تبصرا
(رفتار-ادب) .
نالي ماتر آزادي
”نالي ماتر آزادي“ اصل ۾ انگريزي ڪتاب
(The Myth of Independence)
جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1975ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ٻيو ڇاپو تازو بورڊ پڌرو ڪيو
آهي.
هنڪتاب جو مصنف عالمي دنيا، خصوصاً ٽئين دنيا جو جڳ مشهور مفڪر
۽ سياستڪار جناب ذوالفقار علي ڀٽو آهي. جناب
ذوالفقار علي ڀٽو ٽئين دنيا جو اهو اهم سياسي
دانشور ۽ مدبر هو، جنهنکي تقرير ۽ تحرير جو جيڪو
ملڪو حاصل هو سو ڪنهن عالمي سياستدار کي شايد حاصل
هجي. سندس هن تصنيف کي به دنيا جي سياسي ميدان ۾
هڪ اهم حيثيت حاصل آهي. خاص طرح سياسيات جي علم جي
شاگردن لاءِ هي ڪتاب بيحد اهم آهي. ڪتاب جا ڪل
ويهه باب آهن، جنهن ۾ مصنف پاڪستان ۽ هندستان جي
سياسي معاملن کان وٺي ويندي دنيا جي سڀني اهم
سياسي مسئلن تي بحث ڪيو آهي، ۽ انهن جي حل بابت
پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. مصنف ڪتاب جي ديباچي ۾
لکيو آهي: ”پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي صفحن ۾ پاڻيهي
معلوم ٿي ويندو، ته منهنجا رايا ڪهڙا آهن، عالمي
مسئلن ڏانهن منهنجو رويو ڇا آهي، منهنجي راءِ موجب
پاڪستان طرفان طاقتن سان معاملن طئي ڪرڻ ۾ ڪهڙيون
غلطيون ڪيون ويون، ۽ انهن غلطين جو تدارڪ ڪيئن ڪجي
۽ اهڙي خارجه پاليسي ٺاهڻ لاءِ جيڪا نهن خطرن کي
ٽاري سگهي، جيڪي هن وقت ملڪ کي درپيش آهن. منهنجون
تجويزون ڪهڙيون آهن، انهن خيالن جو اختصار ديباچي
۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بيسود ٿيندي.“
هي ڪتاب هڪ طرف مصنف جيذهانت، مهارت، دورانديشي ۽ گهري نظر کان
واقف ڪري ٿو ته ٻئي طرف پاڪستان جي تاريخ ۽ بين
الاقوامي تعلقات جو صحيح نقشو پيش ڪري ٿو. ڪتاب ۾
فاضل مصنف خارجه پاليسي جا بنيادي اصول مرتب ڪيا
آهن ۽ هي اهي ئي اهم خيال آهن، جن کي بدقسمتيءَ
سان اسان جي ملڪ ۾ چوٿائي صدي تائين ڪنهن نه
سمجهيو ۽ نه وري خارجه پاليسي کي اها اهميت ڏني
وئي جا ڏيڻ گهربي هئي. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جو
سڀ کان اهم باب ”عالمي طاقتون ۽ ننڍيون قومون“
آهي، ان باب ۾ ڀٽي صاحب عالمي طاقت جي وضاحت هن
طرح ڪئي آهي؛ ”هندستان ۽ برازيل پکيڙ جي لحاظ کان
تمام وڏا ملڪ آحن، پر ٻنهي منجهان ڪو هڪ به عالمي
طاقت ناهي. چيڪو سلو واڪيه ۽ بيلجئم شايد جديد
ترين هٿيار تيار ڪري سگهن پر انهن مان ڪو به عالمي
طاقت بنجڻ جو خواب ڏسي نٿو سگهي. ڪالهه جون وڏيون
طاقتون مثلاً برطانيا ۽ فرانس هاڻي طقط پاسيريون
عالمي طاقتون آهن، اسان جي زماني ۾ موجود، ۽ جنهن
ايندڙ زماني تائين اسين اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا، عالمي
طاقتون فقط ٽي هونديون- ”آمريڪا، سويت يونين ۽
عوامي جمهوريه چين.“ ان زماني ۾ آمريڪا جي پاليسي
ان بنسبت پاڪستان جي حڪومت جون جيڪي توقعات عالمي
طاقت سان وابسته هيون ان بابت پنهنجي راءِ ظاهر
ڪندي باب اٺين ۾ ”آمريڪي مطالبه ۽ پاڪستان لاءِ
کليل راهون“ ۾ مصنف لکي ٿو ته ”انهي عرصيءَ دوران
پهريون پاڪستان چين سان ۽ ڪنهن حد تائين سوويت
يونين سان به تعلقات سڌارڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا.
حالات جي انهي نئين شڪل اختيار ڪرڻ سان، اها اميد
رکڻ ته آمريڪا پاڪستان کي اڃا به غير معين مدت
لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي ايندي،
ساده مزاجي ۽ غير حقيقت پسندي ٿئي ها. واقعات اڻ
محسوس ٿيندڙ نموني سان پاڪستان کي هڪ قطعي ۽ آخري
فيصلي طرف ڌڪي آڻي رهيا هئا.“ ”عالمي طاقتون ۽
ننڍيون قومون“ باب ۾ مصنف جيڪي حقيقتون پيش ڪيون
آهن، اهي نه صرف پاڪستان تي لاڳو ٿين ٿيون پر سڀني
افرو ايشيائي ۽ ٽئين دنيا جي ملڪن لاءِ اهميت رکن
ٿيون. دراصل ڪتاب جو هي حصو منهنجي نظر ۾ ٽئين
دنيا لاءِ هڪ سفارتي اداب جي مجموعي جي حيثيت رکي
ٿو ۽ ان تي اگر صحيح طور تي عمل ڪيو وڃي ته پوءِ
ٽئين دنيا جي ملڪن لاءِ ان کان بهتر ۽ صحتمند
نتيجا نڪري سگهڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هي ڪتاب
ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني مرحوم ۽ سومار علي سومري
مرحوم جو ترجمو ڪيل آهي. موجوده ڇاپي جي قيمت
پنجاهه رپيا آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ وٽان خريد ڪري
سگهجي ٿو.
- الطاف آگرو
رڻ ۽ رڃ جو اِتهاس
نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جو نئون مجموعو ’رِڻ جو اتهاس‘ نيو
فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران تازوڇپائي پڌرو ڪيو
ويو آهي. منفرد نالي ۽ بنهه مختلف انداز ۾ لکيل
هنن ڪهاڻين جي مجموعي جو ملهه ڪچي ڪاپي ٽيهه رپيا
۽ پڪي جلد سان پنجاهه رپيا آهي. اهو سڀ ڪجهه ته
خير آهي ئي، پر ڪتاب ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ، ڪتاب جي
سرورق تي نگاهون فريق ٿيون ٿيو وڃن. ڪهاڻين جي
مطالعي کان پوءِ مون کي ڀرپور احساس ٿيو ته اِهو
بنهه پهريوندفعو آهي، جو ڪنهن سنڌي ڪهاڻين جي
مجموعي جو ٻه رنگو ٽائٽل اندر مجموعي ۾ موجود
ڪهاڻين سان سينٽ پرسينٽ مطابقت رکندڙ آهي. ٽائيٽل،
اِن حد توڻي با معنيٰ ۽ اتساهيندڙ آهي جو اندر
موجود ڪهاڻين جو سمورو تتُ ڄڻ ان ۾ سمايل سمايل
پيو لڳي. (۽ ڄاڻڻ گهرجي ته) اِن نئين انداز واري
ٽائيٽل جو سِرجڻهار هڪڙوويهن سالن جو نوجوان
چترڪار، زاهد دارا ابڙو آهي. ٽائيٽل روِرس ۾ ٺهيل
آهي ۽ رورس کي ڪاري گراؤنڊ تي اڇُين ليڪن سان عورت
۽ مرد جا ساروپا، نڪ، وات ۽ اکيون هڪ ئي ليڪ ۾
ڏيکاريل آهي. (هڪ ئي لائين ۾ جڙيل هجڻ جي باوجود،
ٻنهي چهرن جا ايڪسپريشنس الڳ الڳ ڪيفيتن جي
نمائندگي ڪندا نظر اچن ٿا) عورت جو وجود لُڙڪَ
سمان ۽ مرد جو اِسٽرڪچر، لانگ بوٽ جو اُهڃاڻن سان
پيش ڪيو ويو آهي. عورت، جيڪا هميشـﮧ مردن جي هن
سوسائٽي ۾ خود مرد جي لانگ بوٽ هيٺان، چيڀاٽبي ۽
استحصال جو شڪار ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته مرد جي
حوالي سان وري ان ٽائيٽل ۾ لانگ بوٽ جو هڪ ٻيو به
اهم حوالو آهي ۽ اُهو آهي: ’اسان وٽ يارنهن ساله
آمريت وارو دور.‘ (لانگ بوٽ، جيڪو عام سپاهيءَ کان
وٺي ڪنهن جنرل تائين يونيفارم جو بوٽ سمجهو ويندو
آهي). نورالهديٰ شاهه جي هنن ڪهاڻين جي مجموعي جي
ٽائيٽل جو ٽيون اهم گُڻ ۽ نمايان حوالو آهي ’هڪ
ٻار‘، جيڪو ماءُ جي ڳوڙهي نما گرڀَ ۾ ناڙي بدران
خاردار تارن ۾ جڪڙيل ڏيکاريل آهي (پڙهو ڪهاڻي:
پاتال، صفحه: 40) ۽ اهو عڪدس، ان ڳالهه ڏانهن
اشارو ٿو ڪري ته ٿرڊ ورلڊ جي سماج ۾ پيدا ٿيڻ جنم
وٺڻ کان اڳ ئي، اڄ جو انقلابي ٻار زنجيرن ۾ جڪڙيل
آهي، پيدائشي قيدي آهي، ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته ذهين
چترڪار زاهد دارا جي ٺاهيل ’رڻ ۽ رڃ جي اتهاس‘ جو
ٽائيٽل، ان جو هڪ هڪ رخ، ليکڪا جي ئي ڪهاڻين جي ڄڻ
عڪسي تصوير ٿو پيش ڪري. هي ته خير، نورالهديٰ
شاهه جي ڪهاڻن جو ٽيون مجموعو آهي. سندس پهرين ۽
ٻئي مجموعي ’جلاوطن‘
۽ ’ڪربلا‘ جون ڪهاڻيون حويلين، فوٽ پاٿن ۽ چڪلن ۾
تڳندڙ ڪردارن جون سوشل وارتائون هيون. منجهن
ڏيکاريل هو: سماجي حقيقت نگاري جو منظر نامه.
’جلاوطن‘ ۽
’ڪربلا‘ جي ڀيٽ ۾ هن دفعي نورالهديٰ شاهه جون هي
ڪهاڻيون ٿرڊ ورلڊ جي پيڙيل ماڻهن، انهن مٿان ٿيندڙ
ٽارچرس، سندن بک، بدحالي، بي روزگاري، عورت جي
استحصال، ڪنهن وڏي مهاڀاري يُڌ جي خوف، ۽ ايٽمي
هٿيارن ۽ انهن جي تباهه ڪارين کي هڪ آفاقي سوچ سان
پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي. هنن ڪهاڻين ۾ ’نور‘ فڪر
۽ فلسفي جي اُپٽار وڌيڪ ۽ (ڪن اڳين ڪهاڻين وانگر)
ڇرڪائڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي آهي. ۽ انهن مسئلن جي
نفسياتي اوک ۽ ڊوک ڇنڊڇاڻ سان ئي پڙهندڙ تائين
پهتي آهي. ان مان ليکڪا جي فني چختگيءَ ۽
ميچورٽيءَ جو ڀرپور اندازو ٿئي ٿو. هنن ڪهاڻين ۾،
ٽيڪنيڪ ۽ ڪراٽ ڏانهن به ’نور‘، نئون انداز اختيار
ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن دفعي، هُن جي ڪهاڻين جا
موضوع به انوکا آهن. خاص ڪري آمريت جي پُرآشوب دؤر
۾ رهندي، ڀوڳيندي، مزاحمتي نوعيت جون ڪهاڻيون
تخليق ڪيون آهن. مزاحمتي ادب جيڪو پنهنجي وجود ۾
هڪ بنيادي مقصد رکندو آهي ۽ اهو مقصد هوندو آهي:
”سماج کي تبديل ڪرڻ.“ مزاحمتي ادب جي جنگ اُن
مرحلي تي شروع ٿيندي آهي، جڏهن مظلوم، هٿيارن کان
محروم ۽ مخالف ڌُر وٽ، مئن پاور ۽ اَسلح ڀرپور
هوندو آهي. نورالهديٰ شاهه هن مجموعي جي ڪهاڻين:
’آخري مئل ماڻهو‘، ’ڏوهي‘، ’اڻپورو آسمان‘، ۾ اهو
بلڪل
Clear ڪيو آهي ته هر يُگ ۾ ڏاڍُ جبر جيل ۽ ٽارچر ڪيمپس اهڙا وسيلي
رهيا آهن، جن سان آمر، سچ کي دٻائڻ، هيسائيڻ ۽
چيڀاٽڻ لاءِ حيلا هلائيندو آهي ۽ ان ايڏي ظلم جي
رات کي کٽائڻ لاءِ، ليکڪ وٽُ صرف قلم جي روشني ۽
ڏات جي اُگهاڙي تلوار، آمر کي ڏيکارڻ ۽ نگهو سار
ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. هنِن ڪهاڻين جي ڊڪشن ۾
خاص ڪري نورالهديٰ شاهه جا اُهڃاڻ، ’باهه جو سمنڊ‘
آڳ اوڳاڇيندڙ آسمان، رَت ۾ ٻُڏل چُري ( ۽ ٻيا
لاتعداد اهڃاڻ) سندس ڪهاڻين جي اُڻت ۾، وڏي شدت
پيدا ڪري ڏيکارين ٿا. اهڙين ڪهاڻين ۾ نور جون ڪجهه
ڪهاڻيون، رومينٽڪ منظر نامو پيش ڪن ٿيون ۽ منجهن
فنائتا ۽ خوبصورت جملا پڙهندي بي حد موهين ٿا:
”مون ڪيترا ڀيرا سوچيو. هُن جي اکين ۾ عينڪ جي اڇن
اُجرن شيشن پويان ڇا ٿو جرڪي؟ لڙڪ يا ٽيبل تي
ٻرندڙ ٻن ڊگهين ميڻ بتين جو عڪس. شايد لڙڪ شايد
عڪس“ (صفحه 22) ۽ ’آخري مئل ماڻهو‘ کان هن پهاڙ
جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آهي؟ ڪهاڻين تائين هنِن
ڪهاڻين لاءِ، نهايت سمپل تبصرو مون وٽ هي به آهي
ته ’رڻ ۽ رڃ جو اتهاس‘ ۾ آيل ڪهاڻيون، فني نقطئه
نگاهه کان بهرحال مٿاهيون تخليقون آهن. نورالهديٰ
شاهه وٽ ڪهاڻين آڻڻ ۽ بيان ڪررڻ جو جيڪو فن آهي،
ان ۾ هُن وٽ مشاهدو گهرو، اسلوب وڻندڙ، سوچ جو
انداز منفرد ۽ خيال بنهه فريش آهن. ’نور‘ هي نثر
پڙهي، هن جي رينج ۽ لکڻ جي اسٽئمنا ڏسي دل گواهي
ڏئي ٿي ته هوءَ جي وڏي ڦهلاءُ وارو ڪو ناول يا
ناولٽ به لکڻ چاهي ته آسانيءَ سان لکي سگهي ٿي (۽
ڪاش! هاڻي هو اهو ڪم به ڪري ئي ڏيکاري.)
- نصير مرزا
العدل و الاحسان
اسلام عدل ۽ احسان، مساوات ۽ رواداريءَ جو دين آهي. الله تعاليٰ
قرآن مجيد ۾ به عدل ۽ احسان ڪرڻ جو حڪم فرمايو
آهي. ”ان الله يامر بالعدل و الاحسان“ مولانا رحيم
بخش قمر صاحب هن ننڍي ڪتاب ۾ مٿئين عدل ۽ احسان
واري آيت جو تفسير نهايت عالمانه ۽ محققانه انداز
۾ ڪيو آهي. وڏن تفسيرن ۽ احاديث مبارڪ جي ڪتابن
مان تاريخي حوالا ڏيئي، عدل ۽ احسان جي شرعي ۽
عقلي اهميت آسان ٻوليءَ ۾ سمجهائي آهي.
هن ڪتاب ۾ عدل ۽ احسان جي لغوي معنيٰ سان گڏ مثال طور حضرت
دائود عليـﮧ السلام، حضرت سليمان عليـﮧ اسلام،
حضور صلي الله عليـﮧ وسلم، فاروقِ اعظم ۽ ڄام خير
الدين سمي جي تاريخي فيصلن ۽ عدل ۽ احسان جو به
ڏاڍو سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
حقيت ۾ مولانا قمر صاحب هن هڪ آيت جو ايڏو سهڻو، گهڻو علمي
تفسير لکي اڳئين دور جي مسهور مفسرن جي ياد تازي
ڪرائي آهي.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾ تعارف طور لکي
ٿو ته ”سنڌي زبان جي برک شاعر ۽ اديب مولوي رحيم
بخش قمر صاحب، قرآن مجيد جي سورت النحل جي هڪ آيت
”ان الله يامر بالعدل و الاحسان“ جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ۽ تفسير فرمائي، غير شعوري طور تي سنڌي
نوجوانن کي ديني انقلاب جي دعوت ڏيئي، وڏي ثواب جو
ڪم ڪيو آهي. هن صورت ۾ عالمي اجتماعيت جو بيان
آهي، جنهن کي ماکيءَ جي مکين جي اجتماعيت جي ذريعي
انسانن کي سمجهايو ويو آهي. آخر ۾ مولانا قمر لاءِ
خير جي دعا ڪجي ٿي، جنهن سولي سنڌيءَ ۾، هن آيت جو
تفسير تحرير فرمايو آهي. جدا جدا لفظن جي معنيٰ
ڄاڻائڻ کان پوءِ، پوري معنيٰ ٻڌائي ويئي آهي ۽ ان
جو آسان عبارت ۾ مطلب سمجهايو ويو آهي، جو وڏن
ماڻهن کان وٺي ننڍي عمر وارا مسلمان شاگرد به هن
مان چڱو لاڀ پرائيندا.“
بهرحال مولانا صاحب جي هن ڪتاب ۾ تحرير ۽ تفسير جو انداز
عالمانه ۽ اديبانه آهي. موقعي جي مناسبت سان تفسير
۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه صاحب جا بيت آڻي،
ڪتاب جي رونق ۾ اضافو آندو ويو آهي. قمر صاحب جي
سنڌي ٻولي به سليس، سوادي، ادبي، شاعرانه ۽ فصاحت
۽ بلاغت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري حضرت قمر صاحب کي
مبارڪ ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
ڪتاب ۾ ايترين خوبين جي باوجود جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪم آيل تفسيرن،
تاريخي حوالن ۽ حديث جي ڪتابن جي آخر ۾ ببليو
گرافي ڏني وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. ان کان علاوه
سرورق تي به ڪتاب جو نالو ۽ اعرابون غلط آيل آهن.
اها مصنف کان سهو ته ڪا نه ٿي هوندي، البت اهو
شايد ڪاتب جي هٿ جو ڪمال آهي. ڪاتب، ڪتاب جي
ٽائيٽل تي نالو ۽ اعرابون غلط ڏيئي مصنف ۽ وڻندڙ
ڪتاب جو وقار مجروح ڪيو آهي. آئينده ان سلسلي ۾
مصنف کي احتياط ۽ ڪاتب کي خبردار ٿيڻ گهرجي.
بهرحال هي ڪتاب ”عدل ۽ احسان“ هر ديندار لاءِ سوکڙي، شاگرد لاءِ
معلوماتي خزانو ۽ هر لائبريري جو سينگار آهي. قيمت
ڏهه رپيا اٿس ۽ يادگار پبلشرس حيدرآباد شايع ڪيو
آهي.
- عبدالرسول قادري بلوچ |