جوتواڻي موتي لال: ”شاهه عبداللطيف- هز لائيف اينڊ ورڪ“
يونيورسٽي آف دهلي، 1975ع ص- 143.
عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ (جلد ٻيو) نيو فيلڊس
پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص – 65.
عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ شاهه عبداللطيف ثقافتي
سوسائٽي ڪراچي 1976ع ص- 159.
ايضاً ص- 166.
عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ (جلد ٻيو) نيو فيلڊ پبليڪيشن
حيدرآباد 1985ع ص- 65.
قاضي جاويد: ”برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا“ نگارشات لاهور 1986ع،
ص- 73.
عباسي تنوير: (مرتب) ”سچل سرمست“، سچل سرمست يادگار ڪميٽي
خيرپور 8/ 1988ع ص- 80
سي- ايف- اسبورن، ڪي- آر- لاجنتي، اي- آر- لوٿر: ”بلها شاهه“
شيخ مبارڪ علي، لاهور ص 84.
عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“، شاهه عبداللطيف ثقافتي
سوسائٽي ڪراچي، 1976ع ص- 165.
جُهڪر جو دڙو
امام راشدي
انهيءَ ۾ ڪو به سڪ ناهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم
ترين تهذيب ڄاتي وڃي ٿي. اهڙا هزارين اهڃاڻ سنڌ جي
ڌرتيءَ تي موجود آهن، جن جي قدامت جو اندازو کوجنا
مان لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم تهذيب جو چٽو
ثبوت، ”موهن جو دڙو“ آهي، جيڪو پنج هزار سال پراڻي
تهذيب جو پختو دليل آهي.
سنڌ ۾ ٻيا به اهڙا سوين ماڳ، مڪان، دڙا ۽ ويران وسنديون موجود
آهن، جن ڏانهن اڃان آثارِ قديمه جي ماهرن جو ڌيان
نه ويو آهي. پر جي ڌيان ڏنو ويو به آهي ۽ خوش
قسمتيءَ سان انهن جي ڪا کوٽائي يا کوجنا وغيره به
ڪرائي وئي آهي، ته پوءِ اها بلڪل اڻپوري ۽ نامڪمل
آهي، جنهن مان ان هن جي صحيح حقيقت جو اندازو
لڳائي نٿو سگهجي.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو هڪ اهڙوئي ماڳ، ”جهُڪر جو درو“ به
آهي، جيڪو پنهنجي سيني ۾ هزارن سالن جي تهذيب ۽
ثقافت جا انمول موتي سانڍيو ويٺو آهي، جيڪو زماني
جي بي حسي ۽ آثارِ قديمه وارن جي عدم توجهي تي
ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.
جهُڪر جو درو، لاڙڪاڻي کان ڇهه ڪلوميٽر، اولهه ۾ انڊس هاءِ وي
جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هن رستي سان ڏيهي توڙي
پرڏيهي سياحن جو گذر اڪثر ٿيندو رهندو آهي، جيڪي
هن تاريخي ماڳ کي نهايت دلچسپيءَ سان ڏسندا ته
هوندا، پر افسوس جو هندڙي جي اڻپوري کوٽائي ۽ مڪمل
تحقيق ۽ اتي رهائش وغيره جو ڪو بنوبدست نه ڏسي
مايوس ٿي هليا ويندا آهن.
جُهڪر جي دڙي بابت تاريخي حوالا گهڻا نه ٿا ملن، ۽ نه وري هن
دڙي جي ڪا تسليءَ جوڳي تاريخ ئي ملي ٿي، جنهن مان
هن دڙي جي قدامت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي. البت
هيءَ راءِ بلڪل صحيح ڄاتي وڃي ٿي ته هيءُ دڙو،
موهن جي دڙي کان پوءِ برباد ٿيو. يا جُهڪر جو دڙو
۽ موهن جو دڙو ٻئي همعصر آهن.عام راٰءِ هيءَ آهي
ته موهن جي دڙي جي ڦٽڻ کان پوءِ، ”جهُڪر“ جو شهر
آباد ٿيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته، موهن جي دڙي جي
تباهه ٿيڻ کانپوءِ ساڳين ماڻهن اچي جحوڪر جو شهر
ٻڌو، ۽ اتي به ڌارين جي حملي، ٻوڏ، وبائي بيماري،
ڏُڪار يا ڪنهن ٻئي اهنج ڪري هي وسندڙ شهر به ويران
۽ تباهه ٿي هجي:
حقيقت ۾ جهُڪر جو دڙو، سنڌو سڀيتا جي آخري دور سان تعلق رکي ٿو.
مسٽر ايڇ. ٽي لئمبرڪ، پنهنجي ڪتاب”سنڌ- هڪ عام
جائزو“ ۾ لکي ٿو ته ”اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته
لال ڇَتي ۽ مشاق جي ٻيٽاون ماڳن تان هڪ قسم جا
ٺڪر- ٿانوَ هٿ آيا آهن، جي ٿلهي ليکي جهُڪر ۽ لوهم
جي دڙن مان لڌل ٿانون جو سَن آهن. پويان ٻئي دڙا،
کوٽائي ڪرائيندڙ صاحب جي خيال ۾ سنڌو سڀيتا جي
آخري دور سان واسطو رکندڙ آهن.“ (1)
لئمبرڪ جي انهيءَ حوالي مان ظاهر ٿيو ته جهُڪر جودڙو، موهن جي
دڙي کان پوءِ جو آهي.
اها ڳالهه مڃيل آهي ته موهن جو درو، هڙپا يا ٻيون قديم تهذيبون
دريائن جي ڪناري تي آباد هيون، ڇو ته انسان جي
زندگيءَ لاءِ اناج، چراگاهه ۽ پاڻي وڏي اهميت رکن
ٿا. قديم زماني جا رهاڪو به پنهنجي زندگي گهارڻ
لاءِ، دريائن جي ڪنارن تي رهڻ پسند ڪندا هئا، ته
جيئن پنهنجي ۽ پنهنجي مال جي لاءِ زراعت، چراگاهه
۽ پاڻيءَ جو انتظام آسانيءَ سان ڪري سگهن.
قديم دور ۾ سنڌو ندي جهڪر جي ڀرسان وهندي هئي يا سنڌو نديءَ جو
هڪ ڦاٽ، جهڪر جي دڙي وٽان لنگهندو هو. ان کان
علاوه هڪ سَڙڪ آڳاٽي زماني ۾، بولان لڪ کان نڪرندي
هئي. اها سرڪ اڳتي هلي ٻن سڙڪن ۾ ورهائجي ويندي
هئي.هڪ اروڙ کان ٿيندي، ملتان تائين ويندي هئي.
سنڌ ۾ هن سڙڪ ذريعي ٻاهران ڪيتريون ئي قومون آيون.
هن سڙڪ سان، ٻين ملڪن ۽ شهرن ڏانهن وڻج واپار
ٿيندو هو. ممڪن آهي ته جهڪر جو شهر ان وقت ۾ آباد
هجي ۽ پوءِ ڦِٽو هجي! هن سڙڪ جا اهڃاڻ اڄ به ڪيترن
هنڌن تي موجود آهن. (2)
جهڪر جي دڙي جي پکيڙ ڪيترن ئي ايڪڙن تي مشتمل آهي. چيو وڃي ٿو
ته گهڻن مينهن پوڻ سبب هن دڙي جا ٻه حصا ٿي ويا
آهن. هي هڪ ئي درو هو. هينئر ٻنهي درن جي وچ ۾
تقريباً ٻه سؤ فوٽ مفاصلو ٿي ويو آهي. پهريون ننڍو
دڙو 17 فوٽ بلند ۽ هموار آهي. ٻيو وڏو 63 فوٽ مٿي
آهي. ٻنهي دڙن جي اولهه م هڪ ننڍو ڳوٺ ”مِنو ديرو“
آهي. ڳوٺاڻا هنن ٻنهي دڙن کي جداجدا نالن سان
سڏيندا آهن. وڏي کي ”جهُڪر جو دڙو“ ۽ لنڊن کي
”وِلهيءَ جودڙو.“ چيو وڃي ٿو ته وِلهي راڻي هئي،
جيڪا جهڪر راجا جي ڀيڻ هئي. انهن ٻنهي ڀاءُ- ڀيڻ
جي نالن پٺيان هي ٻئي مشهور آهن. وِلهيءَ جي دڙي
جي ڪجهه حصي جي کوٽائي ٿيل آهي، جيڪا جهڪر جي دڙي
جي کوٽائيءَ سان گڏ ڪئي وئي هئي. جهڪر جي دڙي جي
نالي بابت ڪئين انومان، ويچار ۽ روايتون ملن ٿيون،
جنجو جائزو هيٺ پيش ڪنداسين. پر پهريائين اچو ته
انهن تاريخي شهرن جو پس منظر ڏسون، جيڪي قديم
زماني کان سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود آهن.
حقيقت ۾ ڪو به شهر ڪنهن شخصيت جي نالي سان منسوب هوندو آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ جيڪي ٻاهريون قومون آيون،
تن پنهنجي نالن سان هتي شهر آباد ڪيا. جيئن ”اُر“
کان آيل قوم جي نالي سان ڪيئي شهر مشهور آهن.
جهڙوڪ، ڪشمور، اروڙ، ڀنڀور وغيره. ڏٺو وڇي ته جهڪر
به ان ۾ شامل آهي. خيال آهي ته هي شهر به انهي4
دور جو ”اُر“ کان آيل قومن جو ئي ٻڌايل آهي، جنهن
سبب اڄ تائين مشهور آهي. (3)
پهرين روايت: ”گهڻين برساتين پوڻ سبب دڙي جو ڪافي حصو جهڪي پيو
۽ ان ڪري اهو ’جهڪر جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو“. (4)
ٻي روايت: ”هن شهر ۾ جهڪر نالي راجا راڄ ڪندو هو ۽ انهيءَ ڪري
’جهڪر جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو.“ (5)
ٽين روايت: ”هي شهر راجا دلوراءِ جي دور جو آهي. دلوراءِ پنهنجو
خزانو هن شهر ۾ پورايو هو. انهيءَ ڪري شهر جو نالو
’جهڪر‘ پئجي ويو.“ (6)
چوٿين روايت: ”جهڪر ۽ نَڙَ ٻه ڀائر هئا ۽ ٻئي ڀائر هن شهر جا
رهندڙ هئا. آڳاٽي زماني ۾ سنڌو ندي جهڪر شهر جي
ڀرسان وهندي هئي. ان جي بار بار پائڻ سبب هي شهر
ويران ٿيندو رهيو. آخر ماڻهن هتان لڏڻ شروع ڪيو ۽
جهڪر جي دري کان ڪجهه پنڌ تي اولهه طرف، هڪ هنڌ
اچي رهيا ۽ گهر اڏي ويٺا. پر اتي به هو گهڻو وقت
نه رهيا. ان جڳهه کي ”نَڙ جو دڙو“ نالو ڏنو ويو.
اڄ به نَڙ جو دڙو، جهڪر جي دڙي کان اَٺ ڪلوميٽر
پري ڳوٺ ”خيرپور جوسو“ ۾ واقع آهي. هينئر ڪي آثار
دڙي جا موجود آهن.
نَڙ بابت چيو وڃي ٿو ته ”سنڌ ۾، ”نڙاڻي تُنيا“، راجا نڙ جي
اولاد مان آهن. اڄ به، ’نڙاڻي تُنيا‘، تينا قوم ۾
هڪ معزز گهراڻو ڄاتو وڃي ٿو.“ (7)
”حقيقت ۾ سنڌو تهذيب جون وسنديون، حملي ڪندڙ ”آرين“ ئي تباهه ۽
برباد ڪيون. جيڪي سنڌ ۾ ٻاهران آيون، انهن ماڻهن
کي ٽن گروهن، سيميٽري. ايڇ، جهڪر ۽ جهانگر وغيره ۾
ورهايو ويو. انهن ٽنهي گروهن کي ”آريا قبيلا“ قرار
ڏنو ويو. انهن چيو وڃي ٿو ته هنن سنڌو ثقافت جي
ماڻهن کي لٽي برباد ڪيو. انهن ماڻهن کي ”دراوڙ“
قرار ڏنو ويو.“(8)
”آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته هڙپا ۾، سيميٽري. ايڇ جي
ماڻهن ۽ موهن جي دڙي جي جهڪر ماڻهن حملو ڪري، سنڌو
سڀيتا جو انت آندو. اهي حملو ڪندڙ ڪير هئا؟ هنن
اهو نظريو ڏنو، ته اهي دهقاني، آريا ماڻهو هئا.
سيميٽري. ايڇ، جهڪر ۽ جهانگر جا ماڻهو پاڻ به سنڌو
سڀيتا جا ماڻهو هوندا هئا. ان سڀيتا جو ڪن سببن جي
ڪري زوال ٿيو هو.“ (9)
مٿين روايتن ۽ حوالن مان معلوم ٿيو ته ”جهڪر“ نالي هڪ قوم هئي،
جيڪا موهن جي دڙي ۽ ٻين ماڳن تي رهندڙ هئي. جيئن
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته موهن جو درو ۽ جهڪر جو دڙو
ٻئي همعصر آهن. يا جهڪر، موهن جي دڙي کان پوءِ جي
دور جو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته جهڪر قوم، جهڪر جي شهر
۾ رهندڙ هجي ۽ اهو شهر پنهنجي دور جو وسندڙ شهر
هجي، جيڪو سنڌو دريا جي ڪناري تي آباد هو ۽ پوءِ
ڌارين جي حملي، ٻوڏ، ڏڪار، ۽ بيماريءَ يا ڪنهن ٻئي
اَهنج ايذاءَ جي ڪري هن شهر جي رهواسين کي هي شهر
ڇڏڻو پيو هجي پوءِ هي شهر ويران ٿي دڙي جي صورت ۾
تبديل ٿيو هجي! يا وري موهن جي دڙي جي تباهيءَ کان
پوءِ اتان جا ماڻهو اچي هتي رهيا هجن، جن ۾ جهُڪر
قوم به شامل هئي ۽ انهيءَ مناسبت سان هن شهر تي
”جهڪر“ نالو پيو هجي. اڃا ٻيو سبب هي به ٿي سگهي
ٿو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ”موهن جي دڙي جي
جهڪر ماڻهن حملو ڪري سنڌو سيتا جو انت آندو.“ ممڪن
آهي، ته انهيءَ جهڪر قوم، هن شهر تي به حملو ڪري،
هتان جي ماڻهن کي لٽيو، ڦريو ۽ تباهه ڪيو هجي.
مٿين روايتن ۽ حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته جهُڪر هڪ قوم هئي،
جيڪا سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ هئي. خيال آهي ته جهُڪر
جي دڙي تي، جهڪر نالو به انهيءَ قوم جي مناسبت سان
پيل آهي، جيڪو صدين کان اڄ تائين هلندو اچي.
مسٽر لئمبرڪ وري لکي ٿو، ”فاتح قوم جي ماڻهن جو موهن جي دڙي ۾
آباد ٿي ويهڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، حالانڪه اُهي
جهڪر، لوهم جي دڙي ۽ چانهوءَ جي دڙي جي ويران
سرزمين آباد ٿي ويا هئا. سنڌو تهذيب جي هن شاهه
شهر کي هنن طرفان ائين نظرانداز ڪرڻ جو سبب اهو ٿي
سگهي ٿو ته هنن کي سابق دارالحڪومت واري شهر جي
آسپاس پوکيءَ راهيءَ جا ڪي آثار نظر نه آيا هوندا.
جيتوڻيڪ انهن ماڻهن لاءِ هيءُ اندازو ئي ڪري سگهجي
ٿو ته انهن جي زندگيءَ جي طرز نيم خانه بدوشيءَ
واري هئي ۽ اهي فقط پنهنجي مال جي ڌڻن مان ٿيندڙ
اُپت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي ڪڏهن ڪڏهن زراعت ڪندا
هئا. انهن حملي آور ماڻهن جي دور جا، جن کي اسان
”جهڪر وارن لوڪن“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا، جيڪي قديم
اوزار مليا آهن، انهن جو گهڻي کان گهڻو تعداد ۽
گهڻي کان گهڻا مختلف نمونا چانهونءَ جي دڙي مان
دستياب ٿيا آهن ۽ اهي بلوچستان جي پري پري تائين
منتشر ٿيل هنڌن مان هٿ آيل شين سان به مماثلت رکن
ٿا.“ (10)
لئمبرڪ جي انهيءَ ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته جهڪر ڪنهن ماڳ جو
نالو آهي، جتي ٻاهران آيل فاتح قومن پنهنجو آستانو
قائم ڪيو هجي. انهن ٻاهران آيلن موهن جي دڙي ۾ به
رهڻ پسند نه ڪيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جهڪر اڳ ۾ به
موجود هو: شهر جي صورت ۾ يا وري ويران وسنديءَ جي
صورت ۾. لئمبرڪ جي ان ڳالهه مان اها ثابتي پڻ ملي
ٿي ته جهڪر، موهن جي دڙي کان پوءِ جو آهي. انهيءَ
وقت موهن جو دڙو تباهه ٿي چڪو هو ۽ يا وري صفا
ويران ٿي ويو هو، جو ٻاهرين قومن هن شهر کي
نظرانداز ڪري، ٻين هنڌن تي رهڻ پسند ڪيو.
باقي دڙي تي خزاني، جهُڪي پوڻ يا جهُڪر راجا جي نالي سبب، ان تي
نالو پوڻ اِهي محض روايتون آهن، پر جيستائين ڪا
واضح صورتحال نظر اچي، تيسين انهن روايتن کي به رد
نٿو ڪري سگهجي. اڃان تحقيق ۽ کوجنا جي ضرورت آهي.
اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي بنيادن تي تحقيقي
ڪم ٿي رهيا آهن. ”جهڪر جو دڙو“ به هڪ اهڙوئي ماڳ
آهي جنهن جي مڪمل کوٽائي ۽ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ئي
پتو پئجي سگهندو ته هي دڙو ڪيترو پراڻو آهي.
مسٽر لئمبرڪ جي انهيءَ ڳالهه سان اسان کي متفق ٿيڻو پوندو ته
جهڪر، ڪو ماڳ هو، جنهن جي ڪري هي دڙو صدين کان،
انهيءَ نالي سان سڏبو اچي ٿو. باقي جهڪر هڪ قوم
هئي، جيڪا آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هئي، نهايت
وزندار ڳالهه آهي. اسان کي اها ئي ڳالهه بلڪل درست
لڳي ٿي، ڇو ته ڪنهن به قوم يا شخصيت جي مناسبت سان
شهر ٻڌايا ويندا آهن. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو
پوندو ته جهڪر هڪ قوم هئي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ ۾
رهندڙ هئي. جهڪر تي نالو به انهيءَ مناسبت سان پيل
آهي.
جهڪر جي دڙي جي سڀ کان پهريائين کوٽائي، انگريزن جي دور ۾، سن
1935ع ۾ آثار قديمه جي ماهر مسٽر اين- ايم- مجمدار
ڪرائي هئي، جتان کيس ٺِڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا ۽
ڪجهه مهرون ۽ ٻيون شيون به مليون، جن لاءِ چيو وڃي
ٿو ته اهي گپتا خاندان ۽ سفيد هُوڻ جي دور سان
واسطو رکن ٿيون.
مسٽر لئمبرڪ جهڪر مان لڌل شين بابت لکي ٿو ته ”پنجين صدي
عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ اُتر الهندي هندستان ۾
ايراني اثر وري بحال ٿيل نظر اچي ٿو. اها ڳالهه
جهڪر جي لڌل ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل شڪلين مان نظر
اچي ٿي.“ (11)
مسٽر مجمدار جي کوٽائيءَ کان پنجاهه سال پوءِ 73- 1974ع ۾ آثار
قديمه وارن هن دڙي جي ڪجهه حصي جي ٻيهر کوٽائي
ڪرائي، جنهن مان ڪيتريون ئي اهڙيون شيون مليون
آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته موهن جو دڙو ۽ جهڪر جو
دڙو هڪ ئي تهذيب جا شهر هئا. اهڙي شهادت، مسٽر
لئمبرڪ جي هن حوالي مان پڻ ملي ٿي ته ”اپر سنڌ ۾
لاڙڪاڻي کان ڪجهه ميل اولهه طرف جهڪر وٽ وٽ هڪ
قديم آثار جي قريبي زماني سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ
ساڳيءَ نوعيت ۽ ساڳيءَ شهادت وارا سڪا لڌا ويا
آهن. اتي واسو ديوَ جا سڪا لڌا ويا آهن، پر انهن
سڪن کان وڌيڪ تعداد ۾ اهي مخصوص شڪل ۽ صورت جا سڪا
مليا، جيڪي موهن جي دڙي واري (اسٽوپا) جي قريب
ڪُشن گهراڻي جي زوال واري دور سان واسطو رکندڙ
آهن. ان کان سواءِ هنن سڪن جهڙا ڪي سڪا يا ته ٺڪر
جي انهن مهرن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا ان سان گڏ مليا،
جن تي گپتا دور جي اکرن ۾ ڪجهه تحرير ٿيل هو، جيڪو
شايد پنجين عيسوي صديءَ جي زماني کان گهڻي قدامت
جا ناهن.
جهڪر وارين کوٽاين مان مليل چيزن جي شهادتن جي وڌيڪ جاچنا ڪرڻ
کان اڳ ۾، هيءَ ڳالهه بهتر ٿيندي ته انهيءَ دور ۾
زيرين سنڌ ۾ ظاهر ٿيل واقعن ۽ حالتن تي جيتري قدر
به انهن جو سراغ ملي سگهي، غور ڪرڻ گهرجي.“ (12)
”جهڪر جي دڙي جي کوٽاين مان مليل شهادتن مان اهو اندازو ڪري
سگهجي ٿو، ته هوڻ حمله آور، شِرا جا پوڄاري بڻجي
پيا هئا. پر هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ٿي نه ٿو سگهي،
ته انهيءَ سڄي ڊگهي زماني ۾ سنڌ جا عام ماڻهو
مجموعي طور ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪندڙ هئا. (13) جهڪر
جي دڙي جي کوٽائي مان معلوم ٿئي ٿو، ته جاين جي
اڏاوت ڪچين سرن سان ٿيل آهي، تڏهن ته موهن جي دڙي
جي جاين ۽ بين قديم لڌل آثارن جي جاين جي اڏاوت
پڪين سِرن سان ٿيل آهي. جهڪر جي دڙي مٿان هڪ
اسٽوپا نما ٺُل ٺهيل آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته ڪا
محلات، عبادتگاهه يا ٻي ڪا عمارت هجي. يا وري جيئن
ته گوتم ٻڌ جي جن ٺُلن ۾ رکي وئي ۽ انهن کي
يادگار طور اسٽوپا جو نالو ڏنو ويو. اهڙا اسٽوپا
سنڌ ۾ اڃا به گهڻن حصن ۾ موجود آهن. ٿي سگهي ٿو،
ته هيءُ ٺل به اسٽوپا هجي.
جهڪر جي کوٽائي مان هڪ وڏي دروازي جا ٺهيل ٺل به نظر اچن ٿا ۽
شهر جي چوڌاري ڏنل ديوار، عالم پناهه جا آثار پڻ
مليا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن شهر کي
ڌارين جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ چوڌاري عالم
پناهه ڏنل هئي.
مشهور انگريز محقق، مسٽر وار وِڪ بِري
(Warwick bray) ۽ مسٽر ڊيوڊ ٽرمٽ
(David Trump) پنهنجي ڪتاب
(A Dictionary Archaeology)
۾ لکي ٿو ته جهڪر جودڙو پٿر جي
پوئين زماني جو ڪلچر آهي، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب مِٽجڻ بعد سنڌ جي ڪن حصن ۾ وجود ۾ آيو. هن
جو بهترين مثال چانهوءَ جو دڙو آهي. جهڪر مان هٿ
آيل شين مان، سنڌو تهذيب، بلوچستان ۽ وچ اوڀر واري
تهذيب جي جهلڪ ملي ٿي. آخري تهذيب جي نشاني مُهرن
جي صورت ۾، ٽامي جي ٽاچنين ۽ ڪهاڙي جي ڦر جي صورت
آهي. هي ڪلچر ٻي صدي عيسويءَ جي وچ واري حصي جو ئي
آهي.“ (14)
مٿين ڪجهه روايتن ۽ حوالن پڙهڻ کانپوءِ اهو يقين سان چئي سگهجي
ٿو ته ”جهڪر جودڙو“ محض ڪو مٽيءَ جودرو ناهي، بلڪه
هتي ضرور قديم زماني جي تهذيب ۽ سڀيتا دفن آهي.
انهيءَ لٽيل تهذيبي خزاني کي نروار ڪرڻ لاءِ ضروري
آهي، ته حڪومت ۽ آثار قديمه کاتو هن طرف توجهه
ڏئي. روزبروز پوندڙ برساتون، سم ۽ ڪلر هن دڙي کي
نهايت تيزيءَ سان تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهن.
جيڪڏهن هن دڙي جي حفاظت لاءِ ڪي اُپاءَ نه ورتا
ويا، ته هي دڙو بلڪل ختم ٿي ويندو. پر جيڪڏهن
مستقبل قريب ۾ حڪومت جي طرفان اهڙو قدم کنيو ويو ۽
هن دڙي جي مڪمل کوٽائي وغيره ڪئي وئي، ته هن جڳهه
تان ضرور دفن ٿيل تاريخ جو نئون باب نروار ٿيندو.
باقاعده تحقيق ۽ تلاش اسان کي حقيقت جي تهه تائين
وٺي ويندي. ممڪن آهي، ته موهن جي دڙي جيان، هتان
به ڪو تاريخي ۽ ثقافتي خزانو نڪري نروار ٿئي، جيڪو
سنڌي قوم جي قديم ثقافت جو اُهڃاڻ ثابت ٿئي، جنهن
تي سنڌواسي فخر محسوس ڪن.
حوالا
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ- ’سنڌ هڪ عام جائزو‘ صفحو 138، سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو سنڌ.
سماجي، ثقافتي سنگت نئون ديرو ۾، نئون ديري شهر بابت ڇپجندڙ
ڪتاب، ”نئون ديري جا نوان ۽ پراڻا ورق“ جي مواد
لاءِ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان ڪرايل شهر
بابت ليڪچر.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ”شڪارپور- ماضي ۽ حال“ صفحو 10،
پبليڪيشن ڪميٽي جشن شڪارپور 1984ع.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ صفحو 26،
ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو.
ايضاً- صفحو 26
ايضاً- صفحو 26 ۽ 27.
هيءَ روايت نامياري ليکڪ، اديب ۽ ڊرامه نويس محترم روشن علي
تنيو صاحب ٻڌائي.
ايم. ايڇ. پنهور، ”سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت“
صفحو 152، ٽه ماهي مهراڻ 2/1984ع (سنڌي ادب
سيمينار نمبر) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
ايضاً- صفحو 172.
ايضاً- صفحو ايڇ. ٽي لئمبرڪ، ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ صفحو
88، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
ايضاً- صفحو 213.
ايضاً- صفحو 109.
ايضاً- صفحو 118.
‘A Dictionary of Archaeology’ Warwick Bray, and David Trump.
۽ ڪجهه رسالن، ڳوٺاڻن ۽ ادب دوستن کان مليل معلومات تي لکيل.
فڪر لطيف جا چند نقطا
مخدوم غوث محمد پيرزادو
عام طور چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اُمي (اڻ
پڙهيل) هو. پر هيٺين حقيقتن جي آڌار تي شاهه صاحب
کي اڻ پڙهيل ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟
اهو ثابت آهي ته شاهه عبداللطيف رحه قرآن شريف فارسي ترجمي سان،
جنهن جون قرآني آيات ڪاري مس سان، ۽ فارسي ترجمو
ڳارهي مس سان، قلمي نسخو شاهه صاحب پاڻ سان کڻندو
هو.
مثنوي مولانا روم رحه جي، جيڪا ميان نور محمد ڪلهوڙه حاڪم سنڌ،
شاهه صاحب کي خوشخطي ۾ تحرير ٿيل تحفه طور ڏني
هئي، سا پاڻ سان کڻندو هو.
ڪلام ڪريم، پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام رساله پاڻ
سان کڻندو هو. اها ڳالهه مستند ۽ ٺوس پايه ثبوت تي
پهتل عام ۾ مڃيل آهي.
شاهه صاحب ۽ مخدوم ”محمد“ ڪوٽڙي محمد ڪبيري واري درميان خط و
ڪتابت رهندي هئي، ۽ شاهه صاحب جو ڪوٽڙي محمد ڪبير
۾ اچڻ ۽ صحبتون مشهور آهن.
مخدوم محمد، ڀٽائي صاحب جو همعصر ۽ هم راز، هم نواله ۽ هم پياله
هم آهنگي ۾ هم رنگ، تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل ۽ رچيل
هئا. ڀٽائي بيٺڪ، ڀٽائي وارو لئو، يعني لئي هيٺان
بيٺڪ جا نشان ۽ اهڃاڻ اڄ به ڪوٽڙي محمد ڪبير جي آس
پاس زبان زد عام آهن.
شاهه ڀٽائي جا فارسي خط سندس هٿ اکر تحرير شده، ڊاڪٽر حامد علي
خانائي اسان جي ڪتبخانه الڪبير اڪيڊمي ۾ ڏٺا هئا.
اهو چشم بديد گواهه بقيد حيات موجود آهي. افسوس
آهي جو اهي نهايت قيمتي خط زماني جي دستبرد جي ڪري
ضايع ٿي ويا آهن!
مخدوم محمد جو قطه ولادت ۽ وصال جو هن طرح آهي.
مخدوم محمد بن مخدوم عزت الله بن مخدوم رحمت شاهه احناد (پوٽو)
شيخ محمد ڪبير بن محمد بن محمود بن عصمت الله بن
تقي بن ابوبڪر بن حضوري هارون بن اسحاق بن قيس.
بسلسله خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه
تاريخ استمرار ابر و باران که مشهور
به سي است غيبم و فتنه سن 1052هه
مخدوم زمان آن عالم دوران دانشور
ازين دارالفنا و رحلت سوئي دارالبقا کرد
رسيد در فلک آواز خاص و عام نيک و بد
که امروز از جهان شد حاتم و رحلت سخا کرد
زمانه جست از سالار تاريخ وفات او
روان گفتا که مسند خالي از جود و عطا کرد
تذڪره راوي آهي ته شاهه لطيف کهڙن جي ٻاهران اچي منزل انداز
ٿيو. مخدوم محمد دعوت ڏياري موڪليس.
شاهه صاحب بيت لکي موڪليو ته:
اڄ نه آيس آئون، صبح ايندس سپرين،
توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کُهين جو.
شاهه لاءِ مشهور آهي ته پڙهيل نه هو، ليڪن تذڪري جو مؤلف لکي ٿو
ته:
”شاهه صاحب اين بيت سندي، نوشته فرستادند“- (1) حديقـﺔ
الاولياءَ- تاليف: سيد عبدالقادر بن سيد محمد
تتوي- تصحيح سيد حسامالدين راشدي. ص- 23 ۽ 24.
ٻي روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم معين درميان علمي
بحث و مباحث جي خط و ڪتابت رهندي هئي.
مفتاح العلوم، ”مثنوي مولوي معنوي، هست قرآن در زبان پهلوي“.
مولانا جلال الدين ”رومي“ کان شاهه صاحب متاثر ٿي.
ان نموني مماثلت ۾ ڪيئي شعر چيا آهن. ان مان هڪ
شعر بطور نموني ضروري پيش ڪجي ٿو:
بشنو از ني چون حکايت ميکُند
وز جدائيها شکايت ميکُند- ”رومي“
بانسري کان ٻڌ ڪهڙو حال ٿي ڪري،
هجر ۽ فراق جي ڪهڙي شڪايت ٿي ڪري.
مٿيون شعر يا بيت، مماثلت ۽ هڪ جهڙائيءَ جي پهلو کان هڪ جهڙو
مثالي آهي. هي بيت اصل ۾ گنج شريف جي سرود مان
پهريون بيت آهي. هاڻوڪن رسالن ۾ ترتيب تبديل ڪري
اصليت کان روگرداني ڪئي وئي آهي. ان ۾ مصلحت ڪهڙي
آهي، اها حقيقت نو مؤلف ٻڌائي سگهندا.
سر سهڻي جي داستان پهرين جي پڇاڙي ۾ ڏنل وائي جو منڍ هي آهي:
”ڪهڙي منجهه حساب، هوئڻ منهنجو هوت ري“ اڪثر شاهه
صاحب ذومعنيٰ جو ڏاڍو ڪوڏيو هو. گهڻن ئي جاين تي
ساڳين ساڳيا لفظ آڻي ٿو، جن جو جدا جدا معنيٰ پئي
نڪري. جيئن ته سر سهڻي جي داستان پنجين ۾ (جا هَڙ)
جاهڙ اندر جي ساهڙ ڏني ساهه کي. ساهڙ ڇڙي نه ساهه
جي- ساهڙ ساهڙ ريَ- ساهڙ ميڙ سَميِعَ- ته ساهڙ ڇڏي
ساهه جي. بعضي وري ساڳي سٽ ۾ اهڙا لفظ اچن ٿا، جن
جي منڍ ۾ اکر هڪڙي اچار وارو آهي. گهڻو ڪري ڪلام ۾
ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي. اهو رستو اهڙو سٺو پيو لڳي جو
ويٺو ٻڌجي. بعضي ته هڪڙي مصرع جا اڌ يا ڪو ڀاڱو
ڪيترن ئي بيتن ۾ ٻيءَ پٺيءَ وري وري ٿو اچي. يا
پهرين مصرع ۾ يا پوئين مصرع ۾ جي تمام گهڻو خبر
ڏين ٿا. بعضي وري بيتن ۾ ٻين جي بيتن جون مصراعون
يا ڀاڱا تضحن وانگر اچن ٿا ۽ ان شاعر جي نالو اتي
جو اٿي ثابت ڏسجي ٿو. جهڙي طرح سارنگ جي داستان
ٽئين ۾- مند ٿي منڊل مَنڊيا، موٽي آيو مينهن، لال
پرين لکمير چوي ساري سارو ڏينهن، جن سين نيڻن لايو
نيهن، سي پرين پيهي گهر آئيا. اهڙيءَ طرح ساڳي سر
جي داستان چوٿين ۾ ڍٽ ڍري پٽ پيئي، وِڄنِ ڪيا
ورنَ- اونهي ٿي عيسو چوي- ڇاڇر سڀڪا ڇن. جي محب
اندر مونمن، سي پرين پيهي گهر آئيا. وري ابڙي جي
داستان چوٿين ۾ موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيو مَ
جيڏيون، نهارينديس نڪري آرياڻي البت، سرتي شراڪت،
آئون ڪيئن آگن سين ڪريان. اهڙيءَ طرح جوڻي ۽ محمود
جي بيتن جون مصراعون به آيل آهن ۽ عنايت جو نالو
به ڪن بيتن ۾ آيل آهي. اهوعنايت، جاني ڏيري جو پٽ
۽ شاهه صاحب جو مريد هو، جنهن جا بيت شاهه کي به
وڻندا هئا. پر ڪي چون ٿا ته شاهه صاحب پنهنجا بيت
ٺاهي محبت کان عنايت جو نالو وڌو آهي. جيئن
ڪوهياري جي داستان ٽئين ۾- زر خريديجتن جي هي گولي
بندي ڏاه، آجپڻ عنايت چوي هٿ آرياڻي آه- سو مون سڏ
سُهاءِ، جيئن ٻانهي ڪوٺن ٻاجهه سين.
شاهه صاحب جدا جدا سرن ۾ جدا جدا مضمون آندا آهن ۽ گهڻو ڪري
عاشقن جون ڳالهيون ۽مزي جهڙا قصا جن جو اڳي به سنڌ
۾ رواج هو، پنهنجي ڪم آندا آهن. جيتوڻيڪ سڀ ڳالهه
مان خاص مطلب ۽ حقيقي مدعا اها ساڳي آهي، مگر
جداجدا ڳالهين جي وسيلي علحده علحده رنگن ۽ ويسن ۾
ظاهر ڪري ڏيکاريو اٿن. انهن قسن ۾ جيڪي عاشق آهن،
تن جي واتان ڄڻ چيل آهي. ٻڌندڙ ائين ڀائيندو ته
شاهه يا شاعر پاڻ نٿو چوي. پر اهو عاشق ٿو چوي، ڄڻ
ته شاعر ۽ عاشق ٻئي هڪ آهن. منجهن ڪا به جدائي ڪا
نه آهي. انهيءَ ڪري شاهه جي ڪلام ۾ اهڙو اثر ٿو
ٿئي جو ٻڌندڙ درد ۾ ڳريو وڃي ۽ شاعر جي انهي سوز
واري خيال ۾ محو ٿيو وڃي، جيڪا خاصيت تعريف ڪرڻ
جوڳي آهي. سا اها ساڳيو مطلب جدا جدا لفظن ۾ جدا
جدا ماڻهن جي واتان پيو نڪري ۽ سڀ جي وڃيو مولا جي
عشق تي بيهي. سڄي رسالي ۾ اهڙو اسرار و رموز ڀريل
آهي.
جيئن صوفين جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ هرجاءِ حاضر آهي، اهو
نُڪتو شاهه صاحب جدا جدا عاشقن جي واتان ظاهر
ڪرائي ٿو، جيئن مومل چوي ٿي ته:
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چوڏِس چٽاڻو،
راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو نانهن ڪي.
سهڻي چوي ٿي ته:
لڏيندي لباس، جتن جيڏو ڪيو،
اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس،
جي مرون کانئم ماس، ته به هڏ هلندم هوت ڏي.
مولانا جلال الدين رومي رحه پنهنجي ڪتاب بنسبت چيو آهي ته:
مثنوئي ماد کان وحدت پست- وحدت اندر وحدت اندر وحدت هست
مثنوي المعنوي المولوي- هست قرآن در زبان پهلوي
من چه گويم وصف آن عاليجناب- نيست پيغمبر ولي دارد کتاب
رحمت الله برجنازه مولوي- داد قرآن را لباس پهلوي
علم اهل دل نه از مکتب بود- بلک از تلقين خواصه رب بود
بي کتاب و بي حساب و بي اديب- اوليانرا حق کند علم نصيب
اهڙيءَ طرح صوفين جي قول موجب اسلامي مذهب جي سڀڪنهن ڳالهه جون
ٻه معنائون آهن: هڪڙي حقيقي يا باطني، ٻي مجازي
يا ظاهري، جنهنڪري ثابت ڪري سگهجي ٿو ته دين اسلام
اصل حقيقت تي ٻڌل آهي، ته ظاهري تقليد تي.اها
حقيقت ساڳي تصوف واري آهي نه ڪا ٻي، ۽ اسان جو نبي
الڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم پاڻ وڏو صوفي آهي،
تنهنڪري ڪاملن جي لاءِ عروج ۽ نزول جون ٻه حالتون
مقرر ٿيل آهن. پهرين حالت وصال جي ۽ ٻي فراق جي
آهي. پهرين وصف ۾ صوفي حق يا حق جو جزو آهي ۽ ٻي ۾
هو انسان نالي آهي. اها پهرين حالت عروج يا جلاليت
جي هئي، جنهن موجب حضرت محمدڪريم عليـﮧ الصلواه
والسلام پاڻ چٽائي سان فرمايو آهي ته:
لِي مَعَ اللهِ حَالاَت حَالَتاً انَا هُوَ وَهُوَ اَنا-
حَالَتاً اَناَ اَنَا وَ هُوَ هُوَ، يعني الله
تعاليٰ سان آئون ٻن حالتن ۾ گذاريان ٿو. هڪڙي حالت
۾ آئون هو آهيان، ۽ هو آئون آهي؛ ٻي حالت ۾ آئون
آئون آهيان، ۽ هو هو آهي. اهو ساڳيو محمد ڪريم صلي
الله عليـﮧ وسلم فرمايو آهي ته: مَن رَاُنِي رَاءَ
الحَقَ، يعني جنهن مون کي ڏٺو، تنهن ڄڻڪ الله جل
شانه کي ڏٺو.
لاَ فرقَ بِيِني وَ بَينَ رَبي، يعني منهنجي ۽ منهنجي رب جي وچ
۾ ڪو به تفاوت ڪونهي.
اَنَا اَحَمَدُ بِلاَ مِيمِي، يعني آئون احمد ميم کان سواءِ
آهيان، يعني احد آهيان.
اهي سڀ جذبي ۽ جلاليت واريون حالتون پهرين جون گفتارون هيون.
وري ساڳيءَ طرح رسول ڪريم عليـﮧ الصلوات و السلام هو، جنهن جي
زبان گوهر فشان مبارڪ کان هي جملا نڪتا:
اِنَماَ اَنا بَشَر مِثلُکُم، يعني آئون توهان جهڙو ماڻهو
آهيان.
لاَ اَعلَمُ الغَيبَ وَلاَ اَقولُ لَڪُماِني مَلڪُ، يعني مون کي
غيب جي خبر نٿي پوي، نڪي آئون اوهان کي چوانٿو ته
آئون ملائڪ آهيان.
لاَ اِلـٰﮧ اِلاَّ اللهُ وَحدَه لاَ شَريڪَ لَـﮧ وَ مُحَمَّد
عَبدُه و رَسُولُه، يعني الله هڪڙو آهي، ۽ انهيءَ
کانسواءِ ٻيو ڪونهي. نڪو سندس ڪو شريڪ آهي ۽ محمد
سندس ٻانهو ۽ پيغام رسائڻ وارو آهي.
اهي سڀ انسانيت واري ٻي حالت جي نسبت جون ڳالهيون آهن. سڀني
صوفين جو مطلب متو به اهو ئي آهي. حقيقت ڪري سڀني
مشائخن ۽ درويشن ۽ خدا رسيده ٻانهن کي اهي ٻه
پهلودار ڳالهيون هونديون آهن. هو هڪڙي ساڳي حالت ۾
ڪين رهندا آهن، لاها چاڙها هنن لاءِ ضروري به آهن.
ڪڏهن حقيقت ۾ محو هوندا آهن. ڪڏهن مجاز ۾ مشغول هوندا آهن.
انهن بنسبت شيخ سعدي شيرازي چيو آهي ته:
گهي بر طارم اعليٰ نشينم
گهي بر پشت پائي خود نه بينم
اگر درويش بريک حال ماندي
سردست دو عالم برفشاندي
اهي تصوف جي اسرار واريون رمزون آهن، جن بابت شاهه عبدالطيف قدس
الله سره پنهنجي رسالي ۾ ڪافي اشارا آندا آهن.
اگرچه خلاصو صوفين جي حڪمت بابت ٻن سرن ڪلياڻ ۽
يمن ۾ ۽ آسا ۽ رامڪلي ۾ ذڪر آندو آهي، جيڪو رسالي
جي آخرين ٻن سرن ۾ اشارا موجود آهن. پر تڏهن به
اندروني مطلب سموري رسالي جو اهو ئي آيو آهي.
جهڙي صورت ۾ مولانا جلال الدين رومي رحه قرآن کي فارسي لباس
پهرائي زينت وارو ڪيو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ ساڳئي
نموني شاهه صاحب سنڌي ويس ۾ دُرُيگانو ڳائي، ان کي
رسالي جي طرز ۾ آڻي، ظاهر ڪيو آهي. اهو شاهه جي
ڪلام جو فن ڪمال معراج واري منزل وارو آهي. اهو اڻ
ڄاڻ ۽ اڻ پڙهيل امي جو ٿي ٿي سگهي؟
شاهه صاحب ٿو فرماي: جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين، وڃيو
لُنئن لائين، پريان سندي پار ڏي.
شمع ٻاريندي شب، پره باکون ڪڍيون
موٽ مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ ربّ
تنهنجي تاتِ طلب ڪانگ اڏايم ڪاڪِ جا.
چڙهيا چارئي يار سوڍا شڪاري
فڪر سان ڦٽي ڪئي سوڍي سوپاري.
ويا ڪاهيندا ڪاڪِ ڏي جت مومل موچاري
موٽيا نه ماري ڪنورَ لتاڙي ڪاڪ جا.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور
هڻي حاڪمن کي ٻسٽ نهاري ٻور
گهوٽ پهرين گهورَ جي وياسي وڍيا.
مومل ماري مير، آهيڙن کي آ ڪري
سوڍي گهڻا سهايا، پڙهيا پنڊت پير
هڻي تن کي تير، مڻيا جن مٿن ۾.
گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
مضمون تيار ڪرڻ ۾ مددي ڪتاب.
مفتاح العلوم، مثنوي مولانا جلال الدين رحه رومي
رساله شاهه ڀٽائي، مسميٰ به انوار الاهي، قلمي قاضي فقير محمد،
المتخلص ”قانع“ خلف مرحوم مغفور قاضي علي بخش ساڪن
روهڙي شريف 1895ع.
شاهه جي رسالي جا سرچشما 1972ع.
حديقـﺔ الاولياءَ، تاليف سيف عبدالقادر بن سيد محمد تتوي
تصحيح سيد حسام الدين راشدي ص23- 24.
ذاتي مشاهدي ۽ مطالعي مان تخيل تجويز ڪيل.
الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير مان مواد ورتل.
ba |