بِسِمﱞ اللهِ الرﱟحـﱞمٰنِ الرﱠحِيـﱡم
حال احوال (ايڊيٽوريل)
اديبن لاءِ ڪالونيون
وزيراعظم محترمـﮧ بينظير ڀٽو اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن
۾ اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين لاءِ رهائشي
ڪالونيون جوڙيون وينديون ۽ اسلام آباد ۾ شهيد ڀٽو
رائيٽرس ڪالوني تعمير ڪئي پيئي وڃي. محترمـﮧ اهڙو
اعلان نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان طرفان گذريل
نومبر ۾ ”جمهوري ادبي اعزازات“ ڏيڻ جي هڪ تقريب ۾
خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم جي هن اعلان جي ملڪ جي ليکڪن طرفان پرجوش آجيان ڪئي
ويئي آهي. اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين جو وڏو
طبقو اهڙو آهي، جن لاءِ رهائشي مسئلو زندگيءَ جو
سڀ کان ڏکيو ۽ مُنجهائيندڙ مسئلو آهي. اديبن جي
مالي حالت اهڙي ناهي جو پنهنجن ٻچن جي سر لڪائڻ
لاءِ پنهنجي خرچ سان مناسب اجها اڏي سگهن. اديبن ۽
شاعرن جون زندگيون شعر و ادب جي خدمت ڪندي گذري
ٿيون وڃن، پر هو ذاتي رهائشي گهرن کان محروم ٿا
رهن. محترمـﮧ هي اعلان ڪري هڪ اهم مسئلي ڏي ڌيان
ڏنو آهي.
اسان هن موقعي تي وزيراعظم محترمـﮧ جي هن اعلان جي آجيان ڪندي
اهو مشورو ڏينداسين ته هائوسنگ ڪالونين جي رٿا کي
اهڙي نموني مرتب ڪيو وڃي، جيئن وڌ ۾ وڌ ليکڪ اها
سهولت آسانيءَ سان پنهنجن محدود مالي وسيلن آهر
حاصل ڪري سگهن.
اها به هڪ اهم ضرورت آهي ته ان ڏس ۾ رٿائن کي جلد هٿ ۾ کنيو وڃي
۽ واسطيدار کاتن طرفان مڪمل گرمجوشيءَ ۽ تندهيءَ
سان ان کي تڪميل تي پهچايو وڃي.
ان ڏس ۾ اسان حيدرآباد جي حوالي سان هڪ مشورو ڏينداسين ته
حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽
صحافين لاءِ رهائشي ڪالوني ڄامشوري ۾ جوڙي وڃي،
جتي اڳي ئي يونيورسٽين ۽ اديبي ادارن جي حوالي سان
اڪيڊمڪ، ريسرچ ۽ ڪلچرل ماحول ميسر ۽ موجود آهي. ان
طرح سان حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اديبن لاءِ هيءَ
رٿا گهربل ادبي سهوليتن سان هڪ موزون ۽مثالي رٿا
ثابت ٿيندي.
ساڳيءَ طرح سنڌ جي ٻين وڏين شهرن سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، دادو،
سانگهڙ، خيرپورميرس، بدين، ميرپورخاص، شڪارپور،
نوشهروفيروز، جيڪب آباد، ٺٽي، ٽنڊي آدم، هالا،
مورو وغيره ۾ پڻ اديبن جي رهائشي ڪالونين جوڙڻ طرف
ڌيان گهرجي.
ايڊيٽوريل بورڊ ”مهراڻ“
مهراڻ جي وقتائتي اشاعت ۽ ان جي خصوصي مقبوليت بابت اسان مهراڻ
1/89ع جي اداريه ۾ ڪن خاص نقطن جي اڳي ئي اپٽار
ڪئي آهي. الله جي فضل سان، جنوري 1989ع ۾ بورڊ جي
موجوده گورننگ باڊي جي نازمد ٿيڻ کان پوءِ، جناب
مخدوم صاحب جن جي سربراهيءَ ۾، سندن خاص توجهه ۽
دعائن سان مهراڻ کي مچائڻ لاءِ ڪيئي خوشگوار موقعا
ميسر ٿيا آهن. اديبن ۽ شاعرن جو مهراڻ سان والهانه
ساٿ ته هر دؤر ۾ مثالي پئي رهيو آهي. مهراڻ جي
مقبوليت جو هڪ ٻيو سهڻو دليل اهو به آهي جو ان جي
سرڪيوليشن ۾ واڌ آئي آهي.
بـﮧ کان بهتر ۽ بهتر کان بهترين جي تلاش ۽ تمنا انساني طرفت جي
هڪ پُربهار مثبت قدر آهي. خدا جو شام آهي، جو
مهراڻ جي ڏس ۾ به ان ’جستجو‘ جو تازو هڪ وڻندڙ
فيصلو ڪيو ويو آهي. 25- نومبر 1989ع تي بورڊ جي
پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾، مهراڻ کي اڃا به
وڌيڪ دلپذير ۽ روح پرور بڻائڻ لاءِ، بورڊ جي فاضل
چيئرمن ۽ مهراڻ جي سرپرست اعليٰ قبله مخدوم صاحب
جن مهراڻ لاءِ ايڊيٽوريل بورڊ مقرر ڪرڻ فرمايو
آهي.
اميد آهي ته نئين خوشگوار تبديليءَ سان مهراڻ کي اڃا به وڌيڪ
معياري ۽ مقبول بڻجڻ جو موقعو ملندو.
وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾
اَه! سائين عبدالڪريم سنديلو
2- جنوري 1990ع تي سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم، مخلص تعليمي
خدمتگار ۽ لغت ۽ لوڪ ادب جي اڻٿڪ وينجهار سائين
عبدالڪريم سنديلي صاحب جي وفات جي خبر اهلِ سنڌ
نهايت ڏک ۽ رنج مان ٻڌي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو بلاشبه انهن برک سنڌي عالمن مان هڪ هو،
جن تي سنڌي ادب کي بجا طور تي فخر حاصل آهي. سنڌي
ادبي بورڊ جي اڳوڻي ميمبر جي حيثيت ۾ ۽ءٌ پڻ اداره
مهراڻ سان وابسته هجڻڪري، اسان سائين مرحوم جي
رحلت کي نهايت شدت سان محسوس ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب
جي انتقال جي ڏکوئيندڙ موقعي تي اسان دعاگو آهيون
ته شال رب ڪريم سندن روح کي مغفت سان نوازي ۽ سندن
وڏي سلڇڻي صاحبزادي ڊاڪٽر اسلم سنديلي ۽ ٻئي غمزده
خاندان کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.
هن پرچي جي آخر ۾ سائين سنديلي صاحب بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي صاحب کان هڪ مضمون لکرائي شايع ڪيو ويو آهي،
جنهن ۾ سائين مرحوم جي سوانحي خاڪي سان گڏ سندن
علمي خدمتن ۽ تصنفين جو قدري تفصيلي جائزو سمايل
آهي.
استاد محمد جمن جي جدائي!
24- جنوري تي سنڌي موسيقيءَ جو سدابهار فنڪار استاد محمد جمن
اسان کان وڇڙي ويو! استاد محمد جمن، فقط هڪ شخص
جونالو نه هو- هـُو سنڌي راڳ جي هڪ دلپذير انجمن
هو، ۽ افسوس جو اها انجمن اڄ اجڙي ويئي! سنڌي راڳ
۽ آواز جي ماضي قريب واري ٽمورتي- استاد منظور علي
خان، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن- سنڌي
موسيقيءَ جي تاريخ جو هڪ زرين بابت آهي. افسوس، جو
ٽيون ساٿي تازو اسان کان جدا ٿي ويو، ۽ پنهنجو
منفرد من موهيندڙ آواز پان سان کڻي ويو ۽ هاڻي
فضائن ۾ سندس تحليل ٿيل آلاپ بار بار ڪَنن ۾ پيو
ٻُري:
ڪارون وَس ڪيام، ڙي!
استاد محمد جمن جي رحلت ڏاڍي ڏک جو باعث آهي. اداره مهراڻ سندس
پوين سان دلي همدردي ڪري ٿو ۽ دعاگو آهي ته رب
ڪريم شال کيس مرهي.
آه! بدر قريشي
سنڌي زبان جو مشهور شاعر ۽ صحافي بدر قريشي 30- جنوريءَ تي وفات
ڪري ويو! مرحوم جي وفات وقت پنجاهه ورهيه عمر هئي.
کيس مختلف عارضن سبب مهينو کن اڳ جناح اسپتال ۾
داخل ڪيو ويو هو، جتي هُو جانبر ٿي نه سگهيو. بدر
نومبر 1970ع ۾ هڪ حادثي ۾ جسم جو هيٺيون حصو بيڪار
ٿيڻ ڪري لاڳيتو بستري داخل هو ۽ چُرڻ پُرڻ کان
لاچار هو.
بدر قريشي، سنڌيءَ جي مشهور شاعر مرحوم ”امير“ قريشي جو فرزند
هو. گذريل ٽيهن سالن کان سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾
لکندو رهيو. سنڌيءَ ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر تي به
کيس دسترس حاصل هئي ۽ تنقيد نگاري ۾ به کيس هڪ
مرتبو حاصل هو. 1960ع ڌاري ڊان ۽ انڊس ٽائيمس
انگريزي اخبارن ۾ صحافت سان لاڳاپيل رهيو.
بدر قريشي جي ڏکوئيندڙ رحلت تي اسان دلي ارمان جو اظهار ڪندي
سندس پوين سان همدردي ڪريون ٿا.
جيئن ته مهراڻ جو هي پرچو ڇپجي رات ٿي چڪو آهي، ان ڪري ورندڙ
شماري ۾ مرحوم بدر قريشي بابت مضمون ۽ تاثرات ڏيڻ
جي فرض ادائي ڪنداسون.
نديم انصاري
تازو 7- فيبروريءَ تي سنڌي زبان جي ڪهنه مشق مشهور شاعر ولي
محمد ”نديم“ انصاري هڪ ٽرئفڪ حادثي کانپوءِ، رحلت
ڪئي. نديم صاحب هڪ قادر الڪلام شاعر جي حيثيت ۾
وڏي مقام جو مالڪ هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو
سلسلو وسيع آهي. مرحوم سليم ڳاڙهوي ۽ ٻين دوستن
سان گڏ خيرپور ميرس طرف ادبي چهچٽي برپا ڪرڻ جي ڏس
۾ مرحوم جي مخلصانه خدمتتن کي وساري نه ٿو سگهي.
هن حادثي جا نڪاه تي اسان مرحوم نديم انصاري جي
پوين سان همدردي جو اظهار ڪندي، سندس مغفرت لاءِ
دعاگو آهيون.
ڪجهه پنهنجي متعلق
سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ترقي پذير ڪارڪردگيءَ ۾ جتي مهراڻ ۽
ٻين نون ڪتابن جي اشاعر جا نقطا اهميت رکن ٿا، اتي
ڪيترن ئي ختم ٿي ويل ڪتابن جي دوباره اشاعت جو
سلسلو پڻ زور شور سان جاري آهي. ساڳيءَ طرح بورڊ،
پنهنجن ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هڪ سال جي
قليل عرصي ۾ ڪيئي وڻندڙ اقدامات ڪيا آهن، جن ۾
ملازمن لاءِ پينشن ۽ گريجوئٽي جي حقوق جو قيام
سرفهرست آهي. ملازمن جو اهو ديرينه مطالبو پورو
ڪري بورڊ حق رسيءَ جو سهڻو مثال قائم ڪيو آهي. ان
طرح ملازمن جي ترقين طرف توجهه ڏيندي، بورڊ جي
فاضل چيئرمن، تازو ڪيترن ئي ملازمن کي پروموشن ڏيڻ
فرمايا آهن، جن سان ملازمن جي استحقاق سان گڏ سندن
حوصله افزائي مقصود آهي. ملازمن جي بهتريءَ جي ڏس
۾ رهائشي ڪالونيءَ جر رٿا جو ڪم پڻ انتظاميه هٿ ۾
کنيو آهي ۽ اميد آهي ته اهو ڪم پڻ جلد پايهء تڪميل
تي پهچايو ويندو.
ليکڪن کي گذارش
مهراڻ جي لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خدمت ۾ ڪجهه گذارشون ڪجن ٿيون.
استدعا آهي ته ان ڏس ۾ اسان سان تعاون ڪرڻ
فرمائين:
(1) جيئن ته مواد بنيادي طرح خالص علمي، ادبي ۽ تحقيقي قبول ڪيو
ويندو آهي، ان ڪري ذاتي تنقيد ۽ پسند/ ناپسند واري
انداز ۽ پڻ سياسي ۽ نيم سياسي انداز کان پرهيز ڪرڻ
فرمائين. ان قسم جو مواد قبول ڪرڻ کان معذرت
رهندي. البته ”علمي تنقيد“ واري انداز کان نه اڳ
ڪڏهن انڪار هو ۽ نه هاڻي ئي رهندو.
(2) فوٽو اسٽيٽ مواد موڪلڻ کان پرهيز ڪرڻ فرمائين.
(3) جيئن ته معياري مواد جي مهراڻ آفيس ۾ هميشـﮧ گهڻائي رهي ٿي،
ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي ته نئون ايندڙ قابل اشاعت
مواد فوراً ڇپجي وڃي. آفيس جو پنهنجو دستوري ۾
ڪرمفرما لکندڙ کي گهربل انتظار برداشت ڪري اسان
سان تعاون ڪرڻو پوندو. اميد ته مهران مايوس نه
ڪندا.
(4) آخر ۾ مهربان ليکڪن کي استدعا آهي ته پنهنجي هڪ تازي تصوير
اسان کي موڪلي ڏين، جيئن ”مهراڻ آلبم“ کي مڪمل ڪري
سگهجي.
- نفيس احمد شيخ
مقالا
1. سروري جماعت جو ”ڏهر“ ۽ اويسي طريقو
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
2. شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال – قسط 2
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
3. شاهراهه ريشم
ڊاڪٽر غلام علي الانا
4. سنڌي ساهت جو هڪ لڪل ورق
(پراڻ ناٿ جون 524 چوپايون) جهمون رامچند ڇڳاڻي
5. سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد ۾
تاج صحرائي
6. لطيف سائينءَ جا آدرشي انساني
(سُر رامڪليءَ جي روشنيءَ ۾) ڊاڪٽر غلام نبي
سڌايو
7. جُهڪر جو دڙو امام
راشدي
8. فڪر لطيف جا چند نقطا مخدوم غوث محمد پيرزادو
9. ”چڻنگون“- سنڌي نثري ادب جو هڪ شاهڪار
ممتاز مهر
10. انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ سنڌي ملفوظات ۽
سنڌي ڪتاب مدد علي سنڌي
سنڌ جا قديم سڪا (سيريز)
سنڌ ۾ انگريزن جا اوائلي سڪا عبدالله ورياهه
سنڌ جي تاريخ جو حصو
برٽش ميوزم ۾ موجود تفسير آيـة الڪرسي
سنڌي جو تحقيقي مطالعو غلام محمد
لاکو
ڪهاڻيون
1. زرينه
حفيظ شيخ
2. چوري ساڻ چسن
حميد سنڌي
3. چرچو-
ساڀيا
انيس انصاري
4. دل جا دکندڙ درد
شعبان وسطڙو
5. اُڏامندڙ
دَز
عبيدالرحمان شاهه
ادب لطيف
صديون گذري ويون جهامنداس
ڀاٽيا
عالمي ادب
امين ريحان جو عربي نظم اياز گل
جديد ادب جو اڀياس
ايندڙ ٽهيءَ کي سلام (تقرير) تنوير عباسي
تبصرا
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
آديسي اُٿي ويا
”هر شاعري پنهنجي شاعري جي شروعاتي دؤر ۾ پنهنجي
دؤر جي ڪن عظيم شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي. انهن
جي پيرن تي هلندو آهي، ۽ انهن جو اسلوب ۽ ٻولي
قبول ڪندو آهي، پر عظيم شاعر ان کان اڳتي وڌي ٻئي
دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجو انفرادي اسلوب
گهڙيندا آهن.“
”ازرا پائونڊ“
|