سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:7 

باب اٺون

نسل، قبيلا ۽ ذاتيون

نسل ڄاڻ:

سنڌ علائقي جي نسلن جي ڄاڻ به ايتري ئي غير تسلي بخش آهي، جيتري پهڻ جي جهوني ۽ نئين زماني واري تمدن جي سائنسي چوک چڪاس، انهيءَ ڏس ۾ تمام ٿورو ڪم ڪيو ويو آهي، ۽ اڃا تائين ته ڪو اهڙو مستند ڪتاب پڌرو نه ٿيو آهي، جنهن ۾ انهن ماڻهن جي بڻ بنياد جو خاطريءَ جوڳو بيان هجي، جي هاڻ هيٺينءَ سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ آهن. هند- پاڪستان ننڍو کنڊ شروع کان وٺي ڀانت ڀانت جي تمدنن جو آماجگاهه پئي رهيو آهي. رالنسن پنهنجي ”هندستان جي تمدني تاريخ“ ۾ چوي ٿو ته هندستان جي نسل ڄاڻ جي معقول اختصار پيش ڪرڻ جو ڪيئي ڪوششون ڪيون ويون آهن، پر جيڪي ڳالهيون انهن کي هيستائين رنڊائينديون رهيون سي آهن طبعي وصفن جي ورڇ جو اڻپور علم ۽ نسلي قسم ۽ ٻوليءَ کي منجهائڻ جو لاڙو، پوئين ڳالهه ته پاڻ وڏي رنڊڪ آهي. ’دراوڙ‘ ۽ ’آريا‘ جهڙا لساني اصطلاح نسلي ايڪن سان لاڳو ڪيا ويا آهن. ”پر تازو انساني نسلن جي هڪ جرمن ڄاڻوءَ، بئرن اي. ائخشديت هندستاني نسلن بابت هڪ معقول نظريو جوڙيو آهي. ايئن وسهڻ لاءِ سبب آهي ته جيئن جيئن علم اڳتي وڌي، تيئن تيئن ان نظرئي ۾ اضافا ڪبا رهبا ته اهو آئينده کوجنا جي آزمائش تي پورو بيهندو. وان ائخشديت جي خيال ۾ ڪي به آريا ۽ دراوڙ ناهن. البت آريائي ۽ درواڙي ٻوليون ۽ تمدني ريتون برابر آهن. وان ائخشديت جو نظريو، جيئن اهو رالنسن جي ڪتاب ۾ اُپٽاريل آهي، اولهه پاڪستان جي هيٺين سنڌو ماٿري جي ماڻهن جي نسلي بڻاوت جي سلسلي ۾ ڪا گهڻي مدد نٿو ڪري.

ننڍي کنڊ ۾ انسان جا ڪي به اوائلي قسم ڪونه لڌا آهن، ۽ يقين سان نٿو چئي سگهجي ته ننڍي کنڊ جا اصلوڪا رهاڪو ڪير هئا. ويجهڙ ۾ 1931ع واري ڳڻپ جي رپورٽ سان ’نسل ڄاڻ‘ جي ان منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جو معاملو ڪجهه اڳتي وڌيو آهي، خاص ڪري انهيءَ رپورٽ جي پهرين جلد جي ڀاڱي ٽين- نسلن جو بيان سان، جو هند- پاڪستان ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي نسلي هڪجهڙاين تي روشني وجهي ٿو. هيءُ ڀاڱو ڊاڪٽر بي.ايس. گوها جو سهيڙيل آهي، جيڪو تڏهن زولاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ انساني نسلن جي ڄاڻوءَ جي عهدي تي هو. ڊاڪٽر گوها انهيءَ ويچار سان پوريءَ طرح متفق آهي ته نسلن جي بيان جا مسئلا مختلف انساني قسمن جي طبعي هڪجهڙاين جي آڌار تي نبيريا وڃن، ۽ نه انهن قسمن يا انهن جي ڪن رليل مليل ڀاڱن جي مختلف ٻولين ڳالهائيندڙن سان ميلاپ جي آڌار تي. اها ڳالهه قبول ڪري سگهجي ٿي ته ’دراوڙي‘ ۽ ’آريائي‘ جو ائين ذڪر ڪرڻ ڄڻ ته اهي ڪي نسلي قسم هجن منطقي ۽ طبعي لحاظ کان ناقص آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي ماڻهو دراوڙي ۽ آريائي ٻوليون ڳالهائيندا هئا يا ڳالهائن ٿا، تن جا نسلي وصف ڳوليا وڃن. سر هربرٽ رسلي جي تصنيف هاڻ مدي خارج ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته هن صاحب نسلي قسمن جي جيڪا درجي بندي ڪئي آهي، تنهن ۾ نسلي قسم کي ٻوليءَ کان ڌار ڪرڻ جي ضرورت کي پوريءَ طرح تسليم نه ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر گوها واري رپورٽ ۾ اهي ست مکيه نسلي قسم اُپٽاريل آهن، جي اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي آدم شماريءَ ۾ تسليم ڪيا وڃن ٿا. انهن ستن قسمن مان فقط چئن جو انهن ماڻهن سان واسطو آهي، جي اولهه  پاڪستان اندر هيٺين سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ هئا ۽ هاڻ رهندڙ آهن. ڊاڪٽر گوها جا ڄاڻايل اهي چار نسل هي آهن: 1. قد ننڍو، مٿو ڊگهو، ڪاپار جي ٽڪري اُڀي، اکين جي چلهه جي مٿان وارو هڏو جهيڻو اُڀريل، منهن ويڪرو ۽ ننڍو پر سنڌو، چپ وچولا، نڪ وڏو ۽ ڊگهو پر ناسون وڇٿريون ڦنڊيل يعني وچولو نڪ. 2. قد وچولو، مٿو ننڍو، ڪياڙي تراکڙي پر سر لوٽيرو ۽ نرڙ گهڻو ڪري پٺتي لڙندڙ، منهن ننڍو ۽ سڌو، نڪ ڪجهه وڌيڪ ويڪرو ۽ گهڻو لاهيرو پر اڪثر ڪري ونگيل ۽ اُپيٽو. 3. قد ڊگهو، مٿو نسبتي طرح وڌيڪ هيٺاهون ۽ ڊگهيرو، منهن ڊگهو، نڪ وڏو، سنهو ۽ ڊگهو. 4. مٿو وچٿرو لوٽيرو، ڀروائون هڏو چڱو اُڀريل، ويڪرو ننڍو منهن، وات ٿورو اڳڀرو لڙيل، ويڪرين ناسن سان ننڍو چپڙو نڪ، وار لهرين يا گهنڊين وارا، چمڙي ڪاراڻ تي مائل ڳوڙهي خاڪي رنگ جي جيئن ته ڪي خاطريءَ جوڳا اصطلاح اهڙا ته آهن جي گهربل مفهوم ادا ڪري سگهن، سو راقم  الحروف ’دراوڙي‘ ۽ ’آريائي‘ لفظ ڪم آڻيندو. پر پڙهندڙ اهو ذهن ۾ رکن ته نسل ڄاڻ جي هن ڀاڱي ۾ جتي به اهي لفظ يعني ’دراوڙي‘ ۽ ’آريائي‘ ڪم آندا ويا آهن اُتي انهن مان مراد دراوڙي ۽ آريائي ٻوليون ڳالهائيندڙ نسلي قبيلا آهن. دراوڙيءَ جي حالت ۾ ظاهر آهي ته ان ۾ هڪ کان وڌيڪ چٽو نسلي قسم شامل آهي. ڪوشش ڪئي ويندي ته مختلف نسلي قسم، نسلن جي عام سٽاءُ ۾ جيڪا جاءِ والارين ٿا، تنهن کي آُجاگر ڪيو وڃي.

موجوده مصنف هيٺين سنڌو ماٿريءَ جي آدم شماريءَ تي نسلن ۽ کوپڙين جي ڄاڻ جي لحاظ کان هڪڙو ئي ڪتاب ڏٺو آهي، اهو جنهن جو حوالو ڊاڪٽر گوها پنهنجي مٿي ڄاڻايل رپورٽ ۾ ڏنو آهي. ان ۾ ڄاڻايل آهي: سيويل ۽ راءِ جون ڪيل سنڌي مسلمانن ۽ بروهين جون ماپون ڌرين جي سو سو سامايل ماڻهن جون آهن. ٻنهي ۾ نسلي مشابهت جو ڳڻڪ 7.57-0.18 آهي. انفرادي خاصيتن ۾ مکيه تفاوت قد ڪن جي اوچائيءَ اک واري کڏ جي ويڪر اک کڏ تڪ جي ويڪر، تڪ جي ڊيگهه، ڊيگهه ويڪر ڏسڻي ويڪر اُتانهن ڏسڻيءَ جا آهن. انهن جا ترتيبوار ملهه آهن. 6.77، 36.54، 29.08، 15.31، 11.98، 10.03 ۽ 37.34 جي ڏيکارين ٿا، اُتي بروهين جي ڀيٽ ۾ سنڌي قد جا ٿورا وڌيڪ گول مٿي وارا ۽ وڌيڪ ڊگهي نڪ وارا آهن. البت مٿي جي ٽڪري ۽ اک کڏ جي ويڪر بروهين جي وڏي ٿئي ٿي. اهي انگ اکر جتي ٻنهي ۾ نسلي هڪجهڙائي ڏيکارين ٿا، اُتي بروهين ۽ ويڪري نڪ سان ڊگهي ۽ لوٽيري مٿي واري نسل جي لڇ هجڻ جي ڏس پڻ ڏين ٿا. باريڪ جاچ ڪرڻ وارن جو چوڻ آهي ته بروهين ۾ حد دخلي ڪري آيل بلوچن جو ايترو ته گهڻو رت داخل ٿي ويو آهي جو هاڻ کين بلوچن کان الڳ سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هيءَ ڳالهه ٿلهي ليکي کڻي سچي به هجي، تڏهن به انگن اکرن جو ڇيد ٻڌائي ٿو ته منجهن ڊگهي مٿي واري نسل جي آڳاٽي لڇ سندن سنڌي پاڙيسرين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مڙيوئي سرس آهي. سنڌين ۽ سکن جي وچ ۾ سي. آر. ايل جا ملهه ترتيبوار 49.81، 0.25 ۽ 0.29 57.78 آهن. انفرادي خاصيتن جي  ڀيٽ ڏيکاري ٿي ته نڪ جي ڏسڻي ڳلن جي هڏهن جي ويڪر Bigonal جي قطر جا ملهه ترتيبوار 284.89، 141.57، 59.52، 38.96، 41.9 ۽ 21.71 آهن. اهي انگ اکر ڏسين ٿا ته سکن جي ڀيٽ ۾، سنڌين جا مٿا ويڪرا، قد ننڍا، منهن وڌيڪ گول ۽ نڪ وڌيڪ ويڪرا ٿين ٿا، مطلب ته هو نسل جي لحاظ کان يقيني طرح الڳ آهن، سو ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سکن ۽ پنجابين جي نسلي مشابهت اُتر ۽ اولهه وارن سان آهي ۽ نه هيٺينءَ سنڌو ماٿريءَ وارن سان، جي کانئن ٻئي بڻ بنياد جا آهن. گوها هن نتيجي تي پهچي ٿو ته سنڌ علائقي ۾ ڪو حد دخلي ڪري ايندڙ ننڍي مٿي وارو نسل اصلوڪي ڏکڻ بلوچستان جي ڊگهي مٿي واري آدم شماريءَ مٿان پئجي ويل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

اڳ تاريخي زماني جي وڏين نسلي لڏپلاڻن ۾ سنڌ پڻ ڀائيوار رهي آهي. ان جا ٽي يا شايد چار مکيه مثال ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پهرينءَ کي ’اڳ دراوڙي‘، ٻيءَ کي ’منڍ ڀونوچي‘ ٽينءَ کي ’دراوڙي‘ ۽ چوٿينءَ کي ’آلپي‘ سڏي سگهجي ٿو. هاڻ انهن جو مختصر بيان ڪجي ٿو. ماڻهوءَ جي هاڻوڪن قسمن جي اوائلي وطن جي بيهڪ جي خاطري اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، پر جي ڪچي بيهڪ جنهن کي هاڻ صحارا سڏجي ٿو، تنهن هنڌ، ميسوپوٽياما ۽ عربستان وٽ رکي سگهجي ٿي. ماڻهو ۽ ساوڪ سبزو پورپني ڪمربند يا جدي سرطان گهيري ۾ سهنجي وڌي ويجهي ٿي، ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته پلئسٽوسين ايام جي برفاني دور ۾ انهن گهيرن تي واچيري طوفان جو پٽو چڙهيل هو. صحارا، جو هاڻ هڪ مهان وارياسو آهي، سو تڏهن گاهه سان ڇانيل هوندو هو. پيڪ ۽ فلور ائين ٿا وسهن ته ماڻهو جو اوائلي قسم انهن علائقن کان ڦهليو هو. ”جن ماڻهن ۾ آڳاٽين ٻاهر نڪتل ڄاڙين ۽ ور وڪڙ وارن سان اڻ ڊگهيريل مٿي وارو وصف قائم رهيو، تن ۾ انڊ مان- واسي به شامل ڄاڻائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان ڪپر ليڪ سان، جا هاڻ 100 فيدم يا ان جي لڳ ڀڳ آهي، زمين ۽ پاڻيءَ جي ورڇ وري ڪريون ته سماترا، جاوا، بورنيو ۽ پالاوان جا علائقا ننڍي کنڊ سان گنڍجي اُپٻيٽ ٿي پوندا. پوءِ سمجهه ۾ اچي ويندو ته اهي انهن علائقن ڏانهن ڪيئن پکڙيا هئا. آيا اهي جديد انسان جي انهيءَ فرضي اصل وطن کان پکڙيا هئا يا نه، تنهن لاءِ اسان انهيءَ جهيڻي جهڪي پرجهه سان شروعات ڪنداسون ته لکيل تاريخ کان هزارين سال اڳ هڪ گهٽ تمدن سان ڪارانجهڙو شيدين جهڙو نسل هو، جو بدني خاصيتن جي لحاظ کان تمام بندري قد، سوڙهي نرڙ ۽ چپڙي منهن ۽ نڪ وارو هو.“ هن نسل کي ’اڳ دراوڙي‘ سڏي سگهجي ٿو. انسان جي اوائلي تاريخ ۾ هڪ اهم بحران آيو، جڏهن يورپ تي آيل برف جو تهه هٽي ويو ۽ صحارا تي چڙهيل آبهوائي پٽن ان جي پوئواري ڪئي. صحارا تي ڇانيل گاهه سڪڻ لڳا. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته جانور وڌيڪ موافق علائقن ڏانهن لڏي ويا ۽ شڪاري پڻ، جي انهن جانورن جي ڪڍ هوندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئن.

مون انهن پوين لفظن لاءِ ننڍي کنڊ جي وچين ڀاڱي ڏانهن ذاتين ۽ قبيلن جي لڏپلاڻ بابت مسٽر ونڪت آچار جي بيان تي ڀاڙيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته انهن شڪارين جو گهڻو گذر ننڍي شڪار تي هوندو هو، جو هو گزڪمان سان ڪندا هئا ۽ پاڙون پڻ کائيندا هئا، جي هو رنبن ۽ پهڻن سان کوٽي ڪڍندا هئا. انهن لوڪن کي اسان ’منڍ- ڀونوچي‘ نالو ڏئي سگهو ٿا. اهي منڍ- ڀونوچي لوڪ ننڍي کنڊ جي وچين ڀاڱن ۾ پهرين نسلي سٿ جي حيثيت رکن ٿا، ۽ اهي ئي اُهي لوڪ آهن، جن کي اسين مند قبيلو سڏيون ٿا. منڍ- ڀونوچي لوڪن جي لڏي اچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ هڪ ٻي نسلي لڏپلاڻ رونما ٿي. آبهوا ۾ تبديلي ۽ آدم شماريءَ جي داٻ (شايد تنهن علائقي ۾ جنهن کي پيڪ ۽ فلور ’سرڇو چنڊ‘ (Fertile Crescent سڏين ٿا) جي ڪري دراوڙي ڳالهائيندڙ ڀونوچي نسل آيو، جو بلوچستان علائقي ۽ سنڌو ماٿري منجهان ٿيندو هيٺ گجرات ۽ اُتان دکن ۽ هندستان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ هليو ويو. ڀونوچي نسل جو تمدن وڌيڪ اُچو هو ۽ ان جي اچڻ سان وڌيڪ اڳري ۽ سڌريل تهذيب اُسري، ۽ ڏکڻ جي دراوڙي تهذيب بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اها اوڀر ۾ وڌيڪ اڳتي رڙهي وئي. اتر اوڀر طرف سنڌو ماٿريءَ ۾ پڻ هڪ نرالو تمدن اوج تي پهتل هو. ونڪت آچار چوي ٿو ته آيا انهيءَ تمدن جي گنگا ماٿريءَ ۽ دهقاني نوعيت هئي ۽ آيا ان لاءِ دراوڙي ماڻهو جوابدار هو، اهڙا سوال آهن، جن جي جواب جو اڃا انتظار ڪرڻو پوندو. جنهن ديوتا کي هيئنر شو يا مهاديو سڏيو وڃي ٿو، سو جي سنڌو ماٿريءَ جي پيدائش ثابت ٿئي ته پوءِ هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته ڀيل، ساور ۽ ڪورڪ پنهنجو حسب مهاديو سان ملائيندا آهن. جيئن ونڪت آچار چوي ٿو، ”ممڪن آهي ته هيءَ ڳالهه هندن پوءِ سوچي ۽ هلائي هجي.“

اڳ تاريخي زماني ۾ هند- پاڪستان ننڍي کنڊ ڏانهن چوٿين نسلي لڏپلاڻ آلپي لوڪن جي هئي. هند- پاڪستان ننڍي کنڊ جي اولهندي ڪپر تي اهڙي نسل جا ماڻهو وسندڙ آهن، جنهن کي ننڍي مٿي وارو آلپي نسل چيو وڃي ٿو. انهن چئن نسلي قسمن جا پونير اڄ ڪلهه ننڍي کنڊ ۾ جتي وسندڙ آهن، اُتي کوپرين جي چڪاس سان سندن طبعي خاصيتن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ۽ ڪنهن حد تائين مختلف هنڌن تي کوپري ڄاڻ جي ماهرن طرفان ائين ڪيو ويو آهي پر نقشو پوري هجڻ کان گهڻو پري آهي. انهيءَ کان پوءِ ننڍي کنڊ تي جا وڏي نسلي ڪاهه ٿي، سا هند يورپين جي هئي. تنهن کان سواءِ، لکيل تاريخ واري زماني ۾ ڀانت ڀانت جي نسلن جا ماڻهو سنڌ ۾ ايندا رهيا آهن. جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ڳڻجن ٿيون، تڏهن پروڙ پوي ٿي ته سنڌي ماڻهن جي نسلي بڻاوت ڪيتري نه گڏيل سڏيل ۽ منجهيل آهي. تازي ۾ تازي وڏي ملاوت 1947ع ۽ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ٿي آهي، جنهن سنڌ علائقي جي آدم شماريءَ تي اڳرا اثر وڌا آهن. ورهاڱي کان ترت پوءِ هندن جو ذري گهٽ سمورو واپاري ۽ ڪامورو طبقو سنڌ علائقو ڇڏي ويو، ۽ سندن جاءِ تي اهڙن ماڻهن جا هشام سنڌ علائقي اندر ڪاهي پيا، جي مٿين هندستان، اولهندي هندستان، وچولي هندستان ۽ ڪاٺياواڙ ۾ فرقيوار فسادن جي ڪري بي گهر ٿي ويا هئا. اهي مسلمان مهاجر هئا، جن کي سر جي خوف کان پنهنجو اباڻو وطن ڇڏڻو پئجي ويو هو. سنڌ علائي جون سرحدون لتاڙي ايندا ويا ته جيئن هن نئين ملڪ ۾ ۽ اوپرن منجهه اجهو وٺي سگهن. انهيءَ زبردست لڏپلاڻ جو نتيجو اهو ٿيو جو مهاجر هاڻ سنڌ علائقي جي ڪل آدم شماريءَ جي هڪ ڀاڱي نائين پتي ٿي ويا آهن ۽ هنن شهرن توڙي ٻهراڙيءَ اندر سنڌين ۽ غير سنڌين جي وچ ۾ توازن گهڻو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي

 

گڏيل سڏيل آدم شماري:

سنڌ علائقي جي آدم شماريءَ جي مرڪب نوعيت هاڻوڪن جرمنيءَ وارن، اٽليءَ وارن، اسپين وارن، فرانس وارن ۽ برطانيا وارن کان وڌيڪ منجهيل هجي نه هجي، هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي برابر آهي ته بناوت يقيني طرح منجهيل اٿن. هيءَ حقيقت تڏهن پڌري ٿي وڃِ ٿي جڏهن ڌيان اڳوڻيءَ سنڌ جي تاريخ کان ماڻهن جي انهن مختلف نسلن ۽ قسمن ڏانهن ڪجي ٿو، جيڪي لکيل تاريخ جي زماني ۾ ملڪ اندر ايندا رهيا آهن. موجوده ليکڪ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي 1931ع واري ڳڻپ جي رپورٽ جي ضميمي ’F‘ ۾ اهو طريقو ٻڌايو آهي، جنهن تي هلي سنڌ علائقي جي نسلي تاريخ کي چڪاس ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي. هن هيٺئين سرشتي کي خاطرخواهه سمجهيو ٿي. ماڻهن جي هيءَ ورڇ ڪئي وڃي: 1. سمن، جتن يا راجپوت مول منڍ وارا پڪا سنڌي قبيلا، 2. ٻيا جن ۾ (الف) بلوچ، بروهي ۽ پٺاڻ (ب) ٻيا قسمين قسمين آيل، مسلمان ۽ هندو شامل هجن. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي الڳ ۽ چٽا دور ڏسڻ ۾ اچن ٿا:
1. اوائلي عربن جي فتح تائين، 2. عربن جي فتح کان وٺي مٿين هندستان تي مسلمانن جي ڪاهه تائين، 3. وچون دؤر يعني مٿين هندستان تي مسلمانن جي ڪاهه کان وٺي سمن جي زوال تائين، 4. سمن جي زوال کان مغل سلطنت جي قائم ٿيڻ تائين وارو وچون دؤر، 5. هاڻوڪو دؤر، يعني مغل سلطنت جي برپا ٿيڻ کان وٺي سنڌ تي انگريزن جي قبضي تائين ۽ 6. هاڻوڪو دؤر، يعني انگريزن جي قبضي کان وٺي پاڪستان ٺهڻ ۽ موجود وقت تائين انهن مان هر هڪ دؤر جون پنهنجون خاصيتون آهن، جن جا اهڃاڻ سنڌ علائقي جي آدم شماريءَ وارن انگن اکرن ۾ گهٽ وڌ چٽائيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا. سنڌ علائقي ۾ آيل مسلمانن کي هيٺين درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (ا) دين سان ڳنڍيل، (ب) راڄ ماڻيندڙ طاقت سان، حاڪمن، سپاهين، نوڪرن چاڪرن، غاصبن جي حيثيت ۾ ڳنڍيل، (د) واپاري، (ج) ڪڙمي، ريڍار ۽ لاڏائو چارڻ.

1931ع واري ڳڻپ آخري ڳڻپ هئي، جنهن ۾ ماڻهن جي انهن اڪيچار ٽولن کي سڃاڻڻ ۽ ڳاڻيٽي ۾ آڻڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي وئي هئي، جيڪي پاڻ کي پنهنجي پنهنجي قبيلي، ذات ۽ ڌنڌن جي نالن جي آڌار تي ورڇيندا آهن. انهيءَ ڳڻپ جيڪي مکيه نسل ۽ قبيلا ظاهر ڪيا هئا، تن جي هڪ فهرست هن گزيٽئر ۾ شامل آهي. پر جيئن ته هيءُ فهرست طويل هوندي به موضوع جي پڄاڻي نٿي ڪري، سو موجوده ليکڪ سنڌي آدم شماريءَ جي ڪيترن ئي مکيه ڀاڱن تي نوٽن جا اضافا به ڪيا آهن. اهي ڀاڱا انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهن جو اُهي سنڌي ماڻهو جيئن هيئنر آهن، تن جي امڪاني جوڙجڪ تي چڱي خاصي روشني وجهن ٿا. ٿلهي ليکي ائين چئي ته سماٽ قبيلن، جتن، راجپوتن، سراين، بلوچن ۽ بروهين توڙي مغلن ۽ افغانن ۽ انهن مزوري ڪندڙ ۽ رولو هندو قبيلن کي، جيڪي هن وقت گهڻو ڪري ٿرپارڪر ۾ ملن ٿا، ليکي ۾ آڻبو ته سنڌ آدم شماريءَ جي نوعيت کي چڱيرڙي صحت سان بيان ڪري سگهبو. سو موجوده ليکڪ انهن سنڌين جو ڪجهه بيان ڏيڻ ضروري ڄاتو آهي، جيڪي سومرا، سما، بروهي، جت، مهاڻا، سيد، ڀيل، لوهاڻا، خوجه سڏجن ٿا. هن گزيٽيئر جي 1907ع واري ڇاپي ۾ قبيلن ۽ ذاتين جو وڏو تعداد ليکي ۾ آندو ۽ ڪافي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. پر اسان ان ۾ اختيار ڪيل طريقهء ڪار تي هلڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي آهي. اڄ جيڪڏهن انهن معاملن بابت تازي معلومات جي گهرج پوي ته اهڙي معلومات رڳو خاص جاچ جوچ ۽ کوجنا سان ئي ملي سگهي ٿي، جا دير سوير ضرور ڪئي وڃي.

ڳڻپ جون جدولون:

ماڻهو ڄاڻ ۽ سماج ڄاڻ رکندڙ متان اها شڪايت ڪن ته 1931ع ڌاري ڳڻپ جي مثال تي 1941ع ۽ 1951ع ۾ عمل ڇو نه ڪيو ويو. 1941ع ۾ جڏهن ڳڻپ ڪرائي وئي هئي، تڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي هڪ نازڪ مرحلي ۾ هئي. ننڍي کنڊ جي پڙهيل طبقن جي پُرزور گهر هئي ته ڳڻپ ڪندي ذاتين ۽ قبيلن کي هاڻ ليکي ۾ نه آندو وڃي ڇو ته هنن جو چوڻ هو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اهڙيءَ طرح ڳڻپ ڪرڻ سان هندستانين جي هڪ قوم هجڻ واري اصول جي برخلافي ٿيندي. تڏهن اهو اصول هڪ زبردست سياسي اثر هو. 1951ع واري ڳڻپ، پاڪستان سرڪار جي سهاري هيٺ ۽ مهاجرن واري مسئلي سبب پيدا ٿيل دشوارين ۽ ڏکياين جي زماني ۾ ٿي، تنهن پڻ قبيلي، نسل ۽ ذات کي ليکي ۾ نه آندو. سو اڄ جا ماڻهوءَ ڄاڻ ۽ سماج ڄاڻ جا صاحب هڪ اهڙي اوزار کان محروم ٿي ويا آهن، جو هوند سنڌ علائقي جي نسلي لاڙن جي پروڙ لاءِ تمام ڪمائتو ٿئي ها تاهم، 1941ع واري ڳڻپ ۾ ڇوٽي نموني طور قبيلي، نسل ۽ ذات کي ليکي ۾ آندو ويو هو. ان نموني جي آڌار تي ئي تڏهوڪو ڳڻپ وارو سپرنٽينڊنٽ، مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، اڳوڻيءَ سنڌ جي بروهي آدم شماريءَ بابت سماج ڄاڻ جي لحاظ کان وڏي دلچسپيءَ وارو مواد پڌرو ڪري سگهيو هو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ ڳڻپ جي سلسلي ۾ ٿيل ڪم کان سواءِ رڳو هڪڙي مستند تصنيف اهڙي هئي، جنهن ۾ اولهه پاڪستان جي سنڌ ۽ بلوچستان علائقن ۾ ۽ افغانستان ۾ لڀندڙ مسلمان نسلن جو بيان هو. هيءَ تصنيف اڳوڻيءَ سنڌ جو هڪڙي ڊپٽي ڪليڪٽر، شيخ صادق علي شير علي انصاريءَ جي جوڙيل تمام ملهائتي تصنيف آهي ۽ گهڻي اهڙي معلومات اٿس، جا ٻئي ڪنهن هنڌان نه ملندي. پر هيءَ رپورٽ 1901ع کان اڳ لکي وئي هئي، سو هاڻ سٺ ورهيه پراڻي ٿي چڪي آهي. جيتوڻيڪ اڳوڻيءَ سنڌ سرڪار طرفان 1954ع ۾ ان جو ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويو هو، تڏهن به پوءِ وارين ٻن پيڙهين سندي معلومات جي روشنيءَ ۾ ان کي ڪافي سڌارڻو پوندو. تاهم، شير عليءَ جي رپورٽ جا ڪي ٽڪرا اڄ ڪارائتا آهن ۽ سنڌ گزيٽيئر جي هن ڇاپي ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

هن گزيٽيئر جي 1907ع واري ڇاپي ۾ سنڌي آدم شماريءَ جو جيڪو عام بيان آهي، سو اڄ به دُرست آهي، سواءِ هن حقيقت جي ته 1947ع کان پوءِ هندن جي چئن مختلف طبقن جي هندستان ڏانهن ڀاڄ ۽ اُتان وڏي تعداد ۾ مسلمانن جي لڏي اچڻ جي ڪري آدم شماريءَ ۾ قدري سخت تبديلي اچي وئي آهي. انهيءَ ڳالهه جو لحاظ رکندي، 1907ع واري ڇاپي جو بيان اڄ به صحيح تسليم ڪري سگهجي ٿو. ”شايد“، مسٽر ائٽڪن چوي ٿو، ”ننڍي کنڊ جي ڪنهن ڀاڱي جي آدم شماري ايتري گڏيل سڏيل بڻ واري نه آهي، جيتري سنڌ جي پر مکيه عنصرن مان ٽي ڪجهه چٽائيءَ سان ڌار ڪري سگهجن ٿا، اهي هي آهن: راجپوت، بلوچ ۽ خاص سنڌي، انهن پوين ۾ جت ۽ مهاڻا به اچي وڃن ٿا. محمد بن قاسم 711ع ۾ جنهن راڄ کي فتح ڪيو هو، راجپوت تنهن جو غالب نسل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ هنن اوڀر واري پاسي کان پرڳڻي تي ڪاهي اچڻ ڪڏهن به بند نه ڪيو آهي. سندن اهي قبيلا، جي عربن جي ڪاهه وقت ملڪ ۾ هئا، مثال طور سما ۽ سومرا، تن کي مسلمان ٿئي صديون گذري چڪيون آهن، پر وڌيڪ ويجهڙ ۾ لڏي آيل، جهڙوڪ سوڍا، اڃا تائين هندو آهن. بلوچ، جي آدم شماريءَ جو ٻيو عنصر آهي، سي انگريزن جي فتح وقت حاڪم نسل هئا ۽ ان کان اڳ صدين جون صديون پرڳڻي تي اولهه واري پاسي کان ڪاهون ڪندا رهيا هئا. انهن ٻن جي وچ ۾ ٽيون عنصر، ڌرتيءَ ڄاوا آهن، جي اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ مٿن راڄ ڪرڻ تان چٽاڀيٽيءَ هلندي ٽڪيا، ڳهندا ۽ ڀوڳيندا رهيا، انهن ۾ اسان آڳاٽن هندو ڪڙمين جا، يا انهن سائٿيائي ٽولن جا جي عيسوي سن جي پهرين صديءَ ۾ ملڪ تي ڪاهي آيا هئا، يا انهن ٻنهي ۽ ڪن ٻين عنصرن جا جي ڌار نه ٿي سگهڻ جي حد تائين پاڻ ۾ رلي ملي چڪا آهن، پونير سڃاڻي سگهون ٿا. اهي سڀ هاڻ مسلمان آهن. شايد اسان کي هنن سان گڏ لهاڻا به رکڻ کپن، ڇاڪاڻ ته هيءُ طبقو تڏهن پڪ ئي پڪ ملڪ ۾ هو، جڏهن عرب آيا هئا، پر ڪنهن کي پتو ناهي ته آيا سنڌ علائقي جا هاڻوڪا لهاڻا جزوي طرح تن لوهاڻن جا پويان آهن، جن پاڻ کي مسلمان ڪئي وڃڻ کان بچائي ورتو هو، يا سڀ پوءِ پنجاب کان آيل آهن. انهن ٽن مکيه عنصرن کان سواءِ، ٻيا پڌرا عنصر هي آهن: اوڀر جا گهٽ ذات وارا هندو ۽ آڳاٽا رهواسي، جن ۾ ڪولهي، ڍيڍ ۽ ڀيل مکيه آهن. سي قبيلا ۽ ڪٽنب، جن عرب فاتحن جي بڻ مان هجڻ تي ناز ڪندي پنهنجا شجرا هينئين سان لائي رکيا آهن ۽ پاڻ کي الڳ رکيو اچن ٿا. افغان ۽ مغل، جي ڪنهن نه ڪنهن فاتح جي اٽالي سان آيا هئا ۽ رهجي پيا هئا، ۽ گهڻائي ٻيا.“

راجپوت:

انهن راجپوت قبيلن جو ڪجهه بيان ضروري آهي، ونڪت آچار جي جنهن تصنيف جو هن باب ۾ اڳ حوالو ڏنو اٿئون، تنهن ۾ چوي ٿو ته: انهيءَ ڳالهه تان اختلاف آهي ته مختلف راجپوت قبيلا ڪيئن اُسريا، ۽ هيءُ ڏند ڪٿا ٿوري گهڻي اڃا تائين موجود آهي ته راجپوت آڳاٽن کشترين جي بڻ مان آهن. اهو وسهڻ لاءِ، هو چوي ٿو، ’عقل جي ڊوڙ‘ ۽ وسوڙائي گهرجي ٿي ته مالوي جا راجپوت اوائلي ٻُڌن واري زماني جي آونتيءَ جي کشتريه راجائن جا پونير آهن. هيءَ ڳالهه مڃڻ وقت ٻن هزارن کان وڌيڪ ورهين اندر آيل تڪڙين تبديلين کي اک لاٽار ڪرڻي پوندي. جيڪو تاريخي نظريو عام طرح مڃيو وڃي ٿو، سو هي آهي ته برک قبيلن مان ڪي، جهڙوڪ پاريهار، سولنڪي، چوهاڻ ۽ پرمار، ٻاهرين بڻ مان آهن. ننڍي کنڊ جي اوائلي تاريخ ۾ پرڏيهي وحشين جون ٽئي ڪاهون ته هاڻ پڪيءَ طرح مڃيون وڃن ٿيون. اهي هئا هڪ ٻئي پٺيان سڪ بوئچي يا ڪشن ۽ هُوڻ لوڪ. پڪو پتو نه آهي ته راجپوت قبيلن جي تشڪيل ۾ پهرين ٻن جو ڪيترو حصو آهي، پر هُوڻ لوڪن ۽ لاڳاپيل ٽولن جو بلڪل آهي. ڌارين جا امير امراءَ حاڪم گهراڻا بڻجي ويا، جڏهن ته ٻيا وقت گذرڻ سان پوکي راهي ڪندڙ طبقا ٿي ويا، جهڙوڪ: جاٽ يا گجر. اڳوڻيءَ سنڌ اندر وڏو امڪان ان ڳالهه جو آهي ته راجپوت عناصر سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪن رهاڪن ۾ سراسري گڏجي سڏجي ويا ۽ حاڪم طبقن مان نه پر راجپوت قبيلن جي هيٺين سماجي سطحن مان هئا.

سما:

سماٽ قبيلن ۾ سمن جي حيثيت سڀني ۾ مٿاهين آهي، سو سندن ذڪر پهرين ڪجي ٿو. سمن کي يادو راجپوتن جي هڪ شاخ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪسابن کان سنڌ علائقي ۾ وسيل آهن. سنڌوءَ جي ڪنڌي تي سمانگر سندن آڳاٽو تخت گاهه هو، جو شايد هاڻوڪي سيوهڻ سان هڪ سنئون هو. جڏهن چوڏهين صديءَ ۾ اعليٰ اختياري سنڀاليائون، تڏهن پهريون تخت گاهه ٺٽي کان ڪجهه ميل اُتر ۾ ساموئي هُين. چچ نامي ۾ جن لاکن ۽ سهتن جو ذڪر آيل آهي، سي سمن جا قبيلا آهن. ٿورن سهتن کي ڇڏي، باقي سڀ سما هاڻ مسلمان آهن. 1901ع واري ڳڻپ موجب سمن جو انگ 732،897 هو ۽ 1931ع واري ڳڻپ ۾ 1،01،501 ڄاڻايو ويو، جو بيحد گهٽ ڏيکاريل آهي. تنهن کان پوءِ قبيلن جي بنياد تي ڳڻپ پئي ٿي آهي. صادق علي ڄاڻائي ٿو ته سما اڳوڻيءَ سنڌ جي آدم شماريءَ جو چڱو چوکو ڀاڱو آهن ۽ گهڻو تڻو پوکي راهي ڪندا آهن. سندن اصل نسل بابت ڪيئي رايا آهن. تحفة الڪرام جو مصنف چوي ٿو ته: سما نبي سڳوري جي چاچي ابولهب يا ابوجهل جا يا ايران جي هڪ ناليواري بادشاهه جمشيد جا پونير آهن يا سندن سلسلو شيم کان ٿيندي وڃي حضرت نوح عليه السلام سان ملي ٿو. ’تاريخ فرشته‘ ۾ سما جمشيد جا پويان ٻڌايا ويا آهن. پر اهي شجرا سڀ فرضي آهن، ۽ صادق علي ايئن ٿو وسهي ته سما اصل ۾ هندو آهن ۽ مسلمانن جي فتح کان اڳ اڳوڻيءَ سنڌ جي هندو راجائن سان ڳنڍيل هئا. هو انهيءَ عام مذڪور کي خام خيالي سمجهي ٿو ته اصل لفظ ’سامنهون‘ آهي، جنهن مان هيءَ مراد ورتي وڃي ٿي ته سندن وڏا جڏهن اسلام جي آمهون سامهون آيا ته مسلمان ٿي ويا، سو اهڙيءَ ريت ’سامنهون‘ ثابت ڪري ٿو ته قبيلي جو وڏو، سمو، پاڻ ڪريمن جي ڪنهن چاچي جو اولاد نه هو ۽ نه ئي هُو تنهن زماني ۾ آيو هو جنهن زماني ۾ عربن ڪاهي اچي سنڌ علائقو فتح ڪيو هو. صادق عليءَ ويهن کان به وڌيڪ صفحا سمن جي بيان کي ڏنا آهن. هو سندن ست سو اٺانوي پاڙا ڄاڻائي ٿو، جن مان ڪيترا اڄ به سنڌ جي آبادگارن جا نالا آهن. بمبئي پريزيڊنسيءَ جي 1931ع واري ڳڻپ ڄاڻائي ٿي ته ’سما‘ نالو خاص مفهوم ۾ واپرايو وڃي ٿو: 1. هڪ خاص قبيلي ۽ ان جي پاڙن لاءِ 2. ان قبيلي جي تنهن گهراڻي لاءِ جو ڪڏهن هيٺينءَ سنڌ جو حاڪم هو ۽ ساموئي ۽ ٺٽي جا شهر ٻڌايا هئائين ۽ 3. اڄڪلهه اهو نالو گهڻو ڪري سماٽ جي صورت ۾ ڪم آندو وڃي ٿو، جي خاص سنڌي قبيلن جو 75 سيڪڙو آهن، جن بابت هاڻ معلوم آهي ته اهي اڳوڻي پنجاب کان آيل هئا ۽ بلوچ يا عرب يا پٺاڻ بڻ بنياد مان نه آهن. اهو اڻ ٿيڻي ٿو لڳي ته ڪو اهي سڀ پاڙا سچ پچ سمن جي قبيلي جا هوندا. ڪي ته چٽيءَ ريت راجپوت ڪُلن جا ڀاڱا آهن. شايد سما پاڻ به اصل راجپوت يا گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ حيثيت جا هئا، پر شايد نج نه. ائين ڄاڻي سگهجي ٿو ته سمن جا قبيلا عام طرح سمن حاڪمن جا پوئلڳ ۽ حمايتي هوندا ۽ گهڻو ڪري ساڳي حيثيت ۽ بڻ بنياد وارا هوندا. ڪڏهن ته سومرا به سماٽ ڄاڻايا ويندا آهن. چچ نامي ۾ سومرن، جتن، لاکن، لوهاڻن کي سنڌو ماٿريءَ جا عربن کان اڳ جا قبيلا ڪري ڄاڻايو ويو آهي، جي لاڏائو ۽ اڻ سڌريل عادتن وارا هئا ۽ جن کي الور جي راجا چچ چيڀاٽي ڇڏيو هو. پاڻ کي سمو سڏائيندڙ ماڻهو اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي اوڀر ۽ لاڙ ۾ آهن، ۽ بهاولپور ۾ پڻ. سري واري پاسي ڇڊا ملندا.

سومرا:

’تحفة الڪرام‘ ۾ آهي ته سومرن جو بڻ بنياد معلوم نه آهي، پر هي اصل هتان جا ئي آهن ۽ شايد صوبي جي پهرين رهاڪوءَ ’سنڌ‘ جو اولاد آهن، جو ’هند‘ جو ڀاءُ حضرت نوح عليه السلام جي ٽئين پٽ ’هام‘ جو پٽ هو. تحفة الڪرام ۾ ڏنل شجرو جڙتو آهي. هڪ ٻيو تاريخ نويس چوي ٿو ته تميم انصاريءَ جي هڪ پونير جو نالو سومرو هو. جو 583 هجريءَ ۾ اڳوڻيءَ سنڌ جو حاڪم ٿيو. سومرن جو گهراڻو اڳوڻيءَ سنڌ جو ڄاتل سڃاتل آهي ۽ هن علائقي اندر هر ميلي ملاکڙي ۾ دودي سومري ۽ چنيسر سومري جي تڪرار ۽ جنگ جون ڳالهيون ڳاتيون وڃن ٿيون. هنن جاتي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سخاپور کان رحيمڪي بازار ۽ اتان پرتي ٿرپارڪر تائين ڳوٺن ۽ واهڻن جي قطار ٻڌائي هئي، جا 25 ڪوهه ڊگهي هئي. اهي ڳوٺ ۽ واهڻ ’سومرن جون ماڙيون‘ سڏبا هئا. اهي سڀ ماڙيون سرن ۽ پهڻن جون جڙيل هيون. اڃا تائين انهن جي جهونن ماڳن تي پهڻن ۽ پڪين سرن جا ڍير پيا آهن. ڳوٺن جي هيءَ قطار سنڌونديءَ جي ڪنڌيءَ سان لڳو لڳ هلي ٿي وئي. درياء جو اهو پراڻو دڳ اڃا تائين موجود آهي. ڪلراٺي زمين جي تر ۾ اهو ئي هڪڙو زرخيز زمين جو ٽڪرو آهي. سومرن جي راڄ جو تختو 752 هجريءَ ۾ سمن اونڌو ڪيو. صادق عليءَ جي چوڻ موجب، سنڌي واڍا، رنگريز، کٽي ۽ نيرولي سومرا آهن. سومرن ۽ سمن جا ڪي به ڌار ڌار پاڙا نه آهن، سڀ پاڻ کي سومرا سڏائيندا آهن. تاهم، صادق علي سندن 43 الڳ الڳ ويڙهن جا نالا ڄاڻائي ٿو. گزيٽيئر جي 1907ع واري ڇاپي ۾ آهي ته سومرا پرمار راجپوتن جي شاخ آهن، جي اٺينءَ کان چوڏهين صديءَ تائين اڳوڻيءَ سنڌ جا ٿورا گهڻا حاڪم رهيا ۽ ان دؤر جي پڇاڙيءَ ڌاري خودمختياري حاڪم هئا. ايليئٽ جو ويچار آهي ته اوائلي سومرا اباڻو مذهب ڇڏي پهرين ڪرامتي بدعت جا پوئلڳ ٿيا ۽ پوءِ اسلام تي آيا هئا. هاڻ هو سني مسلمان آهن ۽ سندن ايمان آڻڻ جي تاريخ معلوم نه آهي. 1901ع ۾ سومرن جو انگ 1،02،753 هو. اهو ڏيکاري ٿو ته سمن کان، جي وچين دؤر ۾ سندن جاءِ تي سنڌ جا حاڪم ٿيا، گهڻا گهٽ آهن. هند- پاڪستان ننڍي کنڊ جي 1931ع واري ڳڻپ ۾ چيل آهي ته بهاولپور ۾ سومرا گهڻو ڪري لوهر، ڊکڻ، ٻيڙين وارا ۽ حجم آهن. سري واري پاسي هو عام طرح رنگريز يا ڌوٻي آهن ۽ صادق آباد ۽ بهاولپور ۾ به ائين آهي. اهڙيءَ ريت کتري کي سومرا يا سومرن جو پاڙو ڪري ليکيو وڃي ٿو. سومرن جو قبيلو عام ڪري سماٽ سمجهيو وڃي ٿو. سومرا غالباً پوريءَ طرح نيم راجپوت به نه آهن.

بلوچ:

بلوچ قبيلن ۾ هڪ روايت آهي ته هو اصل حلب جا هئا، جتان بغداد کان ٿيندا ايراني نار جو ڪنارو وٺي مڪران آيا ۽ اُتان سنڌو ماٿريءَ ۾ پکڙجي ويا. سندن چوڻ آهي ته کين ٻئي اموي خليفي يزيد (680-684ع) تڙي ڪڍيو هو ۽ هو مڪران اچڻ کان اڳ ڪجهه ڪامران ۾ رهيا هئا. هيءَ ڳالهه انهيءَ روايت جي تائيد ڪري ٿي ته سنڌ ۾ وسندڙ ڪن بلوچن قبيلن ۽ شام جي ڪن هاڻوڪن قبيلن جا نالا هڪجهڙا آهن پر بلوچن جو حسب نسب ڪنهن هڪڙي نسل سان ملائڻ بيقاعدي ٿيندو. سندن قبيلا ۽ پاڙا مختلف ۽ گڏيل سڏيل بڻ بڻياد وارا آهن. صادق عليءَ پنهنجي سنڌ علائقي جي مسلمان قبيلن واري رپورٽ ۾ مکيه بلوچ قبيلا هي ڄاڻايا آهن: رند، ڊومڪي، جکراڻي، لغاري، لاشاري، چانڊيا، ڪرمتي، ڪورائي، جتوئي، بڙدي، کوسا، جمالي، عمراڻي، بگٽي، مري ۽ مزاري. هن وقت سماٽ قبيلن کان پوءِ بلوچ سنڌ جي آدم شماريءَ جو مکيه ۾ مکيه جُزو آهن. 1941ع واري ڳڻپ ۾ بلوچن جو تعداد 7،49000 ڏيکاريل هو. پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سنڌ علائقي جي ڪُل آدم شماري ۾ بلوچن جو تناسب وڌندو رهي ٿو. 1941ع ۾ بلوچ ملڪ جي مسلمان آدم شماريءَ جو ٿلهي ليکي 23 سيڪڙو هئا. هيٺ اڳوڻيءَ سنڌ جي بلوچن بابت جيڪو ذڪر ايندو، تنهن لاءِ راقم الحروف مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي لکيل 1941ع واري ڳڻپ جي رپورٽ جو ٿورائتو آهي. انهيءَ رپورٽ موجب، بلوچن جا فقط سنڌ ۾ رهندڙ قبيلا آهن. نظاماڻين سميت ٽالپر، بليدي، ڪرمتي ۽ چانڊيا، انهن منجهان ٽالپر ۽ بليدي ڪيترن ورهين کان پوريءَ طرح الگ ڀاڱن ۾ ورهايل آهن. ٽالپر اڳوڻيءَ سنڌ تي پنهنجيءَ صاحبيءَ جي ڪري بلوچن واري روايتي قبائلي تنظيم زماني کان ترڪ ڪري چڪا آهن، پر بليدين جو هر هڪ پاڙو پنهنجي پنهنجي سردار هيٺ اڃا تائين قبائلي تنظيم سان واڳيل آهي. ٻئي طرف، چانڊيا ۽ ڪرمتي هميشه کان هڪڙي سردار هيٺ رهندا آهن، جيتوڻيڪ چانڊيا سموري ڏيهه اندر پکڙيل آهن، تڏهن به سندن تُمندار پنهنجن مڪاني مخادمن جي معرفت قبيلي سان لهه وچڙ ۾ رهندو آهي. تاهم، مجموعي طرح سنڌ علائقي اندر بلوچ قبيلن پنهنجي پنهنجي تنظيم ائين قائم نه رکي آهي، جيئن سندن بلوچستان وارن پاڙيسرين. اُتي هر قبيلو صدين کان پنهنجي پنهنجي زمين ٽڪري ۾ رهندو اچي ٿو. مسٽر لئمبرڪ کي سنڌ علائقي جي بلوچ قبيلن ۾ هڪ سڳي ۾ پوتل نه رهڻ جو ۽ پاڙن جي مخادمن ۾ پاڻ سردار ٿي وڃڻ جو لاڙو نظر آيو آهي. اها ڳالهه بليدين ۾ ڏٺي وئي آهي. ٻيو مثال جمالي قبيلو آهي، جو سنڌ علائقي اندر گهڻو ۽ ڪافي ٽڙيل پکڙيل آهي. دادو ضلعي ۾ هڪڙو سردار اٿن ته اڳوڻي بلوچستان جي نصير آباد تعلقي ۾ ٻيو. ٻئي دعويٰ ڪندا اهن ته آءٌ وڏو سردار آهيان. هوڏانهن گولن جا هڪ ئي هنڌ ٻه سردار آهن. ڪيترن ئي قبيلن ۾ سردار لاءِ مرڻي پرڻي جي رسمن واسطي ڦوڙي ڪرڻ جو رواج اڃا تائين آهي. گهڻن قبيلن ۾ زائفائن کي زمين جي وراثت نه ڏيڻ جو رواج ڪٽنبي قانونن جي لاڳو ٿيڻ تائين چالو هو. اهي قانون موجوده حڪومت جاري ڪيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ شريعت جي تقاضا (نالي ۾) پوري ڪرڻ لاءِ عورت کي سندس پتي، هيءَ خاطري وٺي ڏني ويندي هئي ته هو اها پتي پنهنجي ڀاءُ يا ڪنهن ٻئي مرد (عزيز) حوالي ڪري ڇڏيندي. بلوچن ۾ شادي محرمن کي ڇڏي ويجهي ۾ ويجهي عزيز سان ڪرڻ جو رواج آهي. ڪوشش اها هوندي آهي سؤٽ سان شادي ٿئي. سوٽ نه هوندي ته ٻين ويجهن توڙي پير جي مائٽن ۾ سڱ ڳولبو. جي اُتي به نه مليو ته پڇاڙيءَ ۾ ساڳي پاڙي جو ڪو گهر ڏسبو. ساڳيءَ حيثيت وارا ماڻهو پاڙي کان ٻاهر شادي ورلي ڪن. بلوچ پنهنجن مان ٻانهن وٺڻ سان گڏوگڏ ٻاهرين جهڙوڪ: بروهين ۽ سنڌين مان به ٻانهن وٺندا آهن، پر غريب ۾ غريب بلوچ به ڪنهن غير بلوچ کي ٻانهن نه ڏيندو. سنڌ توڙي ٻين پهرين والاريل علائقن ۾ هن نسل جي تاريخ ۾ انهيءَ قاعدي جي سختيءَ جا ڪيئي مثال ملندا. اڳي رواج هوندو هو ته جاني دشمنين کي ختم ڪرڻ لاءِ جرڳا ڌرين ۾ سڱابندي ڪرائيندا هئا، جي ڪنهن ڌر وٽ ٻانهن نه هوندي هئي ته اها ڌر پهرين ڄمندڙ ڇوڪري ٻيءَ ڌر جي ڇوڪري، کي پرڻائي ڏيڻ لاءِ ٻڌل رهندي هئي. اهڙيءَ ريت ڪٽنب، پاڙي ۽ قبيلي ڏانهن جوابداري پوري ڪرائي ويندي هئي.

بلوچ ننڍي مٿي وارو نسل آهي ۽ ماڻهوءَ ڄاڻ وارن کي اهو پڻ ڌيان ۾ رکڻ کپي ته بلوچن ۾ مٿي ويهارڻ جو رواج عام آهي. بلوچ مائرون پنهنجن ٻارن کي پهريان ڇهه مهينا، جڏهن سندن کوپڙيءَ جا هڏا اڃا ڪچڙا ٿيندا آهن، سخت پٽ تي سُمهارينديون آهن، جنهن ڪري ٻار اونڌو نه ٿيندو آهي. ائين ڪرڻ سان مٿو پويان حد کان وڌيڪ تراکڙجي عجيب شڪل وارو ٿي پوندو آهي، ۽ سمجهندا آهن ته نرڙ ويڪرو ۽ اکيون وٿيريون ٿي وينديون، جن ٻنهي وصفن جو وٽن وڏو قدر آهي.

سنڌ ۾ بلوچن جي وڏي اڪثريت زميندار ۽ هاري آهي. پر ڪي قبيلا ۽ پاڙا زمين کان وڌيڪ چوپائي مال تي ڀاڙيندا آهن. مثال طور، دادو ضلعي جا لنڊ، اُٺ ڀاڙي تي هلائيندا آهن ۽ ٿرپارڪر جا ڪاپڙي ۽ مَري، رڍون ۽ ٻڪريون چاريندا آهن. اولهندين ٽڪرين ۽ ڪاڇي جا گهڻا بلوچ پنهنجن ڌڻن تي گذران ڪندا آهن ۽ نه زمين تي، جا انهي پاسي غير آباد آهي، سواءِ ٿوري ٽڪري جي، جنهن کي ٽاڪرو چون ۽ نين جو پاڻي ملندو آهي. جيڪي بلوچ ڌڻن تي گذران ڪندا آهن، سي گهڻو ڪري انهن جو وڪرو ناهن ڪندا، جا ڳالهه سندن روايتن جي برخلاف آهي. پر جيڪي بلوچ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ وسيل آهن، تن ۾ چوپائي مال نه وڪڻڻ جو رواج هاڻ نه رهيو آهي. ٽڪرن ۾ رهندڙ ڪيترا بلوچ پيش جا تڏا وڪڻي گذر ڪندا آهن ۽ سنڌ علائقي جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ بلوچ زائفائون وڪري لاءِ فراسيون ۽ اٺن جون پنج سنجيون اُڻينديون آهن. اڳوڻيءَ سنڌ جا بلوچ هميشه ويڙهو ۽ وڳوڙي رهيا آهن ۽ وچين دؤر کان سنڌ  جي حاڪمن جي لشڪرن جو وڏو حصو بلوچن تي مشتمل هوندو هو.

بگٽي سرحد جي ٻنهي طرف رهندڙ ٽاڪرو قبيلو آهن. انهيءَ قبيلي نيپئر کي سنڌ تي قبضي وقت ڏاڍو تنگ ڪيو هو. 1847ع ۾ سندن هڪ ٽولي کي، جنهن ۾ قبيلي جا اڌ جيترا وڙهي سگهندڙ ماڻهو شامل هئا، لفٽيننٽ ميري ويدر تي واٽ تي روڪي ذري گهٽ نابود ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ سندن سردار پيش اچي پيا هئا ۽ کين سندن راڄ جي اٽڪل ٻن هزارن ماڻهن سان لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي ۾ رهايو ويو هو. پر انهن مان ڪيترا ٽڪرن ۾ موٽي ويا، جتي سندن سردار اڄ به رهي ٿو. جيڪو ٻيو قبيلو سنڌ ۾ انگريزن جي قبضي جي اوائلي ڏينهن ۾ وڏي مصيبت بڻيو هو، سو بليدين جو هو. کين گهڻي ڀاڱي مٿينءَ سنڌ جي سرحدي علائقي (هاڻ جيڪب آباد ضلعو) ۾ وسايو ويو هو. بگٽي اڳي بڙديڪا جي ٻيلن ۾ واسو ڪندا هئا ۽ ڦرلٽ تي گذر ڪندا هئا ۽ ڪي سال وڏو آزار هئا، پر جنرل جان جيڪب جي بندوبست هيٺ هو ستت ئي امن و امان سان رهڻ لڳا. سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙ جنگجو قبيلن مان هڪڙو ڊومڪين جو آهي. سندن والار اوڀرندي ڪڇيءَ وارو تر آهي، جتي سندن سردار اڃا تائين رهي ٿو. هاڻ اهي گهڻو ڪري لاڙڪاڻي، سکر ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ رهن ٿا. مشهور سردار، دريا خان جکراڻي قبيلي جو هو، جنهن قبيلي نيپيئر کي سخت تنگ ڪيو هو. کيس معاف ڪري جاگير عطا ڪئي وئي، پر پوءِ 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ بهري وٺڻ تان عدن ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، جتي هن پنهنجا پساهه پورا ڪيا. جنرل جان جيڪب جي نظر ۾ کوسا حالتن پٽاندڙ ڦورو، ڪڙمي، سپاهي يا ريڍار هئا. هو ڪلهوڙن جا حمايتي هئا، ان ڪري ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ عتاب هيٺ هئا ۽ پوئين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي ۾ گهڻن ٿرپارڪر ۽ ڪڇ وارا پاسا وڃي وسايا، مري هڪ طاقتور ڦورو قبيلو هئا، جي مري ٽڪرن ۾ رهندا هئا، جتي سندن سردار رهندو آهي، هيءُ قبيلو گڏيل سڏيل عنصرن مان اُسريل نظر اچي ٿو. ٽالپر مير به انهن منجهان هئا. مرين جو چڱو وڏو تعداد گهڻو اڳي سنڌ جي وچولي ۾ اچي رهيو هو، پر اصل نسل سان گهڻو واسطو ڪونه رکيائون. چانڊيا گهڻي ڀاڱي لاڙڪاڻي، سکر ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ اچي وسيا. هيءُ قبيلو پيڙهن تائين ايتري ته اثر وارو هو جو شڪارپور جي ڀرپاسي وارو ملڪ سڏبو ئي سندن نالي پٺيان ’چانڊڪو‘ هو. سنڌ جي فتح کان پوءِ سندن سردار ولي محمد جون غيبي ديري. مرزاپور ۽’خان اُسٽيلا‘ واريون جاگيرون کيس ڏنيون ويون. انهن جي ڪُل پکيڙ ڏيڍ لک ايڪڙ هئي. اهي جاگيرون پوءِ هڪ سَند ذريعي سندس پٽ غيبي خان ۽ هن جي وارثن کي انهيءَ شرط سان مليون ته اهي برطانيا سرڪار جي مرضيءَ تي منحصر رهنديون، ۽ ته هر جاءِ نشينيءَ وقت سرڪار کي ٻه هزار رپيا نذرانو پيش ڪيو ويندو.

بروهي:

هن گزيٽيئر جي 1907ع واري ڇاپي موجب، اڳوڻي بلوچستان ۾ بروهي يا براهوي سڀني کان گهڻا آهن. حاڪم گهراڻا ان ئي قبيلي مان آهن. هو پنهنجي ۽ بلوچن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ بلوچن کي ’نارئي‘ يعني هيٺاهين پٽ وارا سڏيندا آهن. مئسن جو خيال آهي ته براهوي متان ’باروهي‘ جي بگڙيل صورت هجي، جنهن جي معنيٰ آهي ’سڃ وارو‘ اهڙي ريت اهي ٻه نالا متان هڪ ٻئي جي فرق ڏيکارڻ لاءِ ڪم ايندا هجن، ائين جيئن ’مٿاهين پٽ وارو‘ ۽ ’هيٺاهين پٽ وارو‘ ٻين صاحبن جي خيال ۾، براهوي ’براهو‘ مان نڪتل آهي، عام طرح ابراهيم نالي کي ننڍو ڪري ’براهو‘ ڪوٺيندا آهن. انهيءَ عجيب قبيلي جي بڻ بڻياد بابت ڪافي قياس آرائي ڪئي وئي آهي. سندن ٻولي بروهڪيءَ جو بلوچيءَ سان ڪو لڳ لاڳاپو ڪونهي ۽ وڏا مستند عالم ان کي دراوڙي نسل جي ٻولي سمجهن ٿا. ٽئي وڏي ۾ وڏا بروهي قبيلا، سندن پنهنجن لفظن ۾، جدگال يعني جٽ سڏيا وڃن ٿا، جڏهن ته مڪران ۾ بروهين کي عام طرح ’ڪُرد‘ ۽ سندن ٻوليءَ کي ’ڪُردي‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. هو سني آهن. پر چيو وڃي ٿو ته منجهن ڪي به سيد، پير يا ملا ڪونهن، ۽ بلوچن کان گهٽ تعصبي آهن. هو ويس وڳي، ريتن رسمن ۾ بلوچن کان ڪي گهڻا مختلف ڪونهن، سواءِ ان ڳالهه جي ته سندن عورتون نير جون شوقين آهن، جو رنگ بلوچ ڪونه پائن. بلوچ کين گهٽ سمجهندا آهن. سندن اصل نسل بابت صادق علي چوي ٿو: ”افغانن جيان بروهي به بني اسرائيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ سندن حشر به اهڙو ئي ٿيو، جهڙو افغانين جي وڏن جو بابل جي بادشاهه بخت نصر جي دؤر ۾ ٿيو هو. 600 ق.م ڌاري هنن بلوچن جي ٽڪرن ۾ اچي پناهه ورتي هئي ۽ اڃا تائين اتي رهندا اچن ٿا. سنڌ ۽ بلوچستان علائقي ۾ ’ابراهيم‘ نالو عام طرح ’براهيم‘ ڪري اُچاريو ويندو آهي. بروهين جي ان پهرين وڏي جو نالو اَلَ ’براهو‘ هو. سندس پوين کي ’براهئي‘ سڏيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي براهو جا پويان. هڪ ٻئي بيان موجب هو حلب کان آيا ۽ بلوچستان ۾ اچي ويٺا، انهن ۾ هڪڙو پريو مڙس مير ابراهيم خان نالي هڪڙو همراهه هو جنهن کي سردار کڻي ڪيائون، يا ڀانئجي ٿو ته جڏهن سندن وڏا بخت جي صاحبيءَ ۾ يروشلم کان ڀڳا هئا ته اچي خلد ۾ ويٺا هئا ۽ عربستان جا اصل رهاڪو نه هئا. سڀ بروهي زائفائون گهگهو پائينديون آهن، پر هڪ خاصيت اهڙي آهي، جا ٻنهي قبيلن ۾ وڏو فرق قائم رکي ٿي. سڀ بروهي عورتون هميشه نير ۾ ڳوڙها رڱيل گهگها وڏي شوق سان پائينديون آهن، جڏهن ته مٿينءَ سنڌ ۽ بلوچستان علائقن ۾ بلوچن جون زائفائون توڙي مرد نير ڏنل يا ڪو ٻيو ڪارو ڪپڙو ڪڏهن ڪونه پائن، صادق علي چوي ٿو ته: ”مون کي بروهي عورتن جي ويس ۽ تصويرن ۾ جارجيائي ڇوڪرين کي اوڍيل ويس جي وچ ۾ اڪثر وڏي مشابهت ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن مان مون اڪثر ائين ڄاتو آهي ته بروهي اصل جارجيا مان آيا هئا، ڇو ته سندن ٻوليءَ جو افغانيءَ يا بلوچن جي ڪنهن به ٻوليءَ سان ڪو لڳ لاڳاپو ڪونه آهي، بروهين منڍ ۾ ٻن ٽاڪرو ڇپرن ۾ پناهه ورتي هئي: هڪڙو ساراوان يعني چوٽيءَ وٽ ٽڪرن جو ڇپر، ۽ ٻيو جهالاوان يعني ’تري وٽ ٽڪرن جو ڇپر‘ هو هميشه ٻن مختلف سردارن جي هٿ هيٺ رهيا آهن.

1941ع ۾ سنڌ علائقي اندر رهندڙ بروهين جو تعداد 82،326 ڳڻيو ويو، پر بروهين جي آدم شماريءَ جو صحيح انگ معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇو ته نرالي نموني جا لاڏائو آهن. سنڌ علائقي ۾ جيڪي بروهي ڳڻپ هيٺ آندا ويندا آهن، تن ۾ هميشه دائمي طرح رهندڙ به هوندا آهن ته ٿوري وقت لاءِ لڏي آيل به. انهيءَ لڏپلاڻ جا ٽي قسم آهن: ميعادي، نيم دائمي ۽ دائمي. وڏي ڏکيائي ميعادي لڏي ايندڙن جي ڳڻپ ڪرڻ ۾ درپيش اچي ٿي، ڇو ته هيءَ لڏپلاڻ گهڻو ڪري ڳڻپ واري وقت ٿيندي آهي. ازانسواءِ، سنڌ علائقي ۾ نيم دائمي رهواسيءَ جي خاطري ٿيڻ به ڏکي آهي، ڇو ته ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا بروهي ايندا ته ٿوري وقت لاءِ آهن، پر پوءِ هميشه لاءِ رهي پوندا آهن. مسٽر لئمبرڪ چوي ٿو ته ڳڻيندڙن لاءِ انهن ماڻهن کان جي عام طرح شڪي سڀاءَ وارا ٿيندا آهن، اهو معلوم ڪرڻ واقعي ڏکيو آهي ته هو هتي ڪيستائين رهندا، ۽ جيئن ته هو اڪثر ساڳي منزل گاهه ۾ سياري جا ڪيترا مهينا رهيا پيا هوندا آهن، انهيءَ ڪري ڳڻيندڙ هنن جي داخلا ضرور ڳڻپ جي ساڳين پئڊن ۾ ڪرڻ تي هرکجي ويا هوندا، جن پئڊن ۾ ڀرپاسي ۾ گهرن اندر رهندڙ آدم شماريءَ جي ڪئي هوندائون. ڳڻپ ڪندڙن کي جا ٻي ڏکيائي درپيش اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته جيئن پوءِ وڌيڪ بروهي نيم دائمي رهائش اختيار ڪرڻ ڏانهن مائل هوندا آهن. هو سنڌ علائقي اندر هڪڙو يا شايد ٻه يا وڌيڪ اونهارا رهندا. پهرين ارادو هوندن ته ڏوڪڙ ڪٺا ڪري ٽڪرن ڏانهن موٽي وينداسون، پر پوءِ خيال مٽجي ويندن ۽ انهن پئسن مان زمين وٺي ڇڏيندا. اهڙا ماڻهو پوءِ به ڪچن اجهن يا تُنبن ۾ رهندا ايندا، پر هاڻ هو ميعادي لڏي ايندڙ نه رهندا. ان ڪري کين نيم دائمي رهواسين کان الڳ ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.

1901ع کان پوءِ هر ڏهين ڏهين سال ٿيندڙ ڳڻپ وقت بلوچستان علائقي جي اختياريءَ وارا انهيءَ ڳالهه کي تشويش جي نظرن سان ڏسندا رهيا آهن ته اتان جي ماڻهن خاص ڪري بروهين ۾ لڏي وڃي سنڌ ۾ ويهڻ جو لاڙو جيئن پوءِ وڌندو پيو وڃي، پر مٿي ڄاڻايل ڏکياين جي ڪري اڃا تائين پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته آخر بلوچستان کان ڪيترا بروهي سنڌ علائقي ۾ لڏي آيا اهن. مسٽر لئمبرڪ جو خيال آهي ته لڏي ايندڙ ڪيتري حد تائين اڳوڻيءَ سنڌ ۾ ويهندا پيا وڃن. سو معلوم ڪرڻ سڀني ۾ خاطريءَ جوڳو طريقو هي ٿيندو ته اهي لڏي ايندڙ جيڪي بولان، ملا، هرباب ۽ ڦوسي لڪن واري واٽ وٺي اچن ٿا، تنهن تي آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن ۾ ۽ وري مارچ ۽ اپريل مهينن ۾ ڳڻيندڙ رکيا وڃن. جي هيٺ ويندڙ ۽ مٿي ايندڙ ماڻهن کي ڳڻيندا رهن. بروهين جا الڳ الڳ قبيلا عام طرح ڌار ڌار جاين تي ڊاٻا ڪندا آهن، پر جي اڳوڻيءَ سنڌ ۾ گڏجي رهڻ آيا هوندا ته ڌار ڌار ڳوٺ ٻڌي ويهندا. هيءَ ڳالهه قبيلن جي پاڙن ۽ ننڍن پاڙن سان به لاڳو ٿئي ٿي. جهالاوان جي ڪنهن خاص تر جا ماڻهو جي هڪ ئي پاڙي يا ننڍي پاڙي جا هوندا ته گهڻو ڪري سنڌ ڏي گڏجي ايندا ۽ هڪ ئي هنڌ ٽڪندا. هو عام طرح تنبو، گيدڻ، هنڌ بسترا، جنڊ، رڌڻ جو سامان، ائٽ ۽ گهر جون سڀ شيون ڍڳن ۽ گڏهن تي لڏي پاڻ سان کڻي هلندا آهن. انهن بار ڍوئيندڙ جانورن تي ٻار، ڪٽنب جا پوڙها ۽ بيمار ڀاتي، اهڙا ڇيلا، گهيٽا ۽ گُلر جي پنڌ جهڙا نه هجن ۽ ڪڪڙيون به کنيون وينديون آهن. بروهي ذري گهٽ سدائين پنهنجون زائفائون ۽ ٻار پاڻ سان گڏ کڻندا آهن، پر ٿورا اتي ئي ترسندا آهن ته جيئن انهيءَ مال جي سنڀال ٿي سگهي، جو سنڌ علائقي ڏانهن ناهي نيو ويندو ۽ انهيءَ پوک جي تات ٿي سگهي، جا هو پچڻ تي ڇڏي ويندا آهن. هو يا ته پنهنجن گيدڻن ۾ يا جهاتر ۽ تڏن جا اجها اڏي رهندا آهن ۽ هڪ هنڌ تيستائين رهندا آهن. جيستائين مردن کي ڪم ملندو آهي، ۽ جڏهن ڪم پورو ٿي ويندو آهي، تڏهن لڏا پٽي ٻئي پاسي ويندا آهن.

بروهڪي هڪ دراوڙي ٻولي آهي يا اهڙي دراوڙي ٻوليءَ جي باقيات آهي، جا پاڪستان يورپي ٻولين جي سمنڊ ۾ الڳ ٿلڳ هئي، ۽ انهيءَ ڳالهه مان ماڻهوءَ ڄاڻ وارا ائين وسهن ٿا ته بروهي يا ته انهيءَ ڀونوچي نسل مان آهن، جو شروع شروع ۾ ڏکڻ بلوچستان جي علائقي ۽ هيٺينءَ سنڌ وارن تر ڏانهن لڏي آيو هو، يا وري هو اُن وڏي ڀونوچي ڪاهه جي باقيات آهن، جنهن سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب پيدا ڪئي. هيءَ ڳالهه بلڪل پڪي آهي ته هيٺين سنڌ ماٿريءَ ۽ انهيءَ ڏيهه جي وچ ۾، جتي بروهي رهندڙ آهن، ويجهي لهه وچڙ رهي آهي، ۽ هيءَ پڻ ته شايد هزارين ورهين کان بروهين ۽ اصلوڪن سنڌي نسلن جي وچ ۾ سڱابندي ٿيندي رهي آهي. 1931ع واري ڳڻپ ۾ جيڪو ڊاڪٽر گوها جو لکيل نسلي جائزو شامل آهي، تنهن ۾ هو ڏيکاري ٿو ته بروهين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٿورا وڌيڪ قداوار وڌيڪ گول مٿي وارا آهن نڪ به وڌيڪ ڊگها اٿن. پر ڪاپار جي ٽڪري جيتري وڌيڪ اُڀي ۽ اکين جي چلهه واري وٿي جيتري وڌيڪ ويڪري سنڌين ۾ ٿئي ٿي تيتري بروهين ۾ نٿي ٿئي. اهي ڳالهيون جتي ٻنهي جي وچ ۾ نسلي هڪجهڙايون ڏيکارين ٿيون، اُتي بروهين ۾ ويڪري نڪ سان ڊگهيري ۽ لوٽيري مٿي واري نسل جي لڇ هجڻ جو ڏس پڻ ڏين ٿيون. باريڪ جاچ رکڻ وارن جو چوڻ آهي ته بروهي حد دخلي ڪري آيل بلوچن جو رت ايترو ته گهڻو جذب ڪري چڪا آهن جو هاڻ کين بلوچن کان الڳ سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ڳالهه صحيح هجي، پر مجموعي انگن اکرن جو تجزيو ظاهر ڪري ٿو ته منجهن ڊگهي مٿي واري آڳاٽي نسل جي لِڇ پنهنجي پاڙيسرين کان ڪجهه مڙيوئي سرس آهي. جيڪي بروهي اڳوڻيءَ سنڌ ۾ دائمي طرح رهندڙ آهن،

سي زميندار، ڪڙمي، اُٺن تي بار ڍوئيندڙ، لوهر ۽ قلعي گر يا مزور آهي. ميعادي لڏي ايندڙ گهڻو ڪري سنڌي زميندارن جون زمينون ڪيڻ گهمائي سنوت ۾ آڻڻ جو ڪم ڪندا آهن، جنهن لاءِ پاڻ سان ڍڳا آڻيندا آهن، چانورن ڇڙڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا آهن، لابارو وجهندا آهن يا مزوري ڪندا آهن. اڪثر ڪري زميندارن ۽ مزوري ڏيڻ سان سڃاڻپ ٿي ويندي اٿن. سو سال بسال هنن وٽ اچي ڪم ڪندا آهن. سندن زائفائون وڪري لاءِ پيش جا تڏا ٺاهينديون آهن، ڏاس ۽ اُن وٽينديون آهن ۽ فراسيون، خرزينون اُڻينديون آهن. ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ منگهي پير، ملير، درسن، گهاڙي ۽ لانڍيءَ ۾ بروهي گهڻي وقت کان رهندا اچن ٿا. ڪراچيءَ جي باغ جي پيدائش ۽ کير لاءِ طلب جيئن پوءِ وڌندڙ آهي ۽ موٽر گاڏين اٺن کي بيدخل ڪونه ڪيو آهي. ڏکڻ جهالاوان ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ پيش جو واپار زور شور سان جاري آهي ۽ ان کي آڻڻ جو ڪم ذري گهٽ سڄي جو سڄو بروهي ڪندا آهن. نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ۾ بروهين جي تعداد ۾ واڌارو پڻ ذڪر لائق آهي. اهي ضلعا موسمي لڏپلاڻ جي حد کان ٻاهر آهن، ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بئراجي واهن جي ٺهڻ ڪري هارين، ڪارخاني جي مزدورن ۽ اٺن رستي باربرداري جي جيڪا گهرج ٿي آهي، سا بروهين کي هميشه لاءِ لڏي اچي ويهڻ تي هر کائي رهي آهي. نوابشاهه ضلعي ۾ اڳيئي ڪيترا اهڙا بروهي آهن، جن وٽ پنهنجيون زمينيون ٿي پيون آهن، ۽ لاڙڪاڻي (قنبر) ضلعي جي شهداد ڪوٽ تعلقي ۾ مسٽر لئمبرڪ ڪيترا اهڙا بروهي ڏٺا، جن ڪٽنبي بنياد تي بئراج زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا خريد ڪيا هئا ۽ سٺا ڪڙمي سمجهيا ويا.

سيّد:

سيد- اسلامي رياست روحانيت جا سرواڻ آهن ۽ اڳوڻيءَ سنڌ ۾ هنن جي حد کان وڌيڪ عزت ڪئي ويندي هئي. گزيٽيئر جي 1907ع واري ڇاپي ۾ چيل آهي ته ’سيد‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’سردار‘ ۽ فقط نبي سڳوري ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسن﷦ ۽ امام حسين ﷦ جي پوين لاءِ ڪتب ايندو آهي. ان ڪري سيد: حسني ۽ حسيني 1901ع واري ڳڻپ موجب، تڏهن سنڌ ۾ 10،607 حسني ۽ 25،613 حسيني سيد هئا. جڏهن ڪافر منگول وچ ايشيا ۾ مسلمان بادشاهتن کي تاراج ڪري رهيا هئا، تڏهن ڪيترن متقي ۽ عالم سيدن سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ٻيا پوءِ آيا ۽ سيوهڻ، بکر يا ٺٽي ۾ رهڻ لڳا، جتان سندن  پويان ٻين هنڌن ڏانهن پکڙيا جو گهڻا حاڪم خاص ڪري ٽالپر سندن گهڻي پاسخاطري ڪندا هئا. صادق علي، سيدن کي ٽن درجن: قريشي الهاشمي، حسني ۽ حسينيءَ ۾ ورهائي ٿو. قريشي الهاشمي- سيد آهن، جيڪي اصل ۾ قريش آهن، جي نبي سڳوري ﷺ جي ڏاڏي، هاشم جو اولاد آهن. هاشم جي پوين کي قريشي الهاشمي سڏيو وڃي ٿو ۽ فهر جا ٻيا سڀ پونئر ’قريش‘ ڪوٺبا آهن. قريشي الهاشمي سيدن جو درجو سڀني کان مٿانهون آهي، ڇو ته پاڻ سڳورا ﷺ انهيءَ نسل مان آهن، ۽ انهيءَ قبيلي کي دنيا جا سڀ مسلمان اتم ۾ اتم قبيلو ڄاڻندا آهن. صادق علي، قريشي الهاشمي سيدن جون هي شاخون ڄاڻائي ٿو: علوي، بني عباس، جعفري، عقيلي، ڪلهوڙا ۽ ڪلوڙ، پر ڪلهوڙن ۽ ڪلوڙن جو سڌيءَ طرح عرب نسب مان هجڻ مشڪوڪ آهي. صادق علي اڳوڻيءَ سنڌ ۾ حسني سيدن جو ٻه شاخون ڄاڻائي ٿو: 1. حسني ۽ 2. جيلاني يا گيلاني، گيلان ايران جو هڪ پرڳڻو آهي ۽ اهي سيد جيلاني (گيلاني) انهيءَ ڪري سڏبا آهن جو سندن جد امجد گيلان جي پرڳڻي ۾ رهندو هو. روهڙيءَ لڳ گهوٽڪيءَ وارا ۽ اڳوڻي خيرپور رياست ۾ راڻيپور وارا پير جيلاني سيد آهن. صادق علي سنڌ جي حسيني سيدن جون جيڪي شاخون ڳڻايون آهن، سي هي آهن: حسيني، بخاري، مٽياري، لڪياري، رضوي، شيرازي. شڪرالهيٰ، مشهدي، مازندراني، ميرڪي، عريضي، امير خاني، شمسي، خراساني، موسوي، معصومي، استر آبادي، وجهه الديني، مشواني، لودي، تران ۽ ڪاهري. انهن مان بخاري سيد دعويٰ ڪندا آهن ته اسان ايشيائي ترڪستان جي شهر بخارا کان آيا هئاسون. مٽياري سيد مٽياريءَ جا ويٺل هئا، جو حيدرآباد ضلعي جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. لڪياري سيد عربستان کان سنڌ ۾ آيا هئا ته ٽڪرن ۾ اچي ويٺا هئا جيئن ته جبل جو لڪ لتاڙي آيا هئا ان ڪري لڪياري ڪوٺيا ويا، يا شايد ان ڪري جو دادو ضلعي جي ڳوٺ لڪيءَ ۾ اچي رهيا هئا. هي ’لڪوي‘ پڻ سڏبا آهن. رضوي سيد امام موسيٰ رضا ﷦ جو اولاد آهن. شيرازي سيد اصل ايران جي شهر شيراز کان آيا هئا. مشهدي سيد اصل ايران جي شهر مشهد جا ويٺل آهن. امام رضا ﷦ جو روضو مبارڪ به اُتي آهي. مازندراني سيد مازندران کان آيا هئا، جو ايران جو هڪ پرڳڻو آهي. ميرڪي ۽ عريضي سيد افغانستان کان سنڌ ۾ آيا هئا. امير خان سيد  دهليءَ کان اچي ٺٽي ۾ ويٺا هئا. شمسي سيد ملتان واري شاهه شمس الدين جو اولاد آهن. خراساني سيد ايران جي شهر خراسان جا آهن. ڪنگريءَ وارا پير خراسان جا ويٺل چيا وڃن ٿا ۽ ان ڪري خراساني سڏجن ٿا. موسوي سيد امام موسيٰ ڪاظم ﷦ جو اولاد آهن، جو بغداد (ڪاظمين) جو هو. استرآبادي سيد استرآباد شهر کان آيا هئا، جو ڪئسپئن سمنڊ جي ڪپر تي آهي. تران سيد امام علي رضا ﷦ جي اولاد هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. ڪاهري سيد چوندا آهن ته اسين امام موسيٰ ڪاظم ﷦ جا پونئر آهيون. جيڪي سنڌي قبيلا قريشي هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، سي هي آهن: شيخ، صديقي، تُنيا، پيرزادا، دائود پوٽا، شجراع، نائچ ۽ ڀيا. صديقي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر صديق ﷦ جو اولاد ڪري صديقي سڏائيندا آهن. پر تُنيا اصل سنڌي آهن ۽ سمن جي قبيلي مان آهن. دائودپوٽا، جن جو هڪڙو گهرانو بهاولپور جو حاڪم آهي، سو گهڻو ڪري ڪورڪو ڪم ڪندا آهن ۽ سمن جي قبيلي مان آهن. شجراع، نائچ ۽ ڀيا، اهي سڀ پاڻ کي عربن جو اولاد ڄاڻائيندا آهن، پر هو اصل سنڌي سمجهيا وڃن ٿا.

خوجا:

’خوجو‘ نوز ’خواجه‘ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ معنيٰ اٿس ’مالڪ‘ يا ’اعليٰ شخص‘ (خوجا) اڳي هڪ جماعت هوندا هئا، پر اٽڪل ستر ورهيه اڳ هو ٻن فرقن، پنجي ڀائي ۽ پڙائي، ۾ ورهائجي ويا. پنجي ڀائي (خوجا) وڌيڪ ڪٽر آهن ۽ آغا خان کي يا پاڻ سڳورن ﷺ جن جو عيوضي (نائب) ڪري ڄاڻندا آهن، جو سندس حسب نسب حضرت اسماعيل بن امام جعفر صادق ﷦ جي معرفت وڃيو پاڻ ڪريمن سان ملي، يا وري خود خدا جو اوتار ڪري سمجهندا آهن. اسماعيلي فرقي جي روحاني پيشوا کي ’آغا خان‘ سڏيو وڃي ٿو. هن وقت سندن امام شهزادو ڪريم آغا خان آهي. ٻئي طرف، پڙائي کوجا (خوجا) آغا خان کي محض پير ڪري ڄاڻندا آهن. سنڌ علائقي اندر پڙائي خوجن جو تعداد تمام ٿورو آهي. هتي جا گهڻو ڪري سڀ (خوجا) پنجي ڀائي فرقي جا آهن. خوجا اڳوڻيءَ پنجاب جي لوهاڻن جا پونئر آهن، جي پندرهين صدي عيسويءَ ۾ شيعن جي اسماعيلي فرقي جا پوئلڳ ٿيا هئا ۽ شايد فارس کان لڏي آيلن سان رلي ملي ويا هئا. پڙائي کوجن (خوجن) جو عقيدو شيعت کي وڌيڪ ويجهو آهي. هو جنهن جاءِ ۾ عبادت لاءِ ڪٺا ٿيندا آهن، تنهن کي ممبر چيو وڃي ٿو. هو آغا خان کي زڪوات ناهن ڏيندا. ڇو ته سندس بعيت ترڪ ڪري چڪا آهن يا جماعت مان ڪڍيا ويا آهن. پنجي ڀائي (خوجا) آغا خان کي امام مهديءَ ﷦ جو نائب ڪري مڃين ۽ زڪوات کيس ڏين. سندن بزرگن کي مکي سڏين ۽ سندن عالمن کي ڀڳت. نماز جماعت خاني ۾ پڙهن (خوجا) ڏاڙهي رکائيندا به آهن ۽ نه به رکائين. پڙائي خوجا عام طرح ڏاڙهي رکائين. مڇون ڪونه ڪوڙين. ننڍي عمر جي شاديءَ کي چڱو ڪونه سمجهن. صادق علي، ڪراچيءَ جي پنجي ڀائي (خوجن) جي برک ماڻهن جي سَنَد تي ٻڌائي ٿو، ته خوجا اصل ۾ ڪشمير جا چڪ- هندو ۽ ڀاٽيا آهن، جن کي اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳ پنجاب علائقي جي هڪ صوفيءَ سيد صدرالدين شاهه، جنهن جي هو وڏي عزت ڪندا هئا، مسلمانيءَ تي آندو هو. شاهه صاحب جو حسب نسب کوجا (خوجا) جماعت جي هاڻوڪي امام، آغا خان، جي گهراڻي سان ڪونه ٿو ملي، پر چيو وڃي ٿو ته پاڻ آغا خان جي جد امجد، شاهه نذر، جو مريد هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته پاڻ فارس ويو هو ۽ اتي شاهه نذر جي خدمت ۾ حاضري ڀري هئائين، جو تڏهن صغير هجڻ ڪري حضرت حسن شاهه جي سنڀال هيٺ هو ۽ پهرين امام، حضرت علي ﷦ کان ملندڙ امامت واري سلسلي جو ويهون امام هو. (خوجا)، طبقي جي حيثيت ۾، وڻج واپار ڪندا آهن ۽ انهيءَ ڪرت ۾ تمام هوشيار آهن. انهيءَ ڏس ۾ سندن خدمتون هاڻوڪي سنڌ علائقي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇالاءِ جو ورهاڱي کان پوءِ سڀ هوشيار هندو سنڌ ڇڏي ويا آهن. ڪن هنڌن تي (خوجا) زميندار آهن ۽ پوکي راهي ڪندا آهن. هو پنهنجي نفعي جي اٺين پتي آغا خان کي ڏيندا آهن ڇو ته سندن وڏن مسلمان ٿيڻ وقت اها پتي ڏيڻي ڪئي هئي. اڳوڻيءَ سنڌ ۾ پنجي ڀائي (خوجن) جون ذاتيون آهن مومنائي، پيرواڻي ۽ تيجاڻي. سنڌ علائقي ۾ (خوجن) جو تعداد معلوم نه آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جي ڌار ڳڻپ نه ڪئي وئي آهي پر 1931ع واري ڳڻپ ۾ هو 5196 مرد ۽ 5038 عورتون ملائي 10234 ڄڻا هئا، جن مان 8434 ڄڻا ڪراچيءَ جا رهاڪو هئا.

جت:

جنهن لفظ کي انگريزيءَ ۾ ’JAT‘ ڪري لکيو وڃي ٿو، سو درحقيقت سنڌيءَ جي ٻن ڌار ڌار لفظن جي نمائندگي ڪري ٿو. پهريون لفظ ’ت‘ سان ’جت‘ ۽ ٻيو لفظ ’ڄ‘ ۽ ’ٽ‘ ’ڄٽ‘ آهي. ٻنهي جي معنيٰ الڳ الڳ آهي، پر انگريزيءَ ۾ سندن فرق نروار نٿو ٿئي.

’جت‘ شايد سائٿيائي نسل جو سنڌي قبيلو آهي. هي آڳاٽي وقت هت رهندڙ آهن، جنهن جي ساک ڪڇيءَ ۾ نوڌا جي تاريخ ڀري ٿي. اُتان هو لاڙ ۾ اچي نڪتا هئا ۽ هاڻ انهيءَ پاسي گهڻا آهن. جاگرافيدان ابن حوقل ڏهين صدي عيسويءَ ۾ انهن کي اُتي ڏٺو ۽ بيان ڪيو هو. هو اُٺ پاليندا هئا ۽ سندن ڏيهه اُٺن کان مشهور هو. اڄ به سندن ڪرت اها ئي آهي. روز ڏهاڙيءَ جي محاوري ۾ جَتُ چوندا ئي اُٺ واري کي آهن. 1901ع واري ڳڻپ موجب، سندن تعداد 77920 هو. اڄ ڪيترو اٿن سو معلوم نه آهي.

 عربن جي فتح کان اڳ برهمڻ راجائن جت قبيلن کي سختيءَ سان دٻائي رکيو هو ۽ عرب پرڳڻي ڌڻي به ساڳي پاليسيءَ تي هلندڙ نظر اچن ٿا. بلوچن جي ڪاهن شروع ٿيڻ کان پوءِ، بلوچ سردار ۽ مغل حڪمران، ٻئي سنڌو ماٿريءَ جي سڀني سنڌي ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي جت سڏڻ لڳا. انت سنڌ جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام محاوري ۾ ’جت‘ جو نسلي مفهوم ختم ٿي ويو ۽ ان جي بدران ڪرت جي معنيٰ ۾ اٺ واري لاءِ ڪم اچڻ لڳو. شايد انهيءَ جو ڪارڻ هيءُ هجي ته سورهين، سترهين ۽ ارڙهين صدين ۾ سنڌ جي لشڪرن ۾ وڙهندڙ ماڻهو گهڻو ڪري راجپوت ۽ ريگستان جا راجپوت يا بلوچ ۽ مغل هوندا هئا، جڏهن ته ڏيهي ماڻهو آڻڻ ۽ نيڻ جا وسيلا موجود ڪري ڏيندا هئا. جڏهن ڪلهوڙا ۽ ٽالپر ڏکڻ اولهه پنجاب علائقي کان هيٺ آيا، تڏهن سرائي ۽ اڳوڻي پنجاب جا بلوچ به گڏ هئن. هنن ضرور پاڻ سان وڏي تعداد ۾ اُٺن وارا به آندا هوندا، جي اهڙن قبيلن جا هوندا، جن کي بلوچ ’جت‘ جي نالي سان سڃاڻندا هئا، ۽ جيڪي بهاولپور، ديري غازي خان ۽ ملتان ۾ وسيل هئا. اڳوڻي پنجاب جي بلوچن جيان، اهي به سنڌ ۾ رهي پيا، جتي منجهائن گهڻا اڃا تائين لهندا ٻولي ڳالهائيندا آهن. انهن اوٺي ماڻهن مان ڪجهه سماجي حيثيت گهٽ ٿي وڃڻ ڪري بلوچ قبيلن کان ڇڄي ويل هئا، يا وري تن بلوچ قبيلن مان هئا، جن جي نالن پٺيان سڏايائون ٿي، مثال طور: لاشاري، پر گهٽ ۾ گهٽ لاڙ واري پاسي اهڙا ٻيا قبيلا به هئا، جي عام طرح جت سڏبا هئا ۽ جي گهڻو ڪري اُٺ ڪاهيندڙ يا اُٺ پاليندڙ هئا. اهي جت سنڌي ڳالهائيندا آهن ۽ پڌري پٽ آڳاٽي زماني کان سنڌ ۾ رهندڙ آهن. جاتيءَ جا جت ملڪاڻي سڏائڻ پسند ڪندا آهن، ۽ جي پاڻ کي ڪڏهن جت مڃيندا به آهن ته ترت ڦڙت اهو پڻ چوندا آهن ته اسان جو ٻين جتن سان ڪو لڳ لاڳاپو ڪونهي، ٻئي طرف، گونيءَ جا خاناڻي جت ملڪاڻي جتن سان مائٽي هجڻ جو منهن نه ڪندا آهن، ۽ چوندا آهن ته اسان انهن کي پنهنجو سردار ڪري سمجهون ٿا. صادق علي جو چوڻ آهي ته ’جت‘ لفظ جو ڌاتو نامعلوم آهي. هو اهو پڻ چوي ٿو ته اڳوڻي سنڌ ۾ ريلن جي نڪرڻ ۽ وڌڻ سبب جتن جون ڪيتريون وسنديون غائب ٿي ويون آهن ۽ اُٺن جو تعداد گهٽجي ويو آهي. ڪيترا جت هاڻ هارپو ڪرڻ لڳا آهن. صادق عليءَ جت قبيلي جا جيڪي پاڙا ڄاڻايا آهن، سي ٻيانوي کان گهٽ ناهن. هو چوي ٿو ته ڪاهري ڪن هنڌن تي پاڻ کي سيد سڏائيندا آهن ۽ ڪن هنڌن تي وري جت چيا وڃن ٿا. صادق علي بلوچن جا ڇهه پاڙا اهڙا ٻڌائي ٿو، جن بابت پتو آهي ته آهي جت آهن. بروهين جا ٻه پاڙا جت سڏجن ٿا ۽ سمن جا ست پاڙا پڻ جت آهن. صادق عليءَ جو چوڻ آهي ته انهن ڦيرڦارين جو ڪارڻ ڪن پاڙن جو ٻين قبيلن جي پاڙن سان ميل ميلاپ آهي. انهن جا پويان ڪجهه پيڙهين کان پوءِ پنهنجا اصل قبيلا يا پاڙا وساري ويٺا ۽ انهن قبيلن جا نالا اختيار ڪيائون، جن سان رهندڙ هئا يا انهيءَ ڪرت جو نالو رکيائون، جا ڪندڙ هئا.

1941ع واري ڳڻپ وقت ڪوشش ڪئي وئي ته سراين ۽ ٻين (يعني نه ڳنڍيل) جتن کي ڇڏي، انهن جتن جا ڌار انگ اکر هٿ ڪيا وڃن، جن جي ڪرت اُٺ پالڻ ۽ اُٺ وهائڻ آهي. ائين ڪرڻ لاءِ سبب هو. ڳڻپ واري سپرنٽينڊنٽ، مسٽر لئمبرڪ، جو چوڻ هو ته اڳي ’جت‘ لفظ جن قبيلن سان لاڳو ڪيو ويندو هو، تن ۾ هاڻ ان جو استعمال سچ پچ ته متروڪ ٿي چڪو آهي، ۽ اهي سرائي، پنهنجي اقتصادي ۽ سماجي جيوت ۾ سماٽ ۽ ٻين سنڌي مسلمان قبيلن کان ايترا گهٽ ڦريل آهن جو انهن ۾ فرق سڃاڻڻ جو ڏکيو ڪم ڪرڻ بلڪل بي واجبي ٿيندو. ٻئي طرف، جيڪي جت اُٺن کان سواريءَ ۽ باربرداريءَ جو ڪم وٺندا آهن، سي ڪجهه نه ڪجهه ڌيان لهڻن، ڇو ته ريلن ۽ موٽر گاڏين جي باوجود سنڌ علائقي خاص ڪري بئراجي ايراضيءَ جي ڳوٺاڻي اقتصاد ۾ باريگن جي اهميت قائم آهي. سو ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سنڌ علائقي اندر ريلوائي آمدرفت جي روزگار سان لڳل جتن تي اثرات بابت صادق عليءَ جون اڳ ڪٿيون اڄ بي بنياد ثابت ٿيون آهن. جاتي تعلقي تي اهو نالو لاڙ جي جتن تان پيو آهي. انهن کي ڏيهي ليکي سگهجي ٿو ۽ شايد اڳوڻيءَ سنڌ جو جهوني ۾ جهونن رهاڪن منجهان آهن. ملڪاڻي جت ڏاچين جي ڌڻن سان چري جي سانگ تي تعلقي ۾ رلندا وتندا آهن ۽ هڪڙي هنڌ تي تيستائين ٽڪاءُ ڪندا، جيستائين ڀرپاسي ۾ ڪافي چارو موجود هوندو. جنهن هنڌ ڊاٻو ڪندا آهن، تنهن هنڌ کي ’وانڍ‘ چيو ويندو آهي ۽ منجهنس ڪانهن جي تڏن جو ڀونگيون هونديون آهن. هي ماڻهو پنهنجين ريتن رسمن ۾ بنهه آڳاٽا آهن. ويساهه نٿو اچي، پر حقيقت اها آهي ته اهي ماڻهو رڳو ڏاچين جي کير تي گذر ڪندا آهن ۽ ماني يا پاڻي ورلي واپرائيندا آهن. اُٺن جا نر ٻچا ميلن ۾ وڃي وڪرو ڪن، پر ائين نه چئي سگهبو ته ڪو هو حقيقت ۾ اٺ پالي وڪڻڻ تي گذران ڪندا آهن. سنڌوءَ جي ڊيلٽا جو هيءُ تر ضرور اُٺن جي چاري لاءِ خاص طور موافق هوندو، ڇو ته سندن دلپسند کٻڙ هر هنڌ عام جام ٿئي ٿو، ۽ پوک هيٺ ايراضيون تمام محدود آهن. انهن جتن جي ٻولي سرائڪي چئي وڃي ٿي. پر سندن محاورو نرالو آهي ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻن هٿان چوک چڪاس لهڻي. اهو اُتر اوڀرندي سنڌ علائقي جي سنڌي سرائڪي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي شايد ئي سمجهه ۾ اچي. جتن جا لاشاري، جسڪاڻي ۽ ٻيا قبيلا سڄي سنڌ علائقي ۾ پکڙيل آهن ۽ عام طرح اُٺ وهائيندا آهن، جيتوڻيڪ ڪي زمين تي به ڪم ڪندا آهن. گهڻو ڪري دائمي ڳوٺ اٿن، جتي سندن ٻار ٻچا رهندا آهن، جڏهن ته مرد گهڻو وقت اَنُ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نيڻ ۾ صرف ڪندا آهن. ڪي واپارين ۾ سرڪاري ڪامورن سان ٻول ڪري ڇڏيندا ته هيترو ڪي هيترو وقت توهان جو مال ڍوئبو. ٻيا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ هلندا وتندا آهن ۽ جتي به بار ملين ڍوئيندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪوٽڙي تعلقي جا جت اوڀر ۾ پري نوابشاهه تائين ۽ اُتر ۾ پري لاڙڪاڻي تائين ملندا. سڀ جت پاڻ ۾ سرائڪي ڳالهائيندا آهن، پر گراهڪن سان ڏيتيءَ ليتيءَ وقت سنڌي واپرائيندا آهن. گهڻا بلوچي به ڳالهائيندا آهن، جو ڪنهن زماني ۾ هو بلوچ قبيلن جا اوٺي رهيا هئا. جتن جون عورتون ۽ ڪڏهن ڪڏهن مرد به، ملس ۾ ڏاس ۽ اُن ملائي فراسيون اُڻيندا آهن. بلوچن، بروهين ۽ اڪثر سنڌي مسلمان قبيلن جيان، جتن ۾ به پنهنجن ٻارن جا مٿا ننڍيءَ عمر ۾ ئي ويهارڻ جو رواج آهي.

هيروڊوٽس ۽ ڪتيسياس، ٻنهي مؤرخن انهن ڪوششن جو ذڪر ڪيو آهي، جي داريوش (دارا) اعظم 512 ق.م ۾ پنهنجيءَ سلطنت جي حدن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. انهن ڪاررواين دوران داريوش سنڌو ماٿريءَ توڙي ڪافرستان جي سون ڏيندڙ ٽاڪرو ڏيهه کي ۽ پڻ سنڌوءَ تي واقع دبستان کي پنهنجيءَ سلطنت سان ملايو هو. انهيءَ هنڌان هن سڪ لوڪن ۽ سائٿيائي لوڪن تي ڪيتريون ئي ڪاهون ڪيون. هن ڪئريانڊا واري ناکئي سڪيلاس کان سنڌونديءَ جي رخ جي چوک چڪاس به ڪرائي هئي، جو پوءِ هندي وڏو سمنڊ جهاڳي سوئيز موٽيو هو ۽ پنهنجي مسافريءَ جو احوال يونانيءَ ۾ لکيو هئائين. انهيءَ مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن سائٿيائي لوڪ تڏهن هيٺين سنڌو ماٿريءَ ۾ نه به هئا، تڏهن به سنڌوءَ واري ڏيهه کي کانئن ضرور زبردست خطرو هوندو، نه ته داريوش کين مطيع ڪرڻ لاءِ ايتري جاکوڙ نه ڪري ها. جيڪڏهن، جيئن عام طرح مڃيو وڃي ٿو، سنڌي جت اصل سائٿيائي لوڪ آهن، ته پوءِ ڀانئجي ٿو ته سنڌ علائقي ۾ سندن رهڻيءَ جو زمانو هند سائٿيائي غلبي کان به، جو ننڍي کنڊ جي اُترئين ڀاڱي جي ڪشن حاڪم، ڪنشڪ جي دؤر ۾ رونما ٿيو، گهڻو پٺتي ڌڪي سگهجي ٿو. پيريپلس جي وقت (70ع) ۾ سائٿيائي لوڪن کي سنڌوماٿريءَ ۾ اڳي ئي آباد ٿي ويل بيان ڪيو ويو آهي.

مهاڻا:

پڪ ناهي ته ’مهاڻو(1) نالو ڇا مان نڪتو آهي، پر ان مان مراد سنڌ علائقي جي مسلمانن جو اهو قبيلو ۽ ان جا اڪيچار پاڙا آهن، جن جي ڪِرت سمنڊ جي ڪپر تي توڙي اندر ڏيهه ۾ مڇيون مارڻ آهي. مڪران جا مهاڻا ميد سڏبا آهن ۽ اهو نالو سنڌ ۾ اڻڄاتل نه آهي، توڻي جو هاڻ انهن جو سلسلو انهن سائٿيائي ميدن سان ملائڻ ناممڪن ٿو نظر اچي، جي هزار ورهيه اڳ سنڌوءَ جي ڪنڌين تي رهندا هئا. مهاڻا به اهي ئي آهن، جي اڳوڻي پنجاب جا ملاح آهن. اڳئين پنجاب جي ڏکڻ- اولهه ۾ ان ئي نالي سان مهاڻا آهن، ۽ ملاحن جو گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو پاڙو متجاري نالي ساڳيو مهاڻن وارو آهي. ملاح ڪرت واري ذات آهي. جيڪڏهن ملاح پلوٽارڪ جا ڄاڻايل اُهي ئي ملوءِ لوڪ آهن، جن سڪندر اعظم سان سندس سنڌوءَ ۾ لهواري هاڪار وقت ڇتيون چڪريون کاڌيون هيون ته پوءِ اهي ماڻهو سنڌوماٿريءَ ۾ عيسوي سن کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي سؤ ورهيه اڳ کان وسيل آهن. هنن ۾ آڳاٽن ماڻهن وارا سڀ مهانڊا آهن، ۽ عام طرح سندن چمڙيءَ جو رنگ اڪثر ڏيهي سنڌين کان وڌيڪ سانورو مسٽر ڪَوَرنٽن جو ويچار هو ته انهن کي ڪاٺياواڙ جي مهاڻن ۾ مياڻن سان (هڪ سنئون) سمجهڻ لاءِ ڪا خاص سند ڪانهي، ۽ نه ئي ائين سمجهڻ لاءِ ڪا ثابتي اٿئون ته اهي نالا پاڻ ۾ لاڳاپيل آهن. اُن جي فائدي ۾ هڪڙو ئي دليل آهي، جو هيءَ ته سنڌ علائقي ۾ ميربحرن جي ڳوٺ کي ’مياڻي‘ سڏيندا آهن. ڪاٺياواڙ واريءَ نال ڍنڍ جا مهاڻا ۽ ٻيڙين وارا ڏيک ويک توڙي عادت ۾ هر لحاظ کان اهڙا آهن. جهڙا سنڌي مهاڻا، ۽ هو نال تي پنهنجون ويٺوڙي ٻيڙيون سوڌ پوڌ ائين ئي هلائيندا آهن، جيئن سنڌ علائقي جا مهاڻا منڇر ڍنڍ تي هلائيندا آهن. پوسٽنس ڄاڻائي ٿو ته ’منيا‘ يا ’مانا‘ پڻ سڏيو ويندو آهي، پر مسٽر ڪَوَرنٽن، پوسٽنس کي معتبر رهبر نٿو ليکي. ٻئي طرف، پيريپلس ۾ هيٺينءَ سنڌو ماٿري جو جيڪو نقشو ڏنل آهي، تنهن ۾ ’مينانگر‘ جي نالي سان هڪڙو شهر سنڌونديءَ جي ڊيلٽا تي ڏيکاريل آهي، ۽ سراين جي هڪڙي ذات ’مينا‘ به آهي.

مهاڻو لفظ اڳوڻي پنجاب جي ڏکڻ اولهه ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو، ۽ اڳوڻيءَ سنڌ جيان اُتي پڻ مهاڻن کي عام طرح ’ميربحر‘ سڏيو ويندو آهي. اهو پڻ ڪرت ڏيکاريندڙ نالو آهي ۽ معنيٰ اٿس ’سمنڊ يا پاڻيءَ جو سرواڻ‘ انهيءَ ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته مهاڻا نسل جي حيثيت ۾ جتن يا سمن کان به آڳاٽا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي موئن جي دڙي واري زماني کان هيٺين سنڌو ماٿر جي ڪن اصلوڪن ماڻهن جا پونئر هجن. صادق علي مهاڻن جون 254 ذاتيون ٻڌائيندي  چوي ٿو ته پتو ناهي ته اهي اصل هندو هئا يا ڪي ٻيا لوڪ. اُهي يا ته ٻيڙيون هلائيندا آهن يا مڇيون ماريندا ۽ وڪڻندا آهن. پر جڏهن کان درياء جي پاسن کان بچاءَ بند ٺاهيا آهن، تڏهن کان ڍنڍن ۽ ڍورن کي، جي اڳوڻيءَ سنڌ ۾ مڇين جا بچاءُ گهر هئا، سنڌوءَ جي ليٽ جو پاڻي ملڻ هاڻ بند ٿي ويو آهي. سو ڪيترا مير بحر ۽ مهاڻا ڄار ڦٽا ڪري، مڇي مارڻ جا حق ڇڏي، وڃي هر کيڙ کي لڳا آهن. سواءِ هڪڙي ذات جي، جنهن کي لاڙ ۾ ’ڊاگوري ‘ ۽ سري ۾ ’جهبير‘ ڪوٺيندا آهن. ٻيا ڪي به مهاڻا واڳون ۽ ڪڇون ڪونه ڦاسائيندا آهن.

1901ع واري ڳڻپ موجب مهاڻا ڪل 1،07،383 ۽ 1931ع واريءَ ڳڻپ وقت سندن انگ وڌي 1،24،420 ٿيو. پر پويون انگ شڪ ناهي ته غلط ۽ گهٽ ڏيکاريل آهي. ڇو ته اُن ۾ ڄاڻايل عورتن جو تعداد آدم شماريءَ جي لحاظ کان تمام ٿورو (مردن کان پندرهن هزار گهٽ) آهي. سو ائين چوڻ بيواجبي نه ٿيندو ته 1931ع کان مهاڻن جو انگ هڪ لک پنجويهن هزارن کان گهڻو مٿي هو. 1941ع ۽ 1951ع وارين ڳڻپن ۾ مهاڻن جو ڌار ڳاڻيٽو ڪونه ڪيو ويو هو.

سرائي:

’سرائي‘ نالو هاڻ ماڻهن جي هڪ وڏي طبقي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو. جي اڳوڻي پنجاب کان لڏي اچي سنڌ علائقي ۾، خاص ڪري پراڻي  شڪارپور ضلعي جي لاڙڪاڻي واري تر ۾ اچي ويٺا هئا.

هن سال اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي مسلمان آدمشماريءَ جو مختصر بيان پورو ٿيو. ڪيترائي مکيه قبيلا ۽ ذاتيون ڇڏي ڏنيون اٿئون، پر سنڌ علائقي جي قبيلن ۽ ذاتين واري ڏسڻيءَ ۾ سنڌ ڏيهه جي عام قبائلي جوڙجڪ ۽ مسلمان آدم شماريءَ بابت ڪافي معلومات ملي ويندي. هيءَ  ڏسڻي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي 1931ع واري ڳڻپ جي جلد مان ڪوري هن گريٽيئر ۾ ضميمي طور شامل ڪئي وئي آهي.

هندو:

اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي اڄوڪي هندو آدم شماريءَ تي ڪجهه لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته پوين پنجاهه ورهين اندر آدم شماريءَ جي اوسر بابت ۽ 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان آدم شماريءَ جي جوڙجڪ ۾ آيل زبردست ڦيرڦار بابت ڪي عام ڳالهيون ڪيون وڃن. اڳوڻيءَ سنڌ جي آدم شماري 1901ع ۾ 30،74،613 مان وڌي 1951ع ۾ 40،60،514 ٿي. هيءَ 15،34،901 ماڻهن جو 49.8 سيڪڙو جي بها سان واڌارو آهي. اڳوڻيءَ خيرپور لاءِ اهي انگ آهن 1901ع ۾ 1،99،313 ۽ 1951ع ۾ 4،72،137 ماڻهو. پنجاهه ورهين ۾ 2،72،824 ماڻهن جو هيءَ واڌارو 136.88 سيڪڙي جي برابر آهي. ڪل آدم شماريءَ ۽ في چورس ميل آدم شماريءَ ۾ گهٽ واڌ پاڪستان جي 1951ع واري ڳڻپ جي جلد ڇهين جي صفحي 30 تي وچور 3k ۾ ڏنل آهي. خيرپور سميت سموري سنڌ ڏيهه جي آدم شماريءَ ۾ گهٽ واڌ جو سيڪڙو هن ريت آهي: 1901ع کان 1911ع تائين 8.4 جي واڌ، 1911ع کان 1921ع تائين 9.1 جي گهٽتائي، 1921ع کان 1931ع تائين 18.0 جي واڌ، 1931ع کان 1941ع تائين 15.5 جي واڌ ۽ 1941ع کان 1951ع تائين 50.5 جي واڌ في چورس ميل آدم شماري هئي 1901ع 58، 1911ع 63، 1921ع واري ڏهاڪي کي ڇڏي هر ڏهاڪي ۾ آدم شماريءَ جو سيڪڙو وڌيو آهي. 1911ع کان 1921ع واري ڏهاڪي اندر سنڌ ۽ خيرپور علائقي ۾ ۽ هر ضلعي منجهه آدم شماريءَ ۾ گهٽتائي ٿي هئي. ان جو ڪارڻ 1918ع جي انفلوئنزا واري وبا هئي. انهيءَ وبا جو تذڪرو هن گزيٽيئر ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ اچي چڪو آهي.

ٻي جنهن ڳالهه اڳوڻيءَ سنڌ ۾ خيرپور جي آدم شماريءَ تي زبردست اثر وڌو، سا هئي 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ونڊ ورڇ. جنهن ڳڻپ رپورٽ جو مٿي حوالو ڏنو اٿئون، تنهن جي سپرنٽينڊنٽ هندن جي وڏن پئماني تي لڏپلاڻ ۾ مسلمان مهاجرن جي پالوٽ جي ڪري هندن جي آدم شماريءَ ۾ آيل وڏي گهٽتائيءَ ۽ مسلمانن جي آدم شماريءَ ۾ آيل زبردست واڌ تي راءِ زني ڪئي آهي. اڳوڻيءَ سنڌ ۾ مسلمانن جو سيڪڙو 73.2 مان وڌي 90.1 ٿيو ۽ هندن جو 20.9 مان گهٽجي 2.9 ٿيو. اڇوتن جو سيڪڙو 1941ع ۾ 5.2 هو، سو وڌي 6.9 ٿي ويو آهي. اڳوڻيءَ سنڌ ۾ 1941ع کان وٺي 1951ع تائين مسلمانن جي تعداد ۾ 38.3 سيڪڙي جي واڌ آئي آهي، اُتي هندو 84.3 سيڪڙو گهٽجي ويا آهن. انهيءَ ڌيان جوڳي حقيقت جا تفصيل 1951ع واري ڳڻپ جي رپورٽ جي صفحي 34 تي وچور 3N ۾ ڏنل آهن. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته 1941ع پڄاڻان مسلمان آدم شماريءَ ۾ 11،49،687 ماڻهن جي واڌ آئي جا 38.3 سيڪڙي جي برابر آهي، جڏهن ته نيات وارن هندن جي آدم شماريءَ مان 7،22،348 ماڻهو گهٽجي وئي، جا کوٽ 84.3 سيڪڙي جي برابر آهي. 1941ع واري ڏهاڪي ۾ اڇوتن جي تعداد ۾ 1،05،140 ماڻهن يعني 48.9 سيڪڙي  جو واڌارو ٿيو. اهي انگ اکر سنڌ جا آهن. خيرپور جا ساڳوڻا انگ اکر هن ريت آهن: مسلمانن جي آدم شماريءَ ۾ 55,115 ماڻهن يعني 21.7 سيڪڙي جي واڌ ٿي. جڏهن ته نيات وارن هندن مان 38,754 ڄڻا يعني 84.2 سيڪڙو گهٽجي ويا. 1947ع ۾ جيڪي مسلمان پناهگيرن جا هشام هندستان کان سنڌ ڏيهه اندر آيا ۽ اچي لڏي ويل هندن جي جاءِ ورتائون، تن کي ’مهاجر‘ جو نالو ڏنو ويو. ڳڻپ وارين هدايتن ۾ ان اصطلاح جي وصف هن ريت ڪئي وئي: ”مهاجر مان مراد اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو ورهاڱي جي نتيجي ۾ يا ان سان واسطو رکندڙ وڳوڙن کان ڊڄي هندستان کان لڏي آيو هجي.“ 1951ع واري ڳڻپ ۾ اهڙن ماڻهن يعني مهاجرن جو جيڪو ڪل تعداد ڄاڻايل آهي، تنهن جي پڪ هرهڪ ماڻهوءَ جي ڏنل بيان موجب ڪئي وئي. جن مهاجرن جي داخلا ڪئي وئي، تن جو ڪل انگ اڳوڻيءَ سنڌ ۾ 5,40278 ۽ خيرپور ۾ 10,013 هو. ڳڻپ واري رپورٽ جي وچور 3R ۾ مهاجرن جو ڪل تعداد ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سندن ورڇ ڏيکاريل آهي. سنڌ علائقي جا انگ اکر ڏيکارين ٿا ته 5,40,278 مهاجرن مان 3,44,720 ڄڻا يعني 63.9 سيڪڙو شهرن ۾ ۽ باقي 1,95,558 ڄڻا يعني 48.2 سيڪڙو شهري ايراضين ۾ ۽ باقي 5124 ڄڻا يعني 51.8 سيڪڙو ٻهراڙيءَ ۾ اچي رهيا. ملڪ جي آدم شماريءَ ۾ آيل انهيءَ زبردست اُٿل پٿل جيڪي بيحد منجهيل سماجي ۽ انتظامي مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن، تن هن گزيٽيئر جي سماجي ۽ انتظامي معاملن سان واسطو رکندڙ ڀاڱي ۾ اُپٽار ڪئي وئي آهي.

’آڳاٽا‘ ڪري ڳڻيل هندو ڪل 1,04,365 هئا، جن ۾ 67,963 ڀيل ۽ 36,402 مهاديو ڪولهي اچي ٿي ويا. سو، سنڌ ڏيهه جي هندو آدم شماري ٿلهي ليکي ٽن مکيه طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿي: سڌريل واپاري طبقا، جن جو سڀني کان اهم جزو لوهاڻا آهن، وچ وارا هندو، جن جو مکيه جزو اهي ڪولهي آهن، جيڪي ’آڳاٽا‘ ڪري ڳڻيل مهاديو ڪولهين کان ڪجهه سرس سڌريل آهن. اڳوڻيءَ سنڌ جي وچ وارن هندن جو ٻيو مکيه جزو راجپوت آهن. ’آڳاٽن‘ هندن ۾ رڳو ڀيل ۽ مهاديو ڪولهي آهن. هن هيٺ لوهاڻن ۽ سندن لاڳاپيل قبيلن، برهمڻن، وچوارن ڪولهين ۽ راجپوتن ۽ ’آڳاٽن‘ مان ڀيلن جو ٿورو ٿورو احوال ڏجي ٿو:

لوهاڻا:

1874ع واري گزيٽيئر ۾ لوهاڻن بابت لکيل آهي ته اهي وئش يا واڻين جي هڪ وڏي ذات آهن. هي به دستور پٽاندڙ اڪيچارُ نکن ۾ ورهايل آهن، پر انهيءَ نسل کي ٻين کان الڳ ڪندڙ خاصيتون اڄ به نمايا آهن. لوهاڻن جو بيان اڳوڻي سنڌ جي هندن جي مکيه جاتيءَ جو بيان ٿيندو. لوهاڻا ٻٽي جنم جو جڻيو پائيندا آهن. پر آهن وئش نسل جو بيحد اڻپورو نمونو، گوشت کائن، دارون پيئن، مڇيءَ ۽ بصرن مان به ڪونه مُڙن. ڪي وشنو پنٿ جا پوئلڳ آهن ته ڪي شِوَ جي ۽ سندس ديويءَ جي سروپن جا پوڄاري آهن. ڪي سک آهن ته ڪي سنڌوءَ جي ديوتا ۽ سندس وزير جي پوڄا ڪندا آهن. سنڌو ديوتا کي زندهه پير به چون ته اوڏيرو لال پوڄا به گهڻي ڪن نه نيم سان، گهڻو ڪري ميلن ۾ وڃن، ياترائون ۽ درشن ڪن ۽ مختلف قسمن جي ڌرمي ميڙن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿين. کين الڳ الڳ ڪرتن جي آڌار تي ٻن وڏن طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پهريان ’عامل‘ يعني سرڪاري نوڪرين وارا ۽ ٻيا سيٺيون، هٽ وارا ۽ پوک وارا يعني واپاري، دڪاندار ۽ آبادگار مٿن اهو نالو ڪيئن پيو يا بڻ بڻياد ڪهڙو اٿن، سو اڻ چٽو آهي. هي جو ڪي لوهاڻا چوندا آهن ته سندن وڏا جنگي جوڌا هئا ته اهو لاشڪ ان ڪري جو چاهيندا آهن ته کين کتري ڪل مان سمجهيو وڃي. 1901ع واري ڳڻپ جي رپورٽ ۾ کين واڻين جي وڏي وڻجاري ذات هيٺ ڄاڻايو ويو آهي، ۽ سنڌ ڏيهه ۾ ڪنهن واپار سان لڳل لوهاڻن کي واڻيو سڏيو ويندو آهي. پر سر جيمز ڪئمپيبل لوهاڻن ۽ ڀاڻين کي واڻين کان الڳ سمجهي ٿو. هو ڪڇ ۾ گهڻا آهن، پر اڳوڻيءَ سنڌ جي لوهاڻن جو وڏو ڀاڱو اڳوڻي پنجاب کان آيو آهي. هي واپار ۽ تعليم جا ڪوڏيا آهن. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ عامل لوهاڻا ڪيترن ئي ديواني عهدن تي هوندا هئا. ڪي تمام اهم عهدا به وٽن هوندا هئا. انهيءَ ڪِرت ۾ بيعزتي ۽ بي ماني ٿيڻ جو جوکو برابر هو، پر ستت ئي عامل ڪٽنب وڏي پد وارا ٿي ويا. ان جو اظهار پوشاڪ ۾ فرق وسيلي ڪرڻ لڳا، جو فرق سندن پوين به قائم رکيو. عامل هاڻ لوهاڻن جي ‘Hypergamone’ نک آهن. هو ٻين لوهاڻن کان ٻانهن وٺندا آهن، پر ڏيندا ناهن. لوهاڻن جون مکيه ڪرتون واپار، وياج تي پيسا ڏيڻ ۽ سرڪاري نوڪري آهن. گهڻن وٽ زمينداريون به آهن. کين پاڻي بند، ڪراڙ ۽ جيئن مٿي ڄاڻايو اٿئون، واڻيو به سڏيو وڃي ٿو. اهي ڪل اندر نانڪشاهي آهن، پر ڪي درياپنٿي ۽ ڪجهه ديويءَ جا پوڄاري آهن. ٿورو تعداد ولڀ آچارين جو آهي. کاڌو پنهنجي پنهنجي پنٿ موجب کائن، پر گهڻائي وڏي گوشت کي ڇڏي ٻيو سڀ گوشت کائي ۽ شراب به واپرائي. پنهنجا مڙدا چکيا تي چاڙهين، پر ڪو ٻار 27 مهينن کان گهٽ عمر ۾ مريو وڃي ته ان کي پورين. چچ نامي ۽ سنڌ تي عربن جي قبضي جي ٻين تاريخن ۾ لوهاڻن جو ذڪر ور ور ڪري اچي ٿو. کين گهڻو ڪري جاٽن جي هڪ قبيلي طور يا جاٽن ۽ لاکن سان ويجهي لاڳاپي ۾ ۽ پڻ سمن ۽ سهتن سان گڏوگڏ ڄاڻايو ويو آهي. سندن سرواڻ راڻا هوندا هئا ۽ گادي برهمڻ آباد يا ڀانڀڻاهه يا بهمينه هئن. هو پاڻ ٻُڌ نه هئا، پر ٻُڌن جي خاص ڪري سندن سردار اگهم جي اثر هيٺ هئا. عام نظريو هيءُ آهي ته سنڌي لوهاڻا اصل اڳوڻي پنجاب جا ۽ ڪڇي لوهاڻا اصل ڪڇ ۽ هندستاني علائقي ڪاٺياواڙ جا آهن. سنڌي لوهاڻن جي ڪيترن نکن جا نالا ساڳيا اڳوڻي پنجاب جي ڏکڻ اولهه جي تر وارا آهن. اروڙن جي هڪ ڏندڪٿا کين لاهور کان آيل ڏيکاري ٿي. ممڪن آهي ته اروڙ انهن سنڌين مان هجن، جي مٿي اڳوڻي پنجاب جي ڏکڻ اولهه واري تر ۾ وڃي ويٺا هئا، ۽ منجهانئن ڪي پوءِ سنڌ ڏيهه ۾ موٽي آيا هجن ۽ اهي سنڌي لوهاڻا هجن. جي ائين هو ته پوءِ هو تمام گهڻو وقت اڳي هڪٻئي کان ڌار ٿيا هوندا، ڇو ته لوهاڻن ۽ اروڙن جي وچ ۾ فرق هاڻ بلڪل چٽو آهي. سنڌي لوهاڻو پاڻ کي ڪڇي لوهاڻن کان ٻيءَ ذات جو سمجهندو آهي ۽ پڻ اڳئين پنجاب جي ڏکڻ اولهه واري تر جي ڪنهن به هندوءَ کان الڳ ڄاڻندو آهي. اڳوڻي سنڌ ۾ هندو سهتا آهن، ڄڻ لڳي ٿو ته مسلمانن جي سموري دور ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڌرم قائم رکيو آهي، ۽ جيڪڏهن لوهاڻا اصل سنڌي آهن ته پوءِ هاڻوڪن لوهاڻن مان گهٽ ۾ گهٽ ڪن سنڌ ڏيهه ڪڏهن ڪونه ڇڏيو هو. ذري گهٽ سڀني شهرن ۾ پنجابي هندن جون آڪهون آهن، جيڪي پنجابي لوهاڻا سڏبيون ته آهن پر ورلي. اهي عام طرح رڳو پنجابي سڏائينديون آهن. ۽ گهڻي ڀاڱي هيءَ دعويٰ هوندي اٿن ته اسان گذريل ٽن چئن صدين ۾ اڳوڻي پنجاب کان شايد سکر رستي آيا آهيون. هو گهٽ ۾ گهٽ هيٺينءَ سنڌ ۾ ملتاني ڪونه ڳالهائن، پر منجهانئن ڪيترن جو اڃا تائين ملتان ضلعي سان ڪونه ڪو واسطو آهي، مثال طور: ڪن جو ان ضلعي جي ڪن درگاهن سان روايتي لاڳاپو آهي.

لوهاڻن جي 126 نکن مان 27 جا نالا پنجاب جي اروڙن جي نکن جا به آهن ۽ ڪي ٻيا نالا اروڙن جي نکن جي نالن سان ملندڙ جلندڙ آهن. اروڙن جي اڪيچار نکن جي نالن جي پڇاڙي سنڌي لفظ ’جو‘ سان ٿئي ٿي، مثال طور ’لاهيجو‘، ’پتريجو‘، ’سريجو‘، جڏهن ته لهندا ۽ پنجابيءَ ۾ حالت اضافت جي پڇاڙي ’دا‘ آهي، لوهاڻڪي نکن جي نالن جي پڇاڙي به ساڳي سنڌيءَ واري آهي، مثال طور ’دانگيجو‘، ’توريجو‘، هي جو اروڙا ۽ سنڌي لوهاڻا سنڌو ديوتا اُڏيري لال جي پوڄا ڪندا آهن، سو پڻ انهيءَ ڳالهه جو ڏس آهي ته اهي لوڪ سنڌو ماٿر جا آڳاٽا رهاڪو آهن ۽ هندستان کان لڏي نه آيا هئا. هوڏانهن، گجراتي لوهاڻا به درياهه ۽ پاڻيءَ جي پوڄا ڪندا آهن. جيڪڏهن سندن پنٿ به ساڳيو ڏيري لال وارو آهي، ته پوءِ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اروڙا توڻي لوهاڻا، پوءِ اهي سنڌ جا هجن، ڪڇ جا هجن يا گجرات جا، ٻنهي لوڪن جو اصلوڪو وطن سنڌ ۽ سنڌوماٿري هو. لوهاڻن ’لال‘ نالو اجوڌيا واري هندو ديوتا سري ڪرشن جي پٽ کان ورتو آهي.

اڳوڻي سنڌ جا ڀاٽيا به ڪن ڳالهين ۾ سنڌي لوهاڻن جهڙا آهن. ڀاٽيا گهڻو ڪري ٺٽي، حيدرآباد ۽ روهڙيءَ ۾ رهن ٿا، پر هونءَ سڄيءَ سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. اهي سنڌي ڀاٽيا پاڻ کي يادو وسي سڏيندا آهن. سري ڪرشن به انهيءَ ڪل مان هو. بمبئي پريڊنسيءَ جي 1931ع واري ڳڻپ جي ضميمي F ۾ سندن نکن جا جيڪي نالا ڏنل آهن، تن جي اڳياڙي ’راءِ‘ سان ٿئي ٿي. انهي جا ماخذ ماڻهن جا نالا، ڪرتن جا نالا ۽ تر جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تحقيق، پهاڪو آهي ته اهي نالا ’ڪام‘، ’نام‘ ۽ ’گام‘ يعني ڪم، نالي ۽ ڳوٺ تان رکيا ويا آهن. ڀاٽيا پاڻ چوندا آهن ته اسان يادَوَ ونس جا ڀاٽي راجپوت آهيون، جي جيسلمير جو حاڪم قبيلو هئا. پر هيءَ ڳالهه گهڻي شڪ جوڳي آهي. اهي هڪ وڏي وڻجارڪي ذات آهن. سنڌ ۾ هي برجستا واپاري آهن ۽ ڪي سرڪاري نوڪرين ۾ به آهن. هي ذات کان ٻاهر شاديون ڪونه ڪن. البت ان جون چوراسي نکون هڪٻئي سان سڱابندي  ڪنديون آهن. هي ولڀ آچاري مت جا وشنوپنٿي آهن ۽ گهڻا تڻا وشنو آهن.

سهتا:

 هندن جي هڪ ٻي واپاري ذات سهتا آهن. ان ذات بابت هن گريٽيئر جي سنه 1901ع واري ڇاپي ۾ چيل آهي ته: ”هيءَ ذات جي ڳالهه جي ڪري دلچسپيءَ واري آهي ته متان هي سمن جي ساڳي نالي واري پاڙي جا رهيل کهيل ماڻهو هجن. جي مسلمان ڪئي وڃڻ کان پاڻ بچائيندا آيا اهن. سهتا پاڻ راجپوت بڻ مان هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن ۽ مٿن اهو نالو تعلقي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ساهتيءَ تان پيل چيو وڃي ٿو، جتي هو اڳي وسيل هئا. هيءَ وسهڻ جوڳي سمجهاڻي نه آهي هي واپاري کاتيدار ۽ سرڪاري ملازم، ۽ ڌرم ۾ گهڻو ڪري وشنو پنٿي آهن. ٻين قبيلن کان ٻانهون وٺندا آهن، پر ڏيندا ناهن. ننڍو گوشت، مڇي يا دارون ڪونه واپرائن ۽ ريتن رسمن ۾ لوهاڻن جهڙا آهن.

اڇوت:

1941ع ۾ ڳڻپ جي مقصدن لاءِ هندن کي ’اڇوت‘ ۽ ’ٻيا هندو‘ ۾ ورهايو ويو. ان کان اڳ هو ’سڌريل‘ ’وچوار‘ ۽ ’پٺتي پيل‘ ۾ ورڇيا ويندا هئا. 1931ع ۾ نيچ ذاتين کي، جي اڇوتن سان گهڻي ڀاڱي هڪ موافق آهن، مذهب واري جدول ۾ ڌار ڏيکاريو ويو هو، پر جدول سترهين ذات، قبيلو، نسل يا قوميت ۾ ڄاڻايو ويو هو. 1931ع واري جدول سورهين مذهب ۾ اهڙا آڳاٽا قبيلا ڄاڻايا ويا، جي هندو ديوتائن مختلف جانور روپي ديوتائن جي پوڄا ڪندڙ هئا. 1941ع جي ذاتين واري جدول ۾ سنڌ مان رڳو ٺاڪر آڳاٽي اصلوڪي ذات ڪري ڄاڻايا ويا آهن، حالانڪ ڀيلن، ڪولهين ۽ اوڀرنديءَ سنڌ جي ٻين اهڙن لوڪن کي شامل ڪرڻ لاءِ به ايترو ئي جواز ٿي سگهي ٿو. 1931ع واري جدول سورهينءَ ۾ نيچ ذاتين جو انگ 99،551 هو ۽ انهن ۾ مينگهواڙ، ڀنگي، ماڇي، مهر، ڍيڍ ۽ ڪجهه ٻيا اچي ٿي ويا. ساڳيون ذاتيون 1941ع ۾ اڇوت ڪري ڄاڻايون ويون، پر سندن تعداد ذري گهٽ ٻيڻو (1،91،634) ٿي ويل ڏٺو ويو. 1941ع واري ڳڻپ جو سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو ته ڳڻپ جي گهٽ وڌ درستيءَ جي امڪان کي پري رکندي اهو فرض ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ٻيا نه ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪي مينگهواڙ ڏيکاريا ويا آهن، تن جو چڱو وڏو تعداد مارواڙ ۽ آُترئين گجرات کان لڏي آيلن ۾ آهي. اهي ڏيهه گذريل ڳڻپ ۾ راجپوت ڪري ڏيکاريل ماڻهن جو انگ 22761 هو. انهيءَ آدم شماريءَ جي صحيح نوعيت ۽ جوڙجڪ جا معاملا ڏکيا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي جن راجپوتن کي 1931ع واري ڳڻپ ۾ وچوارا هندو ڪري ڏيکاريو ويو هو، سي راجپوتان جي حاڪم گهراڻن سان واسطو رکندڙ اُوچن راجپوتن سان يقيناً ڪا مشابهت نٿا رکن: ۽ جيڪي قبيلا اڄڪلهه پاڻ کي راجپوت سڏائن ٿا، تن جي اوسر منجهيل ۽ سمجهڻ ۾ ڏکي آهي. پر ڀانئجي ٿو ته جڏهن هند يورپي حملي آورن مٿين هندستان ۾ حڪومت هٿ ڪئي، تڏهن سندن امير امراءَ حاڪم گهراڻا بڻجي ويا، جڏهن ته ٻيا جاٽن ۽ گجرن جيان وقت گذرڻ سان آبادگار طبقا بڻجي ويا. ڪي ڪل هندو ٿي ويل اصلوڪن عنصرن مان اُسريل چيا وڃن ٿا. اهي بي آرام ۽ برجستا لوڪ هئا ۽ سدائين اها لوچ هوندي هين ته نوان ڏيهه وسائجن. نون ڏيهن لاءِ انهيءَ لوچ سبب مٿين هندستان جي چڱي وڏي ڀاڱي تي ڪلن جي لڏپلاڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ٻه هزار ورهيه پوءِ جڏهن اُتر هندستان مسلمانن فتح ڪيو، تڏهن انهن ڪلن جي هڪ ٻي لڏپلاڻ رونما ٿي.

مسٽر ونڪٽ آچار، معاملي جي انهيءَ پهلوءَ جو ذڪر ڪندي پنهنجي وچ هندستان ڏانهن ذاتين ۽ قبيلن جي لڏپلاڻ واري بيان ۾ چوي ٿو ته: ”اهي لوڪ اسلام جي فاتح فوجن مٿان هر زرخيز مان تڙجي سڃن ۽ لانگهو ڏيهن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ ان جي نتيجي ۾ آڳاٽن قبيلن سان وڌيڪ ويجها ناتا قائم ٿين. اڪثر ڪري ائين ڄاتو ويندو آهي ته آرين کان اڳ جي ماڻهن جي محڪوميءَ ۽ ذلت لاءِ آريا جوابدار هئا. ميداني علائقن ۾ شايد اها ڳالهه برابر هئي، پر گهٽ پهچ جهڙن ڀاڱن ۾ اهي آڳاٽا ماڻهو ڪافي حد تائين خود مختيار رهندا ٿي آيا ۽ جيڪي ڀاڱا کسجي ويا  هئن، تن تي وري پنهنجي حڪومت ۽ طاقت قائم ڪيائون. فاتح ستت ئي جذب ٿي ويا ۽ هڪ گڏيل تمدن اُسريو، جنهن ۾ آرين جون خاصيتون مڙيو ئي سرسيءَ ۾ هيون. قبائلي ايراضين جو ڇڙوڇڙ ٿيڻ، ڪن قبيلن جو غائب ٿيڻ ۽ هندو ٿي ويل اصلوڪين ذاتين جو جڙڻ، انهن سڀني ڳالهين لاءِ اسان کي ان زماني تي نظر وجهڻ کپي، جنهن زماني ۾ انهن ايراضين اندر راجپوتن جو اچڻ ٿيو. عين ممڪن آهي ته سنڌ جي حد سان ملندڙ ريگستاني ايراضين اندر وچين زماني ۾ اهڙي ئي ڪا ڳالهه ٿي هوندي، ۽ سنڌ جي هاڻوڪي راجپوت آدم شماريءَ، جا پڙهيلن ۾ شمار نٿي ٿئي، سا سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪن رهاڪن سان راجپوتن جي لڳ لاڳاپي جو نتيجو آهي.“

سنڌ جا گهڻا راجپوت ٿرپارڪر ۾ رهن ٿا. اتي سوڍا ڪيترين ئي صدين تائين غالب نسل هئا. سندن پنهنجو چوڻ آهي ته اسان 1226ع ڌاري پارمار (پرمار) سوڍي جي اڳواڻيءَ هيٺ اُجئن مان آيا هئاسون. پرمار سوڍي سخت ويڙهه کان پوءِ عمرڪوٽ تي قبضو ڪيو ۽ راڻو ٿي راڄ ڪرڻ لڳو. ويندي ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ به سوڍن زميندارن کي وڏيون رعايتون مليل هيون، مثال طور کين هندو شادين تي محصول مڙهڻ ۽ سفر ۾ واڻين کان مفت ماني کائڻ جو حق هوندو هو. هنن راجپوتن جي ٻين ذاتين کي ٻانهن پرڻائي ڏيڻ واري ريت قائم رکي آهي. سوڍين عورتن جي سونهن تي راڳن ۽ ڪهاڻين ۾ به ساراهيل آهي. ٻيو ته ٺهيو خود بلوچ سردار به سوڍين جا شائق رهيا آهن ۽ ساڻن شاديون ڪيون اٿئون. سوڍا مرد زميندار ۽ آبادگار آهن، پر خانگي نوڪري به ڪن. ڌرم ۾، شوَ جي پوڄا ڪن. اڳوڻيءَ سنڌ ۾ سوچن کان سواءِ راٺوڙ ۽ سولنڪي راجپوت به آهن.

ڪولهي:

سنه 1931ع واري ڳڻپ ۾ ڪولهي وچ وارا هندو ڪري ڄاڻايا ويا هئا ۽ جيڪي سنڌ جا ڪولهي وچواري درجي ۾ آيا هئا، تن کي ’سنڌ جا ڪولهي‘ ۽ ’ڪولهي، ٻيا‘ ڪري بيان ڪيو ويو هو. اصل ڪولهين يعني مهاديو ڪولهين کي ’آڳاٽن‘ کان رکيو ويو هو. انهن جو ذڪر ڀيلن جي بيان ۾ ايندو. 1931ع واري ڳڻپ وقت سنڌ ڏيهه اندر ڳڻيل ڪولهين جو تعداد 60،562 هو، جو 1941ع ۾ وڏي 1,01,456 ٿي ويو. هي گهڻو ڪري حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ وڏو آڳاٽو نسل آهن جو هاڻ گهڻو تڻو گجرات (هندستان) ۾ رهي ٿو. سندن پنهنجين ڏند ڪٿائن موجب هو سنڌ ڏيهه جي ميدن جا پونئر آهن، پر منجهن راجپوتي سُٻنڌ جا چٽا اهڃاڻ پڻ ملن ٿا هي پاڻ ۾ سڱابندي ڪندڙ ذات آهي. اڳوڻيءَ سنڌ ۾ ڪولهي عام طرح ڏهاڙي ڪمائيندا آهن. گهڻو ڪري ٻاجهري ۽ چانور کائن. گوشت ۽ شراب ملين ته اهو به شوق سان واپرائن. هندو ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ڪن ۽ ڪي سوامي نارائڻ ۽ ٻين پنٿن جا پوئلگ آهن. 1941ع واري ڳڻپ جي رپورٽ ۾ ڪولهين کي ڪڙمي ۽ مزور ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ٽن مکيه نکن مان پار ڪري گهڻو ڪري باقاعدي هاري آهن ۽ ميواسي ۽ واگهر قلي ۽ زرعي پورهيت آهن. ڪي ٻٻر تان لاک لاهيندا آهن، جڏهن کان بئراجي واهه کليا آهن، تڏهن کان ڪولهي هيڏي هوڏي رلي ڦٽين چونڊڻ، مٽي ڍوئڻ ۽ ٻئي اهڙي پورهئي ڪرڻ بدران پوکي راهيءَ سان لڳندا پيا وڃن. سن 1941ع ۾ ڏٺو ويو ته حيدرآباد ضلعي جا هندو زميندار ويجهڙ ۾ کين هاري بيهڻ تي همٿائڻ لڳا هئا. سنڌ ڏيهه ۾ ڪولهين کي سچا هندو سمجهيو ويندو آهي. گهڻا ڪولهي گجراتي ڳالهائن، پر ڪي ٿريلي يا ڪڇي به ڳالهائن، ۽ پنهنجا ڳوٺ ٻڌي رهن. پڪن ڳوٺن ۾ ماکيءَ جي ماناري جهڙا چؤنرا اڏين، ۽ ڀيلن جيان ذات اندر پر نک کان ٻاهر سڱابندي ڪن. طبقن جي حيثيت ۾ ڪولهين ۾ تعليم تمام گهٽ آهي، ۽ هندو سماج جي ڪنيءَ واري ذات ڪري ليکيا وڃن ٿا. منجهن آڳاٽي نسل هجڻ ڪيئي اهڃاڻ اڃا تائين آهن. اهڙو نسل، جو شايد هندستان جي اصلوڪن رهاڪن جو مائٽ آهي.

اڳوڻيءَ سنڌ ۾ مسلمانن ۽ هندن جي آدم شماريءَ جا نسبتي انگ اکر هن ريت آهن:

سال

مسلمان

هندو

 

سيڪڙو

سيڪڙو

1901ع

76.2

23.4

1911ع

75.1

23.8

1921ع

73.4

25.6

1931ع

72.8

26.1

1941ع

73.2

20.9           5.2 اڇوتن سميت

1951ع

90.1

 

  2.9          هندو ذات

  6.9          اڇوت


(1)  لفظ ’مُهاڻي‘ جي اصل ساخت ماهه+ آڻو آهي. ’ماهه‘ معنيٰ مڇي، آڻو معنيٰ وارو يعني مڇيءَ وارو. يا مڇيءَ تي گذر سفر ڪندڙ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org