سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :6

 

 

شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال

(قسط-2)

 

از:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

 

]نوٽ: هي مواد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪيل ”شاهه جي رسالي“ جي جامع مستند متن واري ايڊيشن جي مقدمي جو ٻيو حصو آهي. ان جو پهريون حصو ص ص 1-26مهراڻ 3/1989ع ۾ شايع ڪري چڪا آهيون. سنڌي ادبي بورڊ پريس ۾ ڇپيل ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ طرفان ڇپايل ”شاهه جي رسالي“ جي هن مثالي ايڊيشن کي، ڀٽ شاهه ۾، 245- هين عرس شريف جي موقعي تي ”سنڌي گورنرس ادبي ايوارڊ- 1989ع“ جو مستحق قرار ڏنو ويو.[


 

4. ڀٽ تي دائمي سڪونت، فاقيري فيض ۽ تربيت ۽ ڪمال ڄاڻ ۽ معرفت جي فروغ وارو دور (1142-1161هه)

شاهه لطيف جي نوجوانيءَ کان پڪي جوانيءَ تائين سندس زندگي جا سڄا سارا ويهه سال ڪَهڻ ۽ ڪاهڻ، ڏسڻ ۽ پسڻ، پُرجهڻ ۽ پروڙن ۾ صرف ٿيا: حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ پاڻ پنهنجي تربيت وارو اهو دور سندس واسطي هڪ وڏو ڪشالو هو، جنهن ۾ مسلسل طور ٻاهرئين مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ سندس پنهنجي اندروني سُرت نِرت سان بصيرت جا نوان باب کليا، ۽کيس يقين ۽ معرفت جا اعليٰ مقام حاصل ٿيا. هاڻي سندس عمر چاليهه سال هئي، ۽ جوانمرد لطيف هر لحاظ سان پاڻ پنهنجو پچائي راس ڪيو هو. فڪر ۽ فهم، ڄاڻ ۽ بصيرت جي اعليٰ منزل تي پهچڻ بعد هاڻي سندس حياتي جو تخليقي ۽ تعمير دور شروع ٿيو، جنهن ۾ شاهه صاحب ڪمال معرفت جي جستجو سان گڏوگڏ ٻين لاءِ رهنمائي، فاقيري فيض ۽ تربيت طرف متوجهه ٿيو. شاهه جي حياتيءَ جي هن دور بابت جيڪي اهڃاڻ موجود اهن، تن جي بناء تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سندس زندگيءَ جو يوهن سالن کن وارو هيءُ دور خاص طرح هيٺين مشغلن ۽ مرحلن وارو دور هو:

(الف) ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ.

(ب) شاهه حبيب جي وفات، ۽ ان بعد مرشديءَ جو مَسند سينگارڻ.

(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ.

(د) سماع ۽ ذڪر جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ.

(هه) معتقدن مريدن وٽ ڀيرا ڪري سندن حال معلوم ڪرڻ، ڄاڻ وارن فقيرن درويشن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ.

هيٺ سندس انهن مشغلن ۽ مرحلن تي مختصر طور روشني وڌي ويندي.

(الف) ڀٽ کي وسائڻ ۽ دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ:

شاهه عبداللطيف جو ڀٽ کي وسائڻ بابت ڪو به پڪو پختو حوالو موجود ڪونهي. البت مير عبدالحسين خان سانگيءَ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ’لطائف لطيفي‘ ۾ قلمبند ڪيون، سي ساڳيون پوءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام لالواڻيءَ به سندن ڪتابن ۾ آنديون. مگر ٽنهي جي بيانن ۾ وڏو تضاد آهي، جن مان ڪو به خاطر خواهه نتيجو ڪو نه ٿو نڪري. مير سانگيءَ کي مليل حڪايتن موجب، (1) مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان شادي بعد سگهوئي شاهه لطيف ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي آيو، (2) پنهنجي والد شاهه حبيب جي وفات بعد لڏي آيو، (3) سير سفر واري دور بعد آخري عمر ۾ شاهه صاحب ڀٽ تي اچي ويٺو*. پهرئين اهڃاڻ موجبه، سنه 1124هه ۾ مرزاق مغل بيگ جي وفات واري سال کان ڪجهه اڳ يا پوءِ ڀٽ تي لڏي آيو. ٻئي اهڃاڻ موجب سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات بعد لڏي آيو، ۽ ٽئين ٽاڻي موجب اڃان به ان کانپوءِ اّري عمر ۾ لڏي آيو. انهن اهڃاڻن جي اعتبار سان، شاهه لطيف جي ڀٽ کي وسائڻ وارو عرصو سنه 1124هه کان وٺي 114هه تائين ڪم از ڪم ويهه سال کن ٿئي ٿو، جيڪو حد کان زياده آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شاهه لطيف جي ڀٽ کي وسائڻ واري شروعاتي خيال ۽ پوءِ آخري طور اتي گهر ٻار ڪري ويهڻ ۾ ڳچ وقت لڳو هوندو، پر اهو وڌ ۾ وڌ ست سال کن (1135هه -1142هه) ٿي سگهي ٿو.

شاديءَ بعد فوراً ڪوٽڙي مان لَڏڻ لاءِ ڪو سبب ڪو نه هو: شادي جو مقصد ئي هڪ شريف اُجڙيل خاندان کي سهارو ڏيڻ هو، جيڪو هڪ وسندڙ گهر ۽ سهر کي ڇڏي ڀِٽ ۽ بَرَ کي وسائڻ سان پورو ٿي نٿي سگهيو. غالباً ڪوٽڙي ڇڏڻ جي نوبت تڏهن آئي جڏهن مغل حويلي جا ٻيا ڀاتي گذاري ويا. روايتن مان معلوم ٿو ٿئي ته بي بي سيده بيگم جو فقط هڪ ننڍو ڀاءُ عرف ’گولو‘ هڪ جيڪو شاديءَ کانپوءِ سگهو ئي گذاري ويو، سنديس والده غالباً ڏهه- ٻارهن سال پوءِ سنه 1135هه جي لڳ ڀڳ رضا ڪئي. هڪ روايت موجب، شاهه لطيف ڀٽ تي هو، جو ”گلان“ اچي اتي ڳايو ۽ شاهه صاحب کيس دعا ڪئي* جو هوءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ آئي ۽ ميان غلام شاهه جي ماءُ بني. جيڪڏهن انهيءَ روايت کي صحيح تسليم ڪجي ته به گُلان سنه 1135هه ڌاري شاهه لطيف جي آڏو ان وقت ڳايو هوندو، جڏهن هو شروع ۾ پنهنجي عيال کان سواءِ بعضي اچي ڀٽ تي رهندو هو. گلان جو قصو بيان ڪندي سانگيءَ ڄاڻايو آهي ته ان وقت مخالفن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي شاهه بابت ائين ٻڌايو ته ’اهو سيد جنهن ڀٽ کي پنهنجي آستاني بنائڻ جي رٿ رٿي آهي‘[1]

مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ننڍپڻ کان وٺي شاهه لطيف گنباٽ ۽ ان سان لاڳيتي ڊرٻ کي ڏٺو هو، پوءِ بلوغت ۽ عوانيءَ واري دور ۾ پڻ اتي گهمندو هو ۽ گوشائتو ويهي چلا ڪڍندو ۽ عبادت ڪندو هو. ”شاهه جو ڪنڊو“ ان ڊرٻ واري ايراضي جي اترين ڀاڱي ۾ هو، جتي شاهه صاحب رياضت ۾ محو ٿيو هو. ’ڀٽ‘ يعني موجوده درگاهه ۽ ڳوٺ وارو ماڳ ان ڊرٻ واري ايراضيءَ جو وچ هو جتي (غالباً ’حجري‘ واري جاءِ تي) پاڻ اڪثر نويڪلائي ۾ رياضت ڪندو هو. جو ان وقت ڪن ماڻهن اتي کيس ڏٺو ۽ سندس گوشائتي ويهڻ واري ڳالهه مشهور ٿي. انهيءَ ڀٽ جي هيٺان ڏکڻ طرف ’ڪِراڙ واري ترائي‘ هئي جتي مينهن جو پاڻي بيهندو هو. ان جي چوڌاري ڪِرڙ هئا،  جنهن ڪري ان کي ’ڪِراڙ‘ سڏيو ويو. ڀٽ واري اها ڀيڻي شاهه صاحب کي پسند آئي ۽ اتي شروع شروع ۾ پنهنجو پاڻ ۽ بعد ۾ پنهنجي فقيرن سان گڏجي خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل انداز ٿيندو هو، جڏهن مال وارا ڀاڳيا ماڻهو به انهيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا هئا. جيئن ئي شاهه صاحب جي عمر چاليهن سالن (1140- 1142هه) کي ويجهي ٿيڻ لڳي ته ڀٽ واري ماڳ کي هميشـﮧ لاءِ وسائڻ وارا سندس ارادا پڪا پختا ٿيا. ڀٽ واري ڀيڻي جي اصل ڪهڙي حالت هئي، شاهه صاحب ڪيئن اتي موجوده درگاهه واري ماڳ کي چونڊيو ۽ هموار ڪيو، ۽ ڪهڙيءَ طرح اتي جايون ٺهرايون- ان بابت سانگيءَ جا قلمبند ڪيل هيٺيان بيان تصديق جهڙا آهن[2]:

سانگيءَ کي وڏيري عبدالله ٻڌايو ته هن پنهنجي پيءُ وڏيري رستم کان ٻڌو، جنهن پنهنجي پيءُ وڏيري قلندر کان ٻڌو ته هيءُ ماڳ اصل ۾ واريءَ جي هڪ وڏي شاهي ڀٽ هئي، جنهن جي چوڌاري پاڻي هو ۽ هر طرف وڏو جهنگ هو، جتي هن شاهه لطيف کي ننڍي هوندي، بيخودي ۽ محويت واري حالت ۾ ويٺل ڏٺو هو (لطائف لطيفي، ص 144).

اهو معلوم آهي ته خود سندس حياتي ۾ حضرت اولياءَ صاحب (شاهه صاحب) ’ڀٽ شريف‘ جا سڀ پاسا پلئه پوريءَ طرح ڏڍا هئا. ڀٽ جي هيٺ چوڌاري. پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون هيون ۽ هيٺ ڀٽ جي پاسي ڪناري سان سائي سهڻي وڻراهه هئي. مٿي ڀٽ وارو ماڳ راحت بخشيندڙ هو، جنهن جا آثار هن وقت (1887-1880ع) تائين موجود آهن، جو آب ڪلاني ۾ چوڌاري هيٺاهيون پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن ٿيون، جن مان ڪي (وڻراهه جي ڪري) نظاري دار آهن (لطائف لطيفي، ص 78- 79).

جڏهن کان اولياءُ صاحب (شاهه صاحب) ڀٽ تي پنهنجو فيض ور تڪيو قائم ڪيو ته سانوڻ جي برسات ۾ اڪثر سي تفريح لاءِ ايندا هئا. بهار جي موسم کين وڻندي هئي ۽ ان موسم ۾ خاص طرح گهني عبادت ڪندا هئا. (لطائف لطيفي، ص 183).

شاهه صاحب ئي ’ڀٽ شريف‘ کي سڀ کان اول اچي وسايو هو. ان کان گهڻو اڳ تائين هيءَ سرزمين غيرآباد هئي ۽ منجهس جهنگ هو. ڀٽ شريف جي چوڌاري سڄو سال پاڻي بيهندو هو، گاهه گهڻو ٿيندو هو ۽ ڀاڳيا ماڻهو مال چاريندا هئا. سانوڻ جي آب ڪلاني ۾ ڀاڳيا ماڻهو ڀٽ تي پنهنجا ڀاڻ ڪندا هئا. حضرت اولياء صاحب جيئن ته (هت) اڪيلو پيو هلندو هو، سو هن ڀيڻيءَ کي ڏسي پسند ڪيائين. پر جيئن ته هت واري پئي وسندي ۽ هلندي هئي، سو مٿان ڀنجهو وجهائي ڀٽ کي هموار ۽ ڪشادو ڪيائون. اها (خذمت) فقيرن لاءِ رياضت هئي (لطائف لطيفي، صفحا 90-91).

ڳالهيون هلنديون آيون آهن ته حضرت اولياء صاحب (شاهه صاحب) حياتيءَ جو وڏو عرصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ جڏهن آخر عمر ۾ اچي ڀٽ تي ويٺا (تڏهن پهريائين) ’ڀٽ‘ (جي چوٽي کان) ڪجهه هيٺ تي هڪ ڪوٺي (حجره) ٺهرايائون، جنهن جي آڏو ڪجهه باغيچو ڪيائون ۽ زمين کي (هموار ڪري) ڪشادو ڪيائون. پوءِ به صُفا (حجرا) پنهنجي حرم لاءِ ۽ هڪ صُفو (حجرو) پنهنجي والد لاءِ ٺهرايائون. هڪ مسجد، ٽنگنبذن سان، پاڻ پنهنجي سر بيهي ٺهرايائون. پوءِ ’ڀٽ‘ (واري ماڳ) جو تر ۽ بر اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ ڪشادو ٿيو جو سَوَن فقيرن مِٽي کڻي اچي ان جي مٿان وڌي. پوءِ (شاهه صاحب) پاڻ پنهنجي عصا جي چوٽيءَ سان (نقشي جي صورت ۾) ليڪا ڪڍي درگاهه جي خليفن لاءِ جاين جون حدون نروار ڪيون، ۽ پوءِ هر هڪ پنهنجي پڄندي ۽ مرتبي آهر پنهنجي پنهنجي حد ۾ ائين جايون جوڙايون جيئن حضرت اولياء صاحب رٿ ڪري ڏنيون هيون، انهن جون ڀتيون اڃان تائين (1880- 1887ع ۾) بيٺيون آهن (لطائف لطيفي ص 36).

آخري طور ڀٽ تي اچي ويهڻ کان اڳ مٿئين ڪم پوري ڪرڻ ۾ وقت لڳو هوندو ۽ اهو ڪن مرحلن ۾ پورو ٿيو هوندو. پهريون مرحلو اهو هو جو شاهه صاحب هتي اڪيلي سر پئي آيو ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ماڳ پسند آيس ۽ اتي پنهنجو تڪيو (عارضي رهائش) ڪيائين. ان بعد بعضي پنهنجن فقيرن سان گڏ اچي ٿي هتي رهيو، ۽ انهيءَ عرصي دوران مٿئين چوٿين نمبر بيان وارو مرحلو طيءِ ٿيو هوندو، يعني جهنگ وڍي صاف ڪيائون، زمين هموار ڪيائون انهيءَ زمين واري ايراضي کي ڪشادو ڪيائون، زمين هموار ڪيائون انهيءَ زمين واري ايراضي کي ڪشادو ڪيائون، ۽ ان جي چڱي خاصي ڀاڱي مٿان مٽي ۽ ڀنجو وجهي پَٽ پڪو ڪيائون. غالباً جڏهن شاهه صاحب جي عمر چاليهه سال کن ٿي ته ڀٽ تي ئي پنهنجي دائمي سڪونت جو ارادو پڪو ڪيائين. عمر جو اهو هڪ اهڙو مرحلو آهي جو هر سجاڳ دل واري انسان کي زندگيءَ جي نئين ورق ورائڻ جو خيال اچي ٿو. 1142هه وارو سال شاهه صاحب جي زندگيءَ جو چاليهون سال هو ۽ بالڪل ممڪن آهي ته 1142- 1143هه واري عرصي ۾ ڀٽ واري ماڳ تي اهي جايون ٺهيون، جن جو بيان مٿي نمبر پنجين ۾ آهي.جاين ٺهڻ بعد ئي سندن والد ۽ پاڻ ڪوٽڙيءَ مان لڏي هميشـﮧ لاءِ اچي ڀٽ تي مقيم ٿيا. هن بيان ۾ جن جاين جو ذڪر آهي، سي سڀ پهريائين ڪچيون ۽ محض اوٽ اجهي لاءِ هيون. البت گنبذن واري مسجد جو ذڪر صحيح نه آهي جو اها پوءِ ٺهي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. پهرين جيڪا مسجد ٺهي سا مضبوط مگر ڪچي ۽ صُفائين هئي.

(ب) شاهه حبيب جي وفات، ۽ مرشديءَ جو مسند سينگارڻ.  ڀٽ تي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ، جايون ٺهرائڻ ۽ ان بعد ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تي ويهڻ وارو مرحلو پورو ٿيو هو جو شاهه حبيب بيمار ٿيو. شاهه عبداللطيف پوءِ سڄو توجهه پنهنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪيو. سندس سڀ فقير پڻ انهيءَ اوسيئڙي ۾ هئا ۽ وڏي شاهه جي صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندا رهندا هئا. شاهه صاحب گهڻو سارو وقت حويليءَ ۾ اندر پنهنجي والد جي خذمت ۾ پئي گذاريو، ۽ جنهن وقت ٻاهر ايندو هو ته فقير کانئس خيريت جو احوال پڇندا هئا. هڪ طرف شاهه حبيب پاڻ پنهنجي دينداري ۽ درويشيءَ جي ڪري مشهور هو ته ٻئي طرف شاهه عبداللطيف پڻ پنهنجي جاءِ تي عام خاص ۾ مقبول هو. انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب آيا هوندا، پر ڦڪين فرق نه ڪيو. شاهه عبداللطيف سڄو وقت والد جي خذمت ۾ رهيو، ۽ پئي پيار ڀرين لفظن سان حال پڇيائين. پر آخر اهڙو وقت آيو جو شاهه حبيب طرفان ڪا ورندي ڪا نه وري. شاهه صاحب ان وقت ٻاهر آيو ته سڀني کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي. جڏهن سندس پيارن فقيرن اڳتي وڌي اچي کانئس حال پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين ته:

اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشين،

ڪڇن پڇن ڪينڪي ورندي وات نه ڏين

لاکيڻا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين

نيڻ نماڻا کڻيو هنجهون ٿا هارين

سي جُنگ جواب نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيَف ڪڪوريا[3]

جڏهن شاهه حبيب وفات ڪئي ته شاهه لطيف پاڻ پنهنجي والد کي ڀٽ تي اُتي دفنايو جتي هن وقت سندس مزار آهي. اهو سال 1144 هجري هو. جڏهن شاهه حبيب گذاريو. شاهه عبداللطيف جنهن اڳيئي سِڪ ۽ صبر جا پيالا پيتا هئا سو رضا الاهي تي راضي رهيو جو سندس شفيق والد هن جهان مان سرخرو ٿي هُن جهان طرف لاڏاڻو ڪيو. ٺٽي جي نامياري عالم ۽ اديب ميان محمد صادق نقشبندي، جيڪو شاهه عبداللطيف جي مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنهن حضرت شاهه صاحب جي رضا ۽ تسليم واري هال موافق شاهه حبيب جي وفات جي تاريخ هينئين عربي فقري مان ڪڍي جيڪو معنوي اعتبار سان نهايت ئي موزون ۽ بي بدل آهي:

”اَلموَتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“

يعني: ”موت هڪ پُل آهي جيڪا هڪ دوست (’حبيب‘) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي“[4]. پوءِ شاهه صاحب جڏهن والد جو قبو تعمير ڪرايو ته اهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي سهڻو ڪري لکارايائين.

(ب) مرشدي جو مسند سنڀالڻ: شاهه عبداللطيف کي مرشدي جو مسند ورثي ۾ مليو پر پنهنجي والد وانگر سندس طور طريقي پڻ ’رسمي مرشدي مريدي‘ کان الڳ هو. شاهه حبيب پنهنجي وقت جو هڪ وڏو بزرگ ۽ حال جو صاحب هو. ميين شاهه ڪريم کان پوءِ، ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب تصوف جي قادري طريقي ۾ وڏي فيض وارو ٿيو، سندس وڏي مڃوتي ٿي ۽ گهڻا ماڻهو سندس مريد ٿيا. سندس وفات بعد اهي سڀ فطري طور شاهه عبداللطيف ڏانهن متوجهه ٿيا. شاهه لطيف پاڻ قادري طريقي ۾ هيٺئين سلسلي موجب (1) پنهنجي والد شاهه حبيب الله شاهه کان دست بيعت ٿيل هو:

شاهه عبداللطيف پنهنجي والد حبيب الله شاهه کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو، حبيب الله شاهه پنهنجي والد عبدالقدوس شاهه کان، ان پنهنجي والد شاهه عبدالڪريم کان، ان پنهنجي والد جمال شاهه کان، ان پنهنجي والد شاهه عبدالڪريم کان، ان پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاري کان، ان پنهنجي مرشد سيد احمد قادري حسني حموي (شام جي شهر ’حماه‘ جي) کان، ان پنهنجي والد سيد علي هاشمي کان، ان پنهنجي والد سيد شهاب الدين احمد کان، ان پنهنجي والد سيد شرف الدين قاسم کان، ان پنهنجي والد سيد بدرالدين يحيٰ کان، ان پنهنجي والد سيد نور الدين حسين کان، ان پنهنجي والد علاؤالدين علي کان، ان پنهنجي والد سيد شمس الدين محمد کان، ان پنهنجي والد سيد سيف الدين يحيٰ کان (جيڪو حضرت پيران پير جي والد مان پهريون بزرگ هو جيڪو بغداد مان لڏي اچي حماه ۾ مقيم ٿيو هو)، ان پنهنجي والد سيد ظهير الدين احمد کان، ان پنهنجي والد سيد شمس الدين ابو نصر محمد کان، ان پنهن جي والد قاضي سيد ابو صالح نصر کان، ان پنهنجي والد سيد حافظ ابوبڪر تاج الدين عبدالرزاق کان، ان پنهنجي والد شيخ الاسلام حضرت غوث اعظم سيد محيٰ الدين ابو محمد عبدالقادر جيلاني کان جيڪو قادري طريقي جو باني مباني هو[5]

جيئن ته شاهه صاحب ساڳئي وقت پنهنجي والد توڙي مرشد جو جاءِ نشين هو، انهيءَ ڪري مخلص مريدن جي دلجوئي، خيرخواهي ۽ رهبري خاطر، شاهه صاحب پنهنجي والد کان عنايت ٿيل تصوف جو طريقو ختم ڪو نه ڪيو پر بدستور جاري رکيو، البت هو نه ڪنهن کي پنهنجي مريد ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو هو ته نڪي پاڻ ڪنهن کي رسمي طور مريد ڪندو هو. اهي ماڻهو جيڪي سندس فيض واري صحبت ۽ رفاقت يا سندس عارفانه ڪلام ۾ سمايل حقيقت ۽ هدايت کان متاثر ٿي ساڻس صدق ۽ اخلاص جو ناتو ڳنڍيندا هئا، تن جي عقيدت، سندس شفقت جي ڪري، ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي هئي. سندس اهڙن ارادتمندن بلڪه عاشقن (عرف عام ۾ ’مريدن‘) جي صف ۾ اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل ۽ عالم شامل هئا: مثلاً هڪ طرف مخدوم محمد صادق نقشبندي ۽ مخدوم محمد معين جهڙا ٺٽي جا وڏا عالم ۽ عارف شاهه صاحب جا عقيدتمند ٿيا ته ٻئي طرف ڪڇ جا سادا غريب جَت (بلوچ) سندس سچا سرگهور مريد ٿيا. تصوف ۽ طريقت ۾ شاهه صاحب پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارو سلسلو اختيار ڪيو. ميين شاهه ڪريم جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاري کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو مگر ان کان اڳ هو سهروردي طريقي مان فيضياب هو. انهن طريقن جي عارفن جي نقش قدم تي هو سنت جماعت جو پورو پيروڪار هو. ساڳئي وقت هو پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم وانگر، ذاتي ارادت ۾ ’اويسي‘ هو: يعني نبي ڪريم صلعم جي عاشق اَوَيس قَرني وانگر غائبانه رسول الله صلعم کانرشد هدايت حاصل ڪيائين. شاهه عبداللطيف کي حضرت محمد مصطفيٰ صلعم سان حقيقي ۽ شعوري عقيدت هئي، جو ’رسالت‘ کي ’توحيد‘ جي تصديق ۽ لاءِ لازمي ڪري ٿي ڄاتائين.

’وحده لاشريڪ لـﮧ‘ جان ٿو چئين ايئن

تان مڃ محمد ڪارڻي نِرتئون منجهان نينهن‘

۽ حضرت جن جي ’عبديت‘ (’عبده و رسولـﮧ‘) واري مقام کي انسانيت جو واحد وارو معراج ڪري ٿي مڃيائين:

’نڪا ابتدا ’عبد‘ جي نڪا انتها‘

حضرت رسول اڪرم سان شاهه جي بي انتها محبت هئي، بلڪه عشق هو جو سندس اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار ۽ نئين نياپي سان هڪ نئون جهان روشن ٿيو: اڳيان وهم ۽ وسوسا ويا ۽ غلام آزاد ٿيا، ’ڇوريون ڇرڻ سکيون‘ ۽ ’ڏُکيون ڏِک ويٺيون‘. شاهه عبداللطيف سندس زندگي جي عارفانه بصيرت واري هن دور ۾، ’اويسي طريقي‘ سان، پنهنجو روحاني رشتو حضرت نبي صلعم سان ڳنڍيو مگر ان جي باوجود جئن ته پاڻ سلوڪ ۽ طريقت ۾ ’مرشدي‘ جي مقام تي فائز هو انهيءَ ڪري، شاهه صاحب هڪ خاص قدم کنيو جيڪو سندس اعليٰ شعور تي شاهد آهي.

سلوڪ ۽ طريقت جا رهنما ۽ عارف عامي سطح وارن ويچارن کان آجا هوندا اهن، پر ’اويسي طريقي‘ بابت عوامي سطح تي اهڙا ويچار پيدا ٿي سگهن ٿا ته غائبانه مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه، ۽ اهل مماتي وارن کي به مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه! شاهه صاحب انهن مسئلن جي وضاحت لاءِ ٺٽي جي وڏي محقق عالم ۽ صوفي مخدوم محمد معين ڏانهن، جيڪو ان وقت شاهه صاحب سان محبت ۽ عقيدت جي رشتي ۾ اچي چڪو هو، ’اويسي طريقي‘ بابت هڪ خاص خط لکيو، جنهن جو مخدوم صاحب تحقيق ۽ تفصيل سان جواب ڏنو، ۽ پوءِ فارسي ۾ لکيل انهن ٻنهي خطن جو متن ’رسالـﮧ اويسيـﮧ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. هيٺ شاهه صاحب جو سڄو خط ۽ مخدوم محمد معين جي لکيل تفصيلي جواب جو انحصار ڏجي ٿو ته جيئن ٻنهي جو موضوع ۽ مقصد معلوم ٿي سگهي ۽ پڻ شاهه صاحب جو هيءُ تاريخي خط سامهون اچي وڃي[6]

سوال خدام حضرت شاهه صاحب سلمـﮧ الله

 

بسم الله الرحمان الرحيم

 

حضرت شاهه صاحب سلمـﮧ الله جن جي خادمن جو سوال

 

بسم الله الرحمان الرحيم

]1[ چه فرمايند علماء کرام مراجع انام اندر آنچه لفظ ”اويسي“ در کلام طائفه صوفيه رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين واقع شده يا نه؟ و بر تقدير که واقع شده باشد، چه معنيٰ داد اگر ”اويسي“ کسي است که فيض از روحانيت گيرد، مرشد ظاهر با اين منافات دارد يا ندارد؟

]1[ علماء ڪرام، جيڪي خلق جي رجوعات جا مرڪز آهن، هن باري ۾ ڇا ٿا فرمائين ته لفظ ”اويسي“ صوفين جي جماعت جو ڪلام ۾ آيل آهي يا نه؟ جيڪڏهن آيل آهي ته ڪهڙي معنيٰ اٿس؟ جيڪڏهن

”اويسي“ اهو شخص آهي جيڪو روحاني فيض حاصل ڪري ٿو ته (ان حالت ۾ ظاهري مرشد (وٺڻ سندس) هن (عمل ۽ اعتقاد) سان مخالفت رکي ٿو يا نه؟

]2[ ونيز فيض گرفتن از ميت در عالم برزخ عقل و شرع آنرا تجويز نمايد يا نمايد؟

]2[ ۽ پڻ انميت کان جيڪو عالم- برزخ ۾ آهي، فيض وٺڻ کي عقل ۽ شريعت جائز ڏيکارين ٿا يا نه؟

]3[ ونيز فقر و سلوک را باقوال علماي ظاهر منافات هست يا نه؟

]3[ ۽ پڻ فقر ۽ سلوڪ (جي نظرين) جي، ظاهري عالمن جي قولن سان مخالفت آهي يا نه؟

]4[ و نيزيکي از کبار ان اولياء الله تعاليٰ که مشهور بخوارق عادات و کرامات باشد، ليکن سلسلئه ارادت بتعين مشائخ، مثل سلسله نقشبنديه و قادريه مشهور ندارد طريقئه آن بزرگ راست بنياد و بي اصل توان گفت يا نه؟

]4[ ۽ پڻ اولياء الله مان ڪو وڏو ولي جو (سندس) عجيب ڪارنامن ۽ ڪرامتن سبب مشهور هجي، مگر (پنهنجو) مريديءَ جو سلسلو ڪن خاص مشائخن، جهروڪ نقشبندين يا قادرين، سان رکندڙ نه هجي، ته پوءِ ان بزرگ جي طريقي کي ضعيف ۽ بي بنياد چئي سگهجي ٿو يا نه؟

]5[ شما که علماي حامي – دين و بيان کننده قبيح و حسن اند، مي پرسم شمارا که جواب اين مقدمات چه باشد؟ و ميخواهم که بعبارت فارسي سهل الماخذ آنرا بقيد قلم آريد که نفع عام رشود و انتفاع باقي مانده جزا کم اله سبحانه و عافا کم کما يحت و يرضي و اجرکم ورضي عنکم آمين.“

]5[ اوهان، دين جي مددگارن ۽ برائي ۽ ڀلائي جي بيان ڪندڙن کان پڇان ٿو ته انهن مسئلن جو جواب ڪهڙو آهي؟ آءٌ چاهيان ٿو ته انهن (جوابن) کي سليس فارسيءَ ۾ قلمبند ڪريو ته عام فائدو ٿئي ۽ اهو نفعو هميشـﮧ لاءِ باقي رهي- شل ڌڻي تعاليٰ اوهان کي پنهنجي محبت بخشي، ۽ اوهان کي اجر ڏئي، ۽ اوهان کان راضي رهي. آمين!

 

جواب خدام حضرت مخدومنا سلمـﮧ الله

بسم الله الرحمان الرحيم

حامد الله سبحان العظيم و مصليا و مسلما عليٰ رسولـﮧ الکريم و اهل بيتـﮧ الفخيم و اصحاب ذوي الفضل العظيم- اما بعد:

 

اسان جي حضرت مخدوم سلمـﮧ الله جن جي خادمن جو جواب

 

بسم الله الرحمان الرحيم

 

]1[ جواب سوال اول آن است که ”اويسي“ در کلام حضرات صوفيه واقع شده و اشتهار يافته، چناچه بر ناظر کتب قوم مخفي و مستور نباشد – و ”اويسي“ کسي را گويند که روحانيان را در تربيت و تکميل او دخل باشد – و اين معني منافات با پير ظاهر ندارد....

]1[ پهرئين سوال جوجواب هيءُ آهي ته: لفظ ”اويسي“
صوفي حضرات جي ڪلام ۾ آيو آهي ۽ عام استعمال ٿيو آهي، جيئن ته هنن بزرگن جي ڪتابن پڙهندڙن کان لڪل۽ ڳجهو نه آهي. ”اويسي“ انهيءَ شخص کي چوندا آهن، جنهن جي تربيت ۽ تڪميل ۾ روح وارن کي دخل هجي. هيءَ (روحاني فيض وٺڻ) ظاهري مرشد وٺڻ جي مخالف نه آهي.

]2[ جواب سوال دويم آن است که فيض گرفتن از اهل قبورو امداد جستن از ايشان شرعاً و عقلاً جائز است و در حکايات احوال مشائخ عظام که بنقل ثقاة رواة بثبوت پيوسته است، واقع و کائن است- و نزديک طائفه صوفيه کرام امري است معهود و مشهور...

]2[ ٻئي سوال جو جواب هيءُ آهي ته: اهل مماتي وارن کان فيض وٺڻ شرعاً خواه عقلاً جائز آهي ۽ (اهو دستور) وڏن درويشن جي حالات ۾ پڻ موجود آهي، جيڪي (حالات) معتبر ذريعن رستي نقل ٿي (اسان تائين) پهتا آهن. ۽ پڻ صوفياء ڪرام وٽ اها ڳالهه عام طور تسليم ٿيل آهي...

]3[جواب سوال سيوم آن است که تبعيت علماء، که تبعيت شرع محمدي است، شرط فقرو سلوک است، منافات چه معني دارد....

]3[ ٽئين سوال جو جواب هيءُ آهي ته: علماء جي متابعت آهي، فقر ۽ سلوڪ جو هڪ خاص شرط آهي. انهيءَ ڪري (فقر ۽ سلوڪ جي نظرين ۽ ظاهري عالمن جي قولن ۾) مخالفت بي معنيٰ آهي.

]4[ جواب سوال چهارم آن باشد که چندين هزار اولياء مقربين گذشته اندکه سلسله مشائخ ايشان شهرت نداشت- اين همـﮧ دوستان خدا بگمنامي در جهان و بايدها عمر بسر بدند مگر اولياء ببودند. امام يافعي در ”روض الرياحين“
اولياء را نقل مي کند آنها که داند که در کدام سلسله بودند و از شيوخ کدام واسطه داشته اند، خواجه حافظ شيرازي کسي نميدانه که از که سبق علوم باطن خوانده- چناچه در ”نفحات“ آوردهاست  اين معني شرط ولايت نيست و بدين سبب طعن نمودن و طريق ايشان را بي اصل گفتن جرات و گستاخي است.

]4[ چوٿين سوال جو جواب هيءُ آهي ته: ڪيئي هزار الله جا پيارا اولياء ٿي گذريا آهن، جن جي مرشدن جو سلسلو مشهور نه هو، انهن مڙني خدا جي دوستن هن جهان ۽ ان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گمنامي جي زندگي گذاري مگر هئا اولياء. امام يافعي ”روض الرياحين“ ۾ انهن ولين جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي کيس خبر هئي ته ڪهڙن سلسلن مان هئا ۽ ڪهڙن مشائخن سان لاڳاپيل هئا (ان مان معلوم ٿئي ٿو ته) خواجه حافظ شيرازي جي ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪنهن کان باطني علم جو سبق پڙهيو هئائون. جئن ته (مولانا جامي جي ڪتاب) ”نفحات“ ۾ آيو آهي، هيءَ ڳالهه (يعني ظاهري مرشد وٺڻ) ولايت جي لاءِ ڪو شرط نه آهي، ۽ انهيءَ ڪري طعنه هڻڻ ۽ اهڙن (بزرگن) جي طريقي کي بي بنياد چوڻ جرات ۽ گستاخي آهي.

]5[ و الله سبحان و تعاليٰ هو العاصم عن الزلل و الخطاء و النسيان و هو المستعان و عليه التڪلان. اميد از نظر کنندگان اين چند ورق آن است که اين عاصي سراسر معاصي محمد المقلب بالمعين ابن محمد الملق بالامين را بدعاء حصول حقيقت اسلام و وصول باسرار شريعت مطهر و ختم بر کار بران کنند.

]5[ تحقيق الله پاڪ ئي غلطي ۽ خطا ۽ ويسر کان بچائيندڙ آهي؛ ان جي ئي مدد درڪار آهي ۽ انهي تي ئي توڪل آهي. هنن ورقن تي نظر ڪندڙ صاحبن کان هيءَ اميد ڪجي ٿي ته هو هن عاصي گنهگار محمد لقب
”معين“ ولد محمد لقب
”امين“ کي اسلام جي حقيقت جي حاصل ٿيڻ ۽ شريعت جي اسرارن تائين پهچڻ ۽ انهيءَ تي خاتمي ٿيڻ جي دعا ڪندا.

 

شاهه صاحب هن خط ذريعي پنهنجي ڪنهن ضرورت پوري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين جي تسڪين لاءِ وضاحت ٿي طلب ڪئي، کيس جيتوڻيڪ پنهنجي والد کان قادري طريقي ۾ فيض مليو، پر ان سان گڏ پاڻ پنهنجي سر اويسي طريقي ۾ اعليٰ مدارج کي پهتو ۽ حضرت نبي صلي الله عليه وآلـﮧ وسلم جي روحاني فيض سندس قلب کي ويتر وڌيڪ روشن ڪيو. هن خط مان ظاهر آهي ته سلوڪ ۽ طريقو جي راهه ۾ ٻين جي رهنمائي خاطر ظاهري اسباب طور پڻ شاهه صاحب قابل قدر قدم کنيو، جنهن مان سندس ’مرشد هئڻ‘ جي وڌيڪ تائيد ٿئي ٿي. خط جي عبارت ۽ سوالن جي سلسلي مان شاهه صاحب جي علم ۽ فڪر تي ڪافي روشني پوي ٿي. مخدوم محمد معين کين سندس خاص تاڪيد ته سليس فارسيءَ ۾ جواب ڏيو جن هرڪو سمجهي سگهي. ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي سليس ۽ ڳوڙهي فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي. اها شاهدي شاهه صاحب جي فارسي مان واقفيت تي هڪ خاص دليل آهي.

 

(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ. ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي طور سڪونت اختيار ڪرڻ سان شاهه صاحب جو عالم اسباب ڏانهن متوجهه ٿيڻ لازمي هو. جڏهن کان وٺي ڀت کي هموار ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ شاهه صاحب جو اتي ڪجهه وقت رهڻ ٿيو، تڏهن کان وٺي فقيرن کي ڪم ونڊي ورڇي پئي ڏنائون. ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي اچڻ بعد ايندن ويندن جي آڌر ڀاءُ، بَٺيءَ جي انتظام، ۽ حويليءَ جي سنڀال جي سلسلي ۾ شاهه صاحب وڏي پوئواري ڪئي. مسجد ۽ جماعت جي خذمت خاص فقيرن جي حوالي ڪيائين، ۽ پڻ راڳ لاءِ خاص فقير مقرر ڪيائين. اهو نظام ۽ انتظام جئن پوءِ تئن وڌنڌو ۽ وڌيڪ سهڻو ٿيندو ويو، تان جو سندس زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اهو سڄو انتظام هر لحاظ سان مڪمل طور پوري پابنديءَ سان هلڻ لڳو[7]. ان وقت جدا جدا ڪم هيٺينءَ طور جدا جدا فقيرن جي حوالي هئا:

-       مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بُوئا وساڻ اندر حويليءَ ۾ خذمتگار هيون.

-       عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، اسماعيل فقير سمون ڀينء پوري، فقير سيد نهال شاهه، اسماعيل فقير ڏيرو، اجن فقير ڏيو، ڪمال فقير سينهڙو، ورو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير ابڙو ڪاٺڙي مڪان جو، عمر فقير سهتو، فقير سيد سائينڏنو موسي پوٽو مٽياروي ۽ بچو فقير خاص حاضري جا فقير هئا.  عمر فقير سهتو، شاهه صاحب جو خاص خادم هو جنهن کيس ننڍي هوندي نپايو هو. شاهه صاحب جو هنڌ بسترو سيد سائينڏني جي حوالي هو ۽ هو ئي هنڌ وڇائيندو هو. بچو فقير ڪونئرو جهليندڙ هو. عبدالجميل فقير انڙ، شاهه صاحب جو مصلو ۽ تسبيح سنڀاليندو هو، ۽ نماز ۽ عبادت جو بندوبست سندس حوالي هو.

-       خليفو محمد عالم ڏيرو، شاهه صاحب جو ماسات، ذڪر ۽ سماع جو نگران هو[8]

-       سومر فقير لاڙڪ، هڪ پهتل درويش هو، جنهن کي شاهه صاحب کان پيري مريدي جو ارشاد مليل هو: يعني ته ڪو مريد ٿيڻ ايندو هو ته سومر فقير جي حوالي ٿيندو هو. ٻيا فقير سندس وڏو ادب ڪندا هئا[9].

-       عارف فقير ٿيٻو، ٽنڊي الهيار (تعلقي) جو وڏو عابد شخص هو ۽ نوئِي فقيرن کي عبادت جي ترغيب ڏيندو هو ۽ نماز سيکاريندو هو.

-       عنايت فقير وساڻ جت، ڪَجائي جو رسو جهليندو هو.

-       رحمون فقير بورچي هو.

-       قاسم فقير حجام هو ۽ شاهه صاحب جي سنوارت ٺاهيندو هو.

-       احمد فقير سمون، گهَليِن جو، شاه صاحب جي گهوڙي ’چنگل‘ جو سئيس ۽ گاهي هو.

-       ونهيون فقير سالاراڻي جت، ’موتي‘ ۽ ’گردگان‘
يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو (اهي ننڍڙا گلر هئا جو شاهه صاحب ڪٿي ڏٺا ۽ بک پئي مئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو. ونهيون فقير انهن جو خاص خدمتگار هو).

-       محمد رحيم فقير، شاهه صاحب جو منشي هو ۽ لکپڙهه جو ڪم سندس حوالي هو. انهن کانسواءِ راڳائي فقير جدا هئا، جيڪي حضرت شاهه صاحب کي نهايت پيارا هئا، ۽ جن جو ذڪر اڳتي ايندو[10]

ڪمن جي مٿين تقسيم ۽ تڪميل شاهه صاحب جي خداداد تنظيمي صلاحيت، مردم شناسي ۽ دلنواز شخصيت جو نتيجو هئي. اصل ۾ اهو سڄو نظام محبت جي مضبوط بنياد تي ٻڌل هو. شاهه صاحب کي هميشـﮧ اهو خيال رهندو هو ته جئن ڪنهن به فقير کي ڪا به تڪليف نه پهچي، ته فقيرن کي وري اها اڻ تڻ هوندي هئي ته جيئن ڪا به ڪوتاهي نه ٿئي. شاهه صاحب جي محبت ۽دلنوازي جو اهو معجزو هو جو ڪنهن به فقير ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان ڪو نه ٿي ڪيٻايو. ونهيون فقير جت، تازوخدمت ۾ حاضر ٿيو هو، جو ’موتي‘ ۽ ’کينهون‘ ٻنهي ڪتن جي سنڀال سندس حوالي ٿي. سندس سڄو ڌيان ان طرف هوندو هو. هڪ ڏينهن فقير ماني تي ويٺا ته ٻيل ٻڌي ويٺا. ’موتي‘ ويٺو هو پر کاڌو ڏنائونس ته نه پيو کائي (جو ’کينهون‘ ڪٿي ٻئي پاسي هو). شاهه صاحب کي ٻڌايائون ته چيائين: ”ابا موتي اڪيلو آهي، هن جو سنگي هجي ته کائي: جي ڪو ٻيل ٻڌيس ته کائي“. ونهين کي شاهه صاحب جا اهي لفظ دل ۾ وسي ويا ته ’هن جو به سنگتي هجي جو هن سان ٻيل ٻڌي ۽ گڏجي کائي‘، سو ونهيين فقير ويهي موتي سان گڏ کاڌو. ان ڏينهن کان وٺي شاهه صاحب جي ونهيين فقير تي وڏي مهر نظر ٿي جو چيائون ته ”جتي ونهيون ڪتائي، اتي ڀٽائي.“ ونهيين فقير کي ڀٽائي صاحب پوءِ خلافت جي ڦڙڪي ٻڌائي.

 

(د) ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ.  ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي سڪونت اختيار ڪرڻ سان، شاهه صاحب اتي سماع سلسلو شروع ڪرايو، ۽ ان کانپوءِ راڳ جو ادارو پڻ قائم ڪيو.

سماع. ڀٽ تي ٿيندڙ سماع جي نوعيت ۽ فقيرن جي سيني به سيني روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ٿيندڙ سماع ۽ ذڪر واري سلسلي کي ئي شاهه عبداللطيف ڀٽ تي قائم ڪيو. سماع جو شغل رات جو ٿيندو هو. ماهه پهرئين سومار جي رات ۽ حج جي رات خاص سماع لاءِ مقرر ٿيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي موقعن تي پڻ نماز بعد سماع ٿيندي هئي. ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ غالباً سماع جي شروعات سياري ۾ ٿي ۽ پڻ سياري ۾ ئي سماع جا شغل وڏي اهتمام سان ٿيڻ لڳا. اهو انهيءَ ڪري جو سياري ۾ ٻني ٻاري جو ڪم گهٽ هو ۽ فراغت وڌيڪ هئي. رات جو سماع جي شغل وقت، سياري جي سيءُ کان توڙي روشنيءَ خاطر مچ ٻاريندا هئا ۽ فقير پڻ مچ جي چوڌاري مچ کي ويجها ٿي سماع ڪندا هئا. سماع جي سلسلي ۾ سُر سان بَيت، ضَربُون ۽ ذڪر شامل هئا. انهيءَ ساڳئي نموني سان ڀت تي پڻ سماع ۽ ذڪر شروع ٿيو، جنهن جو اڳواڻ شاهه صاحب جو ماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم ڏيرو مقرر ٿيو. خليفو محمد عالم سماع لاءِ مچ ٻاريندو هو، جنهن جي اُتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي، ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽ سندس ساٿي بيهندا هئا. ان بعد شاهه صاحب ايندو هو. پهريائين ’هو آلو‘ جون ٽي تسبيحون ٿينديون هيون. ان کانپوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جي فقير بلاول يا ڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو، ۽ پهرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارِ عَة مَا القارعة“ (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب هڻندو هو. ان بعد سامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ پڙهي ٻه ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جي چوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا، اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄي سماع ختم ٿئي. آخر ۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويهي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽ ذڪر ۾ پڻ سُر سان بيت پڙهندا هئا[11]. پڇاڙيءَ ۾ دعا گهُري اُٿندا هئا.

اهو چئي نٿو سگهجي ته ڀٽ تي جڏهن پهريائين سماع جو سلسلو شروع ٿيو ته فقير ڪهڙا بيت ۽ ڪنهن جا بيت پڙهندا هئا. ٿي سگهي ٿو پهريائين ميين شاهه ڪريم يا ٻين اڳين بزرگن جا بيت پڙهيا ويا هجن، پر پوءِ شاهه صاحب جا بيت ئي سماع ۾ پڙهيا ويا. اهو پڻ معلوم ناهي ته ان وقت بلاول ۽ ڌناسري کانسواءِ ٻين ڪهڙن سُرن جا بيت پڙهندا هئا، مگر هن وقت ڀٽ تي سماع ۾ هيٺين سُرن جا بيت پڙهيا وڃن ٿا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي وقت ۾ پڻ انهنساڳين سُرن جا بيت پڙهيا ويا هجن، جيڪي اڃان تائين هلندا اچن.

 

پهريون ڦيرو (سڄو)

ڦيري جي پهرين چوٿين پتي ۾               سُر بلاول جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جي ٻي پتي ۾         سُر سري راڳ ” ” ” ” ” ”

ڦيري جي ٽي پتي ۾         سُر سامونڊي  ” ” ” ” ” ”

پيري جي باقي چوٿين پتي ۾        سُر سورٺ      ” ” ” ” ” ”

 

ٻيو ڦيرو (چوٿين پتي)

ڦيري جي پهرين چوٿين پتي ۾       سُر راڻو ۽ سُر حسين جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

         جملي سوا ڦيرو                       جملي ڇهه سر

موجوده وقت ۾ عيدن جي ڏينهن تي نماز بعد سماع ۾ فقط تن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن[12].

راڳ جو ادارو. سماع جي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾ سمايل ضربون هڻڻ، گول حلقي ۾ ڦرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي پوءِ راڳ جي اوسر لاءِ ڄڻ بنيادي ترغيب جو باعث بڻيا.  سماع جي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾ سمايل ضربون هڻڻ، گول حلقي ۾ ڦرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي پوءِ راڳ جي اوسر لاءِ ڄڻ بنيادي ترغيب جو باعث بڻيا.

سنه 1142هه ۾ جڏهن شاهه صاحب ’ڀٽ‘ کي وسايو ته فقير پڻ اتي رهڻ لڳا، جن مان ڪي خاص راڳ جي ذوق ۾ راڳائي ٿيا ۽ راڳ ڪرڻ لڳا. مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ ۾ اهو نڪتو نروار ڪيو آهي ته: شاهه صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو،  نه ته پاڻ پنهنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتان کان هتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کي وسائي ويٺا[13].

فقير شروع ۾ شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون فراغت واري وقت ۾ گڏجي ڳائڻ لڳا، پر پوءِ شاهه صاحب جي توجهه سببان خود فقيرن ۾ ايڏو ذوق وڌيو جو ڄڻ راڳ سندن واسطي هڪ روحاني خوشي واري خوراڪ بڻجي ويو. سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کانپوءِ، راڳائي فقيرن جي جيڪاق ڪيفيت هئي، تنهن بابت ’لطائف لطيفي‘ ۾ هيٺيون بيان نقل ٿيل آهي[14]:

لطيفي فقير جيڪي راڳائي هئا، تن مان گهنن کي واري جو تپ ٿي پيو. جڏهن مونجهه ۽ پيڙا کان پريشان ٿيا ته حضرت شاهه صاحب سان طبيعت جي ناسازي جي شڪايت ڪيائون، تڏهن شاهه صاحب کين ارشاد فرمايو ته: ’هر جمعي رات سندم والد بزرگوار (شاهه حبيب) جي درگاهه تي لطيفي ساز وڄايو ۽ راڳ ڳايو‘. فقيرن ان تي عمل ڪيو ۽ بالڪل چڱا ڀلا ٿي ويا. هو پهر رات کانپوءِ راڳ شروع ڪندا هئا ۽ صبح صادق وقت بس ڪندا هئا. پر ڳچ وقت گذرڻ کانپوءِ باقاعدگي سان راڳ ڪرڻ ۾ سستي ڪيائون ۽ وري اچي کين تپ ورايو. انهيءَ ڪري پوءِ هميشـﮧ لاءِ (باقاعدگي سان جمعي رات) راڳ ڪندا رهيا، جو ويندي هن وقت تائين جمعي رات راڳ ڪندا رهن ٿا.

هن مان ظاهر آهي ته شاهه حبيب جي وفات کانپوءِ ئي فقيرن کي شاهه حبيب جي روضي اڳيان هر جمعي رات راڳ ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. ائين ڪيائون پر وري وچ ۾ وٿي پئجي وئي. ان کانپوءِ وري هر جمعي رات باقاعدگي سان راڳ شروع ڪيائون، ۽ پوءِ اهو سلسلو هميشـﮧ لاءِ جاري رهيو. هن بيان مان انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات واري تاريخ کانپوءِ، هڪ ٻن مهينن اندر، شاهه صاحب جمعي جي رات راڳ لاءِ مقرر ڪئي، ۽ راڳائي فقيرن کي خاص هدايتون ڏنيون جن موجب هر جمعي رات راڳ ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ فقير حضرت شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين کي جدا جدا سرن ۾ ڳائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنه 1144هه کان وٺي ’شاهه جو راڳ‘ بحيثيت هڪ اداري جي هميشـﮧ لاءِ قائم ٿيو[15] جنهن لاءِ شاهه صاحب جي رهنمائي هيٺ هيڍيان  تمام ٿيا: 1. هن درد ۽ محبت پيدا ڪندڙ ۽ دلين کي جياريندڙ راڳ لاءِ شاهه صاحب سندس بيتن ۽ واين جي ذخيري مان ڪي خاص ڀاڱا (موضوع) چونڊيا ۽ انهن جي ڳائڻ لاءِ ’سر‘ (راڳ) مقرر ڪيا. اڳتي هلي انهي اصول موجب ’شاهه جو راڳ‘ سرن مطابق وڌيڪ اهتمام سان ڳايو ويو. 2. راڳ ۾ وڄت لاءِ ’دنبوري‘ جو نئون ساز استعمال ٿيو، ۽ پهريون دنبورو شاهه صاحب پاڻ ٺٽي ۾ ويهي ٺهرايو.  3. راڳ ڳائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي پوري پابندي ڪئي وئي، هن طرح جا عِشا جي نماز جماعت سان ادا ڪرڻ بعد راڳ جي شروعات ٿي ۽ فجر جي نماز کان اڳ راڳ جي خاتمي جي دعا گهر وئي.  4. راڳ لاءِ، راڳائي فقير چونڊيا ويا ۽ تمر فقير کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.

ان طرح ’شاهه جي راڳ‘ جي اداري جي هڪ باقاعدي تنظيم مطابق تڪميل تي جنهن موجب ڀٽ تي هر جمعي رات توڙي عيد ۽ حج جي موقعي تي راڳ ٿيڻ لڳو. پر اهو سڄو انتظام محض رسمي نه هو: زندگي جي هن مرحلي تي (۽ غالباً ان کان اڳ پڻ) راڳ شاهه صاحب لاءِ روحاني خوراڪ بڻجي چڪو هو. انهيءَ ڪري ايندڙ سورهن سالن کن تائين (1145- 1161هه)، شاهه صاحب جڏهن به ٻاهر سفر تي ٿي ويو ته راڳائي فقير به پاڻ سان گڏ ٿي کنيائين، جو سفر ۾ هر رات ’راڳ‘ باقاعدگي سان ٿي ٿيو. جڏهن شاهه صاحب وقت جي ڪن وڏن عالمن وٽ ٿي ويو ۽ انهن پڻ سندس ’دل جياريندڙ راڳ‘ جي سلسلي ۾ کيس بيوس ۽ بي ميار ڪري ٿي ڄاتو. سفر ۾ ’اهه جي راڳ‘ جي آخري محفل سنه 1161هه ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ٿي، جنهن حاضرينن جي دلين ۾ ايڏو ته درد ۽ عشق الاهي وارو اثر پيدا ڪيو جو اتي وڏي حال وارن مان مخدوم محمد معين ان رس ڀريي راڳ جي پيدا ڪيل جذبي ۽ احساس جي اثر هيٺ وفات ڪئي.

 

(هه) وڏن جي درگاهن جي سنڀال ۽ تعمير ڪرڻ.  شاهه صاحب معنوي لحاظ سان ’وڏي حال وارو‘ هو، ۽ پڻ عملي طور ’حال‘ جو صاحب هو. انسان جي اعليٰ ڪردار ۽ ڪمال، حق جي تلاش ۽ حقيقي وصال وارين منزلن ماڻڻ جي لحاظ سان سندس فڪر، لاحَد ۽ لامتناهِي ’مستقبل‘ سان همڪنار هو، جو چيائين ته ”جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين.“ ساڳئي وقت شاهه صاحب جي نظر ۾ ’ماضي‘ پڻ وڏو معنيٰ خيز ۽ سبق آموز هو، ڇاڪاڻ ته اهو انسانن جي انفرادي اخلاق ۽ ڪردار توڙي سماجي ريت ڪُريت جو آئينو آهي. وڏن جو ادب ۽ ريت رسم جو لحاظ سنڌ جي تهذيب جو لازمي جز هو، جنهن کي شاهه لطيف وڏي اهميت ڏني. شاهه صاحب جي پنهنجي تربيت ۾ سندس وڏن جو هٿ هو، هاڻي جڏهن شاهه صاحب پاڻ، اخلاق ۽ ڪردار جي اعليٰ منزل تي پهتو تڏهن وڏي احسان مندي سان پنهنجن وڏن جي آثارن جي سنڀال ۽ تعمير ڏانهن ڌيان ڏنائين.

سڀ کان پهريائين بلڙي ۾ ميين شاهه ڪريم جي درگاهه سندس توجهه جو خاص مرڪز بني. شاهه جو والد شاهه حبيب، ڏاڏو عبدالقدوس شاهه، پڙ ڏاڏو جلال شاهه (جمال شاهه) سڀ اتي ڄاوا نپنا هئا. عبدالقدوس شاهه وفات به اتي ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جي ويجهو دفن ٿيو. عزازت جي انهن رشتن کان وڌيڪ، شاهه صاحب جو پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم سان گهَرو روحاني رشتو هو جو سندس هدايت ۽ تلقين کي سان لاتائين، ’بيان العارفين‘ کي سفر ۾ به ساڻ کنيائين. جئن شاهه ڪريم بُلڙي ۾ نئين ماڳ کي وسايو هو، تئن پاڻ ’ڀٽ‘ کي وسايائين. شاهه ڪريم وانگر ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو قائم ڪيائين، ۽ ميين شاهه ڪريم جي ڪن چيل بيتن ڀران پاڻ بيت چيائين: نه فقط ايترو پر ڪن فقيرن کي جيڪڏهن ميين شاهه ڪريم جي ڪنهن بيت جي ڪا سٽ ياد نه هئي ته پاڻ ٻي چئي ان کي پورو ٿي ڪيائين[16]. مثلاً شاهه صاحب کي جڏهن ڪن فقيرن ٻڌايو ته ميين شاهه ڪريم هيءَ هڪ سٽ چئي هئي (پر اڳتي سندس مراد الائجي ڪهڙي هئي) ته:

ٺري ڀَڳِي ڪِنگريِ ٺلها ڦيرا ڏي

تڏهن چيائين ته: هائو ابا!

آڻي نَڪِي ني، پر وڃي سَلهاڙي ساٿ سان.

اهڙيون روايتون انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهن ته شاهه صاحب جي ميين شاهه ڪريم سان وڏي محبت ۽ عقيدت هئي. ننڍي هوندي پنهنجي والد سان گڏ، ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ پنهنجي سر، بلڙي تي ڀيرا ڪيائين، پر هاڻي پنهنجن فقيرن سان گڏ ڪريمي درگاهه تي وڌيڪ وڃڻ لڳو. اتي سماع ۽ ذڪر جي شغل ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ پنهنجو ڀٽ وارو راڳ پڻ شروع ڪرايائين. ڪريمي فقيرن ’شاهه جو راڳ‘ سکيو ۽ اهڙيءَ طرح ڀٽ کان پوءِ شاهه ڪيريم جي درگاهه تي ئي سڀ کان پهريائين ’شاهه جو راڳ‘ ٿيو، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي.

زندگي جي هن دور ۾ ڏهن ٻارهن سالن تائين اهڙي عقيدت واري حاضري بعد، شاهه صاحب اڃان به وڌيڪ خذمت خاطر ميين شاهه ڪريم جي مزار تي روضي جوڙائڻ ۽ ڀرسان جامع مسجد ٺهرائڻ جوارادو ڪيو، ۽ 1154- 1156هه واري عرصي ۾ ان ڪم کي وڏي همت ۽ محبت سان پورو ڪيو. حضرت شاهه ڪريم جو سهڻي گنبذ سان روضو ۽ ان جي اُتران لڳو لڳ عاليشان جامع مسجد جوڙايائين، ۽ اتان ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف پنهنجي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي تربت تي قبو ٺهرايائين. شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف کي ڪاشي جي سِرن سان سينگاريائين. شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف کي ڪاشي جي سِرن سان سينگاريائين جيڪي ملتان مان آندائين ۽ پڻ اتان ڪاريگر آندائين جن بلڙيءَ ۾ ويهي وڌيڪ سرون ٺاهيون. اهو سڄو ڪم سنه 1189هجريءَ ۾ راس ٿيو، ۽ شاهه صاحب جي ارشاد تي سندس معتقد ۽ مريد ۽ ٺٽي جي نامياري عالم مخدوم محمد صادق نقشبندي ڪريمي درگاهه جي تڪميل جي تاريخ هيٺئين سهڻي فقري مان ڪڍي:

”هست درگاهِ کريمي جلوه گاهِ حق ابد“

ابجد جي حسان سان عدد = 1156

شاهه صاحب پوءِ انهيءَ تاريخي مصرع سان سينگاريل ڪاشيءَ جي هڪ سهڻي سِرَ ٺهرائي جيڪا غالباً صحن واري ٻاهرئين دروازي تي هڻايائين. ٻي هڪ ننڍي سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکايائين سا روضي جي دروازي واري سامهون اتران ديوار ۾ هڻايائين[17] ان وقت ڪريمي درگاهه جي گادي تي عبدالواسع شاهه (بن عبدالغني شاهه، بن محمد دليل شاهه بن دين محمد شاهه بن ميون شاهه ڪريم) هو جنهن جو ڌيان درگاهه کان وڌيڪ دنيوي ڪاروبار طرف هو. ان کي اچي وهم ويٺو ته عبداللطيف شاهه درگاهه ٺهرائڻ کانپوءِ اندر وري پنهنجو نالو هڻايو آهي ته جئن وارث بڻجي ۽ درگاهِ تي قبضو ڪري: سو شاهه صاحبجي روانگي بعد پاڻ پنهنجي سر اچي اها سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو پٽائي ڦٽي ڪيائين. ان وقت شاهه لطيف ’بلڙي‘ مان اڃان ’ڊنڍي‘ جي شهر ۾ (بلڙي ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ تي) پهتو هو ۽ اتي ’ڪريم– پوٽي‘ سيد محمد صلاح (بن ابوبڪر شاهه  بن محمد شريف شاهه بن محمد دليل شاهه بن دين محمد شاهه بن ميون شاهه ڪريم) وٽ ٽڪيل هو جو عبدالواسع شاهه جي سِر پٽائڻ جي خبر اچي پهتي، جنهن تي شاهه صاحب چيو ته: ”هن ضعيف جو نالو عبداللطيف آهي، باقي ’لطيف‘ نالو ته الله جل شانـﮧ جي نالن مان هڪ آهي. شال ان ذات باري تعاليٰ کي ڪا غيرت نه اچي“[18].

درگاه ڪريمي جي خاص خذمت ۽ تعمير کان پوءِ غالباً شاهه صاحب ڀٽ جي جاين ڏانهن توجهه ڪيو. شروع ۾ اهي جايون تڪڙو تيار ڪيل هيون، پر هاڻي انهن کي وڌيڪ سهڻي سٽاء سان تعمير ڪيو ويو. پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم ۽ ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي مزارن جي تعمير بعد شاهه صاحب پنهنجي والد شاهه حبيب جو مقبرو به پڪو ڪرايو ۽ ٻاهران دروازي جي مٿان وفات جي تاريخ واري هيٺين مصرع جيڪا سندس مريد ۽ ڀلاري عالم مخدوم محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جوڙي هئي سا لکايائين:

”الموتُ جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“

ابجد جي حساب سان عدد = 1144

مسجد شريف شروع کان ڪَچي پر مضبوط ٺهيل هئي، انهيءَ ڪري ان کي شاهه صاحب پوءِ پنهنجي زندگي جي آخري دور ۾ وڏو شاندار ڪري ٺهرايو.

(و) معتقدن مريدن وٽ وڃڻ ۽ سندن پوئواري ڪرڻ، حال وارن فقيرن ۽ درويشن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته  شاهه صاحب جي زندگي جو هن کان اڳيون ويهن-ٻاويهن سالن وارو دور (1120-


 


*  ’لطائف لطيفي‘، فارسي متن، 1967ع، صفحا 69، 42- 43 ۽ 36. ساڳيءَ طرح ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1972ع ڇاپو) ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ جاءِ تي لکيو ته مرزا مغل بيگ جي حياتيءَ ۾ ٿي سندس اڻبڻت ۽ ايذاءَ کان ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃي ڀٽ تي ڳوٺ ٻڌائون (ص- 34) ۽ ٻيءَ جاءِ تي ڄاڻائين ته ”پيءُ جي مرڻ کانپوءِ سگهو ئي شاهه عبداللطيف لڏي اچي ڀٽ تي ويٺو“ (ص 38). وري هڪ جاءِ تي چيائين ته شاهه صاحب ڀٽ تي هو هو جو گلان کي دعا ڪيائين (ص-86) ته ٻيءَ جاءِ تي آندائين ته آخر عمر ۾ ڀٽ کي وسائين (ص 36). سندس انهن بيانن ۾ تضاد آهي. لالواڻي پنهنجي انگريزي ڪتاب ’شاهه لطيف‘ (ڇاپو 1890ع) ۾ شاهه جي شاديءَ جي بيان بعد لکيو ته هو پاڻ اچي ڀٽ تي رهيو ۽ گهڻو وقت اتي گذاريندو هو، حالانڪه سندس گهرٻار ۽ والد ڪوٽڙيءَ  ۾ هئا. هو پنهنجي والد کي ”ڀٽ تي لڏي اچڻ لاءِ مڃائي نه سگهيو. اهو معلوم ناهي ته شاهه لطيف ڪڏهن اچي ڀٽ تي (گهر ٻار ڪري) ويٺو، پر (ڀٽ تي) سندس مريدن (لالواڻي کي) ٻڌايو ته شاهه صاحب سندس والد جي فوت ٿيڻ ۽ ڀٽ تي دفن ٿيڻ بعد لڏي آيو“ (ص 13).

*  لطائف لطيفي، ص 86.

[1]  ”سيد کـﮧ برڀٽ شريف آستانه امجد تجويز کرده است“ (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 86) ميان غلام شاهه جي ولادت جي تاريخ في الحال اسان جي آڏو موجود ناهي، پر اهو تاريخي طور ثابت آهي ته سنه 1152هه ۾ نادر شاهه بادشاهه جڏهن ميان نور محمد خلاف سنڌ تي چڙهيو پئي آيو ته ميان نور محمد پنهنجي طرفان اڳواٽ صفائي خاطر صاحبزادي غلام شاهه کي نادر شاهه جي خدمت ۾ موڪليو هو. ان وقت ميان غلام شاهه وڏو هوندو نه ته به ڪم از ڪم سندس عمر سورنهن سترهن سال کن هوندي، جنهن مان پڻ اهو گمان ٿئي ٿو ته سندس والده مائي گلان سنه 1135هه ڌاري ڀٽ تي شاهه جي خذمت ۾ اچي ڳايو هوندو.

[2]  ڇاڪاڻ جو انهيءَ موضوع بابت جيڪي بيان سانگي (1888- 1880ع ڌاري) ’لطائف لطيفي‘ ۾ آندا آهن سي گهڻو ڪري سڀ کيس وڏيري عبدالله شوري ٻڌايا. هڪجاءِ تي سانگي سَنَدَ سان بيان ڪيو آهي ته هن وڏيري عبدالله (عمر 55 سال) کان ٻڌو، جنهن پنهنجي والد وڏيري رستم (عمر نوي سال) کان ٻڌو، جنهن سندس پيءُ وڏيري قلندر شوري کان ٻڌو، جنهن اُٺيون چاربندي شاهه لطيف کي ڀٽ تي وڻن ۾ ويٺل ڏٺو هو ۽ کيس کير پياريو هو. ان بعد جڏهن شاهه صاحب ڀٽ واري ماڳ کي هموار ڪري ٺهرائي سهڻو پئي ڪيو، تڏهن پڻ قلندر پنهنجي پيءُ وڏيري صاحبڏني سان گڏجي اتي ويندو هو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 144- 145).

[3]  ڄاڻو فقيرن وٽ جتي ڪٿي راقم هي بيت (ذرا مختلف پڙهڻين سان) ٻڌو جيڪو متفقه زبانين موجب هن موقعي تي شاهه صاحب پڙهيو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ هن واقعي بابت جيڪا روايت قلمبند ڪئي آهي، سا شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي پيار ڀريي ناتي جي سراسر ابتڙ آهي. ان روايت موجب، شاهه حبيب جي بيماريءَ وقت شاهه لطيف ڀٽ تي هو ئي ڪونه، ۽ هو ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو پيو هو. انهيءَ تي شاهه حبيب ڏانهس ڏوراپي جو بيت چوائي موڪليو، جنهن جي جواب ۾ وري پاڻ به بيت چوائي موڪليائين، پر آيو ڪو نه. ان جو سبب اهو ڄانايو ويو آهي ته شاهه عبداللطيف رضا الاهي تي راضي رهڻ جو عهد ڪيو هو سو چيائين ته جي آءٌ ويندس ۽ والد کي فوت ٿيندو ڏسندس ته مون کي ڏک ٿيندو، جيڪو ڪيل عهد جي خلاف ٿيندو (ڏسو لطائف لطيفي، فارسي متن، صفحا 42-43).

[4]  شاهه حبيب جي وفات تي ڏسو راقم جو تفصيلي مضمون، سماهي ’مهراڻ‘ نمبر 3-4، سنه 1987ع.

[5] حضرت پيران پير کان اڳتي سندس پنهنجن مرشدن مشائخن جو هي خاص سلسلو حضرت علي رضه سائين تائين پهچي ٿو. ان کانسواءِ قادري طريقي ۾ حضرت پيران پير جي مرشدن مشا؟خن جا ٻيا سلسلا حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ ٻين اصحابن ڪرامن تائين پهچن ٿا. مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ ۾ (صفحا 23-24) شاهه صاحب جو قادري طريقي ۾ هي سلسلو ويندي حضرت علي رصه تائين ڏنو آهي پر هن پهرئين ڀاڱي ۾ کانئس ڪي نالا رهجي ويا آهن. هي ڀاڱو مٽيارين جي عالم فاضل مشتاق متعلوي جيئن لکيو آهي، تيئن ڏنو ويو آهي. مولوي دين محمد وفائي مرحوم پڻ ان کي لطف اللطيف‘ 0صفحا 13-32) ۾ نقل ڪيو آهي.

[6]  راقم شاهه صاحب جو خط مخدوم معين جي جواب جي اختصار سميت رسالي ”نيئن زندگي“، نومبر 1953ع ۾ ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان شايع ڪيو آهي ۽ اتي ڏسڻ گهرجي.

[7]  سانگي جي هڪ روايت موجب، شاهه جي زندگي جي پوين ڏهن سالن ۾ هيءَ سڄو نظام قائم ٿيو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 181)؛ پر سانگي جي پنهنجن ئي ڪيترن بيانن توڙي ڪن ٻين حوالن مان تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جي ڀٽ تي لڏي اچي ويهڻ سان فاقيري نظام جي شروعات ٿي. البت هن نظام جي تڪميل ۽ پوري پائبندي غالباً شاهه جي زندگي جي پوين پنجن ڏهن سالن ۾ ٿي، جڏهن هو ٻاهر مسافرين تي وڃڻ بدران گهڻو وقت سڄو ڀٽ تي ئي گذارڻ لڳو.

[8]  هيء محمد عالم ڏيرو ’وڏو‘ جيڪو اڳ ٿي گذريو. هن پوئين ويجهي دور ۾ حاجي عالم ڏيرو راڳائي هو، جنهن اول ميين حسين کان ۽ پوءِ ٽنڊي غلام حيدر جي فقير حافظ چاڪي کان راڳ سکيو. هن پوئين محمد عالم جو ٻالڪو غلام دين آريسر ٿيو، جيڪو تند جو وڏو قابل هو.

[9]  عام مڃيل ۽مشهور روايت موجب سومر فقير لاڙڪ اتر جو هو ۽ سانپور (لڳ شڪارپور؟) جو ويٺل هو. سانگي جي لکڻ موجب، سومر فقير پير پٺي کان 7 ڪوهه پري خانپور جو ويٺل هو.

[10]  مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ (169- 171) ۾ تفصيل سان فقيرن جا نالا ڏنا آهن. اسان ڀٽ تي حسين بخش فقير لاڙڪ وٽ، ’شرح لطيفي‘ (نالو ائين) تان ’ڌڻي بخش فقير‘ جو (تازو ويجهي وقت ۾) اتاريل تفصيل 4- آڪٽوبر سنه 1955ع تي ڏٺو ۽ نقل ڪيو.

[11]  هي ’سماع وارو ذڪر‘ هو. ان کانسواءِ روزانو هر نماز بعد ’تسبيحي ذڪر‘ جدا ٿيندو هو.

[12]  ڀٽائي صاحب جي وفات بعد، 14 ۽ 16 صفر تي سماع قائم ٿي. 16- صفر واري سماع ۾ ٽن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مانبيت پڙهندا آهن، ۽ 14- صفر واري سماع ۾ چئن سُرن يعني پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن.

[13]  و ازان وزيکه انس بـﮧ سرود گرفتند بمکان شريف ماندن اختيار کردن و ذوق و شوق مافوق بـﮧ آن مي داشتند و ازان جوش تسکين يافتند – و اِلا نـﮧ مدامي بمحل گردي مصروف بودند بعروج بسر مي بردند- وسرود براي حصول نزول سببي شد. (لطائف لطيفي، فارسي متن، راقئم جي تصحيح سان شايع ڪيل شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي، ڀٽ شاهه، 1967ع ص 101).

[14]  منقولاست کـﮧ اکثر فقراء لطيفي کـﮧ سرودي بودند تپ نوبت کردند. چوَن از ملالت و ناهمواري طبع عاجز آمدند شکايت از بي اعتدالي طبيعت بحضرت اولياء عرض گذرانيدند. فرمان صدور يافت کـﮧ هر شب آدينـﮧ بدرگاه پدر بزرگوار سرود لطيفي بسر ايندو کلام شريف بگويند. فقراٰء عمل برحکم کردند صحت کلي يافتند. بعد از يک پاس شب آغاز سرود مي کردند و بوقت صبح صادق انجام مي نمودند. وچون مدتي منقضي شد در کردن سرود کاهلي و تساهلي نموند. باز بـﮧ علت تپ گرفتار آمد. لابد مداومت ساختـﮧ کـﮧ تاهنوز شب جمـعـﮧ کلام کرامت نظام مي سرايند (لطائف لطيفي، ص -81).

[15]  ’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات 7 پوءِ ان اداري جي دور- وار تاريخ تي جدا ڪتاب. ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ (1978ع ڇاپو، صفحا 149- 240) ۾ تفصيل سان روشني وڌل آهي. البت ان ڪتاب لکڻ وقت، شاهه حبيب جي وفات واري سال تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ بدران، گربخشاڻي واري ڏنل سال 1155هه تي ڀروسو ڪيو ويو ۽ ’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات انسال ۾ ڄاڻائي وئي جيڪو صحيح نه هو.

[16]  عقيدتمندن جي روايتن موجب، شاهه ڪريم ڪن موقعن تي ڪن بيتن جون پهريون سٽون چيون ۽ جڏهن فقيرن باقي ٻين سٽن بابت پڇيو ته جواب ڏنائين ته: سندس اولاد مان ڪوعارف ٿيندو، جيڪو انهن بيتن کي سڄو ڪندو.

[17]  جيڪڏهن صاحبڏني شاهه ڪا سر هڻائي هئي ته اها به سنه 1355هه ۾ غلام حيدرشاهه جڏهن لونگ فقير جي فقيرن جي خذمت ذريعي مرمت ڪرائي ۽ اڀرندي ڀت تي ٻاهران نئين ڪا شي لڳي تڏهن پٽجي ويئي. راقم ٻه ڀيرا ميين شاهه ڪريم جي روضي توڙي ان سان اتران لڳ مسجد جي ديوارين کي جانچي ڏٺو پر اهڙي ڪا سر لڳل نظر ڪا نه آئي. البت مجاور حاجي صوف ميمڻ ٻڌايو ته سندن وڏا چوندا هئا ته شاهه لطيف واري اصل سر جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو سا روضي جي اڀرندينءَ ڀت جي ٻاهران، روضي جي در کان اتر، ڀت جي بالڪل آخري اترئين ڪناري سان ڪنڊ لڳ پر ذرا مٿي لڳل هئي. مسجد جي ڏاکڻي ڀت ان ڪنڊ جي ڀرسان آهي.

مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ (ص 32-34) ۾ غالباً انهيءَ سر جو ئي ذڪر ڪيو آهي ته: ”اما يک خشت بسمت شمال دروازه مقابل روضـﮧ کريمي بامر لطيفي بديوار نصب کردن که بران لطيف نگاشت بود.“ چٽي وضاحت ٿيل ڪانهي ته ڪهڙي ديوار (مسجد يا روضي جي) تي سر هنئي هئي البت اڳتي هلي لکي ٿو ته اصل سر جتان ڪڍي وئي، ان ساڳي جاءِ تي صاحبڏني شاهه ٻي سر هڻائي جيڪا پيلي رنگ تي نمايان آهي.

[18]  مير عبدالحسين خان سانگي، هيءُ سڄوبيان حڪايتي رنگ ۾ شاهه صاحب جي ڪرامت جي سلسلي ۾ آندو آهي. سندس لکڻ موجب هڪ ته ميين شاهه ڪريم کي پاڻ تي روضو منظور ڪو نه هو ۽ انهيءَ ڪري جيڪو به عمارت ٺهرائڻ خاطر اتي بيٺل وڻ وڍيندو هو، تنهن کي نقصان رسندو هو، پر شاه صاحب کي ڪجهه ئي ڪو نه ٿيو؛ ٻيو ته عبدالواسع شاهه جي ان اڻ – سهائيندڙ هلت سببان (شاهه لطيف جي رنجش جي ڪري) ٽن پيڙهين کانپوءِ سندس اوالد ۾ گادي ختم ٿي ويئي ۽ اها ڦري محمد صلاح شاهه جي اولا ۾ آئي (لطائف لطيفي، ص30-33). سانگي عمارت جي اندر واري اها جاءِ ڄاڻائي آهي جتي ’لطيف‘ جي نالي واري سر هنئي وئي هئي، پر ’درگاهه ڪريمي‘ واري سر جو ذڪر ڪو نه ڪيوآهي. ان سر جي ڪَتبي واري معنيٰ مان ظاهر آهي ته اها درگاهه جي ٻاهرئين صحن واري مکيه دروازي تي لڳل هوندي، پر پوئين دور ۾ ڪنهن مرمت وقت لاهي رکيائون ۽ وري ڪا نه هنيائون. البت اها اڃان تائين محفوظ ڪري رکيل آهي. شروعاتي تحقيق دوران سنه 1968ع ۾، ۽ وري ٻيهر تازو سيپٽمبر 1987ع ۾، راقم اها سر ڏٺي ۽ ان جو فوٽو ورتو. درگاهه جي مجاور حاجي صوف ميمڻ ان سر کي سنڀاليو آهي. هيءَ سر شاهه عبداللطيف جي هٿن جو وڏو يادگار آهي، جنهن کي وڏي احتياط سان محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com