شيون اچي وڃن ٿيون: ڳانيون، تعويذ، جهاٻا، دمچي، ڳل خول، زغا، ڪلنگيون، دستار، خلاف، لونگيو، ڍالون، تير ۽ زري جا ٻيا سنج. گهوڙي جي مٿان غلاف وجهي، سنجن سان سينگاريو ويندو آهي. پوءِ دستار ٻڌي ويندي آهي. دستار کي رنگين کنڀن، گلن، سون ۽ چانديءَ جي ڪلنگين سان سينگاريو ويندو آهي. پوءِ گهوڙي جي ٻنهي پاسن کان ڍالون ۽ تير لٽڪايا ويندا اهن. گهوڙي کي بند ڪمر ۽ ننڍڙي علم طور سان سينگاري وڌيڪ شاندار ۽ پروقار ڪيو ويندو آهي. گهوڙي جي ٻنهي طرفن کان لغام جهلڻ لاءِ خاص خدمتگار مقرر ڪيل هوندا آهن، جيڪي وڏي خبرداريءَ سان گهوڙي جي هر ڪنهن حرڪت ۽ چال جو خاص خيال رکندا آهن. ستين ۽ اٺين تاريخ وارن گهوڙن جا سڀئي سنج، تير ۽ ڍالن جا مٺيا به چاندي جا هوندا آهن.

پنجين تاريخ شام جو چئين وڳي پهريون گهوڙو ماتمي جلوس سان گڏ، شيخ محلي مان نڪرندو، جيڪو صدر بازار وٽان مڙي، قنڌار ۽ قاصين جي محلن وٽان لنگهي، سوني دروازي کان ٿيندو، سج لهڻ مهل، ڇٽي امراڻي جي مقبري وٽ پهچندو. اتي نصب ڪيل علم تي بيرق چاڙهي، پوءِ زوالجناح کي نهراج ڪيو ويندو آهي. وري ڇهين تاريخ شام جو چئين وڳي، بودلي سڪندر وٽان ذوالجناح جو ماتمي جلوس نڪرندو. اهو جلوس قاضين جي محلي وٽان لنگهي، سوني دروازي وٽ ڪجهه وقت لاءِ ترسندو، جتي مجلس پڙهي ويندي آهي. ان کان پوءِ ساڳي ماتمي جلوس سان گهوڙو هلندو ۽ تجر مقام ۾ نهراج ٿيندو آهي. پهرين گهوڙي جي سينگار وغيره جو اهتمام ڊاڪٽر راجپوت ۽ پوئين جو غلام شبير پيرزادو ڪندو آهي.

تاريخ ستين جي ڏينهن جو سبزواري سيدن جي اوطاق وٽان سبزواري سادات طرفان، ذوالجناح منجهند جو هڪ وڳي نعره حيدري ۽ يا حسين جي ماتمي آوازن سان نڪرندو ۽ سڌو قلندر جي درگاهه اڳيان پراڻي علم وٽ کلئي ميدان ۾ اچي بيهندو. ميدان ۾ گهوڙي جي پهچڻ کان پوءِ چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويندو آهي. ان وقت درگاهه طرفان هڪ غلاف نذراني طور، گهوڙي کي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ گهوڙي تي گلن جون چادرون به چاڙهيون وينديون آهن. ان کانپوءِ هڪ مخصوص انداز ۾ مخصوص نموني سان ڪجهه وقت لاءِ پٽ ٿيندي ۽ پوءِ مجلس. مجلس جي پڄاڻيءَ کان پوءِ فقط منشن ۽ ماتم سان جلوس ڪچهري بازار مان لنگهي، سوني دروازي ڀرسان سلامي ۽ دعا لاءِ ترسندو آحي، جنهن کان پوءِ پير پوٽن ڏانهن روانو ٿيندو. پير پوٽن ۾ گهوڙي جي پهچڻ سان، اتي نصب ڪيل علم پاڪ تي بيرق چاڙهي ويندي آهي ۽ ذوالجناح نهراج ٿيندو. هن ذوالجناح سان قافلي ۾ گجگاهه ۽ گهڙيال به شامل هوندا آهن. شهر ڇڏڻ کانپوءِ نقارن تي ڍانڍ ۽ سواري جي وڄت ڪئي ويندي آهي ۽ ماتمي ياحسين يا حسين چوندا، پٽيندا رهندا آهن.

ساڳئي نموني سان اٺين تاريخ تي وري لڪياري سيدن طرفان حسيني بارگاهه مان ساڳئي وقت يعني منجهند جو هڪ وڳي ذوالجناح جو ماتمي جلوس گجگاهه ۽ گهڙيال سميت نعره حيدري ۽ يا حسين جي دل سوز آوازن سان نڪري، قلندر جي درگاهه اڳيان پراڻي علم وٽ اچي بيهندو آهي، ۽ جتي ستين تاريخ واري ذوالجناح جون سموريون ساڳيون رسمون وڏي احترام سان ادا ڪيون وينديون آهن. پوءِ هن ذوالجناح جو ماتمي جلوس ڪچهري بازار مان لنگهي، سوني دروازي وٽ پهچي سلامي ۽ دعا لاءِ ترسندو آهي. ان کان پوءِ ياحسين يا حسين جي آوازن، ڀيرين، نقارن ۽ گهڙيال، دهلن ۽ شرناين جي ڊانڍ ۽ سواري جي ڌنن ۾ اٽڪل پنجين وڳي شام جو ڪربلا ۾ پهچي نهراج ٿيندو آهي. اهو علمن، نقارن، ڀيرين، گجگاهه ۽ گهڙيال وارو قافلو اتي ڪربلا ۾ ترسي پوندو، جتان پوءِ رات جو اٽڪل ڏهين ڌاري ڪڙجي (تيار ٿي) حسيني امام بارگاهه وٽ پهچي سيج جو انتظار ڪندو.

 

پينگها:

عاشورن جا سڀئي پينگها حضرت امام حسين رضه جي پينگهي ۾ پلجندڙ معصوم فرزند علي اصغر شهيد ڏانهن منسوب ڪيل آهن. معصوم علي اصغر کي ڪربلا جي ميدان ۾ اُڃ ستايو هو. امام حسين کيس هنج ۾ کڻي ميدان ۾ اچي فرمايو هو ته ”هن معصوم اوهان جو ڪو به گناهه نه ڪيو آهي، پاڻي ڏيو ته پياريانس.“ معصوم اصغر  جي نڙيءَ ۾ فرات ندي جي پاڻيءَ جو ته هڪ قطرو به داخل نه ٿيو پر هڪ تير معصوم جي حلق کي سندس ئي خون سان تر ڪري ڇڏيو هو. ان خوني واقعي جي ياد قائم رکڻ لاءِ پينگها ڪڍيا ويندا آهن. پينگها عام پينگهن وانگر هوندا آهن، فقط ڏولي کي گلن، شمعن، مشعلن وغيره سان سينگاري کنيو ويندو آهي. رستي تي هلندي هلندي عقيدتمندن طرفان گل، مصري، پتاشا، مٺايون، ڪپڙا ۽ روڪ پيسا وغيره نذراني طور پينگهي ۾ وڌا ويندا آهن. ڪي مستورات وڌي اچي پينگهي کي احترام وچان لوڏينديون آهن ۽ زاروزار روئنديون به آهن ۽ پار ڪڍي پٽينديون به آهن.

ٻي محرم رات جو ڏهين وڳي ڌاري سبزواري سيدن جي امام بارگاهه مان هڪ پينگهو قافلي سان کڄندو آهي. ان پينگهي ۾ هڪ ننڍرو تابوت به رکيل هوندو آهي. پينگهو سبزووارين جي محلي مان لنگهي نهال شاهه نوري جي روضي وٽان هلي، حسيني امام بارگاهه کان ٿيندو، قلندر جي درگاهه جي اوڀر وارو رستو ڏيئي، سبزوارين جي ٻئي پڙ تي پهچي نهراج ٿيندو آهي. سموري رستي ۾ پينگهي ۾ نذراني ۾ گل، مصري، پتاشا وغيره وجهندا آهن. پينگهو صبح جو ڏيڍ وڳي ڌاري ماتم تي پهچندو آهي. ان پينگهي جو اهتمام ڪريم بخش ٻرڙو ڪندو آهي. ٽين رات جو پينگهو، هڪ ننڍي جهولي سان ساڳئي امام بارگاهه مان کڄندو آهي. قافلي سان ساڳين گهٽين ۽ رستن تان هلي، ساڳئي وقت تي، پينگهو ساڳئي پڙ تي پهچي نهراج ٿيندو آهي. هن پينگهي جي سينگار وغيره جو بندوبست سيد مظفر علي شاهه سبزواي ڪندو آهي.

ڇهين رات جو اٽڪل يارهين وڳي ڌاري حسيني امام بارگاهه مان لڪياري سيندن طرفان هڪ وڏو پينگهو، جنهن کي مقامي ماڻهو ”لعل جوپينگهو“ سڏيندا آهن، نڪرندو آهي. ان پينگهي سان هڪ وڏو قافلو به ساڻ هلندو آهي، جنهن ۾ گجگاهه ۽ گهڙيال به شامل هوندا آهن. اهو پينگهو نهال شاهه نوري جي گهٽي ڏيئي، دادو مين روڊ ۽ مڪرانين جي محلي وٽان لنگهي، صدر بازار جي پٺ وٺندو. ايوب سوناري جي گهر وٽ قافلو ۽ پينگهو ڪيجهه وقت لاءِ ترسندو آهي. اتي مجلس پڙهي ويندي آهي ۽ پينگهي جا شمعدان ۽ مشعل به روشن ڪيا ويندا آهن. ان کانپوءِ قافلو ۽ پينگهو قنڌاري محلو، قاضين جو محلو ڏيئي، ڪچهري بازار مان گذاري قلندر جي درگاهه تي صبح جو چئين وڳي پهچندو آهي. درگاهه جي پڌر ۾ ’لولي‘ جي هڪ خاص ۽ مشهور رسم وڏي خوص ۽ عقيدت سان پوري ڪئي ويندي آهي. ان رسم کانپوءِ پينگهو لڪياري سيدن جي ماتم تي اٽڪل پنجين وڳي صبح جو پهچندو آهي. دعا ۽ نذر نياز کان پوءِ پينگهو ۽ جلوس نهراج ٿيندا آهن. انهيءَ نياز جو اهتمام اٽڪل پنجاهه سالن کان وٺي مهراج لعل داس، عقيدت وچان ڪندو اچي ٿو.

وري اٺين جي رات جو سبزوارن جي امام بارگاهه مان هڪ وڏو پينگهو نڪرندو. پينگهو اٽڪل ڏهين وڳي ڌاري کڄندو. پينگهي جي کڻڻ سان نعره حيدري ۽ ياحسين يا حسين جا ماتمي آواز بلند ٿيندا. اهو پينگهو پٺاڻن جي ڪافي ڀرسان ترسيل ۽ طبل ڪندڙ قافلي مان اچي ملندو. قافلي ۾ گجگاهه ۽ گهڙيال به شامل هوندا آهن. اهو قافلو پير پوٽن مان ڪڙجي ايندو آهي ۽ پٺاڻن جي ڪافي وٽ ان وقت تائين ترسندو ۽ طبل ڪندو رهندو، جيستائين پينگهو اچي ان سان شامل ٿئي. ان کانپوءِ قافلو ۽ پينگهو دادو روڊ ۽ مڪرانين جي پاڙي مان لنگهي سوني دروازي وٽ، شمعن ۽ مشعلن جي ٻيهر روشن ڪرڻ لاءِ ڪجهه دير ترسندو آهي. جتان پوءِ مرثين ۽ نوحه خواني سان گڏ ڪچهري بازار مان لنگهي درگاهه شهباز جي کليل ميدان ۾ پهچندو. اتي مخصوص قسم جي رسم هيٺ ’لولي‘ پڙهي ويندي آهي. جنهن کانپوءِ پينگهو ماتمي جلوس جي همراهي ۾ سبزوارين جي ٻئي پڙ تي صبح جو باک ڦٽيءَ مهل پهچندو آهي. پينگهي جو نهراج سبزوارين جي امام بارگاهه ۾ ٿيندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته پينگهن ۾ نذراني ۾ پيل پتاشا، مصري وغيره عقيدتمندن ۾ ورهايا ويندا آهن.

 

سيجون:

تاريخ نائين جي رات جو اٽڪل يارنهين وڳي لڪياري سيدن طرفان، حسيني امامبارگاهه مان هڪ سيج شهزادي قاسم بن امام حسن جي نالي ۾، سينگارجي نڪرندي آهي. اها سيج نهال شاهه نوريءَ جي روضي وٽان ونگهي، مائي بختاور جي مڪان وٽ ڪجهه وقت لاءِ رکبي آهي. اتان وري واپس ساڳئي امام بارگاهه وٽان لنگهي لڪياري سيدن جي پڙ تي ايندي آهي. ٿوري وقفي کانپوءِ اتان کڄي ساڳئي امام بارگاهه ۾ پهچندي آهي. ان سفر ۾ سيج سان هڪ وڏو قافلو گجگاهه ۽ گهڙيال سميت گڏ هوندو آهي. سيج جي واپس امام بارگاهه ۾ پهچڻ کانپوءِ مرحوم سيد گل شاهه جي حويلي مان، سيدن جي هڪ نماڻي ننڍڙي نياڻي مخصوص لباس پائي، مٿي تي ميندي کڻي، روئيندي هنجون هاريندي نڪرندي، جنهن سان عورتن جو هڪ وڏو ماتمي جلوس گڏ هوندو آهي. اهو ماتمي جلوس ميندي سميت امام بارگاهه حسيني ۾ داخل ٿيندو. ميندي جي جلوس جي داخل ٿيڻ سان امام بارگاهه ۾ روڄ- راڙو ۽ رودنج شروع ٿي ويندو آهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ميندي جون مخصوص رسمون وڏي احترام ۽ عقيدت سان ادا ڪيون وينديون آهن. وچ وچ ۾ ياحسين، هاءِ شهزادو قاسم، هاٰءِ حسين جا ماتمي دل ڏاريندڙ آواز به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ميندي جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ مجلس پڙهي ويندي آهي. آخر ۾ هڪ خاص قسم جي ڪُٽي ورهائي ويندي آهي ۽ آيل ميندي باس باسيندڙ عورتن ۾ ورهائي ويندي آهي. صبح جو اٽڪل چئين پنجين بجي ڌاري سيج ۽ ٻيون رسمون نهراج ٿينديون آهن.

ساڳيءَ طرح نائين تاريخ جي شام جو چئين وڳي مهل، مرحوم خير محمد قريشي جي گهر وٽان کهنباٽين طرفان، شهزادي قاسم جي نالي ۾ ٻي سيج کڄندي. سيج سان جلوس ۽ مرثين پڙهڻ وارا گڏ هوندا آهن. سيج قافلي سان گڏ ڪافي قاسم شاهه جي ڀرسان علم وٽ، شام جو ڇهين وڳي پهچي نهراج ٿيندي. سيج جي لنگهڻ وارين گهٽين مان، عورتون ڪُٽي تيار ڪري، نذراني ۾ موڪلينديون اهن. اها سموري ڪٽي پوءِ عقيدتمندن جي گهرن ۾ ورهائي ويندي آهي. ٻنهي سيجن جي ڪٽيءَ کي تبرڪ سمجهي کاڌو ويندو آهي ۽ ذرو ضايع ڪرڻ به بدشگون سمجهيو ويندو آهي.

سيج جنڊي جي پاين سان ٺهيل هڪ خوبصورت کٽ، ڇٽيءَ سميت هوندي آهي. ڇٽيءَ جا اڳيان ۽ پويان پاسا اڌ گول ڪمان جي صورت ۾ وريل هوندا آهن، جن ۾ ٽي- ٽي سهڻا شمعدان ٽنگيل هوندا آهن. ڇٽيءَ کي گلن سان سينگاري خوبصورت ڪيو ويندو آهي. کٽ مٿان غلاف وڇائي، مٿن کان هڪ سهڻو طول وهاڻو رکيو ويندو آهي. طول وهاڻي مٿان، ميناڪاري سان سينگاريل چاندي جي دستار رکندا آهن. ٻه اگهاڙيون، چانديءَ جي مٺن واريون تلوارون، هرپاسي کان هڪ هڪ رکي، انهن جي نوڪن کي ملايو ويندو آهي. اهي تلوارون دستار مٿان تمام سهني انداز ۾ بيهاريونن وينديون آهن. سيج کي پوءِ گلن سان سينگاريو ويندو آهي. گلن جون لڙهيون تمام وڻندڙ نموني لڳايون وينديون آهن.

 

جلوس:

سيوهڻ جي شهر ۾ محرم مهيني جي چنڊ ڏسڻ سان جيڪي تابوت، پينگها، گهوڙا ۽ سيجون نڪرنديون آهن، انهن سان گڏ جلوس به نڪرندا آهن. پهرين تاريخن ۾ جلوس ننڍا ڪڍيا ويندا آهن ۽ پوين تاريخن ۾ وڏا جيڪي مفاصلي ۾ ميل اڌ ٿي ويندا آهن. انهن جلوسن ۾ اٽڪل ٽيهارو کن اٺ به شامل هوندا آهن، جن تي جهنڊا، نقارا، ڀيرون، گجگاهه ۽ گهڙيال ڪڙيا ويندا آهن. پهريائين اٺن ڏهن اُٺن تي جهنڊا يا علم کڻي وڏا ۽ ٻار هلندا آهن. ڪجهه فاصلي کانپوءِ نقارن سان ڪڙيل اٺن جو قافلو هلندو آهي، جنهن تي نقارن وڄائڻ وارا ٻار ۽ وڏا سوار هوندا آهن. انهن کي اها خبر هوندي آهي ته ڪهڙي موقعي تي ڪهڙي قسم جي وڄت ڪرڻي آهي. انهن سان گڏ ڀيرون ڪن اٺن تي ڪڙيل هونديون آهن، جيڪي فقط ماهر ۽ ڄاڻو وڄائيندا آهن. ڀيرن وٽان لنگهڻ مهل ڪنن ۾ آڱريون وجهڻيون پونديون آهن. ان بعد ڪجهه مفاصلي تي مڱڻهار دهلن ۽ شرنائن مان ماتمي ڌنون، وقتي ڪيڏاري مان به وڄائيندا هلندا رهندا آهن. انهن جي پٺيان ٻن قطارن ۾ بازن ۽ سيني تي ماتم ڪرڻ وارا هوندا آهن. قطارن جي وچ ۾ سِر پٽڻ وارا ۽ ڪي زنجيرن ۽ چاڪن سان ماتم ڪرڻ وارا هوندا آهن. ٿوري وڇوٽيءَ کان پوءِ نوحه خوان ۽مرثيه پڙهڻ وارا هوندا آهن، جيڪي تابوت، پينگهي، سيج يا ذوالجناح اڳيان مرثيه پڙهندا ۽ وراڻي چوندا ۽ ڏيندا هلندا آهن. وچ وچ ۾ نعره حيدري يا علي، علي مولا، ياحسين جا ماتمي آواز به بلند ٿيندا رهندا آهن. تابوتن وغيره جي پٺيان اوسر ڪرڻ واريون عورتون هونديون آهن. انهن جي پٺيان انتظام سنڀالڻ وارن مان ٻه- ٽي مرد هوندا آهن. وچ وچ ۾ پاڻي پيارڻ ۽ نياز جي ڇولن ۽ مٽرن ورهائڻ وارا به هوندا آهن. ان کانسواءِ هرهڪ اٺ سان اوٺي به هلندو رهندو آهي. روشني لاءِ، راتين جو اڳي ته گولا کڻندا هو، پر هاڻي جنريٽرن ۽ ٽيوب لائيٽس کان ڪم ورتو ويندو آهي.

جلوس جي اڳيان ۽ پٺيان پوليس جي سپاهين ۽ عملدارن جو عملو به ڪافي موجود هوندو آهي. ساڳئي وقت سيدن ۽ سکر ماڻهن سان گڏ مئجسٽريٽ ۽ پوليس جا وڏا عملدار به ڊيوٽي تي هوندا آهن. ياد رکڻ جهڙي اها ڳالهه آهي ته صدين کان وٺي اڄ تائين، سيوهڻ شهر ۾ ڪڏهن به ماتمي جلوس ۾ يا ڪنهن به ٻي ماتمي تقريب ۾ ڪو به فساد ۽ هل بکيڙو نه ٿيو آهي. سيوهاڻين جي اها تاريخي رواداري ضرب المثل آهي. نه فقط ايترو پر جنهن به گهٽي ۽ پاڙي مان تابوت، پينگهو، ذوالجناح ۽ سيج گذرندي آهي ته جاين ۽ جڳهين جي ڇتين ۽ ڪوٺين تان، جلوس مٿان گل ۽ گلن جون پنکڙيون ۽ گلاب جي پاڻي جون بوندون برسايون وينديون آهن ۽ ٻارڙا درن وٽ پاڻي، شربت ۽ نياز کنيو بيٺا هوندا آهن. سچ ته سيوهاڻين جو پنهنجو هڪ ڪلچر آهي. هندن جي لڏپلاڻ کان اڳي اهي ماتمي جلوس ۽ تابوت وغيره هندن جي هٽن، پاڙن ۽ گهٽين مان به گذرندا هئا ۽ اهي به نذر نياز ورهائيندا هئا. گجگاهه ۽ گهڙيال واري حالت ۾ قافلي جي سرواڻ گجگاهه وارو اٺ سڀ کان پهريائين بيهندو ۽ هلندو آهي.

 

 

نوحا:

نوحه پڙهڻ جو رواج، سيوهن شهر ۾ بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ پيو آهي. هاڻي ڪن مجلسن تابوتن وغيره اڳيان محمد علي شاهه جوهر ۽ محسن شاهه بخاري جا نوحه پڙهيا وڃن ٿا، مگر اها رسم عام نه سمجهڻ گهرجي. هن وقت نوحه پڙهڻ وارن ۾ سيد حاجن شاهه لڪياري، ماستر نظير احمد سومرو ۽ پير محمد لاکو دوڪاندار مشهور آهن. سيوهڻ ۾ نوحه سنڌي، ملتاني ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهيا ويندا آهن.

 

منشا ۽ مرثيا:

اهي ٻئي پارسي زبان جا ٻه لفظ آهن ۽ ٻنهي جي معنيٰ مختلف ۽ جدا آهي. منشا جي معنيٰ آهي سبب (Cause)، اصل نسل (Origin)، شروعات (Beginning)، ۽ مرثيه جي معنيٰ آهي ماتمي گيت، شعر ۽ ڪنهن شخصيت جا اوصاف شعر ۾ بيان ڪري روئڻ (Elegy). پر سنڌي ٻولي ۾ ٻئي لفظ ذري گهٽ ساڳئي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪربلا جي واقعي ۾ سڀ کان وڌيڪ دخل منشاءُ ايزدي کي سمجهيو ويو آهي. تڏهن ته شاه لطيف چيو آهي ته:

”قضيو ڪربلا جو، رند پروڙين راز“

سيوهڻ جي اٻوجهن ڪربلا جي سانحه کي هڪ راز، هڪ امر ۽ هڪ منشا سمجهي، تسليم ۽ رضا وچان پنهنجا سرخم ڪيا آهن ۽ آگي جي امر کڻڻ ۾ سعادت ۽ نجات سمجهي آهي، انڪري مرثيا ۽ منشا هڪ معنيٰ ۽مفهوم ۾ وٺي صدين کان تابوتن، پينگهن، ذوالجناح ۽ سيجن اڳيان پڙهندا آيا آهن. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ مرثيا گهڻو ڪري پارسي ٻولي ۾ پڙهيا ويندا هئا. پر پوءِ وقت گذرڻ ۽ قوميت جي شعور وڌڻ سان،مرثيا سنڌيءَ ۾ پڙهجڻ شروع ٿيا. هن وقت مرثيا گهڻو ڪري سنڌي ۽ ملتاني ۾ عام طرح ۽ ڪڏهن ڪڏهن اردو زبان ۾ هڪ اڌ  مرثيو پڙهيو وڃي ٿو. مرثيا گهڻو ڪري سيد ثابت علي شاهه، سيد عالم شاهه ۽ آخوند محمد ۽ مير مرتضائي جا پڙهيا ويندا آهن. سيد ثابت علي شاهه جو روضو سيوهڻ شهر ۾ ڪربلا واري مقام ۾ واقع آهي. ڪافي ڪوشش ڪرڻ بعد به آڳاٽي زماني ۾ مرثين پڙهڻ وارن جا نالا حاصل ٿي نه سگهيا، سواءِ چئن نالن جي سيد مصري شاهه، غلام نبي شاهه، ماستر حسين بخش علوي ۽ ڍڪ منشي قاضي الهه بخش جي. پوين کي مون پاڻ ننڍي هوندي مرثيا پڙهندي ٻڌو. هن وقت زوار ڪريم بخش، ليڪچرار منظور علي شورو، نظير احمد سومرو ۽ غلام محمد علوي، مشهور مرثيه گو سڏيا وڃن ٿا. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مرثيا موقعي جي نسب سان جدا جدا تاريخن تي ٻيا ٻيا پڙهيا ويندا آهن.

 

سلامي:

سلامي مرثيـﮧ جوهڪ قسم آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي شهيدن جي صبر، تحمل، جرئت، فضيلت ۽ شجاعت جو ذڪر ڪيل آهي. انهن جي همت ۽ پامردي کي هزارين ۽ ڪروڙين سلام آهن، جن موت کي سامون ڏسندي به مرڪي مرڻ قبول ڪيو ۽ جي پتنگن وانگر سچ جي شمع تي هڪ هڪ ٿي قربان ٿيندا ويا. سيد عالم شاهه جو سلامي وارو مرثيو مشهور آهي.

 

لولي:

هي به مرثيـﮧ جو هڪ نمونو آهي، جنهن ۾ شهزادي علي اصغر شهيد ۽ سندس والده ماجده جي مصائب جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي. ديارِ غير ۾ پاڻيءَ جي بوند لاءِ ترسندڙ معصوم ۽ سندس ماءُ ۽ ٻين عزيزن تي ڇاڇا نه گذريو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. مگر هڪ ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي پياس ۽ شهادت کي صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪيو. لولي جو ٿل ۽ وراڻي هيٺين ريت آهي:

”ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان، لوڏي مان لولي“

سڳڙا ۽ ڌاڳا:

عقيدتمند تابوتن، پينگهن ۽ سيجن سان پٽ ۽ سٽ جا ڌاڳا مس ڪرائي، تعويذن ۽ تائٿن وانگر ڳچين ۾ يا ٻانهن ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ هر سال ڌاڳو مٽائيندا ايندا آهن.  انهن ڌاڳن جي ڇڄي پوڻ واري حالت ۾ ڌاڳن کي کوهن يا وهندڙ پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيندا آهن. انهن ڌاڳن سان شجاعت ۽ حفاظت جون ڳالهيون يا وصفون منسوب ڪيل آهن.

 

گجگاهه:

گجگاهه اصل ۾ هڪ وڏي شاهي عَلم جو نالو آهي، جنهن علم کي حضرت سيد عثمان قلندر رح سان ڪا قريبي ۽ قرب ڀري نسبت آهي. اهو علم قلندر جي روضي ۾ اندر،  اتر- اوڀر واري ڪنڊ ۾ رکيل هوندو آهي ۽ لعل سائينءَ جا پانڌيئڙا ان کي چمندا رهندا آهن.

وڏن تابوتن، پينگهن، گهوڙن ۽ سيج ڪڍڻ وقت، هڪ خاص نموني سان سينگاريل اٺ کي هڪ معتبر ۽ تندرست ۽ مخصوص لباس پهريل فقير وهاري، اهو علم ان جي هٿ ۾ ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي اڳيان، هڪ وڏي شينهن جي منڍي، رعب ۽ هيبت پيدا ڪرڻ لاءِ رکندا آهن. محرم مهيني جي ماتمي جلوسن ۾ انهن سڀني کي گڏي گجگاهه سڏيندا آهن گجگاهه سبب وقت جي پابندي ضروري ٿيو پوي.

 

گهڙيال:

گهڙيال به قلندر جي درگاهه طرفان، گجگاهه سان گڏ موڪليو ويندو آهي. پتل جي هڪ گول وڏي  ۽ سج وانگر چمڪندڙ ٿالهي (Sun-Disk) کي ٽن پائين واري جهلڻي ۾ ٽنگي، اٺ مٿان رکيو ويندو آهي. هڪ مقرر ڪيل فقير ان کي جهلي وهندو آهي. ۽ وقت سر، وقت مطابق، ڪاٺ مان ٺهيل هڪ مترڪي سان، وڄائيندو رهندو آهي.

ڪامل ڪربلا ۾، آيا جنگ جوان،

ڌرتي ڌٻي، لرزي، ٿرٿليا آسمان،

ڪَره، هئي ڪانَ، هو نظارو نينهن جو.

(لطيف)

نوٽ: مون اٽڪل سٺ پنجهٺ سالن کان وٺي هر سال يا وقفي وقفي سان سيوهڻ شهر جي محرم مهيني جي ڏهن ئي ڏينهن وارين ماتمي مجلسن، جلوسن ۽ تابوتن وغيره کي پئي ڏٺو آهي. هرسال منهنجي دل ائين پئي چاهيو ته انهن سڀني ماتمي روايتن، رسمن ۽ ريتن کي لکي محفوظ ڪري ڇڏيان، مگر وقت گذرڻ سان، ڪن ٻين مصروفيتن ۾ گم ٿي ويندو هوس. هن سال مون محسوس ڪيو ته زماني جي نشيب و فراز جي ڪري آهستي آهستي مجلسن جو رنگ ۽ تابوتن ۽جلوسن جو ڍنگ بدلجندو وڃي ٿو، ان ڪري هڪ قومي فرض سمجهي هيءُ مقالو، جيڪو هڪ ثقافتي دستاويز آهي، لکي سنڌي ادبي بورڊ جي سڄاڻ سيڪريٽري ۽ مهراڻ رسالي جي پياري ايڊيٽر جي حوالي ڪري، پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪريان ٿو.

مقالي ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪي گهٽ وڌايون ۽ سَهون ٿيون هجن، سي قرب ڪري درگذر ڪندا. مون کي خبر آهي ته هر ڪنهن محفل جي ڪي آداب ٿيندا آهن، جن مان ٿي سگهي ٿو ته مان بي خبر هجان. مان ميان ڏاتر ڏني ڏاهري، ماستر نظير احمد سومري ۽ ٻين جو ٿورائتو آهيان، جن کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪري، هي مختصر مگر قدري جامع مقالو لکي سگهيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com