سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :12

 

سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد

تاج صحرائي

سيوهڻ شهر جي خصوصيت:

مان اڄ به پنهنجيءَ ان راءِ تي قائم آهيان ته هي شهر دنيا جي قديم ترين زنده شهرن مان هڪ آهي. جنهن شهر جا مختلف دورن ۾ مختلف تاريخويسن، مختلف نالا رکيا آهن، جيڪي منهنجي ڳڻڻ ۽ تاريخ جي ڪتابن مان ڳولي لهڻ ۾ چوڏهن کان به مٿي ٿين ٿا. تاريخ نويسن ۾ هندستاني، ايراني، يوناني، چيني، عرب، انگريز، پاڪستاني ۽ ٻيا شامل آهن. اهو شهر جنهن جي ڀرپاسي ۾ غارن ۾ رهڻ وارن انسانن جا آثار ملن ٿا. جيڪو شهر منڇر ڍنڍ ۽ اڙل درياهه واري دوابي جي ڪنڍين تي آباد هجي؛ جيڪو شهر قديم شاهراهن مان هڪ مکيه ’سلڪ ۽ پيش‘ واٽ تي ٻڌل هجي. جنهن شهر کي هڪ جنگي گهاٽ سبب وڏي فوجي اهميت هجي؛ جنهن شهر ۾ هڪ وڏي ڪوٽ يا قلعي جا ڦٽل نشان به ملندا هجن ۽ جنهن شهر کي دنيا جي مشهور زمانه فاتحن ۽ شهنشاهن فتح ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي چڙهايون ڪيون هجن ۽ جيڪو شهر تاريخ جي مختلف ايامن ۾ مختلف عقيدن وارن جي عبادتگاهن ۽ زيارتن سبب بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هجي؛ لازمي آهي ته اهڙي شهر کي شادين ۽ غمين، عيدن ۽ براتن، ڏڻن ۽ تهوارن جي ملهائڻ جون ڪي خاص خصوصيتون هونديون.

سيوهڻ شهر ۾ حضرت شيخ عثمان قلندر شهباز رحه جي ميلي جون جيئن ڪي خاص رسمون ملهايون ۽ ادا ڪيون وينديون آهن، جهڙوڪ: صبح جو ڌمال، شام جو ميندي ۽ رات جو نوبت ۽ شادمانو، لعل ڪنوار ۽ نيکيٽي، تيئن هن شهر ۾ عاشورن ۽ محرم جون رسمون به مختلف نمونن ۽ صورتن سان نڀايون وينديون آهن. مثال طور: ڏونڪو مٽائڻ، علم چاڙهڻ، خزوريون کڻڻ، منتا پڙهڻ، نوح خواني، سلامي، لولي، تابوتن، ذوالجناح جا سينگار، گجگاهه، گهڙيال، ماتمي جلوس، اوسر، ڌاڳا وٽائڻ وغيره وغيره. اهي سڀ رسمون حد درجي احترام ۽ عقيدت سان، نياز ۽ نئڙت سان، نمناڪ اکين ۽ ڳاڙهن بازن سان، خون ٻڏل ڪپڙن سان، زنجيرن ۽ چاڪن جي ماتم سان، روڄ راري، اونڌن کٽن ۽ کٽولن سان، تابوتن، پينگهن، سيجن ۽ گهوڙن (ذوالجناح) سان، نذر ۽ نيازن سان نڀايون وينديون آهن. انهن رسمن ۾ هندو ۽ مسلمان، شيعا ۽ سني، امير ۽ غريب، سيد ۽ فقير، مرد ۽ عورتون، ٻڍا ۽ ٻار سڀ حصو وٺندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيندا آهن. سيوهڻ شهر ۾ محرم جا پهريان ڏهه ڏينهن فقط ماتمي ڏينهن سمجهڻ گهرجن.

سيوهڻ جي شهر ۾ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اها چوڻي آهي ته ”نائين حج، ڏهين عيد، يارنهين يا حسين“. سيوهاڻين جا گهڻا ماڻهو عيد کائي، عاشورن جي تيارين ۾ لڳندا آهن. امام بارگاهون ۽ مجلسن جون جڳهيون صاف ڪيون وينديون ۽ ضروري مرمتون به ڪرايون وينديون. غلافن، لونگين، گهوڙن يج سنجن، نقارن، تابوتن وغيره جي صفائي وڏي اهتمام ۽ احترام سان ڪئي ويندي. علمن کي رنگ روغن ڪيو ويندو ۽ نئين بيرقن جي سلائي ٿيندي. تابوتن جي رکڻ وارين جاين يعني پڙهن جي نئين سر ڪهگل ٿيندي ۽ چن جون پوچيون اينديون. پير پوٽن، ڪربلا، تجر ۾ ڪن خاص جڳهين جي مرامت ٿيندي. سيد ثابت علي شاهه مرحوم جي مقبري ۽ مزار جي سارسنڀال ۽ مرامت جو ڪم لڪياري سيد جي بلي آهي. ساڳيءَ طرح مخدوم سيد مير ڪلان جي مزار جي سنڀال ۽ مرامت سبزواري سيدن کي ڪرڻ گهرجي، جيڪا مزار ڊهندي ٿي وڃي.

 

ڏونڪو مٽائڻ:

مون کي ٻڌايو ويو ته سيوهڻ شهر جا مڱڻهار عيد نماز کان پوءِ، قلندر شهباز جي درگاهه يج پراڻي علم هيٺان، مڙي گڏ ٿيندا ۽ دهل ۽ شرناءِ تي پهرين ماتمي ڌن، پوءِ سر ڪيڏاري مان ڪا ڌن وڄائيندا آهن. ان کي ڏونڪو مٽائڻ واري رسم سڏيو ويندو آهي ۽ وڄت کي سواري. ذوالحج مهيني جي ويهين تاريخ واري رات جو قلندر جي درگاهه ۾ نوبت جو ڏونڪو بدلائي ماتمي ۽ سرڪيڏاري جي ڌنن ۾ نقارن کي وڄايو ويندو آهي. ماتم جي وڄت جي هڪ ڌن ”ڍانڍ“ به آهي. تابوت يا گهوڙا جڏهن شهر مان نڪري پير پوٽن يا ڪربلا ڏانهن وڌندا، تڏهن اها ڌن زور شور سان وڄائي ويندي آهي. ان ڌن ۾ هڪ عجيب قسم جو اثر آهي جو ماتمي بي خود ٿي زورشور سان يا حسين يا حسين جي آوازن ۾ سِر ۽ سينو پٽيندا آهن. مون ته ڪن ماڻهن کي مٿي ۾ واري وجهندي به ڏٺو آهي ۽ ماڻهن يا ماتمين جي اڪثريت زارو قطار روئندي روئندي هلندي رهندي آهي. ان مهل هڪ غمناڪ ماحول، فضا ۽ سمو نظر ايندو آهي ۽ تصور ۾ ڪربلا جو منظر ڏسبو آهي. سواري ۽ ڍانڍ جي وڄتن ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي.

 

علم ۽ خزوريون:

ذوالحج مهيني جي 28- تاريخ شام جو چئين وڳي شهباز قلندر جي خاص رفيق بودلي بهار جي مقبري ۾ علم چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. وري 29- تاريخ صبح جو اٺين وڳي ڪربلا ۾ سيد ثابت علي شاهه جي روضي وارو علم، زوار محمد جمن طرفان ڍانڍ سان چاڙهيو ويندو آهي. ساڳيءَ تاريخ تي شام جو حسيني امام بارگاهه سيد گل محمد شاهه يا لڪياري سيدن طرفان هڪ وڏو جلوس دهل، شرناءِ، ڀير،  نقاري ۽ گهڙيال سان نڪرندو آهي. ان جلوس سان گڏ هڪ سيد لعل شهباز جي علم جو بيرق کڻي ايندو آهي ۽ مقرر ڪيل ناکئي يا ان جي وارث جي حوالي ڪندو آهي. اهو ناکئو حضرت سيد عثمان قلندر جي درگاهه جي اوڀر ۾، کلئي ميدان ۾ نصب ڪيل پراڻي وڏي علم تي چڙهي بيرق بدلائيندو آهي. ان کانپوءِ ساڳئي ماتمي جلوس سان، شهباز جي درگاهه جي ڏکڻ ۾ سوني دروازي ڀرسان، نئين علم تي به بيرق چاڙهي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح محرم مهيني جي پهرين تاريخ صبح جو اٺين وڳي لعل باغ ۾، ۽ ڏهين وڳي يڪ ٿنڀي تي، تاريخ ٻي صبح جو نوين وڳي ڪافي گلاب شاهه ۽ امير حيدر شاهه ۾، تاريخ چوٿين صبح جو اٺين وڳي جمن جتي ۾، ۽ شام جو پنجين وڳي ڪافي اوالدي اميد ۾، تاريخ چوٿين صبح جو اٺين وڳي ڪافي روشن علي شاهه ۾، تاريخ ڇهين ڪافي ڪچهري ۾ صبح جو ڏهين وڳي، تاريخ نائين شام جو ڇهين وڳي زوار جلال جو، ۽ تاريخ ڏهين صبح جو ائين وڳي صدرالدين بادشاهه جي مقام ۾ علم چاڙهيا ويندا آهن.

علم چاڙهڻ جي هڪ ٻي رسم کي خزوريون سڏيندا آهن. محرم مهيني جي ٻي تاريخ شام جو پنجين وڳي سيد صادق علي شاهه يا سبزواري سيدن جي پڙ تان هڪ بيرق کڄندي ۽ رمضان فقير جي روضي اڳيان علم تي چاڙهي ويندي. وري محرم مهيني جي چوٿين تاريخ شام جو پنجين وڳي سخي سلطان جون خزوريون ٿينديون آهن. سڀني جڳهين تي علم چاڙهڻ کانپوءِ، علم جي چوگرد بازن جو ماتم يا پٽ ڪئي ويندي آهي. آخر ۾ دعا گهري، نذر نياز ورهايو ويندو آهي. ان نياز ۾ فقط ڇولا، چؤنرا ۽ مٽر رڌي ورهايا ويندا آهن. انهن سڀني علمن ۾ وڌيڪ اهميت ۽ خصوصيت ’لال جي علم‘ کي مليل آهي. پِٽ ۾ فقط يا حسين يا حسين جا ماتمي لفظ ورجايا ويندا آهن.

 

مجلسون:

سيوهڻ شهر ۾ امام سڳورن جي ياد ۾ اٽڪل ارڙهن- ويهه مجلسون پڙهيون وينديون آهن. انهن مجلسن ۾ حضرت آدم ۽ حضرت علي رضه کان وڍي حضرت امام حسين رضه جي شهادت تائين تاريخي واقعا بيان ڪيا ويندا آهن. امامن ۽ حضرت حر جي بلند ڪردار، صاف گوئي، سچائي، بهادري، سخاوت، جرئت وغيره جهڙن اوصافن، اصولن ۽ اخلاقي قدرن تي روشني وڌي ويندي آهي. انهن مجلسن ۾ پاڪستان جي جدا جدا پرڳڻن مان ذاڪر گهرايا ويندا آهن، جيڪي اهي مجلسون پڙهندا آهن. ڪن مجلسن ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان مستورات لاءِ انتظام ڪيو ويندو آهي. مجلس ۾ هر ڪنهن ماڻهو کي اچڻ جي اجازت هوندي آهي. گهڻو ڪري سڀ ماڻهو مٿي اگهاڙا وهندا آهن. ذاڪرن جي بيان کي يا کڻي چئجي ته مجلس کي نهايت ئي صبر ۽ تحمل سان وقتي وقتي روئيندي، نعره حيدري، يا حسين پڪاريندي ٻڌو ويندو آهي.

مجلسون پهرين تاريخ کان وٺي ڇهين تاريخ تائين پڙهيون وينديون آهن. صبح واريون مجلسون اٽڪل يارنهين وڳي کان وٺي منجهند جو هڪ- ٻي وڳي تائين، لڪياري سيدن جي حسيني امام بارگاهه ۾، ۽ شام واريون مجلسون ٽين وڳي کان وٺي پنجين وڳي تائين سيد صادق علي شاهه سبزواري جي اوطاق ۾ پڙهيون وينديون آهن. انهن مجلسن کان سواءِ ڪي اضافي مجلسون به پڙهيون وينديون آهن. هڪ مجلس اڻٽيهه تاريخ ذوالحج مهيني جي رات جو اٺين وڳي کان يارهين وڳي تائين، انجمنِ سپاههِ عباس طرفان، حضرت شهباز قلندر جي قديم علم هيٺان، ٻي مجلس محرم مهيني جي تاريخ پنجين رات جو اٺين وڳي کان ڏهين تائين درگاهه جي رستي تي واقع سيد انور علي شاهه سبزواري جي اوطاق تي انجمن سپاههِ علي اصغر طرفان، ۽ ٽين مجلس ساڳي تاريخ جي ڏينهن جو ڏهين کان ٻارهين وڳي تائين، شيخ محلي ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد راجپوت طرفان سندس جاءِ ۾، پڙهيون وينديون آهن. سورهين خاص مجلس ستين جي رات جو عدل درياهه، شاهه ابدال جي ڪافي ۾ پڙهي ويندي آهي. اها مجلس اٽڪل چار ڪلاڪ هلندي آهي. ان جو وقت آهي رات ڏهين وڳي کان وڍي صبح جو ٻي وڳي تائين. ان مجلس ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مشهور ذاڪر گهرايا ويندا آهن.  سترهين مجلس نائين جي رات جو حسيني امام بارگاهه ۾ سيج ۽ ميندي جي کڄي اچڻ کانپوءِ پڙهي ويندي آهي. هيءَ مجلس وڏي روڄ راڙي واري مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورتون شامل ٿينديون آهن. هن مجلس جي پڄاڻي کان پوءِ نياز ۾ خاص قسم جي ڪٽي ورهائي ويندي آهي، جيڪا صبح جو اٽڪل چئين- پنجين وڃي ختم ٿيندي آهي. پوئين مجلس نائين تاريخ صبح جو نائين وڳي فداحسين انڙ جي جاءِ تي پڙهي ويندي آهي. اها مجلس هڪ وڳي منجهند جو ختم ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح ڪل اٽڪل ارڙهن. ويهه کن مجلسون پڙهيون وينديون آهن.

هر ڪنهن مجلس جي پڄاڻيءَ کانپوءِ نذر نياز پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري قورمون، چاشني ۽ شربت شامل هوندا آهن. نياز جي ماني جو اهتمام لڪياري سادات طرفان علي نواز علوي، سيد الهه بخش شاهه،سيد محرم شاهه، زوار غلام رضا انصاري ۽ پير محمد علوي ڪندا آهن ۽ سبزواري سيدن پاران عارف لاکو، رسول بخش سومرو، ڏاتر ڏنو ڏاهري، قادر بخش سومرو، سيد مظفر علي شاهه ۽ سيد انور علي شاهه جن ڪندا آهن. اضافي مجلسن ۾ نياز جي ماني جو بندوبست انجمنون خود ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد راجپوت ۽ فداحسين انڙ ڪندا آهن.

 

 

تاپوت:

هي پارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مڙدي جي صندوق. اسٽيفنس- سي- پال ان جي اها به معنيٰ لکي آهي ته هڪ قسم جي ونگ يا ڪمان جيڪا خدا جي طرف کان حضرت آدم کي عطا ڪئي ويئي، جنهن ۾ پيغمبرن سڳورن جا پورٽريٽس (شڪليون (Portraits رکيل هئا. سيوهڻ شهر ۾ جيڪي تابوت ڪڍيا ويندا آهن، سي هوبهو هڪ صندوق يا قبر نما هوندا آهن. اهي ڪاٺ جي ڊگهين پٽين جا ٺهيل هوندا آهن، انهن مٿان غلاف چاڙهيا ويندا آهن. مٿيون غلاف گهڻو ڪري اوچي ڪيمخواه جي ڪپڙي مان سبيل هوندو آهي، ۽ تمام سهڻو، وڻندڙ ۽ شانائتو لڳندو آهي. تابوت جي سيرانديءَ کان هڪ وڏي پڳ يا دستار رکندا آهن. اها دستار قيمتي لونگين مان ٺاهي ويندي آهي. انهن مٿان ’پيچي‘ جو آخري پيچ ڏيندا آهن. اها پيچي به تمام اوچي ڪپڙي جي ٺهيل هوندي آهي، ۽ جنهن مٿان زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو آهي. ان پڳ جي وچ ۾ رنگ برنگي کنڀن، گلن، سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل جڙائدار ڪلنگيون ٻڌي، پڳ يا دستار کي سليقي سان تابوت مٿان رکندا آهن. تابوت مٿان پوءِ گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن. پڳ وارن گلن جون لڙهيون تمام سهڻي نموني سان ٺاهي، پڳ تي سينگاريون وينديون آهن. گلن جي انهن چادرن کي پڳ، سرو ۽ بند ڪمر سڏين. ڪجهه سال اڳي، پڳ ۾ گلن جي لڙهين سان گڏ موتين جون لڙهيون به سينگار ۾ ڪم آڻيندا هئا.

ائين ته سيوهڻ شهر ۾ مومنن جا ٻارڙا ذوالحج مهيني جي ويهين تاريخ کان وٺي ننڍا ننڍا تابوت ڪڍندا آهن ۽ ”اميرن جا ان ڪڻا“ گڏ ڪيو نياز به پيا کائيندا ۽ کارائيندا آهن، پر صحيح نموني سان تابوت محرم جي چنڊ جي پهرين تاريخ کان شروع ڪندا آهن. هر ڪنهن رات جو سبزواري يا لڪياري سيدن طرفان يا خود سيد تابوت، پينگهه يا سيج ڪڍندا آهن. تابوتن، پينگهن ۽ سيجن جي کڄڻ جا هنڌ مقرر ڪيل آهن ۽ مقرر ڪيل رستن ۽ راهن، گهٽين ۽بازارن مان لنگهي، مقرر جڳهين تي نهراج ڪيا ويندا آهن. ڪي تابوت، پينگها ۽ سيج حضرت شهباز جي درگاهه جي اوڀر طرف واري کليل ميدان ۾ سلامي، غلاف ۽ گلن جي چادرن چاڙهڻ کانپوءِ مقرر هنڌن ڏانهن ويندا آهن. انهن جا تفصيل ڪجهه هيٺينءَ ريت آهن. ياد رهي ته سيوهڻ ۾ لڪياري ۽ سبزواري سيدن جي نگراني ۾ محرم جون سموريون تقريبون ملهايون وينديون آهن.

سبزواري سيدن طرفان محرم جي پهرين تاريخ، رحيم بخش سومرو تابوت ڪڍندو. ان تابوت جو جلوس سبزواري سيدن جي امام بارگاهه مان رات جو ڏهين وڳي ڌاري کڄندو. جلوس ۽ تابوت سبزوارين جي محلي، مقبرو نهال شاهه نوري، حسيني امام بارگاهه کان ٿيندو، قلندر جي درگاهه جي اوڀر وارو رستو ڏيئي، سبزواري سيدن جي ٻئي پڙ وٽ نهراج ٿيندو، اهو سمورو سفر قافلو ۽ تابوت اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾ پورو ڪندا. انهيءَ طرح چوٿين رات جو تابوت مرحوم الهورايو ڪڍندو هو ۽ هاڻي سندس فرزند غلام حيدر لاکو ڪڍندو آهي. اهو قافلو ۽ تابوت پهرين رات واري تابوت جي نقش قدم تي هلندو، ستين جي رات جو سيد غلام نبي شاهه ”زري“ ڪڍندو. اهو جديد قسم جو تابوت آهي. اهو تابوت سوني دروازي ڀرسان سيد عدل درياه شاهه ابدال جي ڪافي جي مجلد لاءِ ترسندو، پوءِ سبزوارين  جي پڙ تي اختتام کي پهچندو. پنجين تاريخ وارو تابوت، کٽ ڌڻي سيد غازن شاهه ڪڍندو. اهو ساڳين رستن ۽ گهٽين مان هلي، سوني دروازي وٽان لنگهي، پراڻي علم پاڪ کان ٿيندو ساڳئي هنڌ تي نهراج ٿيندو آهي.

سبزواري سيدن طرفان وڏا ٻه تابوت، ڏهين رات جو، سبزوارين جي امام بارگاهه مان، ڏهين وڳي کڄندا، انهن تابوتن جي جلوس سان گجگاهه ۽ گهڙيال به هلندا، هن جلوس ۾ فقط مرثيا پڙهيا ويندا آهن. تابوت ۽ جلوس نهال شاهه نوري جي مقبري کان ٿيندا، سوني دروازي کان لڙي، ڪچهري بازار وٺي، قلندر شهباز جي درگاهه اڳيان اوڀر ۾ ترسندا، جتي غلاف ۽ گلن جون چادرون تابوتن مٿان چاڙهيون وينديون آهن. ان بعد بازن جو ماتم شروع ٿيندو، پوءِ هي سڄو ماتمي جلوس سبزوارين جي ٻئي پڙ وٽ پهچي ترسندو. اتي سلامي پڙهي ويندي آهي. سلامي کانپوءِ پهريون وڏو تابوت ماتم تي رکندا آهن ۽ ٻيو تابوت سيد حاجن شاهه جي دوڪان تي رکيو ويندو آهي. ان ماتمي جلوس کي ڪنهن به حالت ۾ رات جو ڏيڍ وڳي کان اڳي ماتم تي پهچڻو آهي، ڇاڪاڻ ته گجگاهه کي پوءِ لڪياري سيدن جي قافلي ۾ شامل ٿيڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وقت جي گهٽ وڌ ٿيڻ سبب تلخين جي پيدا ٿيڻ جو به امڪان رهندو آهي. سلامي ۾ سيد عالم شاهه جو مرثيو پڙهيو ويندو آهي.

ڏهين تاريخ جو شام جو چئين وڳي ساڳيا تابوت مٿي ذڪر ڪيلو رکيل هنڌ تان وري ساڳئي طرح قافلي گجگاهه ۽ گهڙيال سان هلندا. تابوت قلندر جي درگاهه اڳيان ترسندا، جتي ساڳيون رسمون بازن جي ماتم سميت ادا ڪيون وينديون. ان کان پوءِ ڪچهري بازار کان ٿيندا، دادو روڊ تان لنگهي پير پوٽن ڏانهن هلندا آهن. پير پوٽن ۾ پهچڻ کان اورتي، مستورات سائڻ جي ڏوکي کڻي، ٽي ڀيرا تابوتن سان مس ڪنديون آهن. پير پوٽن ۾ پهچڻ کان پوءِ شامِ غريبان جي مجلس پڙهي ويندي آهي. ان پوئين ماتمي جلوس ۾ شامِ غريبان جي مجلس ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن.

انهن وڏن تابوتن مان پهريون تابوت سيد صادق  علي شاهه سبزواري ڪڍندو آهي، پويون تابوت ميان ڏاتر ڏنو ڏاهري جي ذميواري هيٺ آهي.

جيئن سبزواري سيد طرفان پنج تابوت ڪڍيا ويندا آهن، تيئن لڪياري ساداتن طرفان ٽي تابوت کڄندا آهن. لڪيارين جو پهريون تابوت پنجين رات جو هڪ وڳي، اولادي امير جي ڪافي مان، ميان ڏنل علوي ڪڍندو آهي. ان قافلي جي جلوس سان گجگاه به هوندو آهي. اهو جلوس تابوت ۽ گجگاه سميت، قاضين ج محلي وٽان لنگهي، ڪچهري بازار کان ٿيندو، درگاهه شهباز تي ايندو ۽ پوءِ لڪيارين جي ماتم تي اٽڪل ٽين وڳي نهراج ٿيندو آهي. لڪياري سيدن طرفان ٻه وڏا تابوت ڏهين رات جو ڏيڍ وڳي اولادي امير جي ڪافي مان، هڪ وڏي قافلي، گجگاهه ۽ هڙيال سيمت کڄندا. ان ماتمي جلوس ۾ به فقط مرثيا پڙهيا ويندا آهن. جلوس قاضين جي محلي مان لنگهي، ڪچهري بازار کان ٿيندو، قلندر شهباز جي درگاهه اڳيان ترسندو، جتي تابوتن مٿان غلاف ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن ۽ بازَنَ جو ماتم ٿيندو آهي. پوءِ هي ماتمي جلوس لڪياري سيد جي ماتم تي صبح جي اذان وقت پهچندو آهي، جتي سلامي پڙهي ويندي آهي.  سلامي ۽ نماز کان پوءِ ماتم وٽ نقارن تي ’ٽونڪڙي‘ وڄندي رهندي آهي. ان وڄت وقت حاضرين تي هڪ اهڙي قسم جي ماتمي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. جو اهي زارو قطار روئندا رهندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com