باب ڇهون
تــــاريـــخ
سنڌ جي ڪا پوري تاريخ ڪانهي ۽ اڄ ڪو اهڙو ماڻهو
شايد ئي هجي، جيڪو
منجهيل
حقيقت جي جوڳي ڄاڻ سان ڏيهه جي تاريخ لکي سگهي.
سنڌ جي تاريخ لکڻي آهي ته اها اهڙن عالمن کي گڏجي
لکڻي پوندي، جن مان ڪن کي عربي، فارسي، سنسڪرت ۽
سنڌي ضرور ايندي هجي. سنڌ جو اتهاس 711 عيسويءَ ۾
عربن جي فتح کان اڳ شروع مس ٿئي ٿو. انهيءَ کان
پهرين جا نمايان واقعا بنهه ٿورڙا آهن، پر عربن
کان اڳ جي ڏينهن جو ڪو ڳنڍيل، سلسليوار احوال نٿو
ملي. ڪيتريون ئي صديون سنڌ جي تاريخ ڪا لاڳيتي
تاريخ نه پر ڇڙ وڇڙ واقعن جو مجموعو ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
جيڪي مڪاني ماخذ موجود آهن، سي گهڻي ڀاڱي سراسر
ناڪافي آهن. اهي اهڙن ماڻهن جا جوڙيل آهن، جي
طرفدار هئا يا جن جا حاڪمن جي زماني ۾ هئا، تن جي
ڪمن ڪارنامن جا پڏائيندڙ بيان ٿي لکيائون. اهي
ڏيهي دستاويز جن کي هوند واقع نويسي چئجي، تن جو
اسلوب گهڻو ڪري چکيل مکيل ۽ مرچ مصالحي وارو آهي،
پر تاريخ نويس جي نقطئه نظر کان اهي تصنيفون بنهه
غير تسلي بخش آهن ۽ ڪو خود اعتماديءَ سان ڀرپور
مؤرخ ئي آکاڻين، نقلن، ڏند ڪٿائن، وهمن ۽ مبالغن
جي انهيءَ مونجهاري ۾ جي ڪو سچ ذرو لڪل آهي ته ان
کي ڳولي ڪڍڻ جو ست ساري سگهي ٿو. ائبٽ پنهنجي
تصنيف ”سنڌ هڪ نئين تشريح“ (Sindh,
A Re-interpretation)
(1924ع) ۾ سنڌ جي اتهاس تي بلڪل تُز تبصرو ڪيو
آهي. هو چوي ٿو: ”سنڌ تاريخ جي لحاظ کان بدقسمت
آهي. اُڪرن ۽ آڳاٽن اهڃاڻن جي لڀن ان جي ماضيءَ
بابت اسان جي ڄاڻ ۾ اڃا ته ڪو خاص واڌارو نه ڪيو
آهي. ان جي لکت ۾ آيل اتهاس صدين جون صديون اڻ
ٻڌايل ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ٻين صدين جي سچ کي افساني ۾
ڦيرائي ڇڏيو آهي. ان جي جاگرافيائي مهانڊن پنهنجي
ظاهري سادگيءَ سان تاريخ کي ساروڻي ڪري ڇڏيو آهي ۽
اڻ سليل اسرارن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.“ جيڪڏهن
اسان موئن جي دڙي کي سنڌ جي تاريخ ۾ شامل نه ڪريون
ڇو ته ان جون مورتي اکرن واريون مهرون اڃا تشريح
طلب آهن ۽ ان جي لکڻي اڃا پڙهجي نه سگهي آهي، ته
پوءِ اسان سنڌ جي لکيل تاريخ جي شروعات سن 711ع ۾
عربن جي سوڀ سان ڪري سگهون ٿا. سنڌ جي تاريخ
سولائيءَ سان چٽيءَ ريت وياکيايل دورن ۾ ورهائجي
وڃي ٿي ۽ جيئن ته هن تصنيف ۾ 1874ع واري پهرين سنڌ
گزيٽئر ۽ 1907ع واري ٻي سنڌ گزيٽئر جيتري تاريخي
تفصيلات ڏيڻ ممڪن نه آهي، سو هت هر هڪ دور جون
مکيه خاصيتون ۽ واقعا ڏيڻ ۽ مختلف دورن جي نمايان
واقعن بابت سولائيءَ سان ملي سگهندڙ تاريخي مواد
مان اقتباس ڏيئي بيان ڪرڻ ڪافي ٿيندو. انهيءَ
ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي سنڌ جي تاريخ کي هيٺين دؤرن
۾ ورهائي سگهجي ٿو:
1.
عربن جي حڪومت وارو دؤر.
2.
وچ وارو دؤر يعني غزنويءَ کان وٺي سنڌ تي مغلن جي
حڪومت قائم ٿيڻ تائين.
3.
مغلن جو دؤر.
4.
ڪلهوڙن جو دؤر.
5.
ٽالپرن جو دؤر.
6.
انگريزن جو دؤر.
7.
انگريزن کان پوءِ وارو دؤر يعني هندستان جي ورهاڱي
۽ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي هاڻوڪي وقت تائين.
جيستائين سنڌ جو لاڳاپو آهي ته ٻيو دور عربن جي
وڃڻ کان وٺي تنهن وقت تائين هليو، جنهن وقت مغل
سلطنت مضبوطيءَ سان قائم ٿي. انهيءَ زماني دوران
ٻن سنڌي گهراڻن نيم خود مختياريءَ جي حالت ۾ حڪومت
ڪئي، ڇاڪاڻ جو تنهن زماني ۾ انهن ملڪن اندر سفر ۽
مواصلات جون جيڪي حالتون هيون، تن ۾ دهليءَ جو
فرمان هلائڻ ڪو اهڙو سولو نه هو. انهن ۾ پهريون
سنڌي گهراڻو سومرن جو ۽ ٻيو سمن جو هو. سومرن ۽
سمن جي حڪومت کان پوءِ مغلن جو دور آيو. مغل دور
کان پوءِ ڪلهوڙن جو دور آيو. ڪلهوڙو پڻ ڏيهي حاڪم
هئا، جن جي خود مختياري سدائين جوکي ۾ هوندي هئي.
ڪلهوڙن جي دور جي پڄاڻي تڏهن ٿي، جڏهن ٽالپرن
حڪومت هٿ ڪئي. ٽالپرن جو دؤر 1843ع ۾ پورو ٿيو،
جڏهن سر چارلس نيپيئر مياڻيءَ جي لڙائيءَ کٽي سنڌ
فتح ڪئي. انگريزن جو دور 1843ع کان 1947ع تائين
هليو، جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان ۽
هندستان جي نالي سان ٻه خود مختيار رياستون وجود ۾
آيون. اهو سڀني ۾ پويون دور، جيڪو تاريخ کي هاڻوڪي
وقت تائين وٺي اچي ٿو، سو 1947ع پڄاڻان انگريزن
کان پوءِ جو دور آهي. جنهن سنڌ کي پهرين پاڪستان
جي وفاقي رياست اندر هڪ خود مختيار ايڪي جي شڪل ۾
۽ پوءِ اولهه پاڪستان جي وفاقي ايڪي اندر هڪ
انتظامي علائقن جي شڪل ۾ شامل ٿيندي ڏٺو. انهيءَ
عرصي دوران علائقي جي انتظامي گادي ڪراچيءَ کان
لاهور منتقل ڪئي وئي.
مٿي جيڪي سنڌ جي تاريخ جا مختلف دور ڄاڻايا اٿئون،
تن جي احوال ڏيڻ کان اڳ ضروري آهي ته سنڌ جي اڳ
تاريخ ۽ سنڌو ماٿريءَ واريءَ تهذيب جو به ٿورو ذڪر
ڪجي. سنڌ اندر پهڻ جي نئين زماني جا جيڪي ٿورا
اهڃاڻ لڌا ويا آهن، تن کي اڳين باب ۾ آڳاٽا اهڃاڻ
جي سري هيٺ بيان ڪري آيا آهيون. موئن جي دڙي جون
کوٽايون، جن کي هاڻ ذري گهٽ چاليهه ورهيه ٿي چڪا
آهن، تن سنڌو ماٿريءَ جي تمدن جي گهرائي ۽ پکيڙ
نروار ڪئي آهي ۽ ان تي نئين روشني وڌي آهي، جنهن
کي اڳ اُتر اولهندي هندستان جي تاريخ ڪري ليکيو
ويندو هو. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ان جي مکيه شهر
موئن جي دڙي کي، جو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي ۾
آهي، باب پنجين ۾ آڳاٽا اهڃاڻ جي موضوع هيٺ بيان
ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ تي سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب جي پڄاڻيءَ کان وٺي عربن جي سوڀ تائين، جو
زمانو شايد 1500 ق.م کان ويندي 711 عيسويءَ تائين
ڦهليل آهي، جيڪو اوندهه جو پردو پيل آهي، سو
يوناني مؤرخ ايريئن جي لکڻين سان تڏهن کن پل لاءِ
کڄي ٿو، جڏهن هو اُتر اولهندي سرحد جي لڪن کان وٺي
سنڌ جي ميدان اندر سڪندراعظم جي مهم ۽ اُن جي
فتوحات جو احوال ٻڌائي ٿو. انهيءَ مهم ۾ سنڌ جو
ڀاڱو به هو ۽ سنڌ جي دادو ضلعي ۾ سيوهڻ وٽ اڄ به
اهڙي نشاني موجود آهي، جا ٿي سگهي ٿو ته 325 ق.م ۾
سڪندر جي سنڌ اچڻ جو يادگار هجي. ڳريل سرن ۽ ڀُريل
مٽيءَ جي جنهن عجيب ڍير کي اڄ ’سڪندر جو قلعو‘
سڏيو وڃي ٿو، سو ٿي ئي نٿو سگهي، ته عظيم فاتح جي
ڏينهن ۾ به هاڻوڪيءَ حالت ۾ هجي. تاهم سندس ياد کي
سيوهڻ ۾ قائم رکيو ويو آهي. سڪندر جو قلعو مشهور
نالو آهي. سڪندراعظم پنجاب جي وڏي ڀاڱي کي مطيع
ڪري 326 ق.م جي آڪٽوبر مهيني ۾ ذري گهٽ ٻه هزار
ٻيڙن سان جهلم ۽ سنڌو ندين منجهان لهوارو هاڪارو
هليو هو. هو هاڻوڪيءَ سنڌ جي سرحد وٽ ضرور ايندڙ
سال جي منڍ ڌاري پهچي ويا هوندا. ميوزيڪا نوس
(سندس گادي عام طرح الور، هاڻوڪو اروڙ، سمجهي وڃي
ٿي، جو سکر ضلعي ۾ روهڙيءَ کان پنج ميل ڏکڻ اوڀر
طرف آهي) جو سڪندر کي ايترو جلد مٿان اچي ڪڙڪيل
ڏٺو ته آڻ کڻي مڃائين، پر پوءِ پنهنجن برهمڻ
صلاحڪارن جي چوڻ تي ڦري ويو ۽ بغاوت ڪري ڇڏيائين.
يونانين هندستان ۾ جيڪي ڏيهه ڏٺا، تن سڀني ۾ هن
سرواڻ جو ڏيهه وڌيڪ سرڇو ۽ آباد هو. هڪ ٻيو ڏيهي
حاڪم، سنڊيمان (شايد هاڻوڪو سيوهڻ) جو ساميوس پڻ
پيش پيو. هيٺينءَ سنڌ ۾ پتالين جو حاڪم موئريس
پنهنجي گادي پتال ڪاهي ايندڙ لاءِ ڇڏي ڀڄي ويو.
ڪئمبرج واري هندستان جي مختصر تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي
ته پتال هڪ اهم شهر هو ۽ اُتي واقع هو، جتي سنڌو
ٻن شخن ۾ ورهائجي ٿي، جو شايد هاڻوڪيءَ حيدرآباد
کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪنهن هنڌ هو. 1907ع واري گزيٽيئر
۾ چيل آهي ته پتال جي بيهڪ بابت رڳو ايترو پڪيءَ
طرح معلوم آهي ته اهو اتان هو، جتان تڏهن ڊيلٽا جو
مٿاڙ هو. چار صديون پوءِ پلائنيءَ جي ڏينهن ۾ روم
وارا ان کي واپار جي پڙي ڪري سڃاڻندا هئا. سڪندر
پتال جي قلعي بندي ڪري ۽ گوڌيءَ جي اڏاوت شروع
ڪرائي. سنڌوءَ جي اولهندي شاخ وٺي سمنڊ ڏانهن
هاڪاري ويو. پوءِ اڏي تي موٽي اچي اوڀرندي شاخ جي
پلٿار تي نڪتو، انهيءَ شاخ جي ڇوڙ وٽ هُو هڪڙيءَ
ڍنڍ منجهان لنگهيو. انهيءَ ڍنڍ جو ذڪر هڪ نهايت
دلچسپ سوال اٿاري ٿو. اهو هيءُ ته ڇا ڪڇ جو رڻ
تڏهن خشڪيءَ اندر سمنڊ هو، جيڪو سنڌوءَ ۽ ٻين ندين
جي ڇوڙ ٺاهيو هو. 325 ق.م جي سرءُ ۾ سڪندر پتال
کان مڪران ۽ فارس ڏانهن ڪوچ ڪيو. سندس آرماڙ کي
نيارڪوس جي اڳواڻي هيٺ ڏکڻ اوڀر واري چوماسي ۾
ٺاپر اچڻ ٿي پٺيان اچڻو هو. اميرالبحر کي طوفانن
جي ڪري ٽي هفتا لنگرگاهه وٽ ترسڻو پئجي ويو.
يوناني انهيءَ لنگرگاهه کي ’سڪندر جو بندر‘ سڏيو
آهي. ڪڪرال، بباڪتا وارو ٻيٽ ۽ ايريئن جا ڄاڻايل
ٻيا هنڌ پڪيءَ طرح سڃاڻي نٿا سگهجن. پهريون نالو
’ڪڪرالا‘ جي شڪل ۾ اڃا تائين موجود آهي. شاهه بندر
جي اولهه واري تر کي تازو انهيءَ نالي سان سڏڻ
شروع ڪيو اٿئون. صوبي تي سڪندر جو غلبو ٿورو وقت
هليو. سندس روانگيءَ کان ٻه ورهيه پوءِ هو پاڻ
بابل ۾ بي وقتو گذاري ويو ۽ مقدونيا جي سلطنت ٽڪرا
ٽڪرا ٿي وئي. سڪندر جي پنجاب ۽ سنڌ واري مهم جي
ترت عملي اثر رڳو هيءُ ٿيو ته پتال سميت مختلف
هنڌن تي يونانين ۽ سندن اتحادين جون فوجي بيٺڪون
قائم ٿيون ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ مضبوط سامونڊي
اڏي جي اڏاوت ٿي. پر هيٺينءَ سنڌو ماٿريءَ ۾ هن جي
انهن ڪارنامن جٽاءُ نه ڪيو ۽ انهن جي ڪا يادگيري
سانڍي نه وئي ۽ نه ئي انهن جو ڪو رڪارڊ موجود آهي.
325 ق.م ۾ انهيءَ عظيم فاتح جي روانگيءَ کان پوءِ
سنڌ جي تاريخ تي هزار ورهين کان وڌيڪ مدي لاءِ ذري
گهٽ مڪمل تاريڪي ڇانئجي وڃي ٿي. انهيءَ ڊگهي عرصي
دوران جيڪي ٿورا گهڻا حوالا ملن ٿا، سي گهڻي ڀاڱي
۽ اُتاڇري نموني ۾ مٿئين هندستان ۾ رونما ٿيندڙ
واقعن سان لاڳاپيل آهن. انهيءَ عرصي دوران ڪيترائي
طاقتور گهراڻا اوج ۾ آيا، جن ننڍي کنڊ جي وڏين
وڏين ايراضين تي حڪومت ڪئي پر هيٺين سنڌو ماٿريءَ
واري علائقي ۾ سندن اثر پورو سارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
انهيءَ ڊگهي مدت دوران سنڌ جي واڌاري ۾ جن مکيه
اثرن جو هٿ هو، تن ۾ هڪڙو هو برهمڻي ڌرم جي
مقبوليت جو هوريان هوريان گهٽجڻ. اهو ڌرم وقت گذرڻ
سان جيئن پوءِ وڌيڪ پر ريتن، رسمن ۽ ظاهرداريءَ جو
شڪار ٿيندو ۽ عام ماڻهن جي جذبات سان بي تعلق
ٿيندو ٿي ويو. ڇهين صدي ق.م ۾ عظيم مذهبي تحريڪون
اٿيون ۽ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جا متا رواج ۾ آيا.
هيٺين سنڌو ماٿريءَ ۾ جين ڌرم جو ڪو خاص اثر ڏسڻ ۾
نٿو اچي. پر هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته سنڌ جي ماڻهن
تي ڪيئن صديون ٻڌ ڌرم جو وڏو اثر رهيو، ۽ ٻڌ ڌرم
جا جيڪي يادگار هن ڏيهه جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ چڱي
چوکي تعداد ۾ لڌا ويا آهن، تن مان اهو صاف ظاهر
آهي ته ٻڌ ڌرم ڪنهن حد تائين برهمڻ ڌرم کي اُٿيڙي
ڇڏيو هو ۽ شايد خاص ڪري آدمشماريءَ جي مٿين طبقن ۾
ان جو زبردست تمدني اثر هو.
سنڌ جي تاريخ تي هزار ورهين تائين ڇانيل تاريڪيءَ
جي انهيءَ مدي جو ٻيو وڏو واقعو اتر هندستان ۾
اوڀرندي ايشيا جي رولن قومن جون ڪاهون آهن. عيسوي
سن کان اٽڪل هڪ صدي اڳ جن سَڪن يا سائٿيائي ٽولن
يونانين جي باختري بادشاهت کي ماري مات ڪيو هو، تن
هندستان ۾ ڌوڪيندو اچڻ شروع ڪري ڏنو. سائٿيائي فتح
ڪرڻ لاءِ نه پر مالڪ ٿيڻ لاءِ آيا هئا. هو ڏيهي
ماڻهن کي ٻهاريندا ويا تان جو سندن آڏو اُجين جي
بادشاهت وڪرماجيت سرواڻيءَ هيٺ رنڊڪ کڙي ڪئي. هندن
جو نسبت واري سن جي شروعات سائٿياين تي وڪرماجيت
جي سوڀ واري سال، ق.م 57، کان ليکي وڃي ٿي. سنڌ جي
اوڀر ۾ مهان وارياسو پڻ هڪ ٻي قسم جي رنڊڪ بڻيو
هوندو. اسين ائين وسهڻ ۾ ڪو غلط نه هونداسين ته
يوناني توڙي هندو حڪمران گهراڻا ذري گهٽ نابود ٿي
ويا هوندا. سنڌ هند- سائٿيائي ليکجڻ لڳي ۽ اڃا
تائين هتان جي آدمشماريءَ جو وڏو حصو نسل جي لحاظ
کان يقيناً آريو نه پر سائٿيائي آهي. ٻن سائٿيائي
قبيلن، جتن ۽ ميدن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي تنهن
زماني ۾ پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهي آيا هئا ۽ پوءِ ڪيئي
صديون سندن تڪرارن جي ڪري هيٺين سنڌو ماٿري ۾
مانڌاڻ متل رهيو هو. پهرين قبيلي جو ته نالو به
اڃا ساڳيو آهي، توڻي جو ٿي سگهي ٿو ته سندن رت ۾
ٻئي رت جي گهٽي آميزش ٿي وئي هجي. ٻيو قبيلو گهٽ ۾
گهٽ سنڌ جي حد تائين غائب ٿي چڪو آهي. البت سنڌ جا
ڪي مهاڻا پاڻ کي ميد چويئندا آهن ۽ مڪران ۾ ساڳيءَ
جاتيءَ جو نالو اهو ئي آهي. ”ميد“ هاڻ ڪاٺياواڙ ۾
گهڻا آهن. سائٿياين جن قومن کي مغلوب ڪيو، تن کي
ڪو نئون مذهب، ڪا وڌيڪ اُوچي تهذيب، ڪا وڌيڪ اتم
ٻولي ڪونه ڏنائون، بلڪ هنن اهي شيون جنهن جنهن تر
۾ گهر ڪري ويٺا، تنهن تنهن تر جي ماڻهن کان
ڀرايون. جڏهن سندن ڪاهون شروع ٿيون، تڏهن هندستان
جو مذهب ٻڌ ڌرم هو. عيسوي سن جي پهرين صديءَ جي وچ
ڌاري اسان اتر اوڀر هندستان جي هڪ عظيم سائٿيائي
بادشاهت جي حاڪم ڪنشڪ کي ٻڌ ڌرم جي سڳورن ڪتابن تي
نظرثانيءَ لاءِ هڪ ميڙ ڪوٺائيندي ڏسون ٿا. هيءُ
ميڙ اهڙو ئي هو، جهڙوڪ اشوڪ 244 ق.م ۾ ڪوٺايو هو.
سنڌ تي عربن جي فتح کان ڪجهه وقت اڳ برهمڻ ڌرم وري
زور ورتو ۽ ستين صديءَ جي ٻي چوٿائيءَ ۾ جڏهن چيني
سيلاني هوئن تسانگ هندستان آيو، تڏهن هن هندستان
جي سنڌ سان لڳو لڳ ڀاڱن ۾ برهمڻ ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم کي
هڪٻئي جي آمهون سامهون ڏٺو. هندستان جي انهن
رياستن مان ڪن جا حاڪم برهمڻ هئا ۽ ڪن جا کتري، جي
شايد راجپوت هئا. اهي سڀ معاملا عربن جي سوڀ سان
واسطو رکندڙ تاريخن ۾ نروار ڪيل صورتحال تي روشني
وجهن ٿا. تڏهن هڪ هندو گهراڻو پنجن پيڙهين کان سنڌ
تي حاڪم هو. سندن گاديءَ جو هنڌ الور هو. ان جو
راڄ ملتان کان وٺي سمنڊ تائين ۽ ريگستان کان وٺي
ٽڪرن تائين ڦهليل هو. ان ۾ بلوچستان جو اهو ڀاڱو
به شامل هو، جيڪو اڄ ڪلهه جهلاوان سڏجي ٿو. برهمڻ
آباد، سيوستان (سيوهڻ)، اسڪندهه، جو سمجهجي ٿو ته
اُچ هو، ۽ ملتان ۾ گورنر هئا. پهريون گورنر
لوهاڻن، لکين ۽ سمن جي ملڪ جو حاڪم هو ۽ ديبل ۽
نيرون جا ڪوٽ سندس هٿ هيٺ هئا. جت هر هنڌ هئا.
هندي ماخذن ۾ هيٺين سنڌو ماٿريءَ جو ڪشن جي دور
کان پوءِ ڪو ذڪر نٿو ملي. عربن جي لکيل تاريخن ۾
ستين صديءَ دوران سنڌ تي عربن جي اوائلي ڪاهن جا
مختصر ۽ اڻ چٽا حوالا ملن ٿا. انهن مان اسان کي
معلوم ٿو ٿئي ته عربن هندستان جي هن علائقي تي
حملا شروع ڪيا، تنهن کان ٿورو وقت اڳ هڪٻئي گهراڻي
جي حڪومت شروع ٿي هئي. راءِ گهراڻي هڪ سو ستٽيهه
ورهيه راڄ ڪيو هو ۽ ان جا پنج راجا ٿيا هئا، جن
مان پويون راءِ ساهسي هو. جڏهن هن لاڏاڻو ڪيو،
تڏهن هن جو چچ نالي برهمڻ وزير سندس راڻيءَ سان
وهانءُ ڪري تخت تي ويٺو ۽ هڪ گهراڻي جو پايو
وڌائين. هن ڪافي عرصو حڪومت ماڻي. کانئن پوءِ ڀاڻس
چندر راجا ٿيو، جنهن کان پوءِ پٽهنس ڏاهر تخت تي
ويٺو. ڏاهر 711ع ۾ عربن جي سوڀ ۾ وڙهندي مارجي
ويو. چيني ياتري هوئن تسانگ، جو چچ جي زماني ۾ سنڌ
آيو هو، سو ڄاڻائي ٿو ته چچ شودر ۽ ٻڌ ڌرم جو
پوئلڳ هو، جا ڳالهه انهيءَ عام خيال جي برخلاف آهي
ته چچ، ذات جو برهمڻ هو. پر حقيقت متان هيءُ هجي
ته سنڌ اهڙي وقت فتح ڪئي وئي هئي، جڏهن ٻڌ ڌرم جو
اثر ختم ٿي رهيو هو ۽ برهمڻ ڌرم جا بالادستي صدين
کان وڃائي ويٺو هو، سا وري حاصل ڪرڻ لڳو هو. سنڌ ۾
محمد بن قاسم جي مهمن جا احوال ڏيکارين ٿا ته تڏهن
برهمڻ ۽ ٻڌ ٻئي هئا. چچ، نبي ڪريم ﷺ جن جي برقعي
مٽائڻ کان پورو سال اڳ، پنهنجي مالڪ ساهسي ٻئي جي
بيوهه سان 631ع ۾ وهانءُ ڪري تخت تي قبضو ڪيو هو.
چچ پنهنجي حڪومت وڌائي هئي ۽ لسٻيلي کي مطيع ڪيو
هئائين، جتان جو حاڪم ٻڌ ڌرم جو پوئلگ هو، وري زور
وٺندڙ برهمڻ ڌرم جهنگ جي باهه جيان پکڙجڻ لڳو هو.
671ع ۾ چچ جي لاڏاڻي کان اڳ هلال جي عرب سپاهين
سمنڊ رستي سنڌ تي هڪ کان وڌيڪ آزمائشي حملا ڪيا.
سندن خشڪيءَ رستي پيشقدميءَ کي جهلاوان جي جتن جي
ثابت قدم مزاحمت روڪي ڇڏيو هو.
عربن جي حڪومت:
پاڻ سڳورن ﷺ جي لاڏاڻي کان پوءِ واري صدي نئين دين
جي عربستان کان پيشقدمي ۽ وڏي طاقت وٺڻ جي صدي
هئي، ۽ اها ڳالهه حيرت واري نه آهي ته عربن جو سنڌ
کي فتح ڪرڻ وارو ارادو آخرڪار پورو ٿيو. انهيءَ
طوفان 711ع ۾ ڪڙڪو ڪيو، جڏهن سنڌ جي تخت تي ڏاهر
ويٺل هو. اٺين صدي عيسويءَ جو اوائلي ڀاڱو اسلام
جي انتهائي شاندار فوجي سوڀن جو زمانو هو. جنهن
وقت طارق اسپين ۾ دمشق جي خليفي جي اقتدار جو
اعلان ڪري رهيو هو. تنهن وقت محمد بن قاسم هندستان
۾ اسلام جي پهرين دائمي فتح جا جهنڊا کوڙي رهيو
هو.
هن شاندار مهمن ذريعي دبيل، نيرون (هاڻوڪي
حيدرآباد لڳ)، سيوهڻ، برهمڻ آباد، الور ۽ ملتان جا
علائقا مطيع ڪيا. عربن پاڻ کي ملتان ۽ سنڌوءَ جي
ڊيلٽا جي وچواري سموري ملڪ جو مالڪ ڏٺو، تحقيق،
محمد بن قاسم تاريخ جي ننڍي ۾ ننڍي فاتحن مان هڪڙو
هو. ڇا لاءِ ته جڏهن کيس هندو راجا ڏاهر خلاف ڪاهي
ويندڙ فوج جي سپهه سالاري سونپي وئي، تڏهن سندس
ڄمار رڳو سترهن ورهيه هئي. سنڌ تي حملي جو مقصد
سنڌ جي ڪپر لڳ سامونڊي ڌاڙيلن جي اُرهه زورائيءَ
جو وير وٺڻ هو. ڏاهر خلافت جي اوڀر وارن پرڳڻن
(عراق) جي واليءَ حجاج کي اطلاع ڏنو ته هو تدارڪ
ڪرڻ کان معذور آهي. حجاج وير وٺڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ
جو فيصلو ڪيو.
ڳالهه هيءَ هئي ته سيلون ۾ گذاري ويل ڪن مسلمان
واپارين جون زالون ۽ ٻار سمنڊ رستي واپس ٿي ويا.
جنهن جهاز تي هو سفر ڪري رهيا هئا، تنهن کي حملو
ڪري ڦريو ويو. حجاج جنهن عيوضي جي طلب ڪئي، سو نه
مليس ته هن سيکت ڏيڻ لاءِ فوج تيار ڪئي ۽ پنهنجي
نوجوان سوٽ ۽ ناٺيءَ کي ان جو سپه سالار ڪري سنڌ
تي چاڙهي موڪليائين. محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ ڇهه
هزار شامي گهوڙيسوار، هڪڙو اٺن جو دستو ۽ رسد جو
بي انداز سامان شامل هو. تنهن کان پوءِ سمنڊ رستي
’عروسه‘ يعني ڪنوار نالي هڪ وڏي منجنيق يعني پهڻ
اُڇلائيندڙ کانڀاڻي به موڪلائي وئي. ان منجنيق کي
پنج سو سپاهي هلائيندا هئا. ’عروسه‘ کي دبيل جي
ڪوٽ خلاف استعمال ڪيو ويو، جو سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ،
ٺٽي جي هاڻوڪي شهر کان ڪي چوويهه ميل ڏکڻ اولهه
طرف ديبل نالي هڪڙو بندرگاهه هو. ديبل تي اهو نالو
هڪڙي زبردست مندر، يا ديول، تان پيو هو، جنهن جي
مکيه ڪنگري تي هڪڙو وڏو ڳاڙهو جهنڊو لڳل هو چيو
وڃي ٿو ته انهيءَ مندر ۾ ٽي هزار ٺوڙها ٻاوا پوڄا
پاٺ ڪندا هئا. تاريخ ۾ آيل آهي ته اتي چئن هزارن
راجپوتن جو حفاظتي دستو رهندڙ هو ۽ شهر جي چوڌاري
زبردست عالم پناهه هئي. 711ع جي گرم، پوسلي تپ
واري. سرءُ جي مند هئي ۽ ديوارن تي چڙهڻ ۾ اڃا
تائين ڪاميابي نه ٿي هئي. پوءِ هڪڙو برهمڻ ڇڏي ڀڄي
آيو. محمد بن قاسم کي ٻڌايائين ته مندر کي اجيت
ڄاتو وڃي ٿو ڇو ته اهو هڪڙي ٽوڻي جي حفاظت ۾ آهي.
جيڪو مندر جي چوٽيءَ تي لڳل جهنڊي واري ڇڙهه جي
پاڙ وٽ پوريل آهي. محمد بن قاسم اهو ٻڌي گهيرو
ڪندڙ توبخاني جي علمدار جوايا کي گهرايو، ساڻس
صلاح ڪري هن فيصلو ڪيو ته منجنيق جو نشانو هيٺ ڪري
ٽوڻي. مٿان بيٺل جهنڊي جي ڇڙهه کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي
وڃي. سو ’عروسه‘ جي ٻانهن ننڍي ٿي وئي ته جيئن پهڻ
هيٺ ڀرا ڇوڙي سگهجن. پهرين ئي ڌڪ سان ڇڙهه ٻه اڌ
ٿي وئي ۽ تعويذ جو ديرو ڇيهون ڇيهون ٿي ويو.
انهيءَ واقعي حفاظتي دستي کي دلشڪستو ڪري وڌو ۽
اهو جلهه ڪري آيو پر عربن کين پسپا ڪري ڇڏيو. عربن
کي پوءِ ڏاڪڻيون رکي ڀتين تي چڙهڻ ۾ رنڊڪ ڪانه
ٿي.
سنڌ گزيٽئر جي 1907ع واري ڇاپي جو ليکڪ سنڌ تي
محمد بن قاسم جي حملن بابت هيءُ تبصرو ڪري ٿو:
”تحقيق هيءَ مهم نسوري ديوانگي هئي، پر سال کان به
گهٽ مدي اندر جنهن مهان هندو بادشاهت تي چچ حڪومت
ڪئي هئي. تنهن جو اڌ هن نوجوان مسلمان کي پنهنجو
ڌڻي سائين مڃڻ لڳو ۽ باقي اڌ به دير ڪانه ڪئي.
محمد بن قاسم ديبل ۾ قيد مسلمانن کي ڇڏڻ کان پوءِ
سيوهڻ ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ هفتي اندر ان تي قبضو ڪري
ورتائين، سيستان نالي قلعي ۾ بنا ڪنهن مزاحمت جي
داخل ٿيو، نيرون جي کليل دروازن کان اندر اُن اُتي
ڏاهر سان مقابلي لاءِ سنبرڻ لڳو.“ هيءُ مقابلو جو
جهڙو تهڙو مقابلو نه هو، پر هڪ وڏي ڇتي جنگ هئي،
جا چار ڏينهن هلي. ان جنگ ۾ بهادري ۽ سورهيائيءَ
جا ڪيئن واقعا ٿيا، پر نئين زماني جي ٽيڪاٽپڻيءَ
جهوني تاريخ کان اهڙا واقعا کسي ان کي سُڃو سکڻو
ڪري ڇڏيو آهي. پر ڳالهه کٽائڻي، راجا مارجي ويو،
لشڪر ٽڙي پکڙي ويو ۽ محمد بن قاسم برهمڻ آباد ۽
الور ڏانهن پيش قدمي ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ هن وڃي ملتان
تي قبضو ڪيو. بيشڪ، سندس تڪڙي ڪاميابيءَ ۾ عربن جي
ڏاهپ ڀري فوجي نيتيءَ ۽ سندس پنهنجي دورانديشيءَ ۽
اعتدال جو به هٿ هو ۽ عربن جي انهيءَ ناماچار جو
پڻ ته قول جا پڪا آهن. ايليئٽ جي تصيف، ’هندستان
جي تاريخ، سندن تاريخ نويسن جي زباني‘
(History of India as told by its own Historians)،’عرب
سنڌ ۾‘ واري باب سان جيڪو ضميمو آهي، تنهن ۾ محمد
بن قاسم هٿان ملڪ جي فتح کان پوءِ جي واقعن جو
احوال هن ريت ڏنل آهي: ”محمد بن قاسم جي وفات کان
ستت پوءِ نئين فتح ڪيل پرڳڻي ۾ حالتون بگڙي ويون.
چيو وڃي ٿو ته ان واقعي کان پوءِ ٻن ورهين جي اندر
ديبل کان لوڻ جي سن تائين وارو علائقو ڇڏي ٻيو سڄو
ملڪ خليفي جي نائب جي هٿن مان نڪري ويو. سنڌ جي
سردارن ۽ جاگيردارن مان ڪيترا باغي ٿي ويا ۽ جئه
سين، برهمڻ آباد وري هٿ ڪري ورتو، تان جو هنن سان
مقابلي لاءِ عراق کان ٻيو لشڪر موڪلڻ ضروري ٿي
پيو. وقت گذرڻ سان انهن سيکت ڏيندڙ لشڪرن جي ڪثرت
ٿيندي وئي. 711ع کان 750ع تائين چاليهه ورهيه هيءُ
ملڪ بنو اُميه جي خليفن جي هٿن ۾ رهيو، جنهن کان
پوءِ اهو عباسي خليفن جي هٿن ۾ هليو ويو. عباسي
گهراڻي جي ستٽيهن خليفن مان ايڪيهن وٽ سنڌ هئي، پر
پوءِ اها ٻين حاڪمن جي قبضي ۾ هلي وئي.
”تحفة الڪرام“ ۾ لکيل آهي ته بنو اميه جي دور ۾
الور جو حاڪم دلوراءِ ۽ ڊيلٽا ۾ ڀنڀور جو حاڪم
ڀنڀوراء هو. 750ع ۾ پهرين عباسي خليفي عبدالله
سفاح سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو، جنهن بنو اميه جي
نائبن کي بيدخل ڪري ڇڏيو ۽ چار ورهيه پوءِ خليفي
منصور پڻ هند ۽ سنڌ تي فوج ڪشي ڪئي. ادريس ڄاڻائي
ٿو ته سنڌ ۾ عربن جي پهرين گاديءَ منصوري جو پايو
پوئين خليفي جي دور (753ع- 774ع) جي اوائلي ڏينهن
۾ وڌو ويو هو. پنجين خليفي هارون الرشيد (763-
808ع) جي دور ۾ شيخ ابوتراب ساڪره ضلعي جي ڪوٽ
واري شهر تراهه اتر سنڌ جي شهر باڪره ۽ اولهنديءَ
سنڌ جي ٻين هنڌ تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ شخص جو
گجي ۾ مقبرو اڄ به مرجع خلائق آهي. مقبري جي گنبذ
تي 171 هجري يعني 787ع تاريخ ڏنل آهي. چيو وڃي ٿو
ته شيخ صاحب جي ڏينهن ۾ ڀنڀور ۽ ڪي ٻيا شهر زلزلي
۾ تباهه ٿي ويا هئا. مقبرو ٺٽي کان اٺ ميل ڏکڻ
اولهه طرف گجي ۽ ڪوهريءَ جي وچ ۾ آهي. خليفي مامون
(813ع- 833ع) جي ڏينهن ۾ سامره ۾ رهندڙ ڪيئي عرب
ڪٽنب، تميم ۽ هن جي پوين سان گڏ لڏي اچي سنڌ ۾
ويٺا. سامره جي عربن مان سومرن جي قوم پيدا ٿي ۽
تميم جي پوين مان ٿهيم اُسريا. جڏهن نائين صديءَ
جي پڇاڙيءَ ۽ ڏهين
اروڙ جو قلعو فاتح محمد بن قاسم
ڪوٽ ڏيجي جو قلعو- خيرپور
صدي جي منڍ ڌاري خليفن جي طاقت ۽ اثر گهٽجڻ لڳو ته
انهيءَ ڪمزوريءَ جو اثر اوس پر انهن پرڳڻن تي به
پيو، جا سلطنت جي قلب کي وڪوڙي وئي هئي. مرڪزي
حڪومت جو سنڌ کي نظر انداز ڪيو ته ڪيترا ننڍا ننڍا
سردار ان کي پاڻ ۾ ورهائي حاڪم بڻجي ويا. 871ع کان
پوءِ جيڪي ٻه مکيه بادشاهتون وجود ۾ آيون، سي هيون
ملتان ۽ منصوره، جن ٻنهي چڱي طاقت ۽ سرڇائي ڏٺي.
هندستان جي ڪئمبرج واري مختصر تاريخ موجب، سنڌ جي
فتح جا ڪي به ڏور پهچ نتيجا ڪونه نڪتا، ۽ جيڪو
مذهب لڳ ڀڳ پنج صديون هندستان تي غالب رهڻو هو، سو
عربن جي فتح ڪيل سرحدي علائقي کان اڳتي ڪونه وڌيو.
سنڌ جي واليءَ ڪڇ تي ڪاهه ڪئي، پر اها مهم رڳو
جلهه هئي ۽ ڪا به بيٺڪ نه وڌي وئي. سنڌ جي عرب
والين گهڻو ڪري پنهنجن پاڙيسرين سان دوستيءَ وارو
ناتو ئي رکيو. راجستان جي رياستن کي ٿر جي ريگستان
اڳرائيءَ کان بچايو ٿي ۽ ملتان جي مسلمان حاڪمن
مٿين پنجاب کي مطيع ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪا گنڀير ڪوشش
ڪانه ڪئي. منصوري جي بادشاهت سمنڊ کان الور تائين
پکڙيل هئي ۽ الور کان ملتان واريءَ بادشاهت جي حد
ٿِي شروع ٿَي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته منصوري وارو
ڏيهه چڱو آباد ۽ وڻن ۽ پوکن سان ڇانيل هو. سنڌين
جو ويس عراق جي ماڻهن جهڙو چيو وڃي ٿو. گاديءَ جو
هنڌ، الور، ملتان جيترو ڪشادو سمجهيو وڃي ٿو.
چوڌاري ٻٽو ڪوٽ آيل هئس ۽ چڱي چوکي واپار جي پڙي
هو. سنڌ جي عرب حاڪمن جي آمدني تمام ٿوري ڏسڻ ۾
اچي ٿي. بس ايتري جو کاڌي پيتي. ڪپڙي لٽي ۽ حيثيت
آهر رهڻ لاءِ پورت ٿي ويندي هئن. عربن جي صاحبيءَ
۾ سنڌ جو اندروني انتظام انهن فاتحن ڏيهي ماڻهن جي
هٿن ۾ رهڻ ڏنو هو. عرب سپاهين کي هتي زمينون مليل
هيون پر ان شرط تي ته هو فوجي خدمت سرانجام ڏيندا
رهندا کين پوکراهي يا ڪنهن ٻئي ڌنڌي ڪرڻ جي اجازت
نه هئي. ڪافي مفتوح علائقو سڳورن آستانن ۽ ادارن
کي پڻ وڏي دريا دليءَ سان عطا ڪيو ويو. عرب حاڪمن
قافلن رستي خراسان سان ۽ قنڌار ۽ غزنيءَ جي معرفت
زبولستان ۽ سجستان سان واپاري لهه وچڙ پڻ قائم
رکي. سمنڊ رستي به ڪافي واپار ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته
ترڪستان ۽ خراسان ڏانهن ويندڙ گهڻو مال چين، سيلون
۽ ملبار جي پيدائش هوندو هو. سنڌوءَ ۾ هلندڙ
ٻيڙيون گهڻي ڀاڱي ملباري ڪاٺ مان ٺاهيون وينديون
هيون. سنڌ ۾ گهوڙا پڻ اڪثر عربستان کان گهرايا
ويندا هئا.
معلوم ٿو ٿئي ته عربن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ سرڪار کي
گهڻي آمدني ڍل مان ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ملتان لاءِ
سالياني ڪٿ 1،15،00،000 درهم يا اٽڪل 2،70،000
پائونڊ هئي، ۽ ان ۾ ڍل، جزيو، ناڪو ۽ ٻيا متفرق
اسم شامل چيا وڃن ٿا. سنڌ جو عرب گورنر سچ پچ ته
هڪ قسم جو ڪڙمي سپهه سالار هوندو هو، جيڪو خليفي
کي سرڪاري کاتي ۾ ڄاڻايل رقمون ڏيڻ لاءِ ٻڌل هوندو
هو. ڪڻڪ ۽ جَوَن جا جيڪي فصل سرڪاري واهن جي
پاڻيءَ تي ٿيندا هئا، تن تي ڍل پيدائش جو ٻه ڀاڱي
پنجون حصو ورتي ويندي هئي. پر جي زمين نار يا ٻئي
ڪنهن هٿرادو وسيلي سان ريجي ويندي هئي ته ڍل ٽي
ڀاڱي ڏهين پتي ۽ بنهه اڻ ريجيل زمينن تي چوٿين پتي
هئي. جيڪا آباد ٿيڻ جوڳي زمين کيڙي نه ويندي هئي،
تنهن تي في جريب هڪ درهم پياريو ويندو هو ۽ امڪاني
پيدائش جي ڏهين پتي تنهن کان سواءِ هئي. شراب،
مڇي، مياڻين، کارڪن، ڊاک ۽ باغن جي ٻي پيدائش تي
به محصول لڳندو هو. 1907ع واري گزيٽيئر ۾ لکيل آهي
ته اڻ کيڙيل آبادي جوڳيءَ زمين جي ڍل نالي ماتر
هئي ۽ وقت گذرڻ سان ان ۾ هر هنڌ وڏا اضافا ڪيا ويا
تان جو اها پيدائش جو اڌ ٿي وئي يا ائين کڻي چئجي
ته ايتري جيتري ماڻهو ڏئي سگهن. جيڪي قبيلا مسلمان
نه ٿيا هئا، تن سڀني کي جزيو ڏيڻو پوندو هو، جو
سنڌ ۾ عربن جي صاحبيءَ جي شروعاتي ڏينهن کان وڏي
خبرداريءَ سان اوڳاڙيو ويندو هو. ”عرب پرڳڻي ڌڻين
کي جيڪي محصول رواجي طرح اوڳاڙڻ جو حق هو، سي هئا
ڍل، جزيو، ايندڙ ۽ لنگهندڙ مال تي ناڪو، ۽ واپار ۽
دستڪارين تي محصول.“ جاگرافيدان اسخري 951ع ڌاري
لکندي منصوري کي ملتان کان وڌيڪ سرڇو ۽ پڻ وڌيڪ
آدم وارو ڄاڻائي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته ملتان جا
ماڻهو سٿڻون پائيندا آهن ۽ منجهائن گهڻا فارسي ۽
سنڌي ڳالهائيندا آهن، جيئن منصوري ۾ محمد بن قاسم
هٿان فتح ٿيڻ کان پوءِ مسلمانن جي والار وقت سنڌ ۾
حياتيءَ جي حالت اجها اها هئي. عربن جي حڪومت فقط
ٽن سون ورهين کان ٿورو وڌيڪ هلي ۽ 1026ع ڌاري پوري
ٿي، جڏهن محمود غزنويءَ ملتان هٿ ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجي وزير عبدالرضائي کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ
موڪليو. چيو وڃي ٿو ته وزير موصوف سيوهڻ ۽ ٺٽو هٿ
ڪيا، ۽ عربن، يعني عملدارن کي ملڪ مان ڊوڙائي
ڪڍيائين. باقي جيڪي عرب گهر ڪري ويٺا هئا، تن کي
ڪجهه ڪونه چيو ويو، بلڪ هن نوان پرڳڻي ڌڻي انهن
منجهان مقرر ڪيا.
وچ وارو دور:
عيسوي سن جي اوائلي صدين کان وٺي ويندي چوڏهين
صديءَ جي وچ تائين وچ ايشيا جي زرخيز سر زمين مان
جنگجو ۽ سرڪش اڌ سڌريل وحشين جا ٽولن پٺيان ٽولا
چرچران ۽ هل هلان جو سوداءُ کڻي اُٿندا رهيا هئا،
ايئن ئي جيئن کانئن صديون اڳ هند يورپي ٽولا سوڀون
کٽڻ ۽ مالڪ بڻجڻ نڪتا هئا. ٻي صدي عيسويءَ ۾
باختري يونانين جي زماني کان وٺي 1525ع ۾ مغل
سلطنت جي قائم ٿيڻ تائين اُتر هندستان جي وڳوڙي
حالتن لاءِ اهي ئي ٽولي جوابدار هئا. دهليءَ جي
سلطانن جو پنج سؤ ورهين وارو دؤر مٿئين هندستان ۽
گنگا جي ترائيءَ ۾ رهندڙ پر امن ماڻهن تي وحشياڻن
حملن ۽ جيتيل لوڪن تي انهن وچ ايشيائي پرڏيهين جي
رت پياڪ اڳواڻن جي ظلمي غبي سان عبارت آهي. انهيءَ
انڌي مونجهاري جي زماني دوران سنڌ، پنهنجي
نويڪلائيءَ سان هميشه جيان سچار رهندي، واقعات جي
مکيه وهڪري کان ٻاهر رهي، پر ان کي اوس آپيشاهيءَ
جي ڇڙواڳ استعمال سبب پيدا ٿيل انڌي ۽ پري تائين
پکڙيل وڳوڙ جي پنج سؤ ورهين دوران مکيه هلچن ۾،
نهايت حقيقي طرح، توڻي جو عموماً اڻسڌيءَ طرح،
ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پيو.
دهليءَ جي سلطانن جو پنهنجن پاڙيسرين ۽ ڏن ڀرو
رياستن تي اختيار ڪڏهن پختو ته ڪڏهن ڍرو ٿيندو
رهندو هو ۽ مڪاني حاڪم پنهنجن پنهنجن علائقن تي
عملي طرح اختيار هلائي سگهندا هئا، توڻي جو سندن
اختياري پوري طرح تسليم ٿيل نه به هوندي هئي.
اهڙيءَ ريت سنڌ دهليءَ جي سلطانن جي هيڻائيءَ ۽ بي
ڌيانيءَ جو فائدو وٺندي رهندي هئي ۽ وقت بوقت ڏيهي
گهراڻن هيٺ هڪ طرح جي خود مختياري ماڻي وٺندي هئي.
سو ٿيو ائين ته 1032ع کان 1351ع تائين سومرن جي
سنڌي گهراڻي ملڪ تي راڄ ڪيو ۽ 1351ع کان 1521ع
تائين هڪٻئي سنڌي گهراڻي يعني سمن حڪومت جون واڳون
سنڀاليون. سومرا پرمار راجپوتن جو پاڙو آهن. اٺين
صديءَ کان چوڏهين صديءَ جي وچ تائين سنڌ ۾ ٿورو ڪي
گهڻو طاقت ۾ رهندا آيا ۽ ان زماني جي پڇاڙيءَ ڌاري
ته هو خود مختيار حاڪم هئا. ملتان واري شيخ ابن
سومار راجا بل ڏانهن هڪ دروز سن 1032ع ۾ جيڪو خط
لکيو هو، تنهن جي مضمون جي آڌار تي ايليئٽ پنهنجي
تصنيف ’هندستان جي تاريخ سندن تاريخ نويسن جي
زباني‘ ۾ هيءَ قياس آرائي ٿو ڪري ته سومرا پنهنجو
اباڻو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيا، تنهن کان اڳ هو قرامطي
بدعت جا پوئلڳ ٿيا هئا، پر هاڻ هو سني ٿي ويا، پر
ايمان ڪڏهن آندائون سو معلوم نه آهي. محمود
غزنويءَ ملتان ۽ اُچ هٿ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وزير
عبدالرضائيءَ کي موڪلي 1026ع ڌاري سنڌ فتح ڪرائي.
پر غزنوي گهراڻي جو سنڌ تي قبضو گهڻو وقت ڪونه
هليو. ڇو ته 423 هجريءَ (1032ع) ۾ ملتان جو حاڪم
ابن سومار، جو پاڻ به سومرو سمجهيو وڃي ٿو، سو سنڌ
۾ سومرن جي گهراڻي جو پايو وجهندي ۽ ملڪ تي وڏي
برجستانيءَ ۽ ساڃاهه سان حڪومت ڪندي نظر اچي ٿو.
ٿي سگهي ٿو ته سومرا 1051ع تائين غزنوي سلطان جي
نالي ۾ حڪومت ڪندا هجن يا شايد وفاداري ڏيکارڻ
لاءِ ڏن ڏيندا هجن، پر انهيءَ سن کان پوءِ هنن
مڪمل خود مختياري اختيار ڪئي. سنڌ جو هڪڙو مؤرخ،
علي شير ٺٽي وارو سومرن جو بڻ بنياد ڪن عرب ڪٽنبن
جي نالي ليکي ٿو، جيڪي عباسي خلافت جي زماني ۾
سامره کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا. پر عام رايو
هيءُ آهي ته سومرا راجپوت هئا ۽ سندن پهرين حاڪمن
جا نالا سومرو، دودو، سنگهار، ڀونگر، سندن اصل نسل
ظاهر ڪن ٿا. هو دين اسلام تي ڪڏهن آيا، سو معلوم
نه آهي، پر ائين وسهڻ لاءِ سبب آهي ته ايمان آڻڻ
کان اڳ هو قرامطي بدعت جي اثر ۾ اچي ويا هئا. اهو
پڻ چٽو نه آهي ته حاڪم ڪڏهن ٿيا. تاريخ نويسن جا
بيان پاڻ ۾ نٿا ٺهڪن ۽ يورپي عالم جن نتيجن تي
پهتا آهن، سي پڻ هڪٻئي سان نٿا ٺهڪن البت، انهيءَ
ڳالهه جي ڪافي اتفاقي ساک موجود آهي ته سومرن جي
صاحبيءَ جي اوائلي ڏينهن ۾ مسلمان حاڪمن مڪاني
هندو سردارن کي تسليم ڪيو ۽ بحال رکيو هو. مشهور
راجا دلوراءِ، جنهن جي ڪلورن ڪري الور ۽ برهمڻ
آباد تي خدائي قهر نازل ٿيو هو، سو نسوري ڏند ڪٿا
نٿو ٿي سگهي. 1221ع ۾ هسرار نالي حاڪم جو ۽ دبيل ۾
هندن جي مندرن جو ذڪر ملي ٿو، تنهن هوندي به اهڙي
ساک نه آهي ته جڏهن کان محمود غزنوي خليفي جي
نائبن کي تڙي پنهنجا نائب رکيا هئا، تڏهن کان
غزنيءَ جي حاڪم ۽ کانئس پوءِ دهليءَ جي مسلمانن جي
سموريءَ سنڌ مٿان بالادستيءَ جو ڳٽڪو سڄو لاهي ڦٽو
ڪيو ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته ائين ڪرڻ فائدي وارو نه
هجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ملتان پرڳڻي ڌڻيءَ جي گادي ۽
سموري فوجي ۽ سياسي دلچسپيءَ جو مرڪز هو، تڏهن سنڌ
جي ڏکڻ ۽ اوڀر جو عملي طرح خود مختيار هجڻ عين
ممڪن آهن. ان ئي زماني ۾ ڪنهن وقت
سومرن جي قوم زور ورتو ۽ ٺٽي وارو تاريخ نويس علي
شير ٻڌائي ٿو ته غياث الدين جي تخت
نشينيءَ کان ستت پوءِ هو ٿريءَ ويجهو گڏ ٿيا ۽
هڪڙي همراهه کي، جنهن جو نالو قبيلي پٺيان سومرو
هو، پنهنجو سردار چونڊيائون. پر علي شير ٻئي هنڌ
ايئن چئي پاڻ پنهنجي ترديد ٿو ڪري ته غياث الدين
جي پيشرو علاءُ الدين چڱو ڪيو جو کين جڏا ڪم ڪرڻ
تان تباهه ڪري ڇڏيائين.
مير معصوم انهيءَ بيان سان اتفاق ٿو ڪري ته جنهن
زماني ۾ غياث الدين ٺٽي تي قبضو ڪيو، تنهن زماني
ڌاري سومرن بغاوت ڪئي. غياث الدين وٽ ساڻن منهن
ڏيڻ جو وقت ڪونه هو. پر سندس پٽ ۽ وارث محمد شاهه،
جو ناليوارو عالم ۽ بهادر سپاهي هو، سو 1351ع ۾
گجرات واري بغاوت جي بانيءَ جي پٺ وٺندي هيٺينءَ
سنڌ تي چڙهي آيو، ڇو ته باغيءَ ٺٽي جي سومرن حاڪمن
وٽ اچي پناهه ورتي هئي. محمد شاهه ٺٽي وٽ گذاري
ويو، ۽ سندس ڀائٽيو، فيروز تغلق، سندس جانشين ٿيو،
تنهن کي ڪنهن خاص مزاحمت سان منهن نه ڏيڻو پيو،
سواءِ باغيءَ جي پوئلڳن جي گاڏڙ ساڏڙ ٽولي جي، جن
کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.هن سانگهڙ وٽ هڪ ڍنڍ جي
ڪنڌيءَ ڪوٽ جوڙايو، لعل شهباز جي قبي تي حاضري
ڀريائين، اتان جي متولين جو وظيفو مقرر ڪيائين.
بکر ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري قلعي جي حفاظت لاءِ
اسي سپاهي رکيائين ۽ اتان دهليءَ موٽي ويو. پر
هيءُ سنڌ ۾ دهلي جي مرڻينگ طاقت جو آخري ٽلڪو هو.
ابن سومار جي جاءِ نشينن مان هڪڙو خفيف هو، جنهن
ٻروچن، سوڍن ۽ جاڙيجن جي اڪيچار ڪاهن کي ڪاميابيءَ
سان روڪيو، ابن سومار جي حڪومت وڏي برجستائيءَ
واري هئي ۽ سندن اختياريءَ کي ڪڇ کان نصرپور تائين
مڃيو ويندو هو. اها سندس صاحبي هئي جنهن ۾ سمن جو
نالو ٻڌجڻ لڳو. هنن ٻروچن جي هڪ قبيلي کي ڦريو هو،
جنهن تان خفيف کين چڱي سيکت جنهن ۾ سمن جو نالو
ٻڌجي پيو. هنن ٻروچن جي هڪ قبيلي کي ڦريو هو. جنهن
تان خفيف کين چڱي سيکت ڏني هئي. خفيف جي زماني کان
سومرن جو زور هوريان هوريان گهٽجڻ لڳو ۽ آخرڪار
ارميل جي صاحبيءَ ۾ سما، جي ڪجهه وقت اڳ ڪڇ کان
لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا، تن سازش ڪري کيس ماري
ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم مان ڄام انڙ کي کڻي سنڌ جي تخت
تي ويهاريائون، هيءُ 1351ع جو واقعو آهي. ڪن
لکندڙن ڄاڻايو آهي ته سومرن جي طاقت ڪڏهن به وسيع
يا مطلق نه هئي ۽ هو رڳو ان ڪري حاڪم گهراڻي هجڻ
جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا جو ٻيو ڪو اهڙو نمايان قبيلو
يا طاقت ڪانه هئي جا انهيءَ ڏس ۾ بهتر حق ڄمائي
سگهي. سما پڻ راجپوت نسل مان هئا. توڻي جو سڀئي ان
ڳالهه تي متفق آهن ته سمن جي قبيلي جو باني سام
هو، پر هيءَ ڳالهه چٽي آهي ته اهو سام نبي ڪريم ﷺ
جي چاچي جو پٽ هو يا ڄام يعني فارس واري جمشيد جو
پٽ هو يا ماگهين هيءُ اهو ساڳيو ماڻهو هو، جنهن کي
اسان شيم بن نوح جي نالي سان سڃاڻون ٿا. پتو ناهي
ته سمن دين اسلام ڪڏهن ورتو، پر عين ممڪن آهي ته
ڪڇ جي جاڙيجن جيان، هُو به ڪو وقت ٻنهي مذهبن کي
گڏي سڏي ڪم هلائيندا رهيا. اهي جاڙيجا به ساڳي بڻ
مان هئا. هنن لاءِ پاڻ راءِ جو اهو چوڻ هو ته ٻن
هزارن جاڙيجن ۾ ٽي به اهڙا نه آهن، جن کي پتو هجي
ته دين ڌرم ڪهڙو اٿئون. سما سنڌ جي تخت جا مالڪ
ٿيا ته سندن حاڪمن ڄام جو لقب اختيار ڪيو، جو هاڻ
ڪڇ جي جاڙيجن سردارن جو لقب آهي. هيءَ ڳالهه ڌيان
جوڳي آهي ته جتي سمن جي پهرين حاڪم جو نالو انڙ،
ٻئي جو بابينو ۽ ٽئين جو تماچي هو، اتي چوٿون،
جنهن کي ٻاروتڻ ۾ ئي قيد ڪري دهلي نيو ويو هو، سو
خيرالدين جي نالي سان ظاهر ٿئي ٿو. تنهن کان پوءِ
بادشاهي رت جا وارث صلاح الدين، نظام الدين وغيره
ٿيڻ لڳا، سواءِ ڄام تماچي ٻئي جي (سندس اهو
ويڙهيجو نالو هن جي ويڙهيجن ماڻهن ۾ اڃا تائين
قائم آهي، جڏهن ته الدين سڀ وسارجي چڪا آهن). اها
ڳالهه بلڪل پڌري آهي ته سمن، سومرن کي محمد شاهه
جي وفات واري زماني ڌاري بيدخل ڪيو هو، ۽ هيءَ پڻ
ته هنن پنهنجو راڄ سومرن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ تڪڙو
وڌايو هو، ڇو ته اهي وڌيڪ وڏي ۽ وڌيڪ ويڪري علائقي
تي پکڙيل قبيلا هئا. هنن سيوهڻ تي قبضو ڪيو ۽
ويندي بکر ۾ سلطان جي رکيل اسي ڄڻن واري حفاظتي
دستي کي هڪالي ڪڍڻ کان پوءِ به نه مڙيا. کين سيکت
ڏيڻ لاءِ 1372ع ۾ سلطان پاڻ ڪهي آيو، پر سيکت ڏيڻ
۾ ڪانه آئي، ڇو ته ڄام قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو ۽
کيس گهيرو ڪندڙ سلطاني فوج، ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾
وڪوڙجي بک مرڻ ۽ مڇرن جو کاڄ ٿيڻ لڳي. سو جڏهن ڄام
اطاعت جي آڇ ڪئي ته سلطان مهرباني ڪندي آڇ قبول
ڪئي.
1938ع ۾ امير تيمور (جيڪو تيمورلنگ جي نالي سان
وڌيڪ مشهور آهي) پنهنجين تاتاري فوجن سان سرحد پار
ڪئي ۽ ملتان کان ٿيندو دهليءَ تي ڪاهي ويو. لاڳيتا
پنج ڏينهن سلطاني شهر بيان کان ٻاهر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ
جو نشانو بنيو رهيو ۽ جيڪي باقي بچيو، تنهن جي هاڻ
سنڌ سان دلچسپي ڪانه رهي سو، سما نالي توڙي حقيقت
۾ پرڳڻي جا مالڪ ٿي ويا. ٺٽي وارو تاريخ نويس چوي
ٿو ته پرڳڻو پنهنجي اوج وارن ڏينهن ۾ سمنڊ کان
ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي تائين پکڙيل هو، ۽ جيئن ته هنن
وٽ بکر جو قلعو هو ۽ نه اُچ جو، ان ڪري اها ڳالهه
حقيقت کي ويجهي نظر ٿي اچي. گادي ٺٽي کان ٽي ميل
کن اُتر اولهه طرف مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ساموئيءَ ۾
هئي سيوهڻ ۽ بکر ۾ گورنر هئا.
سمن جا بالادستيءَ واري زماني ۾، جو پختي ۾ پختي
تاريخ موجب 1351ع کان 1521ع تائين يعني هڪ سؤ ستر
ورهيه هو، تاريخ معصوميءَ موجب ڪل سترهن ڄام ٿي
گذريا. منجهائن سڀني ۾ مشهور ۽ شايد سڀني ۾ عظيم،
ڄام نظام الدين هو، جنهن کي پيار وچان ڄام نندو
سڏيندا هئا. هن جي ڏينهن ۾ نماز وقت مسجدون هميشه
ڀريل هونديون هيون. هو عمل جو صاحب به هو ته عبادت
جو به. هن انهن ڦورن جي پاڙ پٽي ڪڍي، جيڪي بکر جي
آسپاس واري ڏيهه ۾ راڱا ڪندا هئا، جنهن کان پوءِ
مسافر جان ۽ مال جي خوف کان بي نياز ٿي سنڌ جو سفر
ڪرڻ لڳا. اهي ڦورو گهڻو ڪري اهي بي آرام راجپوت ۽
ٻروچ قبيلا هئا، جن جو نالو هاڻ گهڻو ٻڌجڻ لڳو.
اها سنڌ جي خوش نصيبي هئي جو ڄام نندي جو راڄ
پنجاهه ورهيه کن هليو. ڄام نندو سمن جي گهراڻي جو
چوڏهون حاڪم هو. اهو هن جو ئي دور هو، جڏهن ارغونن
جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو. شاهه بيگ ارغون جون فوجون
قنڌار کان چانڊڪي ۽ سڌيجا جي ڪن ڳوٺن تي چڙهي
آيون، جتي ڄام جي لشڪر کين سامهون ٿي اهڙي ته شڪست
ڏني جو هنن سندس صاحبيءَ ۾ وري ڪاهه ڪانه ڪئي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سما راجپوتن جي جادَوَ بڻ
مان هئا ۽ شايد اهي ساڳيو قبيلو هئا، جنهن کي
سڪندر اعظم سامبوس جي نالي سان سڃاڻندو هو. هو
1391ع کان اڳ مسلمان ڪونه ٿيا هئا ۽ ڪڇ جا جاڙيجا
۽ سميجا سندن پويان آهن. ٺٽو، جو گهڻي وقت کان سنڌ
جي گادي هو، سو سمن ۽ سندن جاءِ نشينن، ارغونن ۽
ترخانن، جي ڏينهن ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاهوڪار ۽
شاندار شهر بڻجي ويو. ان جي پڪ نه آهي ته اهو شهر
ڪڏهن ٻڌو ويو هو ۽ ائبٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ، هڪ نئين
تشريح“ ۾ ڄاڻائي ٿو. آءٌ ٺٽي کي 1350ع کان ويندي
1333ع کان به گهڻو اڳ جو سمجهان ٿو، جڏهن ابن
بطوطه سنڌ آيو هو. انهيءَ ڏس ۾ مکيه سَند شمس سراج
واري تاريخ فيروز شاهيءَ جي ساک سمجهي وڃي.“
1362ع ۾ سلطان فيروز شاهه جي هٿان ٺٽي وٽ ڄام جي
شڪست کي بيان ڪندي هو لکي ٿو: ”ٺٽو دهليءَ جي
بادشاهن لاءِ سلطان معزالدين جي ڏينهن کان مصيبت
بڻيل هو. سلطان علاءُ الدين جي عاليشان لشڪر ٺٽي
ڏانهن ڪوچ ڪيو هو پر مهم جي ڏکيائيءَ، ڪاروائيءَ
کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو هو. سلطان محمد شاهه تغلق به
ساڳي جوءِ ۾ حياتي وڃائي هئي“. ائبٽ جي چوڻ موجب
”هي بيان ثابت ٿو ڪري ته سلطان فيروز شاهه جي
ڏينهن ۾ ٺٽي بابت روايتون هيون، سي ان کي جي ديبل
واري زماني (1182) تائين نه ته سلطان علاءُالدين
جي زماني (1296ع کان 1315ع) تائين ته وٺي ٿي ويون.
ٺٽي جو سڀ کان پهرين ذڪر ان ئي تاريخ ۾ ملي ٿو ۽
بدايونيءَ واريءَ تاريخ ۾ پڻ.“ سمن جي صاحبيءَ جو
احوال سمن جي وڏي ۾ وڏي حاڪم ڄام نظام الدين جي
ذڪر کان سواءِ اڻپورو رهجي ويندو. هن ڄام کي سندس
قبيلي وارن چونڊي اڳئين ڄام جو جاءِ نشين ڪيو هو.
تحفة الڪرام موجب، ڄام نظام الدين بابيني جو پٽ،
اُنڙ جو پوٽو، صلاح الدين جو پڙپوٽو ۽ تماچيءَ جو
تڙپوٽو هو. نظام الدين جو دؤر ڊگهو ۽ امن وارو هو.
سندس دؤر جي مدت لکندڙن الڳ الڳ ٻڌائي آهي. ڪن 43
ورهيه، ڪن 48 ورهيه، ڪن 63 ورهيه ڪن وري 73 ورهيه
ڄاڻائي آهي. اهو ڏيکاري ٿو ته مڪاني تاريخ نويس جي
لکت تي ڪيترو ويساهه ڪري سگهجي ٿو.
ٺٽي وٽ مڪليءَ تي جيڪي قبا آهن، تن ۾ ڄام نظام
الدين جو قبو نمايان آهي. چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجو
تخت گاهه ساموئيءَ کان ٺٽي کڻي ويو هو. کيس جنگين
کان وڌيڪ علم سان محبت هئي ۽ پنهنجو گهڻو وقت
عالمن جي صحبت ۾ گذاريندو هو ۽ کين نوازڻ ۾ خوشي
محسوس ڪندو هو. مير معصوم هن بابت لکندي چوي ٿو ته
”جوان ٿيو ته علم جي طلب ۾ پنهنجو گهڻو وقت مڪتب ۽
خانقاهه ۾ گذارڻ لڳو. هو نوڙت وارو ۽ خوش طبع هو.
سٺي ۽ قربائتي سڀاءُ ڪري سڀڪو ڀائيندو هوس. وڏو
عبادت گذار ۽ پرهيزگار هو. هن جون خوبيون بيان کان
ٻاهر آهن.“ جيئن تاريخ ۾ اڪثر ٿيندو آهي، عظيم
ماڻهوءَ جو جاءِ نشين پٽ عياش، هيڻو ۽ اڏائو
نڪرندو آهي. ڄام نظام الدين جي حالت ۾ به ائين ئي
ٿيو. جڏهن وفات ڪيائين تڏهن پٽهنس فيروز اڃا
زنانخاني ۾ پلجندڙ ٻار هو. فيروز زنانخاني مان
ٻاهر آيو ته پاڻ کي راڳ، ناچڻين جي ناچن ۽ ڀوڳاين
جي ڀوڳن ۾ گم ڪري ڇڏيائين. رعيت ويچاري هن جي سمن
عملدارن جي ٻانهن جي ظلمن ۾ پيڙجڻ لڳي. سمن جي
گهراڻي جا ڏينهن تحقيق پورا ٿي چڪا هئا ۽ جن اوپرن
کي سندن جاءِ وٺڻي هئي، سي اڳي ئي در تي اچي پهتا
هئا.
جنهن گهراڻي سمن جي جاءِ ورتي، سو وچ ايشيا جي
ارغونن جو هو. اهي ارغون هن نسل مان هئا. مٿن اهو
نالو چنگيز خان جي پوٽي هلاڪوءَ جي پوٽي ارغون خان
ترخان تان پيو هو. ارغونن 1521ع کان سنڌ تي حڪومت
شروع ڪئي. حاڪم مير ذوالنون ارغون جي پٽ شاهه بيگ
ارغون سمن جي لشڪر کي شڪست ڏني ۽ 1520ع ۾ گاديءَ
جي هنڌ ٺٽي کي تاراج ڪيائين. پوءِ شاهه بيگ ۽ ڄام
جي وچ ۾ صلح ٿيو، جنهن موجب سکر کان ٺٽي تائين سڄو
ملڪ ڄام جي هٿ ۾ رهڻو هو ۽ لڪي لڪ جي اتر پاسي
وارو ملڪ شاهه بيگ کي ملڻو هو. پر جيئن ته گهڻا
سما انهيءَ ورڇ جي خلاف هئا، ان ڪري سيوهڻ ويجهو
ٽلٽيءَ وٽ هڪ ٻي جنگ ٿي، جنهن ۾ سمن هارايو ۽ شاهه
بيگ سڄيءَ سنڌ جو مالڪ بڻجي ويو. ياد رهي ته
ارغونن ڄام فيروز جي پيءُ جي ڏينهن ۾ به سنڌ تي
قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر نظام الدين مڙسي ڪري
کين ڀڄائي ڇڏيو هو. هن ڀيري سندن سنڌ جي مالڪ ٿيڻ
جي ڪوشش ڪامياب ٿي ۽ سمن جي گهراڻي جي پڄاڻيءَ ۽
1525ع ۾ مغلن جي بادشاهي قائم ٿيڻ تائين سنڌ سان
اهائي ڪار ٿي جا محمود غزنوي جي وقت کان دهليءَ
سان ٿيندي آئي هئي جنهن زماني ۾ سمن جي صاحبي پوري
ٿي ۽ ارغون تخت تي ويٺا ذري گهٽ تنهن ساڳي زماني ۾
دهليءَ ۾ مغلن جي سلطنت برپا ٿي. سچ پچ ته اهو
بابر هو، جنهن قنڌار تي قبضو ڪري شاهه بيگ ارغون
کي ڏکڻ پاسي ڀڄڻ ۽ سنڌ ۾ قسمت آزمائي ڪرڻ تي مجبور
ڪيو هو. ارغون گهراڻو ٿورو وقت هليو. 1521ع ۾ شروع
ٿي 1554ع ۾ ختم ٿي ويو، جنهن دوران ان جا فقط ٻه
حاڪم ٿيا. سندن جاءِ ترخانن والاري، جي پڻ ڌاريا
هئا ۽ حسب نسب ساڳيو ارغونن وارو هئن. هنن سنڌ تي
1554ع کان 1591ع تائين حڪومت ڪئي. سمن جي صاحبيءَ
جي ڀڄڻ کاڻ کان وٺي 1591ع ۾ سنڌ تي مغلن جي سڌي
اقتدار قائم ٿيڻ تائين وارو سمورو زمانو سچ پچ ته
مغل سلطنت واري داستان جو حصو آهي، سو ان جو بيان
ايندڙ ڀاڱي ۾ ٿيندو.
مغلن جو دؤر:
جڏهن شاهه بيگ ارغون پنهنجو ملڪ، قنڌار، بابر سان
جنگ ۾ هارائي کانئس ڀڄي اچي سمن کان کٽي سنڌ تي
قبضو ڪيو، تنهن کان پنج ورهيه پوءِ 1526ع ۾ بابر
هندستان ۾ مغل سلطنت جو پايو وڌو، اها تاريخ جي
ستم ظريفي آهي ته بابر جي قائم ڪيل سلطنت کي مغل
سلطنت سڏيو وڃي ٿو. بابر منگول نه پر برلاس ترڪ
هو، جنهن وٽ منگولن کي ڀانئڻ لاءِ ڪو سبب ڪونه هو
۽ جيڪو سچ پچ ته کين پنهنجيءَ قوم جو دشمن سمجهندو
هو. ان لاءِ ’منگول‘ لفظ جو استعمال غلط آهي، پر
اهو لفظ غلط استعمال ۾ ان ڪري آيل ڏسجي ٿو جو تڏهن
۽ صديون پوءِ به اهڙن سڀني وچ ايشيائي قبيلن کي پڻ
منگول سڏڻ جو رواج هو، جيڪي اصل منگول ٽولن کان
پوءِ هندستان تي ڪاهيندا رهيا هئا. تيمور جي
پڙپوٽي جا نوَ پٽ هئا، جن مان پنجون ايئن سڏجندڙ
منگول سلطنت جو باني بابر هو. کيس وراثت ۾ فرغانا
جو پرڳڻو مليو هو، جو ترڪستان جي جبلن ۾ سمرقند
کان اوڀر پاسي هو.
انهيءَ ترڪي نسل هندستان تي ٻن سوَن ورهين کان
وڌيڪ مدو ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪئي ۽ ذري گهٽ سمورو
ننڍو کنڊ سندن راڄ هيٺ هو. انهيءَ گهراڻي هندستان
کي وچين زماني جي ويچارن ۽ جوڙجڪ مان اُسرندي ڏٺو.
سندن راڄ هندستان ۾ پهرين جديد رياست جي پيڙهه
وڌي. جن مغلن کي اسين عظيم سڏيندا آهيون. سي هئا
بابر، همايون، اڪبر، جهانگير، شاهجهان ۽ اورنگزيب.
هي سڀ عظيم انسان هئا. ڪيترين اعليٰ خصلتن جا مالڪ
۽ وڏي حشمت ۽ ڏيا وارا هئا. حاڪمن جي لاڳيتي سلسلي
جي حيثيت ۾ هو دهليءَ جي سلطانن کان گهڻو سڌريل
ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مغل سلطنت 1526ع کان 1707ع کان پوءِ
اها هئي ته سهي پر پنهنجي اڳوڻي شان ۽ دٻدٻي جو
پاڇو وڃي رهي جيئن پوءِ هيڻي ۽ نستي ٿيندي وئي.
حالانڪ پوين شهنشاهن مان ڪيترا پنهنجي ليکي چڱا
ماڻهو هئا. جي هوند گهٽ وڳوڙي حالتن ۾ پاڻ موکي
وڃن ها. مغلن جي بدقسمتي هئي جو کين پنهنجن سٺن
ڏينهن جو گهڻو وقت انهن علائقن کي وري هٿ ڪري
سلطنت سان شامل رکڻ ۾ صرف ڪرڻو پيو، جيڪي عملي طرح
خود مختيار ٿي ويا هئا ۽ جن جي مسلمان نوابن کي
سلطان سڏائڻ جو وجهه ملي ويو هو. اڪبر ۽ اورنگزيب،
خاص ڪري پوئين بادشاهه، ڏورانهن پرڳڻن کي مطيع ڪرڻ
۽ شاهي اختياري ڏکڻ هندستان تائين وڌائڻ لاءِ ڪئي
ورهيه دهليءَ کان پري گذاريا. وري فتح ڪرڻ ۽ وري
ملائڻ جي انهن ڪوششن کان سنڌ پڻ ڪانه بچي. 1592ع ۾
اڪبر انهيءَ ملڪ تي مغل سلطنت جو سڌو راڄ قائم
ڪيو.
انهيءَ کان اڳ ارغون ۽ کانئن پوءِ ترخان، دهليءَ
جي بالادستي قبول ڪندا آيا هئا. ارغون 1521ع کان
1554ع تائين ۽ ترخان 1554ع کان 1591ع تائين مغلن
جا ڏن ڀرو هئا. اهي ٻئي گهراڻا ڌاريا هئا ۽ سچ پچ
ته گهڻي ڀاڱي ساڳي ترڪي نسل مان هئا، جنهن مان خود
مغل شهنشاهه هئا. ارغون گهراڻي جا رڳو ٻه حاڪم
ٿيا: شجاع يا شاهه بيگ مرزا ۽ سندس پٽ، مرزا شاهه
حسين، پويون حاڪم چوٽيهن ورهين جي راڄ کان پوءِ
1554ع ۾ گذاري ويو. کيس ڪو اولاد ڪونه هو. سو
ارغون گهراڻو سندس وفات سان ختم ٿي ويو. کانئن
پوءِ ترخان گهراڻو آيو، پر اهو 1592ع کان وڌيڪ
ڪونه هليو. تنهن سال مغل شهنشاهه اڪبر جي فوجن ٺٽي
جي حاڪم مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيئي ترخان گهراڻي
جي پڄاڻي آندي ۽ سنڌ کي اڳتي لاءِ ملتان صوبي ۾
شامل ڪيو ويو. مرزا جاني بيگ پوءِ شهنشاهه جي
ملازمت اختيار ڪئي ۽ کيس اهو علائقو ڏنو ويو، جنهن
کي تاريخ نويسن ’ٺٽي جي سرڪار‘ سڏيو آهي. انهي
دوران سنڌ کي مجموعي طرح چڱو هلايو ويو ۽ منجهنس
ڪي خاص ڏڦيڙ ڪونه ٿيا. شاهه بيگ جون ڪارگذاريون
ڏيکارين ٿيون ته هو بهادر، بي ڊپو ۽ دريا دل ماڻهو
هو. هن سنڌ تي انهيءَ ڪري ڪونه ڪاهيو هو جو کيس ڪو
سوڀن کٽڻ جو شوق هو، بلڪ انهيءَ ڪري ڪاهيو هئائين
جو پنهنجي بادشاهي کسجي وئي هيس ۽ ڪيئن به ڪري ٻي
هٿ ڪرڻي هيس ڇو جو سندس زماني جو رواج ئي اهو هو
ته بادشاهي ٻار پاڻ به بادشاهه ٿئي. شاهه بيگ کي
جيئن ئي بادشاهي هٿ آئي، تئين ئي ان کي سڌارڻ جو
عزم ڪيائين. هو وڏو عالم ۽ شاعر هو ۽ ڪيترا ديني
ڪتاب ۽ شرحون جوڙيل هئس. پٽهنس به پاڻ جهڙو هئس،
اجائي حرص ۽ طمع کان آجو. هن ملتان هٿ ڪيو پر پوءِ
ڏيئي ڇڏيائين ۽ ڪڇ واري ڪاميابيءَ کيس ملڪ وڌائڻ
تي ڪونه هرکايو. هو وڏو بهادر ۽ ڪامياب سپهه سالار
هو، پر وڌيڪ لاڙو علم ڏي هئس. سندس دور ۾ سنڌ تي
جا وڏي ۾ وڏي مصيبت آئي، سا هئي همايون جو دهليءَ
جي غاصب شير شاهه کان ڀڄي پناهه وٺڻ لاءِ سنڌ اچڻ.
هن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ملڪ اُجاڙ ڪري ڇڏيو، جنهن کي
اڄڪلهه جي ٻوليءَ ۾ ’ڌرتي ساڙ پاليسي‘ چئبو.
انهيءَ ڪاروائيءَ جي ڪري ڏڪر منهن ڪڍيو ۽ رعيت کي
ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.
سنڌ جي تخت تي جو پهريون ترخان ويٺو، سو هو مرزا
عيسيٰ خان ترخان، جو ارڙهين ورهين جي راڄ کان پوءِ
1572ع ۾ وفات ڪري ويو. هو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي
پوريل آهي. سندس پٽ هن
شاهجهان مسجد جو اندريون ڏيک- ٺٽو
مقبرو ميرزا عيسيٰ خان ترخان- ٺٽو
جي جيئري ئي پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا ۽ سندس وقت کان
پوءِ ۽ سندس وصيعت جي برخلاف اهو پٽ گاديءَ تي
ويٺس جو سڀني ۾ خراب هو، يعني محمد باقي. تاريخ
نويسن وٽ اها زبان ڪانهي، جا هن بدبخت جا ظلم بيان
ڪري سگهي. ڪن ۽ نڪ چيرائڻ، زالن جا اُرهه وڍائڻ،
ڦاهو ڏيارڻ، سسي لهرائڻ، هاٿين جي پيرن هيٺان ڇيڀ
اٽرائڻ ته هن جي ڪاوڙ ڪڍڻ جا رواجي طريقا هئا.
باقي اشراف ۽ عزت وارن ماڻهن جي ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏڻ
جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سيدن مان به نه مڙندو هو ۽
مسافر مارائي ڇڏيندو هو ته متان اهڙا قصا وڃي ڪن
جو فاتح هرکي پون. نيٺ محمد باقيءَ 1584ع ۾ آپگهات
ڪيو ۽ مڪليءَ تي پوريو ويو. سندس پٽ مرزا جاني بيگ
تخت تي ويٺو ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو. سندس
صاحبيءَ دوران سنڌ وري دهلي سلطنت جو ڀاڱو بڻجي
وئي. پر ايئن هوريان هوريان ٿيو. اڪبر سڃاڻپ ڪندي
سنڌ کي ماتحت ملڪ سمجهيو ۽ بکر واري نواب سلطنت
محمود ماٺ ڪري اڪبر جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ اهڙيءَ
ريت پنهنجي حيثيت قائم رکيائين. سندس وفات کان
پوءِ اڪبر بکر ۾ ٻيو نواب رکيو. ٻئي پاسي مرزا
جاني بيگ پنهنجي خودمختياريءَ لاءِ ويڙهه کاڌي ۽
چڱي ويڙهه کاڌائين. ڇا ڪيائين ته درياهه جي هڪڙي
ڦٽو نالي ڇاڙ، جا ڪڏهوڪر سڪي ويل آهي، تنهن جي
پويان مورچا ٺاهي ويهي رهيو ۽ ڪو وقت ته شهنشاهي
فوجن کي سامهون ٿيندو رهيو. هن ٺٽي کي ناس ڪرڻ جو
قسم کنيو جو پورو ڪري وڃي ڪلان ڪوٽ جي مضبوط قلعي
۾ ويٺو. اهو قلعو ٺٽي کان ڪجهه ميل ڏکڻ طرف هو. پر
آخرڪار کيس صلح تي مجبور ٿي شهنشاهه جي منزل گاهه
ڏانهن وڃڻو پيو. هن ٿورا سال پوءِ 1599ع ۾ وفات
ڪئي. سندس قبو مڪليءَ ۾ آهي. سندس جاءِ تي پهٽنس،
مرزا غازي بيگ کي ويهاريو ويو، جنهن کي پوءِ
سيوهڻ، ملتان جو ڪجهه ڀاڱو ۽ قنڌار پڻ ڏنا ويا.
مرزا غازي بيگ کي 1612ع ۾ قتل ڪيو ويو. هن جي قبر
به مڪليءَ تي پيءَ واري قبي ۾ آهي. هو پنهنجي پيءُ
جيان عالم ۽ شاعر هو ۽ ٻئي ڄڻا وڏا راڳي پڻ هئا.
سنڌ هاڻ دهليءَ جي سلطنت جو صوبو هئي ۽ شهنشاهه
پنهنجي مرضيءَ وارن ماڻهن کي حاڪم ڪري موڪليندو
هو، جي صوبيدار سڏيا ويندا هئا. تحفة الڪرام اهڙن
چاليهن ڄڻن جا نالا ڄاڻائي ٿو. جي مرزا غازي بيگ
جي وفات کان وٺي 1793ع ۾ سنڌ تي فارس واري نادر
شاهه جي ڪاهه تائين هڪ سؤ ستاويهن ورهين اندر
هڪٻئي پٺيان صوبيدار ٿيا. ان ئي زماني دوران يعني
1625ع ۾ شاهجهان پنهنجي پيءُ، شهنشاهه جهانگير
خلاف بغاوت ڪئي ۽ ڪجهه وقت اچي ٺٽي ۾ لڪو، جو
صوبيدار کيس جهلي نه سگهيو هو. شاهجهان شهنشاهه
ٿيو ته ٺٽي واري مشهور جامع مسجد جوڙايائين. چون
ٿا ته هن اها مسجد ٺهرائي شهر جا ٿورا ٿي مڃيا جو
ان شهر مصيبت جي وقت ۾ کيس پناهه ڏني هئي. شهنشاهه
جي صوبيدارن مان ڪن جي وفات ٺٽي ۾ ٿي. سندن قبا
مڪليءَ جي نمايان قبن مان آهن. گهڻا صوبيدار ٺلها
ڍل ۽ اُجاري جا پيداگير هئا، پويان ٽئي ته هئا ئي
هڪڙي امير جا اجاريدار، جنهن کي صوبو انعام ۾ ڏنو
ويو هو. مڪاني سردار، جهڙوڪ ڌاراجا جو راجا ۽
ڪڪرالا جو ڄام، پنهنجي پنهنجي تر جا اصل حاڪم هئا،
پر انهن جي ڪا اتفاقي جهلڪ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مٿين
سنڌ ساڳي نوعيت جي صوبيدارن هيٺ هئي، جن مان هڪڙو
سيوهڻ ۽ ٻيو بکر ۾ رهندو هو. ان ئي زماني دوران
دائود پوٽن زور ورتو- اهي دائود پوٽا، جن شڪارپور
جو شهر ٻڌايو ۽ جن جو هڪڙو گهراڻو بهاولپور تي
حڪومت ڪري ٿو. دائود پوٽا پنهنجو شجرو هڪڙي امير
احمد نالي شخص جي معرفت عباسي خليفن سان وڃي
ملائيندا آهن. اهو امير احمد بادشاهي هٿ ڪرڻ لاءِ
مڪران کان ٿيندو سنڌ آيو هو. دائود پوٽن 1617ع ۾
شڪاپور جو پايو وڌو. سندن بخت ۾ وارا ڦيرا پيا
ايندا هئا. ڳپل وقت مهرن سان وڙهندا رهيا ۽
شڪارپور وڃايائون، پر پوءِ وري هٿ ڪيائون. اڳتي
هلي سندن سڀني ۾ وڏو ۽ خطرناڪ دشمن نور محمد
ڪلهوڙو ٿيو، جو خدا يار خان جو پٽ هو. خدا يار خان
زور وٺندڙ ڪلهوڙن جو پهريون ماڻهو هو، جنهن کي
دهليءَ تسليم ڪيو. کيس سبيءَ جي صوبيداري ڏني وئي
هئي ۽ پٽهنس گاديءَ تي ويٺو ته دائود پوٽن کي
شڪارپور مان تڙڻ جو پهه ڪيائين. دائود پوٽن کي اهو
شهر شهنشاهه جي پٽ وٽان جاگير ۾ مليل هو. انهن
واقعن جي اهميت رڳو ايتري آهي ته اهي دهليءَ کان
مقرر ٿيندڙ صوبيدار هيٺ مٿينءَ سنڌ جي حالتن تي
روشني وجهن ٿا. جڏهن 1592ع ۾ اڪبر مرزا جاني بيگ
کان سنڌ کسي هئي، تڏهن ان کي مغل سلطنت سان ملايو
ويو هو. ان جي حڪومت هلائڻ لاءِ به اهڙو ئي
بندوبست ڪيو ويو هو، جهڙو مغل سلطنت جي ٻين صوبن ۾
هو. آئين اڪبريءَ مان اسان کي ان سرشتي جي مکيه
خاصيتن جو پتو پوي ٿو ۽ اهو پڻ ته اهو سنڌ سان
ڪيئن ۽ ڪيترو لاڳو ڪيو ويو هو. چٽي طرح معلوم نه
آهي ته جيستائين سنڌ مغلن جي قبضي ۾ آئي، تيستائين
اها ڪيتري حد تائين هڪڙو ملڪ هئي، پر اهو اڻ ٿيڻي
ٿو لڳي ته سنڌ يڪي جي يڪي حاڪمن جي هٿ ۾ رهي
هوندي. البت ان ڳالهه جي پڪ اٿئون ته هيٺينءَ ۽
مٿينءَ سنڌ کي ڪڏهن به پوريءَ طرح متحد نه ڪيو ويو
هو. انهن ٻنهي ڀاڱن جو ڳانڍاپو گهڻو پوءِ ٿيڻ ۾
آيو. مغلن جي راڄ ۾ شامل ٿيڻ تي سموري ڏيهه کي
ملتان واري صوبي جو ڀاڱو بڻايو ويو ۽ اُتي ٻه
سرڪاريون قائم ڪيون ويون. هڪڙي اتر ۾ بکر جي سرڪار
هئي ۽ لاڙ ۾ ٺٽي جي. ٻنهي سرڪارين جا الڳ الڳ حاڪم
هئا پر پتو ناهي ته سندن اختياريءَ جي اصل حد
ڪيتري هئي. پوري هڪ صديءَ تائين بکر ۽ ٺٽي جا حاڪم
پهرين ترخان گهراڻي مان رکيا ويندا هئا ۽ پوءِ مغل
شهنشاهه طرفان هندستان کان مقرر ٿي ايندا هئا ۽
انهن اميرن منجهان هوندا هئا، جن جو دربار تي قبضو
هو، شاهجهان جي وقت کان وٺي ارڙهين صدي جي پهرين
ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ مغلن جا ڪارپرداز سلطنت جي ٻين
ڀاڱن کان ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان ڪو سنڌ
جو ماڻهو به مقرر ٿي ويندو هو. ڪلهوڙن جي سياسي
طرح زور وٺڻ جو اهو فائدو ٿيو ته مقرريءَ جو طريقو
مٽايو ويو ۽ سنڌ ۾ مغلن جا نائب سنڌ جا رهاڪو ٿيڻ
لڳا ڪلهوڙا پهرين معمولي جاگيردار هئا هوريان
هوريان ايترو زور وٺي ويا جو سرڪار جا حاڪم مقرر
ٿيڻ لڳا ۽ پڇاڙيءَ ۾ هيٺينءَ ۽ مٿينءَ سنڌ کي، جن
جون گاديون ٺٽي ۽ بکر ۾ هيون، هٿ وس ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويا، تان جو نادر شاهه جي ڪاهه واري زماني
(1773ع) ڌاري عملي خودمختياريءَ واري درجي تي وڃي
پهتا.
مغلن جو دستور هوندو هو ته جيترو ٿي سگهندو هون،
تيترو موجود ادارن کان ڪم وٺندا هئا ۽ تر جي
جاگيردارن ۽ وڏيرن کي چڱيرڙا عهدا ڏئي ڇڏيندا هئا،
اهڙا جو سندن شخصي اختياري به ٿوري گهڻي بچيل
رهندي هئي. حقيقت ۾ اهو ئي هڪڙو طريقو هو، جنهن
سان ڪو جاگيرداريءَ وارو سماج هڪ برجستي ۽ منظم
بيٺل لشڪر جي ڀرجهلائيءَ کان سواءِ پاڻ کي ڏورانهن
ڀاڱن ۾ قائم رکڻ جي اُميد ڪري پئي سگهيو. هيءُ
سرشتو پنهنجي جاءِ تي ڪن حالتن ۾ ٺيڪ هو. انهن
حالتن مان مکيه هيون مڪاني سردارن جي شهنشاهي،
حاڪمن سان وفاداري ۽ شهنشاهي ڍل ۽ محصولن جي جوڳي
اوڳڙ، ان لاءِ ته اها اوڳڙ ٿيندي رهي، امن امان
برقرار رکڻو پوندو هو، ۽ مغلن جو دستور هو ته ننڍن
۽ مڪاني معاملن ۾ چڱي ڍر ڏئي ڇڏيندا هئا، بشرطيڪ
اهي ٻه وڏا مقصد پورا ٿيندا رهن.
مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مغل سلطنت ننڍي کنڊ ۾ پهرين
جديد رياست جي پيڙهه وڌي هئي. مغلن انهيءَ ڏس ۾
جيڪو بنيادي ڪم ڪيو، سو هيءُ هو ته هنن اهڙي پيڙهه
موجود ڪري ڏني، جنهن تي پوءِ ارڙهين ۽ اڻويهين
صديءَ ۾ انتظامي جوڙجڪ کڙي ڪئي وئي. ملڪ پهريون
ڀيرو ذري گهٽ جديد رخ ۾ چڱيءَ پر منظم ٿيو، آئين
اڪبري، جا انسائيڪلوپيڊيائي علميت جي هڪ زبردست
تصنيف آهي، تنهن ۾ اهي ليڪون وڏيءَ وچور سان
ڄاڻايو ويون آهن، جن تي مغل رياست جي اڪيچار
سرگرمين جي رٿابنديءَ وقت عمل ڪيو ويندو هو. مورخ
کي مغلن جي دور ۾ ڪافي دستاويزي مواد ملي ٿو. اهو
مواد هاڻ پهريون ڀيرو ڀرپور، درست ۽ معقول حد
تائين غير متعصب ٿي وڃي ٿو. مغلن جي صاحبيءَ هيٺ
ملڪ جي حالت کي سمجهڻ جو سٺي ۾ سٺو طريقو هيءُ آهي
ته ڪن اهڙن مکيه واقعن بابت سهيوڳي بيان نقل ڪجن،
جي مغلن جي بالادستيءَ واري زماني ۾ ٿيا هجن. ايئن
ڪرڻ سان مغلن جي قبضي دوران سنڌ جي حالتن جي جيڪا
تصوير سامهون ايندي، سا حاڪم گهراڻن جي خشڪ تاريخن
کان گهڻي چٽي هوندي، ۽ عام اتهاس اهڙين خشڪ تاريخن
جو ئي ته جڙيل هوندو آهي.
هڪ اهڙي روشن تصوير همايون جي سنڌ ڏانهن ڀاڄ ۽
1542ع ۾ مستقبل جي شهنشاهه اڪبر جي ڄم ۾ ملي ٿي.
1538ع ۾ همايون کي، جو بابر جو پياري ۾ پيارو پٽ
هو ۽ 1530ع ۾ سندس جاءِ نشين ٿيو، محلاتي انقلاب
سبب ڀڄڻو پيو. انهيءَ انقلاب جو باني همايون جو
افغان صوبيدار، شيرخان هو، جو هن جي پاران بنگال
جو حاڪم ۽ جو پوءِ شير شاهه جي نالي سان ٽي ورهيه
دهليءَ جو شهنشاهه رهيو، انهيءَ انقلاب جي نتيجي ۾
همايون سڄا سارا پندرهن ورهيه مفرور ۽ دربدر رهيو.
هو ماٺيڻي سڀاءُ جو ڪومل ماڻهو هو، ڪتابن سان گهڻو
چاهه هيس. جاڏي ويندو هو، تاڏي پاڻ سان چونڊ ڪتاب
ضرور کڻي ويندو هو. هو 1538ع کان تخت وري هٿ ڪرڻ
جي ڪوشش ۾ جا 1555ع کان اڳ برثواب نه ٿيڻي هئي،
ڀٽڪندو ٿي وتيو. جڏهن 1542ع ڌاري کيس ايئن دربدر
ٿيندي چار ورهيه لنگهي ويا، تڏهن زماني جي گردش ان
رڻ پٽ ۾ ڌڪي آيس، جو سنڌ کي راجپوتان کان ڌار ڪري
ٿو. هو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي زال لاءِ پناهه جي
ڳولا ۾ سنڌ ڏانهن راهي ٿيو هو. ريگستان وٺي عمرڪوٽ
ڏانهن ايندي، هن جي لشڪر کي اُڃ ۽ گرميءَ سبب وڏي
تڪليف ڏسڻي پئي. پر عمرڪوٽ ۾ اُتان جي نيم
خودمختيار سوڍي حاڪم واهر ڪيس. هيءُ راڻو وئرسل
هو، جو سرحد واري ڪوٽ جو ڌڻي هو. هو همايون جي
آجيان لاءِ ٻاهر نڪري آيو سندس رڪيب کي چمي ڏنائين
۽ رهڻ لاءِ ڪوٽ خالي ڪري ڏنائينس، عمرڪوٽ ڀلي،
ريجاري تر ۾ هڪ وڻندڙ شهر آهي. ڏاکڻي ٿر جون
پهريون ڀٽون ان جي پاسي کان آهن. ڀانئجي ٿو ته
همايون جو عمرڪوٽ واري قلعي اندر رهڻ ڪرڻ وڏي ٺٺ
ٺانگر وارو هو ڇو ته تاريخن ۾ وڏن ويڪرن شاهي تنبن
جو ذڪر آيل آهي، جن ۾ سندس اٽالو رهيل هو. پر
همايون اُتي گهڻو وقت ڪونه ترسيو ڇو ته هن پنهنجو
ورثو وري هٿ ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڌيڪ طاقت واري حاڪم
کان مدد وٺڻ ٿي گهري. هن کي اتان نڪتي ٻه ٽي ڏهاڙا
مس ٿيا هئا جو نياپو مليس ته سندس گهرواريءَ حميده
کي پٽ ڄائو آهي. مستقبل جي شهنشاهه اڪبر جي ڄم جي
پوري تاريخ ۾ ٿورو شڪ آهي. ’هندستان جي ڪئمبرج
واري مختصر تاريخ‘ ۾ چيل آهي ته اڪبر 23 نومبر
1542ع تي ڄائو هو، جڏهن ته رالنسن واري ’هندستان
جي تمدني تاريخ‘ (Cultural
History of India)
۾ اها 15- آڪٽوبر 1542ع ڏنل آهي. تاريخ نويس بيان
ٿا ڪن ته همايون وٽ اوڏيءَ مهل هڪڙي مشڪ جي دٻليءَ
کان سواءِ ڪي ڪين هو. هن مشڪ ڪڍي خذمت ۾ موجود
ماڻهن ۾ ورهائي ۽ دعا ڪيائين ته شل نئين ڄاول جو
نالو دنيا ۾ ايئن مشهور ٿئي. جيئن مشڪ جي سرهاڻ.
ٻار جو پهريون پهرياڻ سڳوري سيد علي شيرازيءَ جي
وڳي مان ٺاهيو ويو. اهو سيد ٽيهه ورهيه پوءِ گذاري
ويو. سندس قبو، جو ٺٽي لڳ مڪليءَ تي آهي، سو نهايت
عمدو ۽ عاليشان آهي.
1555ع ۾ هڪ ٻيو دلچسپ تاريخي واقعو ٿيو، جو انهيءَ
ڪري اهم آهي، جو تنهن زماني جي سياست تي روشني
وجهي ٿو ۽ سنڌ جي اقتصاديات ۽ سياست ۾ مغربي اثر
داخل ٿيندي ڏيکاري ٿو. 1555ع ۾ ترخان گهراڻي جي
پهرين حاڪم مرزا عيسيٰ خان کي تخت تي ويٺي هڪڙو
سال ٿيو هو جو هن جو بکر واري سلطان محمود سان ڪيل
مٿينءَ سنڌ بابت عهدنامو هلي نه سگهيو ۽ سنڌ اجاين
لڙاين ۾ برباد ٿيڻ لڳي.
1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ ۾ ڪوٺي وڌي، جا
’ڪارخانو‘ سڏجڻ ۾ آئي. هي ڪوٺي 1635ع کان 1662ع
تائين ڪاروبار ڪندي رهي، پر پوءِ ملڪ ۾ وڳوڙ ۽
مونجهاري جي ڪري نفعو ايترو ته گهٽ ٿي ويو جو
ڪمپنيءَ ان کي چالو رکڻ بي فائدي ڄاتو. ڪمپني
درحقيقت سنڌ جي واپار ۾ ٽن مقصدن سان داخل ٿي هئي،
جي هئا لنڊن جي پڙيءَ کي سوٽي ڪپڙو پهچائڻ، نير
وٺڻ ۽ اولهه پاسي وارن ملڪن سان سمنڊ رستي ٿيندڙ
واپار جيترو ٿي سگهي تيترو ڍوئي نفعو ڪمائڻ، ڪمپني
مال پڻ کڻندي هئا، ۽ سچ پچ ته سترهين صديءَ ۾ اهو
ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين جيڪو پوءِ وارين
پيڙهن جي واپاري جهاز رانيءَ ادا ڪيو. ڪمپنيءَ جي
مکيه ڪوٺي ٺٽي ۾ هئي، جنهن جو بندر ’لاڙي بندر‘
هو.
1659ع ۾ اورنگزيب ۽ ڀاڻس دارا شڪوهه جي وچ ۾
شاهجهان جي جاءِ نشينيءَ تان گهرو لڙائي لڳي.
گهيري کي نڪولائي منوچيءَ نهايت چٽيءَ طرح بيان
ڪيو آهي. اهو نڪولائي منوچي، جو طبيب ۽ مهم جو هيو
۽ جنهن کي ارِون ”مغلن جي هندستان جو پيپس“ سڏي
ٿو. سنڌ ۾ گهرو لڙائيءَ جون حقيقتون سرڪار جي
جوڙيل اورنگزيب جي تاريخ ۾ چٽيون اپٽاريل آهن.
منوچيءَ کي رڳو بکر واري گهيري جو پتو هو. دارا
پنهنجن جيئن پوءِ گهٽجندڙ ساٿين سان لاهور کان ڀڄي
سنڌ ۾ آيو ته اورنگزيب جا ٻه لشڪر ڪڍ هيس. هڪڙي جو
سپهه سالار شيخ مصر هو، جو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ سان
۽ ٻيو صف شڪن جي اڳواڻيءَ ۾ کاٻو ڪپ وٺي بکر ٿي
آيو. شهنشاهه جي فوج جڏهن سکر پهتي، تڏهن پتو پين
ته دارا سنڌونديءَ وٺي ڏکڻ ڏانهن ڀڄي ويو آهي ۽
پويان بکر جي قلعي ۾ گهڻي ملڪيت، حرم جون گهڻيون
عورتون، ڪجهه خزانو، سڀ سون روپا ٿانوَ ۽ ڪجهه
وڏيون توبون ڇڏي ويو آهي. قلعي جي حفاظت دارا جي
خواجه سرا، خواجه بسنت، کي ڪرڻي هئي، جنهن کي
منوچي ۽ سيد عبدالرزاق ’نوبهار‘ پڻ سڏين ٿا، ڇو ته
بسنت جي معنيٰ بهار آهي. قلعي جي محافظن ۾
بندوقچي، تيرانداز ۽ منوچيءَ جي هٿ هيٺ ڪيترا
يورپي توبچي به هئا. هيءَ آڪٽوبر 1659ع جي ڳالهه
آهي ۽ سنڌونديءَ جي ڀرپاسي وارو گهڻو ملڪ ضرور ان
سال آيل ٻوڏن جي پاڻيءَ هيٺ هوندو. شاهي لشڪر بکر
جي ڪوٽ کي گهيرو ڪيو ۽ ان جا ڪي دستا دارا جو پيڇو
ڪندا سنڌ لتاڙي گجرات کان وڃي نڪتا ۽ سيوهڻ وٽ
درياهه تي ويڙهه ۾ ذري گهٽ سوڙهو ڪيو هئائونس.
دارا جي حڪم تي بکر واري قلعي جي بچاءَ لاءِ ٻه
هزار چونڊ ماڻهو رکيا ويا هئا. اهي هن جا سٺي ۾
سٺا ماڻهو هئا ۽ منجهن پٺاڻ، سيد، مغل، راجپوت ۽
ٻاويهه مختلف قومن جا يورپي ماڻهو هئا. بکر شاهي
لشڪر جي گهيري ۾ هو. منوچي ٻڌائي ٿو ته ”اسان
وفادار ۽ بهادر خواجه سرا نوبهار سان گڏ قلعي بند
هئاسون نه ته ڪو ٻاهر وڃي ٿي سگهيو، نه اندر اچي
پئي سگهيو. هيءُ ڪوٽ درياهه شاهه سنڌوءَ جي وچ ۾
ٽڪر تي اڏيل آهي، جنهن جا پهڻ بندوقن لاءِ چقمق
طور ڪم اچي ٿي سگهيا. وچ تي هڪڙو منارو هو، جنهن
تان درياهه جون ٻئي ڪنڌيون نظر اينديون هيون.“
دارا بکر کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ٿي گهريو ته جيئن
پوءِ جي جنگين لاءِ لشڪر اُتي گڏ ٿي سگهي. گهيري
جا واقعا چٽيءَ طرح بيان ڪيا ويا آهن. شاهي لشڪر
اهي ٻه وڏيون توبون ڪوٽ تي سڌيون ڪيون، جي دارا
پٺتي لاهور جي پلٽ واري ڪارخاني ۾ ڇڏي آيو هو.
انهن توبن حفاظتيءَ دستي ۾ چڱي تباهي آندي، ڇو ته
مارو ويجهو هو يعني اولهه پاسي پستول جي هڪ گوليءَ
جي مار جيترو ۽ اوڀر پاسي بندوق جي ٻن گولين جي
مار جيترو. پر ڪوٽ واري لشڪر به جواب ۾ زبردست
توبزني ڪئي. دشمن جي توبخاني کي ڍير ڪري ڇڏيو،
جلهون ڪيائون، دشمن تي کاهين اندر وڃي ڪڙڪيا، سکر
۽ روهڙيءَ جي شهرن تي گولا وسايائون ۽ دشمن کان
چار توبون ۽ ٻيو سامان کسي ورتائون. اهڙي زبردست
جنگاڻ کان پوءِ به قلعي وارن کي آخرڪار دارا جي
حڪم تي آڻ مڃڻي پئي.
ڪئپٽن الگينڊر هئملٽن سنڌونديءَ تي هلندڙ ٻيڙين
کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو. هو چوي ٿو، ”هتي ننڍين
وڏين ٻيڙين کي ڪشتيون سڏيندا آهن. وڏي ۾ وڏيون ٻه
ٻه سؤٽن به هونديون آهن. اهي ويٺڙيون ٿينديون آهن
۽ ٻنهي پاسي آڳيل کان پاڇيل تائين ڪيبن ٺهيل
هونديون اٿن. جي ٻه فوٽ کن مٿي هونديون آهن. هر
Cabine
۾ رڌڻو ۽ حاجت جي جاءِ هوندي آهي، جتان اها سڌي
وڃي پاڻيءَ ۾ ڪرندي آهي (سنڌوءَ جي ٻيڙين ۾ اڃا
تائين اهڙي جاءِ رکيل ٿئي ٿي). ڪيبنون مسافرن کي
ڀاڙي تي ڏنيون وينديون آهن ۽ لڪ جا ڌار ڌار خانا
ڪيل هوندا آهن، جي وري وکر کڻي هلندڙن کي ڏنا
ويندا آهن. اهڙيءَ ريت هرهڪ وٽ پنهنجي، ڪيبن ۾
ڪُلف ۽ لڪ ۾ خانو هوندو آهي ۽ جتي به گراهڪ ملندا
اٿس، اُتي پنهنجو وکر وهائي سگهندو آهي. سچ پڇو ته
مون کي پنهنجي ساري سفر ۾ پاڻيءَ رستي مسافريءَ جي
هن کان بهتر سهوليت ڪٿي به نظر نه آئي آهي.“
تن ڏينهن ٺٽو جو سڀني ۾ شاهوڪار شهر هو، ۽ ان جي
ڀرپاسي وارو تر ڏاڍو سرسبز ۽ آباد هو. هئملٽن کي
وچينءَ ۽ مٿينءَ سنڌ جي حالتن جي ڪا خبر ڪانه هئي،
پر هو ثابت ٿو ڪري ته حڪومت جي مرڪز لڳ مغلن جو
بندوبست، حالتن کي ڏسندي، اثر کان خالي نه هو. کين
اها ڳڻتي نٿي ڪرڻي پئي ته هر ڪنهن سان هڪجهڙو
انصاف ڪرڻو آهي ۽ نه ئي غريبن جي ڏکن سورن سان ڪو
واسطو هون.
ڪلهوڙن جو دؤر:
21 فيبروري 1707ع تي اورنگزيب نماز پڙهي پوري ڪئي
هئي ۽ ذڪر ۾ مشغول هو جو مٿس بيهوشي طاري ٿي وئي ۽
ڪجهه ڪلاڪ اندر هو گذاري ويو. نوي ورهيه عمر ٿي
وئي هئس. حياتيءَ جا پويان ٻه ورهيه ڏاڍا دردناڪ ۽
هيڻائيءَ وارا هئس. 1704ع ۾ منوچيءَ سندس حالت
هيئن بيان ڪئي: ”گهڻو وقت چيلهه ٻيڻي ڪيون ۽ ڪنڌ
ڍرڪايون ويٺو هوندو آ. ڪامورا ڪڙا ڪا درخواست پيش
ڪندا اٿن يا ڪنهن واقعي جو احوال ڏيندا اٿس ته ڪنڌ
کڻي ۽ چيلهه سڌي ڪري اهڙو جواب ڏيندو اٿن جو ڪنهن
ورنديءَ جي گنجائش ناهي رهندي. اڃا تائين پنهنجي
لشڪر جي ٿوري ٿوري ڳالهه جي اون رکندو اچي پر جيڪي
پري آهن، سي سندن حڪمن تي ڪو ڌيان ناهن ڏيندا.
بهانا ڪندا آهن، مشڪلاتون اُٿاريندا آهن ۽ انهن
عذرن جي اوٽ وٺي ۽ درٻارين کي چوکا ڏوڪڙ کارائي،
جيئن وڻندو اٿن، تيئن ڪندا آهن.“ پنهنجي پٽ ڪام
بخش کي هڪ خط ۾ هن لکيو: ”هيڻائيءَ جي ڪري چيلهه
ٻيڻي ٿي وئي اٿم ۽ چُري پُري ڪونه ٿو سگهان. پويان
پساهه اٿم ۽ ڪا آس ڪانهي. گهڻي ئي گناهه ڪيا اٿم،
نه ڄاڻان ڪهڙي سزا ملندم. انسان ذات جو سنڀالڻهار
امت جي سنڀال ته ڪندو، پر ايمان وارن ۽ منهنجي پٽن
کي جڳائي ته اهي به اونو ڪن.“ مغل سلطنت ڪا
اورنگزيب سان ختم ڪانه ٿي، پر پوڙهي سپاهي جيان
سڪندي سڪندي پوري ٿي وئي.
1737ع ۾ ان کي ايراني فاتح نادر شاهه اهڙو ڪاپاري
ڌڪ هنيو جو اها وري سنئين لڱين نه ٿي ۽ رڳو بوتو
وڃي بچيو، جنهن جو وس، جهڙو هو تهڙو ڪونه هو. آخر
1857ع ۾ جڏهن دهليءَ جي ڪرڻ پڄاڻان بهادر شاهه تي
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ خلاف بغاوت ڪرڻ تان پوري
قانوني جواز کان سواءِ ڪيس هلايو ويو، تڏهن اهو
بوتو به رهيو. بهادر شاهه کي تخت تان لاٿو ويو ۽
هن پنهنجا ڏينهن رنگون ۾ سرڪاري قيدي ٿي پورا ڪيا.
اورنگزيب جي وفات (مغل) سلطنت کي جنهن حالت ۾
ڇڏيو، سا سڪون ڦٽائيندڙ هئي. ان بابت سر الفريڊ
ليال جي سموهيل هندستان جي تاريخ هيئن رقمطراز
آهي: ”هو پنهنجي بادشاهت کي وڏي مونجهاري ۾ ڇڏي
ويو. مرهٽن ۾ زبردست بغاوت ڦهليل هئي. سندس سلطنت
ايتري وڌي وئي هئي جو بندوبست کان ٻاهر ٿي وئي
هئي. انهيءَ وقت هن جي وارثن ۾ ڇڪتاڻ ڪو اهڙو جاءِ
نشين سامهون نه آندو، جيڪو اڻ جڙندي ملايل پرڳڻن ۽
اڻ ٺهڪندڙ قومن کي گڏيل رکي سگهڻ جوڳو هجي. مرهٽن
سردارن جا ڦورو ٽولا ستت ئي زور وٺي غنيم لشڪر
بڻجي ويا، جي وچوارن ۽ اولهندي علائقن تي ڇانئجي
ويا. نادر شاهه مارچ 1739ع ۾ دهليءَ کي تاراج ڪيو
۽ انهيءَ اڀاڳي شهر جي رت ٻڏل تاريخ ۾ هڪٻئي عام
ڪوس جو واڌارو ڪيائين ۽ شاهي تاج کان ان جا
سنڌونديءَ جي اولهه پاسي وارا سڀ علائقا کسي وطن
موٽي ويو ۽ مغل سلطنت کي مرڻينگ ڇڏي ويو. هاڻ رستو
جو کلي پيو ته ورهيه پوءِ افغانن جي ابدالي قبيلي
جو احمد شاهه به ڪاهي آيو. هن 1748ع کان 1751ع
تائين سڄي پنجاب تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ وچ ۾
ڏکڻ- اولهه کان مرهٽا وچين هندستان تي راڱا ڪندڙ
ٻوڏن جيان ڇانئبا ٿي ويا. هندستان جو عوام اهڙو ڌڻ
ٿيندا ٿي ويا، جنهن جو ڪو ڌڻي نه هجي. سياسي طوفان
۾ ڪڏهن هيڏي ٿي ويا، ڪڏهن هوڏي. جنهن به فطرتي يا
مافوق الفطرت طاقت ۾ آسرو ٿي سمجهيائون ته اها
اسان جي حفاظت ڪندي، تنهن کي چهٽي ٿي پيا. وڳوڙي
مونجهاري جي انهيءَ زماني دوران انگريز ۽ فرينچ
هندستان جي سياسي ميدان ۾ حريفن جي حيثيت ۾ پهريون
ڀيرو پرگهٽ ٿيا. اها ئي بدانتظاميءَ جنجالن ۽
هنگامي واري ارڙهين صدي هئي، جنهن ۾ ڪلهوڙن جو
سنڌي گهراڻو طاقت ۾ آيو.
1701ع کان 1783ع تائين ڪلهوڙن جو زمانو اڻائو
زمانو هو. هنن سنڌ ۾ خلق جي حياتي ۽ سرڪار سڌارڻ
لاءِ غير معمولي ڪم ڪيو. ڪلهوڙا پاڻ کي نبي ڪريمﷺ
جن جي چاچي حضرت عباس رضه جو اولاد سمجهندا آهن.
هنن جو نسب جو سلسلو سڌو
Kohata
واري محمد سان ملي ٿو، جو 1204ع ڌاري ٿي گذريو
آهي، جڏهن تڏهن ناصرالدين قباچو سري جو حاڪم هو.
انهيءَ
Kohata
واري محمد انهيءَ ملڪ جي ڪيترن ئي ڏن ڀرو سردارن
سان سڱابندي ڪئي. دائود پوٽن جي زبردست قوم پاڻ کي
هن جي ئي پٽن جو اولاد ڄاڻائيندي آهي.1558ع تائين
ڪلهوڙا گمناميءَ ۾ هئا. ان سال هو آدم شاهه جي
صورت ۾ وري پرگهٽ ٿين ٿا، جو چانڊڪي پرڳڻي ۾ پيري
مريدي ڪندو هو. ملتان جي نواب سان ٽڪر ٿي پيس،
جنهن تان هن جلهه ڪري مريد ڀڄائي ڇڏيس ۽ پاڻ کي
قيد ڪري مارائي ڇڏيائينس. 1907ع واري سنڌ گزيٽيئر
۾ ائٽڪن اهو واقعو هيئن بيان ڪيو آهي: ”ڪلهوڙن جو
جيڪو پهريون ماڻهو گمناميءَ مان چٽو ظاهر ٿئي ٿو،
اهو آهي آدم شاهه. هن ملتان ۾ شايد عيسوي سورهين
صديءَ جي وچ ڌاري وفات ڪئي. هن جو لاش سکر آندو
ويو ۽ شڪارپور واري رستي جي پاسي ۾ هڪ ٽڪريءَ تي
دفنايو ويو. اُتي هن جو قبو اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. سندس پوين جون چار پيڙهيون لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي
۾ رهندي مريد وڌائينديون، زمين هٿ ڪنديون، پنهنجو
اثر وڌائينديون ۽ وڙهنديون رهيون. آدم شاهه جو
پنجون گادي نشين ميان دين محمد، پنهورن سان، جي
تڏهن لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي ۾ گهڻا هئا، دائود پوٽن
سان ۽ ويندي مغلن جي حاڪمن سان وڙهيو ۽ اهڙو مٿي
جو سور ٿي پيو جو شهزادي معزالدين کي لشڪر وٺي کيس
سيکت ڏيڻ لاءِ اچڻو پيو. ميان جي پاران سندس ڪرڙي
(ارڏي) ڀاءُ يار محمد خان مريد وٺي وڃي شهزادي سان
ويڙهه کاڌي. ميان دين محمد قيد ٿي هليو ويو ۽ وري
نه موٽيو. يار محمد خان قلات پاسي ڀڄي ويو ۽ ٻه
ورهيه اُتي لڪو رهيو. اُتان پوءِ ٻروچن جو جٿو ساڻ
ڪري موٽيو ۽ نئين سر قسمت آزمائڻ لڳو. منڇر ڍنڍ وٽ
سنڌ ۾ گهڙي پنهورن کي شڪست ڏنائين ۽ لاڙڪاڻو ۽ ٻيا
شهر هٿ ڪيائين. کيس سيکت ڏيڻ لاءِ شهزادي معزالدين
کي وري هيٺ اچڻو پيو، پر ان جو نتيجو تمام چڱو
نڪتو. هاڻ ان ڳالهه جو فيصلو ڪوئي نٿو ڪري سگهي،
ته ميان ڪهڙي اٽڪل ڪئي هئي جو شهزادي جي ڪاوڙ لهي
وئي يا، جيئن ڪن تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته، هو
ماڳهين تڪڙو تڪڙو دهليءَ وڃي خود شهنشاهه سان مليو
هو. حقيقت ۾ ٿيو ڇا هو، ته سگهوئي پوءِ کيس خدايار
خان جو لقب ڏيئي سبيءَ جو حاڪم ڪري رکيو ويو (سبي
تڏهن شڪارپور ۾ شامل هئي). هن 1718ع ۾ وفات ڪئي ۽
خداآباد جي ڦٽل شهر ۾، جو هن پاڻ ٻڌايو هو، سندس
شاندار قبو اڃا تائين ان درجي جي ساک ٿو ڀري، جنهن
تي هن پاڻ کي پهچايو هو ۽ جو کيس پنهنجي پيڙهيءَ
جي نظرن ۾ ۽ خود پنهنجين نظرن ۾ حاصل هو، ڇا لاءِ
جو اهو قبو هن پاڻ جوڙايو هو. ڪلهوڙا هڪ طاقتور
گهراڻي جي حيثيت ۾ هوريان هوريان اُسريا هئا. سندن
اڻ چٽي ۽ اڻ لکي اوسر جي نوعيت مغل دور جي عام
خاصيتن جو اڀياس ڪبو ته سمجهه ۾ اچي ويندي.
حاڪم گهراڻي جي حيثيت ۾ ڪلهوڙن جو دور 1736ع کان
شروع ٿيل چئي سگهجي ٿو، پر انهيءَ قوم جا ماڻهو
سنڌ جي معاملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي اڳ کان برک هئا.
ڪلهوڙن جي ڪابه پوري تاريخ موجود نه آهي. هنن بابت
سٺي ۾ سٺو تذڪرو ’ناٿن ڪرو‘ نالي هڪڙي انگريز
1799ع ۾ لکيو. هن صاحب کي ارڙهين صديءَ جي پڄاڻي
وقت سنڌ جي حالتن جو شخصي آزموده هو. هيءُ تذڪرو
بمبئي سرڪار جي دفترن ۾ شامل آهي. ڪلهوڙن جي طاقت
جا مکيه مرحلا، اختصار کان ڪم وٺجي ته پنج هئا:
پهريون مرحلو هو مغل شهنشاهه طرفان ڪلهوڙا قوم جي
ماڻهن کي سنڌ ۾ نائب يا گورنر ڪري مڃڻ. اهو دؤر
1701ع ۾ شروع ٿيو. ٻيو مرحلو هو ڪلهوڙن گورنرن جو
پنهنجي مڪاني طاقت وڌائڻ ۽ ڄمائڻ، دهليءَ کين
1736ع ڌاري ملڪ جي نيم خودمختيار حاڪمن جي حيثيت ۾
تسليم ڪري ورتو هو. ٽيون مرحلو هو 1739ع ۾ نادر
شاهه جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ جو مغلن جي هٿن مان
نڪري ايراني بادشاهت جي هٿن ۾ وڃڻ، جنهن جي ڪري
ڪلهوڙا ايراني بادشاهه جي ماتحتي ۾ آيا ۽ کيس ڏن
ڏينو ڪيائون، چوٿون مرحلو هو 1747ع ڌاري سنڌ تي
اختياريءَ جو جديد افغانستان جي باني احمد شاهه
دراني جي فوجي ڪاميابين جي نتيجن ۾ ايران جي
بادشاهه کان ڪابل واري پٺاڻ بادشاهي جي هٿن ۾ وڃڻ،
انهيءَ تبديليءَ جي ڪري ڪلهوڙا ڪابل جا ماتحت ٿيا
۽ ان طاقت کي ڏن ڏيڻو پين. پنجون مرحلو هو ڪلهوڙن
۽ ٽالپرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، جا 1778ع ۾ شروع ٿي ۽
صديءَ جي پڇاڙي تائين گهٽ وڌ لڳاتار هلي. اهو گهرو
لڙائي جو زمانو هو، جنهن ۾ انت ٽالپر، ٻين ٻروچن
جي واهر سان، جي تڏهن چڱي چوکي تعداد ۾ سنڌ اندر
گهر ڪري ويهي چڪا هئا، سنڌي حاڪم گهراڻي جي پوئتي
پوندڙ طاقت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. 1737ع کان
وٺي پوءِ جو سڄو زمانو ڪلهوڙا سچ پچ ته ڪڏهن به
پنهنجي ڏيهه جا پورا مالڪ نه هئا، کين ساليانو ڏن
ڏيڻو هوندو هو، پر گهڻو ڪري ڪوشش اها هوندي هين ته
نه ڏيڻو پوي. اڃا تائين ته ائين ڪرڻ کان بچندا
رهيا هئا، ڇو ته ڪانه ڪا رنڊڪ وجهي ڇڏيندا هئا ۽
تر ۾ انڙ به هئن، تنهن کان سواءِ سنڌ تي فوج ڪشي
ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو، خاص ڪري اهڙيءَ طاقت لاءِ
جنهن جي گادي ڪابل هجي ۽ پڻ، احمد شاهه جي وفات
کان پوءِ خود افغان بادشاهه ۾ آپيشاهيءَ واريءَ
ڪمزوريءَ جون دستوري نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. ڏن
جي رقم هوريان هوريان گهٽبي وئي ۽ عام طرح ان جي
وڏي بقايا رهيل هوندي هئي. اهڙيءَ ريت درجي بدرجي
پر غير يقيني خودمختياري وڏي ڏکيائيءَ سان قائم
ڪئي وئي. 1701ع کان وٺي سنڌ جي سموري حڪمت عملي
اها هئي ته سنڌ کي مغلن، ايرانين ۽ پٺاڻن کان آجو
ڪجي. جنهن به اختياريءَ کي ڏيڻ ۾ ايندڙ ڏن
گهٽائجي ڌرتيءَ کي بند جوءِ ڪري رکجي ته جيئن ڪي
به ڌاريا ان ۾ وڏي جاکوڙ ڌاران داخل نه ٿي سگهن.
خود ڪلهوڙن حڪومت هلائڻ جي ڪا خاص لياقت ڪانه
ڏيکاري، سواءِ ان جي ته بلڪل الڳ ٿلڳ رهڻ جي هڪ
ڪري پاليسيءَ تي هلندا رهيا ۽ آبپاشيءَ جي ڪمن جي
اهميت سڃاتائون. صدين کان پوءِ مسين مسين ڪو سنڌي
گهراڻو سنڌ جو صاحب ٿيو هو. ان ڪري ڪلهوڙن جو راڄ
ٻهراڙيءَ ۾ مقبول هو. کانئن پهرين سنڌ جو تخت
ماڻيندڙ ڏيهي ماڻهو سما هئا، ٺٽي کي ٺاهڻ وارا
سما، جي وچ ايشيا کان ارغونن ۽ ترخانن جي يلغار
کان اڳ ٻه سو ٽيهه ورهيه حاڪم رهيا هئا.
ڪلهوڙن جي راڄ ۾ ڇتي گهرو لڙائيءَ ۾ ٽي ڀيرا رخنو
پيو، پهرين 1754ع ۾ نور محمد ڪلهوڙي جي وفات وقت
لڳي، ٻي 1775ع ۾ سرفراز خان ڪلهوڙي جي بيدخليءَ
وقت لڳي. ۽ ٽئين ۽ موتمار لڙائي ٽالپرن هٿان
ڪلهوڙن جي مات تي پوري ٿي. خود ملڪ اندر ممڻ ۽ بي
آراميءَ جي انهن دورن کانسواءِ سنڌ تي ٻاهرين حملي
جو خطرو به سدائين موجود هوندو ڇو ته ڪلهوڙا فارس
۽ افغانستان جي بادشاهن کي ڏن ڏيڻ ۾ گوٿناٿ پيا
ڪندا هئا. يار محمد ڪلهوڙي کي ڪلهوڙن جي گهراڻي جو
اصل باني ليکي سگهجي ٿو. 1701ع ڌاري يار محمد،
دائود پوٽن کان شڪارپور کسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
دائود پوٽا، جي اصل ڪوري هئا، تن اهو شهر 1616ع ۾
مهرن جي جهجهي قوم سان وڏي مزاحمت کانپوءِ ٻڌايو
هو. مهر تڏهن سري ۾ زور هئا، ۽ اڄ به بهاولپور جي
حاڪم گهراڻي سان لِڇ ملندي اٿن. يار محمد پنهنجي
درٻار شڪارپور ۾ رکي ۽ اورنگزيب کان نه رڳو
سنڌونديءَ ۽ ناري جي وچ وارو تر جاگير ۾ ورتائين
پر پاڻ کي خدا يار خان سڏائڻ جو حق به. پر هو
انهيءَ چڙهو چڙهنديءَ تي راضي نه رهيو، ڇا لاءِ جو
1711ع ڌاري سکر جي ڀرپاسي سان گڏ ڪنڊياري ۽
لاڙڪاڻي وارا پاسا به قبضي ۾ ڪري ورتائين. اهڙيءَ
ريت هو اها هام هڻڻ جهڙو ٿي ويو ته تر ۾ سچ پچ
اثرائتي طاقت آءٌ آهيان. يار محمد 1719ع ۾ لاڏاڻو
ڪيو ۽ سندس گاديءَ تي پٽهنس نور محمد ڪلهوڙو ويٺو،
جنهن دائود پوٽن جو ملڪ فتح ڪري پيءُ واري راڄ ۾
وسعت آندي. پر ايئن ڪرڻ کان پهرين، اڳ ويچار کان
ڪم وٺندي شهنشاهه محمد شاهه جي اطاعت جو دم
ڀريائين جنهن وٽان 1719ع ۾ پيءُ وارو خدا يار خان
جو لقب به مليس ۽ سيوستان جو پرڳڻو به. انهيءَ وچ
۾ قلات جو حاڪم ميرعبدالله خان بروهي، ڪلهوڙن تي
ڪاهي آيو هو ۽ ڏاڍي بڇڙي شڪست کاڌي هئائين. پاڻ به
مارجي ويو هو. ان سان نور محمد جي طاقت هيڪاري وڌي
وئي. جڏهن ٺٽي جي حاڪم جي جاءِ خالي ٿي، ته مغل
شهنشاهه، تر جي اثر وارن ماڻهن کي اختياري ڏيڻ
واريءَ روايت جي پوئواري ڪندي، نور محمد کي ٺٽي جو
حاڪم ڪري رکيو، جنهن سان عملي طرح سڄيءَ سنڌ، مٿين
توڙي هيٺينءَ جو، اوڀر جي وارياسي کان وٺي اولهه
جي ٽڪرن تائين حاڪم بڻجي ويو. اهو ته ڪلهوڙن جي
اختياري اڻپوري هئي، سو هن حقيقت مان ظاهر آهي ته
سنڌ جي بچاءُ جو پختي ۾ پختو هنڌ بکر جو قلعو
1736ع تائين ڪلهوڙن وٽ ڪونه هو. پر 1739ع ۾ نادر
شاهه جي ڪاهه سان قصو ئي ٻيو ٿي ويو ۽ نور محمد جي
دل ۾ دهليءَ جو جيڪو ڊپ ويٺل هو ۽ جنهن کان هو نه
چاهيندي به مرعوب رهندو هو، سو نڪري ويو. هن نادر
شاهه جي بر خلاف ٿيڻ جي جرئت ڪئي. جا ڏاڍي مهانگي
پيس. ڇو جو نادر شاهه هندستان کان فارس موٽندي سنڌ
تي ڪاهي آيو ۽ عمر ڪوٽ جي قلعي اندر بند نورمحمد
کي زوريءَ آڻ مڃايائين ۽ تڏهن معافي ڏنائينس، جڏهن
هن ويهه لک رپيا ڏن ڏيڻ جو انجام ڪيس. اها پڪ ڪرڻ
لاءِ ته ڏن ملندو رهندس، نادر شاهه پاڻ سان نور
محمد جا ٽئي پٽ، مراد يار، عطر خان ۽ غلام شاهه
اڳيان ڪري پنهنجيءَ درٻار ۾ وٺي ويو، جتي هو ڪيترا
سال رهيا، 1747ع ۾ نادر شاهه قتل ٿي ويو، ۽ اهي
ٽئي پٽ، جي ايراني دربار ۾ اول ڪري رکيل هئا، سنڌ
ڏي موٽي آيا. تڏهن به نور محمد کي مت ڪانه آئي.
جڏهن احمد شاهه دراني دهليءَ کي تاراج ڪرڻ ۾ نادر
شاهه جو جاءِ نشين ٿيو، تڏهن نور محمد ڏن ڏيڻ کان
وري ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪئي. احمد شاهه ڏن ڪڍڻ لاءِ سنڌ
تي ڪاهڻ جو دڙڪو ڏنو، ويندي سيوستان ۾ منزل به
ڪيائين، جنهن تان نور محمد اُتاولو ٿي اوڀر پاسي
ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو. مرڻ به اُتي ٿيس. نتيجو
اهو ٿيو جو ٽئي پٽ پاڻ ۾ وڙهي پيس. انهيءَ گهرو
لڙائي جي وچور ۾ پوڻ اجايو آهي. پر ايترو سو چئبو
ته وڳوڙ جي ڪري 1756ع کان 1750ع تائين سنڌ جي حالت
رحم جوڳي هئي. انهيءَ وڳوڙ جي پڄاڻي تڏهن ٿي، جڏهن
آخرڪار 1750ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو سوڀارو ٿي نڪتو.
هن زماني يعني 1754ع کان 1758ع تائين رڳو سنڌ ڏچي
۾ نه هئي، هندستان جا اڪثر ڀاڱا ڏچي ۾ هئا. آخر
غلام شاهه ڪلهوڙو ”سنڌ جو بادشاهه“ (ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي تن ڏينهن وارن خطن ۾ کيس انهيءَ نالي
سان ياد ڪيو ويو آهي) ٿيو، پر احمد شاهه جي اطاعت
تي ۽ ڪابل کي سالياني ڏن ڏيڻ تي مجبور هو. هن
اڀاڳيءَ پيڙهيءَ دوران ڪلهوڙا نه رڳو پاڻ ۾ وڙهي
رهيا هئا، پر هو پٺاڻن، قلات، ڪڇ ۽ ڪڪرالي جي
سردار سان شطرنج جي منجهيل سياسي راند ۾ پڻ مشغول
هئا. ڪڪرالي وارو ڪيئن به ڪري پنهنجي ننڍڙي
اختياري ماڻيندو ٿي آيو. غلام شاهه سڀني ڪلهوڙن ۾
لائق هو. هنن ۾ جي ڪو عظيم هو ته اهوئي هو. سنڌ جي
تخت تي ويهڻ کان پوءِ هن پنهنجي وڳوڙن ماريل ملڪ ۾
امن امان بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر 1771ع ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. کائنس پوءِ سندس وڏو پٽ، سرفراز خان، تخت
تي ويٺو. هن ڇسائي ڪندي مير بهرام خان ٽالپر کي
اهڙين حالتن ۾ مارايو جو سڄي ڏيهه ۾ گلا ٿي پيس.
انهيءَ ڳالهه تان آخر ٽالپرن، ڪلهوڙن جو تختو
اونڌو ڪري ڇڏيو. ٻروچ تڏهن فوجي لحاظ کان سڀني ۾
زور ٿي چڪا هئا. اوائلي ڪلهوڙن، ٻروچن کي سنڌ ۾
اچي رهڻ تي همتايو هو ته جيئن جنگ جي ميدان ۾
انهيءَ نموني بالادستي جو فائدو وٺي سگهن. سنڌ جي
دربار ۾ ٻروچن جي ٽالپر پاڙي جو سڀني کان وڌيڪ اثر
هو. اهي مير بهرام خان ٽالپر جي مارائجڻ تان
ڏکوئجي ڪاوڙجي ويا ۽ سرفراز خان کي سندن چوڻ تي
بدانتظاميءَ جي ڪري تخت تان لاٿو ويو. سرفراز خان
جي برطرفي تان گهرو لڙائي اچي لڳي، جنهن جي هلندي
مير محمد خان، غلام شاهه ۽ غلام نبي ڪلهوڙو سنڌ جا
انتهائي نااهل حاڪم ٿي رهيا. تاريخ نويس ڪلهوڙن جي
پڄاڻيءَ جو جيڪو سن عام طرح مڃيندا آهن، سو آهي
1743ع، پر ٽالپرن جي اثرائتي ضابطي ٿيڻ کان اڳ
ڪجهه وقت غير فيصلي ڪن ڇڪتاڻ جو به هو. ٽالپرن کي
دٻائڻ کان پهرين ڪلهوڙا ملڪ جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ
ڪافي وقت ٻروچن جي اثر رسوخ تي گهڻو ڀاڙيندا رهيا
هئا. جيئن مٿي چيو اٿئون، ڪلهوڙن ۾ جيڪر ڪو عظيم
ليکجڻ جو حقدار حاڪم هو ته غلام شاهه هو. هن
پنهنجي بازوءَ جي قوت سان تخت هٿ ڪيو هو، ۽ قنڌار
جي ان کان گهڻي گهٽ ڪاڻ ڪڍندو هو، جيتري پڻس ڪڍندو
رهيو هو. هن سنڌ کي مضبوط بادشاهت بڻايو ۽ ان جون
حدون ڏکڻ پاسي سامونڊي ڪپر تائين وڌايائين. ڪڪرالي
جي ڄام کي تڙي ڪڍيائين ۽ شاهه بندر جو نئون
سامونڊي بندر گاهه ٺهرايائين. جتي هڪ مضبوط حفاظتي
منارو به هو. 1762ع ڌاري ڪڇ تي پڻ ڪاهي ويو، پر
اڳلن ماري موٽايس. سو وير وٺڻ لاءِ پراڻ تي ٻنڌ
ٻڌائي پاڻيءَ جو منهن پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيائين،
جنهن سان سندس حد کان ويندي لکپت تائين وارو سرڇو
علائقو سُڃو ٿي ويو. پر شڪارپور سندس مملڪت ۾ شامل
نه ٿي. اها سبي تعلقي جو ڀاڱو هجڻ ڪري دائود پوٽن
جي بيدخليءَ جي زماني کان افغان گورنرن جي هٿ هيٺ
هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن غلام شاهه جي دور ۾
ئي ۽ شايد سندس ڪوٺ تي ٺٽي ۾ ’ڪارخانو‘ هنيو. سندس
گهٽ روشن خيال پٽ ان ڪارخاني جي حوصله شڪني ڪئي،
جنهن ڪري 1775ع ۾ ان کي ترڪ ڪيو ويو. 1768ع ۾ غلام
شاهه پنهنجي گادي خدا آباد کان ڪنهن وڌيڪ چڱي هنڌ
کڻي وڃڻ جو پهه ڪيو ۽ ان لاءِ سنڌونديءَ جي کاٻي
ڪپ تي نيرون ڪوٽ چونڊيائين. اتي آڳاٽي وقت ۾ نيرون
نالي ڳوٺ هوندو هو. هت هڪڙي مٿاهين هنڌ پڪو قلعو
ٺهرايائين ۽ ان تي حيدرآباد نالو رکيائين، جو هن
جو سڀني ۾ بقادار يادگار آهي. پنهنجي نئين گاديءَ
۾ هو چار ورهيه رهيو. اتي ئي مئو ۽ اُتي ئي دفن
ڪيو ويو. حيدرآباد جي اُتر پاسي جيڪي مشهور قبا
آهن، تن ۾ غلام شاهه جو قبو ڪافي ٽٽل هوندي به ٻين
کان شاندار آهي. لارڊ ڪرزن کي هڪڙو اهو ئي انهيءَ
لائق نظر آيو هو ته ان کي سرڪاري خرچ تي سنواريو
وڃي ۽ مرمت ڪرائيندو رهجي. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي
تاريخ ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. سنڌ وارن جي اها وڏي
بدنصيبيءَ هئي ته سندن ئي ڏيهه جو هڪ گهراڻو، جيڪو
بنيادي طرح عام ماڻهوءَ جي مذهبي لاڙن تي اثر ڪري
طاقت ۾ آيو هو، سو مغلن جي صاحبيءَ جو انتهائي
بيڪار جانشين ثابت ٿيو.
سنڌ گزيٽيئر جي 1907ع واري ڇاپي ۾ ائٽڪن ڏاڍي تُز
ڳالهه ڪئي آهي. هو چوي ٿو، ”ڪلهوڙن جي صاحبي ٻياسي
ورهيه هلي ۽ اهو ظاهر آهي ته انهيءَ عرصي دوران
سنڌ جي ڪشش مرڪز ۽ اتي جي آدمشماريءَ جي ڪيترن جزن
جي توازن ۾ هڪ دائمي تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي هئي،
جا ٽالپرن جي هٿان تڪميل تي پهتي. چڱي آڳاٽي وقت
کان حڪومت جا ٻه قدرتي مرڪز ٺٽو ۽ بکر جو قلعو هئا
۽ انهن منجهان ٺٽو هميشه پرڏيهي اثر کان نسبتي طرح
آجو هوندو هو. عمرڪوٽ ۽ ڪڪرالي ۾ ۽ ننڍڙين جاين تي
هندو حاڪم گهٽ وڌ خودمختيار هوندا هئا. پر ڪلهوڙا
۽ ٽالپر، جن کي لاڙ ۾ عام طرح ’سرائي‘ سڏيو ويندو
هو، تن جي زور وٺڻ ڪري اهو سڀ مٽجي ويو. جڏهن سندن
شڪارپور ۽ سکر تي وس نه هليو، تڏهن هنن پنهنجي
اختياري ڏکڻ طرف وڌائيندي هندو خودمختياريءَ جي
پاڙ پٽي ڇڏي. ان جي ڪري وڌيڪ مرڪزي گاديءَ جي
ضرورت محسوس ٿي، سو حيدرآباد ٻڌائي وئي، جنهن ٺٽي
جي اهميت گهٽائي ڇڏي. خدا آباد ۽ سيوهڻ پوئتي پئجي
ويا پر لاڙڪاڻو، شڪارپور آڏو سرحدي شهر جي حيثيت
۾، اهميت حاصل ڪري ويو.
ٻيو نئون اثر بلوچ هئا، جي ويڙهاند ۾ سڀني کان
اڳرا ۽ هن پاسي پاران وڙهڻ تي به ايترائي تيار
هوندا هئا. جيترو هن پاسي پاران وڙهڻ تي. هو ستت
ئي ڀاڙيتي لشڪر ۾ اهم عنصر بڻجي ويا، جنهن جي مدد
سان حريف سردار هڪٻئي سان وڙهندا رهندا هئا، ۽
ٽالپر طاقت ۾ آيا ته هو سڀني کان وڌيڪ بااختيار ٿي
ويا. ملڪ جو روپ مغلن جي پوين ڏينهن کان گهڻو مٽجي
چڪو هو. ڪلهوڙن جي پاليسي، جنهن کي کانئن پوءِ
ايندڙ ٽالپرن جاري رکيو ۽ زور پڻ وٺايو، اها هئي
ته سنڌ الڳ ٿلڳ رهي ۽ نين طاقتن جون جيڪي لهرون
سنڌ کان ٻاهر هندستان جي ڪپر سان لڳي رهيون هيون،
تن جي ٻوڙ ٻوڙان هيٺ نه اچي. تحقيق، نئون زمانو
اچي پهتو هو. لڳي ٿو ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن هيءَ
ڳالهه محسوس ڪري ورتي هئي ۽ انهن طاقتن کي، جي کين
ناپسند هيون، وس پڄي روڪڻ جو پهه ڪري ڇڏيو هئائون.
ڇو ته سُجهين ٿي ته اهي اختياريءَ جي جنهن قسم تي
سندن حڪومت ٻڌل هئي، تنهن کي پاڙان کائي ڇڏينديون.
ٽالپرن جو دؤر:
1777ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي گاديءَ تي سندس ڀاءُ
غلام نبيءَ کي ويهاريو ويو. سندس دور ۾ مير بجار
خان بغاوت ڪئي ۽ غلام نبي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو.
کانئس پوءِ ڀاڻس عبدالنبي ويجهي ۾ ويجهي عزيز کي
مارائي ڇڏيو ۽ مير بجار خان سان ٺاهه ڪري پاڻ سنڌ
جو حاڪم بڻجي ويو ۽ مير بجار خان سندس وزير ٿيو.
1781ع ۾ قنڌار کان هڪڙو لشڪر سنڌ تي ڪاهي آيو، پر
مير بجار خان ان کي شڪارپور وٽ شڪست ڏني. ڪجهه وقت
کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ، مير بجار کي مارائي
ڇڏيو ۽ پاڻ قلات ڏانهن ڀڄي ويو ۽ تخت تي مقتول
وزير جو پٽ عبدالله خان ٽالپر ويٺو. ميان عبدالنبي
ڪيترين ئي ناڪام ڪوششن کان پوءِ آخرڪار قنڌار جي
بادشاهه جي مدد سان سنڌ جو تخت وري هٿ ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو. پر وري مير عبدالله خان کي مارائڻ تان
مير فتح عليءَ ڀڄائي ڇڏيس، جو مير بهرام جو پوٽو
هو. ميان عبدالنبيءَ بادشاهي وٺڻ جي وري هڪ ٻي
ڪوشش ڪئي. پر مٿينءَ سنڌ ۾ هالاڻيءَ وٽ مير فتح
عليءَ کان هارائي پهرين سيوستان ڏانهن ۽ اتان
جوڌپور ڏانهن ڀڄي ويو، جتي وفات ڪيائين. اهڙيءَ
ريت ڪلهوڙن جو گهراڻو ذليل ۽ خوار ٿي پڄاڻيءَ کي
پهتو. عبدالنبيءَ بنهه نراس ٿيڻ کان اڳ قنڌار جي
بادشاهه کي مدد جي درخواست ڪئي، پر اُتي مير ايلچي
به هئا، جن جي ڳالهه جو وڌيڪ اثر ٿيو. افغانستان
جي بادشاهه، تيمور شاهه، مير فتح عليءَ ڏانهن
سروپاءِ، ڪجهه عربي نسل جا گهوڙا ۽ سنڌ جي حاڪم جي
حيثيت ۾ مقرريءَ جي سَنَد موڪلي ڳالهه ئي ختم ڪري
ڇڏي. هيءُ واقعو 1783ع جو چيو وڃي ٿو. ٽالپرن جي
دور جي شروعات انهيءَ سن کان ليکي سگهجي ٿي.
فتح علي خان تي سگهو ئي روشن ٿي ويو ته شاهي سَنَد
کيس سنڌ جو حاڪم نٿي بڻائي سگهي. ٽالپر سردار، جن
مقدس ڪلهوڙن جي ڳٽ لاهي ڦٽو ڪيو هو، سي محض پاڻ
جهڙي ٽالپر اڳيان ڪنڌ نوائڻ تي مائل نه هئا. پهرين
پهرين مير فتح عليءَ جو ڀائيٽو مير مهراب خان
خودمختيار ٿيو ۽ خيرپور ۾ تخت رکيائين. قنڌار سان
پڻ شايد ڏن نه ڏيڻ تان اڻبت ٿي پئي ۽ اتان جي
بادشاهه ايندڙ ٿورن ورهين دوران ڪيتريون ئي ڪاهون
ڪيون. آخرڪار 1792ع ۾ شڪارپور ۾ هڪ عهدنامي تي
صحيحون ٿيون ۽ مير فتح علي ڏن جي بقايا جا پنجويهه
لک رپيا ادا ڪيا موٽ ۾ کيس نئين سَنَد، جڙائو ترار
۽ هاٿي مليو، جنهن تي چڙهي حيدرآباد آيو ۽ وڏي ٺٺ
ٺانگر سان تخت تي ويٺو. هاڻ سنڌ جي حڪومت سردارن
جي ڀائيواري بڻجي وئي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو ڀاڱو الڳ
هو. مير فتح خان پنهنجن ٽن ڀائرن غلام علي، ڪرم
علي ۽ مراد علي کي پاڻ سان حيدرآباد جي حڪومت ۾
ڀائيوار ڪيو. کين چار يار سڏيو ويندو آهي. مير
سهراب خيرپور جو ۽ مير ٺارو خان ميرپور جو حاڪم
ٿيو. انهيءَ ڪري ٽالپرن کي ٽن الڳ الڳ گهراڻن ۾
ورهايل چئي سگهجي ٿو: پهريون شهداداڻي يعني
حيدرآباد وارو، جو وچينءَ سنڌ جو حاڪم هو، ٻيو
ماڻڪاڻي، جو ميرپور جو حاڪم هو، ۽ ٽيون سهراباڻي،
جو خيرپور جو حاڪم هو. ميرن جو دور جو 1783ع ۾ بد
سوَڻي وارين حالتن ۾ شروع ٿيو هو، سو وڏي تاريخي
اهميت وارو دور ثابت ٿيو. انهيءَ دور جي پڄاڻي
1783ع ۾ مياڻيءَ ۽ دٻي جي لڙاين سان ٿي، جڏهن
نيپئر جي سوڀن جي نتيجي ۾ سنڌ کي انگريزن جي راڄ
سان ڳنڍيو ويو.
ٽالپر بلوچ هئا، سو کين صحيح معنيٰ ۾ پورو سنڌي
نٿو چئي سگهجي. بلوچ ڪيترين صدين کان سنڌ ۾ وسيل
هئا، پر لڏي اچي سنڌ ۾ ويهندڙ بلوچ قبيلن جو تعداد
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ تمام گهڻو وڌي ويو ۽
جيستائين ڪلهوڙن جي جاءِ ٽالپرن ورتي، تيستائين
سنڌ ۾ بلوچ قبيلن جو اثر تمام گهڻو وڌي چڪو هو، ۽
ٽالپر پنهنجي منصب لاءِ گهڻي کان گهڻو سندن مضبوط
هٿيارن تي ئي ڀاڙيندا هئا. ٽالپر به انفرادي طرح
کِل مُک سڀاءُ وارا هئا، جو بلوچن جو مرڪ آهي. هو
خوش طبع ۽ مهمان نواز هئا ۽ ظلم ۽ دٻڙ دؤنس کان
پري هئا. وڏا خوددار هئا ۽ حاڪمن واري ڏِک به هين.
پنهنجي صاحبيءَ دوران مرضي اها هوندي هين ته کين
ڇڏيو وڃي ته جيئن پنهنجي بادشاهيءَ جو مزو
پنهنجيءَ پر ۾ وٺي سگهن. ٽالپرن جي انهيءَ عادت جي
ڪري سندن شڪار بازيءَ ۽ زياده طلبيءَ جي چَٽَي
رعَيت تي پوندي هئي ته جيئن هو مايا ميڙي، هيرا
موتي ۽ هٿيار پنهوار گڏ ڪري سگهن: هو وڏيون سوڀون
کٽي ملڪ وڌائڻ جا خواب ڪونه لهندا هئا، ۽ جيئن ئي
انهيءَ سڄي علائقي کي جو پوءِ انگريزن واري سنڌ
ٿيو عملي طرح هڪ ڪري بيٺا، تئين ئي پاڻ کي آلس ڀري
۽، سندن پنهنجيءَ سمجهه موجب، عيش واريءَ حياتي جي
حوالي ڪري ڇڏيو.
ميرن جي صاحبي يگاني هئي. اها هڪ طرح ڪٽنبي سهڪار
هئي، جنهن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قاعدا قانون
يا پوتا ميل ڪونه هئا. کين وڏي دلچسپي سنڌ کي الڳ
ٿلڳ رکڻ ۽ اُپراسي اوڳاڙڻ ۽ ميڙڻ سان هئي. ٽالپر
ميرن جو گهراڻو ايترو ته گهڻو شاندار هو جو سندن
سموري دور جو ڪوبه هڪڙو ڪم ڪنهن هڪڙي مير جي نالي
ليکڻ جي ڪوشش ڪرڻ نهايت ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي.
ٽالپرن جي اصل حڪومت جا چاليهه ورهيه جيڪي ڪجهه
وهيو واپريو، تنهن کي سمجهڻ لاءِ تاريخ نويسن کي
گهڻو ڪري شجرن جو سهارو وٺڻو پيو آهي. سندن صاحبي
صلح جو هئي ۽ نه جنگجو. تخت تي ويهڻ کان پوءِ
ٽالپرن جو مکيه مقصد سنڌ جا ٽڪرا ميڙي پاڻ ۾ هڪڙي
پوري ايڪي اندر يڪجاءِ ڪرڻ ۽ ان کي پرامن جاگير
ڪري رکڻ هو، جيئن ان جو اپراسو ڪٽنب جا ڀاتي پاڻ ۾
ورهائي کڻن. هو پنهنجي طاقت ۽ سلامتيءَ لاءِ ٻن
مکيه آڌارن تي ڀاڙيندا هئا: پهريون هو اڪثر بلوچ
قبيلن جي وفاداري ۽ ٻيو هو رهائي وارن طبقن جو
سهڪار. انهن طبقن ۾ جاگيردار، جي آبادي لائق وسيع
ايراضين ۽ هٿيارن جا مالڪ هئا، ۽ پير، سيد، ولي،
فقير ۽ بزرگ اچي ٿي ويا. بلوچن کي ڇڏي گهڻن سنڌين
ميراڻي راڄ کي بس سٺو ٿي، باقي ان سان محبت ڪانه
هين. سنڌي هاري، مهاڻا ۽ ڌنار پيرن ۽ بزرگن جي وڏي
عزت ڪندا هئا. ان ڪري هو ڪنهن حد تائين ميرن جي
موافقت ۾ هئا، پر منجهن بلوچ حاڪمن لاءِ وفاداريءَ
جو ڪو جذبو ڪونه هو.
ٽالپرن جي حڪومت هڪ اهڙي جماعت هئي، جنهن جو مقصد
اپراسي جون پتيون اوڳاڙڻ هو، جي گهراڻي جي تن شاخن
جي ڀاتين ۾ ورهايون وينديون هيون. سندن حڪومت ڪا
اهڙي حڪومت نه هئي، جنهن کي سڀني سياسي ۽ انتظامي
مقصدن جي لحاظ کان متحد چئي سگهجي. اهو ئي سبب هو
جو ٽالپر نيپئر جي اُلر کي روڪڻ لاءِ سموري طاقت
ڪٺي نه ڪري سگهيا. سندن راڄ رهائيءَ وارن طبقن کي
ڇڏي ٻي رعيت ۾ مقبول ڪونه هو.
ميراڻو راڄ مياڻيءَ جي لڙائيءَ کانپوءِ پورو ٿي
ويو. ڇا مياڻي جي جنگ کٽڻ ڪو وڏو فوجي ڪارنامو هو؟
ان ۾ شڪ ٿي سگهي ٿو. ان کي تڏهن افغانستان جي
پهرين لڙائيءَ واري بدترين هار کان پوءِ برطانيا
جي شاندار فتح ڪري پيش ڪيو ويو. ساڳي وقت، برطانيا
جو راڻيءَ جي ”ظالم چاچن“ جي مرڻ ۽ نوجوان وڪٽوريا
جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ وارو غير مقصد ضمير سياسي
چالن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوجي سوڀن تان بي
آرام ٿيڻ ڏانهن مائل هو. پر ميرن جي حڪومت ڳنڀير
ويڙهه کائڻ جوڳي نه هئي. پاڻ ۾ ٻڌل جو نه هئا.
سندن سورهيه مڙس مياڻيءَ واري جنگ ۾ هوئي ڪونه.
کيس پوءِ دو- آبي واريءَ لڙائيءَ ۾ ڌار مات ڪيو
ويو. ميرن جو لشڪر پوريءَ طرح منظم نه هو ۽ جيڪو
پڙ ۾ لٿو، تن وٽ نه پورا هٿيار هئا نه پورو
توبخانو، نيپئر اهڙو سپاهي نه هو جو پاڻ کي گهيرجڻ
يا ڇڄڻ ڏي ها. پوءِ پتو هئس ته ڇا پيو ڪريان ۽
مخالف ڪيتري پاڻيءَ ۾ اٿم. سو فوجي نالائقيءَ جي
ڪري مياڻيءَ جو نتيجو اڳواٽ پڌرو هو. ميرن جي
صاحبيءَ ۾ اقتصادي حالتون ڪلهوڙن جي دور کان
گهڻيون ڦريل هيون. ڪپهه جي روانگي واپار بند ٿيڻ
ڪري ٺٽي جي اهميت بلڪل ختم ٿي چڪي هئي. انهيءَ
واپار جي بند ٿيڻ جو ڪارڻ برطانيا ۾ صنعتي انقلاب
جو اچڻ هو، جنهن جي ڪري لنڪا شاير عالمي طلب کي
گهٽ خرچ تي سوٽي ڪپڙي رسائڻ جو مکيه مرڪز بڻجي
ويو. ميرن جي دور ۾ صنعت نه هجڻ جيتري هئي. ٺٽي جي
جاءِ تي ڪراچي، سامونڊي بندر جي حيثيت ۾ زور وٺي
ويو ۽ سنڌونديءَ وارا بندر، جي مغلن ۽ ڪلهوڙن کي
ٻه سؤ ورهيه ڪم ايندا رهيا هئا، سي ختم ٿي ويا.
ملڪ جي گادي حيدرآباد کي بڻايو ويو ۽ ان کي آفرين
جوڳيون اڏاوتون ٺهرائي شاهوڪار ڪيو ويو. ميرن جو
پهريون قبو اُتي ٺهيو. ڪلهوڙن جا ڪجهه قبا ته
اڳيئي هئا. مير يعني حيدرآباد وارا مير اُتان جي
وڏن بُرجن واري قلعي ۾ (جنهن جي اڏاوت ڪلهوڙن شروع
ڪرائي هئي) بند ٿي ڪجهه سُڌريل قسم جي عياشيءَ
واري حياتي گذارڻ لڳا. قلعن جي بُرجن ۽ ڀتين کان
ٻاهر واڻڪي بازار سان لڳو لڳ ڪاٺ جي هنج جي ڳچيءَ
جهڙن منگهن يا يادگيرن جو اهو اچرج ۾ وجهندڙ
ڦوٽهڙو ٿيو، جنهن شهر جي اڀ ليڪ کي ان جو يگانو
ڏيک ڏنو ۽ اڃا تائين ڏي ٿي. منگهن کان هيٺ ننڍن
ننڍن دڪانن ۾ لوهاڻن ڀائي بندن جو ڌنڌو اُسرڻ لڳو،
جن کي ستت پوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پهچي هنڊين ۽
انگڙن جي ڀروسي جهڙن واپارين جي حيثيت ۾ پاڻ موکڻو
هو.
ٽالپرن جو مکيه مقصد هو پهرين سنڌ کي هڪ ڪرڻ ته
جيئن سندن گهراڻو ان تي پنهنجي ڍل اوڳاڙڻ وارو
اختيار هلائي سگهي، ۽ پوءِ جڏهن سنڌ هڪ ٿي وڃي،
تڏهن ان کي هڪڙو الڳ ٿلڳ ۽ ننڍڙو مسلمان ملڪ
رکندي. اولهه جي اثرن کان بچائڻ، جي تڏهن اُتر-
اولهندي هندستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
جيستائين اندروني پاليسيءَ جو لاڳاپو آهي ته تفصيل
۾ پوڻ کان سواءِ مکيه واقعن جو ذڪر ڪرڻ ڪافي
ٿيندو. 1783ع ۾ مير فتح علي خان کي افغانستان جي
بادشاهه تيمور شاهه وٽان سَنَد ملي. پوءِ هن جي
ٻين ٽالپرن سان اڻبڻت ٿي پئي. مير سهراب خان
خيرپور وڃي تخت تي ويٺو. قنڌار سان ڏن تان
ناسازيون ٿيون. 1792ع ۾ شڪارپور ۾ هڪ ٺاهه تي
صحيون ڪيون ويون، جنهن ۾ مير فتح علي خان ڏن جا
بقايا 24 لک رپيا ڀري ڏيڻا ڪيا ۽ ان جي عيوض ۾ کيس
نئين سَنَد ملي ۽ هن حيدرآباد ۾ واڳ سنڀالي تنهن
کان پوءِ ٽالپر سردارن جي ڀائيواري قائم ٿي. مير
فتح علي خان ۽ سندس ٽئي ڀائر گڏجي حيدرآباد تي
حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ چار يار سڏجڻ ۾ آيا. مير سهراب
خان خيرپور جي حڪومت سنڀالي ۽ مير ٺاري ميرپور جي.
1795ع ۾ ٽالپرن ڪراچي وري هٿ ڪئي. ڪلهوڙن اهو شهر
قلات جي خان حاڪم گهراڻي جي هڪ ڀاتيءَ جي خون جي
عيوضي طور ڏئي ڇڏيو هو. 1803ع ۾ افغانستان جو حاڪم
شجاع الملڪ ڏن جي رقم وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهي آيو،
پر کيس ڏهه لک رپيا روڪ ڏئي ۽ پنج لک ساليانو ڏيڻ
جو انجام ڪري راضي ڪيو ويو. 1813ع ۾ ٽالپرن عمرڪوٽ
تي قبضو ڪيو، جو ايستائين جوڌپور جي نالي ماتر
قبضي ۾ هو، پر حقيقت ۾ معمولي ڄامن جي هٿ ۾ هو، جي
سنڌوءَ جي اوڀر طرف سنڌ جي انتهائي ڏکڻ واري ملڪ
جا حاڪم هئا. 1824ع ۾ ٽالپرن حرفت هلائي شڪارپور
هٿ ڪئي. انهيءَ کان اڳ شڪارپور افغانستان مان مقرر
ڪيل حاڪمن هيٺ هوندي هئي. جنهن نموني ۾ شڪارپور
ورتي ويئي، سو دلچسپيءَ وارو آهي. شڪارپور، قنڌار
جي رکيل حاڪمن جي هٿ ۾ رهندي، نه رڳو سنڌ پر ايشيا
لاءِ وڏو وڻجارڪو شهر بڻجي ويو هو. بولان لڪ کان
سنڌ ايندڙ وڻجارڪي واٽ تي هجڻ ڪري قافلا اُتي اچي
منزل ڪرڻ لڳا ۽ ستت ئي واپاري واڻيا اچي ويٺا، جن
وچ ايشيا جي هر تجارتي شهر ۾ ڪوٺيون برپا ڪيون.
ميرن جون انهيءَ شهر کي ٿيندڙ ناڪي جي اُپراسي ۾
اکيون هيون ۽ ان ئي زماني ۾ جڏهن افغانستان جي تخت
تان تڪرار شروع ٿيا، تڏهن کين وجهه ملي ويو. اهڙي
وقت جڏهن اتان جو حاڪم سڏ تي قنڌار ويل هو، تڏهن
اهو افواهه اچي اُٿيو ته سک شڪارپور تي ڪاهه ڪرڻ
وارا آهن. ميرن هڪدم شڪارپور جي عالم پناهه وٽ
لشڪر آڻي ڪٺو ڪيو ۽ حاڪم جي هيڻي نائب کي ايترا ته
ڏٽا ۽ ڊپ ڏنا جو همراهه شهر جو بچاءُ سندن حوالي
ڪري ڇڏيو. هڪ ڀيرو جو شهر ۾ گهڙيا ته وري نه نڪتا،
۽ پوءِ اتي به ايئن ئي حڪومت ڪيائون، جيئن باقي
سنڌ ۾ ڪيائون ٿي. شڪارپور مان ٿيندڙ اپراسو
حيدرآباد ۽ خيرپور جا مير پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا.
ٻنهي ميرن پنهنجي پنهنجي ڀاڱي جي اوڳڙ لاءِ ڌار
ڌار حاڪم ۽ عملو رکيو هو. شڪارپور ۽ سکر ۽ ان جو
ڀرپاسي وارو تر والاري ميرن پنهنجي سنڌ کي هڪ ملڪ
ڪرڻ واري رٿ پوري ڪئي. تنهن کان پوءِ هنن پنهنجي
صاحبي اهڙي هلائي جهڙي سنڌ صدين کان ڪونه ڏٺي هئي.
ملڪ ۾ امن امان هو ۽ هاري ناري سکيا هئا. هيءَ
ڳالهه انهن اڪيچار تبصرن مان پڌري آهي، جيڪي
اڻويهن صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ سنڌ گهمندڙ يورپي
سيلانين پوئتي ڇڏيا آهن.
انهيءَ زماني ۾ ميرن جي برطانيا سان جيڪي مکيه
واسطا پيا سي 1809ع، 1820ع، 1831ع، 1832ع، 1834ع ۽
1836ع ۾ ٿيا. تڏهن، جڏهن سنڌ جو انهيءَ تڪرار ۾
اڻسڌيءَ پر ضروري طرح اڙجڻ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾
افغانستان جي پهرين لڙائي لڳي، انهن واسطن جو
مختصر ذڪر ڪرڻ شايد واجبي ٿئي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان
اندازو ٿيندو ته يورپين جو گهڙي اچڻ جنهن کان
ٽالپر ايترو ڊنا ٿي، سو ڪيئن وڌندو ويو. ياد رهي
ته سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ٻيو ڪارخانو 1775ع
۾ بند ٿي ويو هو. 1799ع ۾ مسٽر ناٿن ڪرو سنڌ ۾
سياسي ۽ واپاري ايلچي ٿي آيو ته انهي سان ناتا
واري قائم ٿيا. مير فتح علي خان برطانوي واپارين
جي حفاظت ڪرڻ ۽ کين رعايتن ڏيڻ جو انجام ڪيو،
ويندي مسٽر ڪرو کي ڪراچيءَ ۾ گهر ٺهرائڻ جي موڪل
به ڏنائين. پر پوءِ مير صاحب، چيو وڃي ٿو ته
افغانستان جي بادشاهه زمان شاهه جي چوڻ تي، مسٽر
ڪرو کي ڏهن ڏينهن اندر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
1808ع ۾ حيدرآباد ۾ مسٽر سيٽن جي معرفت ڳالهيون
هلائي اڳرائيءَ ۽ بچاءَ لاءِ ٺاهه ڪيو ويو، پر
بالا سرڪار ان جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽
بامبي سول سروس جي مسٽر هئنڪي سمٿ کي نئين عهدنامي
لاءِ ڳالهين هلائڻ ڪاڻ حيدرآباد اماڻيو. هڪ مختصر
عهدنامو ٿيڻ ۾ آيو، جنهن هيٺ فرينچ لوڪن کي سنڌ ۾
اچڻ نه ڏيڻو هو ۽ بمبئيءَ ۽ حيدرآباد جي وچ ۾
وڪيلن جي ڏي وٺ ٿيڻي هئي. اهو عهدنامو حيدرآباد
وارن ميرن غلام عليءَ ۽ مراد عليءَ ڪيو. مير غلام
علي خان 1811ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ 1820ع ۾ هن جي
پوين سان نئون عهدنامو ڪيو ويو. ان نئين عهدنامي ۾
ڄاڻايل هو ته انگريزن کان سواءِ ٻيا سڀ يورپي ۽
آمريڪي سنڌ ۾ نه اچي سگهندا نه ٻنهي ملڪن جا ماڻهو
هڪ ٻئي جي ڏيهه اندر رهي سگهندا، ۽ اهو پڻ ته مير
پنهنجي رعيت وارن کي ڪڇ ۽ ڀر وارن دوست ملڪن تي
ڦُرلٽ لاءِ چڙهائي ڪرڻ کان روڪين.
خيرپور ۾ پيرسن مير رستم عليءَ پڻ انگريزن سان
اتحاد ۾ گهڻو چاهه ڏيکاريو، سنڌونديءَ کي واپار
لاءِ کولڻ جي مقصد سان هڪ ٻيو ٺاهه ڪيو ويو.
انهيءَ ٺاهه ۾ سنڌ جا رستا هندستان جي واپارين ۽
وکر لاءِ کليل رهندا ۽ انهن تي ناڪو لڳندو، پر
انهيءَ شرط سان ته رستن تان ڪو فوجي سامان نه
لنگهندو، سنڌونديءَ ۾ ڪوبه هٿياربند ٻيڙو داخل نه
ٿيندو ۽ ڪوبه انگريز واپاري سنڌ ۾ رهي نه سگهندو،
البت پاسپورٽ وٺي گهمڻ اچي سگهندو. ساڳي وقت
خيرپور جي ميرن سان به ان ئي نوعيت جو عهدنامو ڪيو
ويو، جنهن ۾ پوءِ 1834ع ۾ ترميم ڪري دريائي محصول
وڌايا ويا.
انهيءَ زماني ۾ پنجاب جي سک بادشاهت هڪ زبردست
رياست هئي. مهاراجا رنجيت سنگهه افغانستان کان
ملتان جو ڪجهه ڀاڱو ۽ ڪشمير کسي ورتا هئا، ۽ 1836ع
۾ هو سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ شڪارپور وٽ منزل وجهي
12 لک رپيا ڏن گهريائين. مير پاڻ ۾ ساڻس هٿين پوڻ
جي طاقت نه ڏسي، انگريز سرڪار طرفان وچ ۾ پوڻ جي
آڇ قبول ڪئي، جنهن سان اهو شرط به هو ته کين
حيدرآباد ۾ برطانوي ايجنٽ رهائڻو پوندو ۽ رنجيت
سنگهه سان سڄي ڳالهه ٻولهه انگريزن جي معرفت ڪرڻي
پوندي.
جن واقعن جي نتيجي ۾ سنڌ انگريز راڄ سان ڳنڍي وئي،
سي تمام منجهيل آهن ۽ انهن جي تاريخ ستن ورهين تي
ڦهيل آهي ۽ 1936ع کان شروع ٿئي ٿي، جيئن مٿي
ڄاڻايون اٿئون، سنڌ تي مهاراجا رنجيت سنگهه ڪاهه
ڪئي جنهن کي برطانيا سرڪار وچ ۾ پئي ٽاريو ۽ ميرن
کي حيدرآباد ۾ انگريزن جو ايلچي هميشه لاءِ رهائڻو
پئجي ويو. هن منجهيل داستان جون حقيقتون هي آهن ته
افغانستان جي تڏهوڪي بادشاهه دوست محمد کي روسي
اثر ۾ ڄاتو ٿي ويو ۽ انگريزن کي ڊپ هو ته هندستان
جي سرحد تي اهو روسي اثر چڱو نه آهي. پنجاب جو
ڪجهه علائقو دوست محمد جي هٿ ۾ هو ۽ رنجيت سنگهه
انهيءَ علائقي جو دعويدار هو. انگريزن جو مقصد هو
ته دوست محمد جي جاءِ تي شاهه شجاع الملڪ کي آڻجي،
سو دوست محمد کي لاهي شاهه شجاع کي تخت تي ويهاريو
ويو، پر پوئين همراهه کي افغانستان جي ماڻهن بنهه
قبول ڪونه ڪيو، سو دوست محمد موٽي آيو. ڪابل ۾
رکيل انگريزن جي فوجي دستي پاڻ کي مڇريل قبائلين ۾
وڪوڙيل ڏٺو ۽ غلط حڪمت عمليءَ سبب اهڙي وقت ڪابل ۾
رهندڙ فوجي توڙي غير فوجي انگريزن کي اُتان نه
ڪڍيو ويو جڏهن افغانستان جي سردارن کي ملندڙ روڪ
مدد بند ٿي وئي هئي ۽ رنجيت سنگهه لاڏاڻو ڪري سک
راڄ کي رولي ۾ وجهي ويو هو. ان جو نتيجو ڏاڍو
دکدائڪ نڪتو، ۽ انگريزي لشڪر جابلو لڪن رستي جلال
آباد کان پشاور ڏانهن پسپا ٿيندي مارجي ويو. حالتن
جي بحاليءَ لاءِ سيکت ڏيندڙ لشڪر تيار ڪيو ويو ۽
ايئن ڪرڻ لاءِ ڪابل وڃڻو هو. پر سوال هو ته
اوڏانهن وڃجي ڪيئن؟ جڏهن پنجاب سکن جي هٿن ۾ ۽ سنڌ
ميرن جي هٿن ۾ هئي.
اهڙيءَ ريت سنڌ جو افغانستان جي پهرين لڙائيءَ ۽
ان جي نتيجن سان سڌو ۽ خاص قسم جو واسطو ٿيو.
پهرين ته انگريز لشڪر کي سنڌوءَ منجهان ضرور
لنگهڻو هو ۽ سڀ مير ٻُڏتر ۾ هئا، ڪابه مدد ڪرڻ تي
راضي نه هئا، بلڪ هر رعايت خلاف سَٽون ٿي
سَٽيائون. ٻيو ته 1836ع ۾ رنجيت سنگهه شڪارپور تي
ڪاهي آيو هو ۽ 12 لک رپيا ڏن گهريو هئائين. انهيءَ
خطرناڪ صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ميرن انگريزن
کان مدد گهري هئي، جا رنجيت سنگهه سان ڳالهين تي
ضابطن ۽ حيدرآباد ۾ انگريز ريزيڊنٽ جي مقرريءَ جي
شڪل ۾ ڏني وئي. حالتون تمام نازڪ ۽ خطري واريون
هيون خاص طرح ان ڪري به جو رنجيت سنگهه گذاري ويو
هو ۽ سکن جي تنظيم اُٿل پٿل ۾ اچي وئي. پنجاب ۾
سکن خلاف جنگ جو خطرو ويجهو ڄاتو ويو ۽ افغانستان
۽ پنجاب جي لڙائي لڳڻ جي حالت ۾ اچ وڃ جي سهولت ۽
اڏو هٿ ڪرڻ ضروري ٿي پيو.
واقعن جي انهيءَ مونجهاري ۾ هندستان جا جيڪي ٻه
گورنر جنرل لارڊ آڪلئنڊ (1836ع-1842ع) ۽ لارڊ
ايلنبرو (1842ع- 1844ع) ڦاٿل رهيا، تن مان آڪلئنڊ
ڍلو، ڊڄڻو ۽ ٻه چيتو هو ۽ ايلنبرو اُتاولو، ڪرڙو ۽
هيٺلو هو. ڪئمبرج واري هندستان جي مختصر تاريخ
ڄاڻائي ٿي: ”آڪلئنڊ موهيندڙ سڀاءَ وارو هو، ان ڪري
ساڻس سرڪاري ڪاروبار ڪرڻ سولو ۽ وڻندڙ هوندو هو.
ايلنبرو اجايو سجايو رعب ويهاريندو هو ۽ ماڻهن کي
پنهنجي ڪرڻ جو ڏانءُ ڪونه هوس.“ آڪلئنڊ ميرن کي
چيو هو ته بمبئيءَ جي لشڪر کي سنڌونديءَ منجهان
لنگهڻ ڏين ۽ بکر وارو ٻيٽ انگريزن جي حوالي ڪن ته
جيئن اُتي رسدگاهه رکي سگهجي. ڪئمبرج واري هندستان
جي مختصر ڄاڻائي ٿي ته ”مير انهن ڳالهين تي بنهه
راضي ڪونه هئا، پر کين زوريءَ مڃايو ويو ۽ 1836ع ۾
ڪراچي والاري وئي.“
اهو خيال ته ميرن تي حملو ڪري سندن ملڪ انگريزي
راڄ ۾ انهيءَ لاءِ شامل ڪيو ويو جو هو هيڻا هئا،
سو آئڙي نٿو. گهڻو ڏوهه آڪلئنڊ جو هو ۽ ايلنبرو جي
جوابداري ايتري آهي ته هن ورثي ۾ مليل معاملي کي
اڳتي وڌايو. هن جو چوڻ هو ته انهيءَ سرحدي ملڪ جا
حاڪم سازشون ڪري رهيا آهن، جي دشمني واريون آهن پر
پنهنجيءَ پر ۾ يقيناً خطرناڪ نه آهن. ويليسلي جيان
ايلنبرو جو مقصد به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پوزيشن
پختي ۽ مضبوط ڪرڻ هو. 1838ع کان پوءِ واقعا هڪٻئي
پٺيان تڪڙا ٿيڻ لڳا. جڏهن ڪابل واري مهم لاءِ
بمبئيءَ کان ڪمڪ موڪلڻ جي ضرورت پئي تڏهن هڪ اڳوڻي
عهدنامي جي انهيءَ شرط
تي
ته سنڌونديءَ کي فوجي سامان جي ترسيل لاءِ استعمال
نه ڪيو ويندو، تنهن جي پرواهه نه ڪندي اها ڪمڪ
درياهه رستي اماڻي وئي ته وڃي اُترين پرڳڻن ۾ مکيه
لشڪر سان ملي. گورنر جنرل لارڊ آڪلئنڊ جي هدايت
هئي ته اهو شرط بحران جي اهميت جي ڪري مهمل رکيو
وڃي. ساڳي وقت اهو پڻ چيائين ته جيڪي حاڪم هن
هنگامي حالت ۾ انگريزن جي مدد کان ڪيٻائين، تن کي
بيدخل ڪيو وڃي، سو تنهن سال 1838ع ڊسمبر ۾ سرجان
ڪين جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ لشڪر سنڌ ۾ اچي وارد ٿيو،
پر اڳتي ڪونه وڃي سگهيو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي دربار
کين سوارين ڏيڻ ۾ رنڊڪون وجهي ڇڏيون هيون. انگريز
عملدارن پنهنجي منهن وڏي جاکوڙ ڪري انهن رنڊڪن کي
منهن ڏنو ۽ اهي هٽايون تڏهن ويون، جڏهن سنڌ جي
گاديءَ تي چڙهائي ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو ويو. انهيءَ
مخالفاڻي روش جي ڪري 1839ع ۾ بمبئيءَ کان هڪ لشڪر
موڪلي سنڌ ۾ رکيو ويو، جيئن ته منوهڙي جي حفاظت
تي معمور بلوچ دستي ان کي ڪراچيءَ ۾ لهڻ کان روڪڻ
جي ڪوشش ڪئي، سو انهيءَ قلعي تي تيزيءَ سان قبضو
ڪيو ويو پوءِ حيدرآباد جي ميرن سان عهدنامو ڪيو
ويو. ان جا شرط هي هئا: پهريون ته ميرن ڏانهن
افغانستان جو جيڪو ڏن رهيل هو، سو سڄو شاهه شجاع
کي 23 لک رپيا ڏيئي چڪتو ڪندا. ٻيو ته انگريزن جو
وڌ ۾ وڌ پنجن هزارن ماڻهن جو لشڪر سنڌ ۾ رهندو،
جنهن جو ڪجهه خرچ مير ڀريندا ۽ ٽيون ته سنڌوندي تي
واپار ڪندڙ ٻيڙين کان ڪوبه محصول نه ورتو ويندو.
ان جهڙو ئي هڪڙو عهدنامو خيرپور جي ميرن سان ڪيو
ويو، پر ان ۾ خرچ ڀرڻ وارو شرط ڪونه هو. ان
عهدنامي جي شرط موجب، بکر جو قلعو انگريزن جي
حوالي ڪيو ويو، ميرپور واري مير شير محمد کي
حيدرآباد وارن ميرن سان عهدنامي ۾ انهيءَ شرط سان
شامل ڪيو ويندو ته هو سال ۾ اڌ لک رپيا ڏيندو.
انگريزن جي آگبوٽن واري برڙ کي نه رڳو سنڌونديءَ ۾
بنا رنڊڪ جي جهاز راني ڪرڻ جي موڪل ڏني وئي پر ان
لاءِ هرڪا مدد به ڪئي وئي. لارڊ ايلنبرو جو انهيءَ
وچ ۾ لارڊ آڪلئنڊ جي جاءِ تي گورنر جنرل ٿي آيو
هو، سو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته سنڌ جي معاملي کي
صاف ڪيو وڃي ۽ اتي جيڪو انگريزي لشڪر رکيل آهي، سو
تيستائين واپس نه گهرايو وڃي، جيستائين مير ڪمپني
بهادر جي بالادستيءَ کي صاف لفظن ۾ قبول نه ڪن. هن
سرچارلس نيپيئر کي سنڌ ۾ انگريزي فوجن جي سپهه
سالار مقرر ڪيو ۽ ساڳي وقت کيس ميرن سان سياسي
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار به ڏنائين. تنهن وقت
مير ٻن گروهن ۾ مٿينءَ سنڌ تي خيرپور کان ۽
هيٺينءَ سنڌ تي حيدرآباد کان حڪومت ڪري رهيا هئا.
ٻنهي گروهن نيپيئر جي تجويز ڪيل عهدنامي کي زباني
طرح قبول ڪيو هو، پر ائين ڪندي هنن مقابلي جي نيت
سان لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. 1842ع جي پڇاڙيءَ ۾
خيرپور جا ڪيترائي مير امام ڳڙهه ڀڄي ويا، جو
خيرپور ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ذري گهٽ اڌ پنڌ تي هڪ
قلعو هو، ان تائين رسڻ چڱو ڏکيو هو ۽ تر جي ماڻهن
۾ اهو اڻ ٽوڙ مشهور هو. نيپيئر ميرن جي ڪاروائيءَ
کي سرڪشي سمجهندي جنوري 1843ع ۾ امام ڳڙهه خلاف
پيشقدمي ڪئي. هو جڏهن اُتي پهتو ته امام ڳڙهه وارا
پيش اچي پيا ۽ قلعي کي اُتي جو اُتي اُڏايو ويو.
ريزيڊنٽ آئوٽرام جو خيال هو ته جيڪڏهن نيپيئر کيس
حيدرآباد وڃڻ ڏي ته هو ڳالهه نبيري سگهي ٿو. اُتي
هن هڪڙي کي ڇڏي ٻين سڀني کان صحيون ورتيون. پر
پُرامن نبيرو ٿيڻ تي هو ته آئوٽرام تي گهٽيءَ ۾
اُلر ٿي ۽ پوءِ سنڌونديءَ جي ڪپ تي ريزيڊنسي تي به
حملو ٿيس. ڇاڪاڻ جو جڏهن بلوچن ٻڌو ته ميرن 12
فيبروري 1843ع تي عهدنامي تي پنهنجون مهرون هنيون
آهن، تڏهن هو هٿن مان نڪري ويا. مئجر آئوٽرام تي
سنڌ ۾ رهندي پهريون ڀيرو قلعي مان نڪرڻ وقت ڦٽ
لعنت ڪئي وئي. 15 تاريخ صبح جو ريزيڊنسيءَ تي، جا
درياهه جي ڪنڌيءَ تي هئي ۽ چوڌاري چار پنج فٽ اُڀي
ڀت آيل هئس، اٺ هزار بلوچ چڙهي آيا.
هاڻ ترار ميان مان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ سر چارلس
نيپيئر هڪدم پيشقدمي ڪئي. هن سان لٿي ڀٿي 2800
ماڻهو هئا. ڇاڪاڻ جو سکر جي حفاظت لاءِ به مضبوط
دستو ڇڏڻو هوس. دشمن جي لشڪر جو کاتو 30،000 کان
1،0000 تائين هو. ڪئپٽن جان جئڪب، جنهن کي تازي
ڀرتي ڪيل ’سنڌ هارس‘ جي هڪ دستي سان دشمن جي
خبرچار وٺڻ لاءِ اڳ ۾ اُماڻيو ويو هو، تنهن ٻئي
ڏينهن (17 فيبروري) صبح جو سوير حيدرآباد کان پنجن
ميلن تي مياڻيءَ لڳ پراڻي ڦليلي واهه جي ڪنڌيءَ تي
بلوچن جا زبردست مورچا ڏٺا. اڳينءَ رات ميجر
آئوٽرام کي اماڻي ڪي شڪار گاهون ساڙايون ويون
هيون، ڇو ته سمجهيو ٿي ويو ته متان دشمن ان ۾
پناهه وڃي وٺي. نوين ڌاران جيئن ئي پرتي باهه جو
دونهون اٿيو، تيئن جنرل نيپيئر جنگ لاءِ صفون
سڌيون ڪيون. نتيجو اهو ٿيو ته بلوچ لشڪر کي زبردست
شڪست آئي. بلوچ لشڪر جي جاني نقصان جو ڪاٿو 5000
هزار ڪيو ويو ۽ انگريزن جو نقصان 257 کان وڌيڪ نه
هو. انهن ۾ 19 آفيسر هئا. ان ۾ جو هڪ وڏي انبوهه
کان بهتر نه هو، جا ڀاڄ پيئي، تنهن جو ذڪر جنگ جي
هڪڙي بيان ۾ ڪيل آهي. بيان جو راوي چوي ٿو ته
منجهن ڪا تنظيم ڪانه هئي، هڪ ئي وقت ويهن ويهن جي
جٿن بنا ڪنهن ترتيب جي جلهون ڪري يا ته پاڻ کي
سنگينن تي ٽنگرائيندا ٿي ويا، يا وري گولين اُڏائي
ٿي ڇڏين.
نيپيئر واري مراسلي ۾ لڙائيءَ جي چِٽي تصوير چٽيل
آهي.
زمين جي جنهن ٽڪر تي هيءَ لڙائي لڳي هئي، تنهن کي
هاڻ ڳولي لهڻ سهنجو نه ٿيندو، ڇو ته پراڻي ڦليليءَ
جو ڦاٽ ڪڏهوڪر سڪي ويل آهي. حيدرآباد جي هاڻوڪن
رهاڪن کي انهيءَ هنڌ جي بنهه ٿوري ڄاڻ آهي، ڇو ته
اهي هاڻ گهڻي ڀاڱي اُهي پناهگير آهن، جي هندستان
جي ورهاڱي کان پوءِ هيٺينءَ سنڌ ۾ ڪاهي پيا هئا.
انهن پناهگيرن وٽ سنڌ سان ڳنڍيل ڪي به روايتون نه
آهن ۽ نه ئي کين هتان جي ٻهراڙيءَ جو ڪو پتو آهي.
لڙائيءَ کان ترت پوءِ حيدرآباد ۽ خيرپور جا مکيه
مير، سواءِ ٻن جي جيڪي جنگ ۾ موجود نه هئا، سر
چارلس نيپيئر جي خذمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پنهنجيون
ترارون پيش ڪيائونس، جي هن مهرباني ڪندي موٽائيءَ
ڏنيون. هو هڪدم حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو ۽ 19
تاريخ خاموشيءَ سان پنهنجي قبضي ۾ آندائين. هن
ميرن کي پنهنجي ڇانوڻيءَ جي ڀرسان هڪ باغ ۾ پهري
هيٺ رکيو، جتي چيو وڃي ٿو ته هنن سان جٺيون
ڪيائين. پر حقيقت ۾ تنهن وقت سندس پوزيشن بيحد ڏکي
هئي ڇا لاءِ جو مياڻيءَ جي جنگ سان ڪو سڄي مهم
ڪونه کٽي ورتي هئائين.
ميرپور وارو مير شير محمد، جو سڀني ميرن ۾ دلير
هو، سو وقت سر مياڻيءَ نه پهچي سگهيو، پر انهيءَ
پڙ کان ڀڄي آيلن کي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪيائين ۽
هاڻ 20،000 ماڻهن سان وڌندو ٿي آيو، نيپيئر جو
لشڪر اڳي کان به گهٽ هو جو ڪجهه ماڻهو ويڙهه ۾
مارجي ويا هئس ۽ ڪجهه قلعي جي سنڀال تي رکيا
هئائين. جيڪي باقي بچيو هوس، سو ڇانوڻيءَ کي بچائڻ
جيترو مس هو. پر ڏِک اهڙي ٿي ڏنائين ۽ اُپاءُ اهڙا
ٿي ورتائين، ڄڻ ڪا پرواهه ئي نه هجيس. جنهن مهل
شير محمد جي ايلچيءَ نياپو آڻي ڏنس ته جيڪي کنيو
اٿئي سو موٽائي ڏين ته توکي سر بچائي ملڪ مان وڃڻ
ڏبو، تنهن مهل ڪو اتفاق سان سانجهيءَ واري توب
ڇوڙي وئي. نيپيئر ايلچيءَ کي پٺي کڻي ڏني. چيائين:
”اهو آواز ٻڌئي. پنهنجي حاڪم کي منهنجي پاران اهو
جواب ڏج“ جڏهن شير محمد حيدرآباد کي ويجهو اچي
پهتو، تڏهن نيپيئر وٽ ڪمڪ پهچي وئي. 22 مارچ تي
صبح جو انگريز سپهه سالار 5000 ماڻهن سان پيشقدمي
ڪئي، جن ۾ 1100 سوار ۽ 17 توبون هيون دشمن شهر کان
چئن ميلن تي ڦليليءَ ويجهو دوآبي تي ناريجا نالي
ڳوٺ ۾ مليس. لڙائي ٽي ڪلاڪ هلي، جنهن ۾ مير شير
محمد هارايو.
حيدرآباد جا مير پنهنجو شجرو هاشم جي پٺ مير حمزي
سان ملائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسين بلوچ اصل
عرب آهيون. چئي نٿو سگهجي هيءَ ڳالهه ڪيستائين
صحيح آهي. ٽالپرن سنڌ تي چاليهارو سال کن چگيرڙي
ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪئي. 1874ع واري گزيٽيئر ۾
هنن بابت هيئن آيل آهي: ”درٻار اصلئون ٻروچڪي هئي،
رهڻي ڪهڻي بنهه پراڻي ۽ اڻ اسريل ڍنگ واري هئي پر
ڪنهن به حالت ۾ گهٽ خرچائو نه هئي، مهانگا شوق فقط
هٿيارن، گهوڙن ۽ شڪار جا هين. شڪار جا ته حد کان
وڌيڪ شوقين هئا. ان شوق تان پنهنجي ڏيهه جو سٺي ۾
سٺو ٽڪر به گهورڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا، شڪار
گاهون ايتريون ته پياريون هين جو چوندا هئا ته
اسان انهن کي ايترو ئي گهرؤن ٿا، جيترو پنهنجي
اولاد ۽ گهر وارين کي. ميرن جو ويس به نرالو هو،
جنهن جون نمايان شيون هيون، نفيس لنگي يا ڪشميري
شال جا هو چيلهه کي ٻڌندا هئا، ڀرت ڀريل ديسي
ٽوپي، ۽ عقيدي ۾ اهل شيعت هئا.
سنڌ جي تاريخ جي هن مختصر جائزي ۾، جو هن گزيٽيئر
۾ ايتري جي ئي گنجائش آهي، ٽالپرن جي انتظامي
سرشتي جي تهڙي تفصيلي اپٽار ڪرڻ ممڪن نه آهي، جهڙي
اڳين گزيٽيئرن ۾ ڪيل آهي. انهيءَ سرشتي جون جيڪي
مکيه ڳالهيون هيون، تن جو ذڪر هن گزيٽيئر جي مختلف
ڀاڱن ۾ آبپاشي، اُپراسو، انصاف، امن امان وغيره جي
سري هيٺ ايندو. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ حڪومت جو
نمونو خالص فوجي آپيشاهيءَ وارو هو، جا
جاگيرداريءَ جي اصولن تي ٻڌل هئي ۽ جنهن ۾ بلوچ
سردارن کي انهيءَ شرط تي جاگيرون مليل هيون ته
ضرورت مهل رياست جي خذمت ڪندا. وٽن ڪا باقاعدي فوج
ڪانه هئي، البت سر جي حفاظت لاءِ پهريدارن جو چڱو
تعداد رکيل هُين. جنگ جي زماني ۾ پيادي جي پگهار
اٽڪل ٽي پينس روز ۽ سوار جي پگهار ان کان ٻيڻي
هئي. سمجهيو وڃي ته مير گڏجي پنجاهه هزار ماڻهو
ميدان ۾ آڻي ٿي سگهيا. دراصل مياڻيءَ ۽ دوآبي
وارين لڙاين ۾ جنگ جي حالتن جي جيڪا فوجي ڀيٽ ڪرڻي
پوي ته سڀني ۾ واجبي ڀيٽ ڪلوڊن جي ميدان ۾ ٿيل
ويڙهه سان ٿيندي. ان ميدان ۾ غير منظم ۽ پورو
سرسات نه رکندڙ هاءِ لئنڊرن جو هئنووري فوجن جي
تنظيم ۽ ڳري تونجاني سان مقابلو هو. ظاهر آهي ته
اهڙي چٽاڀيٽيءَ جو نتيجو ڇا نڪرندو. 1843ع ۾ به
ساڳي صورتحال هئي. بلوچ لشڪر دلير هوندي به ڪلوڊن
جي هاءِ لئنڊرن جهڙو هو ۽ ڪار به ساڳي ٿين.
چانڊڪا پرڳڻي بابت ڊپٽي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ جيمز 15
ڊسمبر 1847ع تي هڪ رپورٽ لکي هئي. ان رپورٽ جو
هيٺيون ٽڪرو لاڙڪاڻي ضلعي ۾، جو تڏهن ’سنڌ جو باغ‘
ڪري ليکيو ويندو هو، واهن جي چوڌاري ٿيندڙ سارين
جي ڀلين پوکن جو ذڪر ڪري، انهيءَ تر جي سرڇائيءَ
تي خوشگوار روشني وجهي ٿو. هو چوي ٿو، ”گهاڙ ۽
ناري جي وچ ۾ سارين جي پوک گهڻي ٿئي ٿي. ڳوٺ گهڻو
ڪري دڙن تي ٻڌل آهن ۽ ڪن جي چوڌاري کاهيون پڻ کنيل
آهن ته جيئن آبڪلاڻيءَ ۾ ٻڏن نه. انهيءَ ٽڪري جو
باقي ڀاڱو يا ته ٻوڙن سان ڇانيل آهي يا وري رڻ پٽ
واري ڏِک ڏي ٿو، جتي نوناري پنهنجو ڌنڌو ڪن ٿا.
اڪثر ڳوٺن جا سڀ واهه چڱا وڻڪاريل آهن. ناري ۽
سنڌوءَ جي وچ وارو ملڪ ٻين ٻن کان ڪافي مختلف آهي.
پهرين نالي واري نديءَ کان چڱيرڙي پنڌ تائين جهجهي
پوک ٿئي ٿي، پر ان ۽ سنڌوءَ جي وچ وارو ٽڪرو ڪن ڪن
هنڌن تي وارياسي سڃ آهي، جنهن ۾ ڪٿي گل ڪندڙ ڊگهي
گاهه جا ٽڪرا آهن ته ڪٿي لئي ۽ ڪنڊي جا گهاٽا جهنگ
آهن. هتي جو پٽ پڻ وڌيڪ ڀڳل آهي ۽ ڪيترائي قدرتي
ڪَڙيا اٿس. ٻوڏن جو پاڻي لهندو آهي ته هيٺاهيون
زمينون مٽرن، چڻن ۽ جوَن جا ڀلا فصل ڏينديون آهن ۽
ڪڙميءَ کي ڪا گهڻي تات نه ڪرڻي پوندي آهي. سنڌوءَ
جون ڪنڌيون ٻيلن جي پٽي سان وڪوڙيل آهن، جو سراسري
طرح ٻه ميل اونهو آهي. انهن ٻيلن ۾ ٽاريءَ ۽ ٻٻر
جا وڻ جام ٿين ٿا ۽ وڻن جي وچواري وٿي ڍنگرن سان
ڇانيل آهي.
انهن ٻيلن ۾ مينهن ۽ ڳئن جا ڌڻ اچيو ڍو تي چريو
وڃن. ڪو ٻاهريون ماڻهو درياء شاهه ۽ ڀر وارن ٻيلن
جي ٿڌي ڇانوَ ڇڏي اڳتي ايندو ته ڪڏهن کيس ربيع جا
ساوا فصل ملندا ۽ ڪڏهن ڳاهيري ويءَ، ڪٿي ٿورو-
وقتي اجهن وٽان لنگهندو، جي چاري جي سانگ تي ڌڻ
ڪاهي آيل سانگين جا هوندا ته ڪٿي وڌيڪ ٿرائتي ڳوٺ
کان. وري ٻيلي ۾ ايندي ذري گهٽ صفا ڪيل زمين ٽڪري
تان لنگهڻ ٿيندس، جتي ٻٻر جا ڪارائيل ۽ هيٺ
مٿانهان ٿڙ ماڻهوءَ جي طاقتور هجڻ جي ساک ڀريندي
بدروحن جيان بيٺل هوندا ۽ ڀرپاسي واري ساوڪ سان
ڦير هيڪاري اڳرو ڪندا هوندا. اُتي کيس ڪم ۾ رُڌل
ماڻهو ملندا، جي پنهنجن تڏن جي ڪچن اجهن ٻاهران
کارا ۽ تڏا ٺاهيندا هوندا، ڇو ته جنهن سر مان اهي
ٺهندا آهن، سو اتي جام ٿيندڙ هوندو.“
پاٽنجر ’بلوچستان ۽ سنڌ اندر مسافرين‘
Travels in Balochistan & Sindh
۾ ڪراچيءَ جو 1813ع وارو روپ چٽو آهي. ”عالم پناهه
جي اندر گهرن جو تعداد، 1813ع ۾ ميرن جي حڪم تي
ڪيل آدم شماري ڳڻپ موجب، ٽي هزار ٻه سو پنجاهه هو.
انهن کان سواءِ ڪوٽ جي چوڌاري ڪجهه ويڇائتيون
جهوپڙيون به هيون، جي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيون ويون
هيون. شهر ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد، ٿوري وقت لاءِ
اچي ٽڪنڊڙن کي ڇڏي، سنڌ واري زماني ۾ وڌي 1300 ٿي
ويو هو، جو مشن جي 1809ع وقت جا آدم شماري هئي،
تنهن جي ڏيڍوڻ کان به وڌيڪ آهي. سنڌ جو ڏيساور
ويندڙ مال گهڻو ڪري ڪراچيءَ کان موڪليو وڃي ٿو.
انهيءَ ۾ گهرو پئدائش جون شيون هونديون آهن جو
کار، لوڻ، چانور، ڪپهه، چانهه، تيل، تيلي ٻج، ڄرڪي
جا کنڀڙا، ڇم رڱڻ جي ڇوڏي، کار، ڇيٽ ۽ نَمند. اُتر
وارين بادشاهتن ۽ پرڳڻن کان گهڻو ڪري ٻاهر موڪلڻ
لاءِ هيءَ مال آڻيندا آهن: هڱ، ڪنئسر، گهڙا، چمڙو،
ڳائي ۽ ماهي مال جون کلون، مڃٺ، کٿوري، ڦٽڪي،
ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لاجورد، فيروزا ۽
ٻيا قيمتي پٿر، گگر ۽ کنئور. سنڌ وارا پنهنجي کاپي
لاءِ خراسان، مڪران، فارس ۽ عربستان کان ترارون،
ريشم، غاليچا، کجور، گلاب جو پاڻي، آچار مربو،
تماڪ، ڪافي ۽ (Kalians)
گهرائيندا آهن.
انگريزن جو دؤر
1843ع- 1947ع:
پهريون مرحلو: نيپيئر جي انتظامي جوڙجڪ:
انهن سهيوڳي احوالن مان اسان کي ملڪ جي حالت جو
ٿورو گهڻو اندازو ٿي وڃي ٿو. نيپيئر هڪدم ان کي
انگريزن جي پاليسيءَ جي مثال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري
ڏني. جڏهن نيپيئر کي سنڌ ۾ سپهه سالار ڪري موڪليو
ويو، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو. تڏهن هو پختن خيالن
وارو ماڻهو هو، جنهن کي هندستان ۽ اتان جي ماڻهن
جي ڪا ڄاڻ ڪانه هئي. هو جهيڙاڪ ۽ منهن زور هو ۽
ڪنهن جي صلاح نه وٺندو هو. اهو شايد سندس پوريءَ
طرح فوجي پرورش جي ڪري هو جو ’سياسين‘ يعني ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جي انهن غير فوجي عملدارن سان نه
پوندي هيس، جي تڏهن هندستان جي اهڙن ڀاڱن جو
انتظام سنڀالي رهيا هئا، جيڪي ڪپمنيءَ جي هٿ ۾
هئا. هن جو سمورو لاڙو اهڙي فوجي جوڙجڪ ڏانهن هو،
جتي فوجي نموني جو نظم ۽ ضبط هجي ۽ بالا اختياري
ڪمانڊر انچيف وٽ رهي. گورنر جنرل ايلنبرو، جو
پڇاڙي تائين هن جي ڪارواين جي منظوري ڏيندو آيو،
سو پڻ هن جيان غير فوجي حڪومت تي فوجي حڪومت کي
ترجيح ڏيندو هو.
سنڌ تي قبضي کان اڳ نيپيئر چيو هو: ”اسان کي سنڌ
تي قبضي ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي، تڏهن به اسان ايئن
ڪنداسون، ۽ اها هڪ وڏي فائدي واري، هڏ ڪرڪڻي ۽
ڪارائتي لچائي هوندي.“
هاڻ انهيءَ لچائيءَ مان وڌ ۾ وڌ فائدي وٺڻ جو وجهه
هئس، ۽ هن اهو وجهه خوشيءَ سان ۽ ٻئي هٿ وجهي
ورتو. ساڍا چار ورهيه نيپيئر هن ڏيهه کي اهڙين
ليڪن تي هلايو جو انهن ۾ پوءِ ڪڏهن به گنڀير مٽ سٽ
نه ڪئي وئي آهي، ايتري تائين جو خود نيپيئر کي وئي
سو ورهيه ٿي ويا آهن، تڏهن به سندس رٿا هلندي اچي
ٿي.
نيپيئر انتظامي جوڙجڪ جي هر شاخ بابت تمام جامع
حڪم جاري ڪيا. هن صوبي کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو:
ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. هر ضلعي جي مٿان
ڪليڪٽر هو، جنهن سان ڊپٽي ڪليڪٽر هئا. ڊپٽي
ڪليڪٽرن کي ڪاردارن جو چڱو چوکو عملو ڏنائين، جي
ميرن وٽ به هئا، ڪاردارن جو پگهار سندن اڳين پگهار
جو اڌ مقرر ڪيو ويو. ڪليڪٽر ۽ سندس ڊپٽي (نائب)
ماجسٽريٽ به هئا ته ڍل اوڳاڙيندڙ به، پر سندن
اختياريون تمام محدود هيون. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته
ڊپٽيءَ جي فيصلي لاءِ ڪليڪٽر جي تصديق ضروري هوندي
هئي ۽ سڀني ڪيسن جون ڪاروايون آخرڪار جج ايڊووڪيٽ
جنرل ڏانهن موڪليون وينديون هيون. جيڪو پنهنجن ٻن
حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ مقرر نائبن سان گڏجي هڪ طرح
جي نظرثانيءَ واري ڪورٽ تي ڪم ڪندو هو. اهو عملدار
فوج جو ڪئپٽن هوندو هو، جنهن کي قاعدي قانون جي
ڄاڻ هوندي هئي وڏن ڏوهن جي سڀني وارداتن ۾ شروعاتي
جاچ ڪليڪٽر ڪندو هو، جو پوءِ ڪاغذ جج ايڊوڪيٽ جنرل
کي ڏياري موڪليندو هو جو وري اهي گورنر ڏانهن
اماڻيندو هو ۽ گورنر فيصلو ڪندو هو ته مقدمو فوجي
ڪميشن وٽ هلي يا نه. فوجي ڪميشن جو فيصلو به آخري
نه هوندو هو. گورنر کان ان جي تصديق ڪرائڻي پوندي
هئي. جيستائين ڍل جو لاڳاپو آهي ته اها ڪنهن قدر
گهٽائي وئي، پر ان جي اوڳڙ جو سرشتو ڪنهن خاص
ڦيرڦار کانسواءِ اهو ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو ميرن جي
صاحبيءَ ۾ هو. مياڻي جي جنگ کان پوءِ نيپيئر جي
اعلان جي جواب ۾ جن به جاگيردارن (سندن تعداد ذري
گهٽ ٻه هزار هو) تابعداري قبول ڪئي، تن سڀني جون
جاگيرون قائم رکيون ويون. انهن کي ڇڏي، عام پاليسي
هئي زميندارن جي دعوائن کي نه همٿائڻ ۽ زمين جي
قبضيدارن سان سڌيءَ طرح واسطو رکڻ. ملڪ جي اڳوڻن
حاڪمن، ميرن، کي پينشن ڏني وئي، جا سڀ ملائي سال ۾
سوا ٽي لک رپيا هئي، ۽ وٽن جيڪي جاگير ۾ زمينون
رهڻ ڏنيون ويون، تن جو ملهه ڏيڍ لک کان ٿورو وڌيڪ
هو.
نيپيئر کي صوبي جي فوجي ضرورتن جو گهڻو احساس هو.
سرحد تي رهندڙ بلوچ قبيلا، جي فتح کان اڳ بلڪل پر
امن هوندا هئا، سي وري شورشون ڪرڻ لڳا، ايتريقدر
جو نيپيئر پاڻ وڃي کين سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪوٽ ٻڌايو ويو هو ۽ تازو تيار ڪيل اُٺن
وارو لشڪر اتي رکيل هو. انهيءَ لشڪر ۾ وڏيون
اُميدون هُين. رسالي جا ڪجهه دستا خيرو ڳڙهيءَ ۽
روجهڻ خانڳڙهه ۾ رکيا ويا هئا. شڪارپور ۾ سڄي ساري
برگيڊ هئي. جنوري 1845ع ۾ نيپيئر 6000 کان وڌيڪ
جوانن جو لشڪر وٺي، جنرل هنٽر ۽ جنرل سمپسن سان
گڏ، سرحد ٽپيو ته جيئن بلوچن کي سندن ڳڙهن ۾ سيکت
ڏيئي سگهي. مير علي مراد پنهنجن 4000 بلوچن سان
سهڪار ڪيو ٽڪرن جا بگٽي ته ڀڄي ويا، پر مهم ان حد
تائين ڪامياب وئي جو جکراڻي ۽ ڊومڪي پنهنجي زبردست
سردار، پوڙهي بجار خان کي وٺي اچي پيش پيا. بجار
خان پوءِ مير علي مراد جو قيدي ٿي رهيو. نيپيئر
پوءِ آخري ٻن قبيلن کي سندن پراڻي وطن مان ڪڍي آڻي
مٿين سرحدي ضلعي ۾ جاني ديري وٽ وسايو، جتي کيس
اميد هئي ته هو سڌري ويندا ۽ صُلح پسند ڪڙمي بڻجي
ويندا. پر ڪچيءَ جي ميدان مان هنن جي نڪرڻ سان
بگٽين لاءِ رستو صاف ٿي ويو، جيڪي وري اچي ڦرمار ۾
لڳي ويا، ۽ آخر ايترا بي ڊپا ٿي ويا جو 1500 ڄڻا
ٽولو ڪري هيٺ ڪاهي آيا ۽ شڪارپور کان رڳو پندرهن
ميل پري اچي سرحدي ڪوٽن جي ڊنل حفاظتي لشڪر تي
کلندا چوپائي مال جا ٽيهه هزار ڪَن ڪاهيو هليا
ويا. جنوري 1847ع ۾ سنڌ اريگيولر هارس، جو تڏهن
حيدرآباد ۾ تعينات هو، ڪپئٽن جان جئڪب جي هٿ هيٺ
سرحد ڏانهن اُماڻيو ويو، جنهن وڃي خانڳڙهه ۾
ڇانوڻي ڪئي. تن ڏينهن ۾ خانڳڙهه گدلو ڳوٺڙو هو،
جتي ٻارنهن لک جهوپڙيون ۽ چوويهه رهواسي هئا. ان
گدلي ڳوٺڙي کي اڳتي هلي جيڪب آباد ٿيڻو هو. جان
جئڪب جي جاکوڙ سان بگٽين جي طاقت بلڪل ختم ٿي وئي
۽ سندن جيئرا بچيل سردار مرضيءَ پٽاندر اچي پيش
پيا. انهيءَ قبيلي تڏهن کان ڪا شورش ڪانه ڪئي آهي.
46-1845ع ۾ ملڪي ڪاروبار ۾ سکن سان پهرين لڙائيءَ
جي ڪري رخنو پيو. انهيءَ جنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ
نيپيئر 12000 سپاهي وٺي بهاولپور ڏانهن ڪوچ ڪيو.
ويهارو هزار ٻيا سپاهي سنڌ ۾ تيار رکيا ويا. پر
سکن سان لڙائيءَ ۾ سندن ضرورت ڪانه پئي. آڪٽوبر
1847ع ۾ نيپيئر پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي
ڪراچيءَ کان روانو ٿي ويو.
ٻيو مرحلو 1847-1807ع:
نيپيئر جي پهرين ڪمن ۾ هڪڙو هيءَ هو ته ليفٽيننٽ
ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي سرواڻيءَ هيٺ واهن جو کاتو
برپا ڪيو، پر ڪرنل اسڪاٽ جا نائب انجنيئر نه هئا ۽
کاتي اڃا ڪجهه ڪري ڏيکاريو ئي ڪونه هو جو ان کي
1849ع ۾ بند ڪيو ويو. جڏهن مسٽر فريئر سنڌ جو
ڪشمنر ٿي آيو، تڏهن هن آبپاشيءَ جو معاملو وري
کنيو ۽ 1855ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي. جي فائيف، آر.
اي، صوبي اندر واهن جي سموري سرشتي کي نئين ڪرڻ جي
هڪ نهايت لياقت واري رپورٽ پيش ڪئي. 1855ع ۾ واهن
جي جا حالت هئي، ڪرنل فائيف کي ان ۾ گهڻيون
ڳالهيون نڪته چينيءَ لائق نظر آيون. هن ڄاڻايو
”سنڌ جا واهه درياهه مان ڏنگا کوٽيا ويا آهن ته
جيئن في ميل گهڻي کان گهڻي ڪر ٿئي. اهي ڏهن کان سو
فوٽن تائين ويڪرا ۽ چئن کان ڏهن فوٽن تائين اونها
آهن. ڪو به اُتان نه ڪڍيو ويو آهي، جتي درياهه جي
ڪنڌي دائمي هجي ۽ ڪوبه ايترو اونهو نه آهي جو
آبڪلاڻيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي وقت درياهه جو پاڻي
کڻي سگهي. درياهه ڪئين فوٽ چڙهندو، تڏهن ئي منجهن
پاڻي ويندو. واهن جو عام رخ اڪثر ڪري سٺو آهي، پر
وچ ۾ ايترا گهڻا اڍنگا وڪڙ اٿن جو وهي ايندڙ
پاڻيءَ جو چڱو چوکو ڀاڱو اجايو وڃي ٿو. اهي بيهڪ ۾
اڻسڌا آهن ۽ لاهي يا ڪر به اڻسڌي اٿن. اهي گهڻو
ڪري زمين جي لاهه موجب کنيل آهن، ايتريقدر جو ڪن
هنڌن تي ميل تي هڪڙو فٽ هيٺ ۽ ٻين هنڌن تي رڳو
ٻه- ٽي انچ هيٺ لهيو اچن، دراصل اهي واهن کان وڌيڪ
عام ڪڙين سان مشابهت رکندڙ آهن. ڪي ڪي واهه حقيقت
۾ درياهه جون پراڻيون قدرتي شاخون آهن، جن کي
آبڪلاڻيءَ دوران گڏ ٿي ويندڙ لٽ سال بسال کاٽيءَ
رستي ڪڍائي کليل رکيو ويو آهي. سڀني ۾ ساڳيون مهان
خاصيتون آهن کين ملندڙ پاڻي آبڪلاڻيءَ جي گهٽ واڌ
جي ڪري گهٽ وڌ ٿيندو رهي ٿو، جتان جتان اهي نڪرن
ٿا، اتي اتي درياهه جي ڦاٽ ۾ ڪا ڦيرڦار اچي ٿي ته
سندن منهن ڪڏهن جزوي طرح ۽ ڪڏهن مڪمل طرح لٽجي بند
ٿي ويندا آهن.“
فائيف ڪجهه اصول پڻ جوڙيا ته جيئن اڳيان واهن جي
واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جيڪو به ڪم ٿئي، سو انهن موجب
ٿئي. سندس اصول هي هئا:
1. موجود واهن کي چڱيءَ طرح صاف ڪيو وڃي ۽ پڇڙين
وٽ وڌيڪ اونهو ڪيو وڃي، ۽ ڪن حالتن ۾ انهن جي منڍ
وٽ دروازا چاڙهيا وڃن ۽ نوان واهه پراڻي طريقي تي
نه کوٽيا وڃن.
2. واهه جو منڍ هميشه اُتان هجي، جتي درياهه جي
ڪنڌي دائمي هجي.
3. واهن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو ايترو ضرور تکو هجي جو
درياهه منجهان آيل لٽ لڙهندو رهي.
4. انهيءَ مقصد کان هيءَ گنجائش ضرور رکي وڃي ته
واهه جي لاهي جوڳي مفاصلي تائين موڪ جي لاهيءَ کان
ٿوري گهٽ رهي تان جو اهو وڃي مناسب سطح تي زمين کي
پاڻي ڏي، اهو مفاصلو گهڻو ڪري ٽيهن ميلن کان گهٽ
رهندو.
5. واهه جيترو وڏو هوندو، گهربل تک ڏيڻ لاءِ تيتري
گهٽ لاهي رکڻي پوندي.
جيستائين رٿابنديءَ جو لاڳاپو آهي ته هو دورانديش
۽ جرئت وارو هو، ۽ عام طرح پنهنجي زماني کان گهڻو
اڳتي هو. هن واهن لاءِ چار پاسا ڏسيا: هڪ درياهه
مان روهڙي وٽان نڪري ۽ درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ کان
پندرهن ميل پرتي ان سان پور وڇوٽ هليو وڃي تان جو
وڃي حيدرآباد وٽ ڦليليءَ ۾ پوي، ٻيو سکر وٽان نڪري
۽ ساڄي ڪنڌيءَ سان پور- وڇوٽ هلندو وڃي اولهندي
ناري ۾ پوي، ٽيون ۽ چوٿون جهرڪن وٽ کاٻيءَ ساڄيءَ
ڪنڌيءَ مان نڪرن. انهن مان پويون انت ڪراچيءَ کي
رسڻو هو.
انهن مان پهرين رٿ تمام ڳري هئي، سا قبول نه ڪئي
وئي. 1891ع ۾ وري سُڌاري وئي، پر سنڌ آبپاشي ڪميشن
رد ڪري ڇڏي. تنهن هوندي به، انهيءَ سڌاريل رٿ وارو
واهه اڳتي هلي روهڙي ڪئنال جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو، جو
سنڌ جي بئراجي سرشتي هيٺ وهندڙ واهن ۾ سڀني کان
وڏو آهي. آبپاشي کاتو، جو هاڻ سرڪاري ڪمن وارو
کاتو سڏيو ٿي ويو، صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ايترو
ته وڌي ويو جو ڏهه ضلعا ٺاهي هر هڪ تي ايگزيڪيوٽو
انجنيئر رکڻو پيو. اهي ڏهه ضلعا هئا بيگاري،
شڪارپور، نارو، اولهندو نارو، ڪراچي، اُتريون
حيدرآباد، وچولو حيدرآباد، ڦليلي، جمڙائو ۽
اوڀرندو نارو، پنجاهه ورهين اندر آبپاشيءَ جي
انهيءَ زبردست واڌاري سنڌ جا مهانڊا ئي مٽائي
ڇڏيا، توڻي جو واهه هاڻ به آبڪلاڻي واه هئا ۽
درياهه جي پورن تي ڀاڙيائون ٿي، پر جيڪي حاصل ڪيو
ويو هو، سو ڏسڻ لاءِ 1874ع ۾ ٿيندڙ پوک جي 1905ع ۾
ٿيندڙ ايراضيءَ ۾ اٽڪل روءِ
½3
سيڪڙو سالياني واڌ ٿي. آبپاشيءَ موضوع تي هن
گزيٽئر ۾ ڌار باب آهي، پر تاريخ جي مقصد لاءِ هت
مختصر طرح اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته نيپيئر جي
صاحبيءَ کان پوءِ وارن پنجاهه ورهين دوران مکيه
واهن جي سڌاري لاءِ ڇا ڇا ڪيو ويو. انهيءَ خيال
کان هيٺيان واهه مختصر ذڪر لاءِ چونڊيا ويا آهن.
ريگستان واهه، بيگاري واهه، اولهندي ناري وارو
واهه، مٺڙائو واهه، ڦليلي واهه، اوڀرندو ناري وارو
واهه ۽ جمڙائو واهه، ريگستان واهه ڪشمور کان ڇهه
ميل اوڀر طرف ۽ پنجاب جي حد کان پنج ميل ڏکڻ ۾
درياهه جي هڪڙي ڍنڍ مان نڪري ٿو. ان جي ڊيگهه
ٻياسي ميل ٿيندي. 1905ع ۾ انهيءَ واهه تي سراسري
طرح هر سال
1,90,000
ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. اها عملي طرح سڄي جي
سڄي وهڪري تي هئي. بيگاري واهه سکر کان ٽيٽيهه ميل
اُتر ۾ سنڌونديءَ منجهان نڪري ٿو ۽ ٽيونجاهه ميلن
تائين سکر ۽ مٿينءَ سنڌ جي سرحدي ضلعن جي وچ ۾ حد
جو ڪم ڏي ٿو. اهو واهه سنڌ کي انگريزي راڄ سان
ملائڻ وقت موجود هو، ۽ جيئن ان جي نالي مان ظاهر
آهي، اهو بيگر مان ٺهيل آهي. مسٽر فريئر جي ڌيان
تي آبپاشيءَ جو جيڪو پهريون ڪم آندو ويو، سو هو
بيگاريءَ کي ويڪري ۽ ڊگهي ڪرڻ جو. اها رٿ مسٽر جان
جئڪب 1851ع ۾ پيش ڪئي جنهن اڳي ئي بدنام ڦورو جمال
خان ڊومڪيءَ کي پنهنجا سڀ ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ لڳائڻ
تي راضي ڪري ورتو هو. بيگاري واهه نجو آبڪلاڻي
واهه آهي ۽ عام طرح جنوريءَ جي شروعات ۾ وهڻ بند
ٿي ويندو آهي. 1905ع ۾ بيگاري واهه تي سراسري طرح
2،76،310 ايڪڙ زمين آباد ٿي. اوڀرندو نارو، جنهن
کي عام طرح سنڌوءَ جي قدرتي شاخ سڏيو ويندو آهي،
سو انهيءَ اصطلاح جي عام مفهوم ۾ ڪڏهن به ائين نه
رهيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اوڀرندو نارو
اتان ئي وهي ٿو، جتان هاڪڙو يعني سنڌ جو وڃايل
درياهه وهندو هو. هاڪڙو عربن جي فتح کان پوءِ ڪنهن
وقت پراڻو دڳ ڇڏي ويو ۽ پنهنجي اٿل جو پاڻي
اوڀرندي ناري يا سنڌونديءَ ۾ ڇوڙڻ لڳو. مسٽر فريئر
جي چوڻ تي 1852ع ۾ ماٿريءَ جي سروي ڪئي وئي ۽ پتو
پيو ته سنڌوءَ جي اٿل جو جيترو پاڻي اڳ سمجهيو
ويندو هو ته اوڀرندي ناري ڏانهن ويندو آهي، اصل ۾
ان کان وڌيڪ ويندو آهي، پر جيئن ته ماٿري وارياسي
آهي ۽ خاص ڪري ريگستان ۾ ڪيترائي وڏا ڍورا آهن، ان
ڪري سمورو پاڻي جذب ٿي ويندو آهي. بشرطيڪ درياهه ۾
تمام وڏو چاڙهه نه آيو هجي. هڪدم ٻنڌون ٻڌيون
ويون، جن وهڪري جو رخُ وارياسين ڍورن کان ڦيرائي
ڇڏيو. ان جو جادوءَ وارو اثر ٿيو. تن ورهين ۾ ڍل
8،000 رپين مان وڌي 81،000 رپيا ٿي وئي. مئي 1859ع
۾ روهڙيءَ وٽ ناري کي سنڌوءَ جو پاڻي پهچائيندڙ
واهه کوليو ويو. هيءُ ٻارنهن ميل ڊگهو گهارو هو،
جنهن سنڌوءَ کي اوڀرندي ناري سان ٿي ملايو.
اوڀرندو نارو هاڻ مدامي واهه آهي ۽ ساري جو سارو
جهاز رانيءَ لائق آهي. پاڻي پهچائيندڙ واهي سميت
ان جي ڪل ڊيگهه، روهڙيءَ کان ويندي ان هنڌ تائين
جتي اهو ڍوري پراڻ ڇُڙي ٿو، 276 ميل آهي، پر
آبپاشيءَ جي مقصد لاءِ ان جي سنڀال رڳو 216 ميلن
تائين ڪئي وڃي ٿي. اوڀرندي ناري وارن واهن جي جملي
ڊيگهه 370 ميل ۽ ان جي شاخن جي 132 ميل آهي.
5-1904ع وارن انگن اکرن موجب انهيءَ واهه تي
ساليانو آباد ٿيندڙ ايراضي 2،75،873 ايڪڙ هئي،
جنهن مان اسي سيڪڙو
Under Flow
هئي.
اولهندو نار هڪ قدرتي ۽ ڏاڍو انگڙ ونگڙ واهه آهي.
انهيءَ واهه رستي سنڌونديءَ جو ڪجهه پاڻي وڃي منڇر
ڍنڍ ۾ پوندو آهي، سيوهڻ وٽ وري مکيه وهڪري ۾ موٽي
ايندو آهي. ناري جي منڍ کان منڇر تائين سڌو مفاصلو
83 ميل آهي، پر جي ان جي دڳ سان ماپبو ته 2/1 153
ميل ٿيندو. 1905ع ۾ ناري ۽ ان جي مڙني شاخن جي ڪل
ڊيگهه 266 هئي ۽ اهو، ٽن ورهين جي سراسري وٺندي،
2،06،687 ايڪڙ آباد ڪندو هو، جنهن سان 1،69،939
ايڪڙ
Flow
۽ 36،748 ايڪڙ
lift
1836ع ۾ هڪ اهڙو ڦاٽ هُئي، جو آبڪلاڻي ۾ سنڌوءَ جي
پاڻيءَ تي وهندو هو. 1857ع ۾ انهيءَ واهه جو منڍ
واريءَ جون روڪون هٽائي، سُسي ويل ڀاڱن کي ويڪرو
ڪري ۽ کاٽيءَ سان لاهي سڌائيءَ ۾ آڻي سڌاريو ويو.
1858ع ۾ ڄام شوري وٽان، درياهه مان هڪ نئون پنج
ميل کن ڊگهو پاڻي رسائيندڙ واهه ڪڍي ڦليليءَ سان
ملائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، جو 1861ع ۾ پورو ٿيو.
1858ع ڦليليءَ جي مکيه ڦاٽ کي سڌارڻ لاءِ ڪئين ڪم
ڪرايا ويا ۽ دروازا پڻ چاڙهيا ويا. 1904ع- 1905ع ۾
ڦليلي هڪ مدامي واهه هو، جنهن جو ڊيگهه 98 ميل
هئي. ڦليلي سرشتي جي ڊيگهه 1068 ميل هئي ۽ ان تي
سراسري طرح 3،03،512 ايڪڙ آباد ٿيندا هئا، جنهن
مان اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽي ايراضي آبپاشيءَ واري هئي.
مٺرائو واهه جو قصو به عجيب قصو آهي. هيءُ واهه
اهڙي ترمنجهان کوٽيو ويو، جو وارياسو هو، جتي ٿڏي
تي مزور دستياب نه هئا، جتي پيئڻ لاءِ به پاڻي
ڏکيو ٿي مليو ۽ جتي واهه جي ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ
به رهندڙ آدمشماري ٿوري هئي. ڪم شروع ڪرڻ جي
منظوري 1857ع-1858ع ۾ ڏني وئي. اڏاوت جو ڪم ڍرو
هليو ۽ اهو آبپاشي جي ڪم طور عملي طرح 1879ع ۾
پورو ٿيو. مکيه واهه 93 ميل ڊگهو آهي. 1904ع-
1905ع ۾ ختم ٿيندڙ ٽن سالن جي سراسري پوک 1،50،811
ايڪڙ هئي، جن مان 20،000 ايڪڙ ڇڏي باقي سڀ
آبپاشيءَ وارا هئا. هيءَ وڏو واهه ناري جي 136 هين
ميل وٽان مکي ڍنڍ منجهان نڪري ٿو، جا هڪ قدرتي
هيٺاڙ آهي ۽ ٻَنا ڏنل اٿس. ڇوڙ ڪاري ڪُن ۾ ڪري ٿو،
جو ناري جي هڪ پاسائتي شاخ آهي. جمڙائو واهه
اوڀرندي ناري مان هڪ سؤ ميل وٽان جتي خيرپور،
نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعن جون حدون ملن ٿيون، اُتان
ويجهو نڪري ٿو. اهو ته هيءُ هنڌ هڪ وڏي واهه ڪڍڻ
لاءِ ڪارائتو ٿيندو، سا ڳالهه 1857ع ۾ پهرين پهرين
سنڌ آبپاشي کاتي جي مسٽر بارنيس محسوس ڪئي. جمڙائو
رٿ شروع ڪرڻ ۾ دير پئجي وئي، ڇو ته تڏهن هڪ ٻي وڏي
رٿ ويچار هيٺ هئي، جا روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين
هڪ ڊگهي واهه کوٽڻ بابت هئي، تنهن کان پوءِ
جمڙائوءَ واري رٿ 1872ع تائين دفتر داخل رهي. ان
واهه جي کوٽائيءَ جو ڪم نومبر 1894 کان اڳ شروع نه
ٿي سگهيو ۽ 24 مئي 1899ع تي بمبئيءَ جي گورنر لارڊ
سئنڌرسٽ طرفان ان کي سرڪاري طرح کوليو ويو. مکيه
واهه 117 ميل ڊگهو آهي. ڏهين ڏهين ميل تي دروازا
چڙهيل اٿس، جي پاڻي ورهائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. پاڻيءَ جي
ورهاست واهڙن جي هڪ سرشتي وسيلي ڪئي وڃي ٿي، جي
دروازن جي مٿئين پاسي چونڊ هنڌن تان نڪرن ٿا. جتان
پاڻي مکيه واهه مان نڪري واهڙ ۾ وڃي ٿو، اُتي پڻ
دروازا لڳل آهن، جي پاڻيءَ جي مقدار کي هٿ وس رکن
ٿا. ڪڙيا يا واٽر ڪورس آبپاشي کاتي ٺاهيا آهن، ۽
اهڙيءَ طرح ٺهيل آهن، جيئن جنهن زمين کي ريجين ٿا،
تنهن کي گهڻي کان گهڻو فائدو پوي، پاڻيءَ جي سنڀال
لاءِ آبدار آهن، جي نه رڳو مکيه واهه ۽ ان جي
واهڙن ۽ ڪڙين ۾ پر ٻنين ۾ به پاڻيءَ جي نظرداري
ڪندا آهن. اهڙي طرح هر کاتيدار جا وارا مقرر آهن.
وارا نه هجن ۽ هر ڪو پنهنجيءَ تي هجي ته هوند
ايتري زمين آباد نه ٿئي، جيتري وارن جي ڪري ٿئي
ٿي. جمڙائو پوريءَ ريت مدامي واهه آهي ۽ خريف توڙي
ربيع ٻنهي مندن لاءِ پاڻي ڏي ٿو. جمڙائوءَ جي ٻه
ڀاڱي ٽي ايراضي مربعن يعني چورسن واري سرشتي موجب
سروي ٿيل آهي. اهو طريقو پنجاب کان کنيو ويو آهي.
ڳوٺ سورهن سورهن ايڪڙن جي چورسن ۾ ورهايا ويا آهن،
سواءِ اُتي جتي منجهائن روڊ ٿا لنگهن يا ڳوٺن جا
ماڳ آهن يا ٻيون اهڙيون هڪ ڪرائيءَ کي ڀڃندڙ
رنڊڪون آهن. قبضيدار تي فرض آهي ته هو پنهنجي چورس
کي چوڌاري ٻنو ڏي ۽ اهڙائي ننڍا ننڍا ٻنا ڏئي ان
کي هڪ هڪ ايڪڙ جي ٽڪرن ۾ ورهائي. ڍل انهن هڪ هڪ
ايڪڙ جي ٽڪرن تي ڪَٿي ويندي آهي. هر چورس کي مقرر
ڪڙيئي کان پاڻي ملندو آهي ۽ ٻئي ڪنهن ڪڙيئي جي
پاڻيءَ کڻڻ جي موڪل نه هوندي اٿس. 1904ع کان 1905ع
تائين جمڙائوءَ تي آباد ٿيندڙ ايراضي 2،65،262
ايڪڙ هئي. جمڙائوءَ جو سرشتو سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو
اولين سائنسي ۽ جديد سرشتو آهي. ان جو ئي مثال
وٺندي ايندڙ پيڙهيءَ وارن اهڙيون رٿائون تيار
ڪيون، جن جي آڌار تي سنڌ جي آبپاشيءَ کي جتي زمين
جي سطح اجازت ڏني، اُتي اُتي آبڪلاڻي وهڪري مان
مدامي وهڪري ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن ٿيو.
انگريزن کان اڳ درٻار جي ٻولي فارسي هوندي هئي، جا
رعيت کي ڪانه ايندي هئي. عام ماڻهو جا ٻولي
ڳالهائيندا هئا، سا سنڌي هئي. تيستائين سنڌيءَ جي
ڪا اهڙي صورتخطي نه هئي، جيڪا پوري به هجي ۽ عام
مڃي به ويندي هجي ۽ عام مڃي به ويندي هجي. تڏهن
رڳو هندو واپاري ئي ٿوري گهڻي پڙهيل هجڻ جي دعويٰ
ڪري ٿي سگهيا. سي لکندا ته سنڌي هئا، پر اها
ديوناگري لپيءَ ۾ لکندا هئا، جنهن جي مسلمانن کي
خبر ئي ڪانه پوندي هئي، ۽ هندو واپاري طبقن جي
پڙهيل هجڻ جو وڏو سبب هو حساب ڪتاب رکڻ جي ضرورت.
مسلمانن جي تعليم لاءِ تڏهن رڳو مڪتب هوندا هئا.
1853ع ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور وارين ڪليڪٽرين
اندر اهڙن مڪتبن جو تعداد ڇهن سون کان وڌيڪ ٻڌايو
وڃي ٿو. هيءُ انگ پڪ ئي پڪ گهڻو غلط ۽ گهڻو ڪري
گهٽ ڪٿيل آهي. سنڌ جي عام ماڻهن ۾ تعليم لاءِ گهڻو
چاهه ڪونه هو ۽ چڱي چڱي مدت تائين سواءِ شهرن جي
ٻيو ڪٿان واويلا نه ٿي ته اسڪول کوليا وڃن. سرڪار
خانگي اسڪولن کي همتايو ٿي ۽ جيڪي خانگي ادارا
منظور ڪيل نصاب موجب تعليم ڏيندا هئا، تن سڀني جي
مالي مدد ڪندي هئي. عوام جي وڏي اڪثريت تڏهن به
ٻارن کي پڙهائڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، خاص ڪري
ڇوڪرين کي پڙهائڻ عيب سمجهيو ويندو هو. 1887ع
تائين ڪو اهڙو باقاعدي تعليمي کاتو ڪونه هو، جنهن
۾ گهربل لياقت رکندڙ تعليمي عملدار هجن ۽ ايندا
رهن. تنهن سال مسٽر گائيلس کي سنڌ ۾ تعليم جي حالت
تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مسٽر
ايڇ. پي. جئڪب کي ساڳي سال جولاءِ ۾ سنڌ جو تعليمي
انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو. تنهن وقت کان کاتي جو ڪم
ڪار تعليمي تجربي وارا ماڻهو هلائيندا آيا. ان
هوندي به تعليم جو پوکراهي ڪندڙ ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ
اڃا گهڻو پري هو، ڇو ته سٺن واهن ۾ واڌاري جي ڪري
ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ جو انعام وڌي ويو هو، سو هنن پنهنجي
ٻارن کي ٻنيءَ جي ڪم مان ڪڍڻ ۾ ڪو خاص اتساهه ڪونه
ٿي ڏيکاريو. ملڪ جي تعليمي اداري جا انگ اکر، پوءِ
جهڙا به آهن، ڪي گهڻا خاطر خواهه نه آهن. 1864ع ۾
تعليمي ادارن جو تعداد 64 ۽ شاگردن جو 2،440 هو،
1874ع-1875ع ۾ 230 تعليمي ادارا ۽ 40،229 شاگرد
هئا، 1884ع-1885ع ۾ 375 تعليمي ادارا ۽ 24،159
شاگرد هئا، 1894ع-1895ع ۾ تعليمي ادارن جو تعداد
1،616 ۽ شاگردن جو 62،595 هو. 1904ع-1905ع ۾
تعليمي ادارن جو تعداد جيتوڻيڪ گهٽجي 1،396 تي
ويو، جا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، پر شاگردن جو
تعداد 69،555 تائين وڌي ويو. 1904ع-1905ع ۾ تعليم
پرائيندڙ ڇوڪريون فقط 4،467 هيون. مسلمان خاص ڪري
۽ اُتر جا ٻروچ وڌ ۾ وڌ، اڃا تائين ڇوڪرين کي
پڙهائڻ جي سخت برخلاف هئا. 1887ع ۾ ڪراچيءَ اندر
هڪ آرٽس ڪاليج برپا ڪيو ويو هو. 1907ع ۾ حيدرآباد
اندر هڪ ميڊيڪل اسڪول هو، جتان جا پڙهيل وڃي
سبارڊينيٽ ميڊيڪل سروس ۾ شامل ٿيندا هئا. ڪراچيءَ
واري ديارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ انجنيئري شاخ به
هئي، ۽ حيدرآباد ۾ زرعي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي.
سنڌ ۾ انگريزن جي صاحبيءَ جو هيءُ ٻيو مرحلو ذري
گهٽ پوريءَ طرح امن امان ۽ عام سلامتيءَ وارو هو.
ان زماني اندر رڳو ٻه اهڙا واقعا ٿيا، جي هن
تاريخي جائزي ۾ درج ڪرڻ لائق آهن. هڪڙو هو 1895ع ۾
حرن جي بغاوت ۽ ٻيو هو 1897ع ۾ ڪالرا جو منهن ڪڍڻ.
هت ٻنهي جو ٿورو احوال ڏجي ٿو. حرن جي تنظيم جو
ڪجهه احوال ”ملڪ جا ماڻهو“ واري باب ۾ ڏنل آهي.
اهي ماڻهو، جي پاڻ کي ’حر‘ سڏائڻ پسند ڪندا آهن،
تن جي جماعت شايد منفرد آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾
ان جهڙي جماعت جو ٻيو ڪو مثال نٿو ملي. سچ پچ ته
حرن جو سماجي ڄاڻ جو لحاظ کان اڀياس ڪرڻ پر لطف
ٿيندو. اڃا ته انهيءَ ڏس ۾ ڪو خاص ڪم نه ڪيو ويو
آهي. هو هڪ جماعت، برادري، هڪ طرح جي ڳجهي سنگت،
فدائي تنظيم ۽ مذهبي جماعت هئا.
اهو ته سنڌ ۾ ڪڇن ۽ چڏن ۾ سوڄ ڪندڙ طاعون منهن
ڪڍيو آهي، تنهن جي پڪ 8 ڊسمبر 1896ع تي ٿي، جڏهن
ڪراچي شهر جي هڪ برهمڻ بورچيءَ ۾ انهيءَ جون چٽيون
نشانيون ڏٺيون ويون. هو ٻئي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو.
وڌيڪ ماڻهو بيمار ٿيا ۽ 29 تاريخ ميڊيڪل بورڊ
اعلان ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪالرا (طاعون) وبائي شڪل
اختيار ڪري چڪي آهي. ماڻهن ۾ اچي ٿرٿلو پيو ۽ جن
علائقن ۾ گهڻا ماڻهو ڪالرا جو شڪار ٿيا، اتان جا
رهواسي ريل ڇيل ڀڄڻ لڳا. اڻڄاڻ ۽ اڻپڙهيل ماڻهن جو
هي فطري ردعمل هو. هو پنهنجن بيمارن کي لڪائي
ڀروارن ڳوٺن ڏانهن کڻي ٿي ويا ۽ اهڙيءَ ريت وبا کي
پاڻ وڌيڪ ٿي پکيڙيائون. سڄي صوبي ۾ انهيءَ وبا
وگهي جيڪي موت ٿيا، سي گهڻا ڪونه هئا، ۽ انهن جو
عشر عشير به نه هئا، جي 1918ع ۾ آيل انفلوئنزا
واري وبا ۾ ٿيا هئا. انهيءَ وبا ۾ ايترا ته گهڻا
ماڻهو مئا جو آدمشماريءَ جي قدرتي واڌ سڄا ساڍا
ڏهه سال متاثر رهي. ڪالرا واري وبا ۾ سڄيءَ سنڌ
اندر ڪل 6،420 ماڻهو انهيءَ مرض جو شڪار ٿيا، جن
مان 4،829 مري ويا. ڪراچيءَ ۾ ڊسمبر کان شروع
ٿيندڙ ماهوار انگ اکر ڏيکارين ٿا ته وبا ڪيئن شروع
ٿي، ڪيئن وڌي ڇيهه تي پهتي ۽ ڪيئن گهٽبي گهٽبي ختم
ٿي وئي. انهن انگ اکرن موجب، ڊسمبر 1896ع ۾ 59،
جنوري 1897ع ۾ 743 فيبروريءَ ۾ 995، مارچ ۾ 864،
اپريل ۾ 538، مئي ۾ 167، جون ۾ 23 ۽ جولاءِ ۾ 9
موت ٿيا. سرو ۽ ٿر انهيءَ وبا کان گهڻي ڀاڱي آجا
رهيا البت 1905ع ۾ سکر ضلعي اندر 19، لاڙڪاڻي ۽
مٿين سنڌ جي سرحدي ضلعي اندر 73 ڪيس ٿيا.
ٽيون ۽ آخري مرحلو 1907ع کان 1947ع تائين:
گهڻي ڀاڱي سياسي:
ڏکڻ آفريقا ۾ جنگ جي مصيبتن جي باوجود ويهين صديءَ
جي شروعات ماٺيڻي ۽ سانتيڪي هئي ۽ منڍ ۾ اهڙا ڪي
اهڃاڻ ڪونه هئا ته ڪو اها اڳتي هلي انقلابن جو دور
ثابت ٿيندي، ته ڪو ان ۾ ٻه عالمي جنگيون لڳنديون،
جن جي ڪري برطانيا جي پنهنجين بيٺڪن، تابعدار ملڪن
۽ سندس حفاظت هيٺ آيل علائقن ڏانهن روش مٽجي ويندي
۽ انهن ڏيهن ۾ قوم پرستاڻي خود اختياريءَ جي گهر
هن احساس هيٺ بيحد تيز ٿي ويندي ته هاڻ کين ايترو
تجربو ٿي ويو آهي جو پنهنجي ملڪ جي حڪومت پاڻ
هلائي سگهن. ننڍي کنڊ ۾ سياسي بي آراميءَ ۽ قوم
پرستيءَ واري جذبي جي اوسر جون پهريون نشانيون
بنگال ۾ ظاهر ٿيون. سنڌ سياسي طرح پٺتي پيل رهي،
پر پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري سياسي
حالتن جي ٿوري ٿوري سار رکڻ شروع ڪيائين. هيءُ
شهري نافرمانيءَ يعني ستياگرهه جي پهرين هلچل جو
زمانو هو سيتاگرهه، جنهن کي مسٽر گانڌيءَ چيڙائڻ
خاطر ’سچ جي هڪ پُرجهه‘ ٿي سڏيو. ان هلچل جو سنڌ ۾
پڙلاءُ ٿيو پر گهڻي ڀاڱي رڳو هندن جي عامل ۽ لهاڻا
ذاتين ۾، سندن مقصد پوليس ۽ انتظامي اختياريءَ
وارن کي زوريءَ غلط حالت ۾ آڻڻ ۽ اهڙي صورتحال
پئدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ وڳوڙ ۽ مزاحمت ڪندڙ انبوهن
خلاف طاقت جو استعمال ضروري ٿي پوي، اهڙيءَ ريت
هنن بي آراميءَ جي وڌندڙ باهه ۾ وڌيڪ ٻارڻ اڇلايو.
سنڌ جي مسلمان آبادي، گانڌيءَ جي هلچل کان ذري گهٽ
پوريءَ طرح الڳ رهي. انڊين نيشنل ڪانگريس، جنهن تي
هندو حاوي هئا، تنهن جي ڪوشش هئي ته هلچل کي ڪل
هندستان هلچل ڪري پيش ڪجي، جنهن جي هندو توڙي
مسلمانن ٻنهي حمايت ٿي ڪئي. ان جون ڪوششون سنڌ ۾
بلڪل ناڪام ويون. ذري گهٽ سڀ مسلمان مسٽر گانڌيءَ
جي دليلن ۽ اپيلن جي برخلاف هئا. هنن جي نظر ۾
مسٽر گانڌي سڀ کان پهرين هڪ هندو هو، جنهن بي چيني
پيدا ڪري انگريزي راڄ جي جاءِ تي هندو سوراج آڻڻ
ٿي چاهيو.
ٻن مهاڀاري لڙاين جي وچ واري مدت (1918ع کان 1939ع
تائين) ۾ ٻه مکيه واقعا اهڙا ٿيا، جي سنڌ جي تاريخ
جي هن تذڪري ۾ ڄاڻائڻ جي لائق آهن: پهريون واقعو.
هو انفلوئنزا جي وبا جو، جنهن 1918ع جي پڇاڙيءَ ۾
سنڌ اندر اصل باهه ٻاري ڏني. هن موتمار وبا ملڪ جي
ماڻهن جو تمام وڏو تعداد ناس ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ وارا
ڏهه سال آباديءَ جي قدرتي واڌ کي متاثر رکيو.
1921ع واري ڳڻپ جا انگ اکر انهيءَ قيامت خيز وبا
راڱا پوريءَ طرح نروار ڪن ٿا. ٻيو ذڪر لائق واقعو
هو سنڌونديءَ تي سکر وٽ بئراج جو ٺهي راس ٿيڻ،
جنهن جو نالو بمبئي جي تڏهوڪي برجستي گورنر، سر
جارج لائيڊ، جي نالي پٺيان ’لائيڊ بئراج‘ هو. هيءَ
شاندار رٿا 1932ع ۾ مڪمل ٿي ۽ هڪدم چالو ٿي وئي.
هيءُ هڪ عظيم الشان ڪارنامو هو، جنهن سنڌ جي
اقتصاديات ۾ هڪدم ڦيرو آڻي ڇڏيو ۽ فصلن جي نه ڀاڙي
سگهڻ جوڳي پيدائش خلاف، جيڪا اڳي رڳو آبڪلاڻي واهن
جي وهڪري تي منحصر هوندي هئي، هڪ عاليشان قسم جو
حفاظتي ويمو ثابت ٿي. 1935ع ۾ سنڌ کي بمبئي
پريذيڊنسيءَ کان ڌار ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون، ۽
پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ هڪ ڌار صوبو بڻجي وئي،
جنهن کي پنهنجو گورنر (نيپيئر جي ڏينهن کان پوءِ
پهريون) ۽ پنهنجي سٺ ڄڻن جي چونڊيل قانون ساز
اسيمبلي هئي.
ويهين صديءَ جو چوٿون ڏهاڪو سخت مالي گهوٽالي جو ۽
زرعي منديءَ جو زمانو هو، جو تڏهن سڄي دنيا ۾ جنسن
جا اگهه ڪِري پيا هئا، 1939ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي
لڳي، جنهن سنڌ لاءِ ڪيترائي نوان مسئلا پيدا ڪيا.
ٻي عالمي جنگ سان اگهن جو ڪِرڻ بند ٿي ويو. لائيڊ
بئراج مُنڍ ۾ ٿوري مشڪلات ڏٺي، پر پوءِ ٺاهوڪو
نفعو ڏيڻ لڳي، جنهن مان سنڌ ۾ ڪجهه شاندار نيون
جايون ٺهيون، جهڙوڪ: قانون ساز اسيمبليءَ جي
عمارت. ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۽ عمدو ۽ شانائتو گورنمينٽ
هائوس، جنهن انهيءَ اڻوڻندڙ عمارت جي جاءِ ورتي جا
سرچارلس نيپيئر جي ڏينهن ۾ اڏائي وئي هئي. جڏهن
آمريڪا عالمي جنگ ۾ شامل ٿيو، تڏهن ڪراچي عملي طرح
آمريڪي اڏو بڻجي وئي. مسٽر گانڌيءَ جي ”شخصي شهري
نافرمانيءَ واري مهم“ ناڪام ٿي چڪي هئي. سو هن
1942ع ۾ ’هندستان خالي ڪريو‘ هلچل هلائي، ته جيئن
هندستان جي جنگي ڪوششن ۾ رخنو پوي. ان هلچل ڪري
هندستان ۾ سخت بدامني پيدا ٿي، خاص ڪري تن ايراضين
۾، جتان جپان سان وڙهندڙ هندستاني فوجن جو لنگهه
هو. سنڌ ۾ انهيءَ قسم جا وڳوڙ ڪونه ٿيا، پر سڄي
هندستان ۾ بدناميءَ ۽ وڳوڙن تان حرن کي جهڙوڪر
هُشي ملي وئي ۽ هڪ طرح جي کليل بغاوت شروع ڪري
ڏنائون. ٻين تخريبي ڪارواين سان گڏ ريلون به
ڪيرائڻ لڳا. هيءَ پريشان ڪندڙ بغاوت تڏهن وڃي بند
ٿي، جڏهن ان لاءِ خاص فورس ٺاهي وئي.
جنگ جي پوين ڏينهن ۾ جي واقعا ٿيا، تن ۾ ’ڪرپس مشن
۽ وزراتي مشن‘ جو اچڻ ۽ هندستان لاءِ آئينده آئيني
جوڙجڪ بابت ڳالهين جو ٿيڻ شامل آهن. پر انهن واقعن
کي سنڌ جي آئيني اوسر سان گڏ بيان ڪرڻ وڌيڪ واجبي
ٿيندو. آئيني اوسر جو ذڪر هن گزيٽئر جي باب
اڻويهين ۾ آيل آهي 1945ع ۾ جنگ جي پڄاڻيءَ سان
نوَن سياسي مسئلن ۽ ڳڻتين جو سلسلو پئدا ٿيو.
آخرڪار انهن مشڪلاتن ۽ ڳڻتين کي هيءُ فيصلو ڪري
نبيريو ويو ته ننڍي کنڊ کي پاڪستان ۽ هندستان نالي
ٻن الڳ الڳ رياستن ۾ ورهائي مڪمل آزادي ڏني وڃي.
نئين جوڙجڪ هيٺ سنڌ پاڪستان جي آزاد رياست جو هڪ
خودمختيار صوبائي ۽ وفاقي جُزو بڻجڻ ۾ آئي، جنهن
کي پنهنجو گورنر ۽ قانون ساز اسيمبلي هئي، سندس
حيثيت پاڪستان جي ٻين اهڙن وفاقي جزن سان برابري
واري هئي جن کي پنهنجا گورنر ۽ قانون ساز
اسيمبليون هيون، جيئن ته پنجاب ۽ اتر- اولهه سرحدي
صوبو، انهن ٽن جزن بلوچستان ۽ خيرپور، بهاولپور ۽
ڪن ٻين معمولي رياستن سان گڏجي اولهه پاڪستان ٿي
ٺاهيو، جنهن وري اوڀر پاڪستان (اوڀرندون بنگال)
سان گڏجي پاڪستان جي وفاقي حڪومت جي تشڪيل ٿي ڪئي.
سنڌ، پاڪستان جي مسلمان مملڪت ۾ شامل ٿي ته، پڙهيل
هندو طبقو سنڌ مان لڏي ويو. جنهن جي ڪري ڦير گهير
واريون مشڪلاتون هيڪاري وڌي ويون. پر تڏهن به
ايترا عملدار موجود هئا، جي سکيا ڏيئي ڪافي تعداد
۾ ٻيا عملدار تيار ٿي ڪري سگهيا ته جيئن ملڪ جو ڪم
ڪار هلندو رهي. انهيءَ سرڪاري عملي جو هجڻ سچ پچ
ته هن ملڪ لاءِ تمام ضروري هو. ورهاڱي اهڙا مسئلا
پيدا ڪيا، جي نه نبرڻ جوڳا ثابت ٿي ٿي سگهيا ۽
پاڪستان کي مونجهاري ۽ انتشار جو شڪار بڻائي ٿي
سگهيا. ائين برابر آهي ته سنڌ واقعن جي وڏي واڌاري
۾ معمولي ڪردار ادا ڪيو، پر ان جيڪو آزمودو
بروءِڪار آندو، سو وقت جي تقاضا موجب ۽ اتان جي
ماڻهن جي روايتن سان ٺهڪندڙ هو. ملڪي ڪاروبار
هلائڻ لاءِ جا رٿا اختيار ڪئي وئي، سا انگريزي راڄ
کان ورثي ۾ مليل بنيادن تي ٻڌل هئي. انهيءَ رٿا کي
بدليل حالتن جي مخصوص ضرورتن سان مفصل طرح ٺهڪائڻ
بلڪل ٿيڻ جوڳو معاملو ثابت ٿيو.
انگريز راڄ جي پوين چاليهن ورهين ۾ سنڌ اندر سياسي
سجاڳيءَ جو وڌڻ ۽ قوم پرستيءَ واري نه بلڪ قومي
جذبي جو اُسرڻ اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي هندستان
جي تڏهوڪي سياسي تاريخ جي حوالي سان ئي سمجهي
سگهبو. پڙهندڙن جي اڳيان صحيح تصوير رکڻ لاءِ
ضروري آهي ته هندستان جي ٻن سياسي تحريڪن جي تاريخ
جو ٿورو ذڪر ڪيو وڃي، يعني اقتدار جي منتقليءَ کان
اڳ وارن اسي ورهين جي تاريخ جو. اڻويهين صديءَ جي
پڇاڙيءَ کان وٺي برطانيا هندستان ۽ پاڪستان کي
اقتدار جي منتقليءَ تائين واري دؤر ۾ سنڌ اندر جا
سياسي سجاڳي آئي، تنهن جي بيان ۾ مسٽر گانڌيءَ جي
ذڪر کان سواءِ رهي نه سگهبو. هن هندستاني سياست جي
جهڳڙن ماريل ناٽڪ ۾ ڪنهن ڏرگهيل ديوَ جيان
منڊڪائيندي، پنهنجن ورتن، ڌرڻن، هفتيوار پرڄا
گڏجاڻين، چپ رهڻ جي ڏهاڙن ۽ سياست مان مرضي پئي
نڪرڻ ۽ مرضيءَ پئي اچڻ سان هڪ اهڙي روايت قائم ٿي،
جنهن جي ڪري هندو عوام کيس خاص طرح ڀانئڻ لڳو. اهي
ماڻهو سندس طاقت جو سر چشمو هئا. هندن ۾ پنهنجي
انهيءَ پرڄا جي حد تائين مقبوليت تي ڀاڙيندي هن اڳ
پوءِ پاڻ کي ايتري پاڻيءَ ۾ ڏٺو جو انگريزي راڄ جي
مضبوطيءَ کي اهڙن طريقن سان للڪارڻ لڳو، جي هميشه
هلاک ڪندڙ، اڪثر خطرناڪ ۽ آخرڪار اثرائتا ثابت
ٿيا. مسلمانن ۾ هن جا پوئلڳ ڪي ٿورڙا ئي هئا. ان
جو سبب ظاهر آهي. هو جن ڳالهين جو حامي هو، تن کي
اسلام جي مڃيندڙن ڌڪاريو ٿي. سندس بغاوت جو ڏانءُ
آئرش فينسيائين
جي ڇڙواڳيءَ، ٽالسٽاءِ
جي راڄ ڊوهه واد ۽ ٿورو
جي اڻ ٺهئي شهري وروڌپڻي جو غير معمولي ميلاپ هو.
سچ پچ ته هن ’سِول نافرماني‘ وارو اصطلاح ورتو ئي
ٿورو کان هو. اها سول نافرماني سڄا سارا ٽيهه
ورهيه هن جي سيايسي اسلح خاني جو مکيه هٿيار رهي.
هن جو ذهن بنيادي طرح هڪ هندوءَ جو ذهن هو هن جي
زبردست ۽ پرخلوص خواهش هئي ته هندو سماج کي
سڌاريان ته جيئن ان ۾ ذات پات جي متڀيد جي ڪري جا
اوچ نيچ آهي، سا گهٽ ٿئي. هو عظيم انسان هو يا نه،
تنهن جو فيصلو تاريخ ڪندي. هيءُ زمانو انهيءَ جوڳو
نه آهي جو ٿدي سيني سان ڪو فيصلو ڏيئي سگهي. هو
يقيناً طاقت وارو ماڻهو هو. جي هو نه هجي ها، تڏهن
به هندستان کي آزادي ملي ها ۽ شايد ايتري ئي تڪڙي
ملي ها.
هندستان کي جلد آزادي وٺي ڏيڻ ۾ مسٽر گانڌيءَ جو
حصو ڪهڙو به هو، انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ هن جيڪي
مهمون هلايون، تن هندستان جي هر ڀاڱي ۾ هندن ۽
مسلمانن جي وچ ۾ ويڇو وڌائي ڇڏيو ۽ هڪڙي گڏيل
هندستان جي آدرش کي پوريءَ ريت اڻ ٿيڻو ڪري ڇڏيو.
برطانوي سياستدان هڪ پوري پيڙهي تائين وقت جا اهي
چٽا اهڃاڻ سڃاڻي نه سگهيا، توڻي جو هندستان جي
سڄاڻ ڪامورن لاءِ اهي بلڪل پڌرا هئا. برطانوي
پارليامنٽ انڌن واري هوڏ سان ان آدرش تي قائم رهي.
هندستاني قوم پرستيءَ جيئن ئي پوريون وکون کڻڻ
شروع ڪيون، تيئن ئي مقصد اڻ ٿيڻو ٿي ويو ۽ ٻئي
يعني 1936ع واري گورنمٽ آف انڊيا ائڪٽ کان اڳ ئي
اهي وکون کڄڻ شروع ٿي ويون هيون، جنهن به ماڻهوءَ
کي هندستان جي تاريخ جي پوري پوري ڄاڻ هئي، تنهن
ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته مسلمان ڪنهن به اهڙي سياسي
اتحاد ۾ شامل نه ٿيندا، جنهن جا حاڪم مذهبي عقيدن
۾ کانئن بنهه مختلف ۽ روايتن ۽ سماجي خيالن ۾ بلڪل
ڌاريا هوندا. تنهن هوندي به برطانوي سياستدان سالن
جا سال وڏي يقين ۽ خوشيءَ سان بٺ واري کيڙيندا
رهيا. سندن اکيون ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کوليون. ان
لڙائيءَ برطانوي عوام مان هندستان کي وڌيڪ غلام
رکڻ جي خواهش ختم ڪري ڇڏي. پر برطانيا جي
سياستدانن کي عين وقت تي احساس ٿيو، جا ڳالهه
انهيءَ حقيقت جو مثال آهي ته چڱائيءَ جي اُميد
ڪيئن نه ذهين ماڻهن کي به انڌو ڪيو ڇڏي ۽ اهو اکين
آڏو ٿيندڙ واقعن جي اصل اهميت پروڙڻ کان قاصر
رهجيو وڃن.
هندستان جو سياسي ناٽڪ هندستانين کي وائسراءِ جي
ڪائونسلن تي آڻائيندڙ منٽو مارلي سڌارن منجهان
تڪڙو تڪڙو لنگهي مانيٽگو چيمسفورڊ سڌارن تي پهتو ۽
1920ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ تي پورو ٿي
ويو. انهيءَ قانون صوبي ۾ حڪومت جو ٻٽو سرشتو
آندو، پر مرڪز ۾ نه. ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي جي آزار
وارن ڏينهن ۾ سول نافرماني ۽ ستياگرهه ٿي، لوڻ
واري قانون خلاف هلچل هلي. وچ ۾ 1930ع واري گول
ميز ڪانفرنس ٿوري ٺاڀر آندي. 1936ع واري گورنمينٽ
آف انڊيا ائڪٽ صوبن کي پنهنجي حڪومت پاڻ هلائڻ جو
حق ڏنو ۽ وسيع راءِ دهيءَ جي بنياد تي چونڊن جو
جهموري سرشتو رائج ڪيو، پر مرڪز کي بدستور حڪومت
جي ٻٽي سرشتي وارن ويچارن جي آماجگاهه رهڻ ڏنو.
اهي اُپاءُ هندستاني انتهاپسندن کي راضي نه ڪري
سگهيا. 1940ع ۾ مسٽر گانڌيءَ انفرادي سول نافرماني
شروع ڪئي ۽ 1942ع ۾ ’هندستان خالي ڪريو‘ مهم
هلايائين.
مسٽر گانڌي برطانيا جي سرڪار تي زور آڻڻ لاءِ وقت
جي چونڊ وڏي سياڻپ ۽ چالاڪيءَ سان ڪندو هو. 1920ع
واري سول نافرمانيءَ جي تحريڪ اهڙي وقت هلائي وئي
هئي، جڏهن پهرين عالمي لڙائيءَ کان پوءِ دنيا
ڪسادبازاريءَ ۽ مايوسي جي مٺ ۾ هئي لوڻ جي قانون
خلاف ستياگرهه 1929ع ۾ وال اسٽريٽ واري سٽي بازار
۾ اگهن جي پٽ پوڻ کان سگهو ئي پوءِ يعني 1930ع ۾
ٿي. هن ستياگرهه جو زمانو به اهو ئي هو، جو
عالمگير مندائيءَ جي شروعات جو هو- اها مندائي، جا
ڏهاڪو ورهيه هلي ۽ جنهن جي ڪري زرعي جنسن جا اگهه
ايترا ته ڪري پيا جو آبادگارن کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن
ڏسڻا پيا. (1940ع واري انفرادي سِول نافرمانيءَ جي
مهم جرمنيءَ خلاف جنگ جي سڀني ۾ خراب مرحلي دوران
هلائي وئي، ۽ ’هندستان خالي ڪريو‘ هلچل 1942ع ۾
تڏهن شروع ڪئي وئي، جڏهن ائين ٿي لڳو ته جپان جون
فوجون آسام ۽ اوڀرندي بنگال ۾ آيون ڪي آيون.)
ويهين صديءَ جي شروعات وقت سنڌ سياست مان بنهه
اڻڄاڻ هئي ۽ ان ۾ ڪو چاهه ڪونه هئس. تنهن هوندي به
هندستان اندر سياست هڪڙي پيڙهيءَ کان چالو هئي.
1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو ويو.
جنهن جو مقصد آزاد خيالن جي ترجماني ڪرڻ ۽
هندستان جي حڪومت ۾ هندستاني نقطئه نگاهه کان
سڌاري تي ماٺيڻو بحث ڪرڻ هو. 1907ع تائين ان ڪو
خاص ٻوٽو نه ٻاريو. ان سال سورت واري ميڙ ۾ اختلاف
پيدا ٿي پيا. اعتدال پسندن ۽ انتها پسندن جي وچ ۾
اختلاف بنيادي ثابت ٿيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ انتها پسند
ڪانگريس تي قبضو ڪري ويا. 1920ع ۾ ان جي واڳ مسٽر
گانڌيءَ جي هٿن ۾ آئي. 1927ع ۾ ان هندستان جي منزل
آزادي ٺهرائي. 1928ع واري ميڙ ۾ ڪانگريس ڊومينئن
واري حقيقت مڃڻي ڪئي. پر انهيءَ شرط سان ته اها
1929ع جي پوري ٿيڻ کان اڳ ڏني وڃي، پر 1929ع ۾ ان
اها خاطري گهري ته گول ميز ڪانفرنس ۾ ڳالهين جو
بنياد ڊومينئن حيثيت هوندي. 1929ع ۾ اعلان ڪيائين
ته ان جو مقصد پورن سوراج آهي. 1930 ۾ خود ڪانگريس
مسٽر گانڌيءَ جي سول نافرمانيءَ واري مهم جي
پٺڀرائي ڪئي. 1934ع ۾ سول نافرماني بند ڪئي وئي ۽
مسٽر گانڌي ڪانگريس تان رٽائر ٿي ويو. پر تڏهن به
اها سندس چئي ۾ رهي. 1936ع کان 1939ع تائين
ڪانگريس ٿلهي ليکي آئيني دائري اندر ڪم ڪيو ۽
ڪيترن ئي صوبن ۾ حڪومتون ٺاهيائين. 1939ع ۾ جنگ
لڳي ته ڪانگريس صوبائي حڪومت مان پنهنجا وزير واپس
گهرايا ۽ مسٽر گانڌي کي ڪل اختياري ڏيئي ڇڏي، جنهن
جنگي ڪاروائيءَ خلاف وري سول نافرمانيءَ جي تحريڪ
شروع ڪري ڏني. اها فردن تائين محدود هئي، پر
پنجويهه هزار ڪانگريسي اڳواڻن ان ۾ بهرو ورتو.
1942ع ۾ ڪانگريس سر اسٽئفورڊ ڪرپس جي رٿ رد ڪئي،
جا برطانيا جي جنگي ڪابينا تيار ڪئي هئي ته جيئن
هندستان جي سياسي جماعتن سان ڳالهيون جاري رکي
سگهجن. آگسٽ 1942ع ۾ ’هندستان خالي ڪريو‘ هڪ هلچل
شروع ڪئي وئي. ان جي نتيجي ۾ هندستان جي اڪثر ڀاڱن
۾ وسيع پيماني تي بدامني پيدا ٿي. 1942ع ۾ مسٽر
گانڌيءَ چيو هو ته فرقن جي وچ ۾ ٻڌي ’ٽين ڌر‘ يعني
انگريزي راڄ نڪرڻ کان پوءِ ئي اچي سگهندي. جون
1942ع ۾ ’هريجن‘ ۾ لکندي مسٽر گانڌي چيو: ”آءٌ
هندو مسلم ٻڌيءَ جي جهوني ۾ جهونن عاشقن مان هجڻ
جي دعويٰ ٿو ڪريان ۽ اڄ به آهيان. آءٌ پاڻ کي
پڇندو رهيو آهيان ته مون سميت سڀني طرفان ٻڌي
ڪرائڻ جي هر دل و جان سان ڪيل ڪوشش آخر ناڪام ڇو
ٿي آهي، ۽ اهڙي ته بري طرح ناڪام ٿي آهي جو آءٌ
نظرن مان ئي ڪِري پيو آهيان ۽ مسلمانن جون ڪي
اخبارون مون کي هندستان ۾ اسلام جو وڏي ۾ وڏو دشمن
ڄاڻائي رهيون آهن. آءٌ هن بي دليي نتيجي تي پهتو
آهيان ته هندستان ۾ انگريزي راڄ جي آخري پڄاڻيءَ
کان ذري گهٽ هڪدم پوءِ ٻئي جاتيون پاڻ ۾ ٻڌجي
وينديون. جيڪڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، ٻنهي جي ترت
منزل آزادي آهي ته پوءِ سڀڪو بنا ڪنهن ٺهراءُ ڪرڻ
جي سڀڪو گڏجي غلاميءَ مان ڇٽڻ جي ڪوشش ڪندو. جيئن
ئي غلاميءَ جو انت آيو، تيئن ئي نه رڳو هي ٻه
جماعتون پر سڀ ڌريون پنهنجو فائدو گڏجي ڪم ڪرڻ ۽
آزاديءَ مان ڀرپور ڪارج وٺڻ ۾ فائدو ڏسنديون ته
جيئن اهڙي قومي حڪومت جي اوسر ٿئي جا هندستان جي
مزاج سان ٺهڪندڙ هجي.“
هندستان جي مسلمانن کي انهيءَ ڳالهه سان اتفاق
ڪونه هو، ڇو جو ماضيءَ ۾ کين ڪانگريس جي مسلم دشمن
پالسيءَ جو آزمودو ٿي چڪو هو.
هن زماني دوران مسلمان وڳوڙن کان بلڪل الڳ رهيا ۽
1943ع جي بهار ۾ بدامني ختم ٿي وئي. 1944ع ۾ مسٽر
گانڌيءَ مسلم ليگ جي اڳواڻ، قائد اعظم محمد علي
جناح کي هندو مسلم اتحاد جي ضرورت بابت خط لکيو ۽
سيپٽمبر 1945ع ۾ هڪ عبوري معاهدو ٿيو، جنهن هيٺ
مرڪز ۾ قومي حڪومت ٺهي، جنهن ۾ انڊين نيشنل
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا عيوضي کنيا ويا. هيءَ قومي
حڪومت آگسٽ 1947ع تائين اقتدار ۾ رهي، جڏهن
برطانيا طرفان اعليٰ اقتدار هندستان ۽ پاڪستان کي
منتقل ڪيو ويو. سياسي ولوڙ ۽ سجاڳيءَ جي واڌاريءَ
جو هيءُ بيان انڊين نيشنل ڪانگريس جي نقطئه نظر
کان هو، پر هن جماعت جو ذري گهٽ سمورو اثر هندن تي
هو. وقت بوقت جيڪي ٺهراءُ بحال ڪيا ويندا هئا، تن
جو مسلمانن تي خير ڪو اثر ٿيندو هو. مسلمانن جي
چوڻ موجب، اهي ٺهراءُ هندو گهڻائيءَ جي آرزوئن
موجب هوندا هئا ۽ انهن جو مقصد مسلمان اڪثريت وارن
علائقن تي هندن جو غلبو قائم ڪري مسلمانن جي وجود
کي خطري ۾ وجهڻ هوندو هو. پر جيئن ته سنڌ اندر
هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ هئا ۽ وڻج واپار ڪندا هئا،
ان ڪري مسٽر گانڌيءَ جي پروپئگنڊا جو مٿن ستت ئي
ڪافي اثر پيو. 1919ع کان وٺي سنڌ ۾ جو سياسي هل
هنگامو شروع ٿيو، سو هندن جي سياسي ولوڙ وجهندڙن ۽
پرچارڪن جي سرگرمين جو نتيجو هو، ۽ اهو ئي زمانو
هو، جڏهن سنڌ اندر هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيئن
پوءِ وڌيڪ تاءُ پيدا ٿيو. در حقيقت ته 1920ع کان
سنڌ ۾ سياسي وڳوڙ گهڻي ڀاڱي شهرن تائين محدود
رهيو، شهرن کان ٻاهر آدمشماريءَ ذري گهٽ سڄي جي
سڄي مسلمانن جي هئي ۽ مسٽر گانڌيءَ جي پروپئگنڊا ۾
ڪا دلچسپي ڪونه ورتائون.
هندستان جا مسلمان سڄي ليکي سياست ۾ چاهه وٺڻ جي
معاملي ۾ تمام پٺتي پيل هئا، پر انڊين نيشنل
ڪانگريس ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، تنهن کي ڏسندي
1906ع ۾ وڃي احساس ٿين ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻ
گهرجي. سو تنهن سال ڪل هندستان مسلم ليگ جو وجود
عمل ۾ آيو. 1916ع ۾ اها ايتري مضبوط ٿي وئي جو
انڊين نيشنل ڪانگريس سان لکنئو وارو ٺاهه ڪيائين.
مانٽيگو چيمسفورڊ سڌارن سان مسلمانن جو سياست ۾
چاهه هيڪاري وڌيو ۽ هو انتظامي جوڙجڪ ۽ سرڪاري
نوڪرين ۾ وڌيڪ حصي جي آرزو رکڻ لڳا. 1928ع ۾ هڪ ڪل
جماعتي مسلم ڪانفرنس ٿي، جنهن مسلمانن کي ليگ کان
وڌيڪ اثرائتي جماعت ۾ منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
1934ع ۾ مسلم ليگ سان نااتفاقيءَ تي پردو وجهي
مِلت کي يڪجاءِ ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو. پر 1935ع ۾
جڏهن گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ هيٺ صوبائي قانون ساز
اسيمبلين جون پهريون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. تڏهن
مسلم جماعتون مسلمانن جي هڪ طاقتور تنظيم ۾ اچي
ڪٺيون ٿيون. 1940ع ۾ لاهور ۾ مسلم ليگ هڪ ٺهراءُ
منظور ڪري ملڪ کي هندو ۽ مسلم هندستان ۾ ورهائڻ جي
گهر ڪئي. 1941ع ۾ ان کي ڇڄي ڌار ٿيڻ جي گُهر ۾
ڦيرايو ويو. ليگ 1941ع ۾ وڌيڪ طاقتور بڻجي وئي.
جتي ڪانگريس جنگ ۾ ڪا مدد نٿي ڪئي، اُتي مسلم ليگ
اهڙي روش وٺڻ کان پاسو ڪيو.
مسلمان ميمبر انفرادي طرح دل و جان سان جنگ ۾ مدد
ڪرڻ جي فائدي ۾ هئا ۽ ليگ ائين ڪرڻ کان ڪونه ٿي
جهليو. 1939ع ۾ مسلم ليگ هڪ تمام اهم ٺهراءُ پاس
ڪيو، جنهن ۾ چيل هو: ”جيتوڻيڪ مسلم هندستان
هندستاني عوام جي پرمار جي برخلاف آهي ۽ ور ور ڪري
آزاد هندستان جي فائدي ۾ اعلان ڪندو رهيو آهي، پر
ساڳي وقت اهو مسلمان، عيسائي ۽ ٻين ٿوراين تي هندو
گهڻائيءَ جي غلبي ۽ مسلم هندستان کي تابعدار بنائڻ
جي پڻ ايترو ئي برخلاف آهي، اهو هر اهڙي وفاقي
مقصد جو اڻ ڦرڻو مخالف آهي، جنهن جو نتيجو جمهوريت
۽ حڪومت جي پارلياماني سرشتي جي ويس ۾ لازمي طرح
هڪ جاتيءَ جي اڪثريتي راڄ ۾ نڪري. اهڙو آئين ملڪ
جي ماڻهن جي مزاج سان بنهه اڻ ٺهڪندڙ هوندو، ڇو جو
هيءُ ملڪ مختلف قوميتن تي مشتمل آهي ۽ قومي رياست
جي حيثيت نٿو رکي.“ 1940ع جي لاهور واري ٺهراءُ ۾
پاڪستان جو خيال پيش ڪيل هو. ان ۾ چيل هو:
”ٺهرائجي ٿو ته ڪل هندستان مسلم ليگ جي هن ميڙ جو
هيءُ توريل تڪيل رايو آهي ته هن ملڪ ۾ اهڙي ڪا
آئيني رٿا تيستائين نه هلي سگهندي، نه مسلمانن کي
منظور هوندي، جيستائين اها هيٺين بنيادي اُصولن تي
اوساريل نه هوندي. اهي اصول هي آهن ته جاگرافيءَ
جي لحاظ کان لاڳيتن يونٽن کي ايراضيءَ ۾ ضرورت
ساري ڦيرڦار ڪري اهڙيءَ ريت علائقن ۾ ورهايو وڃي
جو جن علائقن ۾ مسلمان گهڻائيءَ ۾ آهن، جيئن
هندستان جي اُتر- اولهندي ڀاڱي ۽ اوڀرندي ڀاڱي ۾،
تن علائقن کي گڏائي خود مختيار رياستون ٺاهيون
وڃن، جن ۾ شامل يونٽ خود حڪومت ۽ اعليٰ اختيار
وارا هوندا، ته يونٽن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ٿوراين جي
مذهبي، تمدني، اقتصادي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن
۽ مفادن جي حفاظت لاءِ سندن صلاح سان آئين ۾ خاص
ضمانتون موجود ڪري ڏنيون وڃن، ۽ هندستان جي ٻين
ڀاڱن ۾ جتي مسلمان ٿورائي ۾ آهن اُتي سندن ۽ ٻين
ٿوراين جي مذهبي، تمدني، اقتصادي، سياسي، انتظامي
۽ ٻين حقن ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ سندن صلاح سان
آئين ۾ واجبي، مؤثر ۽ حڪمي ضمانتون موجود ڪري
ڏنيون وڃن.“ 1942ع ۾ ڪرپس واري آڇ هندستان جي صوبن
کي اها چونڊ ڪرڻ جو حق ڏنو ته وڻين ته ڪنهن يونين
۾ شامل ٿين يا وڻين ته ٻاهر رهن ۽ پنهنجيون
رياستون قائم ڪن.
مسلم ليگ ڪرپس واري آڇ رد ڪري ڇڏي، جن سببن جي ڪري
ائين ڪيو ويو سي اهم آهن. سندس اعتراض هو ته ”ٻنهي
مکيه جاتين ۾ ٺاهه لاءِ سچين ڪوششن جي پنجويهن
ورهين ۽ اهڙين ڪوششن جي ناڪاميءَ جي ڪڙي آزمودي
کان پوءِ مسلمان قائل ٿي چڪا آهن ته انهن جاتين کي
هندستان ۾ ٻن مکيه قومن يعني هندن ۽ مسلمانن تي
مشتمل هڪڙي مملڪت ٺاهڻ تي مجبور ڪرڻ سندن ڀائيچاري
۽ ڀلائيءَ جي لحاظ کان نه انصاف آهي، نه وري ممڪن.
اعلان جي خاڪي جي مهاڳ مان لڳي ٿو ته برطانيا
سرڪار جو مکيه مقصد اهو آهي. هڪ کان وڌيڪ مملڪت
ٺاهڻ جو معاملو ڏورانهين امڪان جي ڪنڊ ۾ اُڇلايو
ويو آهي ۽ نسورو سراب آهي. ازانسواءِ، پڇاڙيءَ ۾
ڪاميٽي ڄاڻائڻ گهري ٿي ته مسلم ليگ جو موقف هيءُ
هو ۽ آهي ته مارچ 1940ع واري لاهور ٺهراءُ ۾ جا
پاڪستان واري رٿ ڏنل آهي ۽ جا هاڻ ڪل هند مسلم ليگ
جي مول متي جي حيثيت رکي ٿي، جيستائين اها واضح
طور تي قبول نه ڪئي ويندي ۽ جيستائين مسلمانن کي
خوداختياريءَ جو حق ڪنهن اهڙي سنجٽ جي مدد سان، جو
مسلم هندستان جي سچي فيصلي جي عڪاسي ڪري، ڏنو نه
ويندو، تيستائين مسلم ليگ لاءِ آئيندي بابت ڪا به
تجويز يا رٿ قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي.“ 1943ع ۾ مسلم
ليگ جي ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي
جناح، اهو چوندي ته ملڪ جي واڌاري کي روڪڻ جا
جوابدار هندو آهن، پڇيو: .ڇا اسان مسلمان سڄي ننڍي
کنڊ تي اکنڊ هندستان يا هندو راڄ قبول ڪري سگهون
ٿا؟ ڇا مسلم هندستان کان اها اُميد رکڻ ممڪن آهي
ته اهو ننڍي کنڊ ۾ اَکنڊ هندستان يا هندو راڄ کي
منظور ڪندو؟ سندن رٿ اها آهي. هنن اڃا پنهنجو خواب
ترڪ نه ڪيو آهي. ٻئي طرف وري هو آزاديءَ جون
ڳالهيون ٿا ڪن. ڪنهن جي آزادي؟ مون اوهان کي وري
وري پئي خبردار ڪيو آهي ته جڏهن هو آزاديءَ جي
ڳالهه ٿا ڪن، تڏهن هنن جو مطلب هوندو هندستان جي
آزادي ۾ مسلم هندستان جي غلامي، جيڪڏهن هندو
پنهنجي سوداءَ، خواب يا هٺ جي ڪري ٻنهي جي آزاديءَ
جي رستي ۾ رنڊڪ وجهن ٿا ۽ هڪڙي جي آزاديءَ ۽ ٻئي
جي غلاميءَ تي اصرار ٿا ڪن، ته پوءِ آءٌ اوهان کان
پڇان ٿو، ملڪ جي واڌاري کي روڪڻ وارا هند نه آهن
ته ڪير آهن؟“ اپريل 1946ع ۾ جڏهن برطانيا جو
وزارتي مشن دهليءَ آيل هو، تڏهن قائداعظم محمد علي
جناح قانون ساز اسيمبلين جي ميمبرن جو هڪ ڪل هندو
ڪننوينشن ڪوٺايو. ان ۾ سنڌ سميت مختلف صوبن جي
قانون ساز اسيمبلين جا اٽڪل ٽي سؤ سٺ ميمبر شريڪ
ٿيا. ڪنوينشن ۾ هيءُ ٺهراءُ يڪراءِ بحال ڪيو ويو:
”جيئن ته هندوستان جي هن وسيع ننڍي کنڊ ۾ ڏهه ڪروڙ
مسلمان هڪ اهڙي دين جا پوئلڳ آهن، جو سندن حياتيءَ
جي هر شعبي تعليمي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تي
حاوي آهي، جنهن جو دستور عمل فقط روحاني عقيدن، ۽
متن يا رسمن، ۽ تقريبن تائين محدود نه آهي ۽ جيڪو
هندو ڌرم ۽ فلسفي جي غير شراڪتي نوعيت کان بلڪل
الڳ نظر اچي ٿو. اهو ڌرم ۽ فلسفو، جنهن هزارن سالن
کان ذات پات جو هڪ سخت سرشتو تاتيندي ۽ قائم رکندي
سٺ ڪروڙ انسانن کي اڇوتن جي نيچ درجي تي پهچائي
ڇڏيو آهي، جنهن ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ غير
قدرتي ديوارون کڙيون ڪيون آهن ۽ هن ملڪ جي ماڻهن
جي هڪ وڏي ڀاڱي تي سماجي ۽ اقتصادي نا برابريون
مڙهيون آهن، جي انديشو آهي ته مسلمانن، عيسائين ۽
ٻين ٿوراين کي سماجي ۽ اقتصادي طرح دائمي غلاميءَ
جي اوڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏينديون، ۽ جيئن ته هندن ۽
مسلمانن جي مختلف تاريخي پسمنظرن، روايتن، تمدنن،
سماجي ۽ اقتصادي جوڙجڪن، هڪ اهڙي هندستاني مملڪت
بنائڻ ناممڪن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ساڳين آرزوئن ۽
آدرشن جو ساهه ڦوڪيل هجي، ۽ جيئن ته صدين کان پوءِ
به اهي ٻه وڏيون الڳ قومون ئي آهن، ان ڪري مرڪزي
توڙي صوبائي قانون ساز اسيمبلين جي مسلم ليگي
ميمبرن جو هيءَ ڪنوينشن ڳوڙهي ڳڻ ڳوت کان پوءِ هن
رستي اعلان ٿو ڪري ته مسلمان قوم متحد هندستان جو
ڪو به آئين ڪڏهن به قبول نه ڪندي ۽ انهيءَ مقصد
لاءِ قائم ٿيندڙ ڪنهن به هڪڙي آئين ٺاهيندڙ اداري
۾ ڪڏهن به شريڪ نه ٿيندي، ۽ اقتدار جي برطانيا کان
هندستاني عوام ڏانهن منتقليءَ لاءِ جيڪا به
فارمولا هيٺين انصاف ۽ برابريءَ وارن اصولن سان،
جن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ آهي، ٺهڪندڙ
نه هوندي، ته اها هندستان جي مسئلي کي نبيرڻ ۾ مدد
نه ڪري سگهندي: پهريون ته هندستان جي اُتر اوڀر ۾
بنگال ۾ آسام تي ۽ اُتر اولهه ۾ پنجاب، اُتر اولهه
سرحدي صوبي، سنڌ ۽ بلوچستان تي مشتمل علائقا يعني
پاڪستان وارا علائقا، جن ۾ مسلمان غالب اڪثريت
آهن، تن سان هڪ آزاد ۽ خودمختيار مملڪت جي تشڪيل
ڪئي وڃي ۽ اهو ته پاڪستان کي بنا دير قائم ڪرڻ جي
واضح ۽ چٽي ضمانت ڏني وڃي.“ ڪنوينشن ۾ شريڪ سڀني
ميمبرن هيءُ قسم کنيو: ”آءٌ هن رستي پنهنجي انهيءَ
ڪامل اعتقاد جو انتهائي سنجيدگيءَ سان اعلان ٿو
ڪريان ته هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ مسلمان قوم
جي حفاظت، سلامتي، نجات ۽ مقدر فقط پاڪستان حاصل
ڪرڻ ۾ مضمر آهي، جو آئيني مسئلي جو واحد برابريءَ،
عزت ۽ انصاف وارو حل آهي ۽ جو هن مهان ننڍي کنڊ جي
مختلف قوميتن ۽ جاتين لاءِ امن، آزادي ۽ خوشحالي
آڻيندو.“
هيءُ هو اهو موقف، جيڪي پختگيءَ سان اختيار ڪيو ۽
قائم رکيو ويو تان جو 14- آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان
برطانوي ڪامن ويلٿ اندر هڪ خودمختيار رياست جي
حيثيت ۾ برپا ٿيو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ
جي پاليسين جو، جيئن مٿي بيان ڪيو اٿئون، اڀياس
ڪبو ته هيءَ ڳالهه پڌري ٿي وڃي ٿي ته سنڌ جا
مسلمان ڪيئن سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ قومي
سجاڳيءَ جو احساس ٿين، جو اڳ موجود نه هو. هنن کي
وڏي وٿي هئي ۽ 1919ع کان مسٽر گانڌيءَ جي شروع ڪيل
سمورين سِول نافرمانين، هڙتالن، جلسن جلوسن ۽
پروپئگنڊا جي ڀرپور حمايت ڪري رهيا هئا. سنڌ جي
مسلمانن انهن ڪارواين ۾ ڪو بهرو نه ورتو، ۽ سنڌ ۾
سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ قاعدي قانون جي پابندي ڪندي
قانون ساز ڪائونسل ۽ سنڌ سرڪار جي پاليسين رستي
سياسي آزمودو حاصل ڪندا رهيا. جڏهن سنڌ جون مخصوص
حالتون يعني وڻج واپار ۾ هندن جي ذري گهٽ مڪمل هڪ
هٽي هئي، سنڌ جي سڀني وڏي ۾ وڏن شهر اندر گهڻائيءَ
۾ هئا ۽ گانڌيءَ جي پروپئگنڊا وارين مهمن جي ڏينهن
کان اهي هندو هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ جي
گانڌيءَ جي ويچارن موجب پٺڀرائي ڪندا رهيا هئا.
اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکبيون، تڏهن انگريزي راڄ جي
پوين ويهن سالن دوران سنڌ اندر فرقيوار تاءُ جي
وڌي وڃڻ تي حيرت نٿي ٿئي.
ورهاڱي کان پوءِ وارو دؤر:
1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان اڄ ڏينهن (1958ع)
تائين:
سنڌ کي پاڪستان ۾ رهندي يارهن ورهيه ٿي چڪا آهن.
گڏجي گهارڻ جي انهيءَ تجربي جو داستان لکڻ ايترو
تاريخ نويس جو ڪم نه آهي، جيترو اخبار نويس يا
واقعي نويس جو، تاريخ نويس کي لازم آهي ته: ۽
واقعن ڏانهن انهيءَ طرح جي روش اهڙي ماڻهوءَ لاءِ
ممڪن نه آهي، جو انهن جي وچ ۾ رهندڙ هجي. واقعن جي
وهڪري پويان موجود تاڃي پيٽي کي پروڙڻ ۽ ان جي
ملهه ڪٿڻ ۽ ورهين جا ورهيه لڳيو وڃن. تاهم، سنڌ جي
تاريخ کي 1947ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جاري رکڻ
جي دشواريءَ جي باوجود اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري
سگهجي ٿي ته هن عجيب نئين دنيا ۾، جا 14- آگسٽ
1947ع تي وجود ۾ آئي، سنڌ جو گذر ڪيئن پئي ٿيو
آهي؟
47/1946ع وارين سياسي ڳالهين ۾ وزارتي مشن جي رٿ
يا ٻي ڪنهن اهڙي رٿ ٺاهه ڪرائڻ ناممڪن ثابت ٿيو
هو، جا هندستان جي سؤ ورهيه پراڻي ٻڌيءَ کي قائم
رکي. برطانوي وزيراعظم مسٽر سي.آر.ائٽلي 3- جون
1947ع تي دارالعلوم اعلان ڪيو ته برطانيا سرڪار
هڪدم اهڙو بل پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته هندستان
کي هن ئي سال ڊومينئن جي حيثيت ۾ اقتدار منتقل ڪيو
ويندو. انهيءَ وچ ۾ مدراس، بمبئي، يو.پي، بهار،
سي.پي، آسام، اوڙيسا ۽ اُتر- اولهه سرحد صوبن جي
عيوضين جي اڪثريت ۽ دهليءَ، اجمير، مارواڙ ۽ ڪورگ
جا نمائندا وزارتي مشن واري رٿ جي تقاضا موجب هڪ
نئون آئين جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هوڏانهن،
مسلم ليگ پارٽي جنهن ۾ بنگال، پنجاب ۽ سنڌ جي
عيوضين جي اڪثريت ۽ پڻ برطانوي بلوچستان جا
نمائندا اچي ٿي ويا، آئين ساز اسيمبليءَ ۾ شريڪ نه
ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. اُتر- اولهه سرحدي صوبي
۾ چڱي بي اطميناني هئي اُتي هندن ۽ سکن کي 1935ع ۾
مليل ڳوراڻ جي ڪري ڪانگريس کي غيريقيني اڪثريت
حاصل هئي، پر اها صوبي جي رهاڪن جي وسيع اڪثريت جي
حمات ظاهر ظهور وڃائي چڪي هئي.
4- جولاءِ 1947ع تي دارالعلوم ۾ هندستان جي
آزاديءَ وارو بل پيش ڪيو ويو، جنهن موجب هندستان ۽
پاڪستان جون ٻه آزاد ڊومينئنون قائم ٿيڻيون هيون.
18- جولاءِ 1947ع تي ان بل شاهي رضامندي حاصل ڪري
ائڪٽ جي شڪل ورتي. لارڊ مائونٽ بيٽن، جو لارڊ ويول
جي جاءِ تي آخري وائسراءِ ٿي آيو، تنهن کي ڪانگريس
پارٽيءَ هندستان جي ڊومينئن جي گورنر جنرل طور
قبول ڪيو ۽ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو
گورنر جنرل ٿيو. 14- آگسٽ 1947ع تي برطانوي جهنڊو
يونين جئڪ جو سنڌ ۾ سرڪاري جاين تي هڪ سؤ چار
ورهيه جهوليندو رهيو هو سو لاٿو ويو. ان جي جاءِ
تي اڇي چنڊ سان سائو جهنڊو جهولڻ لڳو، جو پاڪستان
جي نئين رياست جو نشان هو. اهڙيءَ ريت سنڌ جو
پاڪستان سان ڳانڍاپو ٿيو. پاڪستان، جو ستت ئي
اسلامي رعيتي راڄ ٿيڻو هو. جڏهن پاڪستان ٺهيو،
تڏهن سنڌ پاڪستان جي وفاق ۾ هڪ خودمختيار جزي طور
قائم رهي، کيس پنهنجو گورنر ۽ قانو ساز ڪائونسل
هئي، البت هاڻ صوبائي جزو بڻجي وئي هئي، جنهن پاڻ
منجهان ڪي ميمبر مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ تي
چونڊي موڪليا. نئين آئيني بندوبست هيٺ سنڌ جو
پهريون گورنر مسٽر غلام حسين هدايت الله مقرر ٿيو.
1937ع کان سنڌ کي پنهنجو گورنر ۽ قانون ساز
ڪائونسل هئي. سو جمهوري پارلياماني ادارن کي هلائڻ
جو ٿورو گهڻو آزمودو ٿي ويو هوس. سنڌ جو پهريون
گورنر بمبئي جو هڪ غير فوجي عملدار سر لئنسلاٽ
گراهم هو. هو صاحب انهيءَ کان اڳ دهليءَ ۾ هندستان
سرڪار جو قانوني صلاحڪار هو. جنگ جي زماني ۾
سرلئسلاٽ گراهم جي جاءِ تي سر هو ڊائو آيو، جو
تمام لائق گورنر هو. ايوريمئنس انسائيڪلوپيڊيا ۾
پاڪستان تي مضمون لکندڙ سنڌ بابت چوي ٿو ته اها بي
جٽائيءَ ۽ ڌڙي بنديءَ کان مشهور آهي: انهيءَ خيال
جي ثابتيءَ ۾ سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جون ڏهه
ورهين يعني 1937ع کان پاڪستان قائم ٿيڻ تائين جون
ڪاروايون پڙهي سگهجن ٿيون. 1947ع واري هندستان جي
آزاديءَ واري ائڪٽ ان سان 18- جولاءِ تي قانون جي
شڪل ورتي. تنهن کان پوءِ ڳرا واقعا هڪٻئي پٺيان
رونما ٿي امن امان ۾ رخنو وجهڻ لڳا. 8- آگسٽ تي
ڪراچي تنهن جي گادي بڻي جنهن کي ٿورن ئي ڏينهن ۾
پاڪستان جي نئين رياست ٿيڻو هو. 11- آگسٽ تي
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آئين ساز
اسيمبليءَ جو صدر چونڊيو ويو. 17- آگسٽ تي پنجاب ۽
بنگال جي ورهاڱي بابت لارڊ ريڊڪلف جي سرواڻيءَ هيٺ
حدبندي ڪميشن جي فيصلن جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ
فيصلي پنجاب جي گهڻائيءَ وارو ضلعو گورداسپور
هندستان کي ڏياريو ۽ اهڙيءَ ريت ان ملڪ کي ڄمون ۽
ڪشمير جي رياست ڏانهن لنگهه ملي ويو. ان رياست جي
رهاڪن جي غالب اڪثريت ته مسلمان هئا، پر حاڪم هڪ
هندو مهاراجا هو. ڪميشن جي فيصلي جي پڌرائيءَ سان
ڄمون ۽ ڪشمير ۾ توڙي پنجاب ۾ ۽ ٻين هنڌن تي ڏاڍ،
خون ۽ رتوڇاڻ منهن ڪڍيو. دهشت ماريل پناهگيرن جا
وڏا ڪٽڪ ورهايل پنجاب جي ورڇيندڙ ليڪ تان اوڀر ۽
اولهه ڏانهن اچڻ لڳا. 22- آڪٽوبر تي ڪشمير ۾ ڊوگرن
جي نامقبول حاڪم گهراڻي خلاف بغاوت ٿي پئي. 19-
ڊسمبر تي هندستان جي نئين ڊومينئن جي پهرين گورنر
جنرل، لارڊ مائونٽ بيٽن هندستان ڇڏي ويندڙ آخري
برطانوي فوجن جي الوداعي پريڊ جي سلامي ورتي.
ڊسمبر جي 24 تاريخ تي ڪشمير ۾ هڪڙي پاسي هندستاني
فوجن ۽ ٻئي پاسي مڪاني باغين ۽ ڪاهي آيل مسلمان
سرحدي قبائلين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه شروع ٿي، جا
ڪشمير ۾ سخت ٿڌ جي ڪري ڍري ٿيندي ٿيندي نيٺ بند ٿي
وئي. 1949ع جي اوائل جي هندستان جي وزيراعظم پنڊت
جواهر لال نهروءَ طرفان ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن
جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاريو ويو. ستت پوي ڪشمير ۾
جنگ بندي ڪرائي وئي ۽ ڌرين جو انهيءَ ڳالهه تي صلح
ٿيو ته آمريڪي ايڊمرلِ نِمز جي سرواڻيءَ هيٺ قومن
جي ڪميشن اچي عام راءِ وٺي ته ڪشمير پاڪستان ۾
شامل ٿئي يا هندستان ۾.
11- سيمپٽمبر 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي باني
محمد علي جناح وفات ڪئي. پاڪستان جي عوام شڪر
گذاريءَ وچان کيس قائداعظم جي لقب سان نوازيو هو.
انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا جي 1949ع واري سالياني
ڪتاب ۾ آيل آهي: ”ورهاڱي سبب جيڪي مسئلا پيدا ٿيا،
تن جو ڳرو بار سندس ڪلهن تي پيو. بي انداز مسلمانن
جي پاڪستان ڏانهن ۽ هندن ۽ سکن جي پاڪستان مان
لڏپلاڻ هئي، هندستان سان جهونا ڳڙهه، ڪشمير ۽
حيدرآباد تان تڪرار هئا، ۽ ٻن هڪٻئي کان تمام
پرانهن علائقن ۾، جن تي اڳي دهليءَ کان حڪومت ڪئي
ويندي هئي، بندوبست قائم ڪرڻ جي عام جوابداري هئي.
مسٽر جناح جي صحت انهيءَ بار هيٺ جواب ڏيئي وئي.
سندس جاءِ تي سندس مکيه مسلم ليگي نائب، خواجه
ناظم الدين، آيو. جو اوڀر بنگال جو هو.“ پنجاب جي
ڀوائتن وڳوڙن جو سڌيءَ طرح سنڌ تي ڪو اثر ڪونه
پيو، پر جيئن ته ان جي سرحد هندستان جي نئين يونين
جي سرحد سان ملندڙ هئي، ان ڪري پاڻ کي سرحد ٽپي
ايندڙ بدحال پناهگيرن وگهي پيدا ٿيل مسئلن ۾ ڦاٿل
ڏٺائين. مهاجرن جي لڏي اچڻ ۽ هندن جي لڏي وڃڻ سان
ٿورن ئي مهينن ۾ سنڌ جي حالت بنهه ڦري ويئي. هندو
آدمشماريءَ جي وڏي حصي جي لڏي وڃڻ جو ملڪ هلائڻ تي
خاص اثر پيو، ڇو ته سنڌ ۾ گهڻا ڪامورا هندو هئا،
ايتري تائين جو ذري گهٽ سڀ وڏا عهدا وٽن هئا. هو
سنڌ جي وڻج واپار جا ڀرجهلا هئا ۽ اتي جا بئنڪر ۽
موڙي سيڙائيندڙ به رڳو اهي ئي هئا.
جڏهن سنڌ پاڪستان جي وفاقي رياست جو صوبائي جزو
بڻي، تڏهن کيس پنهنجي گادي ڪراچي مرڪز جي حوالي
ڪرڻي پئي، ائين جيئن پنجاب کي 1911ع ۾ دهلي
هندستان سرڪار جي حوالي ڪرڻي پئي هئي. سنڌ ۽
هندستان جي وچ ۾ جوڌپور، بيڪانير، کوکرا پار رستي
جا ريل هلندڙ هئي، سا هاڻ بند ڪئي وئي ته جيئن
ريگستان واري پاسي کان مهاجرن جي زبردست لڏپلاڻ
بند ٿئي. تن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾
اڻبڻت تمام سخت هئي.
سنڌ کي مهاجرن جي جنهن مسئلي سان منهن ڏيڻو پيو،
سو تمام وڏو هو. کاڌ خوراڪ، پاڻيءَ، روزگار،
تعليم، اسپتالن ۽ صحت صفائيءَ جي فراهميءَ لاءِ
وڏي تنظيم جي ضرورت هئي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان
پنج ورهيه پوءِ به ويچارا مهاجر کوکرا پار وٽ سنڌ
جي سرحد ٽپي ريل ڇيل ايندا رهيا.
سنڌ بيحاليءَ جي انهن ۽ لاڳاپيل مسئلن لاءِ ڇا ڇا
ڪندي رهي آهي، سو هن گزيٽيئر جي ترقيءَ،
آبادڪاريءَ ۽ رٿابنديءَ سان واسطو رکندڙ باب ۾
وڌيڪ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ ۾ اختياريءَ
وارن جو سرڪاري سرگرميءَ جي جن جن شعبن سان واسطو
آهي، تن مان ذري گهٽ هرهڪ ۾ وڏو واڌارو ڪيو ويو
آهي. ان جو مطلب ڇا آهي، سو هن گزيٽيئر جي ٻين
ڀاڱن ۾ اجاگر ٿيندو. انهن مڙني اڙانگن مسئلن جي
باوجود، آبپاشيءَ کي ساراهه جوڳي سرجوشيءَ سان
اڳتي وڌايو ويو آهي. سکر بئراج ملڪ جي وسيلن ۾
گهڻي واڌ آندي آهي. پر اختياري وارن، انهيءَ تي
راضي نه رهندي، هاڻ 1954ع ۾ ڪوٽڙيءَ وٽ هڪ ٻئي
بئراج جو اضافو ڪيو آهي. انهيءَ بئراج جو ذڪر
آبپاشيءَ واري باب ۾ ڪيو اٿئون. هن وقت مدامي
آبپاشيءَ تي هر سال جيتري زمين آباد ٿيندر آهي،
تنهن ۾ هيءَ بئراج 15 لک ايڪڙن جي واڌ آڻيندو، ۽
ان ايراضيءَ کي پاڻي پهچائيندو. جنهن کي سکر بئراج
وارو سرشتو پوريءَ ريت رسائي نٿو سگهيئ ڪوٽڙي
بئراج کان سواءِ، سکر کان پنجاهي ميل مٿي گڊوءَ وٽ
سنڌونديءَ تي هڪ ٻئي بئراج جي اڏاوت جون رٿون آخري
مرحلن ۾ آهن. هن بئراج جو مقصد مٿينءَ سنڌ جي ان
ايراضيءَ کي آبپاشيءَ هيٺ آڻڻ آهي، جا هيل تائين
سکر بئراج ۽ آبڪلاڻي واهن جي دائري کان ٻاهر رهي
آهي ٿورن ورهين اندر جڏهن گڊوءَ وٽ هيءُ بئراج
پوريءَ ريت چالو ٿي ويندو ۽ ان جون خدمتون به سکر
بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج سان شامل ٿينديون، تڏهن سنڌ
دنيا جي انجنيئري ۽ آبپاشيءَ جي وڏي ۾ وڏن عجوبن
مان هڪڙي جي مالڪ بڻجي ويندي. جڏهن سڀ مددي واهه ۽
اهي ٽيئي بئراج چالو ٿي ويندا، تڏهن سنڌ ۾ 90 لک
ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي مدامي آبپاشيءَ هيٺ اچي
ويندي. سڄي صوبي ۾ جيڪا زمين موڪي آبپاشيءَ هيٺ
اچي سگهڻ جهڙي آهي، هيءَ ايراضيءَ ان کان ٿوري گهٽ
ٿيندي. جيڪي ايراضيون سوَن جي تعداد ۾ موجود واهن
جي وهندڙ پاڻيءَ جي پهچ ۾ نٿيون اچي سگهن، سي اهڙو
مسئلو آهن، جيڪو اڃا تائين هٿ ۾ نه کنيو ويو آهي،
ڇا لاءِ جو جنهن زمين کي آبپاشي نٿي ڇُهي، سا
وارياسي، پٿرائين، ڪلراٺي يا ابتري مٿاهينءَ واري
آهي جو پاڻي ڇڪي مٿي پهچائڻو پوندو. اهڙيءَ ريت ئي
زمينن ۾ ساهه وجهندڙ جر تي رسندو. پوکي راهي ان جر
جي آڌار تي ئي ته وڌي ويجهي ٿي. آبپاشيءَ جي انهن
ٽن عظيم الشان رٿائن جي اڏاوت ۾ جا سرجوشي ۽
اڳرائي ڏيکاري وئي آهي، سا اختياريءَ وارن جي
انهيءَ احساس جو نتيجو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي
نئين زماني جو ساٿ ڏيڻو آهي ته ان کي صنعت جي
ضرورت آهي ۽ صنعت کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ آدمشماريءَ ۾
وڏي واڌ ضروري آهي، ۽ آدمشماريءَ ۾ واڌ سان ملڪ جي
زرعي پيداوار ۾ تمام گهڻي اضافي جي لوڙ پوندي.
انهيءَ مقصد ماڻڻ ۾ سنڌ گهڻي کان گهڻي مدد ڪري
سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو هينئر جيڪا زمين پهريون ڀيرو
آباديءَ هيٺ آندي پئي وڃي. سا ماڻهن کي کارائڻ
لاءِ ڪڻڪ ۽ چانور جهڙا اَن اُپائيندي ۽ ڪپهه پڻ
اُپائيندي، جنهن مان ڪپڙو اُڻي کين پارايو ويندو.
1953ع ۾ پاڪستان سرڪار تن رياستن سان هڪ ٺاهه ڪيو،
جي ان جي حدن اندر هيون. انهيءَ ڏس ۾ جنهن
پاليسيءَ تي عمل ڪيو ويو، سا لڳ ڀڳ اهڙي ئي هئي،
جا هندستان پاڻ وارين رياستن جي معاملي ۾ اختيار
ڪئي هئي. ايوريمئنس انسائيڪلوپيڊيا جي ٽئين ڇاپي ۾
’هندستان‘ نالي مضمون جي لکندڙ هيءَ ڳالهه سهڻي
نموني ۾ بيان ڪئي آهي: ”پاڪستان ٺهڻ جو مطلب هو ته
ڪيئن به ڪري پئرامائونٽسيءَ جو اڻانگو مسئلو به
نبيرڻو هو. برطانيا پئرا مائونٽسيءَ کي ورثي طور
هندستان جي يونين ۾ پاڪستان جي حوالي نٿي ڪري
سگهيو.“ هندستان جي يونين جيان پاڪستان کي هيءُ
مسئلو پنهنجي نموني ۾ حل ڪرڻو هو. ڄاڻايل
انسائيڪلوپيڊيا جو لکندڙ چوي ٿو ته حقيقت پسنديءَ
جي تقاضا هئي ته اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ته
رياستون وچين زماني جي نظاريدار جاگيرداريءَ ۽
آپيشاهيءَ جا ڳڙهه هيون، جن جو قائم رهڻ مدي خارج
هو، اهي رياستون سموري پاڪستان اندر ڦٽندڙ جمهوري
قوتن اڳيان گهڻو وقت جالي نٿي سگهيون، ٻيو ڪو رستو
ئي ڪونه هون، سواءِ ان جي ته عام سياسي جوڙجڪ جي
پوئواري ڪن. جيستائين سنڌ جو لاڳاپو هو ته متاثر
ٿيل رياست خيرپور هئي، جا جاگرافيءَ توڙي ٻوليءَ
جي لحاظ کان سنڌ جو حصو هئي، ۽ سچ پچ ته ان کان
ڌار به نيپيئر جي ڏينهن ۾ سياسي واقعن جي ڪري ٿي
هئي، جنهن انگريز سرڪار جي تابعداري مڃڻ تان مير
مراد علي خان کي اتان جو حاڪم تسليم ڪيو هو. مير
صاحب وٽ حاڪم جي حيثيت ۾ جا ايراضي ۽ اختياري هئي،
سا نيپيئر وٽس رهڻ ڏني.
هڪ خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ خيرپور جي پڄاڻيءَ
سان سنڌ علائقي جو انتظام تمام سهنجو ٿي ويو آهي ۽
آبپاشيءَ ۽ ٺاڪ بستيءَ سان واسطو رکندڙ پيچيده
سوال هاڻ اصول ۽ ٺاهه جي عام بنياد تي نبيري سگهجن
ٿا. ايتري آساني اڳ خواب خيال ۾ ئي ڪانه هئي.
ون يونٽ:
آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ محسوس ڪيو
ويو ته اها ڳالهه انتظامي طرح فائدي واري ٿيندي،
جيڪڏهن اولهندي ڀاڱي جي مختلف صوبن کي ڳنڍي اولهه
پاڪستان جي نالي سان هڪڙو صوبو ٺاهيو وڃي انهيءَ
رٿ جا ڪجهه سبب اقتصادي به هئا. ڏٺو ويو ته ڪي
صوبا يعني اُتر- اولهه سرحدي صوبو ۽ بلوچستان
پنهنجي انتهائي گهٽ اُپراسي جي آڌار انتظام نه
هلائي سگهندا ۽ ان لاءِ کين مالي مدد جي ضرورت
پوندي. سو سر آرڪيبالڊ رولئنڊس، جنهن کي نئين ملڪ
جي مالي معاملن تي صلاح ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو هو،
تنهن اولهندي ڀاڱي جي مختلف وحدتن کي ملائي هڪ ڪرڻ
جي رٿ ڏني. مالي رخ جو لحاظ نه ڪجي، تڏهن به اولهه
پاڪستان هڪڙو ئي جاگرافيائي علائقو آهي، جو پنهنجي
اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ سنڌونديءَ ۽ ان جي ڏاني
ندين تي ڀاڙي ٿو. ورهاڱي وقت هن علائقي ۾ ڪيترائي
انتظامي يونٽ هئا، پر انهن يونٽن جو ڪو معقول
بنياد ڪونه هو ۽ اهي تاريخ جي حادثن جي پيداوار
هئا. جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ويجهي ۾
ويجهو انگريزي علائقو پرانهون بمبئي صوبو هو، جنهن
سان ان کي ملايو ويو. نارٿ ويسٽرن ريلوي، جنهن جو
ڇيهه ڪراچيءَ ۾ هو، تنهن جي اڏاوت کان پوءِ سنڌ کي
پنجاب سان ملائڻ جي رٿ هئي، پر بمبئي جي طاقتور
مفادن ان جي مخالفت ڪئي. اڳوڻي پنجاب ۽ اُتر-
اولهه سرحدي صوبي وارا علائقا 1849ع ۾ انگريزن
هٿان فتح ٿيڻ کان وٺي هڪڙو ملڪ رهندا آيا، تان جو
1910ع ۾ لارڊ ڪرزن انهن کي ڌار ڪيو. اولهه پاڪستان
جي انتظامي يونٽن کي ملائي هڪ ڪرڻ واري رٿ کي
تاريخي، جاگرافيائي ۽ سياسي پس منظر هو ۽ ان جا
پڌرا فائدا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڏٺو ويو ته
جتي اوڀر پاڪستان هڪڙو يڪو يونٽ (ساهٽ جو اڳي آسام
جو ڀاڱو هوندو هو سو اڻ لکيءَ طرح ان ۾ ملي چڪو
هو، اُتي اولهه پاڪستان ۾ صوبا، رياستون ۽ ٻيا
انتظامي سرشتا هئا. ان جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا
ٿي ٿيا ۽ ڪنهن منصفاڻي آئيني جوڙجڪ جي اُسرڻ لاءِ
به علائقي کي هڪ ڪرڻ ضروري هو.
اولهندي ڀاڱي جي اڳوڻن صوبن اهي ڳالهيون ڳڻيون ۽
اُتر- اولهه سرحدي صوبي، سنڌ ۽ پنجاب جي قانون ساز
اسيمبليءَ ترتيبوار 25- نومبر، 30- نومبر ۽ 11-
ڊسمبر 1954ع تي ون يونٽ واري رٿ جي حق ۾ ٺهراءُ
منظور ڪيا. انهيءَ مکيه انتظامي ڦيرڦار جي موقعي
تي بادشاهي رياستن جي سوال کي به نبيري ڇڏڻ واجبي
سمجهيو ويو سو هنن سان هلايل ڳالهين جي نتيجي ۾
خيرپور رياست جي قانون ساز ڪائونسل، ڪوئيٽا جي
ميونسپل ڪاميٽيءَ، بلوچستان جي شاهي جرڳي ۽
بلوچستان جي رياستي يونين جي حاڪمن مناسب ٺهراءُ
بحال ڪيا. پهرين پهرين بهاولپور جي قانون ساز
اسيمبليءَ ٺهراءُ بحال ڪري اولهه پاڪستان کي ملائي
هڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي. سو پاڪستان جي گورنر جنرل 17
ڊسمبر 1954ع تي هڪ حڪم جاري ڪري اولهه پاڪستان جي
انتظام لاءِ هڪ ڪائونسل برپا ڪئي، جنهن ۾ مختلف
صوبن ۽ رياستن جا عيوضي شامل هئا. انهيءَ انتظامي
ڪائونسل جو ڪم هو اولهه پاڪستان جي انتظامي ايڪي
سان واسطو رکندڙ معاملن جو جائزو وٺي سفارشون تيار
ڪرڻ. ان کي خاص ڪري اولهه پاڪستان جي هڪڙي
سيڪريٽريٽ ٺاهڻ، سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪرڻ وارن مختلف
کاتن جي تنظيم ڪرڻ، صوبائي ۽ رياستي ملازمتن جي
موجود ڪيڊرن کي ملائي هڪ ڪرڻ ۽ انتظامي پاليسيءَ ۽
ڪارواين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جا سوال اُڪلائڻا
هئا. انهيءَ ڪائونسل جي مختلف ڪاميٽين فيبروري
1955ع ۾ حڪومت کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي ۽ انتظامي
جوڙجڪ جي نئين سر تنظيم لاءِ اُپاءُ ڏسيا ويا.
15- سيپٽمبر 1955ع تي پاڪستان جي آئين ساز
اسيمبليءَ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري اولهندي ڀاڱي جي
مختلف پرڳڻن ۽ رياستن کي ملائي اولهه پاڪستان جي
يڪي صوبي ٺاهڻ جي پٺڀرائيءَ ڪئي. پنجاب، سنڌ، اُتر
اولهه سرحدي صوبي (رياستن سوڌي) ۽ بهاولپور ۽
خيرپور رياستن جي علائقن تي مشتمل اهو نئون صوبو
14- آڪٽوبر 1955ع تي وجود ۾ آيو.
نئين جوڙجڪ ۾ 12 ڊويزنون ۽ 52 ضلعا ٺاهيا ويا، جن
جا سرواڻ ترتيبوار ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر هئا.
ڪراچي پڻ اولهه پاڪستان صوبي جو حصو بڻجي وئي ۽ ان
کي هڪ مڪمل ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.
جتي اولهه پاڪستان جو سمورو علائقو هڪڙي گورنر هيٺ
۽ هڪڙي قانون ساز اسيمبليءَ سان انتظامي ايڪو بڻجي
چڪو آهي، اُتي سڄي انتظامي جوڙجڪ کي نئين سرمنظم
ڪري ڪافي اختياريون ڊويزنن جي حوالي ڪيون ويون
آهن. نئين جوڙجڪ ۾ سموري انتظام جو مدار ڪمشنر
آهي، جو پنهنجي ڊويزن ۾ انتظام جي عام نظرداري به
ڪري ٿو. روينيو کي ڪري سگهجي ٿي. ڊويزنل ڪائونسل
جو چيئرمن به ڪمشنر آهي. ماضيءَ جيان هاڻ به
انتظام جو بنيادي يونٽ ضلعو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جو
انتظامي سرواڻ ٿئي ٿو. هو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمن
به هوندو آهي. انهيءَ ڪائونسل ۾ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ
مختلف کاتن جي نمائندگي ڪندڙ ضلعي عملدار ۽ مڪاني
خود حڪومتن جا عيوضي شامل ٿين ٿا. انهيءَ لاءِ ته
جيئن هارپ جي معاملن ۾ پاليسي هڪڙي هجي ۽ انصاف جو
معيار هڪ ڪَرو رهي، روينيو ڪيسن ۾ اپيل جي وڏي ۾
وڏي ڪورٽ بورڊ آف روينيو آهي. بورڊ آف روينيو وڏي
۾ وڏي روينيو اختياريءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي صوبي
جي روينيو عملدارن ۽ ماتحت روينيو ڪورٽن تي
نظرداري، ضابطو پڻ رکي ٿو. مختلف صوبن ۽ رياستن ۾
جيڪي الڳ الڳ روينيو قانون لاڳو آهن، تن کي ڳنڍي
هڪڙو روينيو قانون ٺاهيو پيو وڃي. هڪڙي چيف
سيڪريٽريءَ هيٺ هڪڙي سيڪريٽريٽ قائم ٿيل آهي، جنهن
جي گادي لاهور ۾ آهي. سڄي صوبي لاءِ
هڪڙي
هاءِ ڪورٽ آف جڊيڪيچر آهي ته جيئن انصاف جو معيار
جتي ڪٿي هڪجهڙو رهي. هاءِ ڪورٽ جو صدر مقام لاهور
۾ آهي، پر پشاور ۽ ڪراچيءَ ۾ دائمي بينچون اٿس.
سڄي صوبي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن به هڪڙي آهي، جا
سموري پرڳڻي جي سرڪاري ملازمتن سان واسطو رکندڙ
معاملا طئي ڪري ٿي.
|