دانش
ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ممتاز عالم سيد حسام الدين راشديءَ جي
ڪوشش سان، تڏهوڪي ايران سرڪار اسلام آباد ۾ برصغير
۾ اسريل فارسي علم ۽ ادب جي اڀياس لاءِ هڪ تحقيقي
مرڪز قائم ڪيو. هن مرڪز ابتدائي ايامڪاريءَ دوران
ئي وڏي پيماني تي اشاعت جو ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ
مڃايو. ايراني انقلاب جي آغاز ڌاري ان جون
سرگرميون ماٺيون ٿي ويون، پر پوءِ وري تحقيقي
اڀياس کي تيز ڪيو ويو ۽ برصغير ۽ ايران ۾ ٿيل
فارسي ادبي اوسر بابت، سنجيده ڪم ڪرڻ لاءِ رسالو
”دانش“ جاري ڪيو ويو. هي جرنل سه ماهي آهي ۽ اهو
ٻن ٻولين يعني اردو ۽ فارسيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڇپجي
ٿو. پهريان ان جو ايڊيٽر سيد عارف نوشاهي هو ۽ هن
وقت ادارت جا فرائض ڊاڪٽر سيد سبط حسن رضوي سنڀالي
ٿو. هيل تائين ”دانش“ جا ڪل ارڙنهن پرچا نڪري چڪا
آهن.
تبصري هيٺ آيل ”دانش“ جو پرچو نمبر 17 ۽ 18 آهي، يعني ته هي
گڏيل پرچو ڇپيو ويو آهي. پهريون حصو فارسي مقالن
تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هندپاڪ کان علاوه ايراني
اسڪالرن جا مضمون به شامل ڪيل آهن. هنن مقالن ۾
فارسي ادبيات جي حوالي سان، نهايت ئي مستند ۽
معياري گفتگو ڪيل آهي. هي مضمون پڙهندي غالب،
صائب، تبريزي، هند ۾ ايراني خوشنويسن ۽ بنگال ۾
فارسي ادب جي عنوانن تي معياري معلومات ملي ٿي.
ٻيو حصو اردو ۾ لکيل مقالن تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾
ٽي مقالا نمايان اهميت رکن ٿا. پهرئين مضمون ۾
”حافظ ۽ پاڪستان“ بابت ڊاجڪٽر سبط حسن رضويءَ بحث
ڪيو آهي؛ جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي زبان جي حوالي سان،
حافظ بابت تمام گهٽ گفتگو ڪيل ڏسجي ٿي. ٻيو مضمون
مير خادم حسين ٽالپر جو آهي، جنهن ۾ سنڌي غزلن تي
خواجه حافظ جي اثر بابت تحقيق ڪيل آهي. ان بعد
ٽيون مقالو ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا
ڪتبا“ عنوان سان ڏنل آهي. هن مقالي جو ليکڪ
نوجوان محقق تاريخدان غلام محمد لاکو آهي. هي
مقالو اڳ ۾ ئي رسالي مهراڻ (1-1989ع) ۾ ڇپيو هو،
جنهن کي مصنف خود اردو زبان ۾ منتقل ڪيو آهي. ٽيون
حصو متفرقات بابت آهي.
جرنل ”دانش“ ۾ هند پاڪ جي فارسي ادب کان علاوه، سنڌ جي حوالي
سان پڻ چند معياري مقالا ڇپيا آهن. انهن ۾ سيد
حسام الدين راشدي مرحوم جا ٻه مفصل مضمون به شايع
ٿيا، جي غلام محمد لاکو ۽ عبدالرسول قادري صاحب،
رسالي مهراڻ ۾ ترجمي ذريعي ڇپي چڪا آهن. بلاشبـﮧ
سيد حسام الدين راسدي مرحوم، هند پاڪ جي فارسي ادب
۾ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي. رسالي ”دانش“ جو هر پرچو
۽ ان جا ورق، هن حقيقت جي اضافي شاهدي ڏين ٿا.
الله تعاليٰ مٿن رحمت ڪري.
- محمد قاسم سومرو
آشڪار- 1
شمارو: پهريون. (تحقيقي جرنل)
ڇپائيندڙ: سچل چيئر- شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
سائيز ڊيمي: ڊيمي صفحا 136- قيمت 00-45 روپيا.
”سچل چيئر“ (سچل سرمت تحقيقي مرڪز) جي طرفان، تحقيقي جرنل جي
اشاعت جو هيءُ پهريون ڪتاب ”آشڪار“
جي نالي سان ڇپيو آهي. سچل چيئر جي پاران- 1989ع
کي سچل سال قرار ڏنو ويو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ”سچل
سيمينار“ – 1989ع؛ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾
منعقد ٿيو، جنهن ۾ نه صرف سنڌ، بلڪه سموري ملڪ مان
برک اديبن، محققن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا
تحقيقي مقالا حضرت سچل سائينءَ جي فڪر و فن تي پيش
ڪيا.
هن تحقيقي جرنل کي نوجوان سُڄاڻ شاعر ”اياز گل“ نهايت سليقي سان
ترتيب ڏنو آهي ۽ محمد علي حداد بطور ٻانهن ٻيلي،
هٿ ونڊايو آهي. ”آشڪارا“ تحقيقي جرنل جي اِشاعت جي
سلسلي ۾، سچل چيئر جي صلاح ڪار محقق ۽ دانشور
ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جون ڪوششون به قابل تعريف
آهن.
حضرت سچل سائينءَ تي جيترو به ڪم ٿيو آهي، اُن کي نگاهه ۾ رکندي
ڏٺو وڃي ته هيءُ شمارو سچل سائينءَ جي فڪر و نظر،
سندس شاعري، اُسلوبِ بيان، ٻولي ۽ انهيءَ دور جي
حالتن بابت مختلف ۽ جامع تحقيقي مقالن تي مشتمل
آهي. حضرت سچل سائين جي وحدت جي وائي، يا ”حق
موجود- سدا موجود“ مان اها مراد آهي ته حق ۽ سچ،
هميشـﮧ قائم آهي؛ باقي ناحق، جبر، بدديانتي، بي
انصافي ۽ رياڪاري انسانيت لاءِ هاڃيڪار آهي. آغا
سليم جو مقالو ”وحدت الوجود جو انقلابي ڪردار“
انهيءَ ڪڙيءَ جو هڪ نمونو آهي. ان کانسواءِ سچل
سائين پنهنجي دور ۾ انگريزن جي آمد ۽ پرڏيهين جي
پرماريت متعلق پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي اشارا ۽ ڪنايا
پيش ڪيا آهن. انهن جو تفصيل جناب حبيب الله صديقي
پاٽائي صاحب جي مقالي ”سچل تاريخ جي روشني ۾“ ۾
بيان ڪيل آهي.
سچل سائينءَ جي فارسي شاعري متعلق، جناب پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي
”شوق“ صاحب جو مقالو ”حضرت سچل سرمست- سنڌ جو
عطار“ نهايت ئي تحقيقي ۽ معلوماتي مقالو آهي.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو مقالو
به سچل جي فارسي شاعري بابت آهي. بنده جو مقالو
پڻ- ”سچل ۽ فريد الدين عطار“ جي عرفاني فڪرتي آهي.
حضرت سچل سائين عطار لاءِ فرمائي ٿو:
دَر دُرونِ سينـﮧ يا بَم بُويِ يار،
شقد مُعَطرّ جانِ من از شـﮧ عَطار-
(مان پنهنجي سيني جي اندر يار جي خوشبو محسوس ڪريان ٿو- منهنجو
روح شهنشاه عطار مان واسجي ويو آهي). محترم ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي جو مقالو: ”سچل سرمست جي فارسي
داني ۽ وصلت نامه“ بابت آهي. جناب ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي جو مقالو: ”سچل جي شعر جو لساني
جائزو“ سچل سائينءَ جي ٻولي، محاوري ۽ ادبي خوبين
کي نروار ڪري ٿو.
انهيءَ جي علاوه ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽
ٻين جا تحقيقي ۽ معلوماتي مقالا آهن. ميان غوث
محمد پيرزاده گوهر صاحب پنهنجي قلمي نسخي ”بياض
القادر“ مان سچل سائين جا 8 ڪلام ۽ هڪ قصيدو هٿ
ڪيو آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. قصيدو، تحقيق
طلب آهي ۽ سيد ثابت علي شاهه جي قصيده سان ٺهڪي
اچي ٿو.
هيءُ ڪتاب آفيسٽ تي سنڌي ادبي بورڊ پريس ڄامشورو شايع ڪيو آهي ۽
ڪتاب جي سرورق تي سچل سائينءَ جي درگاهه جو ڏيک،
چوڏهينءَ جي چانڊاڻ سان، نهايت وڻندڙ ۽ دلڪش انداز
۾ ”اياز گل“ ورتو آهي. اسڪولن، ڪاليجن، خانگي
لائبريرين، استادن ۽ شاگردن لاءِ هن ڪتاب جو هئڻ
مفيد آهي.
- پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري
جهڙا گل گلاب جا
ٻارڙن لاءِ شاعري ڪرڻ، ان حوالي سان مختلف آهي ته ادب جي هن
حساس ترين صنف تي قلم کڻڻ لاءِ نه صرف ٻارن وانگر
معصوم هجڻ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي سوچ
کي به ان سطح تائين کڻي وڃڻو پوندو آهي ته جيئن
اهو احساس نه رهي ته ٻارن لاءِ ڪو وڏو ماڻهو سوچي
پيو يا ٻارن لاءِ سوچيل ۽ چيل ڳالهه ٻارن جي ذهني
سطح کان مٿي آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي سنڌ ۾ گهڻو
ته نه پر جيڪو ڪجهه به ٻارن لاءِ لکيو ويو آهي ان
جي جيڪڏهن تمام گهڻي واکاڻ نٿي ڪري سگهجي پر پوءِ
به اهو ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ذوالفقار
سيال، ادل سومري، اياز گل، اڪبر جسڪاڻي، نصير
مرزا، نياز پنهور، مختيار ملڪ ۽ ٻين ان ڏس ۾ تعريف
جوڳو قدم کنيو آهي.
ٻارن کي ڪيل شاعري جي ٿورن نالن ۾ وقت بوقت ڪي جوان سندرو ٻڌي
ميدان ۾ لهندا آهن، پر بدقسمتيءَ سان ڪو به مسلسل
ٻارن لاءِ ڪو نه ٿو لکي ان ڪري هر دفعي تجربا ئي
ٿين ٿا ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو ادب جو هن صنف ۾
اسان مالا مال نه ٿي سگهيا آهيون. اهڙن ئي تجربن ۾
تازو محترم اقبال شينو هڪ همت ڀريو قدم کنيو آهي ۽
ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”جهڙا گل گلاب
جا“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
اڄ جي دور ۾ جڏهن انسان کي پنهنجي پاڻ لاءِ سوچڻ جو به وقت نه
آهي، ڪو ويهي ٻارن لاءِ سوچي 7 ان تي عمل ڪندي
شاعري جو ڪتاب پڌرو ڪري، ساراهه جوڳي ڳالهه آهي ۽
ڀاءُ اقبال شينو به اهڙي تعريف جوڳي ڪم ڪرڻ لاءِ
کيرون لهڻي. پر ٻارن جو معاملو اهڙو ته نازڪ آهي
جو هن راهه تي تمام ننڍي غلطي به وڏي غلطي بڻجي
ويندي آهي، تنهن ڪري آءٌ هتي پهرين شاعر ڀاءُ جي
ڪتاب ۾ رهجي ويل خامين تي ڳالهائيندس ۽ پوءِ ئي
چڱاين جو ذڪر ڪندس.
ڏهه روپيا ڪنهن به ٻاراڻي ڪتاب لاءِ مناسب ان ڪري نٿا سُجهن ڇو
ته هن ڪتاب جا گهڻا پڙهندڙ ڳوٺن جا اهي غريب ٻار
آهن، جن لاءِ ڏهه روپيا ڀرڻ ڪافي مشڪل آهي. ”جهڙا
گل گلاب جا“ کي کڻي ڏسبو ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه پروف
جون غلطيون رهجي ويون آهن، جن کي اميد ته ٻئي دفعي
درست ڪيو ويندو. جيستائين شاعريءَ جي مواد جي
ڳالهه آهي ته ان ڏس ۾ صرف هڪڙي ننڍڙي شڪايت اها
آهي ته ڪجهه نظم ايڏا ته ڊگها آهن ۽ ڪن نظمن جا
قافيه ۽ رديف ايڏا ته طويل آهن جو نه صرف پڙهڻ ۾
ڏکيائي ٿي ٿئي بلڪه ڪٿي ڪٿي ته بوريت ۽ ورجاءَ
واري ڪيفيت جو احساس پڻ ٿئي ٿو. باقي شاعر جي
خيالن جي تعريف نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته
شاعريءَ ۾ نه صرف ٻارن جي تفريح جو خيال رکيو ويو
آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو پڻ خيال رکيو ويو آهي ته
ٻارن کي اڄڪلهه جي حالتن پٽاندر سوچ جو رستو
ڏيکارجي ته جيئن اڳتي هلي هو ٻاٽ اونداهيءَ ۾ ڪو
روشن ڪرڻو ثابت ٿي سگهن.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ استاد بخاريءَ ٻارن لاءِ لکيو آهي ته اڄ جا ٻار
خواب ۾ به راند بدران ويڙهه ۽ امن عيوض جنگ ڏسندا
هوندا.... پر دوستو، اسان جي شاعر ڀاءُ اقبال شينو
ٻارن کي راندئي راند ۾ صحيح رستو ۽ امن ج ينعري ۾
نفرتن کان نفرت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.
ڪٿي ڪٿي شاعر راند ئي راند ۾ ڪي سمجهه ڀريا نڪتا ٻارن جي ذهنن
۾ هميشـﮧ لاءِ چٽي ٿو ڇڏي جيئن ”جهولو“ نظم ۾ چوي
ٿو ته:
”پينگهه چڙهي اڄ پاڻ پچايون
ڦاهيون کائي ديس بچايون.
صرف ائين به ناهي ته شاعر صرف هڪ استاد ٿي بيٺو آهي پر هو ٻارڙن
جو دوست به آهي ۽ سندن وندر لاءِ ”چاچي واري چلم“
۽ ”انتر جنتر“ جهڙا نظم به لکيا اٿس. خاص طور تي
هڪ ٻار لاءِ ماءُ ڪيتري نه اهميت رکي ٿي ان جي
احساس به شاعر کي بخوبي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي
جو هن ٽي چار نظم ماءُ ۽ ٻار جي عظيم ۽ اٽوٽ رشتي
تي لکيا آهن ۽ ماءُ جي اُتم پيار کي خراج عقيدت
پيش ڪيو اٿس جيئن:
پياري مٺڙي جيجل امان
لوڏي لولي ڏيم ته سُمهان
مختصر طور ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته سنڌي ادب ۾ ٻارن جي صنف
تي لکندڙن ۾ اقبال شينو جو نالو اميد ته نمايان
جڳهه والاريندو.
- سنتوش ڪامراڻي
سوريءَ مٿي سيڻ
واجد ناز جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي انهن نوجوان شاعرن ۾ ٿئي ٿو،
جيڪي اميجينيشن جي ڪوهيڙي ۾ ڦاسي زندگيءَ جي تلخ
حقيقتن کان منهن ناهن موڙيندا. بلڪ سندن سِٽ سِٽ
مان سچ ائينن ڦٽي نڪرندو آهي، جيئن سورج نڪرڻ لاءِ
پهرئين ان جا ڪرڻا اوڀر اُڀ مان ڪٽارن جيان پکڙجي
اونداهي جي چادر کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندا آهن؛
جن وٽ زندگيءَ جون ڪڙيون سچايون پاڻ هلي اينديون
آهن.
”سوريءَ مٿي سيڻ“ به واجد جي اهڙن ئي جذبن ۽ احساسن سان ٽمٽار
غزلن جو اهڙو ئي وهه جو پيالو آهي، جنهن کي واجد
چپن تي رکي سيني ۾ اُتاريو آهي، ۽ ڄڻ پوءِ اها
سچائي غزلن جو روپ ڌاري ڪاغذن جي ڌرتي تي ڪيڪٽس جي
ٻوتن جيان اُڀري پئي آهي. هتي مثال لاءِ مان سندس
غزلن جا ڪجهه بند اوهان جي خدمت ۾ نه فقط پڙهڻ
لاءِ اتاريان ٿي، بلڪ غور ڪرڻ لاءِ پڻ گذارش ڪريان
ٿي:
هي ڪهڙو ڪيو آهي موسم قهر،
جنازا جنازا لڳي ٿو شهر.
-
هيل سردي گهڻي پئي آهي،
هر ٽاري ڇڻي پئي آهي.
-
اِئين خالي ٿي مِل مان هو نڪتو،
مينهن واڙي مان ڄڻ ڏُڀي نڪتي.
-
سَچُ رڳو لافاني آهي،
باقي هر شئي فاني آهي.
-
اونداهي هر دور اندر،
روشن منهنجي ڏات رهي.
مٿيان سمورا شعر لکندي، مون کي واجد جي غزلن جي ڳٽڪي ”سوريءَ
مٿي سيڻ“ ۾ ڳولا ناهي ڪرڻي پئي، مگر اهڙا ڪيترائي
شعر سندس هر غزل جي ڳٽڪي ”سوريءَ مٿي سيڻ“ ۾ ڳولا
ناهي ڪرڻي پئي، مگر اهڙا ڪيترائي شعر سندس هر غزل
۾ بهار جي موسم ۾ ٽارين تي ٽڙيل گلن وانگر نظر
آيا.
سوريءَ مٿي سيڻ ”ساڃهه پبليڪيشنس“ پاران ڇپايل هڪ بيحد قدر لائق
سوکڙي آهي. ڪتاب جي سائيز ڊيمي آهي. صفها 68 آهن.
ڪتاب جو ٽائيٽل چئن رنگن ۾ مختيار جو ڊزائين ٿيل
آهي ۽ قيمت ٻارنهن رپيا آهي. سوريءَ مٿي سيڻ لاشڪ
جديد سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن ۾ هڪ قابل قدر اضافو
آهي.
- رضيه طارق
ba |