سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:9 

باب ڏهون

دلچسپي جون جڳهون

 

سنڌوماٿري جي تهذيب بابت احوال هن گزيٽيئر جي آرڪيالاجي واري باب ۾ ڏنو ويو آهي. سنڌوماٿري جي تهذيب کي ڳولهڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ شايد ويهين صدي عيسوي ۽ آرڪيالاجي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي ڇاڪاڻ ته ان تهذيب جي اصلي معنيٰ ۽ حد کي ايستائين مڃتا حاصل نٿي جڏهن 1922ع ۾ موئن جو دڙو جي کوٽائي شروع ٿي. ان تهذيب جي تشريح ڪرڻ هن وقت به وڏي حد تائين ڌڪي تي ٻڌل آهي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪا لکت ملي آهي ۽ ٻين مليل شاهدين جي بنياد تي ڪابه قطعي راءِ قائم نه ڪري سگهيا آهيون.

ڪريمر جو تازو ڪتاب ”دي سميرينز“، جيڪو 1956ع ۾ شايع ٿيو. شايد ان امر طرف اشارو ڪري ٿو جنهن سنڌو ماٿري جي تهذيب کي متاثر ڪيو. هن مهل تائين 60 هنڌن تي کوٽائي ڪئي وئي آهي جنهن مان اڪثر سنڌيا پاڙيسري علائقي بهاولپور ۾ آهي. هي تهذيب شمله ٽڪرين جي پيرن روپر کان وٺي عربي سمنڊ جي سامونڊي علائقي ڀرسان سٽڪگن دور تائين اٽڪل هڪ هزار ميلن تائين ڦهليل آهي. ان تهذيب جا ٻه اهم شهر هڙپا ۽ موئن جو دڙو آهن. اها تهذيب سمير تهذيب سان مشابهت رکي ٿي جنهن ۾ راڄڌاني، واپاري شهر ۽ ننڍا شهر ۽ واپاري ۽ بچاءَ جون چوڪيون شامل آهن. هن مهل تائين رڳو ٻه وڏا شهر، شايد شهري رياستن جا مُک شهر، لڌا ويا آهن پر اڃان به وڌيڪ ڳولها ٿي سگهي ٿي جيئن لڌل شاهديون انڪشاف ڪن ٿيون. سمير ۽ سنڌو ماٿري تهذيبن جي هڪجهڙين شين ۾ نادار مهرون ۽ تصويري لکڻي نقش آهن جيڪي موئن جي دڙي جي حوالي سان (Cuneiform) جا آڳاٽا نمونا معلوم ٿين ٿا. ان تهذيب جا ٽي مُک شهر جيڪي اڳوڻي سنڌ ۾ کوٽايا ويا آهن اهي موئن جو دڙو، چنهو دڙو ۽ آمري آهن. انهن ٽن جڳهن جو ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو.

موئن جو دڙو جا آثار ڏوڪري ريلوي اسٽيشن کان اٽڪل 9 ميلن جي مفاصلي تي آهن. ڏوڪري اتر- اولهه ريلوي جي ڪوٽڙي- سکر سيڪشن تي واقع آهي ۽ ڪراچي کان پنج سؤ ميل ۽ لاڙڪاڻي کان 34 ميل پري آهي. ان جي ويجهو ضلعي هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو آهي جيڪو اولهه پاڪستان جي سنڌ جي علائقي ۾ واقع آهي. موئن جي دڙي جو علائقو خاص طور ڪشش ڀريو يا تفريحي نه آهي. اهو تراکڙو لوڻياٺو غيرآباد علائقو سنڌوندي جي لڳ آهي ۽ جيڪڏهن ان کي بند ٻڌي الڳ نه ڪيو ويو ته ممڪن آهي ته لڌل آثار ڪڏهن مٽجي وڃن. اصلي حقيقت اها آهي ته لوڻ سان ڀريل هوا سبب پراڻي سر تيزي سان ڀُري رهي آهي ۽ جيڪڏهن اها سوچ ڪئي وئي ته لڌل آثارن يا کوٽائي کي موجوده حالتن ۾ محفوظ ڪيو وڃي ته سڀ کان بهتر طريقو ان جي مٿان ڍڪ تعمير ڪرڻا پوندا. ائين ڪرڻ سان لوڻياٺي هوا جي اثر کان انهن آثارن کي بچائي سگهجي ٿو.

سنڌوماٿري جي تهذيب جي کوٽائي مان ٽن ثقافتي سوالن جنم ورتو آهي. پهريون تهذيب جي واڌ ۽ ويجهه وقت موئن جو دڙو ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ انسان ڪير هئا؟ ٻيو اهي ڪٿان آيا ۽ هتي آباد ٿيا؟ ۽ ٽيون ته مهرن تي ملندڙ لکت جو بنياد ڪهڙو هو ۽ ڪهڙي ٻولي ۾ نقش اڪريل آهن؟ پهريون ته انسانن سان لاڳاپيل حالتن جي سلسلي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪي ڍانچا مليا آهن اهي نسلي نمونن ڏانهن اشارو ڪن ٿا ۽ جانورن جا ڍانچا ٻڌائن ٿا ته ان وقت ماڻهو ۽ گهرو پالتو جانور ڪهڙين حالتن ۾ رهندا هئا. ٻيو ته اصليت جي لحاظ کان ڪريمر جو بيان ٻڌائي ٿو ته سنڌوماٿري جي ماڻهن جو اچڻ يا ڪاهه، جيڪو ڪجهه به هيو، ۽ هيٺاهين ميسو پوٽيميا ۾ سميرين جي اچڻ ۾ مشابهت آهي. سميرين جي اسريل رياست زوري گهڙي ايندڙ ماڻهن جو نتيجو هئي جيڪي شايد (Transcucasia) جي (Alpines) کان هتي آيا ۽ مقامي ماڻهن سان رلي ملي ويا ۽ شايد نسلي طور ڀونوچ (Mediterranean) هئا جن جون ٻه شاخون هيون، هڪ ايران کان ۽ ٻي جو واسطو اولهه سان هو جيڪي اصليت جي لحاظ کان سامي (Semitic) نسل جا هئا. جيئن ته سامي نسل جا ماڻهو گهڻائي ۾ هئا انڪري اڪد جي بادشاهت ۾ انهن جي حڪمراني قائم ٿي. ڪريمر پنهنجي بيان ۾ سارگون جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جي دور ۾ اڪد بادشاهت گهڻي ترقي ڪئي ۽ اهو دور 2350 قبل مسيح جو هو. موئن جو دڙو 2500 ق.م کان 1500 ق.م ۾ واري دور ۾ ترقي ڪئي. ان سلسلي ۾ وقت جو اندازو عمارتن جي مرحلن مان لڳايو ويو آهي. جيڪي مختلف نسلن تعمير ڪيون. اهي ست مرحلا آهن ۽ ان مرحلي جي پهرين عمارت ڪٿي تعمير ڪئي وئي ان بابت اندازو اڃان تائين نه لڳايو ويو آهي. ميسو پوٽيميا جي (Cuneiform) نموني جو اسريل نمونو سارگون جي وقت ۾ سڀني کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ اها موئن جو دڙو جي لکڻي جي همعصر آهي. لکڻي ۽ ٻولي جنهن ۾ اها لکي وئي آهي تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته ان کي اکرن جي تعداد کي، جيڪي استعمال ڪيا وڃن ٿا، اڍائي سؤ کان وڌيڪ نشانن ۾ گهٽائي نٿو سگهجي. اسٽورٽ پگٽ مطابق لکڻي پنهنجي ترقي جي آخري مرحلي ۾ هئي. هي چئي ٿو، ”ان سلسلي ۾ اسان جيڪڏهن ميسو پوٽيميا تي نظر وجهون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سميري بادشاهت جي شروعات واري لکڻي ۾ نَوَ سؤ اکر استعمال ڪيا ويا. اروڪ بادشاهه جي دؤر ۾ انهن اکرن جو تعداد ٻن هزارن تائين وڃي پهتو.“ هي وڌيڪ چئي ٿو ته هڙپا تهذيب جي ترقي جي بيهجي وڃڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته عظيم شهرن جي ڊگهي قبضي جي دؤران ان لکڻي ڪابه ترقي نه ڪئي. اهڙو ڪوبه نقش نه مليو آهي. جنهن تي ويهه يا ويهن کان وڌيڪ نشان هجن. عالم ان امرتي متفق نظر اچن ٿا ته ٻولي کي ساڄي کان کاٻي طرف پڙهي سگهجي پيو اسٽورٽ پگٽ جو اندازو قبول ڪرڻ لائق آهي. هي چئي ٿو ته هڙپا جي لکڻي منفرد ۽ دخل ڪندڙ آهي. ان جي ميسو پوٽيميا جي آڳاٽي لکڻي سان مائٽي لکڻي جي مصري نظام سان مشابهت رکي ٿي. اها سمير کان بلڪل مختلف آهي پر شايد ڳالهائيندڙ ٻولي جي حيثيت ۾ ان کان متاثر ٿي هجي. جنهن حالت ۾ اسان ان کي ڏسون ٿا ته لکڻي تصويري آهي پر اها شروعاتي مرحلي جي ته آهي ڇاڪاڻ ته اها شروعاتي تصويري لکڻي کان اسريل آهي. ميسو پوٽيميا جي (Cuneiform) جي ابتڙ ان هڪ خاص مرحلي کان وڌيڪ ترقي نه ڪئي آهي. ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هڪ هزار سالن کان هڪ هنڌ بيٺي آهي. ان تحقيق جي نتيجي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سميري جو بنياد موئن جو دڙو جي لکڻي تي آهي ۽ اهو فرض يا اندازو نه آهي ته سنڌوماٿري جي لکڻي شروعاتي مرحلي تي ترقي ڪئي ۽ ان ۾ ڪجهه مقامي تبديليون آيون، شايد اهو نمونو جنهن سنڌو ماٿري جي مليل جليل آبادي ۾ ٽين صدي قبل مسيح جي پڄاڻي وقت ترقي ڪئي. جنهن ٻولي ۾ لکڻي لکي وئي آهي جيڪا آخري طور سميري ٻولي مان نڪتل آهي يا اها مقامي مليل جليل آبادي جي ملڻ سان ٻولي ٺهي آهي جيڪا آبادي ايران ۽ اولهه يوروپ جي فردن تي مشتمل هئي ۽ اهو ڀونوچ سمنڊ جي آسپاس آباد ماڻهن سان مليا. آخري حالت ۾ اها ٻولي هڪ ئي ڪٽنب سان واسطو رکي سگهي ٿي جيئن ننڍي کنڊ جون جديد دراوڙي ٻوليون آهن.

موئن جي دڙي مان لڌل کوپڙين ٽڪرا عام نه آهن. سرجان مارشل جي ڪتاب ”موئن جو دڙو ائنڊ دي انڊس ويلي سولائيزيشن“ ۾ لڌل کوپڙين جو هيٺين لفظن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. (1) موئن جو دڙو مان لڌل کوپڙين ۽ تازو فنا ٿيل کوپڙين ۾ نين نسل ۽ يورپ ۾ تاريخ جي زماني کان اڳ هالئنڊ ۽ اتر آفريقا جي وچ ۾ ويجهي مشابهت آهي جنهن جي (Cernial) موڪرائي 1400 کان 1500 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر آهي.  (2) ڀونوچ نسل جون کوپڙيون 6،7،9،10،19 ۽ 26 آهن. انهن کوپڙين بابت چيو وڃي ٿو ته اهي اصلي ڀونچ نسل کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ لڌل کوپڙين جي مثالن مان بلوچستان علائقي مان لڌل نال کوپڙين سان هڪجهڙائي ۾ آهن. هينئر جيڪي انگ اکر اسان وٽ آهن انهن مطابق اسان وٽ ٽي شاهديون آهن جن جو ان قسم سان تعلق آهي. انهن ۾ هڪ مرد ۽ ٻه عورتون آهن. مرد ½4-5 جڏهن ته عورتون ڪجهه ننڍيون هيون ۽ هرهڪ ½9-4 ۽ ½4-4 هيون. (3) (Alpine) نسل کوپڙي 13 ب جي منگوليائي شاخ، کوپڙي ڪجهه خاصيتن واري آهي ۽ اسان ناگا کوپڙي جا ٻئي رخ ۽ آڏو وارا منظر ڏنا آهن. ٻنهي وچ۾ ويجهي هڪجهڙائي سبب ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن جي نسلي اصليت ساڳي آهي.(4) Alpine- چار کوپڙيون. اهو اندازو ٿئي ٿو ته چارئي کوپڙيون (Alpine) نسل سان تعلق رکن ٿيون. ان کان سواءِ وڌيڪ اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ۽ اسان ان حيثيت مان نه آهيون ته اها دعويٰ ڪري سگهون ته اهي (Alpine) نسل جي ڪهڙي شاخ سان تعلق رکن ٿيون. ان ننڍي شاهدي مان ڪنهن قطعي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي جيئن موئن جو دڙو جي آبادي جي سلسلي ۾ ڪڍي سگهجي ٿو، پر حقيقت جي لحاظ کان شايد ڀونوچ نسل جون کوپڙيون بي انداز آهن جڏهن ته ٻي نمبر تي (Alpine)، ۽ اهو اندازو لڳائڻ يا فرض ڪرڻ درست ٿيندو ته موئن جو دڙو جي آبادي ۾ ٻئي نسل اهميت جا مالڪ هئا. ان اندازي کي ائين به هٿي ملي ٿي ته موئن جو دڙو جا ماڻهو (Alpine) نسل مان هئا جن جي سميرين سان مشابهت هئي ۽ اهي ڀونوچ ماڻهن سان ملي ويا جيڪي اڳي ئي سنڌوماٿري ۾ آباد ٿي چڪا هئا. انهن سميري نسل جي اولهندي شاخ کان پڻ اثر قبول ڪيو جيڪي بلوچستان ذريعي آيا بلوچستاني ۽ سنڌي ثقافت کي هڪٻئي سان ملايو. سنڌوماٿري کان اڳ آمري جا آثار ٻڌائن ٿا ته اولهه کان ماڻهو اچي سنڌوماٿري ۾ آباد ٿيا.

جيستائين جانورن جي لاشن جو تعلق آهي. سرجان مارشل جي ڪتاب ”انڊس ويلي سولائيزيشن“ ۾ ڊاڪٽر سوئيل چئي ٿو ته جانورن جا 39 قسم لڌا آهن. انهن مان اڪثريت گهريلو يا پالتو جانورن جي آهي جڏهن ته ٻين ۾ وحشي جانور شامل آهن جيڪي ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ ان وقت موجود هئا جڏهن موئن جو دڙو شهر جي حيثيت ۾ وڌي رهيو هو يا ان وقت جڏهن شهر تباهه ٿي چڪو هو. اهو چيو وڃي ٿو ته ڏنل ماپن مان اهو واضح نموني ظاهر ٿئي ٿو ته موئن جو دڙو جو ڪتو (Anau) ڪتو سان مشابهت رکندڙ هو ۽ ٻنهي وچ ۾ تعلق آهي.

تنهنڪري اهو فرض ڪرڻ درست آهي ته موئن جو دڙو ۽ (Anau) ڪتا هڪ طرف ۽ ٻي طرف آسٽريليا جو ڊنگو ڪتو ۽ پاڪستاني پرهيا هڪ ئي نسل سان تعلق رکن ٿا جن جي اصليت روس جي پاليولٿڪ ڪنس پوٽياٽي شاخ مان آهي. موئن جو دڙو پنهنجي تاريخ جي ڪنهن دور ۾ ان جانور جا وڏا ڌڻ رکيا، گهڻين حالتن ۾ ڏند ان طرف اشارو ڪن ٿا ته جنهن جانور مان اهو نسل وڌيو اهو جوان هو. مثال طور مولرس جي ٽين نسل ۾ ڏند جي مٿاڇري مٿان ننڍو کوپو چڙهيل هو جڏهن ته ڪجهه مثالن ۾ اهو ڏند ٻاهر نڪتل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتان جا رهواسي ان جانور کي خوراڪ لاءِ ڪُهندا هئا. 

آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 48 جي ياد داشتن ۾، جيڪو برطانوي حڪومت دؤران سهيڙيو ويو، ”ايڪسپلوريشنز اِن سنڌ“ جي سري هيٺ مسٽر اين. جي مجمدار لکي ٿو، ”هن ليکڪ جيڪي کوٽايون ڪيون آهن ان علائقي کي سنڌ ۾ (Chalcalithic) تهذيب سان ڳنڍي ان جو سنڌو واسطو ڏکڻ بلوچستان جي انهن علائقن سان ڏيکاري ٿو جن جي سر اورل اسٽين جاچ ڪئي. ان تهذيب جون اتر- اوڀر حدون اڃان راز آهن. پر اهو چٽو آهي ته سنڌ ۾ ان جون حدون ڏکڻ- اولهه ۾ عربي سمنڊ تائين پکڙيل هيون. اولهه ۾ ارنگي ۽ اميلاڻو جون وسنديون اوڀر ۾ گوجو ڀرسان ٺارو ٽڪري ان مثلث جو بنياد ٺاهين ٿيون جنهن جي چوٽي اتر ۾ ليمو جوڻيجو آهي جتان جي ماڻهن جي ثقافت جي اسان جاچ ڪنداسين، سنڌوماٿري جي ان علائقي ۽ ان جي ساڄي ڪناري کان اتر ڏکڻ طرف آباد هئا. ان علائقي ۾ لڌل ماڳن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون اهو مقام جتي ماڻهو رهندا هئا ۽ ٻيو اهي هنڌ جتي چقمق بنائڻ جون صنعتون لڳل هيون. ان صنعت جون نشانيون مختلف ماڳن تي مليون آهن. مثال طور  ٺارو ٽڪري، ٻنڌاڻي، ملير ۽ روهڙي جي ٽڪرين ۾ آمري، چانهو دڙو، لوهڻ جو دڙو ۽ موئن جو دڙو جي موجوده صورتحال مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته اهي مقام سنڌوندي کان گهڻو پري نه هئا. بهرحال اهو ممڪن آهي ته سنڌوندي جي وهڪري ڪجهه ٻيو رخ اختيار ڪيو ۽ موجوده صورتحال کان اهو چانهو دڙو جي ڀرسان هو. لسي ۽ سڌي ميداني علائقي ۾ رهڻ سبب سنڌوندي جي ڪپن تي آباد ماڻهن کي زرعي شيون پوکڻ لاءِ اڻ کٽ موقعا دستياب هئا جيئن مصر ۾ نيل ندي ۽ سميري ۽ بابلي تهذيبن ۾ دجلا ۽ فرات ندين جي ماڻهن کي حاصل هئا. پر سنڌوندي جي ڪپن تي آباد ماڻهن جي لاءِ خوشقسمتي جا موقعا گهٽ هئا ڇاڪاڻ ته انهن کي ڀرسان وارين ٽڪرين ۾ آباد ماڻهن جي حملن ۽ سنڌوندي جي ٻوڏ جو خطرو هو. ٽاڪرو علائقي ۾ زراعت جا موقعا گهٽ هئا. پاڻي جي ٻن وسيلن جن تي انهن کي قابو حاصل هو اهي قدرتي چشما ۽ برسات هئي. چشمن جي پاڻي کي هٿرادو نالين ذريعي زرعي زمين تائين پهچايو ويندو هوندو. ان ڪري اهو قدرتي عمل هو ته آبادي اتي قائم ٿي جتي اهي پاڻي جا چشما يا ناليون هيون. ان امر مان نشاندهي ٿئي ٿي ته پوڪران، غازي شاهه، ڊمب ڀٽي، باندڻي ۽ ڇوڙ جون وسنديون ڪيئن آباد ٿيون جيڪي سنڌوندي کان پري هيون. انهن مان اڪثر وسنديون ٽڪرين ۾ هيون جيڪي سنڌوماٿري ۾ ٺهيل گهرن کان وڌيڪ محفوظ هئا ۽ سندن سنڌوندي جي ٻوڏ جو خطرو به ڪانه هو. پر سنڌوندي جي ميداني علائقي ۾ رهندڙ انسانن کان هتان جا رهواسي غريب هئا. شاهوڪار يا خوشحال شهر جهڙوڪ؛ موئن جو دڙو جبلن جي لڪن (Passess) ۾ آباد نه ٿي سگهي ها. بهرحال اهو آهي ته حالتون موجوده زماني جي ڀيٽ ۾ ان وقت وڌيڪ مناسب هيون. ان وقت وڏي مقدار ۾ برسات وسندي هئي جنهن ڪري زراعت لاءِ بهتر موقعا هئا. ان جي شاهدي موئن جو دڙي جي کوٽائي دؤران مليل پاڻي جي نيڪال جون ناليون برسات جي پاڻي جا نلڪا ڪچين سرن بدران پڪل سرن جو استعمال، مهرن تي چيتي ۽ هاٿي جا نقش آهن جيڪي ڀنل موسم پسند ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ موئن جي دڙي ۽ سنڌوماٿري ۾ لڌل ٻين همعصر ماڳن مان مليل ٺڪر جي ٿانون تي سبزين جي گلڪاري آهي.

آرڪيالاجيڪل شاهدين مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته بلوچستان، سيستان ۽ وچ ايشيا وانگر سنڌ محدود پئماني تي مسلسل سوڪهڙي جو شڪار رهي. ان علائقي مان لڌل تاريخ کان اڳ واري زماني جا ماڳ هڪٻئي جي ويجهو۽ کيرٿر جابلو سلسلي جي برابر آباد هئا. هينئر ڪابه مستقل انساني وسندي هڪٻئي جي ويجهو نٿيون ملن. ان ننڍي علائقي ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ وسندين مان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده دور جي ڀيٽ ۾ ان وقت اتي وڌيڪ ڳتيل آبادي هئي. کيرٿر ۽ هب ندي جي اوڀر ۾ بلوچستان جي ضلعن جهلاوان ۽ مڪران ۾ سر اورل اسٽين تاريخ جي اڳ واري زماني سان تعلق رکندڙ ماڳ لڌا آهن جيڪي سنڌو ماٿري جي ماڳن سان مشابهت رکندڙ آهن ۽ انهن مان هن سوڪهڙي جون ساڳيون ثابيتون هٿ ڪيون آهن. انهن حقيقتن کي کڏ رکڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اولهه سنڌ جي آبادين مان لڏپلاڻ جو سبب خشڪ موسم هئي ۽ ان حالت يا ٻين ڪارڻن سبب ماڻهن سنڌوندي جي انهن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي جيڪي وڌيڪ خوشحال ۽ خوراڪ سان ٽمٽار هئا.

چانهو دڙو دادو کان چار ميل ۽ ڪراچي کان 220 ميلن جي مفاصلي تي دادو ضلعي ۾ واقع آهي. ڦٽل ٽمٽار سنڌوندي ماٿري ۾ قديم آثارن جي ماڳن مان چانهو دڙو هڪ ننڍو ماڳ آهي. ان جا آثار 700 فوٽن کان 1000 فوٽن جي دائري ۾ واقع آهن. اهو موئن جو دڙي جي ڀرپاسي ۾ آباد هڪ ننڍو زرعي ڳوٺ هو جنهن تي شهر جي واپار جو انحصار هو. چانهو دڙو جي اهميت انڪري آهي ڇاڪاڻ ته اهو موئن جو دڙو وٽ لڌل تهذيب جو حصو آهي. ان ماڳ تي مجمدار جي کوجنا اهميت رکي ٿي. کوٽائي جي دؤران ٻه کاهيون لڌيون جيڪي ساڄي ڪنڊن تي 16 فوٽ ويڪريون هيون ۽ هرهڪ جي ڊيگهه 150 فوٽ ۽ 700 فوٽ هئي. انهن جي 7 کان 12 فوٽن تائين کوٽائي ڪئي وئي. انهن ٻن کاهين جي ملبي جي صورت ان امر طرف اشارو ڪري ٿي ته انهن جي تعمير سج ۾ سڪايل سرن سان ٿي هوندي. پڪل سر صرف ڪجهه ڀتين ۾ استعمال ٿيل ملي ٿي ۽ مُک ڀت ۾ اها منڍ ان کان 6 فوٽ اندر ۽ دڙي جي مٿاڇري کان 13 فوٽ هيٺ استعمال ٿيل آهي. موئن جو دڙو جي کوهن وانگر کوهه، جن جو قطر 3 فوٽ 6 انچ آهي، ڇيڻي شڪل وارين سرن سان ٺهيل آهن. هتي 12 فوٽ اونهي کوٽائي ڪئي وئي آهي جتان ٺڪر جا ٿانوَ وڏي تعداد ۾ مليا آهن. کوهه جي ڀرسان زميني سطح کان هڪ فوٽ اندر هڪ گلدان مليو آهي ۽ جنهن کي هٽائڻ سان اتان ٻيا به گلدان مليا. انهن ٻن کاهين مان 4 سؤ شيون لڌيون ويون آهن ۽ اهي سڀ موئن جو دڙو مان ملندڙ شين سان مشابهت رکن ٿيون.

هڪ ٻي کاهي، جنهن جي ڊيگهه 80 فوٽ ۽ ويڪر 12 فوٽ ۽ اونهائي 7 کان 8 فوٽ، ملي آهي. پڪل سرن جي ڍانچن جا آثار قبضي جي ٻن مرحلن طرف اشارو ڪن ٿا. ان کاهي مان هڪ سؤ پراڻيون شيون مليون آهن. چنهو دڙو مان جيڪي شيون مليون آهن انهن ۾ مڻيا، اٺ ڪنڊو ۽ ٻنهي پاسن کان اڇو عقيق جو پٿر، ڪوڏي مان ٺهيل شيون، ڪنگڻي جا ٽڪرا، کينهوڙو جنهن تي گول نشان آهن، مهرون جنهن تي اڇي رنگ جي پس منظر ۾ ٻه لڪيرون ڪڍيل آهن، جيڪي ڪنهن تصوير جو ڏيک ڏين ٿيون ۽ مهرون جنهن تي اڇي رنگ جي پس منظر ۾ ٽي لڪيرون ڪڍيل آهن جيڪي ڪنهن تصوير جو ڏيک ڏين ٿيون ۽ مهرون جنهن تي اڇي رنگ جي پس منظر ۾ ٽي لڪيرون ڪڍيل آهن جيڪي پڻ ڪنهن تصوير جو ڏيک ڏين ٿيون. نشان جيڪي مليا آهن انهن ۾ ڍال، ٻه انساني مجسما جن جي هٿن ۾ نيزو ۽ ڀالو آهي، اڇي رنگ جي مهر، پپل وڻ جي اختراع جنهن جي پٺيان جانور جي شڪل اڀريل آهي، مڪعب شي جنهن کي پنج شڪليون آهن، ٻئي پاسي ڏانهن بيضوي شڪل جو خاڪو جنهن ۾ ٽامي جي سوئي ٽنبيل آهي، نارنگي رنگ جي پس منظر ۾ اڇي سجاوٽ، ڏاند جنهن جو مٿو ڳاڙهي رنگ سان چٽيل ۽ ڪنڌ سوراخ ۾ ڦاٽل ۽ ماءُ ديوتا جو نقش شامل آهن. ٺڪر جي ٿانون ۾ ڪوپ، گلدان، هڪ چٽيل گلدان جنهن تي پپل جي پن جو نقش آهي ۽ ساڳي نقش جو هڪ ٻيو گلدان جنهن تي پپل جي پن بدران موڙيل مورتون چٽيل آهن. چنهو دڙو جي کاهين مان لڌل سڀ کان اهم شيون وڻ جي شڪل جون مهرون آهن. انهن مان هڪ تي ڍالن ۽ نشاني جا نقش آهن جيڪي ٻين ماڳن جي کوٽائي مان نه لڌا ويا آهن. هڪ مهر تي صرف پپل جي وڻ جو نقش آهي. ان قسم جو مثال موئن جو دڙو ۽ هڙپا جي کوٽاين مان نه مليو آهي جيتوڻيڪ ان وڻ جي ڪيترن قسمن جي موجودگي انهن هنڌن مان ثابت ٿي آهي.

آمري سنڌ جو هڪ وڌيڪ ماڳ آهي جتان پڻ نادر شيون مليون آهن. اهو موئن جي دڙي جي زرعي پٽي ۾ هڪ ننڍو شهر هو. آمري نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ڪوٽ حبيب برانچ جي رستي تي هڪ اسٽيشن آهي. اها ڪراچي کان 176 ميل پري آهي. آمري ڪوٽڙي کان اتر ۾ 60 ميلن ۽ دادو کان ڏکڻ ۾ 45 ميلن جي مفاصلي تي آهي.

آمري جي کوٽائي نهايت اهميت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته ان مان لڌل ٺڪر جا ٿانو تاريخ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جيڪي بلوچستان جي علائقي ۽ سنڌوماٿري تهذيب جي موئن جي دڙي واري دور سان تعلق رکن ٿيون. آمري جي کوٽائي ٻن دورن طرف اشارو ڪري ٿي. هڪ موئن جو دڙو کان اڳ ۽ ٻيو سنڌوماٿري تهذيب بعد وارو زمانو. ان جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اها سنڌوماٿري ۾ آبادي جي شروعات تي روشني وجهي ٿي جنهن جون ڪڙيون بلوچستان جي مادي برادرين سان ملائي ٿي ۽ موئن جو دڙو جي هاري برادري جي جوڙجڪ طرف اشارو ڪري ٿي جنهن کي ٻاهران ايندڙ ماڻهن ختم ڪيو. بلوچستان ۽ ايران مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون جي آمري ۽ ٻين ماڳن سان ڀيٽ ڪرڻ سان اسان کي موئن جو دڙو جي ثقافت جي اصليت بابت ڄاڻ ملي سگهي ٿي. مجمدار پنهنجي کوجنا جو اهم ڪم آمري ۾ ڪيو. هي لکي ٿو. ”ڪرسمس جي ٻي هفتي ۾ اسان آمري موٽي آياسين ۽ دڙي نمبر 2 تي کوٽائي شروع ڪئي جتي چقمق جهڙي ريتي واري داڻيدار پٿر جو ڍڳ لڌو ويو هو. دڙي  جي چوٽي تي مسلمانن جون قبرون هيون جيئن سنڌ جي ٻين ماڳن ۾ مليون هيون. اسان کي محتاط طريقي سان اڳتي وڌڻو پيو ۽ پنهنجي کوٽائي کي قبرستان کان ممڪن حد تائين پري هنڌ تائين محدود رکيو. 50 فوٽ ڊگهي ۽ 12 فوٽ ويڪري پهرين کاهي وچ رستي تي هئي. رستو چقمق جهڙي ريتي واري داڻيدار پٿرن سان ڳنڍيل هو جنهن جا 50 داڻا مليا. دڙي جي ٻاهران ان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون جي نون نمونن جي سڃاڻپ لاءِ دڙي نمبر 2 جي ڀرسان 35 فوٽ ڊگهي ۽ فوٽ ويڪري ٻي کاهي کوٽي وئي. ان کاهي جي هڪ فوٽ اونهي کوٽائي مان اسان کي پٿر مان ٺهيل ڍانچا مليا. ٻه فوٽ ويڪري ڀت لڌي وئي جيڪا 4 فوٽ اوچي ۽ 30 فوٽ ڊگهي هئي. ان جي اوڀر ۾ ڀت سان لڳ ننڍن ڪمرن جا بنياد نظر آيا. ڀتين جي بنيادن مان اهو سامهون آيو ته انهن ۾ ريتي يا بجري استعمال ڪئي وئي هئي. هتي اسان کي کاهي نمبر 1 واري صورتحال سان منهن ڏيڻو پيو جڏهن ڪاري مٽي ظاهر ٿي جنهن سان ٺڪر جي ٿانون جا ٻه سؤ چوڏهن نمونا مليا. کاهي نمبر2 اونهائي ۾ 4 کان 5 فوٽ کوٽي وئي ۽ يا ٽن فوٽن جي گهرائي ۾ ٽڪر جا سڀ ٿانو ۽ ٻيون مددگار شيون مليون. جيتوڻيڪ  پهرين درجي ۾ سڀ ٺڪر جا ٿانو نه مليا پر اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان اڪثر ٿانو پيالي ۽ آبخورو نموني جا آهن. آمري مان ملندڙ ٿانوَ ان امر طرف اشارو ڪن ٿا ته انهن جو تعلق ٻن ثقافتن سان آهي. جنهن مان آخري ثقافت موئن جي دڙي جي همعصر آهي. سينگار ۽ رنگ جي رٿا ۽ ڪپڙي ۽ نموني ۾، آمري مان ملندڙ پهريان ٺڪر جا ٿانو اڳوڻي قلات رياست جي جهلاوان علائقي مان لڌل ٿانون سان مشابهت رکن ٿا. جنهن جي کوٽائي هارگريوز ڪئي. انهن لڌل شين ۽ ساڳين ٿانون جا نشان اسان کي جهلاوان ۽ مڪران جي ڪيترن ماڳن جهڙوڪ ڪولي، ميهي، بند رنگ دمب، ڪارگوشڪي دمب، پاڪ، ايوران ۽ نندرا مان مليا آهن. دڙي نمبر 2 جي درجه بندي ان حقيقت طرف اشارو ڪري ٿي ته نال موئن جو دڙو کان پراڻو ۽ همعصر نه آهي جيئن ڪجهه عالمن جي راءِ آهي. آمري جي شروعاتي دور جي هٿ آيل ٺڪر جي ٿانون مان اندازو ٿئي ٿو ته انهن جو ڏکڻ بلوچستان جي تاريخ کان اڳ واري دور جي ماڳن سان تعلق آهي ۽ ساڳي وقت انهن ماڳن جي ان وقت اهميت جا پڻ اهم نشان ملن ٿا. سنڌ جي ٺڪر جي ٿانون جي ٻن مرحلن جي ترتيب وڏي اهميت جي مالڪ آهي جيڪا نال ثقافت سان اڻ سڌو لاڳاپو ڏيکاري ٿي ۽ بنيادي طور موئن جو دڙو کان مختلف آهي. نال ۽ ناندرا ۾ ٺڪر جي ٿانون جا آثار جاميٽري نموني جو ڏيک ڏين ٿا ۽ پنهنجو هڪ الڳ گروهه ٺاهن ٿا جنهن جو واسطو گهٽ يا وڌ سيتان ۽ ٻين علائقن مان هٿ آيل پيلي رنگ جي ٺڪر جي ٿانون سان آهي. ٻي طرف منفرد ڪارا ۽ ڳاڙها ديڳڙا جيوميٽري زومورنڪ ميلاپ کي ظاهر ڪن ٿا ۽ اتر بلوچستان جي پراڻن ماڳن جهڙوڪ دبرڪوٽ مان ملندڙ ٻوٽن جا نمونا پنهنجو هڪ الڳ گروهه ٺاهين ٿا جيڪي پيلي رنگ جي ٺڪر جي ٿانون جي علائقي سان تعلق رکن ٿا. ان علائقي جو تعلق سنڌوماٿري جي ثقافت جي علائقي سان ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح سنڌ مان هٿ آيل پيلي رنگ جا ٺڪر جا ٿانو، جيڪي بلوچستان جي ڪُلي، ميهي، نال ۽ ناندرا مان هٿ آيل اهڙن ٿانون جي ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿا، ۽ سنڌوماٿري ۾ دخل ڏيندڙ عنصر جي حيثيت رکي ٿو. اها مٽي مائٽي شايد ان طرف اشارو ڪري ٿي ته ٺڪر جي ٿانون جي تاريخ ۾ نال مان ملندڙ ٿانون جي هڪ ترتيب آهي. ٻي صورت ۾ ڪي به ڪافي ڪارڻ موجود نه آهن جن مان اهو فرض ڪجي ته هڪ طرف آمري، ڪُلي ۽ ميهي جي زمانن ۾ ڪو وڏو فرق آهي ۽ ٻي طرف نال ۽ ناندرا جي وچ ۾. اهڙي گروهه مان اسان ٺڪر جي ٿانون جي ٺهڻ جو شروعاتي دور ڏسون ٿا. جيڪو مڪمل اسريل آهي جڏهن ته ٻي گروهه مان نال ۽ ناندرا پولي ڪرومي جنهن جي پس منظر ۾ آمري، ڪُلي ۽ ميهي گروهه جي شروعاتي دور جي باءِ ڪروم هنرمندي استعمال ٿيل آهي. ڪُلي- ميهي مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون مثال طور پيالن، مڇين ۽ پپل جي پن جا نقش نال ۾ به اختيار ڪيا ويا. سراورل اسٽين جيڪا بلوچستان جي ڪجهه ماڳن جي درجه بندي ڪئي آهي ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ڪُلي- ميهي سان ملندڙ ٿانون جو تعلق نال کان اڳ واري زماني سان آهي. منهنجي هٿان لڌل شاهدي جي ٻيهر نظرثاني مان اهو نتيجو ڪڍڻ ۾ مدد ملي ٿي ته آمري مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون جو تعلق موئن جو دڙي جي دؤر کان اڳ واري زماني سان آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌوماٿري جي زماني يا ان کان اڳ واري زماني ۾ آمري جي ٺڪر جي ٿانون تي اڪريل نقش هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ تائين پهتا. واپاري لهه وچڙ جهڙوڪ جنهن جي شاهدي فارس ۽ ميسو پوٽيميا مان ملندڙ سنڌو ماٿري جون مهرون ان امر کي بيان ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. ان کان علاوه سوميري ديوتا اباني، جنهن جو نقش موئن جو دڙو مان مليل مهرن تي آهي، پڻ ان سلسلي ۾ اڻپوريون شاهديون مهيا ڪن ٿيون. جن ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي انهن ضرور پاڻ سان پنهنجون رسمون ۽ گلداني چترڪاري کڻي ويا هوندا جن جا آثار سنڌ جي مختلف شين ۾ محفوظ ٿيل آهن. پر اهو قطعي فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته لڏپلاڻ اوڀر يا اولهه کان شروع ٿي. هڙپا ۽ موئن جو دڙي جي رهواسين لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي هندوستان کان ٻاهرين علائقي مان آيا جيتوڻيڪ انهن جون ڪجهه شيون فارس ۽ ميسو پوٽيميا جي ڪجهه شين سان هنرمندي مشابهت رکن ٿيون ۽ جن جو تعلق (Chelcolithic) زماني سان آهي. سنڌوماٿري جي ماڻهن جي فن ۽ عمارت سازي ۾ منفرد نقش آهن ان نتيجي تي پهچڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته انهن اصليت ڪهڙي به هجي پر اهي صدين کان سنڌ ۾ آباد آهن ۽ هتي انهن جي تهذيب پنهنجي انتهائي ترقي تي پهتي.“

ميرپورخاص ۾ ٻڌمت جا يادگار آثار موجود آهن. ميرپورخاص ريل جي حيدرآباد ۽ مارواڙ جنڪشن تي واقع آهي ۽ حيدرآباد کان اوڀر ۾ 42 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو جديد بنيادن تي ٻڌل شهر آهي جيڪو مير علي مراد ٽالپر 1806ع ۾ تعمير ڪيو. ماڻڪاڻي ميرن 1793ع ۾ هي هنڌ هٿ ڪيو جڏهن ملڪ ميرن جي قبيلي جي مختلف ماڻهن ۾ ورهايل هو. اهو مير شير محمد خان جو مُک شهر هو جنهن 1843ع ۾ دُٻي جي ميدان ۾ ميرن سان ويڙهه ڪئي. شهر جي اتر ۾ اڌ ميل جي مفاصلي تي پراڻي شهر جا آثار آهن جيڪو 30 ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل آهي جيڪو هڪ دڙي جنهن جو مٿاڇرو سروٽن ۽ قديم ٺڪرن تي مشتمل آهي. ٿوري کوٽائي مان معلوم ٿي وڃي ٿو ته اهي دڙا تمام پراڻين عمارتن جي نمونن جا اهڃاڻ آهن، آڳاٽن نمونن جي وڏين سرن جو ننڍن شيشن جي استعمال سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ان ماڳ جو تعلق ٻڌمت جي زماني سان آهي. هينئر ان ماڳ کي ڪاهو جو دڙو سڏيو وڃي ٿو. هتي ٻڌمت جو جيڪو اسٽوپا مليو آهي ان جي کوٽائي هينري ڪزينس 1909 ۽ 1910ع ۾ ڪئي. 1919ع ۾ جي. ڊبليو سمٿ ٿرپارڪر ضلعي بابت هڪ گزيٽيئر سهيڙيو جنهن ۾ اسٽوپا جو شروعاتي احوال ڏنل آهي. ان احوال جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي. ان جي بدران هينري ڪزينس جي ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا پيش ڪجن ٿا. ان ڪتاب جو نالو “The Antiquities of Sindh in the historecal outline" آهي. ان ۾ ميرپورخاص ۾ واقع ٻڌمت جي دؤر جي آثارن جو ذڪر ڪيل آهي. هينري ڪزينس لکي ٿو ته ڪلر اڳ ئي ڀيتن جي ڪجهه حصن تي حملو ڪري چڪا هئا ۽ ٻڌ جا اڪثر نقش به ان حملي کان محفوظ نه رهيا. اتر ۾ اولهندي نالي پيل جاءِ مان اڌ انچ اندر تهه ٿيل بلور هٿ آيا آهن جن کي چيڻي سان کوٽي ڪڍيو ويو ۽ انهن کي گرم پاڻي ختم نه ڪري سگهيو هو. هتان جيڪو لوڻ مليو آهي اهو جپسم، سوڊيم سلفيٽ، سوڊيم ڪاربونيٽ، ريتي ۽ نامياتي مواد تي مشتمل آهي جنهن ۾ جپسم 891 آهي.

اولهندي ڀت جي هر پڇاڙي ۾ وڏيون کليل جڳهون آهن. ”انهن خالي جڳهين جي وچ ۾“ هينري ڪزينس چئي ٿو. ”مزارن جي وچ ۾ ٻه ننڍيون جڳهيون آهن. اتر ۾ ويٺل ٻڌا جو نقش جنهن جا هٿ ڀڳل آهن جڏهن ته ڏکڻ طرف اهو تقريباً تباهه ٿي چڪو آهي. هي جبو ٻنهي ڪلهن تي پائي ٿو جيئن اڪثر نقشن ۾ ظاهر آهي ۽ ڪنول جي گل تي ويٺو آهي جنهن جي پس منظر ۾ باهه جي اُلن جهڙا پن آهن. جيڪي جسم جي پٺيان هر طرف پکڙيل آهن. اکيون بند ۽ مٿيان ۽ هيٺيان ڇپر مليل آهن. ٻانهون ٺونٺن کان ڀڳل آهن، اهي شايد هنج ۾ رکيون ويون پر اهو يقين ڪرڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته پيرن يا ڄنگهن ڪجهه به ڀڳل نظر نٿو اچي. ڪچي مٽي ۾ ڊسڙ هئڻ ڪري، انهن کي شايد جسم جي باقي حصي سان نه ڳنڍيو ويو هجي ڇاڪاڻ ته اهو نقش پٿر ۾ اڪريل آهي. اهو ممڪن آهي ته هٿ پڙهائڻ جي انداز ۾ سامهون سيني تي کڄيل هجن.“

”اسٽوپا جي چوڌاري پيل ملبي جي اسان ڦلهوڙ نه ڪئي اسان صرف ايتري صفائي ڪئي ته جيئن ڀتيون ظاهر ٿي سگهن. ملبي مان اسان کي چٽسالي ٿيل سرون مليون جيڪي پنهنجي فن جي اعليٰ نمونو پيش ڪري رهيون هيون. جيڪي نمونا مليا انهن ۾ چاٻي نقش يا يوناني چٽ شامل آهن. اصل ۾ يوناني اثر ڪيترن ٽڪرن تي واضح آهي ۽ اهو گنڌارا ۾ هند- يوناني آثارن سان لاڳاپو ظاهر ڪري ٿو.“

”ٻه وڌيڪ نشان، جيڪي خاص طور ڪپڙن مٿان لڳايا وڃن، ڪثرت ۾ مليا، جيڪي معلوم ٿئي پيو ته ڪاريهر جي شڪل جا هئا، ۽ کلندڙ چهرن واريون ٽائلز پڻ مليون. ڪيترن ٽائلز مان، جن جي ساڄي هٿ تي هيٺ نقش چٽيل آهن، اهو معلوم ٿئي ٿو ته اتي هڪ مالها جو ٽڪرو هوندو. ڪاريهر جو نقش رقم ڏيندڙ کي ظاهر ڪرڻ جو انهن ڏينهن ۾ شايد عام طريقو هجي ڇاڪاڻ ته ان جي ساڄي هٿ ۾ جهليل رقم جو ٿيلهو ان طرف اشارو ڪري ٿو. مان ان ڳالهه سان متفق نه آهيان ته اهو دولت جي ديوتا جو مظهر آهي. مينار جي چوڌاري جيڪي وقفي سان پلستر چڙهيل هو ان جا ٽڪرا به مليا آهن. اهي آثار ٺل مير رُڪن جي اهڃاڻن ۾ به نظر اچن ٿا.“

هن مهل ڪو اهڙو واضح نشان نه آهي جنهن مان اسٽوپا جي اصلي شڪل جو اندازو لڳائي سگهون پر ٻين اسٽوپن سان ڀيٽ ڪندي ان جي پوري عمارت جو نقش ڪڍڻ ڏکيو نه  آهي. اتي ڪافي آثار موجود آهن جن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڍانچي جو سڀ کان هيٺيون حصو وڏو چورس تهه خانو هو، جيڪو هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين 6- 53 فوٽ ۽ ڊيگهه 6-14 فوٽ هو. تهه خانو 17 فوٽ اوچو هو. ان جي مٿان نليدار مينار تعمير ٿيل هو جنهن جو قبو پنهنجي قطر ۾ 37 يا 38 فوٽ اوچو هو. مينار جي بنياد جي چوڌاري تراکڙو چبوترو هو ۽ وڏي تهه خاني جي چوٽي تي وضوخانو هو. ان جي ڪل اوچائي 55 فوٽ هئي. ٺل مير رُڪن وانگر، مينار تي هڪ يا وڌيڪ پلستر جا تهه چڙهيل هئا جنهن جي مٿان بُت يا موڙيل سرون لڳل هيون. ممڪن آهي ته جڏهن قبي جي تعمير مڪمل ٿي هجي ته ان کي چٽي جو ڍڪ ڏنو ويو هجي.“

”تهه خاني جي ٽن رخن اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وٽ ٻڌ جا ٽي نقش هئا. جڏهن مان ڀت تان تهه لاٿو ته اتي ست يا نو هڪ قطار ۾ هئا. ٻه انهن مان گم هئا. هڪ وچ جي ڏاکڻي طرف واري خالي پيل جاءِ مان ۽ ٻي اوڀر طرف کان.“

اهي سڀ نقش، جيڪي اڌڙوٽ زندگي جا آهن، ائين اڪريل آهن جيئن ڪوئي مراقبي جي انداز ۾ هڪ ڄنگهه ٻي ڄنگهه جي مٿان رکي هٿ هنج ۾ رکي ۽ تريون مٿين پاسي ڏانهن هجن. ڪن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ٻُڌ ڪنول جي گلن تي ويٺو آهي جڏهن ته ٻين ۾ چئن ڄنگهن جي اسٽول تي. ٻڌ جا جيڪي نقش چٽيا ويا آهن انهن ۾ جيو ڳاڙهو ۽ چهرو سونهري رنگ جنهن تي ڪارا وار ۽ ڪاريون اکيون آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ان مقصد لاءِ پچائڻ کان اڳ ان تي انڊي جي کل جو تهه چاڙهيو ويو. هن جو جسم ڪپڙن سان ڍڪيل آهي جنهن جي مٿان ڊگهو جبو پپل آهي جيڪو ٻنهي ڪلهن کي ڍڪي ٿو ۽ ڪيترن تهن ۾ لڙڪيل آهي. معلوم ٿئي ٿو ته جُبي جي هيٺان هن کي پتلون پهريل آهي جنهن جو اندازو جبي کان هيٺ نظر ايندڙ ڄنگهن مان ٿئي ٿو. ويهڪ جي هيٺان لڙڪندڙ جبي ۾ ٻئي ٻانهون ڪارائي تائين ڍڪيل آهن. هڪ کانسواءِ باقي نقشن ۾ وار ننڍا گهنڊيدار قسم جا آهن جڏهن ته اتر طرف نصب ٿيل نقش ۾ اهي سڌا آهن. اڪثر نقشن ۾ اکين جي وچ ۾ ٻڌجي خاص نشاني لڳل آهي جيڪا روشن خيالي (ٻوڌي) کي ظاهر ڪري ٿي. جيئن ته اها ڦرڙي جي شڪل بدران ڊگهي منڊي آهي ممڪن آهي ته ان سان ڌاتوئي بٽڻ ڳنڍيو ويو هجي. مٿي جي چوٽي تي ٻُجي (اُشنشا) موجود آهي جيتوڻيڪ اهو نمايان نه آهي. ڪن جون پاپڙيون ڊگهيون ۽ لٽڪيل آهن جڏهن ته ڪجهه نقشن ۾ اکيون کليل ۽ ٻين ۾ اڌ بند آهن. مٿي جي پويان نُور جو دائرو ڏيکاريل آهي جيڪو سڌن وارن کان سواءِ ٻين نقشن ۾ نه آهي جنهن ۾ ڪنول جي گلن بدران روايتي پن ڏيکاريل آهن.“

جيڪي چيڪي مٽي جون ٽڪيون مليون آهن، اهي سبب اڻ پڪل چيڪي مٽي مان ٺهيل آهن. اولهندي منهن جي آڏو اصلي سطح کان 6 فوٽ مٿي لڌل انهن ٽڪين مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسٽوپا عبادت جو مرڪز هو. انهن جون مختلف ماپون 6 انچن کان وٺي ½1 انچ تائين آهن ۽ بيضوي شڪل رکن ٿيون. ڪجهه ته ٻڌ جا نقش آهن جن ۾ هي ڄنگهون هڪٻئي جي مٿان رکي ويٺو آهي ۽ سندس ساڄو هٿ شاهدي ڏيڻ جي انداز ۾ آهي جنهن مان هن کي روشن خيالي (ٻوڌي) جو اهڃاڻ ڪري ڏيکاريو ويو آهي. ٻين تي هن کي يوروپين نموني ويهاريل ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ هن جون ڄنگهون هيٺ لڙڪيل، هٿ پرچار ڪرڻ جي انداز ۾ سيني تي رکيل ۽ هرڻ باغ ۾ تقرير ڪرڻ آهي. جبو نمايان انداز ۾ ڏيکاريل نه آهي پر ڪجهه تي ان جي ڇيڙي جو نقش اڀريل آهي جيڪو کاٻي ڪلهي کان ڪمر تائين وڃي ٿو ۽ ڀتين تي پراڻن نقشن جي ابتڙ ان ۾ ساڄو ڪلهو اگهاڙو ڏيکاريل آهي.“

انهن ٽڪين سان گڏ 36 ٽامي جا سڪا پڻ مليا آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته اهي نذراني طور ڏني ويا هجن. انهن تي زنگ جا گول ديرا هئا جن جي اندر ڪٽ چڙهيل ٽامي جي ڳر ۽ مٿان عربي نقش هئا. ڪجهه تي هڪ طرف چئن پنن وارا گل هئا جنهن مان يا جيڪي اکر پڙهڻ لائق هئا اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن جو تعلق شروعاتي عرب زماني (سنڌ ۾) سان آهن ۽ جن جو ذڪر برهمڻ آباد ۾ ڪيو ويو آهي. جنهن حيثيت ۾ اهي ٽڪيون مليون ۽ عربي سڪا مليا آهن انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي اسٽوپا وٽ نذراني طور سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان پوءِ ڏنا ويا جنهن تعلق اٺين صدي عيسوي جي شروعات سان آهي. اڻ پڪل ۽ نرم چيڪي مٽي جون ٽڪيون ان طرف اشارو ڪن ٿيون ته اتي ٻڌ ڀڪشو موجود هئا جيڪي هڪٻئي سان سڪن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. ٽامي جا سڪا پکڙيل مليا آهن جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ڪجهه حاجي اتان گذريا ۽ انهن سڪا اتي اڇلايا ته اسٽوپا جو زوال اچي ويو ۽ انهن کي ميڙڻ لاءِ ڀڪشو موجود نه هئا.“

اسٽوپا جي اولهندي منهن وٽ مرڪزي عبادتگاهه مان لڌل پٿر جو مجسمو دلچسپي کان خالي نه آهي، جهل واري سر جي مرڪزي حصي جي کوٽائي، جنهن سان ڪمرو ڀرجي ويو هو. اهو پٿر، جنهن جي ماپ ½30 انچ ڊيگهه ۽ ½12انچ ويڪر آهي، بيٺل حالت ۾ مليو جيڪو اتر واري ڀت ڏانهن جهڪيل هو. ان جا پير ڀڳل هئا ۽ نه مليا. مجسمو ڪنهن اهم ماڻهو جي تصوير محسوس ٿئي ٿي ۽ انهلوِاد پٽن ۾ ونراج جي تصوير جي ياد ڏياري ٿي. اهڙي قسم جي تصوير ابو جي دلورا سندرن ۾ تيج پال، وستوپال ۽ ٻين جي پڻ ياد ڏياري ٿي. ان جو ٻڌ جي دور سان تعلق نه آهي ته ڇاڪاڻ ته ان ۾ مٿي جي چوڌاري نور جو علامتي دائرو نه آهي ۽ نه انهن نقشن جهڙو آهي جيڪي ٻين هنڌن تان مليا آهن. صورت ساڄي ڄنگهه تي بيٺل انداز ۾ آهي جنهن جو ساڄو هٿ ڇاتين جي مرڪز وٽ آهي ۽ ان ۾ ڪنول جو گل آهي. هن جا ڪپڙا سادا آهن. جيئن جين مذهب جا پوڄاري مزارن ۾ عبادت وقت پائيندا آهن. اهو هڪ ڪمربند هوندو آهي جنهن جو وڪڙ کاٻي طرف پويان لڙڪندو آهي. ممڪن آهي ته انهن کي هيٺان ڪو ڪپڙو پاتل هجي جيڪو گوڏن تي ڏسي سگهجي ٿو يا هڪ ڪپڙي جو اندر ڏنل وڪڙ ڏسي سگهجي ٿو. هن کي تفصيلي مٿي جي پوشاڪ پهريل آهي جيڪي لهوارين وڪڙن ۾ ترتيب ڏنل آهن. ان جي هيٺان لڙڪندڙ وڪڙ آهن جيڪي ڪلهن تي ڪريل آهن. مان سمجهان ٿو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اها وِگ آهي ۽ اهڙيون وگون پاتل تصويرون اورنگ آباد جي هڪ ٻڌ دور واري غار ۾ ڏسي سگهو ٿا. شروعاتي مجسمن ۾ اهي عام آهن. مجسمي تي چترڪاري ٿيل آهي جنهن جو سونهري يا اڇي رنگ، ڪمربند ڳاڙهو، جڏهن ته وگ، ڀروون، ڇپر ۽ مڇون ڪاري رنگ جون آهن. منهنجو يقين آهي ته مجسمو اسٽوپا ٺاهيندڙ ڪنهن فرد جو آهي. هن جي کاٻي هٿ ۾ پئسن جو ٿيلهو ان طرف اشارو ڪري ٿو ته فنڊ جو ذريعو ڪهڙو هو. جيڪڏهن ائين آهي ته اسٽوپا جي کاٻي پاسي ان نقش کي مقدس نقش قرار نٿو ڏئي سگهجي.

سڀني شين کي نظر ۾ رکي ميرپورخاص جي ان اسٽوپا جو تعلق 400 عيسوي صدي سان نه پر ان کان اڳ واري زماني سان تعلق آهي. اهو ممڪن آهي ته موجوده اسٽوپا ڪنهن ڀُريل اسٽوپا جي ٻيهر تعمير هجي جنهن جو حڪم اشوڪ ڏنو هجي ته جيئن ٻڌمت جي ان ۽ ٻين آثارن کي محفوظ ڪري سگهجي. پر يقيناً اهو هڪ خيال آهي. حقيقت اها آهي ته اسٽوپا جي چوڌاري خانقاهن جا آثار آهن. کاهيون، جنهن مان ڀتين مان سرون هٽايون ويون آهن، اسان کي گنڌارا جي خانقاهن جي نموني جهڙا نقشا پيش ڪن ٿيون.

سنڌ ۾ اهو اسٽوپا پنهنجي نموني جو رڳو اڪيلو مثال نه آهي پر اهڙا اسان کي مورو ڀرسان مير رُڪن، برهمڻ آباد لڳ ڏيپر گهانگهرو، ٽنڊو محمد خان ڀرسان سُڌرن جو دڙو ۽ هڪ جهرڪ ڀرسان مليا آهن. سُڌرن جو دڙو جي تجزيي مان مسٽر ڀندرڪر ان نتيجي تي پهتو ته ٽنڊو محمد خان لڳ اسٽوپا جا آثارن مان اصلي اسٽوپا جو تعلق ڪنيشڪا جي دؤر 100 عيسوي سان تعلق رکي ٿو. هي چئي ٿو ته ”اسان غلط نه ٿينداسين جيڪڏهن ان جو تعلق عيسوي سن جي شروع واري زماني سان سمجهيو وڃي.“ ان نقطي تي ڳالهائيندي هينري ڪزينس چئي ٿو، ”جيڪڏهن اسان اهو ان اسٽوپا لاءِ قبول ڪريون ٿا ته اسان کي ميرپورخاص، ٿل مير رڪن ۽ سنڌ ۾ ٻين اهڙن ماڳن لاءِ به ساڳيو نظريو قبول ڪرڻ گهرجي.“ جنرل هيگ جي راءِ مطابق سواندي، جنهن جو ذڪر مجمل التواريخ ۾ آهي، ڪشمير جي هڪ بادشاهه سنڌ تي ڪاهه دوران تعمير ڪيو. سواندي ٻڌمت  جو هڪ عظيم ماڳ هو ۽ ڪسيتر چئي ٿو ته هن ان جي سڃاڻپ ڏيپر گهانگهرو سان ڪئي آهي. هي وڌيڪ چئي ٿو ته مان دڙي جي شڪل ۾ اسٽوپا جا آثار ڳولهي لڌا. شايد ان کي ڪشمير بادشاهه تعمير ڪيو هجي. منهنجي خيال ۾ اهو ڪنشڪا هو جيڪو ڪشن بادشاهن مان اڪيلو بادشاهه آهي جنهن کي هندوستان کان ٻاهر به مقبوليت حاصل ٿي. هن جي بادشاهت ۾ سنڌ به داخل هئي.“

اروڙيا الور ستين صدي عيسوي ۾ اروڙ بادشاهت جي راڄڌاني هو. ان جي بنياد بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر جيئن ته مسلمانن هٿان سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ (711) اهو شهر هڪ يا ٻه صديون موجود رهيو ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ان جو بنياد پنجين يا ڇهين صدي عيسوي ۾ وڌل هجي. چچ نامه، جنهن کي تاريخ هند پڻ سڏجي ٿو، الور شهر بابت ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان ۾ ڪيتريون ئي شاهي عمارتون، ٿنڀا، باغ، ڦوهارا، وڻ، چراگاهه ۽ وهڪرا تعمير ڪيا ويا. اهي سڀ مهراڻ ندي جي ڪناري تي جوڙيا ويا. الور سنڌوندي جي گم ٿيل ڪپن تي آباد هو جنهن بابت ڪيترائي انومان آهن. ٿامس پيننٽ جي نقشي ۾ (1798) ان ندي کي ستلج جي اوڀر ۾ هماليه کان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي جيڪا ماضي ۾ عمر ڪوٽ وٽان ڪڇ جي نار ۾ وهندي هئي. اتي ان کي گهاگرندي سڏيو وڃي ٿو جيڪا هاڪڙو جي شاخ هجي. ڳچ عرصي کان پوءِ اها هڪ ندي جي صورت ۾ وهڻ بند ٿي وئي. ان جو پيٽ نارا (نالا) هڪ شاخ طور ڪم ڏيندو هو، جنهن ذريعي سنڌوندي جي ٻوڏ واري پاڻي کي ڍورو پراڻ ڏانهن موڙيو ويندو هو. اها سنڌوندي جي پراڻي شاخ هئي.

اروڙيا الور جا آڳاٽا آثار روهڙي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ نارا ڪئنال جي اوڀرندي ۾ موجود آهن. 711ع ۾ محمد بن قاسم هٿان سنڌ فتح ٿيڻ وقت اروڙ سنڌ جي راڄڌاني ۽ بادشاهه ڏاهر جي  رهائشگاهه هو. عربن پنهنجي راڄڌاني منصوره ۾ ٺاهي ۽ اروڙ ٻن سؤ سالن کان وڌيڪ هندن جي شهر طور موجود رهيو. ان کان پوءِ اهو ڦٽي ويو. برهمڻ آباد جي بادشاهه دلوراءِ کي ان شهر جي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي پر اتي ڪجهه شڪ آهي ته اٺين صدي عيسوي جي وچ ڌاري جڏهن سنڌو درياءَ ان جي ڀرسان وهڻ بند ڪيو ته ان شهر جي تباهي شروع ٿي. ڪجهه عرب جاگرافيدانن ان شهر جو نالو ال_ رور بيان ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن اهو انومان صحيح آهي ته ال عربي جو اکر آهي ۽ شهر جو نالو رور هو ۽ هتان جا رهواسي ان هنڌ لڏي ويا جتان سنڌوندي وهڻ شروع ڪيو هو ۽ شهر جو نالو به کڻي ويا جنهن کي هاڻي روهڙي سڏجي ٿو. ڪجهه پاڻي سنڌوندي جي پراڻي هنڌ گهڻي عرصي تائين موجود رهيو ۽ ڪجهه فرد ان جي ڪنارن تي آباد رهيا. اتي اورنگزيب عالمگير جي مسجد جا ڦٽل آثار به موجود آهن. ان کان علاوه شڪرگنج شاهه ۽ ختال الدين شاهه، جيڪو سيوهڻ جي لعل شهباز جو همعصر هو، جون مزارون پڻ موجود آهن. شهر جا ڦٽل آثار ٽاڪرو ميدان تي ڦهليل آهن جتان سنڌوندي جو پراڻو پيٽ نظر اچي ٿو. وڏي قسم جون پراڻيون سرون هٿ آيون آهن ۽ مينهن وسڻ کان پوءِ ڪجهه سڪا پڻ مليا. روهڙي کان پل ٽپي هنن آثارن تائين پهچي سگهجي ٿو. اها پل ان شهر کان پراڻي آهي. اُرڪيالاجيڪل سروي جي سپريٽنڊنٽ جي راءِ مطابق ان پل جي اڏاوت شايد عالمگير جي مسجد جوڙائڻ جي زماني ۾ ٿي هجي.

تحفة الڪرام مطابق هڪ هندو گهراڻي اروڙ تي هڪ سؤ ستٽيهه سال حڪومت ڪئي جڏهن هندو راجا  راءِ سهاسي هڪ برهمڻ چچ کي پنهنجي ملازمت ۾ رکيو ۽ جلد ئي هو راجا جو مُک وزير بڻجي ويو. چچ پنهنجي راجا جي زال سوهاندي جي عشق ۾ مبتلا ٿي پيو. جڏهن بادشاهه مري ويو ته چچ تخت تي قبضو ڪيو. تحفة الڪرام مطابق اهو واقعو 622 عيسوي ۾ ٿيو. چچ نامه ۾ سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جو چٽو احوال ڏنل آهي جنهن ۾ هندو بادشاهت جي خاتمي تائين سنڌ جي حالتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. محمد بن قاسم 711 عيسوي ۾ سنڌ فتح ڪئي. اروڙ جي ڀرسان سنڌوندي جي پراڻي پيٽ واري هنڌ ٻه پٿر لڳل آهن جنهن بابت اندازو آهي ته اهي سنڌو ندي جي پراڻي وهڪري جا اهڃاڻ آهن جڏهن ان کي مهراڻ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. شهر پڪين سرن سان اڏيل آهي ۽ ٽڪرين ۾ پٿر استعمال ٿيل آهي. اهو خيال معلوم ٿئي ٿو ته 962 عيسوي ۾ زلزلي سبب درياءَ پنهنجو رستو بدلايو. جيتوڻيڪ اهو هندو راجائن جي راڄڌاني هو، جن سنڌ تي سوين سال حڪومت ڪئي، هندو آرڪيٽيڪچر جو ڪوبه نمونو نه مليو آهي. ڪجهه غير اهم يادگارن کان سواءِ ان شهر سان لاڳاپيل ڪابه شي موجود نه آهي ڇاڪاڻ ته سڪندر اعظم هٿان ننڍي کنڊ جي فتح کان وٺي خليفن جي جنرلن تائين ڪوبه احوال موجود نه آهي. تاريخ معصومي ۾ لکيل آهي ته محمد بن قاسم ثقفي 711 عيسوي ۾ راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي، جنهن ۾ هو مارجي ويو، شهر هٿ ڪيو. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي 1929-30 واري سالياني رپورٽ ۾ اين. جي مجمدار پنهنجي مضمون ”ايڪسپلوريشنز آف سنڌ“  ۾ ارڙو شهر جو تجزيو ڪندي لکي ٿو. ”جونوجي  رستي سان گڏ، جنهن کي مقامي طور ڳڙهي گور سڏيو وڃي ٿو، اروڙ ڳوٺ جي اتر- اوڀر ۾ ننڍن دڙن جو جهڳٽو آهي جنهن جي وڌ ۾ وڌ اوچائي 8 فوٽ هوندي.

هڪ کاهي مان لڌل سرن، جن تي نقش اڪريل آهن، جو تعلق ستين يا اٺين صدي عيسوي سان آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر عربن جي اچڻ کان اڳ هندن جي بادشاهت جو حصو هو. روهڙي جي ڏکڻ ۾ ½3 ميلن جي مفاصلي تي هاڪڙا ڳوٺ آهي جنهن ۽ اروڙ جي وچ ۾ هينئر نارا ڪئنال وهي ٿو. 1855ع ۾ ڪئپٽن ڪربي ان ڪئنال جي کوٽائي جو احوال ڏنو،“ ان عظيم نارا ڪئنال جي کوٽائي ۾ اسان کي ڏهن فوٽن جي اونهائي ۾ ميدان جي سطح تي وڏي انگ ۾ گهرن جا بنياد نظر آيا. انهن آثارن مان چيڪي مٽي جي سرن جا ڪجهه ٿانو هٿ آيا جن ۾ پيئڻ جا ڪوپ، ڪوجا، پاڻي جا تيسارا ۽ وڏي انگ ۾ ٻارن جا رانديڪا هٿ آيا. 10 فوٽن جي اونهائي ۾ دفن ٿيل ان شهر اسان کي هاڪڙا ڳوٺ وڃڻ تي مجبور ڪيو. هڪ ٻڍي شخص ان احوال جي تصديق ڪئي ۽ اسان کي نارا ڪئنال کان به ميل ۽ هڪ فرلانگ پري وٺي ويو ۽ ان جڳهه جي نشاندهي ڪئي جتي سابريز صاحب گذريل زماني ۾ ڪئنالن جي وچ ۾ قائم بازار ۾ ايندا هئا پر هينئر اتي لڪيل ڍانچن جا ڪي به آثار موجود نه هئا. هتي اهو ممڪن آهي ته ان جي ڀرسان واري علائقي جي کوٽائي ڪرڻ سان اسان کي تاريخ جي دؤر کان اڳ قائم ٿيل آبادين جا آثار ملن.“ هن گزيٽيئر جي سهيريندڙ پاڻ 1956ع ۾ ارڙو ماڳ جو دؤرو ڪيو جتي هن غير هموار دڙا ڏٺا جن ۾ ٺڪر جا ڀڳل ٿانو ۽ ٽامي جا سڪا موجود هئا. ديبل يا ڀنڀور جي يقيني هنڌ بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. انهن جڳهن جي سڃاڻپ لاءِ وڏي عالماڻي گفتگو جي ضرورت آهي. اهو يقين سان نٿو چئي سگهجي ته ان سلسلي ۾ ڪا متفق راءِ سامهون آئي آهي. دبيل جي معنيٰ آهي مندر جيڪو پوڄا جي ڪجهه هندو هنڌن بابت اشارو ڪري ٿو ۽ ممڪن آهي ته اهو نالو هڪ کان وڌيڪ جاين لاءِ استعمال ٿيندو هجي. ايبٽ پنهنجي احوال ”سنڌ- اي ري انٽرپريٽيشن“ ۾ لکي ٿو، ”ديبل نالي جي هن وقت تائين موجودگي ۾ ڪو فرق نه آهي. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪاميٽي جيڪي فينل ۽ پوءِ سرهيزي مڊلٽن کي 1610ع ۾ جيڪي هدايتون ڏنيون انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديبل وٽ هڪ فيڪٽري قائم ڪرڻ جي رٿ به هئي. پينٽن ديبل کي هڪ بندر قرار ڏئي ٿو جتي 1613ع ۾ سر رابرٽ شرلي لٿو. ٺٽي ۾ برطانوي ايجنٽ (1799۾) ٺٽي بابت لکي ٿو ته اهو سنڌي ديبل هو. آڳاٽي عرصي ۾ عرب ليکڪ الادريسي ديبل کي وڏي آبادي وارو شهر سڏيو، ”پر ان جي مٽي زرخيز نه آهي ۽ ڪتل جي وڻ کان سواءِ اتي ڪو مشڪل سان وڻ ڦٽي ٿو.“ جابلو علائقو خشڪ ۽ ميدان خالي آهن. گهر ڪچي مٽي ۽ ڪاٺ مان تعمير ٿيل آهن. پر هنڌ ان ڪري آباد آهي ڇاڪاڻ ته اها سنڌ ۽ ٻين ملڪن جي ٻيڙن جي اسٽيشن آهي. عمان جي پيداوار سان ڀريل سامونڊي جهاز ۽ هندوستان ۽ چين جون شيون کڻي ايندڙ ٻيڙا ديبل وٽ لنگر وجهن ٿا. اهي چين مان اوني ڪپڙو ۽ ٻيون شيون ۽ هندوستان مان عطر ۽ خوشبودار ٻوٽا کڻي اچن ٿا. ديبل جا رهواسي، جيڪي مجموعي طور شاهوڪار آهن، اهي شيون خريد ڪري انهن جو ذخيرو ڪن ٿا جيستائين ٻيڙا وڃن ٿا ۽ انهن جي قلت پيدا ٿئي ٿي.

الاصطخري، جنهن 961-956ع ۾ لکيو، مطابق ديبل مهراڻ جي اولهه ۾ واقع هو. ابن حوقل به ان خيال جو آهي. الادريسي ان کي مهراڻ جي وات کان 6 ميل اولهه ۾ ڄاڻايو آهي. انهن سڀني کان اڳ مسعودي اولهه ۾ ٻه ڏينهن سفر ڪيو. پراڻي تاريخ مطابق جڏهن راجا ڏاهر کي 711ع ۾ پنهنجي شڪست جي ڄاڻ ملي. هن ان کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ چيائين اها گهٽ ذات ۽ واپارين جي رهڻ جو هنڌ هو. چچ جي حڪمراني جي ڇٽيهين سال ۾ مغيره عربستان مان اچي سنڌ تي حملو ڪيو پر ديبل شهر جي ٻاهران قتل ٿي ويو. محمد بن قاسم جي ڪاهه وقت سنڌ تي راجا ڏاهر جي حڪومت هئي ۽ هن جي راڄڌاني اروڙ يا الور هئي. تاريخ مان ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌ مان عربن جي ڪاهه ۽ ديبل فتح ڪرڻ وقت اهو شهر اهم واپاري بندر هو ۽ اتي ڪيترائي دولت سان مالا مال مندر هئا جتي برهمڻ مسلسل پنهنجي عبادت ڪندا هئا.

جنهن وقت عربن سنڌ فتح ڪئي ٻڌمت جو زوال شروع ٿي جيڪو هو ۽ برهمڻ ازهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر مذهب طور بالادستي حاصل ٿي رهي هئي.

 1929-30جي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ اين. جي مجمدار “ايڪسپلوريشنز ان سنڌ“ ۾ لکي ٿو، ”اسان جي پهرين منزل نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ڪوٽڙي- ڪراچي لائين تي داٻيجي ريلوي اسٽيشن ڀرسان گهارو هئي. اسان ڪراچي مان ان خيال سان روانا ٿياسين ته گهارو کان ½3 ميل پري گهارو ڪريڪ تي واقع ڀنڀور شهر جو معائنو ڪيون. اهو سسئي ۽ پنهون جي قصي سبب به مشهور آهي جنهن بابت سنڌ جي رهواسين کي ڄاڻ آهي. دڙي کي مقامي طور سسئي- جو- ٽَڪر سڏيو وڃي ٿو. اهو تقريباً 50 فوٽ ڊگهو آهي ۽ شايد 711ع ۾ عربن جي حملي کان گهارو ڪريڪ کي بچائڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو. ان تاريخ جو اشارو ڪاشي جي ٿانون ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ٽامي جي سڪن مان ملي ٿو. اتي پٿر جي ڀت ڀرسان ڪاشي جي ٿانون جي ٽڪرن سان گڏ ٽامي جا اسي ٽڪرا مليا آهن.“

گهارو شهر جي ڀرسان ڀنڀور جا ڦٽل آثار ٺٽي ضلعي جي ميرپور ساڪرو تعلقي ۾ آهن. ان کي ڪافر سڏيو ويو ڇاڪاڻ ته اهو فرض ڪيو وڃي ٿو ته مسلمانن هٿان 711 عيسوي ۾ سنڌ جي فتح کان اڳ ان جو وجود هو. اهو چيو وڃي ٿو ته ڪافي شاهديون موجود آهن جنهن مان فرض ڪيو وڃي ته اٺين صدي عيسوي ۾ ان پراڻي ماڳ کي ديبل يا ديول سڏيو ويندو هو ۽ اهو پهريون شهر هو جنهن تي مسلمان فاتح محمد بن قاسم حملو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هن جنرل جيڪي منجنيقون استعمال ڪيون اُهي سمنڊ جي ذريعي آنديون ويون ۽ اهو سنڌوندي جي ڊيلٽا جي اولهندي حصي تي سنڌ جو مُک بندر هو. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هي آڳاٽو شهر ماضي جي دؤر جا آثار سانڍي ويٺو آهي جنهن ۾ قلعي جا بُرج، بچاءَ جا مورچا، مينار ۽ گهر شامل آهن. ان کان علاوه وڏي انگ ۾ سڪا پڻ مليا جيڪي گهڻي مينهن سبب ميسارجي ويا هئا. تباهي وقت اتي هڪ مندر هو جيڪو قلعي جي پاڪائي سبب مشهور هو ان ڪري مسلمان تاريخدانن ان شهر کي ديول يا مندر سڏيو پر اهو يقين سان چيو وڃي ٿو ته مسلمانن جي فتح کان اڳ ان کي مهرا يا ماسوَرِ سڏيو ويو.

ڀنڀور هڪ دڙي جو مقامي نالو آهي جيڪو گهارو ڪريڪ جي اترين ڪناري، گهارو ڳوٺ کان ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي ۽ ڪراچي جي روڊ کان اڌ ميل پري واقع آهي. قلعي ۽ سندس ڀتين ۽ قلعي جي برجن جا آثار نمايان آهن ۽ ڀڳل سرن جي ڍڳن مان پراڻا سڪا مينهن وسڻ کان پوءِ وڏي انگ ۾ مليا آهن. دڙي کان هڪ ڊيم اتر ۾ ٽاڪرو ميدان تائين تعمير ٿيل مليو هو جيڪو مينهن جي پاڻي کي ذخيرو ڪري ان کي ڍنڍ جي شڪل ڏيندو هو. جيئن ته گهارو ڪريڪ سنڌوندي جي انتهائي اولهندي شاخ آهي ان ڪري شايد اها سڀ کان پراڻي آهي. ان سان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ٺٽي يا ٻي ڪنهن ماڳ بدران ڀنڀور هندن جو شهر هو جنهن کي ديبل سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو پهريون شهر جنهن تي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ وقت حملو ڪيو. پر اتي ڪنهن به شهر جا آثار نه آهن ۽ ان امر جي نشاندهي به نه ٿئي ٿي ته اهو ڪهڙي طرف ۾ ڦهليو.

چيو وڃي ٿو ته اٺين صدي عيسوي جي وچ ڌاري زلزلي سبب ڀنڀور تباهه ٿيو جڏهن برهمڻ آباد به تباهي جو شڪار ٿيو. تحفة الڪرام جي مطابق سسئي کي ڀنڀور جي هڪ ڌوٻي پنهنجي هنج ۾ ورتو. گهارو ڪريڪ جي اسسٽنٽ سرجن 1836ع ۾ لکيو ٺٽي جي اتر ۾ گهارو طرف وهندڙ شاخ سٺ سال اڳ بند ٿي وئي هئي. اهڙي طرح ٺٽو، ڊيلٽا کان اڳ ٿيو.

پنجاهه سال پوءِ ڀگهار شاخ، جيڪا هينئر ڪئنال جي شڪل ۾ آهي، لٽجي وئي ۽ ڊيلٽا جي چوٽي سمنڊ کي ويجهو ٿي. انڪري اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڀنڀور يا ديبل، جيڪڏهن ٻنهي کي ساڳيو ماڳ قرار ڏجي، گهڻو وقت اڳ سمنڊ سان سڌي رابطي کان ڪٽجي چڪو هو. سنڌوندي جي لٽجي ويل وات واري موجوده هنڌ مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته ان وقت هتان جي ڪهڙي حالت هئي جڏهن سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ ٻيڙا هتي لنگر انداز ٿيندا هئا.

ابن حوقل 976 عيسوي ۾ منصوره جو هنن لفظن ۾ ذڪر ڪري ٿو، ” منصوره ڏيڍ ميل ويڪرو آهي ۽ سندس چوڌاري مهراڻ جي شاخ آهي. اهو ٻيٽ وانگر آهي ۽ هتان جا رهواسي مسلمان آهن. آبهوا گرم آهي ۽ ڪتل جا وڻ ڦٽن ٿا پر انگور يا صوف جي پيداوار نه ٿئي ٿي. ڪمند جام ٿئي ٿو. هتي صوف جي ماپ جيترو هڪ ميوو ٿئي ٿو جنهن کي ليمو سڏجي ٿو. انب جي پيداوار به ٿئي ٿي جيڪو شڪل ۽ ذائقي ۾ آڙو جهڙو آهي. اهو گهڻي مقدار ۾ ۽ سستو آهي. قيمتون گهٽ آهن ۽ خوراڪ جهجهي مقدار ۾ موجود آهي. ملتان منصوره جي اڌ جيترو آهي. ملتان ۽ منصوره جي اڪثر حصن ۾ ٻولي عربي ۽ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي. مڪران ۾ اهي مڪراني ۽ فارسي استعمال ڪن ٿا. سڀ ننڍا ڪُرتا پهرين ٿا جڏهن ته واپاري عراق ۽ فارس جي ماڻهن وانگر صدري ۽ چوغو پائين ٿا.“ جاگرافيدان الادريسي منصوره بابت پنهنجي احوال ۾ لکي ٿو، ”جنهن بابت اسان ڳالهايون ٿا اهو وڏو، آبادي سان ڳتيل، شاهوڪار ۽ تجارتي آهي. ان جي پسگردائي زرخيز آهي. عمارتون سرن، چٽيل سرن پلستر سان تعمير ٿيل آهن. اها تفريح ۽ وندر ورنهه جي جاءِ آهي. واپار وڌي رهيو آهي. بازار ماڻهن سان ڀريل ۽ سامان جهجهي مقدار ۾ دستياب آهي. هيٺين طبقي جا ماڻهو فارسي پوشاڪ پهرين ٿا جڏهن ته شهزادا چوغا پائين ٿا ۽ هندوستان جي شهزادن وانگر ڊگها وار رکن ٿا. مڇي جهجهي مقدار ۾ آهي. گوشت سستو آهي ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ميوو گهڻي مقدار ۾ دستياب آهي. ايٽڪن جي گزيٽيئر جي 1907ع واري شماري ۾ اچي ٿو ته 750ع ۾ جڏهن هن هنڌ کي عباسين، اموي گهراڻي کان فتح ڪيو ته نون گورنرن ۽ اهلڪارن پراڻي کي رد ڪيو. چيف گورنر منصور بن جمهور هن هنڌ جي لاءِ ويڙهه ڪئي پر هو ريگستان ڏانهن فرار ٿي ويو جتي اُڃ سبب مري ويو. جاگرافيدان مسعودي مطابق پر هن جو نالو منصوره ۾ رهجي ويو ڇاڪاڻ ته هن ان شهر جو بنياد وڌو. اٽڪل 951ع ۾ جاگرافيدان اصطخري منصوره کي زرخيز ڏٺو ۽ چيائين ته آبادي ۾ ملتان کان وڏو آهي. عام زندگي جا ڏيک ڏيندي هي لکي ٿو ته منصوره جي رهواسين وانگر ملتان جا رهواسي به پتلون پائين ٿا ۽ انهن جي اڪثريت فارسي ۽ سنڌي ڳالهائي ٿي. مسعودي جي دعويٰ ته منصوره شهر جو بنياد منصور بن جمهور وڌو تڪراري آهي. هينري ڪيسنز جي کوٽائي دؤران جامعه مسجد ۽ عرب گورنرن جا لڌل ڪيترائي سڪا ثابت ڪن ٿا ته شهدادپور جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٺن ميلن جي مفاصلي تي واقع برهمڻ آباد حقيقت ۾ منصوره جو هنڌ آهي. عرب ليکڪ بلاذري لکي ٿو ته منصوره جو بنياد برهمڻ آباد کان ٻه فرلانگ پري رکيو ويو ۽ منصوره شهر جو بنياد محمد بن قاسم جي پٽ امر گورنر منصور بن جمهور (112-114 hijra) جي دؤر ۾ رکيو. اها منصور جي اچڻ کان 14 يا 15 سال اڳ جو واقعو آهي. بلاذري چٽي طرح لکي ٿو ته منصوره جو بنياد امر وڌو.

1854ع ۾ برهمڻ آباد جي کوٽائي جو مڪمل احوال هيوز جي 1874ع واري ”دي سنڌ گزيٽيئر“ جي پهرين شماري ۾ ڏنل آهي. اهو احوال پراڻين شين ۽ قديم آثارن جي حقيقتن سان ڀرپور آهي پر پنهنجي ڊگهائي جي ڪري ان جو ذڪر هتي نٿو ڪري سگهجي. پر اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته جلد يا دير 1874ع جي گزيٽيئرن ۾ ڏنل برهمڻ آباد جي کوٽائي جو احوال هڪ تاريخي رڪارڊ واسطي ٻيهر شايع ڪيو ويندو. 25o53' اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68o49' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آباد قديم آثارن کي برهمڻ آباد جو نالو اڌ صدي کان به وڌيڪ ڏنو ويو. اهو ماڳ شهدادپور کان 8 ميل اوڀر ۾ سنجهورو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي مقامي طور بهمن سڏيو وڃي ٿو. انهن آثارن جي سڃاڻپ جو معاملو تڪراري آهي ۽ هتي رڳو انهن انومانن جو تت ڏنو وڃي ٿو جيڪي ان بابت جوڙيا ويا آهن.

جڏهن 711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته اتي هڪ هندو شهر هو جنهن کي تقريباً سڀ تاريخدان برهمڻ آباد جو نالو ڏين ٿا. ”مهراڻ آف سنڌ اينڊ اٽر ٽربيٽريز“ جو ليکڪ ميجر ايڇ. جي. رَيورِٽي ڪيتريون شاهديون پيش ڪيون آهن جنهن مان ثابت ٿئي ته اهو شهر ان شهر سان مشابهت رکي ٿو جنهن جو بنياد اسفنديار جي پٽ بهمڻ وڌو ۽ پنهنجي نالي برهمڻ آباد سان سڏيو. اهو واقعو ايرانين جي هٿان سنڌ جي فتح کان اٽڪل اڌ سڌي پوءِ 470 ق.م ۾ پيش آيو. برهمڻ آباد يا بهمڻ آباد بهرحال اهو هڪ هندو شهر هو جنهن تي محمد بن قاسم حملو ڪيو. عرب دور ۾ هي شهر ختم ٿي ويو ۽ ان جي بدران عرب شهر منصوره قائم ٿيو. رشيدالدين مشهور تاريخدان بو ريحان البيروني جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته جڏهن محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو هن بهمڻ- نو کي مطيع بڻايو ۽ ان کي منصوره جو نالو ڏنو. ٻيا ان کي ڪجهه مفاصلي تي واقع شهر قرار ڏين ٿا. اهو عرب سنڌ صوبي جو مُک شهر بڻجي پيو ۽ آبادي ۾ ملتان کان وڌيڪ هو. محمود غزنوي جي طرفان عباسي گورنرن کي نيڪالي ملڻ کان پوءِ هندن سنڌوندي جي اوڀر ۾ پنهنجي خودمختياري ٻيهر حاصل ڪري ورتي ۽ منصوره تاريخدانن جي ڄاڻ مان برهمڻ آباد وانگر گم ٿي ويو. برهمڻ آباد جي قسمت بابت هڪ روايت سوين سال اڳ ان سوال جو جواب پيش ڪيو. ڪن ڏينهن ۾ برهمڻ آباد تي هڪ ظالم هندو راجا حڪومت ڪندو هو جنهن جو نالو دلوراءِ هو. هن هڪ قانون ٺاهيو ته هر ڪنواري ڇوڪري کي شادي جي رات پهريائين هن جي محل ۾ موڪليو ويندو. اتي هڪ شريف مسلمان ماڻهو رهندو هو. جنهن جي ڌي سهڻي هئي ۽ هن جي شادي ٿيڻي هئي.  بادشاهه جي قانون جي پوئواري ڪرڻ سان هن جو منهن ڪارو ٿي سگهيو پئي. اُن ڏکيائي ۾ هن هڪ بزرگ کان صلاح ورتي،جنهن هن کي صلاح ڏني ته پريشاني جي ڳالهه نه آهي ۽ هو ظالم راجا جي شهر کي تباهه ڪندو. بزرگ اهو مشهور ڪيو ته شهر مٿان قدرتي آفت اچڻ واري آهي ۽ مسلمان ڀڄي وڃن ۽ پنهنجي جان بچائين. بادشاهه ان چتاءَ تي ٺٺولي ڪئي، ۽ جڏهن خوفائتي زلزلي سڄي شهر کي لوڏي ڇڏيو ته درٻاري ۽ بادشاهه ان ۾ دٻجي مري ويا. پرجن بزرگ جي چتاءَ تي ڌيان ڏنو ۽ لڏي ويا انهن بعد ۾ نصرپور شهر جو بنياد وڌو. 1854ع ۾ مسٽر اي. ايف بيلاسس، جنهن جي ياد ۾ گلڪاري واري سِر حيدرآباد جي گرجا ۾ لڳل آهي، شهدادپور جي اوڀر ۾ ان شهر جي آثارن جي ڳولها شروع ڪئي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن ان مشهور شهر جي قطعي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. مسٽر بيلاسس انهن آثارن مان لڌل ڪيترائي سڪا تجزيي لاءِ موڪليا ۽ اهي منصور بن جمهور، عبدالرحمان ۽ منصوره جي ٻين عرب حڪمرانن جي دؤر جا ثابت ٿيا. ميجر جنرل ايم.آر هيگ پنهنجي هڪ ليک، جيڪو رائل ايشياٽڪ سروي واليوم 6 حصي ٻي ۾ شايع ٿيو، ۾ خيال ظاهر ڪيو ته منصوره جي ڦٽل آثارن کان اتر اوڀر ۾ ڇهن ميلن جي مفاصلي تي موجود آثار برهمڻ آباد جا آهن. هن ان روايت کي رد ڪيو ته شهر زلزلي سبب تباهه ٿيو ۽ چيو ته دريا جي پيٽ دلائڻ سبب اتي پاڻي نه هيو ۽ شهر غير آباد ٿيڻ شروع ٿي ويو. هن جي خيال مطابق منصوره ڪجهه سؤ سالن کان پوءِ اهڙي طرح ڦٽڻ شروع ٿي ويو. جنرل هيگ جي مطابق برهمڻ آباد جي اتر- اولهه ۾ ¼2 ميلن جي مفاصلي تي متهلو ڳوٺ وٽ ڦٽل آثار منصوره جا آهن جتي ٻڌمت جي خانقاهه سواندي موجود آهي جنهن بابت مشهور آهي ته چچ جي حڪومت ۽ ان جو وجود هيو ۽ سندس ذڪر چچ نامي ۾ به ٿيل آهي.

ان موضوع تي وڌيڪ راءِ مسٽر هينري ڪزينس، سپرينٽنڊنٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ڏني جنهن برهمڻ آباد جي آثارن جي وڌيڪ گهري کوٽائي ڪرائي ۽ ان حيرت ڏياريندڙ نتيجي تي پهتو ته مسٽر بيلاسس ۽ جنرل هيگ درست هئا. هن مختلف شاهديون گڏ ڪيون جن مان معلوم ٿيو ته هو ٻن ڦٽل شهرن جي آثارن ۾ هو جيڪي هڪٻئي جي مٿان تعمير ڪيا ويا هئا. هيٺيون هندو شهر جڏهن ته مٿيون شهر مسلمانن تعمير ڪيو. ڪيترن مسجدن جا بنياد چٽا آهن ۽ اوڀر جي خليفن جي نالن جا ڪيترائي سڪا پڻ مليا آهن جيڪي هينري ڪزينس مطابق عرب سنڌ ڏانهن کڻي آيا. سان جي بنياد تي برهمڻ آباد بابت اندازو لڳائڻ سولو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته محمد بن قاسم هندو شهر کي تباهه نه ڪيو ۽ اتي ڇانوڻي قائم ڪئي ۽ هندن کي آزادي ڏني. ڪجهه وقت کان پوءِ ڏاهر جي پٽ جيئسيا بغاوت ڪئي ۽ برهمڻ آباد تي قبضو ڪيو پر هڪ ڀيرو ٻيهر آڻ مڃي ۽ مسلمان ٿيو جنهن کان پوءِ هن کي شهر جو گورنر بڻايو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌوندي جي ٻي ڪناري جي ڪپ تي هن جو اتان جي مسلمان گورنر سان تڪرار ٿي پيو جنهن ۾ هو مارجي ويو. جنرل هيگ مطابق برهمڻ آباد، بهمڻ يا بهمڻو نالو منصوره سان گڏيل رهيو ۽ عرب ان جو اڌ نالو بهمڻ- منصوره کي الڳ ڪري صرف منصوره رکيو. هينئر مقامي روايت منصوره بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان قاصر آهي. منصوره جي تباهي بابت هينري ڪزينس جو چوڻ آهي ته ان کي دشمن ويران ڪيو ۽ رهواسين کي قتل ڪيو. ان جو اندازو مسٽر بيلاسس جي لڌل کوپڙين ۽ هينري ڪزينس هٿان مليل انسانن جي لڌل لاشن مان لڳائي سگهجي ٿو.

هينري ڪزينس جي ٻي دلچسپ حاصلات ديپر گهانگرو وٽ ٻڌمت جي اسٽوپاجي کوجنا آهي جتان جي ڦٽل آثارن کي جنرل هيگ اصلي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي. ممڪن آهي ته اها سواندي خانقاهه جي جڳهه هجي جيڪا جنرل هيگ مطابق متصلو آهي.

برهمڻ آباد جا آثار اٽڪل چئن ميلن جي دائري ۾ آهن. سموري جڳهه ڀڳل سرن جي دڙن سان والاريل آهي جنهن مان ڪجهه دڙن جي اوچائي 15 فوٽ آهي. اتي پٿر جي بدران ڪاٺ استعمال ٿيل آهي جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اتي ڪاٺ جو ڪم به ٿيندو هو. اتان جي ڦٽل آثارن جي زمين کي ڀاڻ جي لحاظ کان ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو ۽ پاڙيسري فصل پوکڻ جي مقصد لاءِ ان جي کوٽائي ڪن ٿا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته برهمڻ آباد ۽ منصوره جي وچ ۾ هڪ يا ٻئي شهر اٽڪل ڇهه سؤ سالن تائين آباد رهيا. ان وقت لکيل رپورٽن مان هن عظيم ماڳ جي کوٽائي بابت احوال ملي ٿو.

”اسان جي ٻي دؤري دؤران، اسان پهرين کوٽيل گهر جي ڀرسان آثارن جي دڙي کي کوٽائي لاءِ چونڊيو ۽ ساڳي بازار جي ڪناري تي بيٺا هئاسين. گهر پڪل سرن جو ٺهيل هو ۽ ڪمرن جي اڏاوت اهڙي هئي جنهن جو بيان اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. سڀ کان دلچسپي جون جيڪي شيون مليون انهن ۾ تمام گهڻي خيال سان نقش ڪڍيل پٿر جون سرون مليون جيڪي زمين کان 5 انچ مٿي نڪتل هيون. اهي مضبوط پٿر جي ٽڪري مان ٺاهيون ويون هيون پر انهن تي ڀتين جي ڪرڻ سبب اهي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون هيون. بهرحال مان انهن مان ڪجهه سرن جا سمورا ٽڪرا گڏ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته جيئن سڀني کي ملائي سگهجي. انهن جي ماپ ٻن کان اڍائي فوٽن تائين هئي.

سڀ کان خوبصورت ڳاڙهو واري جو پٿر هو جهڙو ڪچ ۾ پوربندر مان مليو. ٽڪرو چورس هو جنهن جي مرڪز ۾ وڏي گول خالي جاءِ هئي. جڏهن ته ڪنارن تي نانگن ۽ مورن جون شڪليون اڪريل هيون. اها گول جاءِ ڪجهه گهري هئي ته جيئن پاڻي رکي سگهجي ۽ نڪري جي هڪ ڪنڊ تي سان جو مٿو اڪريل هو ۽ ڏيکاريل هو ته پاڻي سان جي وات مان گذري رهيو آهي. ان نموني ۾ چار پير هئا جن تي شڪليون اڪريل هيون. ٻه پير خالي هئا جڏهن ته ٻن پيرن مان هڪ تي شينهن جون شڪليون ۽ جنگجو هٿ ۾ تلوار ۽ ڍال کنيو بيٺو هو. ٻي پير تي ٻن عورتن مان هڪ سرندو(گٽار جو قسم جيڪو اڃان تائين استعمال ۾ آهي) وڄائي رهي هئي. ٻي عورت شيشي ۾ پاڻ کي ڏسي ٻي هٿ سان وار ٺاهي رهي هئي. اهي پير هڪٻئي سان کليل محرابن سان ڪانس ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا ۽ اهو هڪ نقش اڪرڻ جي فن جو نمونو هو.

شڪليون ۽ استعمال ٿيندڙ سڀ نشان ۽ زيور هندو آهن جيئن جين جي پراڻي مندر ۾ ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. هڪ يادگار حقيقت اها آهي ته ان پٿر جي ٽڪري تي اڪريل شڪليون مڪمل آهن.

”ان ساڳي گهر ۾ اسان کي شطرنج جو مڪمل سيٽ مليون جنهن مان ڪجهه مهرا ڪاري ۽ باقي اڇي رنگ جا هئا. اهي عاج مان ٺهيل هئا. بادشاهه ۽ راڻيون ٽي انچ ۽ پيادا هڪ انچ اوچا هئا. جڏهن ته باقي مهرا مختلف ماپن جا هئا. سڀني کي جهاز تي کيڏڻ لاءِ تيار ڪيو هو ۽ هر مهري ۾ هڪ ڪوڪو لڳل هو جيئن اڄڪلهه سامونڊي جهازن ۾ کيڏڻ لاءِ تيار ڪيا وڃن ٿا ته جيئن مهرا ڪري نه پون ۽ راند ۾ رخنو پئي. انهن ۾ استعمال ٿيل عاج ڀرندڙ حالت ۾ هو ۽ جانور جو هر هڪ حصو ختم ٿي چڪو هو ۽ عاج ڀُري چوني يا چاڪ وانگر ٿي پيو هو.

برهمڻ آباد مان لڌل شيون فن جو اُسريل نمونو آهن. انهن ۾ عقيق تي چٽسالي جو ڪم سڀ کان نمايان آهي. انهن مان اڪثر فن جا گوهر آهن جيڪي اندران پالش ٿيل آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اهو فن هاڻي گم ٿي ويو هوندو. انهن مان ڪجهه جيڪي مليا آهن انهن تي ڏاند ۽ ڪجهه ته شينهن ۽ باقي تي عربي نالا مليا آهن. ڪجهه ته اهڙا اکر چِٽيلَ آهن جيڪي ديوناگري يا سنسڪرت سان مشابهت رکن ٿا.

مسٽر جي دبليو سمٿ، جنهن 1919ع ۾ نوابشاهه ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر سهيڙيو، لکي ٿو ته شطرنج جي مهرن جو ملڻ ان طرف اشارو ڪري ٿو ته راجا ڏاهر برهمڻ آباد يا الور ۾ شطرنج راند ايجاد ڪئي.

روهڙي يا لوهڙي، پراڻو لوهار ڪوٽ، 27o.49 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68o.55 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. اهو سنڌودرياءَ جي اڀرندي ڪناري تي آباد ٽاڪرو شهر آهي. جنهن ۾ چن جو پٿر نمايان آهي. ساڄي ڪناري تان سکر جي طرف کان يا سنڌو درياءَ جي وچ ۾ بکر جي ٻيٽ وٽان روهڙي کي ڏسڻ سان شهر خوشگوار ۽ پرڪشش تصوير پيش ڪري ٿو، جتي گهر چار يا پنج ماڙ اوچا تراکڙي ڇت سان آهن جن جي چوڌاري جهنگلو لڳل آهي ۽ ندي جي ڪناري تي مضبوطي سان بيٺا آهن. پر شهر جي اندر پهچڻ سان اهو خوشگوار تاثر ميسارجڻ لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪيترن حصن ۾ گهٽيون سوڙهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ هوا بند آهي. شهر جي دلچسپي جو مرڪز پراڻا نشان آهن. دنيا جي هن خطي ۾ روهڙي ۽ ان جي پسگردائي پٿر جي اوائلي دؤر سان تعلق رکي ٿي ۽ هتان پٿر جي دؤر جا ڪيترائي يادگار مليا آهن. اهو معلوم ٿئي ٿو آڳاٽي دؤر کان انسان ذات روهڙي جي ڀرسان رهڻ شروع ڪيو ۽ اهو ممڪن آهي ته ان ماڳ تي پٿر جي زماني کان وٺي آبادي هجي. 1911ع ۾ روهڙي جي آبادي 11،286 هئي جيڪا 1951ع ۾ وڌي 13،716 ٿي جن مان 6،646 مهاجر هئا.

پٿر جي زماني ۽ عربن هٿان سنڌ جي فتح جي وچ ۾ تمام گهڻو خلا آهي، جنهن وقت موجوده ماڳ تي ڪوبه شهر نه هو جيڪو ان وقت ڪنهن به ندي جي ڪناري تي نه هو. پر جڏهن سنڌوندي پنهنجو پيٽ بدلايو ۽ موجوده روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ ٽڪرين منجهان رخ رکيو ته ٻئي شهر شايد هڪ ئي وقت ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن تي اڀريا. آڳاٽي زماني کان روهڙي کي مقدس حيثيت حاصل ٿي جنهن ۾ ان وقت اضافو آيو جڏهن سيد هتي آباد ٿيا، جن کي شاهه بيگ ارغون بکر مان لڏائي روهڙي ۾ آباد ڪيو ۽ اُنهن کي مراعتون ۽ زمينون ڏنيون. مقدس جاءِ جي تاريخ اتي آباد مزارن ۽ تبرڪن مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. ٿارٽن مطابق 73 سال اڳ هئي چاليهه مسجدون هيون، جن ۾ نماز ادا ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته 80 مسجدون زبون حالي ۾ هيون.

مقدس جاين مان هڪ جامع مسجد آهي جيڪا اڪبر بادشاهه جي اهلڪار فتح خان سن 1853ع ۾ تعمير ڪئي. اهو ڳاڙهين سرن ۽ ڳورن ٽن گنبذن جو ڍانچو آهي جنهن تي چٽسالي ٿيل سرون لڳل آهن. عيد جي موقعن تي نماز پڙهڻ لاءِ پرڪشش عيدگاهه جي تعمير 1593ع ۾ ڪئي وئي. جنهن تي ٽي گنبذ اڏيل آهن. ٻين مسجدن ۾ مير يعقوب علي شاهه جي مسجد آهي جيڪا شهر کان اڌ ميل پري آهي. هن مهل اها زبون حال ۾ آهي پر اڃان تائين چٽسالي ٿيل سرون موجود آهن. اها 1677ع ۾ تعمير ڪئي وئي.

ندي جي ڪناري تي جيڪي ننڍيون ٽڪريون آهن اتي هڪ هموار سطح آهي اتي ٺٽي جي مڪلي وانگر چٽسالي ٿيل پٿر جون قبرون آهن جن تي قرآن شريف جون آيتون نقش ٿيل آهن. قبرن جي وچ ۾ فرش وڇايل آهي ۽ ڏاڪڻ کاٻي طرف هموار ميدان ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. ڪاشي جي سرن جو قبن ۾ عام استعمال ٿيل آهي جن مان اڪثر جو تعلق 1609ع کان 1883ع تائين آهي. اهم قبر سبزواري سيد مير قاسم جي آهي جيڪا 1018 هجري ۾ تعمير ڪئي وئي. اها قبر جاءِ کي شايد مقدس بڻائي ٿي ۽ ان جي آڏو لئمپ پوسٽ آهي جتي لئمپ اڃان تائين موجود آهي ۽ ان جي ڪري ٽڪري کي ٿاڻ قاسم شاهه جو نالو ڏنو آهي. پر جنهن نالي سان اها هڪ وڌيڪ مشهور آهي اها ستين جتين جو آستان آهي. ان جي ڏکڻ ۾ هڪ عمارت آهي جنهن کي سبتين سڏيو وڃي ٿو. اها عمارت ڪمرن جي هڪ قطار تي مشتمل آهي جيڪا ڊگهي رستي سان ڳنڍيل آهي ۽ ان کي هڪ ٽڪري ڪٽي ٿي جيڪا ٻاهران رنگين سرن سان سينگاريل آهي. چيو وڃي ٿو ته انهن ڪمرن ۾ ست ڪنواريون رهنديون هيون جن قسم کنيو هو ته اهي مرد جو منهن نه ڏسنديون. سر رچرڊ، بهرحال چئي ٿو ته اهو قياس غلط آهي، جاهل ماڻهن ستين جي آستان کي ستن جي معنيٰ ۾ ورتو آهي.

روهڙي جي مخالف طرف ۾ اڌ ايڪڙ تي مشتمل هڪ ٻيٽ آهي جنهن جو اڌ پاڻي جي سطح کان مٿي آهي. ان کي ڀت سان بند ڪيو ويو آهي. اتي هڪ مزار آهي جتي سنڌي مارچ ۽ اپريل ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏجي اچن ٿا. چاندي جي دروازن سان هڪ مرڪزي عمارت آهي، جيڪو مقبرو هجي، جنهن ۾ پيل خالي جڳهه بزرگ جي ويهڻ جي جاءِ هئي، جنهن جي مٿان پٿر جو ٽڪرو ڀت ۾ لڳل آهي جنهن تي فارسيءَ ۾ لکيل آهي:

”جڏهن هي دربار تعمير ڪئي وئي، ان جي چوڌاري

خضر جو پاڻي هو، خضر اهو خوشگوار آيت ۾ لکيو.“

ان جي تاريخ جو اندازو ”درگاهه علي“ جي لفظن ۾ ڪيو ويو جنهن جي معنيٰ آهي ”هڪ وڏي بزرگ جي درٻار ۽ ان مطابق تاريخ 341 هجري يا 952ع سن بيهي ٿي. آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو سپرنيٽنڊنٽ چوي ٿو ته پٿر جي ٽڪري جو تعلق اصلي عمارت سان نه آهي. جيڪو جديد معلوم ٿئي ٿو. ان جو نمونو ۽ اکر مشڪل سان آڳاٽي زماني سان تعلق رکن ٿا ۽ سترهين صدي عيسوي سان واسطو آهي. مزار جي ڏکڻ اولهه ۾ زبون سرن جي مسجد آهي جنهن تي 1011 هجري (1602ع) جو سن لکيل آهي. مڙني شين جي ڍڳ سان سينگاريل آهي جن مان ڪجهه پراڻيون ۽ سٺي حالت ۾ آهن. خواجا خضر يا زنده پير جو احترام روح پرستاڻي جي عبادت جو پراڻو طريقو آهي جنهن جو واسطو ننڍين ۽ پاڻي جي عبادت سان آهي. اهو هڪ متو آهي جيڪو دنيا جي مختلف حصن جي آبادين ۾ ملي ٿو.

سکر ۽ روهڙي جي وچ۾ ٻيٽ تي بکر جو قلعو چن جي پٿر جي ٽڪرين جي زنجير جو هڪ ڳنڍ آهي جيڪا سنڌوندي جي لڪير پار ڪري ٿي ۽ ڏکڻ طرف 50 ميلن تائين ڦهليل آهي. اهو معلوم ٿئي ٿو ته اٺين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سنڌوندي، جڏهن پراڻو پيٽ بدلايو ۽ آڳاٽي هندو راڄڌاني اروڙ کي ويران ڇڏيو، ان هنڌ تي پنهنجي لاءِ رستو بڻايو پر بکر جي مضبوط ٽڪرن مزاحمت ڪئي ۽ تيز وهندڙ پاڻي مان نڪتل اهي هڪ دفعي پسگردائي جي ملڪ جي حڪمرانن لاءِ نهايت اهميت جي مالڪ جنگي حڪمت عملي جو هنڌ ثابت ٿيو. بکر ڪيئن جلد ٻيٽ بڻيو يا سکر جي ڪناري کان اهو ڪيترو وقت اڳ اُپٻيٽ بڻيو ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پر ٻن نالن ۾ هڪجهڙائي اهو ثابت ڪري ٿي ته ٻنهي وچ۾ زميني ڳانڍاپو رهيو آهي. هينئر به ٻنهي جي وچ۾ شاخ 100 وال ويڪري آهي ۽ 1903ع ۾ اها سردين جي موسم ۾ ڪجهه وقت  لاءِ خشڪ ٿي. بکر ضرور آڳاٽي زماني  ۾ فوجي ڇانوڻي رهيو هوندو. شيخ ابوتراب، هڪ عرب جنهن جو مقبرو ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري جي گجو ڀرسان آهي، لکي ٿو ته ان کي هڪ منفرد مقام حاصل هو. ايبٽ چئي ٿو ته بکر عربن جي سنڌ تي حملي يا  قبضي ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو. چچ نامي ۽ عربن جي ڪتابن ۾ به ان جو ذڪر نٿو ملي. ان سلسلي ۾ غزنوي سلطانن جي وقت ۾ به ڪو اشارو نٿو ملي. تيرهين صدي عيسوي جي شروعات کان بکر مشهور نالو آهي. اڪبر جي زماني ۾ اها ساڳي نالي جي صوبي جي راڄڌاني هئي. تاريخ معصومي ۾ بکر جي ڳوٺن ۽ شهرن جو ذڪر ٿيل آهي. ايبٽ چئي ٿو ته جڏهن اسان بکر بابت ٻڌو ته اُن وقت ننڍي کنڊ ۾ اهو غير تسخير ۽ جنهن کي ڪڏهن فتح نه ڪيو ويو هجي لاءِ مشهور هو. بکر جي قلعي تي دهلي جي غزني، غور ۽ تغلق بادشاهن طرفان لڳاتار حملن جو ڪوبه احوال نٿو ملي. ٺٽو فتح ڪرڻ کان پوءِ شاهه بيگ ارغون ان کي هڪ معاهدي جي ذريعي حاصل ڪيو. ڌاريجن ان کي سيدن کان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1540ع ۾ سلطان محمد خان ان کي همايون جي حملن کان محفوظ رکيو. پر بکر جي تاريخ ۾ سڀ کان نمايان واقعو شهنشاهه شاهجان جي تاج لاءِ اورنگزيب ۽ دارا شڪوهه جي وچ۾ گهرو لڙائي هئي. لڙائي جي دؤران دارا شڪوهه جي فوجن بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ گهيري دؤران آرٽلري جي ڪمان مانوڪي (Manucci) ڪري رهيو هو جنهن گهيري جو واضح احوال ڇڏيو آهي. تاريخ جي ان اهم واقعي ۾ دلچسپي رکندڙ مانوڪي جو ڪتاب ”اسٽوري آف دي مغلز“ يا ڊاڪٽر ايڇ. ٽي سارلي جو ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ پڙهن جڏهن شاهه بيگ ارغون بکر کي پنهنجي راڄڌاني بنائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان کي مستحڪم بڻايو ۽ مليل جليل آبادي کي نيڪالي ڏنائين. انهن مان سيد سنڌوندي جي ٻنهي ڪنارن تي آباد ٿيا. ان وقت کان وٺي بکر ۽ روهڙي جي اهميت وڌڻ لڳي. جيتوڻيڪ سنڌوندي جي اولهندي سنڌ واري علائقي کي نادر شاهه فتح ڪيو ته بکر ۽ سکر کي به ان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اها خوشحالي حاصل ڪئي جيڪا شڪارپور کي بولان لڪ ذريعي واپار سبب حاصل ٿي. حالتون، جن سبب سکر ٽالپرن جي هٿ هيٺ آيو. غير واضح آهن. اهو واقعو 1809ع ۽ 1824ع جي وچ ڌاري ٿيو هوندو جن ڏينهن ۾ ٽالپرن شڪارپور حاصل ڪئي. 1839ع ۾ برطانوي فوج سکر ڏانهن موڪلي وئي. خيرپور جو مير رستم برطانيا سان هڪ معاهدو ڪيو جنهن مطابق هن افغانستان ڏانهن ويندڙ برطانوي فوج جي مدد ڪئي ۽ سنڌ کي هڪ اڏي جي حيثيت ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. 1847ع ۾ ڪراچي، ٺٽي ۽ روهڙي جا شهر برطانوي حڪومت جي علمداري هيٺ آيا. سکر، بکر ۽ روهڙي هڪ علائقو آهي ۽ هتي گڏيل صورت ۾ سمجهيا وڃن. انومان آهي ته سکر لفظ سخر آهي جنهن جي معنيٰ فائديمند آهي ۽ بکر، جيتوڻيڪ اهو يقين سان نٿو چئي سگهجي، عام سنڌي طريقي سان نقل واري انداز ۾ ٺهيو.

سکر ۾ ٽي پراڻا آثار آهن جن جو ذڪر هتي ڪرڻ ضروري آهي. انهن ۾ آدم شاهه جو مقبرو، خيرالدين جو مقبرو ۽ مير معصوم جو مينار شامل آهن.

 اولهه ۾ ننڍي ٽڪري تي آدم شاهه جو اڇو مقبرو اڏاوتي لحاظ کان ڪابه ڪشش نٿو رکي پر تاريخي لحاظ کان يادگار آهي. آدم شاهه پهريون ڪلهوڙو هو جنهن مقبوليت حاصل ڪئي. هن تدبير ڪئي ته چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻي) ۾ زمينداري حاصل ڪري پر بعد ۾ ملتان هليو ويو جتي هن پنهنجا ڪيترائي مريد گڏ ڪيا ۽ هڪ طاقت طور اڀريو. هن وقت جي حڪمران سان مهاڏو اٽڪايو ۽ مارجي ويو ۽ شهيد ليکيو ويو. هن جا مريد سندس لاش سکر کڻي آيا ۽ اتي دفنايائون جتي هن وقت سندس مقبرو آهي. اها ٽڪري فوج جي ملڪيت ۾ آهي ۽ عوام لاءِ کليل نه آهي.

پراڻي سکر ۾ نيري قبي سان مزار شاهه خيرالدين جي آهي جنهن جي زندگي ۽ سرگرمين جو احوال هٿ لکيل لفظن ۾ ملي ٿو جيڪو سکر جي قاضي وٽ آهي. هي 1492ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي نوجواني بغداد ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪندي گذاري. ان کان پوءِ هن سفر ڪيو ۽ ڪجهه وقت بلڙي ۾ گذاريو پر آخر ۾ سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ لاڏاڻي تائين اتي رهيو. هن هڪ روحاني بادشاهت جو بنياد وڌو ۽ هن جي هڪ وارث 1760ع ۾ سندس قبر مٿان مقبرو اڏايو. احوال ۾ اچي ٿو ته ان کي رنگين سرن سان سينگاريو ويو ۽ مقبري جي اندر اڇي ۽ سائي رنگ جون سرون استعمال ڪيون ويون. پر آرڪيالاجيڪل سروي جي سپرينٽنڊنٽ جي رپورٽ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مقبري جي ٻاهران ڪم اٽڪل چاليهه سال اڳ ڪيو ويو جنهن ۾ خراب معيار جون سرون استعمال ڪيون ويون.

سکر سڀ کان وڌيڪ واضح يادگار مير معصوم شاهه جو منارو آهي. مشهور سيد، سپاهي ۽ سنڌ جي تاريخ جي ليکڪ مير محمد معصوم اهو منارو تعمير ڪرايو جنهن کي اڪبر بادشاهه سکر جو نواب مقرر ڪيو ۽ پسگردائي ۾ وڏي جاگير عطا ڪيائين. مناري جي شڪل گهٽ يا وڌ مخروطي آهي. اهو بنياد ۾ 84 فوٽ ويڪرو ۽ 100 فوٽ اوچو آهي جتان پسگردائي جو وڻندڙ منظر آرام سان ڏسي سگهجي ٿو. لوهي جهنگلي سبب ان جي خوبصورتي تي اثر پيو آهي. در تي لڳل پٿر تي فارسي ۾ هي لفظ نقش آهن. مامي (مير معصوم جي عرفيت) جو مينار دنيا جو منظر پيش ڪري ٿو. ان جي تعمير 1593 عيسوي ۾ شروع ٿي پر ان جو ڍانچو 14 سالن بعد مير معصوم جي پٽ مڪمل ڪرايو. منارو جي ڀرسان هن بزرگ ۽ سندس والد جو مقبرو آهي جن جي مٿان ڇٺي ٺهيل آهي جنهن تي فارسي ۾ عبارت لکيل آهي. اٺ ڪنڊو قبو اندروني طور رنگين سرن سان سينگاريل آهي جنهن کي سر رچرڊ برٽن نماز ادا ڪرڻ جو هنڌ قرار ڏنو آهي.

مير معصوم ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون تعمير ڪرايون. هڪ مسجد ۽ آرامگاه جوڙايو جنهن ۾ در ۽ دروازا لڳل هئا، ان تي لکيل هو ته هي مسلمانن جي نماز ۽ آرام لاءِ آهي. پراڻي سکر ۾ هڪ جامع مسجد آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي تعمير مير صفائي، مير معصوم جي پيءُ ڪرائي. اتي ڪيترائي آثار ڇڙوڇڙ آهن، جن جي ڄاڻ دلچسپي کان خالي نه هوندي. ميدان تي ڪليڪٽر جي بنگلي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ مير عبدالباقي پوراني جو مقبرو آهي. ان ۾ استعمال ٿيل ٽائيل جي ڪم جا وڏا بلاڪ آهن جيڪي آرڪيالاجيڪل سروي جي سپريٽنڊنٽ مطابق مڪلي يا سنڌ جي ٻين علائقن مان ملندڙ اهڙن نمونن کان مختلف آهن.

اوٻاڙو تعلقي جي ريٽي اسٽيشن کان ڏکڻ ۾ پنج ميل پري ويران ميدان تي ڪجهه آثار بيٺل آهن جن کي وجنوٽ سڏيو وڃي ٿو. انهن آثارن بابت مسٽر هينري ڪسنز پنهنجي احوال              ۾ لکي ٿو ته ماڳ تي پهچڻ سان ڪيترائي گهري رنگ ور وڪڙ رستا ۽ دڙا نظر اچن ٿا جنهن جي تراکڙي ميدان کان اوچائي 16 کان 20 فوٽ آهي. اهي ڀڳل سرن جي ڍڳن تي مشتمل آهن. انهن ۾ لوڻياٺي مٽي ۽ سڙيل ڀورڀور ٿيل ڪاٺ جا ٽڪرا مليل آهن. اُن سڙيل ۽ سخت ٿيل ڪاري رنگ جي موجودگي سبب دڙي جي ملبي جو رنگ گهرو نظر اچي ٿو، پر تجزيي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سرن جا ٽڪرا گهري رنگ جي سرن تي مشتمل آهن. اڻ ڦلهوڙيل دڙي تي ڪابه سر مڪمل ماپ يا وڏي ٽڪري ۾ نه ملي ۽ سڀ سرون تيز ڇيڙي جي ٽڪرن ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي لاءِ ڌاتوئي پٿر مهيا ڪرڻ لاءِ تازي کوٽائي ڪئي وئي، پر پراڻو هنڌ انهن لاءِ صدين کان هڪ سوال بڻيل هجي جن ملڪ جي هن حصي مان ڪجهه پٿر يا پڪل سرون حاصل ڪرڻ چاهي.

 

 

60 واري ڏهاڪي دوران فن عمارت سازي جو هڪ نمونو-روهڙي

ريگستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪيترن ميلن ۾ مسلمان قبرن تي وجنوٽ نموني جون سرون لڳل نظر اچن ٿيون. جڏهن پهريائين سرون کوٽي ڪڍيون ويون ته اندر کپيل حصو محفوظ هو. اهي ماپ ۾ 15 انچ ڊگهيون، 10 انچ ويڪريون ۽ اڍائي انچ ٿلهيون هيون جڏهن ته ڪجهه سرون 18 انچ ڊگهيون، 12 انچ ويڪريون ۽ چار انچ ٿلهيون هيون. اهي مڙيل پر مجموعي طور چڱي نموني پڪل ۽ گهري ڳاڙهي رنگ جون آهن. معلوم ٿئي ٿو ته سرون سٺي انداز ۾ وڌل هيون ۽ گاري سان ڳنڍيل هيون. ڪٿي به چونو استعمال نه ٿيل هو سواءِ ڀتين ۽ ٿنڀن تي جن مٿان اڇي رنگ جو تهه چڙهيل هو جڏهن انهن کي پهريون ڀيرو ڳولهيو ويو.

دڙن جي حلقي جي ماپ ڏيڍ ميل هئي جنهن جي انتهائي ڊيگهه اوڀر ۽ اولهه ۾ اڌ ميل ۽ اتر کان ڏکڻ ۾ ويڪر چوٿائي ميل هئي. انهن جي پسگردائي ۾ ڏکڻ- اولهه ڪنڊ وٽ مسلمانن جو قبرستان هو. پراڻي شهري کان مختلف طرفن ۾ ڪجهه مفاصلي تي ڪجهه آثار پڻ موجود هئا.

آثارن جي مرڪز جي برابر هڪ چورس کليل ايراضي آهي جيڪا اتر کان ڏکڻ ۾ 200 کان 300 وال ڊگهي ۽ هڪ ڀاڱي ٽي ويڪري آهي، ان چورس جي اولهه ۾ مُک دڙن جو ملبو آهي جيڪي شايد ان هنڌ جي سردارن جا گهر هئا ۽ انهن جي وچ ۾ مندر هو جنهن جي ٻين جي ڀيٽ ۾ مڪمل کوٽائي ڪئي وئي آهي. آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته مندر نه رڳو مضبوطي سان تعمير ڪيو ويو پر اتي پيل پٿرن جي ٽڪرن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهن تي نقش نڪتل هئا جيڪي ريگستان لتاڙي جيسلمير کان آندا ويا هئا.

پٿرن جي ڪجهه نقشن مان ڏسي سگهجي ٿو ته نقاشي هڪ ئي نموني جي آهي ۽ ان زماني سان تعلق رکي ٿي جڏهن مندرُ يا مندر تعمير ڪيا ويا ڇاڪاڻ ته جيڪو مواد انهن ۾ استعمال ٿيو اهو احمد آباد ۾ احمد شاهه جي مسجد (1251ع) ۾ استعمال ڪيو ويو. تنهنڪري اهو نسبتاً پراڻي سرن جي ڪم واري زماني کان بعد جو زمانو هو.

ان ماڳ وٽان هيٺيون شيون مليون آهن.

سڪا: اهي مُک ٽامي جا ٺهيل آهن جيڪي قطر ۾ اڌ انچ، انچ جو هڪ ڀاڱي ڏهون حصو ٿلها ۽ وزن ۾ 30 کان 40 گرين آهن ۽ ڪٽجڻ سبب سڃاڻپ کان ٻاهر آهن. اهي عام هئا پر ڪجهه ٻيا سڪا به هئا جن جو وزن 17 کان 22 گرين هو. ڪجهه چاندي جا سڪا پڻ مليا آهن جيڪي قطر ۾ انچ جو ٽي ڀاڱي ڏهه ٿولهه ۾ انچ جو هڪ ڀاڱي چوڏهن ۽ وزن ۾ هر هڪ ڇهه کان 7 گرين آهي. اهي پڻ ڪَٽيل آهن پر هڪ يا ٻنهي پاسن تي لسا نقش اٿن جيڪي انساني شڪل جو نقش پيش ڪن ٿا.

ٺڪر جي اڇي رنگ جي ٿانون تي تراکڙا، بيضوي شڪل ۽ گول ٻڙا يا ڳاڙهو عقيق لڳل هو. ان نموني جا ٿانو سرواهي مان مليل آهن جن جي ٻنهي پاسن تي اهڙو جڙاءَ جو ڪم ٿيل آهي. ننڍي کنڊ جي  ڏاکڻي ۽ وچين علائقي جي پٿرن سان ٺهيل قبرن مان عقيق جا ٻڙا ۽ ٻيا زيور ان قسم جا مليا آهن. شيشي، سائي، نيري ۽ اڇي رنگ جا ڪجهه نمونا مليا آهن جيڪي زوال پذير حالت ۾ آهن ۽ شيشي جي لسن ڪنگڻن جا ڪجهه ٽڪرا به مليا آهن جيڪي اڄ جي دور ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

ٽامي ۽ جست جي زيورن جا ڪجهه ٽڪرا مليا آهن جن مان پازيب (جيتوڻيڪ ڪَٽيل حالت ۾) جو مڪمل زيور مليو آهي.

مٿين نمونن کان علاوه ڪجهه ريتي مان ٺهيل پٿر جا ماربل ۽ جانورن جون شڪليون مليون آهن جيڪي شايد ٻارن جا رانديڪا آهن.

مٿاڇري کان ڪجهه فوٽ اندر هڏا پنهنجي زبون حالي جي آخري حالت ۾ مليا آهن. ان کان علاوه هِتي ۽ هُتي ڪجهه محفوظ ٿيل ٽڪرا مليا آهن جن مان ڪجهه بيشڪ انسان جا آهن.

ظاهري طرح معلوم ٿئي ٿو ته شهر طوفان يا زلزلي سبب تباهه ٿيو ۽ آثار مک طور گاري يا اس ۾ پڪل سرن تي مشتمل آهن جن ۾ باهه لڳائيندڙ مادو جهڙوڪ ڪاٺ يا سڪل گاهه مليل آهن، يا شايد غير معمولي وڏي ٻوڏ گهرن کي تباهه ڪيو هجي ۽ ان کان پوءِ باهه لڳي هجي. سڄي ماڳ ٿي آڙاهه جا نشان چٽا آهن اهو پڻ يقيني آهي ته مٿاڇري کان هيٺان جيڪي هڏا ۽ شيون مليون آهن انهن تي سڙڻ جو ڪو نشان نه آهي.

ريورٽي چئي ٿو ته ان ماڳ جو درست نالو ”ونجهروٽ“ آهي. اهو نالو ان وقت هيو جڏهن هاڪڙي ۽ ويهند درياءَ وهڻ بند ڪيو اهو دوآبه يا ڊيلٽا ۾ واقع هو. ندي ۾ تبديلين سبب اهو صدين کان زوال پذير هو.

ٺٽو يا ٺٽونگر 24o46o اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67o59o ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. اهو ڪراچي کان اوڀر ۾ 15 ميل پري ۽ پاڪستان ويسٽرن ريلوي جي جنگشاهي اسٽيشن کان 30 ميلن جي مفاصلي تي آهي. جيڪو ان سان پڪي رستي ذريعي ڳنڍيل آهي. ٺٽي جي بنياد بابت تاريخ نامعلوم آهي پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته جيستائين ڊيلٽا جي چوٽي تي مڪلي جون ٽڪريون قائم ڪيون شهر صدين تائين موجود رهيو. ان حالت ۾ تڏهن ڦيرو آيو جڏهن هڪ سو چاليهه سال اڳ اها شاخ لٽجي وئي جيڪا هينئر ڪلري واهه آهي. ماڳ ۽ شهر جو نالو شايد ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿيو آهي ۽ اهي تبديليون معلوم ڪرڻ ڏکيون آهن ڇاڪاڻ ته نئين پراڻي کي هڪدم بحال نه ڪيو. ايبٽ جي دستياب شاهدين بابت اندازو درست معلوم ٿئي ٿو. هوچئي ٿو، ”ٺٽي بابت مان 1350 ۽ 1333 کان اڳ واري تاريخ ڏيندس جڏهن ابن بطوطه سنڌ جو دورو ڪيو. بدايوني چئي ٿو ته شهنشاهه غياث الدين (86-1266) جي وڏي پٽ، ٺٽو فتح ڪيو. ڪيتريون ئي روايتون آهن جيڪي ٺٽي کي سلطان علاءَ الدين خلجي سان ڳنڍن ٿيون. تحفة الڪرام لکي ٿو ته سلطان سومرن جي بادشاهت جو خاتمو آندو. تاريخ معصومي پڻ سلطان علاءَ الدين خلجي کي ٺٽي اچڻ جو بيان ڪري ٿي. اتي اسان کي ڪيترين سومرين عورتن جا مقبرا(جن جي عبادت به ڪئي ويندي هئي) ملن ٿا جن خلجي جي هٿ چڙهڻ بدران آپگهات ڪرڻ کي ترجيح ڏني. سڀ کان وڏي شاهدي شمس شيراز، جي تاريخ فيروز شاهي ڏئي ٿي جنهن مطابق سلطان فيروز شاهه 1362ع ۾ ٺٽي جي ڄامن کي شڪست ڏني. هي لکي ٿو، ”ٺٽو دهلي جي حڪمرانن لاءِ پريشاني جو باعث رهيو هو. سلطان علاءَ الدين خلجي هڪ وڏي فوج وٺي ٺٽي تي حملو ڪيو پر کيس ڪاميابي حاصل نه ٿيس. سلطان محمد تغلق ان ملڪ ۾ پنهنجي جان وڃائي. ايبٽ چئي ٿو ته بدايوني ٺٽي بابت سڀ کان آڳاٽو احوال ڏئي ٿو، هن مطابق فيروز شاهه جي حڪمراني ۾ هڪ روايت هئي ته سلطان علاءَ الدين خلجي (1315-1296) جي علمداري ۾ ٺٽو واپس آيو. ٺٽي شهر جي بنياد جي ڪهڙي به درست تاريخ هجي، اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اڳوڻي سنڌ ۾ اهو چار سؤ سالن تائين اهو تمام اهم ۽ شاهوڪار شهر هو. ارڙهين صدي جي وچ ڌاري ان جو زوال شروع ٿيو جنهن جا ٻه سبب هئا. پهريون سمنڊ کان پري هئڻ ۽ سنڌوندي جي شاخن جو رخ بدلائڻ ۽ ٻيو برطانيا ۾ مفتي انقلاب جنهن سبب ارڙهين صدي جي آخر ۾ لنڪا شائر مان سوٽي ڪپڙي جي اوڀر جي منڊين ۾ درآمد آهي. ان هتان جي ڪپڙي جي صنعتن کي ڌڪ پهچايو جيڪي سورهين ۽ سترهين صدي عيسوي ۾ منافي جو سڀ کان وڏو ذريعو هيون. جڏهن صنعتن ۾ نڪتل ڪپڙي جي مصنوعات هٿ سان اڻيل ڪپڙي کي سنڌ م جاءِ والاري ۽ واپاري ڪمپنين انهن جي مشهوري ڪئي ته شهر جو زوال شروع ٿيو. سما بادشاهه، جيڪي چوڏهين صدي عيسوي ۾ اقتدار ۾ آيا، پنهنجي راڄڌاني جو نالو سموئي رکيو جيڪو موجوده ٺٽي جي هنڌ کان اتر ۾ ٽن ميلن جي مفاصلي تي هئي جنهن طرف آبادي آهستي لڏپلاڻ ڪئي هجي جيستائين ڄام نظام الدين پندرهين صدي عيسوي ۾ ٺٽي شهر جو بنياد وڌو. ان شهر کي ٽي ڀيرا تاراج ۽ باهه ڏني وئي. پهريائين 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون، ٻيو 1555ع ۾ پورچوگيز فوجن ۽ ٽيون ڀيرو شهر جي پنهنجي حڪمران مرزا جاني بيگ. جڏهن هو اڪبر جي فوج جي 1591ع ۾ مزاحمت ڪري رهيو هو. ان هوندي به اهو شهر ڏاکڻي سنڌ جي راڄڌاني رهيو جيستائين 1768ع ۾ حيدرآباد جي تعمير ٿي ۽ پنهنجي عظمت کي پهتي. فادر مانرق، جنهن سنڌوندي ذريعي 1641ع ۾ لاهور کان ٺٽي تائين سفر ڪيو، پنهنجي احوال ۾ ٺٽي شهر کي ”دي ميٽروپوليٽن سٽي آف دي ڪنگڊم آف سنڌ“ قرار ڏنو آهي. هن جي احوال پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت شهر جي وڏي اهميت ۽ واپار ۽ ڪاروبار جو مرڪز هو.

ڪئپٽن اليگزنڊر هئملٽن جنهن 1699ع ۾ ان کي ڏٺو، لکي ٿو ته، ”ٺٽو صوبي جو واپاري مرڪز ۽ تمام وڏو ۽ شاهوڪار شهر آهي. اهو ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو ۽ لاري بندر کان 40 ميل پري آهي. ٺٽو سنڌوندي کان ٻه ميل پري آهي ۽ درياءَ مان ڪئنال ذريعي پاڻي شهر ڏانهن کڻي اچن ٿا. بادشاهه جا باغ سٺي حالت ۾ هئا جيڪي ميون ۽ گلن خاص طور ڏاڙهن سان ڀريل هئا جنهن جهڙو ذائقو مان اڳ نه چکيو هو.“ هي وڌيڪ چئي ٿو، ”ٺٽو شهر ديني تعليم، فلسفي ۽ سياست جي علم جي لحاظ کان مشهور هو ۽ انهن مضمونن جي تعليم پرائڻ لاءِ 400 ڪاليج هئا.“ ٺٽي ۽ پور چوگيزن جي وچ ۾ واپاري سلسلو هو ۽ ايندڙ حملن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن جي مشنريز هتي قدم ڄمايا ۽ پوءِ زوال ڏٺائون. ”پورچوگيزن شهر جي اوڀر ۾ هڪ گرجا ٺاهي هئي. گهر صحيح حالت ۾ موجود آهن ۽ چوغي خاني ۾ بزرگن ۽ راهبن جي پوشاڪن جون تصويرون رکيل آهن جيڪي وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيل هيون پر ان ڏيتي ليتي لاءِ واپاري نه هيس.“ گذريل ٽن سالن کان اتي خشڪ سالي هئي جنهن سبب سخت طاعون پکڙيو ۽ شهر ۾ رڳو اٽڪل 80،000 ماڻهو مري ويا ۽ جنهن شهر ۾ اوني ۽ سوٽي ڪپڙو پيدا ٿيندو هو ان جي اڌ آبادي خالي ٿي وئي. ان ئي وقت سورت ۽ گجرات ۾ به طاعون جي وبا پکڙجي وئي.

ڪلهوڙن جي اسرڻ کان پوءِ ٺٽي جو زوال تيز ٿيو. هينري پوٽنگر، جيڪو 1809ع ۾ شهر مان لنگهيو، لکي ٿو. ”اسان ڊگهو سفر ڪيوسين ۽ اسان ڦٽل آثار ڏٺاسين جنهن کان پوءِ شهر جي آبادي واري حصي ۾ داخل ٿياسين.“ 1831ع ۾ اليگزنڊر برنس پنهنجي احوال ۾ لکيو، ”ان جي آبادي 15،000 فردن کان وڌيڪ نه هئي ۽ گهر آثارن تي پکڙيل هئا. جن مان اڌ رهڻ جي لائق هئا. لونگيون اُڻڻ لاءِ، جنهن ڪري هي هنڌ مشهور هو، رڳو 125 ڪٽنب باقي هئا. شهر ۾ چاليهه کن واپاري به نه هئا.

آر.ايڇ ڪينيڊي پنهنجي احوال ”دي ڪئپمين آف دي آرمي آف دي انڊس اينڊ سنڌ ٽوڪابل اِن 39-1838“ ۾ ٺٽي  جي زوال جو ذڪر ڪيو آهي. هي لکي ٿو. ”ان جي آبادي جا ڪجهه فرد سامان جي تياري مشغول هئا. اوني ۽ سوتي ڪپڙي جي ملاوٽ سان ٺهيل لونگيون ۽ صدريون اڃان تائين ۾ ايشيا جي شاهوڪار ماڻهن لاءِ فخر جو باعث هيون. ٺٽي جي ميڪانيڪي هنر ۾ قديم نموني جو هڪ بچيل نشان ٺٽي جي تحريري نقشن ۾ نظر اچي ٿو جنهن کي ”بمبئي باڪسز“ سڏجي ٿو. ان جا اصلي هنرمند، ٽالپرن جي آمراڻي هلت سبب سنڌ مان لڏي بمبئي ۾ آباد ٿيا ۽ اتي ملازمت اختيار ڪيائون. 1911ع جي آدمشماري مطابق ٺٽي شهر جي آبادي 11،116 هئي جڏهن ته 1951ع ۾ اها گهٽجي 69،71 ٿي. ان ورهاڱي کان پوءِ ٺٽي، مهاجرن کي پاڻ ڏانهن موهت نه ڪيو ڇاڪاڻ ته ان کان وڏا شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد موجود هئا، جتي ڪيترائي مهاجر هنرمند آباد ٿيا. اهو ممڪن آهي ته ڪوٽڙي بئراج جي ترقي سبب آبپاشي وڌي ته ٺٽو پنهنجي وڃايل حيثيت ٻيهر حاصل ڪري. پر هينئر اهڙيون ڪي به نشانيون نه آهن ته ڪا به تيز ترقي ٿي سگهندي. شهر سوڙهين گهٽين ۽ ٻه يا ٽي ماڙ گهرن تي مشتمل آهن جن تي گاري جو پلستر ٿيل آهي. گهريلو عمارت سازي ۾ پٿر استعمال نه ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي شهرن ۾ ٺٽو اڻ صفائي سبب نمايان آهي. پسگردائي ۾ هيٺاهين زمين جي ڪري ٻوڏ سبب پاڻي جا دُٻا بيهي رهن ٿا جن مان شهر ۾ مليريا پکڙجي ٿي.

ٺٽي ۾ واڻين جو اڃان سٺو تعداد واپار ۾ مصروف آهي ۽ لونگيون ننڍي سطح تي تيار ڪيون وڃن ٿيون. آبادي جو سڀ کان اثرائتو حصو سيد آهن جيڪي صدين کان اتي آباد آهن. تحفة الڪرام جو ليکڪ ۽ سنڌ جو تاريخدان مير علي شير قانع، ٺٽي جو رهواسي هو ۽ اهو ارڙهين صدي جو وچ وارو زمانو هو. ٺٽي جي عظمت جا ڪجهه يادگار جيڪي هينئر موجود آهن انهن ۾ مڪلي جي ٽڪرين تي مقبرا ۽ شهر ۾ جامع مسجد ۽ دابگير مسجد آهي.

مڪلي جون ٽڪريون زميني لحاظ کان تراکڙي ميدان ۾ دلچسپ سطحي ٽڪريون آهن جيڪي رني ڪوٽ جي گروهه کان مختلف آهن. پير پٺو کان شروع ٿيندڙ ٽڪرين جو اهو سلسلو اتر ۾ يارهن ميلن تائين ڦهليل آهي جيڪو ٺٽي جي اولهه ۾ ختم ٿئي ٿو. اولهه کان نظر وجهندي ان کي ٽڪري نٿو چئي سگهجي پر ٺٽي کان ان جي بيهڪ ٽڪري جهڙي نظر اچي ٿي. ان جي حقيقي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 80 کا 150 فوٽ آهي. چوٽي پوٺو آهي جيڪا ٿوهر سان سجايل ۽ بلوري پٿر ۽ سخت پيلي چن جي پٿر جي پاڙ سان آهي. اُن ٿوهر جو فروٽ (ڪئڪٽس) الڳ ٿي زمين تي ايتري مقدار ۾ ڪرن ٿا جو اڳوڻي بلوچستان ۾ هنگلاج ويندڙن سان انهن جو واپار ٿيندو هو. پر ان جي زميني بيهڪ کان وڌيڪ دلچسپي جو مقام مڪلي ٽڪرين جو پراڻو قبرستان آهي جيڪو اڌ اتراندي حصي تي مشتمل آهي. اتي دفن ٿيل مردن جو تعداد لک آهي. اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته هتي پهرين قبر ڪڏهن کوٽي وئي. چيو وڃي ٿو ته هڪ سيد کان پوءِ ٻي سيد کي اتي دفنايو ويو. سما ڄامن جي راڄڌاني سموئي ٽڪري جي اتر ۾ پڇاڙي هيٺان هئي ۽ هڪ مقبول روايت مطابق ڄام تماچي ۽ مهاڻي جي ڌي، جنهن کي هن پنهنجي راڻي بڻايو، جون قبرون اُن جي پڇاڙي ۾ آهن. ڄام نندو يا نظام الدين کان اسان تاريخ تائين پهچون ٿا. ان جي مقبري جي اڏاوت بابت ڪوبه شڪ نه آهي ته اهو 1508ع ۾ تعمير ٿيو. اهو پٿر جي نقش سان ڀرپور ۽ ان تي نڪتل خاڪا هندو طرز جا آهن. ارغونن ڄام نندي جي پٽ کي نيڪالي ڏني، جيڪو سکر ۾ رهيو ۽ مڪي ۾ دفن ٿيو. ارغونن کان پوءِ ترخانن جي دور ۾ ٺٽو هيٺاهين سنڌ جي ٻيهر راڄڌاني بڻيو ۽ ان سان گڏ عمارت سازي جو دور شروع ٿيو. پهرين ترخان حڪمران مرزا عيسيٰ جو مقبرو پٿر سان اڏيل آهي پر ان ۾ هن جي پٽ محمد بقي ۽ ٻين جي مقبرن ۾ ڪاشي جون سرون ۽ چِٽَ نڪتل سرون استعمال ٿيل آهن. ان ڪم بابت آرڪيالاجيڪل سروي بمبئي جو سپرينٽنڊنٽ مسٽر ايڇ. ڪسنز چئي ٿو، ”آخري مرحلي جون عمارتون اڪثر سرن جون تعمير ٿيل آهن، سرن جو ڪم مثالي ٿيل آهي جيڪي بهترين مٽي مان ٺهيل، ڳوريون، صاف ۽ تيز ڇيڙن واريون آهن. ڪجهه غير ڪاشي جون لسيون گهري ڳاڙهيون آهن جڏهن ته باقي سرن جو ٻاهريون مٿاڇرو گهري ۽ هلڪي نيري ۽ اڇي رنگ سان مينا ڪاشي سان رنگيل هو. انهن جي وچ ۾ ڳنڍ عمدا هئا جيڪي هن سر جي پاسي کان اٺ انچن جي پٽي ۾ اڇي مينا ڪاشي سان هئا. سرن جون اڪثر عمارتون اهڙين سرن سان اڏيون ويون آهن جن ۾ مختلف نمونن لاءِ ڪيترائي رنگ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ته هر سر کي پنهنجي الڳ جاءِ لاءِ پچايو ويو هجي. گنبذن جي اندروني سطح تي اهي ور وڪڙ نمونن ۾ استعمال ڪيا ويا آهن. پر انهن عمارتن ۾ سڀ کان عمدو ڪم دروازن، ڇت ۽ دروازن کي ڪنهن اڀارن ذريعي چئني پاسن کان بند ڪيل حصن ۽ ڀت جي هيٺين حصن تي ڪاشي جو ڪم آهي. انهن تي ڏنل رنگ ڇڻڪار جي انداز ۾ ٿيل آهي جنهن سبب اهو نرم، ملائم ۽ نيم شفاف هئڻ جو منظر پيش ڪري ٿو جيڪا ان جي مُک خاصيت آهي. منهنجي سوچ مطابق اهو اثر يوروپين طرز جي ٽائيل وانگر آهي جيڪي سخت ۽ تيز لڪيرن سبب مشهور آهي. اڪيلو نمونو مٿاڇري جي ڪيترن والن تي ڦهليل آهي. نتيجي ۾ هر ٽائيل پنهنجي ڀرسان واري کان مختلف معلوم ٿئي ٿي، رنگ جيڪي استعمال ٿيل آهن اهي مُک ٽي آهن: گهرو عمدو نيرو، فيروزي يا هلڪو سائو نيرو ۽ اڇو. پهريان ٻه تمام شفاف رنگ آهن ان ڪري کين وڏي گهرائپ ۽ عمدگي حاصل آهي. هاڻي ٺٽي ۾ پيلو رنگ معلوم ملي ٿو پر پراڻو ڪم تمام گهٽ آهي. ان جي جاءِ هاڻي بخملي، مينا ڪاشي سرن يا پٿر والاري آهي.

گذريل سالن ۾ مقبرن جي مرمت لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ جامع مسجد، دابگير مسجد ۽ ڪلان ڪوٽ کي انشنٽ مانيومينٽس ائڪٽ 1904ع هيٺ محفوظ يادگار قرار ڏنو ويو آهي. مُک مقبرا هيٺيان آهن.

1. مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ جو مقبرو:

جاني بيگ ٺٽي جو آخري آزاد حڪمران هو. هن اڪبر بادشاهه جي موڪليل جنرل جو بهادري سان مقابلو ڪيو پر ناڪام ٿيو. هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ هن کي ٺٽي جو گورنر بڻايو ويو. هن 1599ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. غازي بيگ پنهنجي پيءُ جي جاءِ والاري ۽ هن کي قندار جو پڻ گورنر مقرر ڪيو ويو. هن کي 12-1611 ۾ قتل ڪيو ويو. ٻنهي پيءُ ۽ پٽ کي هن مقبري ۾ 1613ع ۾ دفنايو ويو. جيڪو اوچي ڀيم تي اڱڻ ۾ بيٺل ، اٺ ڪنڊو ۽ گنبذ واري ڀت سان آهي. ڀيم پٿر جو آهي پر ڍانچو ڪاشي جي سرن جو، جن تي نيري رنگ جون لڪيرون نڪتل آهن. اهو پٽي جو نمونو ناياب آهي ۽ ٻي هنڌ موجود نه آهي. پٿر جو ڪم ڪجهه خوبصورت گلڪاري ۽ نقش ڏيکاري ٿو. اندر ٽي مقبرا آهن جن مان ٻه سنگ مرمر ۽ هڪ پٿر سان ٺهيل آهي.

2. نواب مرزا عيسيٰ ترخان جو مقبرو:

هي ٺٽي جو پهريون ترخان حڪمران هو جنهن کي جهانگير بادشاهه 1927ع ۾ ڏکڻ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. ان جو خاتمو 1644ع ۾ ٿيو. ان دؤران هن کي ڪرنال جي فوجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويو ۽ چيو وڃي ٿو ته اتان هن پنهنجي مقبري جو پٿر موڪليو پر ڪن روايتن مطابق اهو پٿر جوناڳڙهه کان آيو. مقبرو مڪلي جي ٽڪري تي سڀ کان نمايان آهي. اهو اڱڻ جي وچ۾ کڙو آهي ۽ 70 فوٽ چورس آهي. مرڪز ۾ عظيم ڪمرو آهي جنهن ۾ يارهن قبرون آهن جيڪي عمارت جيڏيون گنبذ تائين ڊگهيون آهن. اهي چئني طرفن کان ٿنڀن سان ٻن ماڙن تي مشتمل آهن. سڀئي بخملي رنگ واري پٿر سان تعمير ٿيل آهن جن تي نقش نڪتل آهن. مقبرا نقشن سان ڍڪيل آهن جن تي عربي ۽ فارسي اکرن ۾ آيتون ۽ عبارتون لکيل آهي. انهن جا ڇيڙا لسا جن تي نالا ۽ تاريخون لکيل آهن. ٻاهران گنبذ لسو ۽ اڇو آهي.

مقبري جي اوڀر ۾ ان جي اڳيان ساڳي طرز تي محراب آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها نواب عيسيٰ خان جي زال جي قبر آهي. پر اتي هڪ قبر تي 1557ع جو سن لکيل آهي جيڪو نواب جي لاڏاڻي کان نوي سال اڳ جو آهي. ان قبر جي تاريخ بابت يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

3. مرزا طغرل بيگ جو مقبرو:

اهو مٿي ڄاڻايل ٻنهي مقبرن جي وچ ۾ آهي. طغرل بيگ بابت گهڻي ڄاڻ نه آهي ان کان سواءِ ڪلان ڪوٽ جو ڪنهن وقت نالو طغرل آباد هو ۽ ان مان خيال ڪري سگهجي ٿو ته هي ڪجهه ناليرو ڪمانڊر هو. هن جو مقبرو زبون حالت ۾ آهي پر هينئر وڌيڪ نقصان کان محفوظ ڪيو ويو آهي. اهو سمورو پٿر جو ٺهيل آهي. گنبذ ٻارهن ٿنڀن تي بيٺل آهي.

4. ديوان شرفا خان جو مقبرو:

هي آخري ٻن اڇن گنبذن وارن مقبرن کان مختلف آهي جيڪو ٻاهران عمدن ڳاڙهين سرن سان تعمير ٿيل آهي جن تي نيري- سائي مينا ڪاشي جون لڪيرون نڪتل آهن. شايد سڄي تي مينا ڪاشي جو ڪم ٿيل آهي. سڄي ڍانچي تي هڪجهڙو ڪم ٿيل آهي سواءِ بنياد ۽ پائي کان. اهو هڪ وڏي اڱڻ ۾ ٿلهي تي بيٺل آهي. ديوان جيڪو ارغون جو دهلي طرفان ٺٽي ۾ مقرر ٿيل ڪنهن گورنر جو وزير هو. چيو وڃي ٿو ته اهو مقبرو سندس زندگي ۾ 1638ع ۾ تعمير ڪيو ويو.

5. نواب امير خليل خان جو مقبرو:

چيو وڃي ٿو ته اهو 1672ع کان 1585ع جي وچ واري دور ۾ تعمير ڪيو ويو. هن وصيت ڪئي ته هن کي مقبري جي اندر دفن نه ڪيو وڃي جيڪو ستن بزرگن لاءِ مخصوص هو. انهن جو تقدس زبون حالي کان محفوظ نه رکيو ويو آهي. انهن تي پرڪشش ۽ منفرد اڇن عربي اکرن ۾ نقش نڪتل آهن.

6. مرزا عيسيٰ ترخان جو مقبرو:

هي مرزا هيٺاهين سنڌ جو پهريون ترخان هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن جو مقبرو 1573ع ۾ تعمير ڪيو ويو. ان سان گڏ وڏي چورس اڱڻ ۾ ٻيا به مقبرا آهن. اتي ٻه ننڍا اڱڻ پڻ آهن. سڀ پٿر جا ٺهيل آهن جن تي نقاشي ۽ نقش نڪتل آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي نوڪدار آهن.

7. ڄام نظام الدين جو مقبرو:

مڪلي جي ٽڪري تي هي سڀ کان پراڻو مقبرو آهي جنهن جي اڏاوت 1508ع ۾ ٿي. ڄام نظام الدين آخري پر انهن سما ڄامن مان هو جن ٽڪري کي پنهنجي يادگارن سان ڍڪي ڇڏيو. هن جي مقبري جي عمارت ڪنهن ڇت کان سواءِ چورس شڪل ۾ اڏيل آهي جيڪا سڄي پٿر سان ٺهيل آهي. ڀت ۾ لڳل ٻه گڏوگڏ پٿر ويڪر ۾ مختلف ۽ بي جوڙ نمونن جا آهن. ڀت جي پاسي ۾ ڏاڪڻ تنگ ڇڄهري ۽ ايوان تي ختم ٿئي ٿي. ڀرسان تازو اڏيل مقبرو اندروني طور ڪاشي جي سرن سان ٺهيل آهي.

سڀ کان آخر ۾ اتر طرف ۽ ماٿري جي ٻي پاسي هڪ وڏو ۽ واضح سيد علي شيرازي جو مقبرو سرن سان اڏيل آهي جنهن جي مٿان ٻه ننڍا قبا پلستر سان ڍڪيل اڇي رنگ جا آهن. ان لوڙهي ۾ ڪجهه مقبرن تي نقش نڪتل آهن پر سيد جي مقبري تي نقش نه آهن. هي بزرگ ٺٽي جي ماڻهن طرفان امرڪوٽ وٽ بادشاهه همايون کي نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو. هن 1572ع ۾ وفات ڪئي ۽ چيو وڃي ٿو ته هن جو مقبرو جوکيو قبيلي سان تعلق رکندڙ پوئلڳن تعمير ڪرايو.

مسجدون:

جامع مسجد: هي عظيم مسجد، جيڪا اڃان استعمال هيٺ آهي، ٺٽي شهر ۾ آهي. مقامي تاريخ مطابق مغل بادشاهه اها مسجد ٺٽي شهر کي ان بدلي ۾ تحفي طور ڏني جيڪو هن شهر بادشاهه کي سندس پيءُ خلاف بغاوت وقت پناهه ڏني. ان جي شروعات 1644ع ۾ ۽ پڄاڻي 1647ع ۾ ٿي پر فرش يارهن سالن کان پوءِ وڇايو ويو. چيو وڃي ٿو ته ان تي 9 لک روپيا خرچ آيو. اها قافلي سراءِ جي شڪل ۾ تعمير ٿيل آهي جنهن جي وڏي اڱڻ ڀرسان 90 قبن سان ڍڪيل ڪمرا آهن. ان جي ڊيگهه 315 ۽ ويڪر 190 فوٽ آهي ۽ 6316 چورس وال ميدان تي مشتمل آهي. ٻاهريون لسو ۽ اڇي رنگ سان جڏهن ته اندريون حصو فرش کان وٺي گنبذ تائين حيرت انگيز نمونن سان رنگين ٽائلن جو ڪم ٿيل آهي. ان سان گڏ ڪيترائي گنبذ هينئر ڍڪيل نه آهن شايد اهي اصلي حالت ۾ ائين هئا ۽ هينئر سڄي عمارت زبون حالي جو شڪار هئي جڏهن سربارٽل فريئر 1855ع ۾ ان کي چندي جي ذريعي محفوظ ڪيو، جنهن ۾ حڪومت 5000 روپيا ڏنا. 1894ع ۾ ٻيهر 20،500 روپيا گڏ ڪيا ويا ۽ هالا ۽ ملتان ۾ ٺهيل سرن سان ڀتين جي مرمت ڪئي وئي.

دابگير مسجد:

شايد اها ڪڏهن شهر جي وچ ۾ هئي پر هينئر ان کان ٻاهر موجود آهي ۽ زبون حال آهي. گنبذ ڪري پيو آهي ۽ سامهون لڳل ڪاشي جون اڪثر سرون غائب آهن پر ان کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن محراب تي نقاشي اهڙي نموني ڪئي وئي آهي ته ڏسندڙ کي يقين ئي نه ايندو ته هو پٿر جي بدران نقش نڪتل صندل جي ڪاٺ کي ڏسي رهيو آهي. اها عمارت امير خسرو خان تعمير ڪرائي جيڪا ٽن سؤ سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي. جڏهن مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي جو گورنر هو ته سرڪاري خزاني جي سنڀال ڪندي مسئلن جو شڪار ٿيو.

سما ڄامن جي راڄڌاني ساموئي، ٺٽي کان اتر اولهه ۾ ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ان بابت آرڪيالاجيڪل سروي جي رپورٽ چئي ٿي ”اهو هاڻي ننڍن ڳوٺن جو واهڻ آهي جتي دڙا ۽ پير جو مقبرو آهي. اتي لسي سرن سان ٺهيل مسجد کان سواءِ ڪنهن به پراڻي آثار جا اهڃاڻ نظر نٿا اچن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org