سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :18

 

سنڌ جي تاريخ جو حصو

برٽش ميوزم ۾ موجود تفسير ”آيته الڪرسي“ سنڌيءَ جو تحقيقي مطالعو

غلام محمد لاکو

 

برٽش ميوزم لنڊن جي جڳ مشهور ڪتبخاني ۾ قرآن مجيد جي هڪ بابرڪت آيت يعني ”آيـﺔ الڪرسي“ جو هڪ قديم ۽ قلمي سنڌي تفسير موجود آهي. هي ناياب تفسير هيل تائين نه ته مطالعي هيٺ آيو آهي ۽ نه وري ڪٿي ڇپجي سگهيو آهي. هت اسين هن ناياب تفسير تي سرسري نظر وجهنداسين ۽ پڻ ڏسنداسين ته اهو ڪيترو قديم آهي ۽ ان جو مفسر يا شارح ڪير آهي؟

 

1- برصغير ۾ آيته الڪرسيءَ جا تفسير

قرآن مجيد جي سورة البقرة جي آبـﺔ نمبر 255 کي ”آيـﺔ الڪرسي“ به سڏيوويو آهي. قرآن پاڪ جي هر مفسر ۽ شارح هن آيت جي فضيلت، برتري ۽ ٻين آيتن جي ڀيٽ ۾ ان جي اهميت ۽ وقعت وڌيڪ ڄاڻائي آهي. عالمن ان کي اسم اعظم به سڏيو آهي، جنهن بابت بحث پڻ هن آيت جي آڌار تي ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ هن سڳوري ۽ برڪت ڀري آيت جي بنياد تي، مفسرن توحيد ربانيءَ جي تشريح پڻ ڪئي آهي، ۽ ٻڌايو آهي ته ان جو هر ايندڙ لفظ، خدا تعاليٰ جي وحدانيت جي جامعيت ۾ واڌارو ڪندو وڃي ٿو. ان ڪري شارحن ان کي ”آيـﺔ التوحيد“ به سڏيو آهي.

هند پاڪ ننڍي کنڊ ۾ هن سڳوري آيت جي قديم تفسيرن جا ڪم از ڪم ٻه تصديق شده مثال موجود آهن. انهن مان هڪ ته هندستان جي هڪ اديب ۽ اسڪالر جو ڪيل آهي، ۽ ٻيو تفسير هن خطي ۾ جيڪڏهن نه به لکيو ويو آهي، تڏهن به اڄ تائين ان جا قلمي نسخا هن علائقي ۾ موجود آهن.

ابوالفضل هندستان جو هاڪارو تاريخدان ۽ بادشاهه اڪبر جي درٻار جو اهم رڪن ٿي گذريو آهي. هن اڪبر جي جاري ڪيل دين الاهيءَ جي به وڏي وڪالت ڪئي هئي. ابوالفضل سن 1551ع ۾ ڄائو، ۽ سن 1602ع ۾ شهزادي جهانگير جي چرچ تي قتل ڪيو ويو. پاڻ پهريون ڀيرو سال 1572ع ۾ شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجو عربي زبان ۾ لکيل تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ تحفو ڪري اڪبر کي پيش ڪيائين. هن تفسير جو هڪ نسخو پشاور يونيورسٽيءَ جي ڪتبخان ۾ موجود آهي[1]. ابو سلمان شاهبجهانپوريءَ جي حوالي سان، علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب لکيو آهي ته ابوالفضل هي تفسير فارسي زبان ۾ لکيو هو [2]. ڏسجي ٿو ته پروفيسر ابوسلمان جي ڀيٽ ۾، پهرين راءِ وڌيڪ درست آهي.

هندي ننڍي کند ۾ موجود ”آيـﺔ الڪرسي“ جو ٻيو قديم تفسير فارسي زبان ۾ آهي. هي تفسير ڪاتب سيد حيدر، 6-جنوري 1665ع (28- جمادي الا آخر 1075هه) تي نقل ڪري پورو ڪيو. هي تفسير حافظ محمود شيراني مرحوم جي ذخيري ۾ هو، جو هاڻي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي. هن تفسير جو مصنف معلوم ڪونهي، البته گمان ڏيکاريو ويو آهي ته شايد ملان ڪمال الدين واعظ جي ”جواهر التفسير“ مان، مذڪوره آيت بابت ڪيل تفسير کي، ڪاتب سيد حيدر جداگانه نقل ڪيو هجي [3]. ملان جو تعلق امير علي شير نوائيءَ جي درٻار سان هو، جوهرات جي بادشاهه حسين مرزا بايقرا جو وزير هو. پاڻ امير علي شير جي فرمائش تي چئن جلدن ۾ پنهنجي تفسير جو خاڪو رٿيائين، ليڪن ڪم جي ڊيگهه سبب اهو ارادو ترڪ ڪري، سن 1493ع /899هه ۾ هڪ جلد تي مشتمل تفسير تيار ڪيائين. هي تفسير تهران مان محمد رضا جلالي نائيني شايع ڪيو آهي. سندس ٻه ڪتاب: انوار سهيلي ۽ روضـﺔ الشهداء- پڻ مشهور آهن. ملان ڪمال الدين حسين پٽ علي واعظ ڪاشفي سن 1504ع / 910هه ۾ وفات ڪئي[4]. هند پاڪ ۾ اڪثر ڪري سندس ڪتاب اڀياس هيٺ رهيا ۽ هت انهن جا ترجما پڻ ٿيا.

اردو زبان پاڪستان جي مقامي ٻولين جي ڀيٽ ۾ علمي طور تي وڌيڪ شاهوڪار آهي، تڏهن به ان ڏس ۾ ڊاڪٽر محمد مسعود احمد جي ڪيل ڪم کي، سرسري طرح ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن زبان ۾ ”آيت الڪرسي“ جو ڪو به جداگانه تفسير تيار نه ٿيو آهي. ان صورت ۾ چئبو ته قديم دور ۾ هن علائقي ۾، هن آيت جو تفصيلي ۽ جداگانه تفسير صرف ”سنڌي زبان“ ۾ لکيو ويو، جا هڪ نهايت فخر جوڳي حقيقت آهي. ڊاڪٽر محمد مسعود احمد صاحب جي ڪتاب جي اڻ ڇپيل ڪاپي سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي.

برٽش ميوزم لنڊم ۾ موجود تفسير آيـﺔ الڪرسي (سنڌي) جي پهرئين صفحي جو عڪس

2- سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جا ابتدائي تفسير

عربن جي دؤر حڪومت ۾ قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو ٿيو، جو هاڻي موجود نه رهيو آهي[1]. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ۾ ٿيل قرآن مجيد جي ترجمن۽ تفسيرن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ موجود ڪانهي. سنڌ ۾ فارسي زبان ارغونن جي دور ۾ سرڪاري سرپرستي حاصل ڪري مدرسن، مڪتبن ۽ خانقاهن تي ڇانئجي وئي. سنڌي عالمن پهريون ڀيرو نه رڳو هڪ عجمي (فارسي) زبان ۾ قرآن شريف جي ترجمن ۽ تفسيرن کي ڏٺو، پر سرڪاري پاليسيءَ پٽاندر کين سڄو درس ۽ تدريس پڻ فارسي ٻوليءَ ۾ هلائڻو پيو. ان صورتحال کي ڏسي سنڌي عالمن پڻ عربي- سنڌي رسم الخط ۾ تجربا ڪيا ۽ آهستي آهستي ٿي سنڌي ڪتب نويسي پڻ شروع ٿي[2]. سنڌي زبان ۾ تصنيف تاليف به ٿي، ته ٻين ٻولين مان ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا ويا.

سنڌ جي ڪنهن عالم پاران قرآن مجيد جو ڪيل قديم ترجمو، جو اسان وٽ موجود آهي سو فارسي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. هي ترجمو مخدوم نوح عليـﮧ رحمـﺔ (وفات: 1590ع) ڪيو ۽ علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ذريعي، سن 1401هه ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان کي شايع ڪيو. مغل دور ۾ سنڌي زبان ۾ ڪتب نويسي ته ملي ٿي، پر ڪلام پاڪ جي ڪنهن ترجمي يا تفسير جو پتو نه پيو آهي. پهريون ڀيرو ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جا تفسير لکيا ويا، جي الف- آشباع جي طرز تي منظوم ڪيا ويا. سنڌيءَ ۾ هن دور ۾ هي تفسير تيار ٿيا.

1- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات: 1761ع)، سون ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس تفسير هاشمي (تفسير: پاره عم) مشهور آهي. هي تفسير متعدد ڀيرا ڇپيو آهي. تارو اصل خط ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان کي وري نروار ڪيو آهي. مخدوم صاحب سنڌيءَ ۾ تفسي تبارڪ (29 پاره) به لکيو، جو قلمي حالت ۾ دارالعلوم ندوة العلماء لکنوءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي[3].

2- مولوي مهرو ولد سرهيو ولد موٽيو لاڙ جو رهاڪو هو. هن بزرگ به ”تفسير پاره عم“ لکيو، جنهن جو سن تاليف 1791ع (1206هه) آهي. هي تفسير 574 صفحن تي مشتمل ليٿو ۾ ڇپيل آهي[4]. مولوي مهرو بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪونهي.

3- مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (وفات: 1778) به هن علمي ۽ ديني ڪم ۾ سرگرمي ڏيکاري. قرآن مجيد جي چئن سورتن: فاتح، تبارڪ، انا اعطينا ۽ اخلاص- جا تفسير لکيائين جي ڇپيل آهن.

4- مخدوم عبدالله نرئي وارو (وفات؛1821ع؟)، ارڙهين صديءَ ۾ سنڌي مفسرن جي سلسلي جي آخري عالم آهي. سندس تفسير ”سورة يوسف“ مشهور آهي، جنهن جي هڪ ڪاپي انڊيا آفيس لنڊن جي ڪتبخاني ۾ آهي. سنڌ اندر موجود هن تفسير جي هڪ قلمي نسخي جو تعارف، تازو منهنجي دوست عبدالرزاق گهانگهري صاحب ڪرايو آهي[5]

ارڙهين صدي عيسوي، جا ڪلهوڙن جي صدي مشهور آهي، ان دور ۾ سنڌي زبان ۾ تيار ٿيل تفسيرن ۽ انهن جي مصنفن جي پاڻ کي ايتري ڄاڻ حاصل آهي. گمان غالب آهي ته تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌي به هن دور ۾ لکيو ويو.

 

3- تفسير آيـﺔ الڪرسي سنڌي

مغل دور کان ڪري ٽالپورن جي خاتمي تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد لکيو ويو. سن 1843ع م انگريزي حڪومت جي قيام کان پوءِ سنڌ جي علمي ادبي فضا تبديل ٿيڻ شروع ٿي. قديم طرز جي سنڌي تصنيف جو سلسلو رڪجي ويو. هڪ طرف ليٿو پريس ذريعي جهونا سنڌي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا، ته ٻئي طرف سنڌي قلمي ڪتابن جو ڳچ حصو سنڌ جا وڻ ڇڏي يورپ پهچڻ لڳو. قديم سنڌي ڪتاب جي مختلف ماڻهن هٿان لنڊن پهتا، انهن جو وڏو تعداد انڊيا آفيس ۽ برٽش ميوزم جي ڪتبخانن ۾ داخل ٿيو[6] اسان جن بزرگن جي ڪوتاهين سبب تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌي پڻ ولايت پهتو ۽ آخرڪار وڃي برٽش ميوزم ۾ محفوظ ٿيو. هن ناياب تفسير جو سڄي دنيا ۾ هي اڪيلو نسخو آهي ۽ ان جو ڪو ٻيو مخطوطو ڪٿي به موجود ڪونهي.

 

(الف) قلمي نسخي جي ڪيفيت ۽ تفسير جي ترتيب:

برٽش ميوزم جي اورينٽل سيڪشن ۾ چئن مخطوطن جو هڪ جلد آهي، جنهن ۾ ئي هن تفسير جو نسخو به محفوظ آهي. هي چارئي رسالا مذهبي قسم جي لٽريچر جا آهن. مجلد نسخي جي مجموعي ڪيفيت هن ريت آهي:

”دالخلا نمبر 2988 O.R.؛ ڪل ورق 289؛ ڊيگهه 8 انچ؛ ويڪر پوڻا ڇهه انچ؛ هر صفحي تي 13 سٽون؛ تختي پوڻا چار انچ؛ سهڻي ۽ صاف تحرير؛ ڪتابت ارڙهين صدي عيسوي.“

هن جلد ۾ ٻه ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ هڪ ڪتاب ميين ابوالحسن جو آهي. چوٿون مسودو تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ جو آهي. هي تفسير قلمي نسخي جي ورق1 کان ]9-1 Foll [ تائين ملي ٿو. برٽش ميوزم جي ڪيٽالاگر نه ته ڪاتب جونالو لکيو آهي ۽ نه وري مصنف جو ذڪر ڪيو آهي. البت ڪيٽالاگر هن نسخي جي تعارف ۾ ڪرنل ٽي. ايم. Baumgartner جو نالو، خبر نه آهي ته ڪهڙي سلسلي ۾ لکيو آهي[7]. ٻئي طرف ڊاڪٽر شمل جو خيال آهي ته، هي جلد ڪيپٽن اسٽئڪ [Stack] جي توسط سان، برٽش ميوزم جي لئبريريءَ ۾ پهتو آهي[8].

هن نسخي جي عام جاچڻ بعد اسين تفسير جي صورتحال، سٽاءَ ۽ اندروني ترتيب تي سرسري نظر وجهنداسين. هن ناياب تفسير جا ڪل ساڍا اٺ ورق، اسان جي اڄوڪي ليکي ۾ سترهن (17) صفحا ٿين ٿا. مجموعي طرح تي هن مجلد جي هر صفحي تي 13 سٽون ٻڌايل آهن، ليڪن تفسير جي ڇنڊ ڇاڻ ذريعي ڏسجي ٿو ته، پهرئين صفحي تي 12 سٽون، ٻئين کان سورهين تائين 13 سٽون، ۽ آخري صفحي تي صرف 8 سٽون ڏنل آهن. ان ريت هي تفسير 215 سٽن تي مشتمل آهي. عام سٽاءَ کان هٽي ڪري ڊاڪٽر شمل تفسير جي اندروني ترتيب ڏي ڌيان ڇڪايو آهي. آيـﺔ سڳوريءَ جا اهي اکر، جن ۾ پڙهندڙن لاءِ برڪت ۽ شفاعت جو انجام ڪيل آهي، انهن جي شرح يارنهن سٽن تي ڪيل آهي. جڏهن ته عام اکرن جو تفسير صرف چئن چئن سٽن تي ملي ٿو (3)[9].

 

(ب) تفسير جي رسم الخط ۽ متن تي هڪ نظر:

هن تفسير جي متعلق اڀياس ڪندي ٻن پهلوئن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. هڪ آهي ان جي ٻولي، ڪتابت ۽ رسم الخط ۽ ٻئي طرف ان جو متن، مفسر جي لکڻ جو انداز ۽ سندس سونهان ڏسڻ به ضروري آهي.

(i) برٽش ميوزم جي ڪيٽالاگر صاف صاف لکيو آهي ته هن تفسير جي ڪتابت ارڙهين صديءَجي آهي ۽ اها نهايت ئي خوبصورت توڙي سهڻي آهي[10]. ان جو مطلب ته هي تفسير ٻه صديون قديم آهي. تفسير جي ٻولي ۽ ڪتب آندل صورتخطي هن راءِ جي تصديق ڪن ٿا. ٻولي عام فهم ۽ سادي توڙي روان ڏسجي ٿي. ان جي تحرير جو بنياد الف- اشباع جو قديم طرز آهي، جو اڪثر ڪري اڳين مصنفنڪتب آندو آهي. رسم الخط يا ڪتابت ٻه صديون پراڻي هجڻ سبب، ۽ ان کان علاوه ته ڪجهه اکرن جي متروڪ ٿيڻ ڪري، يا وري مصنف جي لاڙي تلفظ جي استعمال ڪرڻ ڪري، اڄوڪي پرهندڙ لاءِ هي تفسير ڪي قدر ڏکيو محسوس ٿئي ٿو. ٻولي سادي ۽ رسم الخط صاف هوندي به، ڪن خاص نشانين (اعرابن) ڪري ڪجهه اکر پڙهڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. متن کي غور سان پڙهندي چنمد اهم علطين جي نشاندهي ٿئي ٿي، جنهن مان خاطري ٿئي ٿي ته تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ جي هي ڪاپي، مصنف جي هٿين اکرين نه پر ڪنهن ڪاتب جي نقل ٿيل آهي، ٻيءَ صورت ۾ متن ۾ هي مکيه غلطيون نه ٿين ها.

- امام حسين پٽ حضرت علي، لقب زين العابدين لکيو ويو آهي (ص 3). حقيقت ۾ هي لقب حضرت امام حسين جي وچئين پٽ امام علي اوسط جو آهي، جو ڪربلا جي معرڪي ۾ محفوظ رهجي ويو هو[11].  چئي نه ٿو سگهجي ته ڪاتب هيڏي وڏي غلطي ڪيئن ڪئي، ۽ اصل متن جون هي ٻه سٽون ڪيئن هيون؟

- مهد (ص 16 سٽ 1). قديم خط ۽ زبان ۾ مهند، مهندا، مهندان لکبو ۽ پرهبو هو، جنهن جي معنيٰ آهي اڳيان. مهد پڙهڻ ۽ لکڻ سان مفهوم جي بگڙجڻ جو امڪان آهي.

- سيها (ص 6، سٽ 11)، سينهان (ص 9، سٽ 10). مطلب ٻنهي اکرن جو هڪ آهي، خبر نه آهي ته درست اکر ڪهرو بيهندو.

- خطيرة القدوم (ص 8، سٽ 3). درست حظيرة القدس آهي. معنيٰ اٿس بهشت.

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا. تڏهن به خاص سنڌي اکرن جي صورت بابت، عالمن ۾ اتفاق راءِ نه ٿو ڏسجي. هت تفسير هاشمي ۽ تفسير آيـﺔ الڪرسيءَ جي مختصر تقابل ذريعي، ان دور ۾ ڪجهه خاص سنڌي اکرن بابت موجود مونجهاري کي چٽو ڪجي ٿو.

 

رسم الخط موجوده

تفسير هاشميءَ جو رسم الخط

تفسير آيـﺔ الڪرسيءَ جو رسم الخط

ڄ

ڄ/ڃ

ڃ/ج

ڻ

ڻ

ڻ/ن

ڍ

ڊ

ڊ

ٻ

ٻ

پ/ب

ڏ

ث

ث

ڙ

ڑ

ر

گهه

گ

گ / ک

ٺ

ٽ

ٽ

جهه

ج

ج

(1) طبقات ناصري، جلد اول، ص 173، حاشيه، اردو ڇاپو از غلام رسول مهر، لاهور 1975ع.

(ii) هن تفسير جو لکندڙ بزرگ وڏو عالم فاضل انسان ڏجي ٿو. کيس اسلامي دنيا ۾ علم تفسير بابت ٿيل واڌاري بابت پوري پوري ڄاڻ حاصل هئي، ان ڪري پاڻ پنهنجو تفسير لکندي علم حديث ۽ تفسير جا معتبر ڪتاب سامهون رکيائين. هن مٿي ذڪر ڪيل آيـﺔ الڪرسيءَ جي ٻن تفسيرن جو ذڪر نه ڪيو آهي، ليڪن خاطري آهي ته پاڻ هنن ٻنهي شرحن کان ضرور خبردار هوندو.

ابوالفضل ۽ سنڌ جو تعلق عالم آشڪار آهي.  جڏهن ته مولوي احمد مرحون سن 1785ع / 1172هه ۾، ملا ڪمال الدين جي ڪتاب ”روضـﺔ الشهداءَ“ جو سنڌي ترجمو ڪري چڪو هو[12]؛ جنهن بابت پڻ اسان جي هن مفسر کي پوري واقفيت حاصل هوندي. مصنف تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌي لکندي، هڪ ته نثر بجاءِ الف- اشباع جي مروجه طرز ڪتب آندي آهي، ته ٻئي طرف ڊاڪٽر شمل موجب ان ۾، تفسير هاشميءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ صوفياڻا لاڙا ڏسجن ٿا[13] هي تفسير تيار ڪندي مفسر هن آيت جي فضيلت بيان ڪرڻ لاءِ، حديث جي معتبر راوين حضرت جابر بن عبدالله، حضرت عبدالله بن عباس ۽ حضرت انس بن مالڪ کان روايتون نقل ڪيون آهن. ان ريت پاڻ هنن عالمن، مفسرن ۽ ڪتابن کان پڻ مدد ورتي اٿس. امام ترمذي جنهن حديثن جو ڪتاب ”جامع“ مرتب ڪيو. هن 892ع / 279هه ۾ وفات ڪئي. امام نسفيءَ جي تفسير ”بحر العلوم“ کان مدد ورتل آهي. سندس اصل نالو عبدالله پٽ احمد هو. پاڻ نسف (ماوراء النهر) نالي شهر ۾ ڄائو. سندس وفات سن 1310ع / 710هه ۾ ٿي[14].  هن جو لکيل ڪتاب ”ڪنزالدقائق“ وڏي شهرت رکي ٿو. مفسر ٻن جاين تي ”فتوح الاوراد“ جو حوالو پڻ ڏنو آهي، البته ان جي مؤلف جو نالو نه کنيو اٿس. هي ڪتاب هڪ سنڌي محدث فتح محمد بن شيخ عيسيٰ جند الله سن 1647ع/ 1057ه ۾ تاليف ڪيو. شيخ فتح محمد سنڌ مان لڏي برهانپور ويو ۽ پوءِ مديني شريف ويو، جتي سن 1669ع / 1080هه ۾ وفات ڪيائين[15] هن ڪتاب جي ڪاپي ڪنهنزماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ- آءِ- قاضي ڪتبخاني ۾ موجود هئي. ان کان علاوه تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ ۾ ”اربعين“ جي صاحب ابو منصور ابو نعيم، کان علاوه ابن السني ۽ مستغفريءَ جا حوالا به ملن ٿا.

سنڌ جي سڄاڻ استادن، عالمن ۽ اديبن، مغل دؤر ۾ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾، تعليم توڙي تربيت جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ عربي سنڌي رسم الخط جا تجربا ڪندي، سنڌي تصنيف ۽ تاليف طرف وک وڌائي. ميون لطف الله قادري (وفات: 1679ع) شايد پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن هن جذبي تحت پنهنجو رسالو جوڙيو. اسان جي هن مفسر جو هي جذبو پڻ عالم آشڪار آهي:

پڻ ڪير ڪريندو هن آيـﺔ جي معنيٰ ڪو اداءُ

پر پروڙڻ لاءِ اٻوجهن جي لکئم ڪو قد را

خدا تعاليٰ جي تعريف ڪرڻ ۽ رسول ڪريم تي درود موڪلڻ بعد، هن ريت تفسير جو آغاز ڪيو ويو آهي:

ته قادر مڪي قرآن ۾ ڀلي آيت جا

سا آهي آيـﺔ الڪرسي ريهم شڪ شبها

ان بعد صفحي هڪ کان نائين تائين مختلف راوين، محدثن ۽ مفسرن ( جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي) جيمدد سان، پاڻ هن برڪت ڀري آيت جون ڀلايون ۽ رحمتون بيان ڪيون اٿس. صفحي ڏهين کان اصل تفسير جي ابتدا ڪندي چوي ٿو ته:

جي ڪجي تفسير تنهنجو ته جڙن ڪتاب سڄا

پر ڪارڻ تسلي مؤمنن جي لکيم اکرن جي معنا

ائين ٿو ظاهر ٿئي ته هن تفسير جو لکندڙ ديني عالم هجڻ سان گڏ، پنهنجي دور جو وڏو مصنف ۽ ڄاڻو بزرگ هو. کيس پنهنجي قلم تي ايتري ته قدرت حاصل هئي جو هو چاهي ها ته هن هڪ آيت جي تفسير ۾ ڪيئي ڪتاب جوڙي سگهيو ٿي، پر پاڻ مؤمنن ۽ اٻوجهن لاءِ هن اختصار تي اڪتفا ڪيائين. تفسير جي پڄاڻي ڪلمي پاڪ تي ڪيل آهي:

برڪت نبي ڪريم شفيع جي جو محمد مصطفيٰ

هلن هئا ايمان سين ڪلمون چئي ڪوڏا

 

(ج) مصنف مخدوم عبدالله نرئي وارو؟

گذريل صفحن ۾ مختلف رخن کان تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ بابت بحث ڪيو ويو آهي، ليڪن هڪ سوال اڃا حل طلب آهي ته ان جو مفسر يا مصنف ڪير آهي؟ هن مسئلي تي سوچيندي ٻه چار رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون. اسان جي آڏو تفسير جي موجود نسخي تي نه ته ڪاتب ۽ نه وري مصنف جو نالو لکيل آهي. ان کان علاوه ان جي ٻي ڪا به ڪاپي موجود ڪانهي، جا هوند اسان جي مدد ڪري سگهي. سنڌ جا جملي ادبي تذڪرا به هن تفسير بابت خاموش ڏسجن ٿا. ان هوندي به مفسر جي ڳولا جي هڪ سنجيده ڪوشش ڪجي ٿي.

هن ڏس ۾ پهرين غور جوڳو نڪتو ڪيٽالاگر مهيا ڪيو آهي، جنهن موجب هي تفسير ڪم از ڪم ٻه صديون قديم آهي[16] سياسي طرح ٻه صديون اڳ سنڌ تي ڪلهوڙن يج حاڪميت قائم هئي. هن دور ۾ سنڌي زبان ۾ ڪثير تصنيف تاليف ٿي. هن زماني ۾ سنڌي ساهت جي دنيا ۾ ٻه بزرگ مخدوم عبدالله جي نالي سان ٿي گذريا آهن. هڪ هو مخدوم عبدالله واعظ عرف ميان موريو، جنهن سن 1753ع / 1167هه ۾ وفات ڪئي. ٻيو مخدوم عبدالله نرئي وارو هو، جو ٺٽي ۾ پڙهيو ۽ پوءِ ڪڇ ڏي لڏي ويو. هي بزرگ ججهي سنڌي ڪتب نويسيءَ سبب مشهور آهي، ليڪن نالي جي يڪسانيت سبب، سندس سڀ ڪتاب ميان عبدالله واعظ جي نالي ۾ شمار ٿي ويا[17]. ڊاڪٽر شمل، جنهن سڀ کان اول هي تفسير اڀياس هيٺ آندو، حسب دستور ان کي به ميان عبدالله واعظ جي تصنيف سڏيو آهي[18]. ان صورت ۾ گمان نڪري ٿو ته ڇا هي تفسير به نرئي واري بزرگ جولکيل آهي؟ سندس لکيل ”تفسير يوسف“ اڳ ۾ ئي مشهور آهي. ڪنهن حد تائين هن گمان جي تائيد ”آيـﺔ الڪرسي“ تفسير جي اندروني اڀياس ذريعي پڻ ٿئي ٿي. مصنف ٻن جاين تي سنڌي محدث فتح محمد جي ڪتاب ”فتوح الاوراد“ جو نالو کنيو آهي. ميان عبدالله نرئي واري هڪ ڪتاب ”نورالابصار“ لکيو هو. ستت پوءِ ان جي وڌيڪ چٽائي لاءِ ”خزانـﺔ الابرار شرح نورالابصار“ جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب به لکيائين. هن شرح لکندي سندس آڏو جي ماخذ هئا، انهن ۾ ”فتوح الاوراد، سرفهرست ڏسجي ٿو[19]

(نور الابصار جو آڳاٽو ڇاپي نسخو مونکي پنهنجي هڪ بزرگ ميان حبيب الله جي ذخيري مان مليو هو، ليڪن هي اکر لکندي ڪتاب موجود نه هو جو وڌيڪ تصديق ڪجي ها. ميان حبيب الله مشهور عالم دين حافظ ابراهيم نابينا جو فرزند هو ۽ اڌ صدي اڳ وفات ڪيائين.)

هن مختصر علمي بحث جو حاصل نتيجو هي آهي ته ”آيـﺔ الڪرسي“: جوهي تفسير، ٻه صديون اڳ يعني ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيو ويو. اڳ وانگر هڪ ڀيرو وري به غلطيءَ مان، هي تصنيف ميان عبدالله واعظ جي نالي ۾ لکجي وئي آهي، ليڪن گهڻو امڪان هي آهي ته هي تفسير پڻ ”سورة يوسف“ جي مفسر، ميان عبدالله نرئي (ڪڇ) ڏي هليو ويو. هت به کيس سڪون نه مليو ته اتان وري سسري (سٿريون؟) شهر ڏي لڏي ويو، جتي اڄ به سندس مزار موجود آهي. سنڌ مان هليو وڃڻ ۽ شهر شهر دربدر ٿيڻ سبب سندس سوانح حيات ڪافي منجهيل آهي. ضروري آهي ته ارڙهين صديءَ جي هن وڏي سنڌي مصنف جي علمي خدمت جو حقيقت جي آئيني ۾ ڀرپور جائزو ورتو وڃي.

سنڌي زبان ۾ تيار ٿيل هي تفسير هڪ صدي اڳ لنڊن پهتو. ان سموري عرصي ۾ صرف ٻن يورپي اسڪالرن- بلم هارڊٽ ۽ ڊاڪٽر شمل- پنهنجن ڪاوشن ۾ ان جو تعارف ڏنو ۽ بيان آندو. راقم الحروف هنن ٻنهي محققن جي ذريعي سان هن تفسير سان متعارف ٿيو ۽ آخرڪار پنهنجي دوست جناب هدايت پريم صاحب جي توسط سان، ان جو فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هن علمي ۽ ادبي تعاون لاءِ آءٌ جناب هدايت پريم جو دلي طرح شڪر گذار آهيان.

 

ba


 


[1]  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ص 163، سال 1983ع.

[2]  سنڌي رسم الخط جي اوسر بابت راقم هڪ پيپر ۾ مفصل بحث ڪيو آهي، (مهراڻ، 3/1987ع.

[3]  مولانا محمد صديق مائر: ”سنڌالاجيءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪيٽالاگ“، ص30، سنڌالاجي 1980ع.

[4]  محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، جلد اول، ص 391، حيدرآباد 1937ع.

[5] رسالو مهراڻ، 2/1989ع.

[6]  راقم ٻن قسطن ۾ ان بابت تفصيل ڇپيا آهن. رسالو مهراڻ، 3/1986ع، ۽ مهراڻ 3/1988ع.

[7] J.F. Blumhardt: CCatalogue of the Marathi, Gujarati, Bengali, Assamese, Oriya, Pushtu and Sindhi Manuscripts in the library of the British Museum”, P. 37, London, 1905.

[8] Prof. Annemarie Schimmel: “Pearls from the Indus”, P. 62, Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1986.

[9] Pearls from the Indus, P. 63.

[10]  J.F. Blumhardt, Catologue, P. 37.

[11]  طبقات ناصري، جلد اول، ص 173، حاشيه، اردو ڇاپو از غلام رسول مهر، لاهور 1975ع.

[12]  محمد صديق ميمڻ“ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، جلد اول، ص 392، حيدرآباد 1937ع.

[13]  پرلس فرامدي انڊس، ص 62.

[14]  نسفيءَ جي نسبت سان هڪ ٻيو بزرگ، نجم الدين ابو حفص پڻ وڏي شهرت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هو حنفي مسلڪ جو وڏو عالم هو. سندس ڪتاب ”عقايد“ نهايت ئي مشهور آهي. هو 1142ع / 537هه ۾ فوت ٿيو (پروفيسر مقبول بيگ بدخشاني ”تاريخ ايران“ جلد2، ص 108، مجلس ترقيءَ ادب لاهور 1971ع).

[15]  سيد محمد مطيع الله راشد: ”برهانپور ڪي سندهي اولياء“، ص 164، ڇاپو ٻيون، سنڌي ادبي بورڊ 1987ع.

[16] J. F. Blumhardt: Catalogue, P 37.

[17]  ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ص 80، سال 1982ع.

[18] Pearls from the Indus, P 63.

[19]  خزانـﺔ الابرابر شرح نور الابصار“، قلمي ص 122، ڪاتب محمد عثمان سومرو، ملڪيت محمد قاسم سومرو، لڳ ڪنڊيارو ضلع نواب شاهه.

[1]  تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان وهند، جلد2، ص 259، پنجاب يونيورسٽي لاهور، سال 1972ع.

[2]  مخدوم نوح سرور هالائي: ”قرآن مجيد مترجم فارسي“، مقدمه ص 12، از علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1401هه.

[3]  مجله اداره تحقيقات پاڪستان، دانشگاهه پنجاب لاهور،جلد 4، شماره 1-2،ص5، 1967ع

[4]  اختر راهي: ”ترجمه هاي متون فارسي به زبانهاي پاڪستان“ ص 1، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد 1986ع.

- ملا جو تفسير ”مواهب عليـﮧ“ ۽ ”جواهر التفسير لتحفـﺔ الامير“ جي نالن سان به مشهور آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com