سنڌ جي فاريسٽ سيٽلمينٽ سن 1895ع ۾ مڪمل ڪئي وئي.
جيئن جيئن واڌاري جو موقعو ايندو آهي ته سال بسال
ايراضيون وڌايون وينديون آهن ۽ وقت اچڻ تي انهن جي
سيٽلمينٽ ڪئي ويندي آهي. سموري صوبي ۾ حدن جي ماپ
ڪري نشان هنيا ويا آهن. اهي نشان مٽي جي دڙن تي
مشتمل هوندا آهن جن جي وچ ۾ ڪاٺ جا ڪلا لڳل هوندا
آهن. اهي دڙا ٻاهرين حدن تي مقرر وٿين تي ٽيهن
فوٽن جي ليڪن تي هوندا آهن. اهي دڙا هڪ چورس ميل
جي خانن جي اندروني حدن تي به هوندا آهن. هر ٻيلو
انتظام جي سهولت لاءِ انهن خانن ۾ ورهايل هوندو
آهي. سنڌ حڪومت ٻئين جنگ عظيم کانپوءِ ڪيتريون ئي
وڏيون جنگ کانپوءِ واريون ترقياتي اسڪيمون شروع
ڪيون. بهرحال 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي جي نتيجي
۾ پيدا ٿيل افراتفري ۽ سياسي مشڪلاتن سبب انهن ۾
رخنو پيو آهي. انهن جنگ کانپوءِ وارين ترقياتي
اسڪيمن ۾ سنڌ جي ٻيلن جي حالت جي سڌاري تي به چڱو
ڌيان ڏنو ويو هو. پهريان تمام سٺي نموني ۾ هڪ رٿا
ٺاهي وئي هئي جيڪا پوءِ عمل ۾ نه آندي وئي پر هاڻي
اها پاڪستان جي 60-1955ع جي پنج سالا پلان ۾ ٻيلي
کاتي جي زيرتجويز رٿائن ۾ شامل ڪئي ويندي. سن
48-1947ع جي پوسٽ وار ڊيولپمينٽ پلان ۾ سنڌ جي
ٻيلن جي ترقي بابت هي رمارڪ ڏنل آهن: ”ماضي ۾
آبادي جي گهٽ گهاٽائي سبب صوبو پنهنجي ڪاٺ جي
ضرورتن خاص طور جلائو ڪاٺ ۽ ڪوئلي ۾ خودڪفيل هو.
جيتوڻيڪ سٺي ڪئالٽي جي عمارتي ڪاٺ ۾ اها صورتحال
نه هئي. ڳوٺاڻا علائقا خاص طور وڏن جهنگن ۽ غير
آباد زمينن مان قدرتي پيداوار ڪتب آڻين ٿا. جڏهن
ته سرڪاري ٻيلا جن جي جملي ايراضي جيتوڻيڪ فقط
يارنهن سو چورس ميل هئي پر اهي نه فقط وڏن شهرن
جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا پر صوبي جي حدن کان
ٻاهر ننڍي پيماني تي پر باقاعدي روانگي واپار لاءِ
به مال ڏيندا هئا. اهي سڀئي سرڪاري ٻيلا سنڌو
درياءَ جي ٻنهي ڪپرن تي هڪ سوڙهي پٽي ۾ واقع آهن ۽
پاڻي جي ضرورتن لاءِ انهن جو تقريباً سمورو
دارومدار سالياني ٻوڏ تي هوندو آهي. ٻوڏ ۾ درياء ۾
پاڻي وڌي ويندو آهي. آبپاشي واهن ۾ واڌ اچڻ ۽
حفاطتي بندن ٺهڻ سبب ٻوڏن تي ڪنٽرول سبب هڪ ته
غير آباد زمينون گهٽجي ويون آهن جن ۾ قدرتي وڻ
ڦٽندا هئا ۽ ٻيو ته سرڪاري ٻيلن جي زمينن مان
تقريباً ٽيون حصو سالياني ٻوڏن کان ڪٽجي ڌار ٿي
ويو آهي. خاص طور سکر بيراج ٺهڻ کانپوءِ پوکي راهي
۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ نتيجي طور صنعتن ۽ آبادي ۾ به
تڪڙي واڌ آئي آهي، وڌيڪ بيراجن جي رٿائن سان انهن
۾ ويتر واڌ ايندي. جلائو ڪاٺ ۽ ڪوئلي جي طلب اڳيئي
موجود رسد کان چڱي وڌي وئي آهي ۽ جنگ وارن ورهين
دوران ته سرڪاري ٻيلن وارين جاگيرن کي ڪم آڻي انهي
کوٽ کي منهن ڏنو ويو هو. سنڌو ماٿري ۾ کوٽ سبب
ريگستان ۽ ڪوهستان جي مختصر وسيلن تي وڏو دٻاءُ
پيو هو. اهي علائقا پنهنجي زمين ۽ جاگرافيائي
حالتن جي سبب پاڻي ۽ هوا جي ذريعي ٿيندڙ تباهه ڪار
کاڌ جي اثر هيٺ هوندا آهن ۽ انهن تان گاهه وڻ ۽
ٻوٽا ختم ٿي ويندا آهن. جن ذريعي ئي انهن جي زمينن
کي مستحڪم رکي سگهجي ٿو. اهي گاهه ٻوٽا به مال جي
چاري طور اهميت رکن ٿا ۽ جيتوڻيڪ وڻن جي واڌ ويجهه
به آهستگي سان ٿئي ٿي ته به اهي ٻارڻ ۽ ڪاٺ جون
مقامي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وڻن
جي واڌ ويجهه جي فطري حالتن ۽ سخت انتظام ڪاري جي
نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ دشوارين جي سبب سنڌو جي ڪپرن
سان لاڳو سرڪاري ٻيلن ۾ وڻن جي پوکي مان في ايڪڙ
تي وڌيڪ پيداوار حاصل نه ٿي سگهي آهي. اهي ٻيلا
درياء جي ٻنهي ڪپن تي حفاظتي بندن جي اندر جملي
ايراضي جي جيتوڻيڪ ٽئين حصي تي آهن ته به انهن ۾
واڌ آڻڻ به صوبي جون ٻارڻ جون موجوده ضرورتون
پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي نه ٿيندو. جيڪي زمينون دائمي
آبپاشي هيٺ آهن ۽ سخت انتظام ذريعي في ايڪڙ تي
وڌيڪ پيداوار ڏئي سگهن ٿيون انهن کي وڻن جي پوکي
لاءِ ڌار ڪري رکيو ويو هو جيئن ٻارڻ جي ڏڪار کان
بچي سگهجي ڇو ته اهو به غذا جي ڏڪار جيترو ئي
تباهه ڪار ٿي سگهي ٿو.
زمينن کي وڻن جي پوکي لاءِ خاص ڪرڻ جو هڪ سبب شهري
۽ صنعتي ضرورتن جي گهربل رسد کي يقيني بنائڻ پڻ
هو. سنڌو جي وسيع ماٿري ۾ ٻيلا ٻارڻ ۽ ڪاٺ جون
ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻي جي کوٽ ۽ زمين
جي سطح جي تيز ۽ گرم هوائن سبب کاڌ کان به بچاءُ
جو ذريعو ٿين ٿا. انهي ڪم جي لاءِ وڏا هٿراڌو ٻيلا
جيڪي ونڊ بريڪ
(wind break)
۽ شيلٽر بيلٽ
(shelter belt)
طور ڪم ڏين اهي وڏي اهميت وارا آهن. گهڻا وڻ پوکي
زير زمين پاڻي جي سطح کي تمام گهڻي وڌڻ کان به
روڪي سگهجي ٿو. سڀني واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تي
سرڪاري زمين تي منظم نموني وڻ پوکڻ سان به اهي
مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. فاريسٽ
ڊپارٽمينٽ جي جنگ کانپوءِ واري ترقياتي پلان تحت
تيار ڪيل اسڪيمن ۾ هي مقصد حاصل ڪرڻ تي خاص ڌيان
ڏنو ويو هو. (1) ڪونٽور سروي
(contour survey)
(2) زمينن جي درجي بندي (3) ٻيلن جي حدن جو تعين
(4) ايريگيٽيڊ پلانٽيشن ريسرچ (5) زمين ڪم آڻڻ
بابت ريسرچ (6) ڪوهستان، ريگستان ۽ سامونڊي ڪناري
وارن علائقن ۾ زمين ۽ روئيدگي جو بچاءُ (7) ۽ نئين
فاريسٽ ڊويزن جي تشڪيل جيڪا مختلف بيراجي علائقن ۾
وڻ پوکڻ جي مسئلي تي ڌيان ڏئي ۽ ڪوهستان، ريگستان
۽ سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ وڻ گاهه ۽ ٻوٽا
پوکڻ ۽ زمين جي تحفظ جو ڪم ڪري. انهن مان هي پنج
اسڪيمون پاڪستان جي ترقي جي پنج سالا پلان ۾ شامل
ڪيون ويون آهن. (1) لوئر سنڌ بيراج زون ۾ نئين
سرڪاري زمين تي ڏيڍ لک ايڪڙن تي آبپاشي وڻ رکرائڻ
(2) گڊو بيراج زون ۾ نئين زمين تي هڪ لک ايڪڙن تي
آبپاشي وڻ رکرائڻ (3) فاريسٽ يوٽيلائيزيشن اسڪيم
(4) ڪوهستان ۾ سئائل ائنڊ ايريگيشن ڪنزرويشن ڊويزن
جي تشڪيل (5) ريگستان ۾ سئائل اينڊ ويجيٽيشن ڪنزور
ويشن اسڪيم جي تشڪيل.
سنڌ ۽ خيرپور ۾ معدنيات ۽ کاڻيون کوٽڻ
جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان جي جيالاجسٽ ڊاڪٽر ايم.
ايڇ. خان سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن آڏو 14- ڊسمبر
1953ع تي سنڌ ۽ خيرپور ۾ نڪرندڙ معدنيات جي موضوع
تي بيان ڏنو. هن چانيهو، عمارتي پٿر، آتشي مٽي
(fireclay)،
ميٽ
(fuller’s earth)
جپسم، گلاس سيند، لگنائيٽ، چن جي پٿر، آئرن
آڪسائيڊ مليل رنگ سازي ۾ ڪم ايندڙ سڻڀي مٽي
(red ochre)
۽ لوڻ جا نالا ڳڻايا ۽ اهو به ذڪر ڪيو ته کاڻين
مان سيليسٽائين ڳولهي لهڻ ۽ تيل ڳولها جا پڻ امڪان
موجود هئا. چانيهو خيرپور ۽ اوڀر سنڌ جي سوڍا جي
ڍنڍن مان ڪڍيو وڃي ٿو. عمارتي پٿر، جنگ شاهي،
ڪلفٽن جي ويجهو ۽ ٻين جاين تان ڪڍيو وڃي ٿو. اهو
جيتوڻيڪ چڱي ڪئالٽي جو هوندو آهي، پر انهيءَ کي
وڏين سرڪاري عمارتن لاءِ گهڻو سٺو نه سمجهيو ويندو
آهي. آتشي مٽي ٺٽي جنگشاهي جي علائقي ۾ تمام محدود
پيماني تي ڪڍي ويندي آهي. ڊاڪٽر خان چيو ته: اهو
نه ٿو چئي سگهجي ته اهو ڪيترو موجود آهي، پر اسين
جيڪڏهن انهيءَ جي ڳولها ۾ زمين جي هيٺ وڃون ته
شايد گهڻو هوندو ڇاڪاڻ ته هيستائين فقط سطح ئي
کوٽي وئي آهي.
ميٽ: خيرپور ۾ انهي جا وڏا ذخيرا موجود آهن. اهو
چڱي پيماني تي ڪڍيو وڃي ٿو، انهي جا نمونا لنڊن
موڪليا ويا آهن جيئن رايو وٺي سگهجي ته ڇا انهي جي
ڪئالٽي ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. پر تجربن مان اهو
اشارو ملي ٿو ته اهو ڪم مشڪل ۽ شايد غير ڪفايتي
ٿيندو.
گلاس سينڊ: گلاس سينڊ جنگشاهي جي ڀرسان ڪڍي ويندي
آهي ۽ ٿاڻي بولا خان، ميٽنگ ۽ شايد ٻين جاين تي به
ملي ٿي. انهي جي ڪئالٽي به چڱي سٺي آهي.
جپسم: ڊالميا سالٽ ورڪس لاءِ جپسم سنڌ جي ريگستان
مان ڪيترين جاين تان ڪڍيو وڃي ٿو. اهو مٽي ۾ سنهين
ليڪن جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ بلڪل خراب حالت ۾ هوندو
آهي ۽ فقط سيمينٽ ٺاهڻ ۾ ڪم اچڻ لاءِ مناسب هوندو
آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن سيمينٽ سازي ۾ گهڻي توسيع ٿيندي
ته پوءِ جپسم شايد بلوچستان مان ايندو.
لگنائيٽ
(Lignite):
لگنائيٽ ميٽنگ جي ويجهو هڪ کان اڍائي فوٽ گهاٽي
تهه جي صورت ۾ ملي ٿو. خبر ناهي ته اهو زمين ۾ هيٺ
ڪيترو وسيع هوندو. جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان وارا
دستياب لگنائيٽ جو مقدار جاچڻ لاءِ هڪ سو فوٽ
اونها کڏا هڻي رهيا آهن. انهن کي ڪجهه ڪاميابي ملي
آهي، پر اهي اونهن کڏن ۾ موجود لگنائيٽ تائين نه
پهچي سگهيا آهن ڇو ته اتي زهريلي گئس هجي ٿي. مڪمل
نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرلنگ ڪرڻي پوندي.
چن جو پٿر
(Lime stone):
روهڙي ويجهو ائسوسيئيٽڊ سيمينٽ ڪمپني ۽ ڊرگ روڊ وٽ
ڊالميا وارا چن جو پٿر ڪڍندا آهن. اهو جهجهي مقدار
۾ آهي ۽ مقامي طور سٺي ڪئالٽي جو آهي. حيدرآباد جي
چن جي پٿر جي ڪيميائي جاچ مان خبر پئي ته اهو
سيمينٽ سازي لاءِ تمام مناسب آهي.
آئرن آڪسائيڊ مليل سڻڀي مٽي
(Red Ochre):
انهي جو ٺٽي جي ڀرسان وقت بوقت ٿورو مقدار ڪڍيو
ويندو آهي.
لوڻ
(Salt):
لوڻ ڪراچي جي آسپاس وڏي پيماني تي ۽ ڪڇ جي رڻ جي
ويجهو ڪجهه گهٽ مقدار ۾ ڪڍيو ويندو آهي. اها خبر
نه آهي ته ڪراچي ۾ پيداوار وڌائڻ جا ڪيترا امڪان
موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته رڻ جي ويجهو وڏي پيداوار
ممڪن آهي، پر اهو ٽرانسپورٽ جي دشوارين سبب مهانگو
پوندو.
سيليسٽائين: تقريباً خالص اسٽرونشيم سلفيٽ جون
ڪجهه سٺيون ليڪون ڪل ڪهار ۽ ٿاڻي بولا خان جي
ويجهو ملن ٿيون. اهو رنگن ۾ لاپي طور ڪارائتو ڏسڻ
۾ آيو آهي. انهي کي مٽي جي ڊرلنگ ۾ به آزمايو
ويو. پر گهڻي ڪاميابي نه ٿي. انهي جو حقيقي ڪارج
ڦٽاڪن ۾ آهي پر في الحال پاڪستان ۾ انهي جي گهرج
نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي.
تيل
(Oil):
تيل جو سنڌ ۾ امڪان موجود آهي، پر لاکڙا ۾ وڏو خرچ
ڪرڻ کانپوءِ ناڪامي ٿيڻ کانپوءِ انهي جو امڪان گهٽ
ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته تيل ڪمپنيون ويجهي مستقبل ۾ انهي
ڪم ۾ هٿ وجهنديون. سئي مان گئس جي دريافت انهن کي
پنهنجي سوچ مٽائڻ تي آماده ڪري سگهي ٿي. جنگ
کانپوءِ وارين ترقياتي رٿائن ۾ کاڻيون کوٽڻ جي
شعبي کي ترقي وٺرائڻ جي موضوع تي وڌيڪ ڳولها ڦولها
کي زير غور رکيو ويو هو. رٿا جي رپورٽ ۾ چيو ويو
هو ته: ”کاڻيون کوٽڻ جي ڪم کي ترقي وٺرائڻ تي اڃا
تائين ڪابه اسڪيم نه ٺهي آهي. سنڌ جي معدني وسيلن
کي اڃا مڪمل طور ڪتب نه آندو ويو آهي ۽ نه ئي انهن
جي اڃا مڪمل سروي ٿي آهي. جيالاجيڪل سروي آف
انڊيا، صوبائي حڪومت جي درخواست تي سنڌ جي معدني
وسيلن جي هڪ منظم سروي کي هلندڙ سال لاءِ پنهنجي
پروگرام ۾ شامل ڪيو آهي. ڪراچي کان 160 ميل پري
لاکڙا وٽ ڊرلنگ 12666 فوٽن جي اونهائي تائين وئي
پر ناڪام ثابت ٿي ۽ 1950ع ۾ ڪم مان هٿ ڪڍيو ويو.
سن 1907ع واري گزيٽيئر ۾ معدنيات بابت ڏنل احوال
جو گهڻو حصو اڄ به درست آهي ۽ انهي جو ڪجهه حصو
هتي ڏيڻ جي قابل آهي.
ڦٽڪي
(Alum):
کيرٿر جي جبلن ۾ مختلف جاين تي چن جي پٿر سان گڏ
هڪ قسم جي شيل
Shale):
سليٽ جهڙو پر ڪچو پٿر) سان گڏ ملندي آهي، جنهن مان
هڪ سادي طريقي سان ڦٽڪي ٺاهي ويندي آهي. ڦٽڪي ٺاهڻ
جي جاين طور رني ڪوٽ، ٿاڻي شاهه بيگ کان 12 ميل
پري ۽ ڪجهه ٻيا هنڌ ٻڌايا وڃن ٿا. پر انهي جو
مقدار ٿورو ۽ ڪئالٽي ردي هوندي آهي.
عمارتي پٿر: سنڌ جي سڀني جابلو علائقن ۾ سٺي
ڪئالٽي جو عمارتي پٿر ملي ٿو. سڀ کان سٺو هلڪو
زردي مائل ڀورو رني ڪوٽ جي تهن سان تعلق رکي ٿو.
اهي سنڌ ۾ سڀ کان قديم سيڊيمينٽري جبل آهن. اهو
پٿر جهرڪ ۾ مسلمانن جي مقبرن ۾ گهڻو ڪتب آندل آهي.
انهي پٿر تي ٿيل اُڪر جو ڪم ۽ انهن تي نقش ٿيل
تحريرون انهي پٿر جي ڪئالٽي جو سرٽيفڪيٽ آهن.
کيرٿر جو
nummulitic
چن جو پٿر گهڻو ڪڍيو وڃي ٿو ۽ سکر، حيدرآباد ۽
ڪوٽڙي ۾ جايون ٺاهڻ جي ڪم آندو وڃي ٿو. مسامدار
(porous)
زرداري مائل چن جو پٿر جنهن مان ڪراچي جا گهر
ٺاهيا وڃن ٿا اهو گذري ۽ ٻين جاين تان ڪڍيو وڃي
ٿو. انهي چن جي پٿر جي رنگ ۽ ڪئالٽي ۾ گهڻو فرق
آهي، ڀلي کڻي اهو ساڳئي جيالاجيڪل گروپ سان هجي ته
به پٿر ۾ فرق آهي.
ڪاربونيٽ آف سوڊا: اوڀر سنڌ جي ريگستان ۾ لوڻ جون
ڍنڍون موجود آهن. ڪجهه حالتن ۾ انهن ڍنڍن جي پاڻي
۾ عام لوڻ بجاءِ يا ان سان گڏ ڪاربونيٽ آف سوڊا
موجود هوندو آهي. گرم موسم ۾ جيئن پاڻي سُڪندو آهي
ته تري ۾ ٿُلهي تهه جي صورت ۾ الڪلي
(alkali)
گڏ ٿي ويندو آهي. انهي کي بس کوٽي ڪڍي سُڪائڻو
هوندو آهي. اهو سموري سنڌ ۾ چانيهي جي نالي سان
وڪامبو آهي ۽ واشنگ سوڊا طور ڪتب ايندو آهي. سڀ
کان سٺي ڪئالٽي (جنهن کي ڦلي به چيو ويندو آهي).
دال- بسڪوٽن يا ڪري ويفر
(curry wafers)
۾ پوندي آهي. اهي بسڪوٽ سنڌ ۾ پنهنجي مراٺي نالي
پيپر جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن. اڳئين گزيٽيئر
جي وقت حيدرآباد ضلعي جي مختلف هنڌن تان چانيهو
ڪڍڻ جو ٺيڪو ساليانو 1700 رپين ۾ ڏنو ويندو هو.
نڪرندڙ چانيهي جو مقدار گرمي ۽ موسم جي خشڪي جي
لحاظ کان تبديل ٿيندو رهندو هو ۽ 500 کان 2000 مڻن
جي وچ ۾ هوندو هو. ٿرپارڪر ضلعي مان به ساڳئي
ذريعي مان چڱي آمدني ٿيندي هئي. بهرحال اهاڳالهه
جڏهن سالٽ ڊپارٽمينٽ جي ڌيان ۾ آئي ته ڪجهه نڪرندڙ
چانيهي ۾ 80 سيڪڙو تائين ڪلورائيڊ آف سوڊيم هوندو
آهي ۽ اهو شايد ته عام لوڻ طور ورتو وڃي ٿو ته-
سالٽ ۽ لئنڊ روينيو اختيارين جي وچ ۾ ڪجهه تڪرار
کانپوءِ- حڪومت اهو طي ڪيو ته جڏهن به ڪلورائيڊ آف
سوڊيم جو تناسب 50 سيڪڙي کان وڌي وڃي ته انهي تان
لوڻ طور محصول اڳاڙيو وڃي. انهي آرڊر هيٺ ٺيڪيدار
جي اسٽاڪ جو وڏو حصو ممنوعه شي جي زمري ۾ اچي ويو
۽ ڏيتي ليتي رڪجي وئي. چانيهي جي نج ڪئالٽي خيرپور
رياست ۾ جهجهي مقدار ۾ ٿئي ٿي ۽ بمبئي رواني ڪئي
وڃي ٿي. هڪ خام، ڪاري رنگ جو ڪاربونيٽ آف سوڊا به
سنڌ ۾ گهڻو ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو کار جي نالي سان
سڃاتو وڃي ٿو ۽ ٻوٽن جي سڙيل خاڪ مان ٺاهيو وڃي
ٿو. صوبي ۾
Salsola،
Sueda
۽ ٻين زمرن
(genera)
جا ڪيترائي ٻوٽا ٿيندا آهن جن ۾ الڪلي گهڻي ٿيندي
آهي ۽ سوڊا ۽ صابڻ عام جام ٺهڻ لڳو هو، پوءِ
آمدورفت جي ذريعن ۾ بهتري اچڻ سبب پنجابي پهچي ويو
۽ مقامي طور ٺاهيندڙ کان گهٽ قيمت ۾ وڪرو ڪرڻ لڳو.
پر شاهبندر ۽ ٻين جاين تي کار اڃا به ٺاهي وڃي ٿي.
سيليسٽائين
(Celestine):
اها جيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي مسٽر فيڊن دريافت
ڪئي هئي،جيڪا ڪوهستان جي چن جي پٿر جي ٽڪرين خاص
طور انهي سلسلي جي اوڀر ۾ سطح تي اکروٽ جيترن
بلوري ڳنڍن جي شڪل ۾ پکڙي پئي هئي.
ڪوئلو: 1857ع ۾ ڪوٽڙي کان 27 ميل اتر- اتر اولهه ۾
ليلان نالي هڪ جاءِ تي ڪوئلو دريافت ٿيڻ تي سنڌ ۾
چڱو جوش خروش پيدا ٿيو هو. زمين کان فقط 40 فوٽ
هيٺ پهريون تهه 8 فوٽ ٿُلهو چيو پئي ويو. هڪ ٻيو
تهه ان کان هيٺ هو. لنڊن موڪليل نمونن جي تجزيي جي
نتيجي کي تمام اطمينان بخش ڪوٺيو ويو. البت
لگنائيٽ جي ڪئالٽي وڏي مدي ۾ اطمينان بخش ثابت نه
ٿي ۽ شافٽ هڻڻ لاءِ جيڪو ماهر مقرر ڪيوويو هو ان
کي ڏسڻ ۾ آيو ته تهه ايترو جلدي سنها ٿي ويا جو
ٻيون شافٽ پهرئين شافٽ کان فقط 100 وال هيٺ لٿو ۽
اهو هڪ اهڙي سنهڙي تهه وٽ اچي بيٺو جيڪو منڍ ۾
پهريون شافٽ لاهڻ وقت ڌيان ۾ اچڻ کان گُسي ويو هو.
بهرحال ماهر انهي نتيجي تي پهتو ته ”اهڙي ڪا شيءِ
ئي ڪانهي جنهن کي صحيح نموني ڪوئلي جو تهه چئي
سگهجي.بس لگنائيٽ جو ڍڳ آهي جيڪو ڪنهن به طرف ۾ 50
والن کان نه ٿو وڌي. ڪئالٽي به گهٽ هئس، معدني
لحاظ کان اهو ٽاڪوڻو لگنائيٽ هو جنهن ۾
Iron pyrites
وڏي مقدار ۾ هئا تنهنڪري ٻاهر نڪرڻ سان جلد ڊي
ڪمپوزيشن جو عمل شروع ٿي ويندو ۽ ازخود ٻري پوڻ
Spontaneous combustion
جو امڪان موجود هو.“ تنهنڪري سنڌ ۾ ڪوئلي جي صنعت
جي اڳڪٿي ختم ٿي وئي. سن 1951ع جي آدمشماري رپورٽ
۾ البت اهو ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ واحد ڪول
(coal)
فيلڊ جهمپير اسٽيشن کان 6 ميل اوڀر ۾ موجود آهي.
اها نارٿ ويسٽرن ريلوي تي ڪراچي کان 50 ميل ۽
حيدرآباد کان به لڳ ڀڳ ساڳئي فاصلي تي آهي. اهي
ذخيرا نسبتاً سڌا سنوان ۽ ڀُر ڀرا آهن ۽ لگنائيٽي
نوعيت رکندڙ آهن. فيلڊ جو اڃا جيالاجي نقطه نظر
کان مڪمل سروي نه ڪيو ويو آهي. في الوقت جيالاجيڪل
سروي آف پاڪستان جي هڪ ٽيم اها ڇنڊڇاڻ ڪري رهي
آهي ته جيڪي ذخيرا ڪڍي سگهجن انهن جو مقدار ڪيترو
آهي. سال 1951ع ۾ پيداوار 7000 ٽن ٿي. ٺٽي ضلعي ۾
جنگشاهي ۽ جهمپير وارو علائقو معدنيات جي لحاظ کان
تمام سازگار ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جو
مستقبل جو صنعتي زون ٿئي.
ميٽ: روهڙي جي ڏکڻ ۾ جبلن جي الهندي لاهي ۽ پڻ
حيدرآباد جهرڪ ۽ ٺٽي وٽ ڪجهه جاين تي چن جي پٿر
سان سليٽ جهڙو پر ڪچو پٿر
(shale)
به وچ ۾ پيو آهي. انهي ۾ هڪ نرم زردي مائل مٽي ٿئي
ٿي جيڪا ڪڍي سموري سنڌ ۾ ميٽ جي نالي سان وڪرو ڪئي
وڃي ٿي. سڀ کان سٺو ميٽ حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ چئن
ميلن تان گنجي ٽڪر مان ملي ٿو. اهو چن جي پٿر جي
هڪ مٿاهين تهه جي هيٺان ملي ٿو ۽ پٿر ۾ 10 کان 15
فوٽ اونها شافٽ هڻي ڪڍيو وڃي ٿو. ميٽ ۾ مَرُ مٽي
صاف ڪرڻ جون صلاحيتون هونديون آهن ۽ هتان جا
رهواسي انهي کي صابڻ جي متبادل طور گهڻو ڪتب
آڻيندا آهن.
جپسم: جپسم سنڌ ۾ گهڻو ملي ٿو. اهو ماڙي پور سالٽ
ورڪس ۾ لوڻي پاڻي جي کڏن جي ڪنارن تي بلوري ڳنڍن
جي صورت ۾ ٺهي ٿو. کير جبل ۾ ڪيترين جاين تي چن جي
پٿر ۾ تقريباً 3 کان 4 فوٽ ٿلها تهه ملن ٿا.
سنڌ ۾ لوهه جي ڪچ ڌاتو
(iron ore)
جو هڪ قسم ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو. بعضي بعضي اهو
ايتري چڱي مقدار ۾ هٿ ايندو آهي جو باقاعدي ڳارڻ
رجائڻ جي به ضرورت پوندي آهي. اهڙو لوهه ڪوٽڙي
تعلقي ۾، ڪوٽڙي جي اتر اولهه ۾، بندويرو جي اولهه
۾ ۽ پڻ جهرڪن جي اولهه ۽ ڏکڻ اولهه ۾ ٽڪرين ۾ ملي
ٿو. پر اهڙين جاين تي جيڪو ٿورو گهڻو مينو فيڪچرنگ
جو ڪم ٿيندو هو اهو به گهڻو وقت اڳي يورپ مان
ايندڙ سستي لوهه جي سبب بيهي ويو.
چن ٺاهڻ لاءِ مناسب چن جو پٿر سنڌ ۾ جتي به جبل
ٽڪريون آهن اتان حاصل ٿي سگهي ٿو، سواءِ ٺٽي ضلعي
جي ڪجهه حصن جي جتي فقط سينڊاسٽون عام آهي.
تنهنڪري جتي ضرورت پيدا ٿيندي اتي چن ساڙڻ جو ڪم
ڪيو ويندو آهي. سکر انهي صنعت جو هڪ مکيه مرڪز
آهي. بمبئي ۾ سمورو چن سامونڊي ڪوڏ
(sea shell)
ساڙي حاصل ڪيو ويندو آهي. اهي سنڌ ۾ مهاڻن
کانسواءِ ڪوبه انهي مقصد لاءِ ڪم نه آڻيندو آهي.
انهن کي پنهنجين ڄارن کي پڪو ڪرڻ لاءِ جيڪو ٿورو
چن کپندو آهي اهو هي ڪوڏيون ساڙي حاصل ڪندا آهن.
سالٽ: ملڪ جي اڪثر حصن ۾ ڪلراٺي زمين تمام گهڻي
آهي، جيڪا لوڻ جي سپلاءِ جو مکيه سر چشمو آهي.
انهي مان لوڻ ڪڍڻ جو سادو طريقو اهو آهي ته انهيءَ
تي پاڻي وجهبو ۽ پوءِ پاڻياٺ کي بخارن ذريعي خشڪ
ڪبو آهي. قانوني طور لوڻ ٺاهڻ جو هڪ وڏو ڪارخانو
ڪراچي جي ويجهو ماڙي پور ۾ 1878ع ۾ کوليو ويو هو،
پر ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ ننڍي پيماني تي غير قانوني
نموني ڪلر مان لوڻ ٺاهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ جتي به
سمنڊ زمين ۾ سيمو ڪري ٿو يا پاڻي زمين ۾ نمي ٿو
اتي لوڻ جا وڏا ذخيرا ملن ٿا. پر انهي لوڻ جي
ڪئالٽي مختلف هوندي آهي. ڪٿي ته اهو فقط لوڻياٺي
داڻ داڻ ۽ ٻُر ٻُر جي شڪل ۾ هوندو آهي ۽ ان ۾
ميگنيشيم سلفيٽ ۽ ٻين لوڻن جي موجودگي سبب انساني
استعمال لاءِ غير مناسب هوندو آهي ته ڪٿي بلڪل نج
سوڊيم ڪلورائيڊ جي بلوري نهري چڪي جي صورت ۾ هوندو
آهي. اهڙا ذخيرا صوبي جو تمام قيمتي سرمايو آهن.
اهي سر ڪريڪ جي منهن کان لڳ ڀڳ ڏهن ميلن تي انهي
جي ٻنهي پاسن تي ڪيترن ئي چورس ميلن جي ايراضي تي
آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪجهه جاين تي ٻه فوٽ اونها
آهن. بلور تمام وڏي سائيز جا هوندا آهن ۽ جيڪو لوڻ
قدرتي نموني يا هٿراڌو طور سمنڊ جي پاڻي کي ٻاڦ
ڪري اڏائڻ ذريعي ملي ٿو انهي جي بجاءِ پنجاب جي
جابلو لوڻ جهڙا هوندا آهن. اهي لوڻ جون ڍنڍون
هونديون آهن جن کي چشمن جو يا مينهن جو پاڻي ملندو
آهي. اهو پاڻي جڏهن لوڻي تهه منجهان گذرندو آهي ته
انهي ۾ تمام وڏي حد تائين لوڻ شامل ٿي ويندو آهي،
پوءِ ٻاڦ اٿڻ سبب پاڻي ڄمي ويندو آهي ۽ تري ۾ لوڻ
اهڙي تهه جي شڪل اختيار ڪري ويندو آهي جيڪو ڪيترا
فوٽ اونهو به ٿي سگهي ٿو. اهو ٽيڪم ۽ بيلچي جي مدد
سان کوٽي ڪڍي ڪناري تي گڏ ڪيو ويندو آهي. جيئن اتي
سُڪي پوي. سن 1878ع ۾ جڏهن سنڌ سالٽ ڊپارٽمينٽ کي
سرڪاري طور تسليم ڪيو تڏهن ٻن جاين کانسواءِ باقي
سڀني جاين تي لوڻ جي کوٽائي تي بندش وڌي وئي. اتان
حڪومت ذريعي کوٽائي اڄ تائين جاري آهي ۽ اتان لڳ
ڀڳ سموري ٿرپارڪر ضلعي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه حصن کي
سپلاءِ ٿئي ٿي. انهن مان هڪ جاءِ ڏيپلي ويجهو سارڻ
۽ کپري ويجهو ڍليار ۾ آهي. لوڻ سنڌ مان هڪ ڪمائتو
ايڪسپورٽ جو اسم آهي. هاڻي لوڻ جو بندوبست مرڪزي
حڪومت ڪندي آهي. سنڌ جا مقامي حڪمران لوڻ ٺاهڻ تي
ٿيل نفعي مان حصو وٺندا هئا. انهي کي هو بٽئي
سڏيندا هئا، اها خبر نه آهي ته هن ذريعي مان انهن
کي ڪيتري آمدني ٿيندي هئي. جڏهن سنڌ برطانوي حڪومت
هيٺ آئي ته بٽئي ختم ڪئي وئي ۽ لوڻ تي 1848ع تائين
ڪابه ٽيڪس نه رهي، تڏهن جيڪڏهن ڪي وڏا ڪاروباري
سرگنڊا جي وسيع ذخيرن مان لوڻ ڪڍڻ ۽ ٻاهر موڪلڻ جي
موڪل وٺندا هئا. تڏهن بمبئي ۾ ايڪسائيز ڊيوٽي جي
شرح ٻارهن آنا في هندستان مڻ هوندي هئي ته اهي به
اهائي ڏيندا هئا. اڳتي هلي سن 1861ع ۾ هندستان جي
حڪومت سنڌ ۾ واپرائجندڙ لوڻ تي ڊيوٽي هڻڻ جي تجويز
ڏني. طريقه ڪار بابت ڪجهه بحث مباحثن کانپوءِ ليسن
جو نظام اختيار ڪيو ويو. ليسن کان سواءِ لوڻ ٺاهڻ
ممنوع قرار ڏنو ويو ۽ اهو شرط رکيو ويو ته نڪرندڙ
لوڻ جي هڪ مڻ تي اٺ آنا محصول ڏنو ويندو. پاڙيسري
ضلعن مان ايندڙ لوڻ تي به ساڳيو محصول هنيو ويو.
ٿرپارڪر جي لڳ ڀڳ سموري ضلعي کي انهي علائقي جي
ڪيترين ئي ڍنڍن مان سپلاءِ ٿيندي هئي ۽ اڳوڻن
ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعن کي جاتي، شاهبندر ۽ بدين تعلقن
جي ذخيرن مان سپلاءِ ٿيندي هئي. جڏهن ته ڪراچي جي
ويجهو مواڇ جي ميدان جي لوڻن کوهن تان به لوڻ ٺهڻ
جو ڪم جاري رهيو. 1907ع واري گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل لوڻ
ٺاهڻ جو طريقو هن وقت چالو نه آهي. دنيا جي اڪثر
حصن وانگر جتي لوڻ سج جي گرمي ذريعي ٻاڦ ذريعي
ٺاهيو وڃي ٿو تيئن هاڻي هتي به کوهن ۽ پيپن ذريعي
ٺاهيو وڃي ٿو.
15- آڪٽوبر 1959ع جي ”دي پاڪستان نيوز ڊائجسٽ“ ۾
رپورٽ ٿيل آهي ته اولهه پاڪستان ۾ سکر ۽ خانپور جي
وچ ۾ ماڙي ۾ سئي جهڙي ئي گئس سان ڀرپور گئس فيلڊ
دريافت ٿي آهي. اها گئس 2300 کان 2450 فوٽن جي
اونهائي تي لڌي آهي ۽ اهڙا اشارا موجود آهن ته
اتان روزانو پنجاهه لک ڪيوبڪ فوٽن تائين گئس نڪري
سگهي ٿي. شروعاتي تخمينن مطابق انهي ذخيري ۾ 700
کان 800 ملين ڪيوبڪ فوٽن جي وچ ۾ گئس هوندي.
ابتدائي ماپن مان خبرپوي ٿي ته گئس 67 سيڪڙو ٻرندڙ
۽ 33 سيڪڙو
INERT
مادن تي ٻڌل آهي.
لوڻ ۽ آبڪاري
Salt & Excise
اڳوڻي سنڌ صوبي ۾ آبڪاري کاتي جون ذميواريون گهڻو
ڪري شراب، آفيم ۽ سڀني نشي آور شين جي امپورٽ،
ايڪسپورٽ، ٽرانسپورٽ، ٺاهڻ، پاڻ وٽ رکڻ ۽ وڪرو ڪرڻ
جي معاملن تي اک رکڻ تائين محدود هيون. محصول سان
لاڳاپيل انتظام ڪاري وري روينيو ڊپارٽمينٽ جا
ڪليڪٽر سنڀاليندا هئا. انهن شين جي وڪري تي ڪنٽرول
۽ نظرداري ۽ انهن سان لاڳاپيل ڏوهن جي تفتيش جو ڪم
ايڪسائيز آفيسرن جي حوالي ٿيل هوندو هو، جيڪي
آبڪاري قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ڪليڪٽرن جي
معاونت لاءِ مقرر ڪيا ويندا هئا. اولهه پاڪستان
ٺهڻ سان آبڪاري کاتي جي انتظام ۾ وسعت آندي وئي ۽
روينيو ڊپارٽمينٽ جي ڪليڪٽرن جاڪم آبڪاري کاتي جي
آفيسرن کي ڏنا ويا ۽ سڀني صوبائي مالياتي معاملن ۾
ٻين کاتن جون ذميواريون به آبڪاري کاتي کي ڏنيون
ويون جيڪو هاڻي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ
سڏجي ٿو.
لوڻ جو انتظام البت مرڪزي حڪومت وٽ رهيو پر 1956ع
۾ حڪومت پاڪستان طرفان آئين ٺاهڻ کانپوءِ لوڻ جي
ذميواري صوبائي حڪومت کي ڏني وئي ۽ هاڻي اهي ڪم
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ طرفان سرانجام
ڏنا پيا وڃن.
لوڻ: اڳوڻي سنڌ صوبي ۾ ڪلراٺي زمين تمام گهڻي
هوندي هئي ۽
صوبو
ڪنهن وقت لوڻ جي سپلاءِ جو هڪ مکيه ذريعو هوندو
هو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ لوڻ جا ڪيترائي ذخيرا آهن. اهي
ذخيرا سمنڊ جي ڪناري وارن ذخيرن کان بنيادي طور
مختلف آهن جيڪي سمنڊي لوڻ جي بخارجڻ سبب پيدا ٿيا
آهن. اهي قدرتي ڍنڍون هونديون آهن جن کي چشمن يا
مينهن جو پاڻي ملندو آهي. اهو پاڻي جڏهن لوڻي تهه
منجهان گذرندو آهي ته انهي ۾ تمام وڏي حد تائين
لوڻ شامل ٿي ويندوآهي. پوءِ ٻاڦ سبب پاڻي ڄمي
ويندو آهي ۽ تري ۾ لوڻ اهڙي تهه جي شڪل اختيار
ڪندو آهي جيڪو ڪيترائي فوٽ اونهو به ٿي سگهي ٿو.
اهو ٽيڪم ۽ بيلچي جي مدد سان کوٽي ڪڍي ڪناري تي
سُڪڻ لاءِ رکيو ويندو آهي. ٿرپارڪر ضلعي جي ٿر
واري علائقي ۾ ڪي لوڻ جا ذخيرا اهميت وارا آهن.
(1) سارڻ سالٽ ڊپو:
سارڻ ۾ اهو ڏيپلي کان 6 ميلن جي فاصلي تي آهي،
جيڪو ضلعي ۾ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. (2) کپري جي
ويجهو ڍليار سالٽ ڊپو. اهو به ضلعي ۾ تعلقي جو هيڊ
ڪوارٽر آهي. اهي ٻئي سالٽ ڊپو سرڪاري ادارا آهن ۽
سينٽرل ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ پاڻ هلائيندي آهي.
سينٽرل ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ پاران 56-1955ع لاءِ
جاري ٿيل سالياني ايڊمنسٽريشن رپورٽ ۾ هيٺيان انگ
اکر ڏيکاريل آهن.
ڊپو |
سال |
لوڻ جو مقدار (مڻن ۾) |
جملي آمدني |
سارڻ |
53-1952 |
16000 |
41923 |
|
54-1953 |
14300 |
33561 |
|
55-1954 |
12800 |
30775 |
|
56-1955 |
13000 |
30096 |
ڍليار |
53-1952 |
43114 |
38774 |
|
54-1953 |
6493 |
52608 |
|
55-1954 |
13444 |
32997 |
|
56-1955 |
16400 |
23472 |
مٿي ذڪر ڪيل ٻن ڪارخانن سان گڏوگڏ ٺٽي ضلعي ۾ واقع
ٽي خانگي ڪارخانا آهن جن جا نالا هي آهن: (1) هر
جينا سالٽ ورڪس (2) قريشي سالٽ ورڪس ۽ (3) ڌاٻيجي
سالٽ ورڪس. لوڻ جا اهي ڪارخانا وڏي پيماني تي ڪم
پيا ڪن ۽ اتي ٺهندڙ لوڻ گهڻو ڪري اوڀر پاڪستان ۽
ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿيندو آهي.
آبڪاري
(Excise)
ديسي شراب
(Country Liquor):
سن 1920ع کان اڳ ملڪ ۾ واپرائڻ لاءِ ديسي شراب
امرتسر ۽ ڪانپور جي شراب خانن مان امپورٽ ڪيو
ويندو هو. سن 1920ع ۾ سنڌ صوبي ۾ شراب ٺاهڻ ۽ ان
جي ٺيڪي جي بنياد تي ريزڪي دڪانن کي سپلاءِ جو
نظام متعارف ڪرايو ويو. شراب ذخيرو ڪرڻ ۽ اتان
ريزڪي دڪانن کي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي حيدرآباد، سکر
۽ لاڙڪاڻي ۾ گودام کوليا ويا جيئن دڪاندارن کي اهو
حصو وٺڻ ۾ سهوليت ٿئي. گڏوگڏ راشن جو نظام متعارف
ڪرايو ويو جنهن تحت گذريل ٽن سالن جي کپت جي بنياد
تي هر دڪان جو راشن مقرر ڪيو ويو. ٻين لفطن ۾ چئجي
ته ڪنهن به دڪاندار کي غير محدود راشن نه ٿي ڏنو
ويو. اهو نظام انهي ڪري لاڳو ڪيو ويو جيئن آهستي
آهستي شراب تي پابندي جي پاليسيءَ کي هٿي وٺرائي ۽
پوءِ لاڳو ڪري سگهجي. اهڙن دڪانن کي وڪري جا حق
ساليانو نيلام ڪيا ويندا هئا. شراب جو واهپو گهڻو
ڪري هندو ڪميونٽي تائين محدود هوندو هو، تنهنڪري
انهي جي واپار تي به هندن جي هڪ هٽي هوندي هئي ۽
ڪوبه مسلمان مذهبي لحاظ کان انهي واپار ۾ داخل ٿيڻ
جي جرئت نه ڪندو هو. سن 1920ع کان 1938ع تائين ٻن
قسمن جي شراب يعني
25UP
۽
40UP
ٺاهڻ جي اجازت هوندي هئي. شراب ڳڙ ۽ شيري مان
ٺاهيو ويندو هو. سن 1938ع کان شراب جي طاقت ۾
اضافو متعارف ڪيو ويو ۽
25 UP
شراب کي
15UP
تائين وڌايو ويو. ٻنهي قسمن جي شراب ۾ فرق ڪرڻ
لاءِ
40UP
شراب رنگين هوندو هو. انهي سان گڏوگڏ امرت جيوڻي
نالي هڪ ٽئين قسم جو شراب پڻ ٺاهڻ جي اجازت ڏني
وئي. اهو خوشبودار ۽ مصالحيدار هوندو هو. پر شراب
جي طاقت
15UP
تي رکڻ جي ئي اجازت هوندي هئي. آزادي کانپوءِ هندن
جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ديسي شراب جي
وڪري ۾ چڱي گهٽتائي آئي ۽ انهي ڪاروبار کي وڏو
ڌچڪو آيو. تنهنڪري حڪومت لاءِ دڪانن جو نيلام ڪرڻ
ڏکيو ٿي پيو. اهڙين حالتن ۾ شراب جا دڪان ڪميشن جي
بنياد تي نيڪال ٿيڻ لڳا ۽ ڪميشن ايجنٽن کي مقرر
اگهه تي پنهنجو راشن کڻڻ ۽ وڪري جي مقرر اگهه تي
نيڪال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اهو نظام تسلي بخش
ثابت نه ٿيو ۽ 52-1951ع ۾ نيلامي وارو نظام بحال
ڪيو ويو.
هندن جي وڏي لڏپلاڻ سبب- جيڪي ئي شراب جا مکيه
واپرائيندڙ هئا- ضلعن ۾ پکڙيل شراب جي دڪانن مان
اڪثر کي بند ڪرڻ بهتر سمجهيو ويو.
هيٺ شراب جي جملي وڪري ۽ ان مان ٿيندڙ آمدني جا
انگ اکر ڏيکاريا ويا آهن.
سال |
واهپو گيلن ۾ |
آمدني رپين ۾ |
37-1936 |
116008 |
1595095 |
38-1937 |
135873 |
1817972 |
39-1938 |
112695 |
1733024 |
40-1939 |
101691 |
1817540 |
42-1941 |
102484 |
2217540 |
43-1942 |
117031 |
2931842 |
44-1943 |
115779 |
5434677 |
45-1944 |
110243 |
5017306 |
46-1945 |
117331 |
5869874 |
47-1946 |
124019 |
5733372 |
48-1947 |
84923 |
3968121 |
49-1948 |
18794 |
172321 |
50-1949 |
16222 |
98588 |
51-1950 |
17589 |
119907 |
52-1951 |
21287 |
280845 |
53-1952 |
13418 |
525472 |
انفرادي استعمال ڪندڙ لاءِ پاڻ وٽ رکڻ جي حد 1-
اپريل 1946ع کان ٻه ڪئارٽ بوتلن تائين محدود ڪئي
وئي ۽ اها حد اڃا تائين اڳوڻي سنڌ صوبي جي حدن ۾
لاڳو آهي.
عوامي جاين تي شراب جي واهپي تي بندش وڌي وئي ۽
اهڙين جاين ۾ مذهبي جايون ۽ تفريحي هنڌ وغيره شامل
ڪيا ويا هئا.
شراب ٺاهڻ تي لاڳو محصول ۾ وقت بوقت اضافو ڪيو
ويندو آهي جيئن انهي جي وڪري کي محدود ڪري ۽ ان
مان وڌ مان وڌ آمدني حاصل ڪري سگهجي. هيٺين جدول ۾
وقت بوقت في بٺي تي لڳل محصول جا اگهه ڏيکاريل
آهن.
سال |
15 U.P |
25 U.P |
40 U.P |
22-1921 |
---- |
7 رپيا |
4.8 |
23-1922 |
---- |
8 رپيا |
6.4 |
38-1937 تائين |
---- |
|
|
39-1938 |
9 |
8 |
6.4 |
41-1940 |
9 |
8 |
6.4 |
42-1941 |
10 |
---- |
7 |
44-1943 |
12 |
ختم ڪيو ويو |
8.8 |
45-1944 تائين |
15 |
= = = |
10.8 |
48-1947 |
18.12 |
= = = |
12.10 |
57-1956 |
28.2 |
= = = |
18.15 |
58-1957 |
|
|
|
نشو ڏيندڙ شيون
(الف) چرس: هي ڀنگ جي ٻوٽي جي پيداوار آهي. انهي
کي غريب طبقي جي ماڻهن جي واهپي لاءِ سستي نشي آور
شيءِ سمجهيو ويندو هو. اها هوشيارپور مان امپورٽ
ڪئي ويندي هئي ۽ هر سال دڪانن جي نيلام کانپوءِ
سرڪاري گدامن ۾ ذخيرو ڪئي ويندي هئي، جتان ليسن
رکندڙ دڪاندارن کي وڪرو ڪئي ويندي هئي.
هيٺين جدول ۾ چرس جي وڪري، محصول جي شرح، گهٽ ۾
گهٽ ريزڪي وڪري جون قيمتون ۽ صوبي ۾ هلندڙ دڪانن
جو تعداد (ڪراچي سميت) ڏيکاريل آهي.
سال |
وڪرو سيرن ۾ |
في سير تي محصول |
گهٽ ۾ گهٽ ريزڪي قيمت آنن ۾ |
دڪانن جو تعداد |
11-1910 |
17500 |
8.0 |
3 |
506 |
12-1911 |
15000 |
12.0 |
2/1-4 |
432 |
13-1912 |
10550 |
16.0 |
6 |
216 |
14-1913 |
7200 |
20.0 |
7 |
156 |
15-1914 |
7000 |
20.0 |
7 |
110 |
16-1915 |
7300 |
20.0 |
7 |
90 |
17-1916 |
6100 |
20.0 |
7 |
72 |
18-1917 |
4300 |
30 |
9 |
33 |
19-1918 |
4800 |
30 |
9 |
32 |
20-1919 |
5800 |
30 |
9 |
29 |
21-1920 |
4700 |
40 |
11 |
29 |
22-1921 |
6000 |
40 |
11 |
29 |
23-1922 |
5000 |
50 |
13 |
22 |
24-1923 |
5900 |
50 |
13 |
22 |
25-1924 |
4600 |
60 |
15 |
14 |
26-1925 |
4200 |
60 |
15 |
14 |
27-1926 |
3200 |
60 |
15 |
14 |
29-1928 |
2558 |
60 |
15 |
14 |
30-1929 |
6964 |
20 |
--- |
14 |
31-1930 |
7180 |
20 |
|
14 |
32-1931 |
6884 |
20 |
|
14 |
33-1932 |
|
25 |
|
14 |
38-1937 |
10179 |
25 |
|
14 |
39-1938 |
7861 |
40 |
0-2-1 |
14 |
40-1939 |
--- |
60 |
|
14 |
جيئن ته چرس کي هاڃيڪار شيءِ سمجهيو ويندو هو،
تنهنڪري سنڌ حڪومت 1939-10-1 کان انهي جي امپورٽ،
واهپي ۽ پاڻ وٽ رکڻ تي بندش وجهي ڇڏي.
(ب) گانجا
گانجا نالي هڪ ٻي نشو ڏيندڙ شيءِ جي آبڪاري دڪانن
تي وڪري جي اجازت ڏني وئي ۽ اهڙن دڪانن جو هر سال
نيلام ٿيندو هو. هيٺين جدول ۾ گانجي جي وڪري ۽ ان
تي ورتي ويندڙ محصول جو اگهه ڏيکاريو ويو آهي:
سال |
وڪرو سيرن ۾ |
في سير محصول |
سال |
وڪرو سيرن ۾ |
في سير محصول |
24-1923 |
1189 |
-/20 |
39-1938 |
532 |
-/20 |
25-1924 |
1146 |
8/22 |
40-1939 |
|
-/30 |
26-1925 |
1211 |
8/22 |
41-1940 |
|
-/30 |
27-1926 |
1154 |
-/25 |
42-1941 |
|
-/40 |
28-1927 |
828 |
-/25 |
43-1942 |
|
-/60 |
29-1928 |
582 |
-/25 |
44-1943 |
|
-/80 |
30-1929 |
500 |
-/20 |
45-1944 |
|
-/100 |
31-1930 |
287 |
-/20 |
46-1945 |
|
-/120 |
38-1937 |
554 |
-/20 |
|
|
|
انهيءَ شيءِ کي به نقصانڪار سمجهيو ويو ۽ حڪومت
طرفان 1946/4/30 کان ان جي امپورٽ، واهپي ۽ پاڻ وٽ
رکڻ تي بندش وڌي وئي.
(ج) ڀنگ
(Hemp)
هن شيءِ کي عام طور غريب طبقي جا ماڻهو گرم موسم ۾
ٿڌ ڏيندڙ مشروب طور ڪم آڻيندا آهن. ڀنگ ضلعي دادو،
تعلقي سيوهڻ ۾ بوبڪ ۾ سڌو سنئون حڪومت جي نظرداري
هيٺ پوکي ويندي آهي. فصل لڻڻ کانپوءِ گودامن ۾
رکيو ويندو آهي، جتان اڳوڻي صوبي سنڌ جي سمورن
ليسن رکندڙ دڪاندارن کي محصول جي مقرر اگهه تي ڏني
ويندي آهي. دڪانن جو وڪرو نيلام ذريعي ٿيندو آهي.
هيٺ ڀنگ جي وڪري ۽ ان تي لڳندڙ محصول جا انگ اکر
ڏنا ويا آهن.
سال |
وڪرو سيرن ۾ |
محصول في سير |
سال |
وڪرو سيرن ۾ |
محصول في سير |
24-1923 |
108461 |
هڪ رپيو اٺ آنا |
42-1941 |
69360 |
|
25-1924 |
106713 |
|
43-1942 |
76760 |
|
26-1925 |
84727 |
ٻه رپيا |
44-1943 |
91440 |
|
27-1926 |
81578 |
|
45-1944 |
90520 |
ٻه رپيا اٺ آنا |
28-1927 |
80281 |
|
46-1945 |
83960 |
|
29-1928 |
81481 |
|
47-1946 |
88380 |
|
30-1929 |
72613 |
|
48-1947 |
74960 |
|
31-1930 |
65951 |
گهٽائي رپيو 8 آنا ڪيو ويو |
49-1948 |
26960 |
3 رپيا 2 آنا |
32-1931 |
60591 |
|
50-1949 |
14200 |
|
38-1937 |
70925 |
|
51-1950 |
8720 |
|
39-1938 |
72104 |
|
52-1951 |
18760 |
|
40-1939 |
57480 |
ٻه رپيا |
53-1952 |
18800 |
|
41-1940 |
68520 |
|
|
|
|
آفيم
(Opium)
هي شيءِ هندستان ۾ يو. پي. جي غازي پور آفيم
فيڪٽري مان امپورٽ ڪئي ويندي هئي ۽ ان جون کيپون
ٽريزري ۽ سب- ٽريزري آفيسن ۾ رکيون وينديون هيون،
جتان لسٽ رکندڙ دڪاندارن کي مقرر اگهن تي ڏني
ويندي هئي، جنهن ۾ آفيم جي قيمت ۽ محصول شامل
هوندا هئا. ماڻهن کي وڪري جو حق نيلام ذريعي ڏنو
ويندو هو. موالين کي آفيم پاڻ وٽ رکڻ جي حد هڪ
تولو هوندي هئي جيڪا اڳتي هلي ٻه تولا ڪئي وئي.
سنڌ حڪومت 54-1953 دوران (53/4/1) بندش جي پاليسي
آندي جنهن تحت آفيم جو وڪرو فقط گورنمينٽ ميڊيڪل
آفيسرن پاران سرٽيفڪيٽ ڏنل حقيقي موالين تائين
محدود ڪيو ويو. فردن جو راشن به طبي مشوري تحت
مقرر ڪيو ويندو هو ۽ هر موالي کي هڪ راشن ڪارڊ
جاري ڪيو ويندو هو، جنهن تي سندس مستقل ائڊريس ۽
هن کي هر مهيني ملندڙ راشن درج ٿيل هوندو هو. هو
جنهن دڪان تي پنهنجي راشن لاءِ رجسٽرڊ ٿيل هوندو
هو راشن ڪارڊ ۾ اهو به لکيل هوندو هو. موالي کي
آفيم 6 رپيا 13 آنا جي چڱي گهٽ اگهه تي ڏني ويندي
هئي. سرڪاري آفيم جا دڪان هلائڻ لاءِ ڪميشن ايجنٽ
مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ انهن کي هڪ رپيو في تولو
ڪميشن ڏني ويندي هئي. ٽريزري مان جاري ٿيڻ جو اگهه
5 رپيا 13 آنا في تولو هوندو هو. وري اها به ڳڻ
ڪئي وئي هئي ته انفرادي راشن هر سال طبي مشوري هيٺ
10 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهجي پيو. سنڌ صوبي ۾ اهو
نظام 1955ع ۾ اولهه پاڪستان ٺهڻ تائين هلندو رهيو،
انهيءَ کانپوءِ بندش جي پاليسي ختم ڪئي وئي ۽
پراڻو طريقو بحال ڪيو ويو.
هيٺ آفيم جي وڪري ۽ ان مان ٿيندڙ آمدني جا انگ اکر
ڏنل آهن:
سال |
وڪرو سيرن ۾ |
سرڪاري قيمت |
آمدني |
38-1937 |
5682 |
|
502630 |
39-1938 |
6085 |
|
493367 |
40-1939 |
3356 |
0-0-75 |
461405 |
41-1940 |
3563 |
|
462898 |
42-1941 |
3783 |
|
505591 |
43-1942 |
4050 |
0-0-80 |
585196 |
44-1943 |
3747 |
0-0-100 |
804633 |
45-1944 |
4775 |
|
1019376 |
46-1945 |
5235 |
|
1200999 |
47-1946 |
4093 |
0-0-120 |
1667656 |
48-1947 |
2947 |
|
1252286 |
49-1948 |
1443 |
|
703203 |
50-1949 |
1344 |
|
701150 |
51-1950 |
1560 |
|
744499 |
52-1951 |
1649 |
|
517769 |
53-1952 |
1704 |
|
460727 |
ڏوڏي: سنڌ صوبي ۾ ڏوڏي جو واهپو ڪڏهن به وڏي
پيماني تي نه رهيو آهي. مُنڍ ۾ سموري صوبي ۾ فقط
چار دڪان هوندا هئا ۽ اهو انگ گهٽائي 2 ڪيو ويو
هو. سال 39-1938 دوران حڪومت پهريون دفعو ڏوڏي
پيدا ڪندڙ وڻن تي ٽيپنگ چارج لاڳو ڪئي. ٽيڪس جي
شرح 2 کان 7 رپيا في وڻ ساليانو جي وچ ۾ هوندي
هئي. انهي سان گڏوگڏ ڏوڏي وڪڻڻ جو حق هر سال نيلام
ڪيو ويندو هو.
ولايتي شراب: سن 1930ع ۾ اڳوڻي سنڌ صوبي ۾ بمبئي
پريزيڊنسي جهڙي
Foreign Liquor Scheme
متعارف ڪرائي وئي. تڏهن آبڪاري دڪانن جو تعداد هن
ريت هو.
ضلعا |
هوٽل |
ريفريشمينٽ |
Off |
On |
ڪلب |
بيئر |
ڊائننگ ڪار |
حيدرآباد |
1 |
... |
5 |
3 |
4 |
1 |
1 |
نوابشاهه |
... |
... |
2 |
... |
... |
... |
... |
ٿرپارڪر |
... |
... |
2 |
... |
... |
... |
... |
سکر |
... |
1 |
5 |
... |
6 |
4 |
... |
لاڙڪاڻو |
... |
... |
2 |
... |
... |
1 |
... |
جيڪب آباد |
... |
... |
1 |
... |
... |
1 |
... |
مٿئين اسڪيم مطابق ”آف“ دڪانن جي درجي بندي ۽ مقرر
في وٺڻ جو نظام ختم ڪيو ويو. انهي جي بجاءِ حقيقي
وڪري تي حڪومت پاران تجويز ڪيل اگهن تي اسسيمينٽ
في ورتي ويندي هئي. بشرطيڪه حيدرآباد، سکر ۽
شڪارپور ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڪرو -/250 رپيا ۽ باقي ٻين
جاين تي -/100 رپيا هجي.
ولايتي شراب جا بار (‘on’
دڪان) هميشه سالياني بنيادن تي نيلام ڪيا ويندا
آهن ۽ انهي سان گڏوگڏ حقيقي وڪري تي گُڊ وِل في ۽
اسيسمينٽ في ورتيون وينديون آهن.
هوٽل ۽ ريفريشمينٽ روم جن وٽ مستقل ليسن هوندا آهن
انهن کان حقيقي وڪري تي اسيسمينٽ في سان گڏوگڏ
سالياني ليسن في ورتي ويندي آهي.
ڪلبن، ڪينٽينن، ريلوي ريفريشمينٽ رومز، ڊائننگ
ڪارن تان پڻ مقرر سالياني ليسن في سان گڏوگڏ
اسيسمينٽ في ورتي ويندي هئي.
گهٽ قيمت وارن شرابن (پاڪستان ۾ ٺهيل ولايتي شراب)
جي حقيقي وڪري تي اسيسمينٽ في ولايتي شرابن کان 50
سيڪڙو مٿي ورتي ويندي هئي. هاڻي انهن حڪمن ۾ ترميم
ٿي وئي آهي ۽ في ڊزن بوتلن تي -/120 رپين جي يڪسان
اگهه سان اسيسمينٽ في تجويز ڪئي وئي آهي.
هيٺ ولايتي شراب جي وڪري جا انگ اکر ڏجن ٿا.
سال |
اسپرٽس (Spirits)
گيلن ۾ |
وائينز
(Wines)
گيلن ۾ |
بيئرر
(Beers)
گيلن ۾ |
ولايتي |
ديسي |
ولايتي |
ديسي |
ولايتي |
ديسي |
38-1937 |
5515 |
97 |
255 |
|
39313 |
1792 |
39-1938 |
4170 |
44 |
247 |
|
32790 |
1458 |
40-1939 |
4883 |
60 |
182 |
|
30824 |
747 |
41-1940 |
4413 |
185 |
184 |
|
23228 |
1674 |
42-1941 |
3491 |
919 |
136 |
|
16823 |
5625 |
43-1942 |
3801 |
5609 |
207 |
10 |
7392 |
5352 |
44-1943 |
5015 |
3956 |
218 |
|
4667 |
3145 |
45-1944 |
6954 |
7595 |
254 |
|
4487 |
2792 |
46-1945 |
4360 |
16324 |
456 |
40 |
351 |
3386 |
47-1946 |
9022 |
15736 |
365 |
27 |
9356 |
7954 |
48-1947 |
6353 |
5055 |
208 |
17 |
26296 |
4139 |
49-1948 |
1524 |
1396 |
92 |
|
4714 |
2326 |
50-1949 |
1816 |
1118 |
32 |
|
5296 |
2402 |
51-1950 |
2204 |
1373 |
14 |
|
6288 |
2232 |
52-1951 |
2091 |
1840 |
16 |
|
9735 |
2854 |
53-1952 |
2085 |
2005 |
15 |
|
11195 |
2371 |
انهيءَ معلومات ۾ ڪراچي جي علائقي جو وڪرو پڻ شامل
آهي. ولايتي شراب پاڻ وٽ رکڻ جي ڪابه حد نه آهي.
پاڪستان ۾ ٺهندڙ ولايتي شراب جي به سرڪاري نظرداري
هيٺ موڪل ملندي آهي. اوورپروف
(over-proof)
شراب جي تياري وسڪي ۽ برانڊي جي صورت ۾
25 U.P
۽ جن ۽ لڪر
(Liquor)
جي صورت
35 U.P
جي تجويز ٿيل طاقت تائين محدود رکي وئي آهي. انهي
کي پوءِ بلينڊ ۽ ڪمپائونڊ ڪري، ذائقو شامل ڪري
بوتلن ۾ ڀريو ويندو آهي. اهي پوءِ مقرر ڊيوٽي ۽
پاس في جي ادائيگي تي ليسن رکندڙ دڪاندارن کي ڏنا
ويندا آهن. اڳوڻي سنڌ صوبي ۾ ڪوبه شراب جو ڪارخانو
نه هوندو هو، تنهنڪري واپار جو دارومدار گهڻو ڪري
امپورٽ ڪيل بيئر ۽ مري بريوري جي مقامي پيداوار تي
هوندو هو. |