باب ستون
آدم شماري
مکيه
خاصيتون:
1951ع واري ڳڻپ ظاهر ڪيو ته خيرپور سميت سنڌ
علائقي جا رهواسي تعداد ۾ 49،28،057 هئا. ڏهه
ورهيه اڳ اهو انگ
44,04,908
هو. گذريل پنجاهه ورهين اندر آدم شماريءَ ۾ آيل
ڦيرڦار هيٺين جدول ۾ ڏيکاريل آهي.
|
آدمشماريءَ ۾ ڦيرڦار جو سيڪڙو |
1921ع
کان 1951ع تائين ڦيرڦار جو صافي سيڪڙو |
في چورس
ميل مطابق گهاٽائي |
|
1901 کان
1911 |
1911 کان
1921 |
1921 کان
1931 |
1931 کان
1941 |
1941 کان
1951 |
|
1901 |
1911 |
1921 |
1931 |
1941 |
1951 |
اڳئين
سنڌ ۽ اڳئين خيرپور رياست |
8.4
|
-9.1 |
18.1 |
15.5 |
11.9 |
50.5 |
58 |
63 |
57 |
68 |
78 |
87 |
سنڌ
علائقو |
8.2 |
-8.6 |
13.2 |
14.3 |
12.4 |
49.8 |
61 |
66 |
60 |
71 |
18 |
91 |
اڳوڻي
خيرپور رياست |
12.3 |
13.6 |
17.6 |
34.6 |
4.5 |
60.3 |
33 |
37 |
32 |
38 |
50 |
53 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
مسٽر سليڊ، جو 1951ع ۾ پاڪستان جو ڳڻپ وارو ڪمشنر
هو، تنهن کان 1951ع تائين واري مدي دوران سنڌ جي
آدم شماريءَ ۾ آيل ڦيرڦار تي هيءَ راءِ زني ڪئي
آهي: 21-1911ع واري ڏهاڪي کي ڇڏي، جنهن ۾ 1918ع ۽
1919ع واري انفلوئنزا وبا وگهي اڳوڻيءَ سنڌ جي
ماڻهن جو چڱو چوکو تعداد موت جو شڪار ٿيو هو، هن
علائقي ۾ آدم شماريءَ ۾ واڌ جي شرح چڱي هڪ سري رهي
آهي. 21-1911ع دوران آدم شماريءَ ۾ 9 سيڪڙي جي
گهٽتائيءَ پڄاڻان، پوءِ واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي
آدمشماريءَ ۾ وڏي واڌ آئي، جا 18 سيڪڙو هئي.
سمجهيو وڃي ٿو ته انهي وڏي واڌ جو سبب انهن مزورن
جي پالوٽ هئي، جي سکر بئراج جي اڏاوت لاءِ گهڻي
ڀاڱي ٻاهران آيا هئا. 1931ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي
آدمشماريءَ 14 سيڪڙو ۽ 1941ع ۽ 1951ع ۾ 12 سيڪڙو
وڌي. اُميد آهي ته آبپاشي رٿائن جي ڪري واڌ جي اها
شرح ايندڙ ڏهاڪي ۾ قائم رهندي.
جنس جي لحاظ کان آدمشماريءَ ۾ 27،09،260 مرد ۽
22،18،479 عورتون هيون. مرداڻي ۽ زناني آدم شمارين
جي وچ ۾ انهيءَ فرق جي سبب تي ڳڻپ جي سپرنٽينڊنٽن
۽ ڪمشنرن طرفان چڱي چوکي قياس آرائي ڪئي وئي آهي.
پاڪستان جي ٻين ڀاڱن ۾ به اهڙو ئي تفاوت ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، پر ائين نٿو چئي سگهجي ته اڃان ان وڇوٽيءَ جو
ڪو پوريءَ ريت خاطريءَ جوڳو سبب ڳولي لڌو ويو آهي.
هيٺ ٻه جدولون ڏنيون ويون آهن، سي مردن ۽ عورتن جي
آدم شماري هزارن ۾ ٻهراڙيءَ لاءِ ڌار ڏيکارين
ٿيون. انهن جو سيڪڙو پڻ ڄاڻايو ويو آهي.
|
ايراضي چورس ميلن ۾ |
آدم شماري |
شهرن ۾ |
ٻهراڙيءَ ۾ |
في چورس ميل |
اڳئين سنڌ ۽ اڳوڻي خيرپور رياست |
56،477
|
مرد عورت
2،709 2،219 |
مرد عورت
387 313 |
مرد عورت
2،322 1،906 |
87 |
سنڌ علائقو
|
50،397 |
2،532 2،077 |
375 303 |
2،157 1،773 |
91 |
اڳوڻي خيرپور رياست |
6،050 |
117 142 |
13 9
|
165 133 |
56 |
شهري ۽ ڳوٺاڻي آدم شماريءَ ۾ مردن عورتن جو سيڪڙو
|
جنس |
ڪل آدم شماري |
شهري آدم شماري |
ڳوٺاڻي آدم شماري |
اڳين سنڌ ۽ اڳوڻي
خيرپور رياست |
مرد |
54.9 |
55.3 |
54.9 |
سنڌ علائقو |
عورتون |
45.1 |
44.7 |
45.1 |
اڳوڻي خيرپور رياست |
مرد |
54.9 |
55.3 |
54.9 |
|
عورتون |
45.1 |
44.7 |
45.1 |
|
مرد |
55.5 |
57.0 |
55.4 |
|
عورتون |
44.5 |
43.0 |
44.6 |
جنس وار
تناسب ۽ انگن اکرن جي صحت:
1951ع ۾ سنڌ جو ڳڻپ وارو سپرٽينڊنٽ، مسٽر گل حسن
ايم. آءِ. عباسي، آدم شماريءَ جي انهيءَ ماجرا تي
راءِ ڏيندي، چوي ٿو ته منهنجي خيال ۾ جوان ڇوڪرين
کي ڳڻڻ ۾ ڪا خاص ڪوتاهي نه ٿي آهي، پر ساڳي وقت
اهو پڻ سچ آهي ته سنڌ توڙي خيرپور اندر ڪن گهراڻن
۾ رواج آهي ته هو عورتن کي محرمن کان سواءِ ٻين
کان پردو ڪرائيندا آهن ٿي سگهي ٿو ته انهن گهراڻن
پنهنجين عورتن جي ڳڻپ نه ڪرڻ ڏني هجي، پر هر ضلعي
۾ اهڙن گهراڻن جو تعداد تمام محدود آهي. ”سو آءٌ
سمجهان ٿو.“ عباسي صاحب چوي ٿو، ”ته سڄي ليکي ڪا
اوڻائي آهي به سهي ته اها جيستائين ڪل ڳڻپ جو
لاڳاپو آهي ته ڪا گهڻي ڳنڀير نوعيت جي نٿي ٿي
سگهي.“ پاڪستان جي 1951ع واري ڳڻپ جو ڪمشنر، مسٽر
سليڊ، انهيءَ معاملي بابت چوي ٿو، ”سڀني ڳڻپن ۾ ۽
سڀني علائقن ۾ انهيءَ وڇوٽيءَ جي موجود هجڻ مان
لڳي ٿو ته: مردن جو وڌيڪ هجڻ واقعي هڪ حقيقت آهي.
عورتن کي گهٽ ڏيکارڻ جو لاڙو برابر آهي، پر سموري
وڇوٽيءَ جو ڪارڻ اهو لاڙو نه آهي ۽ هيءَ وڇوٽي
1951ع واري ڳڻپ ۾ اڳين ڳڻپن کان شايد گهٽ آهي.
جنسي نسبت جي انگن اکرن کي ماضيءَ سان، جڏهن اهي
لاڙا بيشڪ ۽ شايد وڌيڪ وڏي پئماني تي موجود هئا،
ڀيٽڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد طور واپرائڻ وقت وڇوٽيءَ
جو مکيه ڪارڻ ٻين ڳالهين ۾ ڳولڻ ضروري آهي. عورتن
کي گهٽ ڏيکارڻ واري سوال سان گڏوگڏ گهڻو ڪري ڪي
ٻيا ڪارڻ به آهن، جي وڇوٽيءَ لاءِ جوابدار آهن. ڪن
ٻين ملڪن ۾ سندن واڌاري جي اوائلي مرحلن دوران
جنهن لڏپلاڻ مردن جي گهڻائي پيدا ڪئي آهي، سا
بنيادي ڪارڻ نٿي ٿي سگهي، البت اهڙي لڏپلاڻ جو
علائقائي ڦيرڦارن ۾ هٿ برابر ٿئي ٿو، جنسن ۾ توازن
نه هجڻ جو هڪڙو ڪارڻ هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته انهن
سال ۾ عورتن کان وڌيڪ مرد ڄاوا آهن. جنس موجب درجي
بند ٿيل ڄمن بابت مڪمل ۽ معتبر معلومات جي اڻهوند
سبب ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ ڏکي آهي. جيتوڻيڪ گذريل
ورهين ۾ ننڍي کنڊ جا ڄم جي داخلا وارا انگ اکر
مرداڻن ڄمن جي گهڻائي ڏيکارين ٿا، تنهن هوندي به
سمجهيو وڃي ٿو ته زنانن ڄمن جو داخل نه ڪرايل
تناسب متان مرداڻن ڄمن کان قدري وڌيڪ هجي ڇو جو
انهيءَ ڏس ۾ ڌيئرن جي ڄمڻ جي نظرانداز ٿي وڃڻ جو
امڪان سرس هوندو، هيءَ ڳالهه دلچسپيءَ واري آهي ته
پاڪستان جي 1951ع واري ڳڻپ ۾ سال کان گهٽ عمر
رکندڙ هر 100 ڇوڪرين پٺيان ساڳي عمر وارن ڇوڪرن جو
انگ 104 ٻڌايو ويو. سنڌ ۽ بلوچستان علائقي ۾ جنسي
نسبتون ساڳيون يعني هرهڪ هزار عورتن تي ترتيبوار
1012 ۽ 1215 مرد آهن، پنجاب ۽ اتر- اولهه سرحدي
علائقن ۾ اها نسبت هر هزار عورتن لاءِ ترتيبوار
1152 ۽ 1120 مرد آهن. اهي نسبتون دنيا جي اڪثر
ملڪن جي نسبتن کان مختلف آهن، البت ڪيترن ئي
مسلمان ملڪن ۾ عورتن جي ٿوري کوٽ آهي، مثال طور هر
هڪ هزار عورتن پٺيان اُردن ۾ 1154 مرد، الجزائر ۾
1018 مرد ۽ ترڪيءَ ۾ 1011 مرد آهن. ٻين ملڪن ۾ عام
طرح مردن جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گڏيل آمريڪي رياستن
۾ هر هزار عورتن لاءِ 988 مرد ۽ انگلينڊ ۾ رڳو 934
مرد آهن.
مذهب:
مذهبي لحاظ کان 1951ع واري آدم شماريءَ ۾
44،57،951 مسلمان، 1،41،387 هندو، 3،23،120 اڇوت ۽
2884 ماڻهو ٻين مذهبن جا هئا. ٿوري ۾ ائين چئجي ته
سنڌ ۽ خيرپور علائقي جا 10/9 ماڻهو مسلمان، 3
سيڪڙو هندو ۽ 7 سيڪڙو اڇوت آهن. عيسائين، زردشتين،
يهودين ۽ ٻين جو تعداد
تمام
ٿورو آهي. 1941ع ۽ 1951ع وارين ڳڻپن موجب مسلمانن
۽ هندن جي وچ ۾ جو نمايان تفاوت هو، سو هيٺينءَ
جدول ۾ ڏيکاريل آهي
مسلمان |
هندو |
اڇوت |
ٻيا |
|
گهٽ واڌ سيڪڙو |
گهٽ واڌ سيڪڙو |
گهٽ واڌ سيڪڙو |
گهٽ واڌ سيڪڙو |
|
سنڌ علائقو |
11,49,687 |
38.3 |
-722,348 |
84.3- |
1,05,140 |
48.9 |
25,666 |
90.6- |
اڳوڻي خيرپور رياست |
55,115 |
21.7 |
-38,754 |
84.2- |
1,247 |
28.7- |
1,493 |
87 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
هيءَ جدول مسلمانن ۾ تمام گهڻي واڌ ۽ هندن ۾ گهڻي
ڪتر آيل ڏيکاري ٿي. ان جو سبب اهو هو ته 1947ع ۾
هندستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ هندو
لڏي هليا ويا هئا ۽ مسلمان مهاجر لڏي آيا هئا. سنڌ
علائقي ۾ مسلمانن جو سيڪڙو 73.2 مان وڌي 90.1 ۽
هندن جو 20.9 مان گهٽجي 2.9 آهي. اڇوتن جو سيڪڙو
1942ع ۾ 5.2 هو، سو وري 6.9 ٿيو آهي. ٻين مذهبن
وارن جو سيڪڙو 0.7 کان 0.1 تي لهي آيو آهي. ان جو
مکيه ڪارڻ هو سکن جو لڏي وڃڻ. ڪيترا عيسائي پڻ
هيءُ علائقو ڇڏي ويا آهن. سواءِ ٿرپارڪر ضلعي جي،
جتي 61.8 کان مٿي آهي. جتي مسلمان 38.3 سيڪڙو وڌيا
آهن، اُتي هندو 84.3 سيڪڙو گهٽجي ويا آهن.
حيدرآباد ضلعي اندر مسلمانن جي تعداد ۾ 60 سيڪڙو
جو وڏو واڌارو آيو آهي. ان ضلعي جي هندو آدم شماري
95 سيڪڙو گهٽي آهي. ٿرپارڪر ضلعو مسلمانن ۾ 54.5
سيڪڙو جي واڌ ۽ هندن ۾ ذري گهٽ ايتري ئي گهٽتائي
ٿي آهي. نوابشاهه ضلعي پنهنجي هندو آدم شماري
ٻيانوي ٻيانوي سيڪڙو گهٽي ۽ مسلمانن جي آدم شماري
ترتيبوار 18 ۽ 25 سيڪڙو وڌي آهي. اڇوتي جو تعداد
اٽڪل 49.0 سيڪڙو وڌيو آهي. حيدرآباد اندر 66 سيڪڙو
۽ ٿرپارڪر اندر 63 سيڪڙو وڌيا آهن. 1951ع واري ڳڻپ
۾ جن ٻين مذهبن جي ماڻهن جي داخلا ٿي، تن ۾ 670
ٻڌ، 1953 عيسائي، 28 پارسي ۽ 12 متفرق مذهبن وارا
گهڻي ڀاڱي سک هئا. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ 1941ع واري ڳڻپ
موجب ٻڌ هڪ به نه، عيسائي 2632، پارسي 117 ۽ متفرق
مذهبن وارا گهڻي ڀاڱي سک 25،580 هئا.
هن گزيٽيئر جي ”نسل، ذاتيون ۽ قبيلا“ واري باب ۾
سنڌ علائقي اندر نسلي ۽ قبائلي ورڇ جي مکيه پهلوئن
تي ڪجهه تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي. 1907ع واري
گزيٽيئر ۾ انهيءَ بابت جيڪي ڪجهه چيل آهي، سو
1947ع تائين يعني ان زماني تائين مجموعي طرح درست
آهي، جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان ٺهيو.
تنهن زماني تائين ائين چوڻ درست هو ته مکيه ۾ مکيه
مسلمان نسل، ذاتيون يا قبيلا سما، بلوچ، نام نهاد
عرب، مهاڻا، سومرا، جت، بروهي، پٺاڻ ۽ اڻ- وَچوريل
سنڌي آهن. بلوچ ٿرپارڪر ۾ ٿورا پر ٻين هنڌن تي چڱا
هئا. بروهي ڪراچيءَ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور واري
پاسي وڌيڪ جهجها هئا. مهاڻا ۽ جت گهڻي ڀاڱي وچولي
۽ لاڙ تائين محدود هئا ۽ گهڻي ۾ گهڻا ڊيلٽا واري
تر ۾ هئا. سما ۽ سومرا گهڻو ڪري وچولي وارن سرچن
ضلعن ۾ رهندڙ هئا. عرب ۽ پٺاڻ حيدرآباد، سکر ۽
شڪارپور ۾ آباد هئا. مکيه هندو ذاتيون واڻيا (جن ۾
عاملن سميت سڀ لوهاڻا ۽ ڀاٽيا اچي ٿي ويا) ڍيڍ،
ڀيل، ڪولهي ۽ راجپوت هيون. برهمڻ جو انگ تمام ٿورو
هو. واڻيا ۽ برهمڻ جتي ڪٿي هئا، پر راجپوت، ڍيڍ ۽
ڪولهي ۽ ٻين گهٽ ذاتين وارا هندو گهڻو تڻو ٿرپارڪر
۽ حيدرآباد جي اوسي پاسي ۾ هئا.
نسلي عنصر:
هن گزيٽيئر جي پوين بابن ۾ آڳاٽن اهڃاڻن ۽ تاريخ
بابت جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي، تنهن مان سنڌ علائقي
جي آدم شماريءَ جي رليل مليل نوعيت چڱيءَ پر پڌري
ٿي وئي هوندي. هندستان کان مسلمان مهاجرن جي پالوٽ
۽ هتان ذات وارن هندن جي وڏي پيماني تي ڀاڄ کان
قطع نظر، سنڌ علائقي جي اڄوڪي آدمشماريءَ بابت
ائين چئي سگهجي ٿو ته ان جا ٽي مکيه عنصر ڪجهه
چٽائيءَ سان ڌار ڪري سگهجن ٿا، جي آهن راجپوت،
بلوچ ۽ مهاڻن ۽ جتن سميت اصل سنڌي. محمد قاسم 711ع
۾ جنهن هندو بادشاهت کي مطيع ڪيو هو، تنهن جو مکيه
نسلم راجپوت ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هنن جو اوڀر جي طرف کان
هن علائقي ۾ اچڻ ڪڏهن به بند نه ٿيو آهي. آيا سنڌ
جا راجپوت نج آريائي بڻ مان ۽ آڳاٽي هندستان جي هڪ
جنگجو ذات، کتريءَ جا پويان آهن يا نه، سو شايد شڪ
جوڳو آهي، البت هيءَ ڳالهه ڪنهن حد تائين يقيني
آهي ته شروعاتي طرح منجهن نج آريائي لِڇ موجود
آهي. عربن جي ڪاهه وقت جيڪي راجپوت قبيلا هت هئا،
سي صديون اڳ مسلمان ٿي ويا هئا، ويجهڙ ۾ لڏي اچي
ويٺل، جهڙوڪ سوڍا، اڃا تائين هندو آهن. بلوچ، جي
ٻيو نسلي عنصر آهن، سي انگريزن جي فتح وقت حاڪم
نسل هئا، ۽ تنهن کان اڳ صدين تائين ان پرڳڻي تي
اولهه واري پاسي کان ڪاهون ڪندا رهيا هئا. انهن جي
وچ ۾ ٽيون عنصر، ڌرتيءَ ڄاوا، آهن، جي اولهه ۽
اوڀر جي وچ ۾ مٿن راڄ ڪرڻ تان چٽاڀيٽيءَ هلندي
ٿڪيا، ڳهندا ۽ ڀوڳيندا رهيا. انهن ۾ اسان آڳاٽن
هندو ڪڙمين جا، يا انهن سائٿيائي ٽولن جا جي عيسوي
سن جي پهرين صديءَ ۾ ملڪ تي ڪاهي آيا هئا، يا انهن
ٻنهي ڪن ٻين عنصرن جا ڌار نه ٿي سگهڻ جي حد تائين
پاڻ ۾ رلي ملي چڪا آهن، پويان سڃاڻي سگهون ٿا. اهي
سڀ هاڻ مسلمان آهن. شايد اسان کي هنن سان گڏ
لوهاڻا به رکڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته هيءُ طبقو تڏهن پڪ
ئي پڪ ملڪ ۾ هو، جڏهن عرب آيا هئا، پر ڪنهن کي پتو
ناهي ته آيا سنڌ علائقي جا هاڻوڪا لوهاڻا جزوي طرح
تن لوهاڻن جا پويان آهن، جن پاڻ کي مسلمان ٿي وڃڻ
کان بچائي ورتو هو يا سڀ پوءِ پنجاب کان آيل آهن.
انهن ٽن مکيه عنصرن کان سواءِ، ٻيا پڌرا عنصر هي
آهن: اوڀر جا گهٽ ذات وارا هندو ۽ آڳاٽا رهواسي،
جن ۾ ڪولهي، ڍيڍ ۽ ڀيل مکيه آهن. سي قبيلا ۽ ڪٽنب،
جن عرب فاتحن جي بڻ مان هجڻ تي ناز ڪندي پنهنجا
شجرا هنئن سان لائي رکيا آهن ۽ پاڻ کي الڳ رکيو
اچن ٿا. افغان ۽ مغل، جي ڪنهن نه ڪنهن فاتح جي
اٽالي سان آيا هئا ۽ رهجي پيا هئا، ۽ گهڻا ئي ٻيا.
انهن عنصرن ۾ هاڻ اهي ڀانت ڀانت جا ماڻهو به گڏجي
ويا آهن، جن هندستان مان ڌڪجي اچي اولهه پاڪستان
جي سنڌ علائقي ۾ پناهه ورتي آهي.
آدم شماريءَ
جو رولو:
ڌارين جي انهيءَ پالوٽ جي ڪري آدم شماريءَ ۾ جا
ڦيرڦار ٿي آهي، تنهن جي وسعت جو اندازو انهن انگن
اکرن مان ڪري سگهجي ٿو، جيڪي سنڌ علائقي اندر هر
قسم جي حياتيءَ ۾ مهاجرن جي يلغار جي اثر بابت هن
گزيٽيئر جي صفحن ۾ ڏنا ويا آهن. اهو چوڻ شايد صحيح
ٿيندو ته 1947ع ۾ ۽ پوءِ وارن سالن ۾ ورهاڱي جي
سياسي ۽ اقتصادي اثرات سببان سموري هند- پاڪستان
ننڍي کنڊ اندر اڪيچار ماڻهن جي اٿل پٿل سان
اڳوڻيءَ سنڌ جي ڏيهي آدم شماريءَ ۾ جيڪو زبردست
رولو پيو آهي، تنهن جيترو رولو عربن جي ڪاهه جي
وڳوڙي ڏينهن ۾ يا دهليءَ جي سلطانن ۽ سنڌ تي سندن
ڍلي راڄ وارن انڌن مونجهارن وقت به نه پيو هو.
خيرپور سميت سنڌ علائقي جي ڪل 49،25،342 ماڻهن مان
42،44،913 ماڻهو يا 86.2 سيڪڙو 1951ع واري ڳڻپ ۾
سنڌ اندر ڄاول ڏيکاريل هئا. انهن مان 41،64،244
ماڻهو يا 84.6 سيڪڙو ڳاڻيٽي واري ضلعي اندر ۽ باقي
80،699 ماڻهو يا 1.6 سيڪڙو سنڌ علائقي جي ٻين ضلعن
اندر ڄاوا هئا. ٻين ضلعن کان لڏي اچڻ وارن مان وڌ
۾ وڌ حيدرآباد ضلعي ۾ هئا، جتي جا 18،605 ماڻهو
ٻين ضلعن اندر ڄاول هئا. حيدرآباد کان ٻئي نمبر تي
نوابشاهه ۽ 17،234 ماڻهو ٻين ضلعن ۾ ڄاول هئا. ٿر
پارڪر ضلعي جا 11،771 ماڻهو ٻين ضلعن ۾ ڄاول هئا.
باقي ضلعن اندر هڪ کان ٻئي ضلعي ۾ لڏپلاڻ تمام
ٿوري ٿي هئي، سو ذڪر لائق نه آهي عام طرح لڏپلاڻ
لاڳاپيل ضلعن جي وچ ۾ ٿيندي هئي. بلوچستان علائقي
۽ پاڪستان جي ٻين ايراضين ۾ ڄاول 1،19،240 ماڻهو
سنڌ ۽ خيرپور علائقي اندر ڳڻپ هيٺ آيا. هي ماڻهو
سنڌ ۽ خيرپور علائقي جي ڪل آدم شماريءَ جو 2.4
سيڪڙو هئا. منجهانئن گهڻي کان گهڻا يعني 45،668
ماڻهو پنجاب علائقي کان ۽ 41،232 ماڻهو اڳوڻي
بلوچستان کان آيا، جي ٻئي علائقا سنڌ علائقي سان
لڳو لڳ آهن. جڏهن سکر بئراج چالو ٿي آهي، تڏهن کان
انهن ٻنهي ڀر وارن علائقن يعني اڳئين پنجاب ۽
اڳئين بلوچستان مان ماڻهو سنڌ علائقي اندر لڏي
ايندا رهن ٿا. پاڪستان جي ٻين ڀاڱن کان آيل ماڻهو
گهٽ وڌ دائمي طرح سنڌ علائقي ۾ رهي پيا آهن. تاهم
بلوچستان علائقي جا توڻي اڳين اُتر- اولهه سرحدي
صوبي جا لاڏائو قبيلا به آهن، جي گهڻو ڪري سياري ۾
سنڌ علائقي اندر ايندا آهن. اهي گهڻو ڪري مزوري
ڪندا آهن ۽ ڪن ٿورن جو گذر واپار تي به آهي. 1951ع
۾ سنڌ ۾ خيرپور علائقي اندر 5،71،117 ماڻهو يعني
ڪل آدم شماريءَ جو 11.6 سيڪڙو اهڙا پاڪستاني
ڏيکاريل هئا، جي هندستان يا انهن رياستن ۾ ڄاوا
هئا، جن تان تڪرار هلندڙ هو. لک لک کان وڌيڪ ماڻهو
پنجاب (هندستان وارو ڀاڱو)، اتر پرديش ۽ راجپوت
کان آيا هئا. هيٺين جدول
ڏيکاري ٿي ته ڪهڙن علائقن کان ڪيترا ماڻهو سنڌ
علائقي ۾ آيا ۽ ڪيترا ماڻهو هتان ٻين علائقن ۾
ويا.
ٻيا علائقا |
سنڌ علائقي ۾ ڄاول ۽ ٻئي علائقي ۾
ڳڻيل |
ٻين علائقن ۾ ڄاول ۽ سنڌ علائقي ۾
ڳڻيل |
تعداد |
سنڌ جي آدم شماريءَ جو سيڪڙو
|
پنجاب ۽ بهاولپور علائقو |
7,270 |
45،668 |
0.93 |
بلوچستان علائقو |
2,251 |
41،232 |
0.84 |
اُتر اولهه سرحدي علائقو |
978 |
9،337 |
0.19 |
ڪراچي |
14,565 |
9،066 |
0.18 |
اوڀر پاڪستان |
171 |
250 |
0.01 |
جهونا ڳڙهه ۽ مناوادر،
حيدرآباد ۽ ڪشمير جون تڪرار هيٺ
رياستون
|
-- |
13,687 |
0.28 |
جوڙ |
25,235 |
1,19,240 |
2.43 |
1951ع واري ڳڻپ موجب هندستان ۾ ڄاول ماڻهن جي سنڌ
۽ خيرپور علائقي اندر ورڇ هيٺينءَ جدول ۾ ڏيکاريل
آهي.
ڄم جو پرڳڻو |
ماڻهن جو تعداد |
سنڌ علائقي جي ڪل آدم شماريءَ جو
سيڪڙو |
اجمير |
26,005 |
0.53 |
بمبئي |
8,790 |
0.18 |
دهلي |
15,259 |
0.31 |
پنجاب (هندستان) |
1,65,655 |
3.36 |
پنجاب جون رياستون ۽ ايجنسيون |
33,921 |
0.68 |
مڌيا پرديش (سي. پي. ۽ بهار) |
11,496 |
0.23 |
اُتر پرديش (يو. پي) |
1,17,273 |
2.38 |
بمبئي رياست |
20,556 |
0.41 |
راجپوتانا جون رياستون ۽ ايجنسيون |
1,38,406 |
2.83 |
ٻيا |
069,20 |
0.4 |
سنڌ ۽ خيرپور علائقي اندر 1951ع واري ڳڻپ موجب
مهاجرن جو ڪل تعداد 5،50،291 هو، جو انگ ڪل آدم
شماريءَ جو 11.7 سيڪڙو بيهي ٿو. هت جيڪي هندستان ۾
ڄاول 5.75 لک ماڻهو آهن، سي ذري گهٽ سڀ مهاجر آهن.
هن علائقي اندر ڳڻيل ڪل غير پاڪستاني 2،715 هئا،
جن مان 2،288 افغان پاونڊا ۽ 344 هندستاني هئا.
باقي رڳو 83 ماڻهو بچن ٿا، جي ٻين ملڪن جا شهري
هئا. جڏهن سنڌ علائقو 1936ع تائين بمبئي
پريزيڊنسيءَ ۾ شامل هو. تڏهن 1931ع واري ڳڻپ ۾
اُتان جي آدم شماريءَ جي ڄم جا هَنڌ بمبئي
پريزيڊنسيءَ کان ڌار نه ڏيکاريا ويا هئا. 1941ع
واري ڳڻپ کان اڳ سنڌ الڳ صوبو ۽ ان ڪري هڪ علحدو
ڳڻپ جو يونٽ بڻجي چڪي هئي، پر انگن اکرن جون
جدولون پوريءَ طرح مڪمل نه ڪيون ويون ۽ ڄم جي هنڌ
واري جدول ۾ رڳو سنڌ علائقي جي ضلعن اندر ننڍي کنڊ
اندر ۽ دنيا جي ٻين ملڪن اندر ڄاول ماڻهو ڏيکاريا
ويا. ڪراچي 1947ع ۾ سنڌ علائقي کان ڌار ڪئي وئي
هئي. 1941ع ۾ 2،08،000 ماڻهو يا ڪل آدم شماري جو
اٽڪل 5 سيڪڙو هندو پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين
علائقن ۾ ڄاول ڏيکاريل هئا. ڏيهه اندر ڄاول آدم
شماريءَ ۾ رڳو 1.3 سيڪڙو واڌ آئي آهي. ان جو ڪارڻ
آهي هندن جو لڏي وڃڻ، جي گهڻو ڪري سنڌ ڄاوا هئا، ۽
مهاجرن جي پالوٽ، آدمشماريءَ جي هيءَ مهان منتقلي
1931ع پڄاڻان آدمشماريءَ جي چرپر جي نمايان خاصيت
آهي جيئن ته آدم شماريءَ جي هيءَ تمام اهم منتقلي
۽ چرپر 1947ع کان پوءِ يعني 1941ع ۽ 1951ع وارين
ڳڻپن جي وچ واري دور ۾ ٿي آهي، ان ڪري 1941ع کان
1951ع تائين ڄم جي هنڌ ۾ آيل ڦيرڦار ڏيکارڻ ضروري
آهي اها هيٺينءَ جدول ۾ ڏجي ٿي:
چارٽ
مطلب ته، هن باب ۾ سنڌ ۽ خيرپور علائقي اندر مرد
۽ عورتن جي تناسب جو ڪجهه بيان اڳي ئي اچي چڪو
آهي. هيٺ ڏنل جدول
1901ع کان وٺي هر ڏهن ڏهن ورهين جي مدي لاءِ،
اڳوڻيءَ سنڌ ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي آدمشمارين ۾،
مردن ۽ عورتن جو ڌار ڌار سيڪڙو ڄاڻائجي ٿو.
سال |
اڳوڻي سنڌ |
اڳوڻي خيرپور رياست |
مرد |
عورتون |
مرد |
عورتون |
1901ع |
54.8 |
45.2 |
54.6 |
45.4 |
1911ع |
55.0 |
45.0 |
54.3 |
45.7 |
1921ع |
55.7 |
44.3 |
55.5 |
44.5 |
1931ع |
55.9 |
44.1 |
55.0 |
45.0 |
1941ع |
54.8 |
45.2 |
55.0 |
45.0 |
1951ع |
54.9 |
45.1 |
55.5 |
44.5 |
جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ خيرپور علائقي جي آدمشماريءَ ۾
مردن ۽ عورتن جي هن تفاوت جو سوال وڌيڪ جاچڻ گهرن
ٿا، تن کي کپي ته 1951ع واريءَ ڳڻپ جي سنڌ ۽
خيرپور علائقي بابت رپورٽ جا صفحا پڙهي ڏسن.
پرڻي جا انگ
اکر:
1901ع واريءَ ڳڻپ ڏيکاريو ته سنڌ علائقي جا 51
سيڪڙو ماڻهو اڻپڙهيل هئا، جنهن مان 57 سيڪڙو مرد ۽
43 سيڪڙو عورتون هيون. سنڌ وارن کي ڪنوارو رهڻ
باقي پاڪستان کان ڪو وڌيڪ نه آئڙندو آهي. 1951ع
واري ڳڻپ ۾ ٽهي- ميڙ اهڙيءَ ريت سٽيا ويا آهن جو
اهي پرڻيل، ڏنيلن، رنڙن ۽ طلاقيلن جو تناسب مکيه
ٽهي ميڙن ۾ ڏيکارين ٿا، جن لاءِ هي انگ اکر اهم
آهن. 1951ع واري ڳڻپ جا اهي ٽهي ميڙ هي آهن: 10
کان 29 ورهين تائين، 30 کان 39 ورهين تائين، 40
کان 49 ورهين تائين ۽ 50 کان 59 ورهين تائين. اهي
ميڙ ائين جو سٿيا ويا آهن، تن جا ڪارڻ ’پاڪستان جي
ڳڻپ‘ ۾ 1951ع ۾ موجود حالتن جي روشنيءَ ۾ سمجهيا
ويا آهن.
هيٺ ڏنل جدول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ ۽ خيرپور
جي آدم شماريءَ ڪهڙن ڪهڙن ٽهي- ميڙن جا ڪهڙين
ڪهڙين قومن سان واسطو رکندڙ ٻنهي جنسن جا گهڻا ڏهن
ڏهن تي ڪيترا ماڻهو پرڻيل يا ڏنيل رنڙ ۽ طلاقيل
هئا.
ٽهي- ميڙ |
جنس |
پرڻيل |
ڏنيل/ رنڙ ۽ طلاقيل |
|
|
مسلمان |
هندو |
اڇوت |
مسلمان |
هندو |
اڇوت |
10-29 |
مرد |
30.9 |
33.6 |
30.8 |
1.8 |
1.3 |
1.3 |
|
عورتون |
65.4 |
66.2 |
63.4 |
1.8 |
2.0 |
2.0 |
30-39 |
مرد |
79.4 |
75.2 |
86.0 |
6.4 |
6.5 |
6.5 |
|
عورتون |
90.8 |
85.8 |
88.5 |
7.6 |
13.6 |
11.1 |
49.40 |
مرد |
82.8 |
73.3 |
80.5 |
10.0 |
14.7 |
9.1 |
|
عورتون |
79.0 |
67.9 |
72.1 |
20.1 |
31.7 |
27.6 |
59-50 |
مرد |
81.1 |
66.5 |
83.4 |
15.0 |
25.5 |
14.9 |
|
عورتون |
57.9 |
45.4 |
51.3 |
41.2 |
54.3 |
48.3 |
1951ع ۾ سنڌ جو ڳڻپ وارو صوبائي سپرٽينڊنٽ چوي ٿو:
”پرڻيل مردن جو ڪل تعداد 10،83،632 ۽ پرڻيل عورتن
جو 10،52،597 آهي. اهڙيءَ ريت وڌيڪ پرڻيل مردن جي
نسبت 50.7 کان 59.3 بيهي ٿي. اڳوڻيءَ سنڌ جهڙي
مسلمانن جي غالب اڪثريت واري ڏيهه ۾ پرڻيل عورتن
جو تعداد پرڻيل مردن کان سرس هجڻ کپي. ڇاڪاڻ ته
شريعت موجب مسلمان مرد هڪ کان وڌيڪ زالون رکي سگهي
ٿو ۽ گهڻن مردن کي سچ پچ ٻه يا وڌيڪ گهرواريون
آهن. پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻين علائقن کان جيڪي
ماڻهو سنڌ علائقي ۾ اچن ٿا، سي پنهنجا ٻار پاڻ سان
نٿا آڻين ۽ اهوئي سبب آهي جو (1931ع ۾ پڻ ائين ئي
هو) پرڻيل مسلمان مردن جو انگ پرڻيل مسلمان عورتن
کان وڌيڪ آهي. ڪل آدمشماريءَ ۾ طلاقيل ماڻهن جو
تناسب 0.06 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏنيل يا رنڙ ماڻهن
جو تناسب اٽڪل 7 سيڪڙو آهي. ان ۾ 30 تائين سڀني
ٽهي ميڙن ۾ عورتن جو حصو مردن کان سرس آهي. هيءُ
تفاوت تمام اڳرو آهي ۽ ان جو ڪجهه سبب هيءُ آهي ته
مرد وڌيڪ وڏيءَ عمر ۾ پرڻبا آهن، ۽ ڪجهه سبب هيءُ
ته رنڙ مرد گهڻو ڪري وري وهانءُ ڪندا آهن. ڏنيل
زائفائن جي وري پرڻجڻ تي ڪا روڪ نه آهي، پر اهو
ايترو عام نه آهي جيترو رنڙ مردن جو وري پرڻجڻ.
مختلف مذهبن وارن جا انگ اکر پاڻ ۾ ڀيٽڻ سان پتو
پوي ٿو ته ڏنيل رنڙ ماڻهن ۾ نيات وارن هندن جو
تناسب سڀني ۾ گهڻو آهي ڇو ته منجهن وڌوا وهانءَ جي
منع آهي. جيئن مٿي ڏيکاريو اٿئون، طلاق جي شرح
تمام گهٽ آهي. سچ پچ ته، طلاق جو سهارو تڏهن ئي
ورتو ويندو آهي، جڏهن ڌرين جي وچ ۾ اختلافن جي ڪري
ايتري ته وڏي وڇوٽي ٿي پوندي آهي، جو پاڙي جي چڱن
جون ڪوششون به ان کي ڀري نه سگهنديون آهن.
ڄمار جي
لحاظ کان جوڙجڪ:
سنڌ ۾ خيرپور علائقي جي آدم شماريءَ جي ڄمار جي
لحاظ کان جوڙجڪ هيٺين پيرائن ۾ بحث هيٺ آندي وئي.
پاڪستان جو 1951ع وارو ڳڻپ ڪمشنر، مسٽر سليڊ، چوي
ٿو ته: ڪيترين گذريل ڳڻپ رپورٽن ۾ ڄمار وارن انگن
اکرن جي نادرستيءَ تي بحث ڪيو ويو آهي. بنيادي
دشواري هيءَ آهي ته گهڻن ماڻهن کي پنهنجيءَ عمر جو
پورو پتو ئي ناهي هوندو، ۽ ڳڻپ ڪندڙن کي ذري گهٽ
هر ڀيري ماڻهو جي ڏيک مان سندس عمر جو اندازو
لاڳائڻو پوندو آهي. اهڙي قسم جي معلومات تڏهن ته
پاڻ وڌيڪ نامعتبر ٿي وڃي ٿي، جڏهن واسطيدار
ماڻهوءَ کي ڏسڻ کان سواءِ گهر جي وڏي کان پڇا ڳاڇا
ڪري عمر جي ڪٿ ڪرڻ هجي. عورتن ۽ گهر جي گهڻن ڀاتين
جي سلسلي ۾ عام طرح اهڙي ئي صورتحال درپيش اچي ٿي.
ڳڻپ جي ڄمار وارن انگن اکرن جي تڪ تور جون
دشواريون 1951ع ۾ به اهي ئي هيون، جيڪي 1931ع واري
ڳڻپ وقت پيش آيون هيون ۽ جن جو اپٽار بمبئي
پريزيڊنسيءَ جي تڏهوڪي ڳڻپ ڪمشنر، ايڇ. ٽي. سورلي
ڪئي آهي. سنڌ تڏهن بمبئي پريزيڊنسيءَ جو ڀاڱو هئي.
هو ڄاڻائي ٿو ته آدم شماريءَ جي سڀني ۾ معتبر
گروهه بندي ٻڙيءَ کان 20 تائين، 20 کان 50 کان
اڳتي جي ٽهي- ميڙن واري ٿيندي. 1951ع وارا انگ اکر
خبرداريءَ سان جاچي ڏٺا ويا آهن ۽ انهن کي ڏهن ڏهن
ورهين ميڙن لاءِ ڪافي معتبر ڄاتو وڃي ٿو، سواءِ 10
کان 29 تائين واري ميڙ جي. هيٺين جدولن ۾ سنڌ ۽
خيرپور علائقي جي آدم شماريءَ جي ڄمار جي لحاظ کان
جوڙجڪ ڏيکاري وئي آهي. ان ۾ ڏنل اکر ٻڌائن ٿا ته
ڪهڙن ٽهي- ميڙن ۾ ڪيترا هزار مرد ۽ ڪيترا هزار
عورتون هيون ۽ انهن ٽهي ميڙن جا ڪيترا هزار مرد ۽
ڪيترا هزار عورتون پرڻيل هيون.
مسلمان |
(هزارن ۾) |
ٽهي ميڙ |
ڪل |
مرد |
عورتون |
پرڻيل |
جوڙ |
4’925 |
2’707 |
2’218 |
1’084 |
1053 |
0-9 |
1422 |
735 |
686 |
1 |
2 |
10-29 |
1792 |
942 |
800 |
307 |
523 |
30-39 |
672 |
376 |
296 |
299 |
268 |
40-49 |
473 |
274 |
199 |
227 |
156 |
50-59 |
282 |
168 |
114 |
135 |
65 |
60 ۽ مٿي |
284 |
162 |
122 |
114 |
38 |
هندو |
(هزارن ۾) |
ٽهي ميڙ |
ڪل |
مرد |
عورتون |
پرڻيل |
مرد |
عورتون |
جوڙ |
141 |
79 |
62 |
30 |
28 |
0-9 |
38 |
20 |
19 |
… |
… |
10-29 |
52 |
30 |
22 |
10 |
15 |
30-39 |
18 |
10 |
8 |
8 |
7 |
40-49 |
15 |
9 |
6 |
6 |
4 |
50-59 |
9 |
5 |
4 |
4 |
2 |
60 ۽ مٿي |
9 |
5 |
4 |
3 |
1 |
اَڇُوت |
(هزارن ۾) |
ٽهي ميڙ |
ڪل |
مرد |
عورتون |
پرڻيل |
مرد |
عورتون |
جوڙ |
323 |
174 |
150 |
65 |
64 |
0-9 |
108 |
53 |
53 |
… |
… |
10-29 |
116 |
64 |
52 |
20 |
23 |
30-39 |
44 |
24 |
20 |
21 |
18 |
40-49 |
27 |
15 |
12 |
13 |
9 |
50-59 |
14 |
8 |
6 |
6 |
3 |
60 ۽ مٿي |
14 |
8 |
6 |
6 |
2 |
سنڌ ۽ خيرپور علائقي جي آدم شماريءَ ۾ 1901ع کان
وٺي جيڪي تبديليون آيون آهن، سي هيٺينءَ جدول ۾
ڏيکاريل آهن.
ٽهي ميڙ
(سال) |
ڳڻپ وارا سال |
1901-1941 |
1951 |
جنس |
1901 |
1911 |
1921 |
1931 |
1941 |
1951 |
سڀ ڄمارون
0-10
10-40
40-60
|
9-0
10-39
40-59
۽ مٿي 60 |
مرد
عورتون
مرد
عورتون
مرد
عورتون
مرد
عورتون
مرد
عورتون |
100
100
28.8
31.0
51.6
48.4
15.5
15.7
4.2
4.9 |
100
100
27.6
30.1
52.8
50.3
15.6
15.0
4.0
4.6 |
100
100
27.0
29.9
53.4
50.3
15.4
14.9
4.3
4.8 |
100
100
27.0
30.0
55.6
53.5
14.4
13.2
3.1
3.3 |
100
100
32.7
35.4
51.2
49.4
13.6
12.3
2.5
2.9 |
100
100
27.0
30.8
50.7
49.5
16.3
14.2
5.9
5.6 |
ڳڻپ وارو صوبائي سپرنٽينڊنٽ 1951ع وارن انگن اکرن
بابت چوي ٿو ته آدمشماريءَ جي مٽا سٽا جو انگن
اکرن تي قدرتي طرح اثر پيو آهي. 1941ع وارا
انگ اکر
نموني طور 2 سيڪڙي جي ڳاڻيٽي تي ٻڌل آهن، پر
جيتوڻيڪ ان جو هنن سيڪڙن جي درستيءَ کي ڪو خاص اثر
نه پوڻ گهرجي، تڏهن به انگ اکر ليڪي کان ٻاهر نظر
اچن ٿا، خاص ڪري ٻار، 1921ع کان اڳ وارا انگ اکر
هڪ سرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. 1931ع جا انگ اکر شايد
آبپاشيءَ جي رٿائن لاءِ ڪم جي عمر وارن ماڻهن جي
پالوٽ جي ترجماني ڪن ٿا ۽ موٽ ۾ هيءُ پالوٽ 1941ع
۾ ٻارن جي وڌيڪ وڏي تعداد لاءِ پڻ جوابدار ٿي سگهي
ٿي. 1951ع ۾ چاليهن کان وڏي عمر وارن جو تناسب
بئراج کان اڳ واري سطح تي موٽندو نظر اچي ٿو، توڻي
جو سٺ کان وڏيءَ عمر وارن بابت 1951ع جا انگ اکر
اڳين انگن اکرن کان ڪي گهڻا مٿي نه آهن.
ڪراچي 1947ع تائين اڳوڻيءَ سنڌ جو ڀاڱو هئي. آگسٽ
1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ تي ڪراچي وفاقي گادي بڻجي
وئي ۽ وفاقي گاديءَ جي ايراضيءَ کي سنڌ علائقي کان
ڌار ڪيو ويو. هت اڳوڻي وفاقي گاديءَ جي آدمشماريءَ
وارن مسئلن جو مختصر بيان ڪرڻ ضروري آهي. 1901ع ۾
ڪراچيءَ واري تر جي آدم شماريءَ 1.4 لک هئي، جا
1941ع ۾ 4.4 لکن تي پهچي وئي. جيڪي ورهيه اها قومي
گادي رهي، تن دوران سندس آدم شماريءَ ۾ زبردست
واڌارو ٿيو. ڳڻپ ڪندڙن 1951ع ۾ ان جي آدم شماري 11
لکن کان وڌيڪ ٻڌائي ۽ اها پڻ ٿوري گهٽ ڪري ٻڌايل
سمجهي وڃي ٿي. هاڻ ڪراچي آدم شماري ۾ 50 سيڪڙي کان
مهاجر آهن. انهي عنصر جي آبادڪاريءَ بهبود ۽ رهائش
جو واڌاري جي آئينده شرح تي مکيه اثر پوڻو آهي.
بهرحال، شهر تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽،
جيتوڻيڪ گذريل ڏهن ورهين واري شرح سان واڌاري جي
اميد نه آهي، تڏهن به سڀ امڪان آدم شماريءَ ۾ واڌ
جي جاري رهڻ جا آهن. ڪراچي اهو قطب تارو آهي، جنهن
هندستان کان آيل اهڙن مهاجرن جي وڏي اڪثريت کي پاڻ
ڏي ڇڪيو آهي، جي شهرن ۾ رهڻ تي هريل آهن. 1951ع ۾
ڪراچي جي ڪل آدم شماريءَ جو 55 سيڪڙو مهاجر هئا.
انهيءَ جي ڀيٽ ۾ باقي سنڌ ۽ خيرپور علائقي اندر
سندن سيڪڙو 11.2 هو. ان جو مطلب آهي ته 1951ع ۾
ڪراچيءَ اندر هر ٻن چئن مان ۽ سنڌ علائقي اندر هر
ڏهن ڄڻن مان هڪ کان ٿورو وڌيڪ مهاجر هئا.
هيٺيون نقشو 1881ع کان 1951ع تائين ڪراچي شهر ۽
بندر جي اوسر اجاگر ڪري ٿو:
ڳڻپ وارو سال |
ڪل |
آدم شماري |
واڌ |
ڄڻا |
سيڪڙو |
1818ع
1891ع
1901ع
1911ع
1921ع
1931ع
1941ع
1951ع |
68,332
98,195
1,08,644
1,40,511
2,01,691
2,47,791
3,59,492
9,05,781 |
.....
29,863
10,449
31,867
61,180
46,100
1,11,701
5,46,289 |
....
43.7
10.6
29.3
43.5
22.9
45.1
152.0 |
(نوٽ: آدم
شماريءَ جا انگ اکر ميونسپل ڪارپوريشن جي حد جا
آهن.)
هيءُ نقشو 1881ع واري ڳڻپ کان وٺي ڇانوڻين سميت
ڪراچي شهر جي آدم شماريءَ جو لاڳيتو واڌارو ڏيکاري
ٿو. پوئين ڏهاڪي جي واڌ عظيم الشان آهي. تڏهن ته
پاڻ وڌيڪ متاثر ٿي ڪري، جڏهن اهو ياد ٿو پوي ته
هندستان جي ورهاڱي کان اڳ شهر جي اڪثر آدم شماري
هندن ۽ سکن جي هئي، جن مان گهڻا هندستان لڏي ويا
آهن. تاهم، اها گنڀير کوٽ سنڌ اندر ايندڙ مسلمانن
جي وڏي ويڪري لهر ڀري ڇڏي. انهن پاڻ کي 1951ع
واريءَ ڳڻپ ۾ هندستان جا مهاجر ڪري ڄاڻايو. هيءَ
زبردست ۽ تڪڙي واڌ ذري گهٽ سڄي جي سڄي 1947ع کان
پوءِ ٿي آهي. ان جو ڪارڻ نه رڳو هيءَ آهي ته
ڪراچيءَ کي هاڻ نئين رياست جي گاديءَ هجڻ جو شرف
حاصل آهي، پر هيءُ به ته اُها اولهه پاڪستان جو
بندر ۽ وڻج واپار جو وڏو مرڪز پڻ آهي. جيستائين
آدم شماريءَ جو لاڳاپو آهي ته ڪراچي هاڻ ان ساڳيءَ
قطار ۾ آهي، جنهن ۾ اٿينس، برمنگهام، گلاسگو،
ميلان، ميلبورن ۽ مانٽريال آهن. شهر جي آدم
شماريءَ ۾ اڌ کان مٿي هندستان جا مهاجر آهن، پر ان
جي اوسر رڳو هنن جي اچڻ سببان نه آهي. سرڪاري
ملازم، واپاري ۽ هنر وارا پورهيت، پاڪستان جي سڀني
ڀاڱن کان ڪراچيءَ ڏانهن ڇڪجي آيا آهن. سنڌ ۽
خيرپور علائقو هاڻ ذري گهٽ سڄي جو سڄو مسلمان
علائقو آهي. جين ڌرم وارن، زردشتين ۽ يهودين ۽
هندو ڌرم جي تازن پنٿن ڪين جيتري آهي ۽ انهن بابت
ڪجهه چوڻ ضروري ناهي. جيستائين عيسائين جو لاڳاپو
آهي ته سنڌ ۽ خيرپور علائقي جي هاڻوڪين حدن اندر
سندن تعداد پڻ ٿورو آهي، ڇا لاءِ جو انگريزن جي
صاحبيءَ ۾ عيسائين جي اڪثريت ڪراچيءَ جي عيسائي
آدم شماريءَ ۽ سڄي ڏيهه اندر مامور برطانوي فوجين
تي مشتمل هئي.
|