دل جا دکندڙ درد
شعبان وسطڙو
پورن ڏهن سالن کان پوءِ اڄ ڳوٺ آيو هئس. هرڪا شيءِ نئين نئين
نظر اچڻ لڳي. من ۾ انيڪ نه وسرندڙ خيال ۽ ڍير
حسرتون اڄ به ڪَر کنيل نظر اچڻ لڳيون. جيون جا
ٿڪائيندڙ ۽ ڊگها پل ڪيڏا نه اذيتناڪ ٿيندا آهن. جي
سموري جسم کي ڄڻ ڪنهن ڪوڙهه جي مرض جيان اچي
وڪوڙيندا آهن. اڄ من به بيراڳي بنجي جهرجهنگ جهاڳڻ
لاءِ انهيءَ معصوم گلن جهڙي چهري کي ڳوليندي تڙپڻ
لڳي ٿو. پر وقت جي بيرحم وهڪ مون کي ڪٿي جو به نه
ڇڏيو آهي. مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. سڄو وجود
منهنجو پوڙهائپ جي عذاب مان گذري رهيو آهي. مٿي جا
وار به گاڏڙ مڪسي ٿي پيا آهن.
ڳوٺ اچڻ تي دل صفا نٿي چاهيو، پر جڏهن اوچتو امڙ جي بيماريءَ جي
تار ملي هئي ته اندر منجهه جهڙا ڪرنٽ لڳي ويا هئا.
ماءُ جي ممتا به عجيب راز آهي. ڳوٺ ۾ اچڻ سان من ۾
چهڪ لڳڻ لڳا ۽ دل بيتاب ٿيڻ لڳي. ڏهه سال اڳ
منهنجي مک تي نيڻن جي ڌنڌ ۾ چٽو پٽو ڪرڻو اڀريو.
سانوري سلوڻي مک ۽ ڊگهي چوٽي واري سنهڙي سيپڪ چاچي
قادن جي ڌي سانوري-!!
بگي جڏهن ڳوٺ جي گهٽين مان ٿيندي اچي اسان جي گهرن سامهون بيٺي
هئي، ته من ۾ اُڪليا هيا. هن جي لاءِ ڪجهه لفظ-!!
هيڏي ساري عرصي ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو، پر نه
بدلي هئي، ته منهنجي پاڳل دل تان هن جي ياد.
منهنجي من کي انيڪ يادن جون لڪيرون ڪنهن اِي. سي.
جي جي گراف جيان ڦهلجڻ لڳيون ۽ پوءِ جڏهن پاڙي جي
ٻارن مون کي ڏٺو هيو ته هو به عجيب عجيب نظرن سان
عجب وچان نهارڻ لڳا هئا. ڳوٺ ته مان قطعي نه اچان
ها، پر جڏهن امڙ جو خط آيو. ”مون کي اهڙي خبر نه
هئي ته منهنجو ٻچو ايڏوڪٺور دل ٿيندو. پٽ مان ڀڳي
ڀر تي آهيان، دل چوي ٿي ته هڪ وار اچين ته ور ور
ڪري توکي ڏسان ۽ پيار ڪري اندر ٺاريان، پر خبر
ناهي ته تنهنجي دل ڇا جي ٺهيل آهي جو ماءُ جي سار
به نٿو لهين.“
امڙ جي خط ملڻ سان دل کي جهڙي جهٻي اچي وئي، پر ڪالهه جڏهن
اوچتي امڙ جي ناچاڪائيءَ جي تار ملي ته دل تي قابو
پائي نه سگهيس. تار ۾ لکيل هيو: ”تنهنجي ماءُ
زندگيءَ جي آخري پساهن ۾ آهي، تون جلدي پهچ.“
بگي مان لهندي ئي وکون گهر طرف کڄڻ لڳيون. اسان جي گهٽي ۾ هڪ
وڏي پڪسري بلڊنگ ڏسي دل ۾ سوچيم: هي وري ڪنهنجو
گهر ٺهيو آهي....؟ هتي ته چاچي قادن وارن جو گهر
هوندو هو. گهر ٻاهران ڪاٺ جو وڏو در، جتي سانوري ۽
مون گرمين جي ڏينهن ۾ ٽاڪ منجهند جو انهيءَ در ۾
پينگهه ٻڌي هڪٻئي کي لوڏيو هو، ۽ اها ٻاراڻي لوڏ
(اسان جي ديس جي لوڏ بڻجي وئي، ۽ جڏهن سانوري
جواني جا قدم اڱڻ تي رکيا تڏهن منهنجي من جي اڱڻ ۾
هن جي پيرن ۾ پيل پازيبن جي جهنڪار وڄڻ لڳي هئي. ۽
پوءِ اسين ڳوٺ جي ٻاهران چاچي حمزي جي باغ پويان
ڦٽل کوهه وٽ ملندا هئاسين. جڏهن پوءِ ٻنهي جي دلين
۾ نغارن جو تيز واڄٽ وڄڻ لڳو. تڏهن اسان ٻنهي انهي
نغارن جي تيز آواز تي اڳتي قدم وڌائڻ کان اڳ، شادي
جو سوچيو هو. جڏهن مون امڙ سان ان ڳالهه جو ذڪر
ڪيو هو ته امان منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو هو. ۽
منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو هئائين، ”ابا اها
ڳالهه ٻيهر نه ڪجانءِ سانوري پنهنجي سوٽ، سدوري جي
مڱ آهي.“
۽ امان ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ”ادو قادن؟ مڇي ماني وارو آهي
۽ زوراور ماڻهو آهي، هن جو اها ڳالهه ٻڌي ته
هيڪاري ويل ٻري ويندو.“
پوءِ جڏهن سانوري کي اهو ٻڌايو هيم تڏهن نماڻا نيڻ کڻي مون
ڏانهن نهاريندي چيو هئائين، ”ڀورا، مقدرن جا فيصلا
مائٽن تي نه ڇڏبا آهن. هي ته دلين جا سودا آهن،
مائتن سان اهڙيون ڳالهيون ڪري محبتن جا ملهه نه
ڪٿبا آهن. مائٽن نه مڃيو ته اسين به جوان آهيون،
اسين به پنهنجي زندگين جا فيصلا ڪرڻ ڄاڻون ٿا.“
سانوري جي سوچ تي منهنجي جسم ۾ جهڙي همت اچي وئي، تڏهن به
سانوري کي ڀاڪر ۾ آڻي چيو هومانس، ”اسان کي هر قدم
سوچ ۽ سمجهه سان کڻڻ گهرجي، هتي جذباتي ٿي ڪم ناهي
ڪرڻو.“
تڏهن منهنجي نيڻن ۾ نيڻ ملائيندي چيو هئائين، ”محبت ٻاروتڻ جي
ڏاڪڻ جي اُها چڙهائي آهي، جو پوءِ ڀلي اهو ٻار
فرعون جي ڏاڙهي ۾ به هٿ وجهي ته به هو وري ٻار
ليکبو، پر اسين ڪنهن جي چوري ته نٿا ڪريون، هي ته
اسان جي حقن جي ويڙهه آ، ڀورل.“
تڏهن سانوري جي نيڻن ۾ شم ٻرندي ڏٺا هئم. ناري هئڻ جي ناتي سان
ڪڏي نه غيور هئي. تڏهن مان سندس اکين ۾ اکيون نڄاڻ
ڇونه ملائي سگهيو هوس. سچ ته انهيءَ ويل سانوري
مون کي شاهه جي سورمي لڳي هئي. سندس نيڻن ۾ رک
اڏامندي پاسي هئم ڄڻ هوءَ سسئي بنجي پهاڙي پنڌ
ڪندي هجي، ۽ هڪ وار سندس مک پسيو هئم. سندس مک مان
مون کي ڪنهن منزل ۽ ماڳ تي پهچڻ جا اهڃاڻ ملي رهيا
هئا، ۽ منهنجو من مڪلي جي ويران قبرستان جيان لڳي
رهيو هو، جتي ڪنهن جي به پيرن جا نشان ڳولي نه
سگهبا آهن. ۽ مان ٿڪل ماڻهو عزت جو ڀوَ کان پنهنجي
ٻاروتڻ جي پريم کي صفا چيڀاٽي ڪچلي ڇڏيو. اڄ جڏهن
من اندر ڪنهن هٿوڙي جهڙا ڌڪ لڳندي محسوس ٿين ٿا،
تڏهن سانوري جا اهي لفظ منهنجي دماغ جي پڙدن کي
ڪنهن ڏونڪي سمان لڳن ٿا. جڏهن پاڻ منهنجي ڳل تي
مٺي ڏيندي چيو هئائين، ”ڀورل، سانوري اڻ پڙهيل ئي
سهي، پر هن سانوري جي دل درسگاهه لڳي پئي اٿئي.
جيڪو دل چاهئي، چاهتن جي چت ڪرڻ وارا سب پڙهي
سگهين ٿو.“
سانوري جا اهي لفظ سچ پچ مون کي ڪنهن علم جي اڪابر جا پئي لڳا.
تڏهن سندس ڳلن تي هٿ رکندي چيو هومانس: ”پياري تون
سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪرين؟“
چيو هئائين، ”جنهن جي دل ۾ ڪنهن جي محبت جا مچ ٻرندا هجن، ۽
انهن جا تاءُ به هو سهي نه سگهي، ته ڪهڙو عاشق
چئبو.“
چيو هومانس، ”چري اها ڳالهه ناهي.“
تنهن پل منهنجي نيڻن ۾ شور سان تڪيندي چيو هئائين، ”ڀورا، هن
سموري سنساري کي ٿڪ هڻي ڇڏينديس، باقي توکان پل به
ڌار نه ٿيندس. بس هي دم به تنهنجي دم سان.“
سندس ڳالهيون ٻڌي ڄڻ منهنجي ۾ رابيل جا گل ٽڙي پيا هئا. سندس
ويجهو ايندي ڳل تي مٺي ڏيندي چيو هومانس، ”سانوري
تنهنجي مڱڻي به ٿيل آهي نه-!“
”جتي من سک ۽ چين جي چنتا پائي نه سگهي، اهي رشتا من جي تندن کي
ڳنڍي نه سگهندا آهن. ۽ اهي ڪچيون تندون ٽٽي به
سگهنديون آهن.“
پاڻ مون کي جواب ڏئي چپن کي ڏندن جي ڀيڙ ۾ آڻي، مون ڏانهن ڏسندي
رهي ۽ تنهن پل سندس لفظن تي مان جهڙو ڇرڪي ويس.
چيو هومانس، ”ڪيئن-؟“
چيو هئائين، ”ڪيڏو نه سادو آهين، پاڻ رات جي خاموشي ۾ هتان
ڪوهين ڏور هليا هلون.“
مون کي جهڙو ڪرنٽ لڳي ويو، ۽ مان صفا ڇرڪي ويس سندس ڳالهه ٻڌي.
کيس هٿ کان جهليندي چيو هومانس: ”نه چري-!“
عجب وچان مون ڏانهن نهاريندي چيائين: ”توکي ڪهڙي قسم جي مون سان
محبت آهي. تون ڪهڙي قسم جو مرد آهين. مان هڪ ناري
هئڻ جي ناتي سان هيڏي هامَ هڻي سگهان ٿي، باقي
تون....!!“
ائين لڳم ته سندس لفظن منهنجي مک تي زوردار چنبو هڻي ڪڍيو. تڏهن
منهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ انيڪ جذبا سُرِ
سُرِ ڪندا رهيا هئا منهنجي من ۾. پر تڏهن به کيس
سمجهائيندي چيو هومانس: ”نه سانوري، جذباتي عمل
هميشـﮧ غلط ثابت ٿيندو آهي.“
تڏهن ڏٺو هوم هڪ وار ڏانهس نظر کڻي ته وجود لرزي ويو هوم، ۽ بس
پاڻ رڳي اِهو چيو هئائين: ”هونهه، مان به زهر کائي
توکي مري ڏيکاريندس.“
۽ هوءَ روئيندي هلي وئي هئي. رات جي خاموشي کي چيريندي سندس
سڏڪن جو آواز منهنجي دل تي ڪاتي جيان جهير وجهڻ
لڳو هو. مان سانوري سان انهيءَ ڏينهن کانپوءِ نه
ملي سگهيو هيس، جو امان ۽ گهر وارن کي اها سموري
خبر پئجي وئي هئي ۽ امان هٿ ٻڌي چيو هو: ”وڃي شهر
۾ ڪا نوڪري ڪر. هتان بس نڪر، جي اها خبر چاچهين
قادن کي پئي ته هو اسان جا ٻچا ٻير تي چاڙاهي
ڇڏيندو.“
امان جا جهيڻا ۽ ٿڪل لفظ، جيڪي عزت جي ڌاڳن ۾ پويل هئا، انهن کي
مالها سمجهي گلي ۾ پائي ڪراچي هليو آيو هئس ۽ ڪجهه
ڏينهن کانپوءِ پنهنجو پاڻ صليب تي لٽڪندي ڀاسيو
هوم. سانوري جو هڪ هڪ لفظ ڀالو بنجي منهنجي وجود
کي زخميندو رهيو. ڪراچي اچي ڪنهنخانگي ڪمپني ۾
نوڪري ڪيم، پر ڪراچي ۾ اچي هڪ ڏينهن به چين ۽ سک
جو گهاري نه سگهيس. پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳم ۽
پنهنجو وجود ڦاسي گهاٽ تي لٽڪندي ڀانيم. ڦاسي
ايندي ڪجهه پلن کان پوءِ وجود تڙپي ٿڌو ٿي ويندو
آهي، پر منهنجو وجود ڦاسي جي ڇڪ ۾ به مسلسل تڙپندو
رهيو آهي. سانوري جو لفظ لفظ منهنجي جسم کي
ڏنگيندو رهي ٿو.
ڪراچي ۾ ايندي به من ڪو سڪون پائي نه سگهيو هو. تڏهن ڪجهه مهينن
کانپوءِ خبر پئي ته سانوري جي شادي زور زبردستي
سان سندس اڻ سڌريل سؤٽ، سدوري سان ڪرائي ويئي. تن
ڏنهن ۾ سانوري نڄاڻ ڪنهن کان هڪ چٺي لکائي
مونڏانهن موڪلي هئي. لِکيو هئائين: ”ڀورا، مون کي
اها ڪل نه هئي ته ڪو ايڏو بزدل نڪرندين، تنهنجي
اها ڪيفيت ڏسي منهنجي من اندر تنهنجي مردانگي تي
شڪ ٿي پيو آهي. مون توکي چيو هو ته مان تو بنان
پاڻ کي زهر ڏئي ماريندس، پر هاڻي سوچيو اٿم ته نه.
پاڻ مارڻ بزدلي آهي. مان جيئندس، تنهنجي دردن ۽
يادن کي دل ۾ سجائي جيئندس.“
چٺي بنا نالي ختم ٿي وئي. اندر ۾ ڪنهن ڇرو هڻي ڪڍيو. دل ۾
چيم.... تون حق تي آهين. سانوري، توکي اجازت آهي
تون منهنجي سموري اگهاڙپ ظاهر ڪري سگهين ٿي. پر
سندس ٽوڪ وارا لفظ منهنجي وجود جي نس نس ۾ چڀندا
رهيا. دل ۾ چيم، چري توکي ڇا ڄاڻ ته تنهنجي لاءِ
منهنجي من ۾ ڪيڏي محبت ۽ عزت آهي. ٻيهر دل ۾ آيو
هن معاشري جو عزت ۽ پڳ سان سجايل نقشو ڦاڙي ڇيهون
ڇيهون ڪري ڇڏيان، پر تنهن پل ٻيو ڪجهه ڪرڻ
کانسواءِ سڏڪي پيو هيس. ۽ انهن سڏڪن ۾ اڄ تائين
سانوري جي دکن ۾ دل کي ڪاڙهيندو رهيو آهيان. ۽
منهنجي هر سڏڪي ۾ سانوري جي مياري ۽ ڏوراپا آهن.
سانوري جي خبرچار ڳوٺ مان هر ايندڙ کان وٺندو رهيس ۽ پوءِ اوچتو
جڏهن خبر پيم ته سانوري کي ڪينسر ٿي پئي آهي، تڏهن
دل ۾ جهڙي آڳ دکي وئي. اندر منجهه ڌماڪا ٿيندا
رهيا، ڄڻ ڪنهن بارود جي ڍير کي تيلي ڏئي ڇڏي هجي.
من ئي منن ۾ سانوري لاءِ دعائون گهرندو رهيس:
”مولا مون توکان ڪجهه نه طلبيو آهي، بس هي جهولي
جهلي سانوري جي حياتي جي بيک مڱيان ٿو.“
وقت جي وير ڌوڙ جي دز اڏائيندي، پنهنجا پاڇا پويان ڇڏيندي،
ڌنڌلي ٿيندي اڳتي وڌندي رهي ۽ پوءِ امڙ جڏهن مون
وٽ گهمڻ سانگي آئي هئي ته ٻڌايو هئائين: ”ابا
ويچاري سانوري به مري وئي....! امان جا لفظ ٻڌي
ڀانيم ته امان مون کي ٺونشو هڻي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو
هجي. اندر آگ جا اُلا بنجي ٻرڻ لڳو، مغز ڀنواٽيون
کائڻ لڳو، ۽ دل ٻڏڻ لڳي. تڏهن به دل کي وڏو ڪندي
امان کي چيم، ”امان اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“
امان جي جواب ٻڌڻ کان اڳ ائين لڳم ڄڻ اندر ڪنهن چيري مرچن لَپ
ٻرڪي ڇڏي هجي. هانو ماندو ٿيڻ لڳو. امان جواب ڏئي
ئي ڏئي ٻاهر نڪري آيس. چاهيم زور سان رڙيون ڪري در
ٻاهران هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌايان ته مان سانوري جو
قاتل آهيان،.... قاتل آهيان.... قاتل....!! تنهن
پل اندر سڏڪي پيو هو. ضمير اندر کي کائيندو رهيو.
اڳئين سال جڏهن سؤٽ ڦتن مون وٽ آيو، ته ٻڌايو هئائين: ”سؤٽ
پياري جو پٽ سرور به اڄڪلهه رسولي جي ڌيءَ سان عشق
ڪري رهيو آهي.“
چيو مانس: ”سؤٽ پياري جا پٽ به ايڏا جوان ٿيا آهن ڇا؟“
چيائين، ”ٻيو وري سؤٽ، بس سڄي پاڙي جي نڪ ۾ جهڙو دم ڪري وڌو
اٿس. بس صفا لوفر ٿي پيا اٿس.“
مان سوٽ ڦتن جي مک ڏانهن تڪيندو رهيس.
تنهن پل ته صفا ڇرڪي پيس، جڏهن سوٽ ڦتن ٻڌايو ته ”ڇوري علوءَ جي
پٽ سان منڱيل به آهي.“
سندس منڱڻي جو ٻڌي جهڙي ڪنبڻي وٺي ويم.
اڄ جڏهن ڳوٺ پهتس، گهر جي چائنٺ ٽپي اندر ٿيس، ته امڙ کي کٽ تي
ويٺل ڏسي خوشيءَ مان مرڪي پيس. پر مون کي پڪي هئي
ته اها مرڪ منهنجي سَرهي نه هئي، سانوري کان پوءِ
منهنجي هر مُرڪ ارهي ٿي رهجي وئي آهي. مون کي ڏسي
امڙ بسم الله ڪري کٽ کان اٿي ۽ مان پيرن تي هٿ رکي
وڃي ڀاڪي پاتي مانس. امڙ اهرو ته ڀاڪر پاتو جنهن ۾
سالن جي مامتا پڙاڏا ڪندي ميارون ڏيندي رهي هئي.
۽ امڙ کي چيم ”امڙ اهڙيون دل ٽوڙيندڙ تارون ته نه ڪريو.“
چيائين، ”ايترا ڏينهن لائيندي ته پوءِ اسان کي ڏَس، ته آخر ڇا
ڪيون.“ مان خاموش امڙ ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي ڏسندو
رهيس.
رات جي مانيءَ کان پوءِ دير تائين امڙ سان ڳالهيون ڪندو رهيس ته
امڙ ٻڌايو ته ”پياري جو ڇورو رسولي جي ڌيءُ ڀڄائي
ويو.“
ba |