باب چوٿون
نـبـاتـات
عام
خاصيتون:
سنڌ انهيءَ عظيم آفريقي پاڪ هند بيابان جو ڀاڱو
آهي، جيڪو اولهه ۾ مراڪش کان وٺي اوڀر ۾ گنگا
ماٿريءَ تائين ڦهليل آهي. اهو ڪيترن ئي ڳالهين ۾
هڪ قدرتي علائقو آهي، جو لاڳاپيل علائقن کان ٿورو
ڪي گهڻو چٽيءَ ريت ڌار ٿيل آهي. ۽ هتي ٻين ڳالهين
سان گڏ، اهڙي نباتات ۽ حيوانات ٿئي ٿي. جا هن
علائقي سان مخصوص آهي.
جيتوڻيڪ هيءُ علائقو هاڻ گهڻي ڀاڱي خشڪ يا نيم خشڪ
آهي، تڏهن ايئن وسهڻ لاءِ ڪيئي ارضياتي ۽ آڳاٽن
اهڃاڻن سان واسطو رکندڙ سبب آهن ته ماضيءَ ۾ هتان
جي آبهوا چڱي گهميل هوندي هئي. سو موهن جي دڙي
واري تهذيب جي زماني (لڳ ڀڳ 2500 ق.م. کان 1500
ق.م تائين) ۾ هتي مڃرن ۾ رهندر ٿڻيارا جانور ٿيندا
هئا. اٽڪل 500 ق.م تائين هيءُ علائقو استوائي ٻيلن
سان ڇانيل هو. انهن ٻيلن ۾ هاٿي ۽ جهنگلي سانهَه
رهندا هئا. پر پوءِ جاگرافيائي سببن جي ڪري آبهوا
درجي بدرجي وڌيڪ خشڪ ٿيندي وئي تان جو سنڌو ۽ ان
جي ڏن ڀرو ندين واري ترائي وڃي بچي، جا هيڏي ساري
بياباني وستار ۾ جهڙوڪر نخلستان هئي.
ارضياتي ساک انهيءَ خيال جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته
ماضيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻيا درياهه ستلج ۽ سرسوتي،
پڻ هن علائقي منجهان وهندا هئا ۽ وڃي ڪڇ جي نار ۾
ڇُڙندا هئا، اها نار تڏهن چڱو وڏو سمنڊ هئي. پوءِ
سرسوتي سڪي وئي ۽ هاڻ ان جا نشان بهاولپور جي اوڀر
۾ لَٽجي ويل گهاگهڙ جي شڪل ۾ موجود آهن، جڏهن ته
ستلج پنهنجو دڳ مٽائي وڃي سنڌوءَ ۾ تنهن هنڌ کان
ٿورو مٿڀرو ڇوڙ ڪرڻ لڳي، جنهن هنڌ پويون درياهه
سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. انهن درياهن جا نشان وڏن لٽاشن
پيٽن جي صورت ۾ موجود آهن، جن کي هاڻ علائقي جي
آبپاشيءَ لاءِ واهن واري سرشتي جو حصو ڪري ڪم آندو
پيو وڃي، جهڙوڪ بگهاڙ، ڪلري، ڦليلي ۽ پنياري واهه،
لڳي ٿو ته سنڌو اڳي پنهنجي هاڻوڪي دڳ کان ڪافي
اوڀر ۾ وهندي هئي گذريل ڪجهه هزار ورهين کان ان جي
دڳ ۾ اولهه واري طرف ڏانهن ڦيرو ايندو رهيو آهي،
تان جو اها دڳ- مٽ اُتر ۾ روهڙيءَ واري چورلڪ، وچ
۾ سيوهڻ لڳ لڪيءَ وارن ٽڪرن ۽ ڏکڻ ۾ ڪوٽڙيءَ واري
چورلڪ جي ڪري رُڪجي وئي. سنڌوءَ جو هڪڙو پراڻو
’نارا‘ جي نالي واروپيٽ هاڻ ٿرپارڪر ضلعي کي آباد
ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي. ان جو نالو اُڀرندو
نارو آهي.
هتي درياهه جي پيٽن کان سواءِ ڍنڍون ۽ ڍورا پڻ
آهن. انهن منجهان ڪي ٿورڙا مدامي ۽ باقي سڀ موسمي
آهن. مدامي ڍنڍن ۾ وڏي ۾ وڏي منڇر آهي، جا سيوهڻ
جي ويجهو آهي. شايد سڄي پاڪستان ۾ مٺي پاڻيءَ جي
ايتري وڏي ڍنڍ ٻي ڪانهي. موسمي ڍنڍن ۾ مکيه گهاري
لڳ هاليجي، سانگهڙ ضلعي واري مکيه ڍنڍ ۽ جهرڪن لڳ
ڇار ڍنڍ آهن. هاليجي ڍنڍ کي هڪڙو واهڙ کوٽي سنڌوءَ
سان ملايو ويو آهي، ان ڪري هاڻ اها مدامي ڍنڍ ٿي
پئي آهي. ڪراچيءَ کي گهڻي ڀاڱي پاڻي انهيءَ ڍنڍ جو
ملي ٿو.
آبهوا جون خاصيتون
برسات:
سنڌ ۾ سراسري برسات اٽڪل 17 انچ ۽ گهڻو ڪري گرمين
۾ پوي ٿي. گهٽ برسات ۽ گهڻي گرميءَ جي ڪري ڪابه
دائمي نباتات نٿي ٿئي، سواءِ ڍنگرن ۽ قد ماريل وڻ
ٽڻ جي.
جيڪب آباد، حيدرآباد، ڪراچي، نوابشاهه، لاڙڪاڻي،
سکر، دادوءَ ۽ ميرپور خاص کان مليل آبهوا جي انگن
اکرن جو اڀياس ڪبو ته گذريل ستر ورهين دوران انهن
علائقن اندر پوندڙ برسات ۾ ڦيري جو ڪوبه جاري
رهندڙ لاڙو ڏسڻ ۾ نه ايندو. هڪ سال کان ٻئي سال ۾
جا تبديلي نظر ايندي، تنهن جي نوعيت ڦيرگهير جي
هوندي. اهڙي ڦيرگهير انگن اکرن جي لحاظ کان اهم نه
هوندي آهي. البت انهن شهرن ۾ جيڪي واهن واري
ايراضيءَ ۾ آهن، توڙي ڪراچيءَ ۾ 1932ع کان پوءِ
جيئن پوءِ وڌيڪ برسات پوندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ
جو سبب شايد سکر بئراج جو ٺهي راس ٿيڻ آهي. هيءَ
بيراج، جا 1932 ۾ ٺهي پوري ٿي، تنهن سري ۽ وچولي
جي چڱي چوکي ايراضي آبپاشيءَ هيٺ آڻي گهم ۾ ڪافي
وڌارو ڪيو ۽ ڏينهن جي گرمي ۾ گهم جي پد کي گهٽايو.
پاڻيءَ جو اهو توازن پڻ چڱو متاثر ٿيو آهي. نتيجي
طور، چوماسي وارن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ داٻ جو مرڪز
درجي بدرجي بلوچستان واري علائقي ڏانهن منتقل
ٿيندو رهيو آهي. سو هيءَ ڳالهه ڪا گهڻي حيرت جوڳي
نه آهي ته گذريل ويهن ورهين دوران سنڌ اندر وڌيڪ
برسات پوڻ لڳي آهي. واهن واري ايراضيءَ ۾ وڻ ٻوٽن
جي وڌڻ سان گرمي پد گهٽ هو ۽ نتيجي طور مينهن وڌيڪ
پوَڻو هو. ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت جو اُميد ته
هيٺينءَ سنڌ ۾ به ساڳيو ئي اثر ٿيندو.
گرمي پد:
ٻين استوائي گهيرن کان ٿورو ٻاهر وارن بيابانن
جيان، سنڌ جي آبهوا به انتهائي آهي، يعني اونهاري
۾ سخت گرمي پوي ۽ سياري ۾ ٿڌ. اونهاري ۾ ڇانوري جو
گرمي پد اڪثر 130 ڊگريون فارنهائيٽ تائين وڃيو
پهچي. وڌ ۾ وڌ گرمي پد 133 ڊگريون فارنهائيٽ آهي.
اهو انگ 1935ع ۾ جيڪب آباد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو. وڌ
۾ وڌ گرمي مئي ۾ پوي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد
جنوريءَ جو آهي، جو سراسري طرح 36 ڊگريون
فارنهائيٽ رهي ٿو.
ايڪيهه شهرن جو ساليانو وڌ ۾ وڌ توڙي گهٽ ۾ گهٽ
سراسري گرمي پد جاچي ڏٺو ويو آهي ۽ گذريل ستر
ورهين دوران برسات جيان گرمي پد ۾ به ڪو اهڙو جاري
رهندڙ عام لاڙو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جنهن جي آڌار
تي چئي سگهجي ته گرمي يا سردي وڌي رهي آهي.
گهم:
نسبتي گهم گرمي وارن مهينن يعني مارچ، اپريل مئي ۽
جون ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿي. اها چوماسي وارن مهينن
يعني جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ وڌ ۾ وڌ ٿئي ٿي.
مئي جو مهينو گهٽ ۾ گهٽ ۽ آگسٽ جو وڌ ۾ وڌ نسبتي
گهم جو آهي.
هوا:
سال جا چار مهينا يعني مئي کان سيپٽمبر تائين جو
هوا جو رُخ گهڻو ڪري اولهه- ڏکڻ رهي ٿو. انهيءَ
عرصي دوران هوا چڱي ڇوهي ۽ هڪ ڪَري رهي ٿي ۽ رفتار
20 کان 25 ميل في ڪلاڪ هوندي اٿس. سال جا ٻه مهينا
يعني ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ هوا جو رُخ گهڻو ڪري اُتر-
اوڀر ٿئي ٿو. اهو رُخ خاص ڪري سامونڊي ڪپر لڳ ۽
هيٺينءَ سنڌ ۾ غالب رهي ٿو. انهيءَ ساڳي سرد موسم
۾ ڪڏهن ڪڏهن اتر- اولهه واري هوا به لڳندي آهي.
جيئن ته اها بلوچستان (ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزنون)
وارن مٿانهن ڀٽن جي خشڪ آبهوا تي تڳي ٿي، انهيءَ
ڪري اها خشڪ ۽ خشڪي ڪندڙ ٿئي ٿي.
مئي ۽ جون جي مهينن ۾ رُخ ڏکڻ- اولهه اُتر- اوڀر
کان ڦري اولهه- اوڀر وارو ٿي وڃي ٿو. اهي هوائون
پڻ خشڪ ۽ خشڪي ڪندڙ ٿين ٿيون.
جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هوائون گهِميل ۽ ٻوٽن لاءِ فائدي
واريون ٿين ٿيون.
زمين جا قسم:
سنڌ جي اڳوڻي پرڳڻي ۾ چار چِٽيءَ طرح ورڇيل ٽُڪرا
آهن: (1) ڪوهستان، جيڪو بلوچستان جي حد وٽ کيرٿر
ڇَپر جي سنوت ۾ هڪ سوڙهو پٽو آهي، (2) وچ وارو
لٽاشو ميدان، جنهن کي سنڌوءَ جو پاڻي ريجي ٿو،
هتان جي زمين درياهه جي ڦرندڙ دڳن ۽ ان ۾ ايندڙ
ٻوڏن ٺاهي آهي. (3) ٿر جو ريگستان، جو اوڀرندي
ناري کان وٺي اوڀر ۾ راجستان جي بيابان تائين
ڦهليل آهي، (4) ڪپر واريون ڌٻڻيون، جي تمر سان
وڻڪاريل آهن.
ڪوهستان واري علائقي جي زمين ٽاڪرو مادي جي ٺهيل
آهي. انهيءَ ٽاڪرو مادي ۾ گهڻو چن پهڻ ٿئي ٿو. تر
جي زمين ۾ اٽڪل 85 کان 87 سيڪڙو واري ۽ 10 سيڪڙو
چيڪي مٽي ٿئي ٿي.
ريگستان جي زمين 90 کان 96 سيڪڙو وارياسي ۽ رڳو 5
کان 7 سيڪڙو چيڪي آهي.
وچ واري لٽاشي ميدان جي زمين ۾ اٽڪل 20 سيڪڙو واري
۽ 80 سيڪڙو چيڪي مٽي ۽ رڻ آهي. هيءَ زمين گهڻي
ڀاڱي سنڌوءَ ۽ ان جي ڏن ڀَرو درياهن جي لوڙهي آندل
لٽ جي ٺهيل آهي. انهيءَ زمين جي اُڀي ڀاڱي ۾ اسان
کي هڪٻئي پٺيان واريءَ ۽ لٽ جا تهه ڏسڻ ۾ ايندا.
هيءَ زمين سخت گرمي ۽ سخت ٿڌ جي اثر ۾ رهي ٿي ۽ ان
ڪري ان ۾ موجود لٽ جا جزا ترت ڳري ڀُري وڃن ٿا.
انهيءَ ۾ جيڪي لوڻ اُڀامن ٿا، تن مان ڪي، جهڙوڪ؛
سوڊيم ڪلورائيڊ، سوڊيم سلفيٽ ۽ سوڊيم ڪاربونيٽ
ٻوٽن جي اوسر لاءِ سخت نقصانڪار آهن. اهي لوڻ سال
بسال ڪٺا ٿيندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو جيڪا ٿورڙي برسات
پوي ٿي، سا انهن کي لوڙهي وڃڻ لاءِ ناڪافي ٿئي ٿي.
آلاڻ جو اهو ٿورو مقدار ماڳهين ڳارڻ ڀورڻ جي عمل
کي هٿي ڏي ٿو. زمين ۾ ٺهيل لوڻ مينهن جي وسڪاري
کان پوءِ ٿورو پنڌ اندر هليا وڃن ٿا ۽ وري جڏهن
خشڪ مند ۾ پاڻي بخار بڻجي اُڏامڻ لڳي ٿو ته اهي
لوڻ اُڀامي اچن ٿا ۽ زمين بٺ ٿي وڃي ٿي.
سامونڊي ڪپر واري ٽڪري اندر کارين واري علائقن ۽
ٻين محفوظ ايراضين جي زمين جي خاصيت ويرن واريون
ڌٻُڻيون آهن، نه ته اها گهڻو ڪري چيڪي ۽ سخت آهي.
ڪپر وارين ڌٻُڻين کان اورتي واري علائقي جي زمين
عام چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل آهي، جنهن ۾ ٿوري ڪي گهڻي
واري به مليل ٿئي ٿي، منجهس لوڻ جو وڏو مقدار به
ٿئي ٿو، جو اڪثر مٿاڇري سنهي کل جي شڪل ۾ نروار
هوندو آهي. ڪن هنڌن تي اها ڏاڍي چيڙهالي چيڪي آهي،
جا اُس ۾ سخت ٿي اڇيرڙي ٿي وڃي ٿي. انهيءَ زمين ۾
اٽڪل 20 سيڪڙو سوڊيم ڪلورائيڊ ٿئي ٿو. سنڌ جو ڏکڻ
اوڀر وارو سامونڊي ڪپر لوڻياٺي سُڃ جو هڪ وڏو
وستار آهي، جتي ساوڪ اڻهوند برابر ٿئي ٿي.
مٿين ايراضين جي زمين ۾ پٽ جي سطح تي مختلف جُزن
جو سيڪڙو هيٺينءَ ريت آهي.
|
ڪوهستان |
وچ وارو لٽاشو ميدان |
ريگستان |
چيڪي مٽي ....... |
10.59 |
24.19 |
5.97 |
لوڻ ......... |
2.60 |
56.11 |
2.33 |
سَنهي واري ......... |
35.15 |
19.52 |
30.41 |
ٿُلهي واري ........... |
51.66 |
0.18 |
61.29 |
|
100.00 |
100.00 |
100.00 |
حياتياتي سبب:
شايد سڀني ۾ مکيه سبب خود نباتات آهي، جا ٻوٽن جي
اوسر ۽ واڌ ويجهه ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. موجود
ٻوٽا نامياتي مادي لاءِ لنگرگاهه جو ڪم به ڏين ۽
اهڙي ريت ٻج جي ڦوٽهڙي لاءِ شروعاتي دور ۾ ٻوٽن جي
حفاظت لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪن ٿا.
سنڌونديءَ يا واهن تي آباد ٿيندڙ ايراضين کي ڇڏي،
باقي سنڌ گهٽ آدمشماريءَ وارو بيابان آهي. ڪن ڀاڱن
جي في ميل آدمشماري ته 20 کان گهٽ ٿيندي. انهن
علائقن جا ماڻهو گهڻو ڪري چارڻ ۽ لاڏائو آهن ۽
اٺن، رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ڌاريندا آهن: ٻڪري ته وڻ
ٻوٽي جي وڏي دشمن آهي. سنڌ ۾ وڻڪار ۽ ساوڪ ٻڪرين ۽
جهنگلي جانورن جي چاري ٿيڻ کانسواءِ وڏي مقدار ۾
چاري ۽ ٻارڻ لاءِ وڍي به وڃي ٿي. وڍڻ جو ڪم لاڏائو
توڙي ٿانيڪا، ٻنهي قسمن جا ماڻهو ڪندا آهن.
هيءُ علائقو جو ڪڏهن سرسبز هوندو آهي، تنهن جي
موجوده حالت جو سبب قدرتي سوڪ کان سواءِ اهو به
آهي ته هتان جي وڻڪار 30 سيڪڙو کان وڌيڪ چاري ۽ حد
کان وڌيڪ ٻاري وئي آهي. گذريل ڏهاڪو ورهين ۾
هندستان کان لڏيندڙ جيڪي بي زمين ماڻهو راجستان،
گجرات ۽ ڪاٺياواڙ کان ڌڪاڻجي آيا آهن. تن صورتحال
ابتر ڪري ڇڏي آهي.
سن 1932ع ۾ اُميد ڪئي وئي هئي ته سکر بئراج جي ٺهڻ
سان سنڌ جا طبعي مهانڊا ويهارو ورهين اندر مٽجي
ويندا. ايئن برابر آهي ته پوکيل ايراضي ۾ واڌارو
ٿيو آهي ۽ انهيءَ سان گڏ ساوڪ ۾ پڻ، پر بدقسمتيءَ
سان آبپاشيءَ کي استعمال ڪرڻ وقت اڪثر ڪري آئيندي
جو ڪو خيال نه ڪيو ويو آهي. نتيجي طور، واهن جي
ڀرپاسي ۾ وڏيون وڏيون ايراضيون اڳيئي سم هيٺ اچي
ويون آهن. ٻين ۾ وري ايترو ڪلر ٿي پيو آهي جو اتي
سارين کان سواءِ ٻي ڪا پوک نٿي ٿي سگهي. ڪن هنڌن
تي ته ساري به نٿي ٿئي. اتي جو ڪجهه اُڀري ٿو ته
رڳو پن، لئي وغيره. اهڙيءَ ريت وڏيون ايراضيون وري
پوک کان چڙهنديون پيون وڃن ۽ ان جي جاءِ تي ڍنگر ۽
ڪانڊيري جا جهنگ وڌندا پيا وڃن. هيءَ حقيقت خاص
ڪري لاڙڪاڻي، دادوءَ ۽ خيرپور جي انهن ٽڪرن سان
لاڳو ٿئي ٿي، جن کي ’سارين جو تر‘ سڏيو وڃي ٿو.
اڪثر واهن جو مٿاڇرو ايترو مٿي ٿئي ٿو جو سيمو اڻ
ٽر ٿيو پوي. سيمي جي ڪري سم ۽ ٻيا لاڳاپيل آزار
منهن ڪڍن ٿا.
مختلف نباتاتي علائقن جون جنسون:
جيئن ته سنڌ ۾ مختلف آبهوا وارا ڪيئي علائقا آهن،
ان ڪري اها ڳالهه حيرت جهڙي نه آهي ته هتي وڻ ٻوٽن
جا ڪيئي اهڙا مجموعا آهن، جي پنهنجي پنهنجي علائقي
سان مخصوص آهن.
ڪوهستان جا وڻ ٻوٽا:
جيئن ته ڪتاب ۾ وڻ ٻوٽن جون مختلف جنسون سندن
لاڳاپيل قدرتي سلسلن هيٺ ڄاڻايون ويون آهن، ان ڪري
هت رڳو وڌيڪ اهڙي مکيه نباتات جو ذڪر ڪبو، جا هرهڪ
نباتاتي علائقي ۾ ٿيندڙ آهي. سو، ڪوهستان ۽ سنڌ جي
ٻين ٽاڪرو علائقن جا غالباً وڻ ۽ ٻوٽا هي آهن:
ائبوٽائلن گلوڪم، ائبوٽائلم انڊيڪم، ائبوٽائلم
ميوٽيڪم، اڪيشيا آربيڪا، اڪيشيا سينيگال، ايروئا
سوڊو ٽومينٽوسا، ايروٽا ٽومينٽوسا، ائسٽراگئلس
اسٽاڪسي ڪئپارس ائفائلا، ڪاميفورا ميوڪل، ڪارڊيا
راٿي، ڪروٽا لاريا بررهيا، ڊائميا ايڪسٽينسا،
ايمفوربيا ڪاڊو سيفوليا، گريويا پاپوليفوليا،
گريويا ولوسا، انڊيگوفيرا پاسيفلورا، لائشيئم بار
باٽم، ميموسا هئماٽا، پئوونيا اربيڪا، پراسوپس
اسپائسجيرا، پيريپلوڪا افائلا، رهازيا اسٽرڪٽا،
سئلواڊورا اوليوڊيس، سينرا انڪانا، سائڊا
گريويڊيس، زيزيفس روٽنڊيفوليا.
انهيءَ ساڳي جُوءِ يعني ٽاڪرو ۽ جابلو علائقي ۾
ٻوٽين جون هيٺيون جنسون ٿيندڙ آهن:
ائگراسٽس سپ، ائرسٽيڊا اسڪوپاريا، ڪليومي
برئڪيڪارپا، ڪليومي وسڪوسا، ڪنوولويولس گلومريٽس،
ايراگراسٽس سيليارس، يوقوربيا هرٽا، يوفوربيا
ٿائميفوليا، هيليوٽراپيئم انڊوليٽم، انولا
گراٽوائڊيس، ڪڪشيا انڪانا، لانيا سپ، ميلهاينا
ڊينهامي، مولگهه هرٽا، پئنيڪم سپ، پيني سيٽم
سينڪرائڊيس، پارٽولاڪا ڪئاڊريفائيڊا، سئلويا
ائجپٽياڪا، ٽراءِ ائٿيما پينٽانڊرا، زائگو فائڪم
سمپليڪس.
واريءَ جي ڀِٽَن جا ٻوٽا:
ٻين هنڌن تي نباتات زمين جي قسم يعني واري، رائي،
لوڻياٺ وغيره تي مدار رکي ٿي ۽ موجود آلاڻ جي
مقدار تي پڻ. واريءَ ۽ واريءَ جي ڀِٽن جي وڻ ۽
ٻوٽن جون غالب جنسون هي آهن:
اڪيشيا اربيڪا، ايئروٽا سوڊو ٽومينٽوسا، ڪئلوٽراپس
پروسيرا، ڪئپارس افائلا، ڪارڊيا راٿي، ڪروٽا لاريا
برهيا، يوفيوربيا ڪاڊيسيفوليا،گريويا پاپوليفوليا،
انڊيگوفيرا سپ، ليپٽاڊينيا اسپارٽيئم، ليشيئم
باربارم، براسوپس اسپائسيجيرا، سئلواڊورا
اوليوڊيس، سيريڪواسٽوما پاسيفلورم، ٽمارڪس
ڊايوايڪا، زيزيفس روٽنڊيفوليا.
انهن ايراضين سان لاڳاپيل وڌيڪ عام ٻوٽين جون
جنسون هي آهن:
آلٽرننٿيرا ناڊبلوارا، ائريسٽولوڪيا برئڪٽياٽا،
ايروئا سپ، ائسپريگس سپ، ائرسٽيڊافيونيڪولاٽا،
بوئرهاويا ڊفيوسا، سائٽرولس ڪولو سنٿيس، ڪليومي
برئڪيڪارپا، ڪريسا ڪريٽيڪا، سمبوپوگن سپ، سائپرس
سپ، ايڪينو ڪلوئا ڪالونا، ڊائميا ايڪسٽينسا، ايرا
گلاسٽس ٽنيلا، ايرا گراٽس سيليارس، سينڪرس
ڪئٿارٽيڪس، فارسيٽيا جئڪئيمانٽي، آئپومئيا
بائلوبا، انڊيگو فيرا ارجينٽيا، لانيئيا
ڪانڊريلوئڊيس، لانيئيا نيوڊيڪاليس، ليوڪس
آرٽيسئفوليا، ليپٽاڊينيا اسپارٽيئم، مامورڊيڪا
بلسامينا، مائروئا اريناريا، پينٽاٽراپس سپ،
پئنيڪم ٽرجيڊم، پينيسيٽم، سينڪرائڊيس، رز ڪوشيا
اريناريا سانڪس اوليرا سيوس، ٽراءِ ائنٿيما
مانوگائنا، زائگوفائلم سمپليڪس.
لٽاشي علائقي جا ٻوٽا: ڪڪرالي زمين:
لٽاشي علائقي ۾ ڪڪرالي زمين جا ٻوٽا هي آهن.
وڻ ۽ ٻوٽا:
اڪيشيا اربيڪا، اڪيشيا فارنيشيانا، ايئروئا
ٽرمينٽوسا، الگاگي ڪئملورم، ڪئلوٽراپس پروسيرا،
ڪاڊريا راٿي، ڪروٽالاريا برهيا، يوفوربيا
نيريفوليا، فئگوني ڪرٽيڪا،
گريويا
پاپوليفوليا، سئلويا ائجپٽياڪا، سيريڪا سٽوما
پاسيفلورم، سائڊ آگريوائڊيس، وٿانيا سامنيفيرا.
گاه ۽ ٻوٽيون:
ائرسٽيڊا ميوٽابلس، بوٿاويا ڊفيوسا، ڪليومي
پئپيلوسا، ڪارڪورس ائنٽي ڪورس، اليوسين سپ،
يوفيوربيا پائلوليفيرا، هيليو ٽرايم سپ،
انڊيگوفيرا ٽينئفيوليا، ٽاءِ بولس سپ.
ڪلراٺي زمين ۾ نباتات قدرتي طرح تمام ٿوري ٿئي ٿي.
اهڙيءَ زمين ۾ هيٺيون جنسون ٿين ٿيون.
ائلوروپس ولوسس، آرٿرونيمم انڊيڪم، سلسولا فوٽيڊا،
اسڪئوولا فروٽيسينس، سئيڊا فروٽيڪوسا، سئيڊا نيو
ڊيفلوترا، سئيڊا مانئيڪا.
ڳوٺن لڳ ملندڙ ٻوٽا:
انساني رهائش سان لاڳاپيل حياتياتي سبب جي ڪري
ڳوٺن جي ڀرپاسي واري نباتات نرالي ٿئي ٿي. لٽاشي
ٽُڪري ۾ ڳوٺن لڳ پوکيل يا پنهنجو پاڻ اُڀرندڙ ٻوٽا
هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
وڻ ۽ ٻوٽا:
اڪيشيا ربيڪا، البيزيا ليبيڪ، ائزا ڊئراڪٽا، ڪاسيا
فسٽولا، ڪازرينا اڪئيسيٽي فوليا، ڪارڊيا مائڪسا،
يوجينيا، جموبولنس، يوفوربيا ٽائروڪلي، مئنجيرا
انڊيڪا، مورنگا پٽيريگو اسپرما، ميوزا سيپنٽم،
پارڪنسوينا سپ، پٿيڪولابيئم ڊلسي، فونڪس سپ،
پراسوپس اسپاسيجيرا، ٽرميناليا، ڪئٽاپا زيزوفس
جوجوبا.
ٻوٽيون:
ائبوٽيلن سپ، ائڪيرانٿيس اسپيرا، ائمارنٿس سپ،
ڪمينوپوڊيئم آلبم، ڪينوپوڊيئم، ميوريل، ڪوڪورس
ٽرائڊينس، ڊئٽورا سپ، سائڊا اسپائنوسا، سولينم سپ،
يوفوربيا هائپر يسفوليا، يوفوربيا هرٽا، ٽراءِ
ائنٿيما سپ.
پاڻي وارا ۽ سڪي- پاڻيءَ وارا ٻوٽا:
سنڌ اندر کڏون کوٻا، تلاءُ ۽ مندائتيون ڍنڍون پڻ
جام آهن، جي پاڻيءَ وارن ۽ سڪي پاڻيءَ وارن ٻوٽن
سان ڀريل ٿين ٿيون. انهن ٻوٽن جون ڪي جنسون هي
آهن:
ائپانوجيٽم سپ، سيراٽو فائيلم ڊمرسم، ڪوئڪس
ائڪئاٽيڪا، ڪانوالوولس سپ، ڪرائنم ايشيا ٽيڪم،
سائپيرس سپ، هائڊريلا ويڪٽيملاٽا، آئپومائيا
ائڪئاٽيڪا، نمفيئا ريوبرا، پئنيڪم سپ، پاليگونم
پليبيجم، نارگمائش ڪارڪا، سرپس اسڪئاروسس، ٽمارڪس
سپ، ٽرئپا باءِ اسپائنوسا، ٽائيفا ايليفنٽينا،
والسنيريا اسپائرالس.
سامونڊي ڪپر جي ڀر وارا ٻوٽا:
سنڌ جي سامونڊي ڪپر لڳ واريءَ ۾ هيٺيون جنسون
ٿيندڙ آهن.
ائليوروپس سپ، سائپيرس سپ، ايڪينوڪلوئا سپ،
آئپومائيا بائلوبا، اورئزا ڪوآرڪٽاٽا، فرئگمائٽس
ڪارڪا، ٽمارڪس سپ.
سامونڊي ڪپر تي کارين ۾ تمر وارن علائقن لڳ، مٿي
ڄاڻايل جنسن کان سواءِ هيٺيون جنسون ٿين ٿيون.
آئپومائيا ائڪئاٽيڪا، ائٽرائپليڪس، اسٽاڪي سلسلولا
فوٽيڊا، سئيڊا سپ.
’تمر‘ ٻوٽا:
محفوظ کارين ۽ درياء جي ڇاڙن وارين ڌٻُڻين ۾ تَمر
ٻوٽي جون هيٺيون جنسون ملن ٿيون.
ائجيسيرس ماجس، اويسينيا آفيسينالس، برو جيئرا
جمنوريزا، سيرياپس ڪئنڊولينا، ريزوفورا مڪروناٽا،
ريزو فورا ڪانجوگاٽا.
باب پنجون
آڳـاٽـا اهـڃـاڻ
سنڌ ۾ تاريخ کان اڳ جو زمانو
سنڌ- هندستان- پاڪستان ننڍي کنڊ جو ڀاڱو هجڻ ڪري
آڳاٽن اهڃاڻن جي لحاظ کان يوريشيا جي ڏاکڻي علائقي
ڪمربند جو حصو آهي. هيءُ ڪمربند ٽن وڏن علائقن ۾
ورڇيل آهي: مٿاهون ايشيا ۽ ايران، هندستان-
پاڪستان ننڍو کنڊ ۽ هند چين ۽ ملايا ڏاکڻو ڪمربند
ڀونوچ سمنڊ منجهان لنگهندو پاڪستان ۽ هندستان
تائين هليو وڃي ٿو ۽ اڳ تاريخ جي لحاظ کان گهڻي
ڀاڱي اڻڄاتل آهي. هندستان- پاڪستان ننڍو کنڊ ٽرشري
زماني کان اُچن ٿڻيارن (Primates)
جو پسنديده گهر رهيو آهي، ۽ سواليڪ ٽڪريون، جيڪي
هماليه جبل جو کاڄي ڌار ٿيل ڪنو آهن جو پوءِ لهري
(Folding)
سبب مٿي ٿيو هو، تن مان مايوسن کان وٺي مٿين
پلايوسين تائين مختلف ايامن سان واسطو رکندڙ پٺيءَ
هڏاوان جانور لڌا آهن. پر سنڌ ۽ خيرپور جي علائقي
۾ انهن اُچن ٿڻيارن توڙي ماڻهوءَ جا ڪي به اهڃاڻ
نه مليا آهن. هلندڙ صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ ٽيرا،
پئٽرسن ۽ ڊي. ڪارڊن وارن مٿين سنڌو ماٿريءَ جي لٽ
۽ رءُ کي هماليا تان برفاني ڇپن جي آندل پهڻ، مٽي
وغيره جي ڍيرن (Moraine)
سان هم نسبت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. برفاني ڇپن جي
ٽين چرپر (Glaciation)
جي ڪري ٺهيل سٿن کي ’پوٽوهار سٿ‘ سڏيو وڃي ٿو. اهي
سٿ پاڙ وٽ ڪڪريءَ جا آهن ۽ مٿان هلڪي رنگ جي سنهي
مٽيءَ (Loess)
جا تهه اٿن. سنهي مٽي جا اهي سٿ ڏسي آڳاٽن اهڃاڻن
جي ڄاڻن کي چين ۽ يورپ جا سنهي مٽيءَ وارا سٿ ياد
اچيو وڃن. پوٺوهار سٿن جي پاڙ واري ڪڪري کوٽي ڏٺي
وئي ته پتو پيو ته اتي ڪا بلور جهڙي وڏين وڏين
پٿرين جي صنعت هئي. پٿرين جي انهيءَ صنعت کي ’سون‘
سڏيو وڃي ٿو.
پلئسٽوسين ايام دوران آيل آبهوا جي دؤرن کي يورپ ۾
۽ شايد ڏکڻ هندستان ۽ آفريقا جي تن هنڌن تي آيل
ساڳين دورن سان هن نسبت ڪري سگهجي ٿو، جتي برفاني
ڇپن جي چرپر ڪري ٿيندڙ کاڌ جي جاءِ برساتن ڪري
ٿيندڙ کاڌ ورتي هئي. پروفيسر اسٽوئارٽ پگٽ پنهنجي
ڪتاب ’تاريخ کان اڳ وارو هندستان‘ (Pre-
historic India)
۾ انهيءَ ڳالهه تي راءِ زني ڪندي چوي ٿو ته اوزارن
ٺاهڻ جي ٻن مکيه روايتن جو ڏس ملي ٿو: پهرين
هندستان- پاڪستان ننڍي کنڊ جي اُتر ۾، جا سندس
انومان موجب ساڳين پهڻ جي ڇل منجهان اوزارن ٺاهڻ
(Flake tools)
جي صنعتن سان لاڳاپيل هئي، جيڪي اوڀر ايشيا جي
ڪيترن ماڳن ۾ سڃاتيون ويون آهن. ٻي روايت آهي ته
ڇل ٿيل پهڻ منجهان اوزارن ٺاهڻ
(Core tools)
جي. هيءَ صنعت آفريقا ۽ اولهه يورپ ۾ پڻ موجود
هئي. جيتوڻيڪ انسان جي ڪا به پنڊپهڻ ٿي ويل باقيات
نه ملي آهي، تنهن هوندي به اسٽوئارٽ پگٽ عارضي طرح
اهو مڃڻ تي مائل آهي ته پهڻ جي ڇِل وارن اوزارن جي
روايت جا باني متان انساني ارتقا جي جهوني
پئلئنٿراپڪ شاخ وارا ماڻهو، جهڙوڪ باندر- ماڻهو،
هجن، ۽ ته ڇل لٿل پهڻ جا اوزار هاڻوڪي انسان جا
جهوني ۾ جهونا عيوضي ٺاهيندا هوندا.
پوٺوهار (راولپنڊي ڊويزن) ۽ پهڻ جي ڇل منجهان ٺهيل
وڏا ڪُڍنگا اوزار لڌا ويا آهن، جن بابت سمجهيو وڃي
ٿو ته اهي هيٺين پلئسٽوسين ايام جي بنهه پڇاڙيءَ
جا ۽ جاوا جي اوائلي باندر ماڻهن جا سهيوڳي آهن.
ڇل جي اوزارن جي هيءَ صنعت ’اڳ سون‘ سڏي وڃي ٿي،
جنهن مان مراد آهي ته اها سون نديءَ واري ماٿري ۽
جهوني پهڻ واري زماني جا جيڪي تمدن هئا، تن جي
مکيه سلسلي کان اڳ جي آهي. سون ندي اڳوڻي پنجاب ۾
پوٺوهار علائقي ۾ آهي ۽ سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سون ماٿري جي اوائلي صنعت ۾ اوزارن جا ٻه مکيه قسم
ملن ٿا: پهرين قسم جا اوزار گول پٿرين منجهان ٺهيل
آهن ۽ ٻئي قسم جا ٿلهي ڳري ڇل منجهان ۽ ڪُڍنگن ڇِل
لاٿل پهڻن منجهان ٺهيل آهن. سنڌ ۾ پهڻ واري زماني
جون وٿون ٿوريون ۽ ڇڙوڇڙ هٿ آيون آهن. سنڌ ۽
خيرپور جي علائقي ۾ پهڻ جي جهوني توڙي نئين زماني
جي منزلن جي جوڳي درجي بندي ڪرڻ ۽ انهن کي يوريشيا
جي ڏاکڻي ڪمربند جي ٻين ڀاڱن جي وٿن سان هم نسبت
ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻي کوجنا جي ضرورت آهي.
سنڌ ۾ پهڻ جي ننڍڙين وٿن جا ڪيترائي نمونا لڌا ويا
آهن، پر چئي نٿو سگهجي ته آڳاٽن اهڃاڻن جي دفترن ۾
انهن جي اصل جاءِ ڪهڙي آهي. اسٽوئارٽ پگٽ انهيءَ
ويچار جو آهي ته متان پهڻ جون اهي ننڍڙيون وٿون
پهڻ جي جهوني زماني وارين صنعتن مان وڌيڪ سڌريل يا
خاص صنعت ڏانهن ترقيءَ جو ڏس ڏينديون هجن، ۽ هو
صاحب ائين وسهڻ ڏانهن مائل آهي ته پاڪستان ۽
هندستان جون پهڻ جي ننڍڙين وٿن واريون صنعتون نون
ماڻهن، شايد اولهه جي طرف کان، جي اچڻ ڏانهن اشارو
ڪن ٿيون. پر اهو نٿو چئي سگهجي ته جن لوڪن پهڻ جون
اهي ننڍڙيون وٿون ٺاهيون هيون، سي پهڻ جي جهوني
زماني وارن لوڪن جيان شڪاري ۽ کاڌو ميڙيندڙ هئا يا
ڪڙمت ڪندڙ. اُتر پاڪستان جي ماڳن ۾ جيڪي پهڻ جي
نئين زماني جهڙيون ٽڪيل پهڻ جون ڪهاڙيون تمام گهڻي
تعداد ۾ لڌيون آهن، تن کي ڏسي اهو ته سمجهي سگهجي
ٿو ته ضرور ڪا تمدن جي سڌريل پد تي پهتل وڏي
آدمشماريءَ هوندي، پر اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي
سگهيو آهي ته انهن وٿن جو بلوچستان ۽ سنڌ جي
اوائلي ۾ اوائلي ڪڙمت ڪندڙ لوڪن جي وٿن سان ٽڪرن
جي تهبندي جي لحاظ کان (تاريخي ارضيات، جو ڪو لڳ
لاڳاپو هو يا نه؟)
چئمبرز انسائيڪلوپيڊيا جي تازي ڇاپي ۾ انهيءَ
موضوع تي جيڪو ليک شامل آهي، تنهن جو لکندڙ ڄاڻائي
ٿو ته پوٺوهار ۾ مٿين پلئسٽرسين ايام جو جيڪو هلڪي
رنگ تي سنهي مٽيءَ ۾ سٿ آهي، تنهن جي ڇل منجهان
ٺهيل نفيس اوزار يورپ ۽ اولهندي ايشيا جي موسٽيرين
دور سان واسطو رکندڙ ڇل جي اوزارن سان گهڻي مشابهت
رکندڙ آهن. ٻئي مرحلي ۾ اشولئين دور سان واسطو
رکندڙ ٻه منهان (Two
Faces)
۽ چيرڻا ملن ٿا. مٿين پلئسٽوسين ايام جي آخري
مرحلي ۾ اوزارن جا ٽي مکيه گروهه سڃاتا ويا آهن،
جن مان هڪڙو موسٽيريئن دؤر واري روايت کي سون
اشوليئن ڏانءُ تي قائم رکي ٿو. ساڳيو ليکڪ وڌيڪ
چوي ٿو ته پلئسٽوسين ايام جي پڄاڻيءَ وقت هڪ وڏي
ثقافتي يلغار ٿي هئي، جنهن پاڻ سان ڳاري، سنگ بشب
۽ اهڙي ٻين بي شڪل پهڻن مان ننڍڙين وٿن ٺاهڻ جون
صنعتون آنديون هيون. اهي صنعتون اڳين زماني جي
بلورجهڙي پهڻ مان وڏين وڏين وٿن ٺاهڻ جي صنعتن کان
بنهه نراليون هيون. انهيءَ يلغار بابت ايئن نٿو
سمجهيو وڃي ته ڪو ان ڏيهي ماڻهن کي نابود ڪري ڇڏيو
هو. اهو ڏيهي ماڻهو تنهن زماني تائين موجود هئا،
جڏهن پهڻ جي نئين توڙي ان کان اڳ واري زماني جا
پالش ٿيل ٽيڪم ۽ ڪهاڙيون ٺڪر جي اوائلي ٿانوُن سان
سهيوڳ ۾ استعمال ٿينديون هيون. پهڻ جا ننڍڙا اوزار
پهڻ جي نئين زماني تائين رائج هئا، پر پوءِ اولهه
۽ اوڀر کان ٿيندڙ ڪاهن جي سلسلي ۾ غائب ٿي ويا.
اولهه جي پاسي کان ٿيل ڪاهه هند- يورپي لوڪن جي ۽
اوڀر جي پاسي کان ٿيل ڪاهه انڊونيشي لوڪن جي هئي.
سنڌ ۾ پهڻ وارو زمانو:
هن علائقي اندر پکڙيل ڪيترن ئي ماڳن تان ٽُڪيل پهڻ
جون ڪهاڙيون تمام گهڻي تعداد ۾ مليون آهن. اهي
ڪهاڙيون جنهن قسم جون آهن، سو پهڻ جي نئين زماني
واري تمدن سان واسطو رکندڙ ڄاتو وڃي ٿو. ٽڪيل پهڻ
جون اهي ڪهاڙيون گهڻو ڪري پهڻ منجهان ننڍڙيون
وِٿون ٺاهيندڙ لوڪن ڏانهن منسوب ڪيون وڃن ٿيون، پر
جن ماڳن تان اهي لڌيون آهن، تن جو بلوچستان ۽ سنڌ
جي اوائلي ۾ اوائلي ڪڙمت ڪندڙ لوڪن سان ارضياتي
تاريخ جي لحاظ سان پورو لاڳاپو معلوم نه ٿي سگهيو
آهي. روهڙي، سکر ۽ ڪراچيءَ لڳ ڊرگ روڊ ۾ اهڙي صنعت
ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي سکر جي چُن- پهڻ مان ڳاري ۽
چقمق جي ڇل مان اوزار جوڙيا ويندا هئا. انهيءَ
صنعت جا ڪجهه ڊگها سنها ڦر (ڪات) ۽ پهڻ جا اهڙا
مخروطي ڳنڍا هٿ آيا آهن، جن جي ڇل منجهان مذڪوره
ڦر ٺاهيا ويا هئا. هي اوزار سوڌ پوڌ اهڙا ئي
سمجهيا وڃن ٿا. جهڙا سنڌوءَ ماٿريءَ واري تهذيب جي
هڙاپا (منٽگومري ضلعو) ۽ موهن جي دڙي وارن ماڳن
توڙي سنڌ ۾ آمريءَ ۽ بلوچستان ۾ زوب ماٿريءَ وارن
اڳوڻن تمدنن ۾ استعمال ٿيندڙ هئا، تاهم، ڪجهه ٻيا
اوزار اهڙا به آهن، جيڪي ڪنهن پاڻ وهيڻي ۽ شايد
اوائلي روايت جو ڏس ڏين ٿا، جڏهن ته اڃا به ٻيا
اواز اهڙا آهن، جي روهڙيءَ واري صنعت جي نسبتي طرح
وڌيڪ آڳاٽي هجڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، انهن اوازن ۾
ڇل لٿل پهڻ ڦرن کان سواءِ ليوالوءِ (Levallois)
طرز جي ڇل ۽ ڪهاڙيون پڻ شامل آهن.
مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي اهم تصنيف ”سنڌ جون
جهونيون وٿون“ مختصر تاريخي جائزي سان (Antiquities
of Sindh with Historical Outline)
۾ چوي ٿو: ”سنڌو ماٿريءَ ۾، خاص ڪري روهڙيءَ ۽ سکر
وٽ، جيڪي تاريخ کان اڳ جون اوائلي ۾ اوائلي وٿون
لڌيون ويون آهن، سي پهڻ جي ڇل ۽ ڇل لٿل پهڻ آهن،
انهن وٿن جا ٺاهيندڙ پهڻ جي نئين زماني جا لوڪ هئا
۽ اهي نمولائيٽي چن- پهڻ جي ٺاهيندڙ پهڻ جي نئين
زماني جا لوڪ هئا ۽ اهي نمولائيٽي چن- پهڻ جي چقمق
مان ٺهيل آهن.“ انهن هٺييون ليک ڪلڪتي جي اڳ
تاريخي جهونين وٿن واري عجائب گهر جي ڪئٽالاگ (Raisonne)
تان کنيو ويو آهي. ”سنڌ ۾ سکر ۽ روهڙيءَ ويجهو
ٽڪرين تي پهڻي ڇل ۽ ڇل لٿل پهڻ جا اڻپورا اوزار
چڱي انداز ۾ لڌا آهن، جي چقمق مان ٺهيل آهن. اهو
چقمق نمولائيٽي چن- پهڻ ۾ گهڻو ٿئي ٿو. گهڻا ڇل
لٿل پهڻ ٽي کان چار انچ ڊگها آهن، ڪي اڃا به ننڍا
آهن، پر سکر ۾ سنڌونديءَ جي پيٽ مان ساڳي مادي جا
ڪي پورا ۽ لسا ڇليل پهڻ به لڌا ويا آهن.“ درياهه
جي پيٽ مان اڳ ۾ لڌل وٿون سرجان ايونس بيان ڪيون
آهن، جڏهن ته پوءِ وارا نمونا ڊبليو. ٽي. بلائفورڊ
ڄاڻايا آهن. پويون صاحب لکي ٿو: ”بنا شڪ شبهي جي
اهي ڇل لٿل پهڻ پوءِ جي زماني جا آهن. هيل تائين
ننڍي کنڊ جي ٻين ماڳن تان جيڪي به اهڙا لٿل پهڻ
لڌا ويا آهن، هي انهن کان گهڻا وڌيڪ خبرداريءَ سان
ٺهيل آهن ۽ ساڳي مادي مان ٺهيل ٻين عام ڇل لٿل
پهڻن کان ايترا ته اُچا آهن جو، جيئن مسٽر ايونس
’ارضياتي مخزن‘ (Geological
Magazine)
۾ چيو هو، اهي ڪجهه ڪجهه ميڪسيڪو ۽ ڪن ٻين هنڌن
تان آبسيڊئين پهڻ مان ٺهيل وٿن جهڙا آهن. مسٽر
فيڊن کي ڪيترن ڇل لٿل پهڻن ۾ هڪ خصوصيت نظر آئي
هئي، جا مون کي ياد نٿو پوي ته اڳ ڏٺي اٿم، اها
خصوصيت هيءَ آهي ته انهن مان ڪيترا پاڙ وٽ هٿ سان
ڇليل تراکڙي مٿاڇري جو ڏيک ڏين ٿا. سڀني حالتن ۾
مادو نمولائيٽي چقمق آهي. آءٌ ايئن ٿو وسهان ته
سنڌونديءَ مان لڌل ڇل لٿل پهڻ ڪن ٻين ماڻهن ٺاهيا
هئا، ۽ نه انهن جيڪي ڀر وارين ٽڪرين تي پهڻ جي ڇل
مان شيون ٺاهيندا هئا. اهو متان ان ڪري هجي ته ڪي
وڌيڪ سڌريل ڇل ٺاهيندڙ درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي
ويٺا هجن، جڏهن ته سندن گهٽ- ماهر سهيوڳي ڀروارين
ٽڪرين ۾ گهمندا رهندا هجن ۽ کانئن وڍڻ جا اوزار
وٺڻ لاءِ ايندا هجن، يا ٿي سگهي ٿو ته اهي وڌيڪ
سڌريل ماڻهو پوءِ جي زماني جا هجن، جڏهن ڇل ٺاهڻ
جو هنر وڌيڪ سڌري ويو هجي. اهو پڻ ممڪن آهي ته سٺي
ڇل چونڊي درياهه جي ڪنڌيءَ تي گهرن ڏانهن نيئي
ويندي هجي ته جيئن انهن منجهان داٻ وسيلي وڍيندڙ
ڇلون ٺاهي سگهجن، جڏهن ته ڪسيون شيون هڪدم واپرائي
يا اڇلائي ڇڏيندا هوندا. ڪجهه به ٿيو هجي، پر هيءَ
ڳالهه يقيني آهي ته مون درياهه جي پيٽ مان لڌل
جيڪي به نمونا ڏٺا آهن، سي تمام عمدا ٺهيل آهن ۽
منجهن ڪا خامي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ۽ جيتوڻيڪ ٽڪرين تان
ملندڙ ڇل لٿل پهڻن ۾ ڪو ڪو عمدو ۽ سٺو ڇليل به ٿي
سگهي ٿو، پر گهڻا ڀڳل يا اڻپورا ٿين ٿا. اهي ڇل
لٿل پهڻ ليفٽيننٽ ٽويملو آر. اي. ڳولي ڪڍيا هئا ۽
درياهه جي پيٽ ۾ ٽڪر کان ٽي فوٽ هيٺ مليا هئس.
نمونا چقمق پهڻن جي ڪٺ مان آهن، جي ڏيڍ کان ٻه فوٽ
ٿُلهن تهن جي شڪل ۾ هڪ ٻئي سان ڳتيل هئا. اهي تهه
چن- پهڻ تي بيٺل هئا، جو سچو نمولائيٽي چن- پهڻ
ثابت ٿيو. چن پهڻ نمولائيٽ لئويگاٽا ((Laevigata
سان ڀريل ۽ رءُ جي سٿن سان ڇانيل هو.“
سنڌ مان لڌل پهڻ واري زماني جي وٿن جي آڌار تي
تمدني اثرن بابت هي جيڪي اڻ چٽا ۽ منجهيل نتيجا
ڪڍيا ويا آهن، سي ظاهر ڪن ٿا ته هيٺينءَ سنڌو
ماٿري اندر پهڻ واري زماني کان رائج تمدنن جي
سائنسي اپٽار کان اڳ گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ تمام
وڏي پئماني تي ميداني پڙتال جي ضرورت آهي. سچ پچ
ته سنڌ ۾ انهيءَ زماني وارن تمدنن جو اڀياس اڃا
شروعاتي مرحلي ۾ آهي.
هلندڙ صديءَ جي ٽين ڏهاڪي ۾ مسٽر جي. اي. ايل.
ڪارٽر ڪجهه وقت حيدرآباد لڳ گنجي ٽڪر تي چن- پهڻ
واري قطار ۽ درياهه جي ٻيءَ ڀر ڪوٽڙيءَ وٽ پهڻ
واري زماني جا اوزار ڳولڻ ۾ گذاريو هو، جو کيس پڪ
هئي ته اهي انهن هنڌن تان ضرور لڀندا. هن جو نظريو
هو (جو صحيح به ٿي سگهي ٿو) ته سنڌ جو علائقو جيئن
ته هڪ اهڙي پورالي درياهه جي لوڙهي آندل لٽ مان
جڙيل هڪ وسيع ميدان آهي، جيڪو آبڪلاڻيءَ جي مند ۾
ڪيئي ميل ڦهلجي وڃي ٿو ۽ جيئن ته اتي چن- پهڻ جون
ڪيتريون ٽڪريون پکڙجندڙ ٻوڏن کان مٿي رهنديون آهن،
ان ڪري اتي پهڻ وارن زمانن ۾ وڻجار ڪيون واٽون
ضرور سڀني کان سڻاوا دڳ وٺنديون هونديون ۽ اهي دڳ
ضرور انهن ٽڪرين مٿان هوندا. هن صاحب پنهنجي ڳولا
جي نتيجي ۾ پهڻ جا اوزار گهڻي ڀاڱي ڇل جون ڪاتيون
۽ کرَپيون، ڪٺا ڪيا. هن جي اها ڪٺ بمبئي جي پرنس
آف ويلس عجائب گهر قبول ڪئي هئي، جتي ان جو اڀياس
ڪري سگهجي ٿو. پر مسٽر ڪارٽر ڪو جهونين وٿن جو
سکيا ورتل ڄاڻو نه هو، ۽ اڄ ماهرن کي انهيءَ ڳالهه
۾ شڪ آهي ته سندس گڏ ڪيل پهڻ جي اوزارن مان گهڻا
واقعي ان نوعيت جا آهن، جنهن نوعيت جو هن انهن کي
سمجيو ٿي.
سنڌ ۾ پهڻ جا يادگار:
سنڌ ۾ مختلف قسم جا گهڻائي پهڻيار يادگار آهن. ڪٿي
اهرام جهڙا ڍير (Cairn)
آهن ته ڪٿي ٻن اُڀن پهڻن تي هڪ سنئون پهڻ پيل (Cromlech)
آهي ۽ ڪٿي وري پٿراوان لوڙها آهن. پهرين ٻن قسمن
جون اڏاوتون عام طرح ’ڪافرن جون قبرون‘ سڏيو وڃن
ٿيون. سندن عمر کڻي ڪيتري به هجي (۽ اها عمر وچين
زماني کان ڪا گهڻي آڳاٽي نٿي سمجهي وڃي)، اهي پڪ
ئي پڪ انهن ماڻهن جو ڏس نٿا ڏين، جيڪي پهڻ جي
پراڻي توڙي نئين زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ اندر رهندڙ
هئا. هن گزيٽيئر جي انهن ضلعي جلدن ۾ انهن پهڻيار
يادگارن بابت ٿورو گهڻو احوال ڏنل آهي، جتي اهي
واقع آهن. واسطو رکندڙ جلدن ۾ انهن جو ذڪر ڪندي
انهن جي نوعيت تي پڻ روشني وڌي وئي آهي.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب:
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي قدر و قيمت هن صديءَ جي
ٽئين ڏهاڪي تائين محسوس نه ڪئي وئي هئي. جڏهن
پنجاب ۾ منٽگومريءَ لڳ هڙاپا جي ۽ سنڌ ۾ لاڙڪاڻي
لڳ موهن جي دڙي جي عملي طرح هڪ ئي وقت کوٽائي ٿي،
تڏهن وڃي آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن کي پاڪستان جي
اُتر- اولهه ۾ هڪ وسيع ۽ جهوني تهذيب جي هجڻ جو
پتو پيو. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي هيءَ دريافت
شايد اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي ڌاري سر آرٿر ايونس
هٿان ڪريٽ جي منوئا تهذيب جي دريافت کان پوءِ
آڳاٽن اهڃاڻن جي وڏي ۾ وڏي دريافت آهي.
سنڌو ماٿريءَ ۾ تهذيب جي هجڻ جو گمان گهڻي وقت کان
ڪيو ٿي ويو، سچ پچ ته راقم الحروف جڏهن موهن جي
دڙي جي کوٽائي شروع ٿيڻ کان ٽنڊي ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر
هو، تڏهن حيدرآباد ضلعي جي بدين واري تر ۾ رهندڙ
ماڻهن کان ٻڌندو هو ته بدين ۾ دڙن هيٺان جهونا شهر
پوريل آهن. في الحقيقت بدين ۾ ڪوبه جهونو شهر ڪو
نه لڌو ويو آهي پر اهو عين ممڪن آهي ته تَر جي
ماڻهن جي چوڻ ۾ ٿورو ڪي گهڻو سچ هجي، هڪ لحاظ کان
هڙاپا ۽ موهن جو دڙو، ٻنهي جي دريافت اتفاقي هئي.
هڙاپا وارو ماڳ اڻويهين صدي جي ڇهين ڏهاڪي جي وچ
ڌاري لڌو هو، جو زمانو اتر اولهه پاڪستان ۾ ريل جي
دور جي شروعات جو هو. برنٽن جي نالي سان ٻه
انجنيئر ڀائر هئا. جان برنٽن سنڌ اندر سنڌونديءَ
جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ تائين ريل جو پٽو ٿي
وڇارايو. ڀاڻس وليم اولهه پاڪستان جي پنجاب واري
علائقي ۾ ساڳيو ڪم ڪرائيندي ريل جو پٽو روهڙيءَ
کان لاهور تائين ٿي وڌايو. جان کي برهمڻ آباد جي
شهر ۾، جو 711ع ۾ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي
تڏهن هڪ وسندڙ شهر هو، پڪين سرن جا ڍڳ هٿ آيا، جي
هن نئين ريلوي لائين لاءِ نيرم ڪري ڪم آندا.
هوڏانهن ڀاڻس وليم، منٽگو مري ضلعي ۾ نيرم لاءِ
واجهائيندي هڪ وڏو دڙو جو کوٽرايو ته هڪ جهوني شهر
جو پڊ نڪري پيو اهو جهونو شهر هاڻ هڙاپا سڏجي ٿو.
وليم برنٽن طرفان نيرم لاءِ هڙاپا واري ماڳ جي
کوٽائيءَ جنرل ڪننگهام جو ڌيان ڇڪايو، جنرل صاحب
1861ع ۾ فوج تان رٽائر ٿيڻ تي هندستان جي اُترئين
علائقي ۾ آڳاٽن اُهڃاڻن واري سروي جو ڊائريڪٽر
جنرل مقرر ٿيو. اهو جنرل صاحب جو حق آهي ته کيس
ننڍي کنڊ ۾ آڳاٽن اُهڃاڻن جو ابو ڪري مڃيو وڃي،
ڇاڪاڻ ته هو ئي هو جنهن 1856ع ۾ هڙاپا واري ماڳ
تان فندق هنديءَ جون اُڪريل مهرون ڳولي لڌيون
هيون- مهرون، جن بابت اسان کي هاڻ پتو آهي ته اهي
سنڌو ماٿريءَ جي اڳ تاريخي تهذيب جون آهن. انهن
مهرن تي ڪنهن نامعلوم ٻوليءَ جا اکر اُڪريل هئا ۽
منجهائن هڪڙيءَ تي ڍڳي جي شڪل نڪتل هئي. جنرل
ڪننگهام محسوس ڪيو ته اهي وِٿون ننڍي کنڊ جي
جهونين وٿن بابت تنهن زماني ۾ جيڪا ڄاڻ هئي، تنهن
جي دائري کان ٻاهر جي شيءِ آهن، ۽ کيس پڪ هئي ته
اهي اهم آهن. پر جنرل ڪننگهام طرفان 1856ع ۾ هڙاپا
۾ ڪيل هن دريافت جي اصل نوعيت 1920ع کان پوءِ ئي
پوري ريت سمجهي وئي. هڙاپا جي کوٽائي 1922ع ۾ راءِ
بهادر ديارام ساهيءَ جي هٿ هيٺ شروع ٿي ۽ ذري گهٽ
ساڳي وقت مسٽر آر. ڊي. بئنرجي موهن جي دڙي جي
کوٽائي شروع ڪرائي. انهن ٻن ماڳن جي کوٽائي ڏهن
ورهين تائين رکي رکي ٿيندي رهي ۽ انهي کوجنا جا
نتيجا سرجان مارشل جي يادگار تصنيف ۾ شايع ڪيا
ويا. سرجان 1902ع کان 1931ع تائين کنڊ ۾ آڳاٽن
اهڃاڻن جو ڊائريڪٽر جنرل هو. سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب جي هن تاريخ ساز دريافت جي سلسلي ۾ مٿين ٻن
صاحبن سان گڏ جن ٻين صاحبن جا نالا ياد رکڻ وٽان
آهن، سي آهن مسٽر ايم. ايس. وئٽس، مسٽر اين. ڪي.
ڊڪشٽ، مسٽر ارنيسٽ مئڪي، ۽ مسٽر اين. جي. مجمدار.
مسٽر مئڪي کي ڇڏي ٻيا سڀ آڳاٽن اهڃاڻن جا ڄاڻو
هندستان ۾ برطانوي سرڪار جي آڳاٽن اهڃاڻن واري
کاتي جا ملازم هئا. هتي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته
مسٽر اين. جي. مجمدار سنڌ ۾ کوٽايون ٿي ڪرائي ته
کيس کيرٿر جبل جي ڪن بروهي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو، ۽
اهڙيءَ هن سان 1938ع ۾ اها ٿي، جا موهن جي دڙي جي
زوال وارن ڏينهن ۾ ضرور عام ٿيندڙ هوندي، جڏهن
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي مرڻينگ ڪرڻ ۾ بلوچستان
جي ڦورن جي جُلهن جو به ضرور وڏو هٿ هوندو تنهن
کان پوءِ سنڌ ۾ موئن جي دڙي، چانهون دڙي ۽ ٻين
ماڳن جي کوٽائي 36-1935ع ۾ ٿي.
موئن جو دڙو:
چئمبرز انسائيڪلوپيڊيا (تازو ڇاپو) ۽ ’آڳاٽا
اهڃاڻ‘ بابت ليک جو لکندڙ چوي ٿو ته: سنڌو تهذيب
جي معلوم ماڳن جي ايراضي اولهه پاڪستان ۾ سڄيءَ
سنڌ ۽ سموري پنجاب سميت مڪران جي سامونڊي ڪپر کان
وٺي راجپوت جي ريگستان تائين ۽ ڪامبي جي نار کان
ويندي امبالا (هندستان) ويجهو روپڙ تائين ڦهليل
آهي، هيءَ ايراضي بابلي يا مصري سلطنتن کان يا
برطانوي ٻيٽن کان گهڻي وڏي آهي. حيرت جهڙي ڳالهه
آهي ته ايتري وسيع علائقي تي ڦهليل سنڌو تهذيب ۾
نوعيت جي لحاظ کان تمام ٿورا فرق ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽
اها پنهنجي تمدن جي مادي پيداوار ۾ حيرت انگيز طور
تي هڪجهڙي ۽ هڪ ڪُري هئي. 1944ع ۾، جڏهن لارڊ ويول
هندستان جو وائسراءِ هو، تڏهن ڊاڪٽر آر. اي. ايم
(هاڻ سر مارٽيمر) وهيلر کي برطانوي هندستان ۾
آڳاٽن اهڃاڻن جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن
صاحب اڃا وڌيڪ کوٽايون ڪرايون ۽ پوءِ 1950ع ۾ موئن
جي دڙي واري ماڳ جي وڌيڪ چوک چڪاس ڪيائين. موئن جي
دڙي بابت اڳوڻيءَ سنڌ سرڪار جي سهاري هيٺ ڇپيل هڪ
چوپڙيءَ اندر انهيءَ سلسلي ۾ چيل آهي: ”1950ع ۾
پاڪستان سرڪار طرفان ڊاڪٽر آر. اي. ايم. وهيلر جي
نظرداريءَ هيٺ ڪرايل اهم کوٽاين جي نتيجي ۾ موئن
جي دڙي جي تصوير اونداهي ماضيءَ مان مهانڊن جي
وڌيڪ چٽائيءَ سان اُڀري آهي. سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب جي اندروني تاريخ، ارتقا ۽ ٻين ڪيترن معاملن
کي سمجهڻ جي ابتدا ٿي، پر سڀني کان اثرائتي دريافت
هڪ وڏي ڀانڊي جي هئي. جو ڪوٽ واري دڙي تي هو. مٿي
چيو اٿئون ته موئن جي دڙي جو لڀڻ اتفاقي هو، ڇاڪاڻ
جو بئنر جي انهيءَ آڳاٽي تهذيب جا اهڃاڻ ڏسڻ نه پر
ماڳ تي بيٺل ٻُڌن جو هڪ ڦٽل يادگار (Stupa)
چڪاسڻ ويو هو. ان يادگار کي چڪاسيندي بئنرجي کي
احساس ٿيو ته ان جي هيٺان ڪا گهڻي گهڻي آڳاٽي ۽
ڪنهن بنهه نرالي تهذيب ۽ تمدن جي چيز پوريل آهي.
هاڻ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي ڪافي گهڻا ڪتاب
موجود آهن ۽ صحيح ٿيندو، جيڪڏهن هن گزيٽيئر ۾، جو
سنڌ تي سَنَد جي حيثيت رکي ٿي، ان ماڳ جو درست
نالو بيان ڪيو وڃي. ان کي
عام طرح ’موئن جو دڙو‘ لکيو وڃي ٿو، ڄڻ ته ان جو
هندن جي اوتار موئن سان ڪو لاڳاپو هجي. درحقيقت،
موئن جو دڙو خالص سنڌي اصطلاح آهي. ان جي صحيح لکت
’موئن جو دڙو‘ ٿيندي ’موئن‘ فعل ’مرڻ‘ جي اسم
مفعول جي گردان ۾ ڦريل جمع مفعولي حالت آهي. واحد
مفعولي حالت آهي ’مئو‘. ’دڙو‘ عام سنڌي لفظ آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ڍڳ يا ڍير. ٻوليءَ جي ڄاڻ جي
لحاظ کان ان جو ڌاتو هند يورپي چيو وڃي ٿو، جو
ڪيترين هند يورپي ٻولين اندر سجائي صورت ۾ اچي ٿو.
ڌاتوءَ جي معنيٰ آهي ’ڌرڻ‘ يا ’ڍير‘ يا ’ڍڳ ڪرڻ‘.
سو اهو ماڳ حقيقت ۾ جو ڪجهه آهي، ان لاءِ ’موئن جو
دڙو‘ بلڪل تُز نالو آهي، اهڙو جو ماڻهو ٻُڌڻ سان
سمجهي ويندو ته ان مان ڇا مراد آهي.
هن وقت تائين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جيتري قدر
کوٽي ڪڍي وئي آهي. تنهن مان لڳي ٿو ته اها ٻن وڏن
شهرن، هڙاپا ۽ موئن جو دڙو، ۽ الڳ الڳ پکيڙ جي
ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي وڏي تعداد تي مشتمل هئي.
سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌ علائقي اندر گهٽ ۾ گهٽ ٽي
ڪوٽ آيل ماڳ آهن. آيا هڙاپا ۽ موئن جو دڙو، سمير ۽
اڪاد (Akkad)
جي شهري رياستن وانگر، ٻن الڳ الڳ رياستن جون
گاديون هئا، يا آيا اهي هڪ ئي سلطنت جا ٻه وڏا شهر
هئا سو معلوم ته آهي پر ٿي سگهي ٿو ته سنڌو جي
هيٺين علائقي ۾ ته شهري رياستون هجن ۽ هڙاپا ۽
موئن جو دڙو ان جا ٻه مکيه شهر هجن. هيل تائين سٺ
کان وڌيڪ ماڳن ۾ هڙاپا ۽ موئن جي دڙي واري تمدن جا
عنصر مليا آهن. اهي ماڳ شملا ٽڪرين لڳ روپڙ ۽
بلوچستان جي ’سڪتاجن ڊوڙ‘ جي وچ ۾ آهن. سڪتاجن ڊوڙ
عربي سمنڊ جي ڪپر وٽ ڪراچي کان 300 ميل اولهه طرف
آهي. سرمارٽيمر پنهنجي ڪتاب ’سنڌو تهذيب‘ (Indus
Civilization)
۾، جو 1953ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ڄاڻائي ٿو ته شهر ۽
ڳوٺ، ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي. ميدان جا شهر ۽ ڳوٺ آهن ۽
منجهائن گهڻا سنڌوءَ ۽ ان جي ڏن ڀرو درياهن جي دڳ
سان آهن. ٻين اهڙن درياهن جي ڀرپاسي ۾ پڻ ماڳ لڌا
ويا آهن، جيڪي امبالا جي ڀرپاسي واري ٽاڪرو علائقي
کان ڏکڻ طرف وهن ٿا، جهڙوڪ: سرسوتي يا گهاگهڙ،
هاڪڙو يا واهندو، جي درياء اڳي پنهنجا پاڻي
بيڪانير ۽ بهاولپور جي ريگستاني زمين تي وڇائيندا
هئا، ۽ شايد سنڌونديءَ جي ريس ۾ واري منجها واٽ
ڪري وڃي عربي سمنڊ ۾ سنڌوءَ کان ڪافي پنڌ اوڀر طرف
ڇوڙ ڪندا هئا. 1951ع ۾ هندستان جي آڳاٽن اهڃاڻن
واري کاتي، مسٽر اي. گهوش جي اڳواڻيءَ هيٺ،
راجستان جي بيڪانير ڊويزن جي اُترين ڀاڱي ۾ خاص
ڪري اڳوڻي گهاگهڙ يا سرسوتي نديءَ سان لڳو لڳ ڪي
پنجويهه ماڳ سڃاتا هئا. جي اهي ماڳ صحيح سڃاتا ويا
آهن، ته پوءِ ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته پاڪستان ۽
راجپوتانا جي وچ ۾ سرحدي علائقي سان لڳو لڳ هڙاپا
جي تمدن وارا ماڳ جهڙوڪر هڪ سڳي ۾ پوتل هئا.
سنڌو ماٿريءَ جي ساٺيڪو ماڳن مان اڪثر سنڌ علائقي
۾ آهن. منجهائن گهڻا تمام ننڍا آهن. اهي ننڍا ماڳ
ٿي سگهي ٿو ته ملڪ جي حڪومت جون ٻاهريون چونڪيون
هجن. موئن جي دڙي کان سواءِ رڳو چانهون دڙي ۽
آمريءَ جي کوٽائي ٿي آهي. چانهون دڙو (36-1935) ۾
مسٽر ارنيسٽ مئڪي ۽ کانئس پوءِ مسٽر اين. جي.
مجمدار کوٽايو هو. آمريءَ واري ماڳ جي کوٽائي پڻ
مسٽر مجمدار ڪرائي، جتان ٺڪر جي ٿانون جي شڪل ۾،
ملهائتي ساک ملي آهي. چانهون دڙي جي اڃا موجود
باقيات 1000 ضربيان 700 فوٽن جي ايراضيءِ تي پکڙيل
آهي، پر عاميلاني جهڙي واهڻ جي مٿاڇري پکيڙ 300
ضربيان 200 فوٽن کان وڌيڪ ناهي. سنڌ ۾ علي مراد
وارو ماڳ ڪوٽ آيل لڳي ٿو. ڇا لاءِ جو اُتي هڪ 3
کان 5 فوٽ ڀت آهي، جا ڏنگي ڦڏي مستطيل ايراضيءَ کي
وڪوڙيو بيٺي آهي. هڪ ٻيو ڪوٽ آيل ماڳ سڪتا جن- ڊور
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو مڪران ۾ آهي. هت قلعي بندي وڌيڪ
مضبوط هئي ۽ عالم پناهه 125 وال ضربيان 170 وال
پکيڙ جي مستطيل ايراضيءَ کي وڪوڙيو ٿئي. هيءَ عالم
پناهه پهڻ جي ٿلهي ليکي چورس نادين جي ٺهيل هئي،
جي پاڙ وٽ ٽيهه ٽيهه فوٽ ويڪرين قطارن ۾ لڳل هيون
۽ ٻاهريون پاسو 40 ڊگرين جي ڪنڊ تي رکيل هئن. جيڪو
ٻيو ماڳ ڪوٽ آيل ڄاتو وڃي ٿو، سو ٿرڙي ٽڪر تي آهي.
اتي ڪوٽ ٻٽيءَ ڀت جو آهي. اهي ڀتيون ور وڪڙ، ڳري
اڏاوت واريون ۽ هڪٻئي کان 250 فوٽ پري آهن. هڪڙو
ٻيو ماڳ ڌلن جو ڪوٽ آهي، جتي پڻ هڪڙي آمري طرز جي
وسنديءَ کي آيل عالم پناهه جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
اسٽوئارٽ پگٽ پنهنجي ڪتاب تاريخ کان اڳ وارو
هندستان ۾ لکي ٿو ته عام طرح ڳوٺ بي بچاءُ ۽ ڪنهن
ڪوٽ يا بچاءُ دڙي کان سواءِ ڏسڻ ۾ اچن ٿا سنڌ ۾
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا ٻيا ماڳ پانڌي واهي
(هاڻي واهي پانڌي) ۽ غازي شاهه ۾ مليا آهن. هت
ماڻهن جي والار جا ڪيترائي اهڃاڻ مليا آهن. پر هاڻ
ڪي به جايون سڃاڻپ ۾ نٿيون اچن. ڪوهه تراش بٺيءَ ۾
مجمدار هڪ هنڌ کي تڙ جي جاءِ ڪري سڃاتو آهي. اهو
هنڌ در وٽ هڪڙي ڪوٺي جي ڪنڊ ۾ آهي. ساڳي گهر ۾ کيس
اهڙا اهڃاڻ به ڏسڻ ۾ آيا، جن مان هن ڀانيو ته هتي
ضرور ڏاڪڻ هوندي. ڏاڪڻ هجڻ جو مطلب هو ته گهر جي
ڇت يا ته تراکڙي هوندي يا ٻي ماڙ هوندس، جنهن تي
ڏاڪڻ تان چڙهي ويندا هوندا. سنڌ ۾ اهڙي ريت جيڪو
تمدن نروار ٿيو آهي، سو مادي وِٿن ۾ شاهوڪار
ڏيکارجي ٿو. اهي وٿون آهن جايون، عام ۽ وڻجارڪي
استعمال جون شيون، زيور ۽ رانديڪا، مورتيون ۽
شڪليون، مهرون ۽ مختلف نمونن جا ٺڪر جا اڪيچار
ٿانوَ. هڪ وار وري اسٽوئارٽ پگٽ جي ڪتاب ’تاريخ
کان اڳ وارو هندستان‘ مان حوالو ڏجي ٿو. هڙاپا ۽
موئن جي دڙي جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو: ”گرهڻ جي
فوڪسن جيان، هڪڙو شهر والار جي معلوم ايراضيءَ جي
اُتر طرف ۽ ٻيو ڏکڻ طرف واقع آهي، موئن جو دڙو سنڌ
۾ سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي ۽ هڙاپا پنجاب ۾ راويءَ
جي کاٻي ڪپ تي آهي.“ موئن جو دڙو باقاعدي ٺهيل هو.
شهري رٿا هڪٻئي وچان لنگهندڙ ويڪرين گهٽين سان
مستطيل طرز جي هئي ۽ گهٽين ۾ ناليون ٺهيل هيون،
گهٽين جي ويڪر 9 فوٽن کان 34 فوٽن تائين هئي ۽
ڪڏهن ڪڏهن اهي چڱو ڊگهو مفاصلو سڌيون هليون ٿي
ويون. جايون عمدين پر هلڪي باهه تي پچايل، سرن جون
هيون. ڪي گهر چڱا وڏا هئا ۽ وچ ۾ اڱڻ هئن. ڪن گهرن
۾ ڏاڪڻيون ۽ غسلخانا هئا ۽ ڪِن ڪچري لاءِ لاهيون (Chutes)
پڻ، جتان ڪچرو وڃي گهٽين ۾ ٺهيل پڪين سرن جي
خاڪدانن ۾ پوندو هو. موئن جي دڙي جي حيرت جوڳي
شيءِ کوهه هئا. اهي هيڏي ساري عرصي کان پوءِ به
استعمال لائق هئا. هن جهوني شهر جي شايد سيني ۾
عجيب شيءِ هڪ وڏو وهنجڻ- گهر هو. هڪ وڏي 170 فوٽن
ضربيان 95 فوٽ پکيڙ واريءَ جاءِ ۾ هڪ وڏو تلاءُ
هو. جو 39 فوٽ ڊگهو ۽ 23 فوٽ ويڪرو هو. اڄ جيڪي
ماڻهو اهو جهونو شهر گهمڻ اچن ٿا، سي سڀني کان
وڌيڪ اهو وهنجڻ گهر ۽ ڪي پشتن سان ويڪريون گهٽيون
ڏسي متاثر ٿين ٿا.
سرڪاري چوپڙيءَ ۾ ڀانڊي جو خاص طرح ذڪر ڪيو ويو
آهي. چوپڙي ڄاڻائي ٿي. ڀانڊو، جو ڪوٽ واري دڙي تي
واقع آهي، سو پنهنجي باقيات کان مشهور ماڳن جي
سڀني ۾ برک جاءِ آهي. سرن جا نهرا ڪعب جي 20 فوٽن
تائين اتانهان آهن، سي هڪڙو 50 والن کان وڌيڪ ڊگهو
۽ 25 وال ويڪرو بلاڪ ٺاهين ٿا. انهيءَ اوساريءَ
مٿان اصل ڀانڊو ڪاٺائين اٺي مان جوڙيو ويو هو.
بنياد راهدارين جهڙي پڃري يا هوا نالين سان ورهايل
هو، جيڪي ڀانڊي کي وائکو رکنديون هيون، اوتر واري
پاسي وٿيءَ يا پڌر سان هڪڙو ٿلهو هو. ٻهراڙي کان
ڏاند گاڏيون اُن جون ڳوڻيون آڻي پڌر ۾ لاهينديون
هيون. جتان اهي سانڍڻ لاءِ ڇڪي مٿي کنيون وينديون
هيون. ڀانڊي جو ايترو وڏو هجڻ ڏيکاري ٿو ته اها
سرڪاري جاءِ هئي ۽ انهيءَ لحاظ کان ڀر وارين
اڏاوتن سان مناسبت رکندڙ هئي. اناج جي شڪل ۾ ملندڙ
ڌَنَ ۽ محصول اُتي ايندا هئا ۽ ملڪ جي دولت ڏُڪر
کي منهن ڏيڻ لاءِ هتي سانڍي ويندي هئي. اهڙيءَ ريت
اها موئن جي دڙي جي آڳاٽي شهر لاءِ اسٽيٽ بئنڪ
توڻي خزاني جو ڪم ڏيندي هئي.“
اڃا تائين اهو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته موئن جو
دڙو ڪو ڪوٽ آيل شهر هو. 1944ع ۾ اهو رايو هو ته
شهر جو انتظامي مرڪز هڪ مضبوط ڪوٽ اندر هو، پر
پوءِ هيءُ رايو ٿيو ته موئن جي دڙي جي وڏي عام
مرڪز جي چوڌاري عالم پناهه هاڻ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي.
انهيءَ ڳالهه ۾ اهو هڙاپا کان مختلف آهي، ڇو ته
هڙاپا کي چوڌاري ڪوٽ آيل هو. انهيءَ ڪري اهو پڪيءَ
طرح چوڻ کان اڳ ته موئن جو دڙو هڪ ڪوٽ بنا کليل
شهر هو، جنهن جا رهاڪو امن امان جي حالت ۾ رهندا
هئا. وڌيڪ چوک چڪاس ڪرڻ ضروري آهي. هڪ اهڙي شهر ۾
جتي هڪ وڏو ڀانڊو هو جيڪو ٿي سگهي ٿو اسٽيٽ بئنڪ ۽
خزانو هجي ۽ جتي هڪ عظيم الشان وهنجڻ جو تلاءُ هو،
جيڪو شايد پاڪ پاڻي ڪرڻ جي ڪم به ايندو هو، اُتي
ڪنهن اهڙيءَ جاءِ جو نه ملڻ حيرت انگيز آهي، جنهن
جي مندر يا مذهبي جاءِ هجڻ جو امڪان هجي. موئن جي
دڙي توڙي هڙاپا ۾ ڪا ثابتي نه ملي آهي ته اتي ڪا
اهڙي جاءِ به هئي. هند سميري زماني (اٽڪل 3000 ق.م
کان 2000 ق.م تائين) جي شهرن جيان، موئن جو دڙو به
سرن جو جڙيل هو. اهي شهر واپارين جون وستيون هيون،
جن ۾ شهري حياتيءَ جو تمام اتانهون مادو هو ۽
پنهنجي سک ۽ آرام لاءِ آسائش جي هر ڪا شيءِ رکڻ
چاهيندا هئا. جيڪي اڏاوتون لڌيون آهن، اهي ساديون
۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪارج واريون آهن. انهن ۾ رهڻ جون
جايون، گدام، وهنجڻ گهر ۽ کوهه شامل آهن. شهر ۾
ڪني پاڻي جي نيڪال جو سرشتو تمام پيچيدو ۽ وڏي
پئماني وارو هو ۽ سچ پچ ته هاڻوڪي پاڪستان ۽
هندستان جي ڪيترن شهرن جي اهڙي سرشتي کان وڌيڪ
مڪمل هو. موئن جي دڙي وارا اصل ونگ کان اڻڄاڻ هئا.
جيڪي ونگ هئا. سي وڌاوڙي وارا هئا، پر ايئن وسهڻ ۾
ڪو اهم ڪونهي ته ڪاٺ مان اڏڻ جو هنر تمام ترقي ڪيل
هوندو. پر اڄ انهيءَ جو ڪو اهڃاڻ نٿو ملي.
اهي ماڻهو ڪير هئا، جن چار پنج هزار ورهيه اڳ
ههڙي پيچيدي تهذيب جوڙي هئي؟ هن سوال جو جواب
سولائي سان نٿو ڏئي سگهجي ۽ انهيءَ بابت آڳاٽن
اهڃاڻن جي ڄاڻن ۾ اڃا ته اتفاق راءِ موجود ڪونهي.
تاهم، گمان آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ تمدن
اوائلي سمير ۽ بابل جي تهذيب ۽ تمدن جي وچ ۾ خاص
ڪري ڪش (Kish)
جي اصل يا اڳ سميري تمدن سان ويجهيون مشابهتون
آهن. هن وقت ماهرن جو عام طرح هيءُ رايو آهي ته
پاڪستان ۽ ميسوپوٽيما جا اوائلي تمدن گهڻو ڪري هڪ
بُڻ مان ڦٽا هئا. هيءُ رايو فقط انهن وٿن تي ٻڌل
نه آهي، جيڪي موئن جي دڙي، هڙاپا ۽ بابل جي جهونن
شهرن ۾ لڌيون ويون آهن. بلڪ اهو رايو تمدني اڀياس
جي وڌيڪ وسيع بنياد تي ٻڌل آهي، انهيءَ ڏس ۾ طرز
جي تاريخ ۽ انهن هڪ جهڙاين تي ڀاڙيو ويو آهي، جيڪي
بابلي ديو مالا ۽ هندستان- پاڪستان ننڍي کنڊ جي
دراوڙن جي غيرجنسياتي روايتن جي پنٿ ۾ ملن ٿيون.
ائين وسهڻ لاءِ ڪو سبب نه آهي ته ميسوپوٽيما جو يا
پاڪستان جو اوائلي تمدن هُن مان يا هو هن مان ڦٽو
هو، يا ڪنهن به وقت ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪا ڏي وٺ ٿي
هئي. سنڌو تهذيب جي تمدن کي ”پهڻ- ٽامي وارو“ (Chalooli
thic)
سڏيو ويو آهي، پر اهو اصلاح بجاءِ خود اڻاسو آهي،
ڇو ته ان جي معنيٰ رڳو ايتري آهي ته ٽامي جا ۽ پهڻ
جا اوزار هڪ ئي وقت استعمال ٿيندي مليا آهن. اهو
تمدن اوائلي پهڻ- ٽامي وارو آهي ۽ اهو ائڊرياٽڪ
سمنڊ کان اوڀر ۾ پري جاپان تائين ڦهليل هو ۽ ان کي
ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڊگهي مٿي وارين ڀونوڇي نسلن
سان منسوب ڪيو ويو آهي. اهو گهڻو ڦهليل تمدن نيل،
فرات ۽ دجله، ڪُرن، هيلمند ۽ سنڌو درياء جي مهان
ماٿرين اندر پنهنجي پوري اوج تي پهتو هو.
ڪي ڄاڻو انهيءَ راءِ جا آهن ته هن تمدن جو اصل بڻ
بڻياد، آرمينا هو، ڇو جو اهو ڏيهه ڌاتن ۾ شاهوڪار
هو ۽ انهيءَ ڳالهه جو گهڻو امڪان آهي ته اوائلي
نسلن جون فارس جا پوٺا لتاڙي اڳتي ويندڙ لڏپلاڻون
هتان شروع ٿيون هيون. انهن لڏ پلاڻن اڳتي هلي ٻه
طرف ورتا هئا، هڪڙي ڏکڻ ميسوپوٽيما ۾ ايلام ڏانهن
۽ ٻي وچ ايشيا، پاڪستان ۽ هندستان ڏانهن وئي هئي.
جيستائين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ اوائلي
ميسوپوٽيما جي وچ ۾ تمدني هڪجهڙاين جو لاڳاپو آهي
ته هيٺ ڄاڻايل ڳالهيون ذڪر جوڳيون آهن. ٻنهي وٽ
جانورن جي شڪلين ۽ اڏاوت جي طرز هڪجهڙي آهي. بابلي
ديومالا ۽ هندستان پاڪستان ننڍي کنڊ جي دراوڙي
روايتن جي وچ ۾ هڪجهڙاين بابت ايترو چئبو ته ڪجهه
هڪجهڙائي شايد جبلن، ڪڪرن ۽ پاڻيءَ لاءِ ساڳين
علامتن جي استعمال ۾ نظر ايندي. تنهن کان سواءِ
ٻنهي وٽ ڳنڍيل ڳچين سان جانورن ۽ خانداني نشان
لاءِ افسانوي جانورن جي موضوع ۾ گهڻو واپرايل نظر
ايندو. مثال طور: بابلي مهرن تي اهڙن اجگرن جا چٽ
آهن، جن جو هيٺيون ڌڙ نانگ جو ۽ مٿيون ماڻهوءَ جو
آهي. اهي چٽ ڏسي ناگا ياد پون ٿا. پاڻيءَ جو پنٿ
بابلي ۾ ڀريل گهگهيءَ سان ۽ ننڍي کنڊ ۾ ٽمٽار
ٿانءَ يا پورڻ ڪلاس سان ڳنڍيل نظر اچي ٿو. انهن
کان سواءِ هُنري ڏانءَ ۾ به هڪجهڙايون آهن. انهيءَ
جو هڪڙو مثال عقيق کي ڪشتو ڪري سينگارڻ جو ڏانءُ
آهي، ۽ پاڪستان ۽ اسيريا جي ڪاٺي جي بناوت به ساڳي
طرح جي آهي.
جيستائين سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، موئن جي دڙي ۽
سنڌ جي ٻين ماڳن جي زماني جو تعلق آهي ته ارنيسٽ
مئڪي پنهنجي ڪتاب ’سنڌو تهذيب‘ (The
Indus Civilization)
۾ چوي ٿو ته ”ان جو زمانو هاڻ ڪجهه يقين سان مقرر
ڪيو ويو آهي. ميسوپوٽيما ۾ هن وقت جيڪي کوٽايون ٿي
رهيون آهن، تن جي نتيجي ۾ اُتان لڌل ڪي وٿون
سڃاتيو ويون آهن ته اهي هندستان- پاڪستان جي
ڪاريگريءَ جون آهن.“ هو وڌيڪ لکي ٿو، ”هتي ايترو
چوڻ ڪافي ٿيندو ته موئن جي دڙي جا مٿيان تهه
بابليه جي اوائلي گهراڻن واري زماني جي پوئين ڀاڱي
(لڳ ڀڳ 2500 ق.م) جا سهيوڳي آهن، جڏهن ته جن هيٺين
تهن تائين اسين پهچي سگهيا آهيون ۽ جتان لڌل وٿون
مٿئين ۾ مٿئين تهن وارين وٿن کان ڪي خاص فرق
واريون نه آهن، سي تهه تهنکان پنج سو ورهين کان
وڌيڪ آڳاٽا نه هوندا. ماڳهين ايئن به ٿي سگهي ٿو
ته اهي رڳو ٽي سؤ ورهيه آڳاٽا هجن، مٿئين تهن جي
انهيءَ تاريخ بنديءَ کي هاڻ اڪثر ڄاڻو قبول ڪن ٿا،
پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته اها ميسوپوٽيما جي زمان
شناسيءَ تي ٻڌل آهي، سو جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڪو ڦيرو
آيو ته سنڌو ماٿريءَ جي لڀڻ جو زمانو به لازمي طرح
ڦري ويندو. موئن جي دڙي جي ماڻهن جو تمدن ڪامياب
واپارين جي جاتين وارو هو. جي پوکراهيءَ جي ٿانيڪي
سرشتي تي گذران ڪندڙ هئا. انهيءَ پوکراهيءَ جو
آڌار شايد سنڌونديءَ جو پاڻي تراکڙي لٽاشي زمين
تائين آڻيندڙ آبپاشي جي وسيع سرشتن تي هو، جيئن
بابل ۾ سمير ۽ اڪڊ وارن زمانن دوران ڪيو ويندو هو.
ڪڻڪ، ٻاجهري ۽ کجيءَ جي پوک ٿيندي هئي. ڪوهٽ سان ۽
ڪوهٽ بنا مال، سوئر، رڍون، ٻڪريون، گڏهه، ڪڪڙيون،
بدڪون ۽ ڪتا پاليا ويندا هئا. ماڻهو هاٿيءَ، ڀولي،
چيتي، گينڊي، گهڙيال ۽ نور کان واقف هئا. گهوڙو
فقط موئن جي دڙي جي مٿين تهن ۾ ملي ٿو ۽ مليل ساک
مان لڳي ٿو ته سنڌو تهذيب وارا ان جانور کان اڻڄاڻ
هئا.
ٺڪر جا ٿانوَ چَڪ تي ٺاهيا ويندا هئا ۽ گاڏين ۾
ڦيٿو استعمال ٿيندو هو ۽ شايد آبپاشيءَ لاءِ نار
آڻڻ نيڻ جو مکيه وسيلو ڏاند گاڏي هوندي هئي. موئن
جي دڙي مان ڏاند گاڏين جا ٺڪر ۽ ڀنگار (Gronze)
مان ٺهيل نمونا مليا آهن اهي ڏاند گاڏيون سوڌ ٻوڌ
اهڙيون ئي آهن، جهڙيون هاڻوڪا سنڌي ڪڙمي ڪم آڻيندا
آهن. موئن جي دڙي ۾ سوٽي ڪپڙو هو. ڀنگار جا اوزار
هئا، سون، چانديءَ، پاڻي چڙهيل ڀنگار، فيروزي ۽
ٻين قيمتي پٿرن جا زيور هئا. ڪنڀر مکيه حيثيت وارا
هئا ۽ ٻارن جي رانديڪن جهڙي پتڪڙي ٺڪر- وٿ (miniature
pottery)
جيئن جهنجهڻا، ڏاند گاڏيون، گڏهه، ڪتا، پکي، گينڊا
۽ ڍڳا وڏي اٽڪل سان ٺاهيندا هئا. اهي شيون ڏيکارين
ٿيون ته موئن جي دڙي جا اهي آڳاٽا ڪاريگر ڪيڏا نه
هنر وارا هئا. موئن جي دڙي واري سنڌو تهذيب سان
لاڳاپيل ڪنهن به شيءِ آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن ۾
ايترو چاهه نه جاڳايو آهي، جيترو اولهه پاڪستان جي
انهيءَ ڀاڱي مان کوٽي ڪڍيل عاليشان ڪاريگريءَ جون
اڪيچار مهرون. انهن مهرن تي ڪنهن مورتي ٻوليءَ جا
اکر اُڪريل آهن، جي اڃا تائين پڙهجي نه سگهيا آهن.
ڪوبه عالم اڄ تائين انهيءَ لکڻيءَ کي پڙهڻ ۾
ڪامياب نه ويو آهي، پر مختلف وقتن تي عالمن دعوا
پئي ڪئي آهي ته اهي مورتي اکر سميري، پروٽو-ايلامي
يا پروٽو- دراوڙي آهن. مهرون گهڻو ڪري ڪاشي ڪيل
فندق هِنديءَ مان ٺهيل آهن. اهي اصل ۾ ڪهڙي ڪم
اينديون هيون، سو پتو نه آهي، پر ممڪن آهي ته اهي
تعويذ جهڙي شيءِ هجن ۽ پوءِ ان ۾ جيڪو ٽُنگ اٿن،
تنهن منجهان ڌاڳو لنگهائي پاتيون وينديون هجن.
مهرن تي عمدي ڪاريگريءَ ۽ ليڪ جي چٽائيءَ سان
شڪليون نڪتل آهن. اهي شڪليون گهڻو ڪري وڏن سڱن سان
ڪوهٽ واري ڍڳي، مينهن، جهنگلي مينهن، هاٿيءَ،
چيتي، گهڙيال ۽ پپر جي وڻ جون آهن. ڪن تي هڪڙي
پلٿي ماريل مرد جي شبيهه آهي، جنهن کي مٿي تي سڱن
سان ٽوپي پيل آهي ۽ پاسن کان چار جانور اٿس. سر
جان مارشل مهرن بابت چوي ٿو ته انهن جي جوڙ ۾ جا
ورتاءَ جا ويڪر ۽ ليڪ ۽ گهاڙيٽي جي هنر جي سڃاڻ
بکي ٿي، سا نه رڳو انهن کي برک ڪري ٿي، پر اُڪر جي
هنر ۾ انهن کان ورلي ئي گوءِ کنئي وئي آهي. موئن
جي دڙي مان فن جا جيڪي ٻه شاهڪار لڌا آهن، سي آهن
هڪڙي ناچڻيءَ جي ڀنگار مان ٺهيل مورتي ۽ ٽپٽي ڀرت
ڀريل لوئي سان ڏاڙهيار مرد جو چُن- پهڻ مان ٺهيل
بُت. اسٽوئارٽ پگٽ جو خيال آهي ته ڀريل چپن سان
هيءَ ناچڻي ڇوڪري چٽي طرح پروٽو آسٽرولائيڊ نسل جي
ڀانئجي ٿي ۽ جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن اها واقعي
بلوچستاني نسل جي شبيهه آهي ته پوءِ هلندي هلندي
ايترو چئي ڇڏجي ته پروٽو آسٽرولائيڊ گروهه سان
جيڪو ڪارو رنگ لاڳاپيو وڃي ٿو، سو تنهن نالي سان
ٺهڪي اچي ٿو، جنهن نالي سان اولهه پاڪستان جي ڏکڻ
بلوچستان واري ڀاڱي کي اڳين زماني ۾ سڏيو ويندو
هو. يعني ’گيدروشيا‘، جنهن جي معنيٰ آهي ڪارن لوڪن
جو ڏيهه.“
فنڪاري جي ٻي شاهڪار بابت مئڪي صاحب جو ويساهه آهي
ته هيءُ تنهن وقت تائين لڌل پهڻ جو هڪڙو ئي بت
آهي، ان بابت پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اها ديوتا جو
بت آهي. شڪل کي ويڙهيل اوڇڻ جو هڪڙو پلؤ ساڄي
ٻانهن هيٺان ورائي کاٻي ڪلهي تي رکيل آهي ۽ ٻنهي
پلون تي طرفيل ٻوٽي جو چٽ اُڪريل آهي، ۽ مئڪي موئن
جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ انهيءَ چٽ جي گهڻي ملڻ مان
ايئن ٿو سمجهي ته اها ڪا مقدس علامت آهي. شڪل جي
ڏاڙهي ننڍي ۽ مڇون ڪوڙيل آهن. پوئين ڳالهه آڳاٽي
سمير ۾ لڌل خدا توڙي ماڻهوءَ جي مورتين ۾ به ساڳي
آهي. مٿي جا وار ڪتري سنها ڇڏيل آهن. سينڌ وچ مان
نڪتل اٿن. مٿي کي چوڌاري چوٽي بند ٻڌي وار سوگها
ڪيا ويا آهن. چوٽي بند جا ٻئي ڇيڙا پويان لڙڪايا
ويا آهن. مئڪي جو ويچار آهي ته ڳچيءَ جي ٻنهي
پاسي، ڪنن کان ٿورو هيٺ جيڪي ٽنگ ٿيل آهن، سي پڌري
پٽ هار جي سڳي لاءِ آهن. چپ ڀريل آهن ۽ (ڀڳل) نڪ
گهڻو ڪري رواجي سائيز جو هو. انهيءَ ڳالهه مان ته؛
بت کي سڳوري چٽ سان لوئي اوڍيل ڏيکاريو ويو آهي ۽
هار لاءِ گنجائش به رکي وئي آهي، تنهن مان مئڪي
ايئن ٿو سمجهي ته اها ڪنهن به ماڻهوءَ، ويندي
پروهت، جي شبيهه به ٿي سگهي ٿي. خاص نوع ۾ اڌ کليل
اکين بابت هڪڙو ڄاڻو ايئن ٿو چوي ته اهو انداز
مراقبي جي حالت ٿو ڏيکاري، جڏهن ته مئڪي ان ڳالهه
کي ممڪن سمجهندي چوي ٿو ته ”ڪيش ۽ اُر مان مليل
مٽيءَ جي اوائلي مورتين جون اکيون به بلڪل ايئن ئي
اڌ پوريل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.“
موئن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ رهندڙ لوڪن جي مذهبي عقيدن
تي روشني رڳو اهي مادي شيون وجهن ٿيون، جيڪي هنن
پٺتي ڇڏيون آهن انهن مان جن بابت سمجهيو وڃي ٿو ته
اهي ڪنهن مذهبي اهميت واريون آهن، تن جو آڳاٽن
اهڃاڻن جي ڄاڻُن خبرداريءَ سان اڀياس ڪيو آهي.
رالنس واري ”هندستان“ جي مختصر تمدني تاريخ“ ۾
مصنف ڄاڻائي ٿو ته ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته وڌ ۾ وڌ
پوڄا ماتا ديويءَ جي ڪئي ويندي هئي، جنهن جو پنٿ
سڄي ايشيا مائنر ۾ پکڙيل هو، هن ديويءَ جي شبيهه
اڪيچار ٺڪر جي مورتين جي شڪل ۽ مهرن ۽ تعويذن تي
ملي آهي. هڪ ٻي ديوي سڱن سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن
ديويءَ سان گڏ پپر جو وڻ به ملي ٿو. هڪڙيءَ مهر تي
سڱن سان ٽن سسين وارو خدا ويٺل حالت ۾ ڏيکاريل آهي
۽ چوڌاري جانور اٿس. هن کي شو مهاديو ڪري سڃاتو
ويو آهي. شو جي علامت، لنگم جي لڀڻ سان هن مفروضي
کي پاڻ وڌيڪ هٿي ملي آهي.
موئن جي دڙي ۾ ڪوبه قبرستان نه مليو آهي. البت
هڙاپا ۾ هڪڙو لڌو اٿئون. مقام ۽ قبرن جي نه هجڻ
ڪري، آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن لاءِ موئن جي دڙن واري
جي مذهبي عقيدن جي نوعيت بابت ڪا واضح راءِ قائم
ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. جيڪڏهن ڪي قبرون هجن ها ۽
انهن منجهه ماڻهوءَ جي هڏن سان گڏ ٺڪر پهڻ ۽
ڌاتوءَ جون وٿون به ملن ها ته پوءِ اهو اندازو ٿي
سگهي ها ته انهن لوڪن جا مُئي پڄاڻان ماڻهوءَ جي
حالت بابت ڪهڙا ويچار هئا ۽ آيا هنن جو بهشت ۽
غيرفاني حياتيءَ ۾ ڪو اعتقاد هو يا نه؟ موئن جي
دڙي ۾ قبرن نه هجڻ جي هڪڙي سمجهاڻي مُڙدن ساڙڻ جو
رواج به ٿي سگهي ٿو. هاڻوڪي هندستان ۾ ذري گهٽ سڀ
هندو پنهنجا مڙدا ايئن نيڪال ڪندا آهن. پر حقيقت
هيءَ آهي ته نه هڙاپا ۾، نه موئن جي دڙي ۾ ۽ نه ئي
وري ڪنهن ٻئي ماڳ ۾ ڪنهن مندر يا ڪنهن ٻي مذهبي
جاءِ جا اهڃاڻ مليا آهن. سو اسان انهيءَ نتيجي ڪڍڻ
تي مجبور آهيون ته سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪي مذهبي جايون
هيون به سهي ته اهي بنا ڪنهن نشان ڇڏڻ جي نابود ٿي
چڪيون آهن يا وري پوڄا پاٺ گهر اندر ئي ڪيو ويندو
هو. جيئن اوائلي روم ۾ گهراڻي جي حفاظت ڪندڙ روحن
کي پوڄيو ويندو هو.
ڪثير تعداد ۾ ماتا ديويءَ جون جيڪي مورتيون لڌيون
ويون آهن، تن کي ڏسندي اسان بنا کٽڪي جي چئي سگهون
ٿا ته انهيءَ ديويءَ جي پوڄا ضرور گهڻي پکڙيل
هوندي. هن ديويءَ کي اُرُڪ جيان هت به زرخيزيءَ ۽
محبت جي ديوي ڄاڻي سگهجي ٿو. اُرڪ ۾ ان کي مهان
ديوي اشتار، زدونيا ۾ اسموريت ۽ يونان ۾ استارتي
سڏيو ويندو هو. نئين عهدنامي مان اسان کي پتو پوي
ٿو ته سنت پال جي زماني ۾ افيسوس وارن جي ديوي
گهڻن اُرهن واري ڊائنا هئي، جنهن کي قدرت جي
پيدائش ۽ زرخيزيءَ واري سگهه جو روپ سمجهيو ويندو
هو. مئڪي جو چوڻ آهي ته غريب ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو
شايد ٻي ڪنهن ديويءَ جي ڀيٽ ۾ ماتا ديويءَ کي وڌيڪ
سولائيءَ سان سمجهي ۽ پوڄي سگهندا هئا. اڄوڪي
هندستان اندر ڳوٺاڻا سڀني کان وڌيڪ ماتا ديويءَ کي
ڀائيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته اها سندن گهرن ۽
ڳوٺن جي حفاظت ڪندي آهي ۽ ٻار جي ڄم وقت موجود
هوندي آهي. مئڪي کي گمان آهي ته شايد سنڌوماٿريءَ
جي رهواسين جو به ماتا ديويءَ لاءِ اهوئي عقيدو
هو. پر آيا تنهن زماني ۾ ان کي پيءُ ديوتا ۽ پٽ
ديوتا سان گڏ ڪنهن ٽائيءَ مان پڪ ڄاتو ويندو هجي
يا آيا ان اڪيليءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. سنڌو
ماٿر جي ماءُ ديوي جا اُرهه تن وڌيڪ گنڀير زنانين
مورتين جي اُرهن کان ننڍا آهن، جن لاءِ سمجهيو وڃي
ٿو ته باسون باسيون وينديون هيون. انهيءَ مان
آڳاٽن اهڃاڻن جي ڪن ڄاڻن هيءُ انومان ڪڍيو آهي ته
سنڌو ماٿر جي ديوي (ماتا ديوي) ڪنئاري هئي. مئڪي
هڪ مهر ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جنهن تي سڳوري انجير
اڳيان هڪ سڱن واري ديوي پنهنجن مڃيندڙن جي وچ ۾
ڏيکاريل آهي ۽ سندس آڏو هڪ ٻيو سڱن سان ماڻهو گوڏا
کوڙي بندگي ڪري رهيو آهي. ديويءَ ۽ سندس پوڄيندڙ
ٻنهي جا وار ڊگهين ڊگهين چوٽين ۾ ڳنڍيل آهن، ديوي
کي ٻانهن ۾ ڪيئي چوڙيون پيل آهن، ۽ پوڄيندڙ جي
منهن تي پٺيان سڱن وٽان اڀريل گلن يا پنن جي ٽارڙي
آهي. انهيءَ پوڄيندڙ جي پويان هڪ ماڻهوءَ جي شڪل
سان ٻڪر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو
آهي. مهر جو سمورو هيٺيون ڀاڱو ستن آتمائن يا ديوي
ديوتائن جي قطار سان والاريل آهي. انهن مان هر هڪ
کي مٿي تي ٽارڙي آهي پٺيان وارن جي ڊگهي چوٽي اٿن
پر کين سڱ ڪونهن.
موئن جي دڙي ۽ هڙاپا مان هٿ آيل مهرن ۽ مورتين جي
اونهي چوک چڪاس انهيءَ راءِ جي پٺڀرائي ڪندي نظر
اچي ٿي ته تن ڏينهن سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي ڪنهن
نه ڪنهن شڪل ۾ زرخيزي، پيدائش ۽ اوسر سان ڳنڍيل
خدا جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وڻن جي
پوڄا به ڪئي ويندي هئي، جن مان ڪن کي پاڪ، پوتر ۽
سڳورو سمجهيو ويندو هو. ڪن مهرن کي ڏسي هيءُ
انومان به ڪڍي سگهجي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن پارين
جانورن کي به سڳورو ڄاڻندي مانُ ڏنو ويندو هو.
ڪئمبرج يونيورسٽي پريس طرفان ڇپايل ”هندستان جي
ڪئمبرج تاريخ“ ۾ ’سنڌو تهذيب‘ وارو باب سر مارٽيمر
ويلر جو لکيل آهي، تنهن ۾ هن سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب جي زماني تي بحث ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته
انهيءَ تهذيب جو زمانو شروعاتي طرح ٽين- ڏهه صدي
ق.م. جي پوئين اڌ ۽ ٻي ڏهه- صديءَ جي اوائلي صدين
دوران سنڌو ماٿريءَ وارن جي ميسوپوٽيما جي منڍ
تاريخي
Proto Historic
شهرن سان جيڪا لهه وچڙ رهي هئي، تنهن جي آڌار تي
ٻڌڻ گهرجي. مسٽر سي. جي. گئڊ، اُر مان هٿ آيل سنڌو
طرز جي سورنهن مهرن ۽ اڻ وچوريل بابلي ڌُر جي ٻن
مهرن جي چوک چڪاس ڪري انهيءَ جا نتيجا ’برطانوي
اڪيڊميءَ جون ڪارروايون‘ (Proceeding
of the British Academy)
(1932ع) ۾ پڌرا ڪيا. هو صاحب ڪِش، سوسا، لاگاش،
اُما ۽ طل اسمار مان لڌل اوائلي وڻن سان واسطو
رکندڙ حوالن جي فهرست نقل ڪري ٿو. ”جن ٻارنهن مهرن
جي آڌار تي“ سر مارٽيمر ويلرچو ٿو، ”ڪو زمانو ٻڌي
سگهجي ٿو، تن مان ست سارگونيائي، هڪ اڳ سارگونيائي
۽ چار لارسا يا پوين زمانن جون ٿي سگهن ٿيون. چالو
زمان- بنديءَ موجب انهن امڪانن کي سمائڻ لاءِ
گهربل مدو 2500 کان 1500 ق.م گهڻو ڪري 2350 ق.م،
بيهندو.“
جيستائين موئن جي دڙي تي اُڪريل مورتي اکرن جو
لاڳاپو آهي ته انهن کي پڙهڻ ۾ وڏي ڏکيائي هيءَ آهي
ته ڪي به ڊگهيون اُڪرون ڪين آهن. مهرن تي چند
نشانيون اُڪريل آهي ۽ بس ڪنهن به ماهر لاءِ ڊگهين
اُڪرن جي جامع تعداد جي غير موجودگيءَ ۾ جيڪي اکر
موجود آهن، تن جي پڙهڻ بيحد ڏکيو ٿيندو. موئن جي
دڙي جي لپيءَ بابت هڪ نهايت دلچسپ صلاح اي. ايس.
سي. راس پنهنجي هڪ ”موئن جي دڙي واري لپيءَ جون
انگي نشانيون.“
(Numerical
signs of the Moenjo Daro script)
نالي ليک ۾ ڏني آهي، جو هندستان جي آڳاٽن اهڃاڻن
واري سروي جون يادگيريون (Memoires
of the Archaeological survey of India)
جي سال 1938ع واري 57 نمبر شماري ۾ شايع ٿيو هو.
ڊاڪٽر راس انهيءَ لپيءَ جي انگي نشانين بابت
پنهنجن دليلن جو آڌار انهيءَ مفروضي تي رکي ٿو ته
اهي اصل انگن جون نشانيون نه آهن، هو چوي ٿو ته
جيڪڏهن انهن جو استعمال ويچار مورتي (Ideagraphic)
وارو نه آهي ته پوءِ لپيءَ جي پڙهڻي انهيءَ ڳالهه
تي دارومدار رکي ٿي ته آيا اهي انگي نشانيون لپيءَ
جي بنيادي زبان يا ڌاتن جي انگن سان اُچار ۾ ٿورا
ڪي گهڻا ملندڙ آهن، يا آيا اهي صورتين جا مجموعا
آهن. انهن امڪانن جي اڀياس مان جيڪو مفروضو اُسري
ٿو، تنهن تي ٿورا ويچار لاءِ هو جديد چينيءَ،
مصريءَ ۽ پدن واري صوتيات جهڙين ٻولين جي وچ ۾ ڀيٽ
ڪري ڪڍڻ- رکڻ وارو طريقو واپرائي ٿو. انهيءَ ڳالهه
کي دليل بڻائيندي ته9،8،7،6،5،4،3،2،1 ۽ 12 انگي
نشانين جو استعمال ويچار- مورتيءَ وارو نه هو. هو
هيءَ نتيجو ڪڍي ٿو ته بنيادي زباني ۾ انهن مان ڪي
به انگ مرڪب نه هئا. موئن جي دڙي ۾ تور ۽ ماپ جو
جيڪو سرشتو رائج هو، تنهن مان ڏسجي ٿو ته تڏهن
ليکي جو مکيه سرشتو ڏهائي هو. ڊاڪٽر راس پنهنجي
ڀيٽ سان ڪڍڻ- رکڻ واري طريقي ۾ چار ٻوليون- جهوني
دراوڙي، جهوني مندا، جهوني برشاسڪي ۽ جهوني
انڊونيشي تپاسي ڏٺيون. هن ڏٺو ته رڳو قديم
انڊونيشي مفروضي جي چڪاس تي پوري بيهي ٿي. سو هن
آخرين طرح هيءَ راءِ قائم ڪئي ته جيڪڏهن موئن جي
دڙي واري لپيءَ جي ڪنهن معلوم ٻوليءَ سان هڪجهڙائي
ٿي سگهي ٿي ته اها قديم انڊونيشي ٿي سگهي ٿي. ڊي.
هيوسي جو خيال آهي ته ايسٽرٻيٽ ۽ موئن جي دڙي جون
لپيون پاڻ ۾ ايتريون ته گهڻيون ملن ٿيون جو ڪنهن
اتفاقي مشابهت جو سوال ئي نٿو اُٿي. انهيءَ ڏس ۾
جي. ايڇ. آر. وان ڪوفنگسوالڊ پنهنجي ڪتاب ’اڳ
تاريخي انسان سان ملاقات‘ (Meeting
Prehistoric Man)
(1956) جي ايسٽرٻيٽ جي مورتي لپيءَ واري باب ۾ لکي
ٿو ته اهو ڊي. هيوسي هو جنهن انهن مورتي اکرن جي
هڙاپا ۽ موئن جي دڙي جي اڳ تاريخي ماڳن ۾ ڏنل ساڳي
قسم جي نشانين سان ڀيٽ ڪئي هئي. هن جو چوڻ آهي ته
نشانين جي انهن ٻنهي مجموعن جي وچ ۾ ٿوري گهڻي
مشابهت آهي ته هڪڙو وڏو مکيه فرق به آهي. ايسٽر
ٻيٽ جا مورتي- اکر خاڪن ۾ آهن، جڏهن ته سنڌو
ماٿريءَ وارا رڳو نشان آهن.“
سو موئن جي دڙي جي لپيءَ ايسٽرٻيٽ ۽ سماترا جي
قديم انڊونيشيءَ جي وچ ۾ مشابهت هڪ پرولي آهي،
جيڪا اڄ تائين ڀڄي نه سگهي آهي. انهيءَ ڏس ۾ شايد
سميريا وارن جي لپيءَ جي اوسر جو اڀياس فائدي وارو
ٿئي. اهو فرض ڪندي ته اڳتي هلي موئن جي دڙي واري
لپيءَ جون ڪي وڌيڪ ۽ مختلف قسمن جون روپ- مورتي
نشانيون لڀنديون. سمجهيو وڃي ٿو ته لکڻ جو هنر
سميريا وارن ڪڍيو هو، ۽ ميسوپوٽيما جا چپر شڪل اکر
(Cuneiform)
۽ مصر جا مورتي اکر پنهنجي پنهنجي نموني ۽ سميرجي
اوائلي اکرن مان ئي اسريل چيا وڃن ٿا جيڪڏهن هيءُ
نظريو صحيح آهي ته ڀونوچي لوڪن جو هڪ وڏو نسل هڪڙي
طرف سمير ڏانهن ۽ ٻئي طرف پاڪستان ۽ وچ ايشيا
ڏانهن فارس مان لنگهيو هو، ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته
موئن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ سميري لپيءَ
جي اوسر جي چڪاس وڌيڪ فائدي واري واٽ ثابت ٿي، پر
شرط آهي ته گهربل ساک ملي. جيڪڏهن مٿيون نظريوصحيح
آهي ته پوءِ ممڪن آهي ته اهي ماڻهو پاڻ سان اهو
ڪجهه کڻي آيا هجن، جنهن جو سمير جي اوائلي لپيءَ
سان ڪو واسطو هجي، متان اوائلي سميري اکرن ۽ موئن
جي دڙي جي لپيءَ جي وچ ۾ ڪا ڪڙي ملي پوي. پر جي هن
مونجهاري ۾ انڊونيشيا وارن جي به ڪا جاءِ سچ پچ
هئي ته اها ڪٿي هئي؟ سو اڃا تائين نبري نه سگهيو
آهي.
موئن جي دڙي ۾ ڪا گهڻي انساني باقيات نه ملي آهي.
سرجان مارشل جي يادگار تصنيف ’موئن جو دڙو‘ ۽ سنڌو
تهذيب، (1931ع) جي ٻئي جلد ۾ اتان لڌل هڏاون پڃرن
۽ کوپڙين جو بيان آهن. اهي هي آهن: هڪڙيون ٽي
کوپڙيون منڍ آسٽريليائي نسل جون هيون ۽ ڏٺو ويو ته
موئن جي دڙي وارين کوپڙين جي تازو نابود ٿي ويل
تسمانيا واري نسل ۽ يورپ ۽ اُتر آفريقا جي اڳ
تاريخي هومو نيندر ٿالين سان ويجهي مشابهت هئي.
انهن نسلن جي کوپرين جي ماپ 1400 ۽ 1500 مڪعب
سينٽي ميٽرن جي وچ ۾ هئي. ٻيون ڇهه کوپڙيون اهڙيون
لڌيون ويون آهن. جن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهي نج
ڀونوچي نسل جون آهن ۽ نمونا بلوچستان جي نال واري
کوپڙيءَ سان ۽ ڪش اهڃاڻن جي بڪسٽن واري بيان جي
کوپڙي نمبر 4 سان پوريءَ ريت ٺهڪي اچن ٿا. ڪتاب ۾
ڄاڻايل آهي: ”اسان وٽ جيڪا معلومات آهي، تنهن ۾ هڪ
نه ٻي طرح جي ساک اهڙي اٿئون ته انهيءَ قسم جي ٽن
جيئرن ماڻهن جو قد ڪيترو هو. انهن مان هڪ مرد ۽ ٻه
زائفائون آهن. مرد جو قد 5 فوٽ 2/41 انچ هو. ٻنهي
زائفائن جو قد انهيءَ کان گهڻو ننڍو هو، هڪڙيءَ جو
4 فوٽ 9 انچ ۽ ٻيءَ جو 4 فوٽ 2/41 انچ هو. هڪ
کوپڙي الپائن نسل جي منگول شاخ جي لڌي وئي هئي.
هيءَ کوپڙي پنهنجي نسل جو پورو نمونو هئي، ۽ درجي
بنديءَ جي خيال کان ان جي ناگا کوپڙيءَ سان ڀيٽ
ڪري سگهجي ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ ويجهي مشابهت کي ڏسندي
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نٿو رهي ته انهيءَ کوپڙيءَ
جو مالڪ ڪهڙي نسل مان هو. موئن جي دڙي جي اهڃاڻن ۾
چار کوپڙيون الپائن نسل جون به شامل آهن. انهن
کوپڙين بابت ان کان وڌيڪ معلوم ڪرڻ ممڪن نه هو، ۽
انساني نسلن جي جهن ڄاڻوءَ اهي کوپڙيون چڪاسون
هيون، سو اهو ڪونه ٻڌائي سگهيو ته اهي کوپڙيون
الپائن نسل جي ڪهڙي شاخ سان واسطو رکندڙ ٿي سگهيون
ٿي.
هٿ آيل ثابتي ڪم جهڙي آهي ۽ انساني باقيات جي
تشريح مان اهڙو ڪو پختو نتيجو ڪڍڻ ممڪن نه آهي ته
چار پنج هزار ورهيه اڳ موئن جي دڙي جا رهواسي ڪهڙي
ڪهڙي نسل مان هئا. هيءَ ڳالهه دلچسپيءَ واري آهي
ته جنهن ناچڻي ڇوڪريءَ جو ڀنگار مان ٺهيل بت هٿ
آيو آهي، تنهن کي انهيءَ ساڳي منڍ آسٽريليائي نسل
جو ڪري ڄاتو ويو، جنهن نسل جون ٽي کوپڙيون موئن جي
دڙي مان مليون آهن. انهيءَ حقيقت مان ته جيڪي به
کوپڙيون لڌيون آهن، تن مان گهڻيون ڀونوچي نسل جون
آهن، هيءُ انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جو
اڪثر آدم ڀونوچي نسل مان هو. اهو انومان هن امڪان
سان ٺهڪي اچي ٿو ته شروع شروع ۾ هندستان ۾ جيڪي به
ماڻهو رهندڙ هئا يعني آڳاٽا لوڪ، جي هاڻ هن سرزمين
تان گهڻي ڀاڱي نابود ٿي ويا آهن، تن تي ڀونوچ وارا
لوڪ چڙهي اچي ڇائنجي ويا هئا. ٻي (ڏهه- صدي ق.م)
جي وچ ڌاري ڪاهي ايندڙ آرين جيڪو تمدن اوج تي ڏٺو
هو سو انهن ڀوٽوءَ جي لوڪن جو برپا ڪيل هو تمدن
جيڪو نيل ماٿريءَ دجله ۽ فرات واري ماٿريءَ ۽
سنڌوماٿريءَ ۾ موجود تمدن سان ڪافي مشابهت رکندڙ
هو. انهيءَ مسئلي کي تن ڏينهن ۾ هندستان جي اڪثر
آدم شماريءَ جي نسلي جوڙجڪ جي ڪنڊ کان ڏسندي بنا
کٽڪي جي چئي سگهون ٿا ته تڏهوڪا رهواسي تن لوڪن جا
مائٽ هئا، جن کي اڄڪلهه دراوڙ سڏيو وڃي ٿو.
سنڌو ماٿريءَ جي تمدن کي پهڻ ٽامي وارو تمدن سڏيو
ويو آهي. پر اهو اصطلاح غلط فهميءَ جو باعث ٿي
سگهي ٿو. جيڪي هيٺين ۾ هيٺيان تهه کوٽي ڪڍيا ويا
آهن، اتان ٽامي ۽ ڀنگار جون شيون لڌيون آهن، ۽ پڻ
پهڻ جي نئين زماني جون شيون هٿ آيون آهن، توڻي جو
آڳاٽي اهڃاڻن جا ڄاڻو انهيءَ راءِ جا آهن ته اهو
ماڳ پهڻ واري زماني ۾ ڪوٿانيڪو ماڳ نه هو. اها
ڳالهه ته ڌاتوءَ جي وٿن سان گڏ ڪي پهڻ جا اوزار به
هٿ آيا آهن، سا انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه ثابت نٿي ڪري
ته اهي اوزار تنهن زماني ۾ واپرايا ويندا هئا ۽ نه
اهو ته ڪو اهي اهڙن ماڻهن جا ٺاهيل آهن، جي پهڻ جي
زماني واري تهذيب جا رهواسي هئا. موئن جي دڙي ۽
هڙاپا جو تمدن ڀنگار واري زماني جو تمدن هو ۽ ان
جو پهڻ جي نئين زماني واري تمدن سان ڪو واسطو نه
هو، جي هو ته تمام گهٽ هو. جيڪڏهن اڄوڪي تهذيب
امالڪ ناس ٿي وڃي ۽ ان جا اهڃاڻ باقي رهن ته آڳاٽن
اهڃاڻن جي ايندڙ ڄاڻن لاءِ هيءُ انومان ڪڍڻ ممڪن
هوندو ته ويهين صديءَ جي يورپ وارن عام استعمال جي
شين جهڙوڪ اُکرين ۽ مُهرين، روهين، جنڊن، ڪاتيءَ
جي هٿين، پر جي ڪتبن وغيره لاءِ پهڻ ڪم آڻڻ ڪونه
ڇڏيو هو. سو انهيءَ نموني جي ڪا سمجهاڻي موئن جي
دڙي وارين حالتن سان ٺهڪي ايندي. هت جيڪي پهڻ جا
اوزار لڌا ويا آهن. سي گهڻو ڪري ڳاري جي ساري ڇل
آهن، جا ڪاتيءَ طور ڪم ايندي هئي ۽ جين پهڻ تان
اها ڇل لاٿي وئي هئي، سي پڻ گهڻن گهرن ۾ مليا آهن.
مئڪي ايئن چوڻ ۾ بلڪل حق بجانب آهي ته شڪ ناهي ته
اهي ڪاتيون ڌاتوءَ جي ڪاتين کان سهانگيون ۽ شايد
ڪن ڪمن لاءِ انهن جيتريون ڪارائتيون هيون.
موئن جي دڙي جي جيڪا کوٽائي هن وقت تائين ٿي آهي،
تنهن کان وڌيڪ اونهي کوٽائي ڪرڻ ممڪن نه آهي. ان
جو سبب هيءُ آهي ته سنڌوءَ جو ترو هوريان هوريان
مٿي ٿيندو رهندو آهي ۽ وقت گذرڻ سان ان جو مٿاڇرو
تر جي زمين کان به مٿي ٿي ويندو آهي. پنج هزار
ورهيه اڳ جيڪا درياء جي سطح هئي. اڄ تنهن کان ڪجهه
فوٽ مٿي آهي. مئڪي ڄاڻائي ٿو ته جتي کوٽائي هڪ
مکيه دڙي جي مٿاڇري کان 40 فوٽ اونهي ٿي آهي، اتي
لڌل وِٿون اهڙيون ئي آهن، جهڙيون پوءِ وارن تهن
مان هٿ آيون آهن. انهيءَ اونهائيءَ کان هيٺ کوٽائي
نٿي ٿي سگهي، توڻي جو اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته
ڀتيون سم واري زمين ۾ اڃا به هيٺ هليون ويون ٿي.
انهيءَ ڪري ايئن وسهڻ بلڪل واجب آهي ته شهر جا
بنياد تن سطحن کان گهڻا آڳاٽا آهن، جن تائين
هاڻوڪي کوٽائيءَ رستي پهچڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي.
موئن جي دڙي جي سمورن سطحن جي وچ ۾ تمدن جي جا
هڪجهڙائي ۽ هڪ ڪرائي ڏسڻ ۽ اچي ٿي، تنهن مان ايئن
ٿو ڀانئجي ته هيٺين ۾ هيٺين سطحن وارا رهواسي
آخرين زماني جي رهواسين کان ڪي گهٽ سڌريل يا وڌيڪ
ڄٽ ڪونه هئا. سر جان مارشل چواڻيءَ، انهيءَ جو
مطلب آهي ته جديد کوٽاين رستي سنڌو ماٿريءَ جي
رهواسين وٽ تمدن جي اعليٰ معيار جون ثابتيون مليون
آهن، تنهن معيار تائين پهچڻ ڏيکاري ٿو ته انهيءَ
تهذيب ضرور وڏي حياتي ماڻي هوندي.
جيتوڻيڪ موئن جو دڙو سنڌ اندر سنڌو تهذيب جو وڏي ۾
وڏو ۽ مکيه ماڳ آهي، پر اهو جهوني ۾ جهونو نه آهي.
موئن جي دڙي کان 80 ميل ڏکڻ ۾ آمريءَ جو ماڳ وڌيڪ
آڳاٽو آهي ۽ خيرپور شهر کان ڏهاڪو ميل ڏکڻ ۾ تازو
لڌل ڪوٽڏجيءَ جي ماڳ کي به موئن جي دڙي کان آڳاٽو
سمجهيو وڃي ٿو. راقم الحروف 1956ع ۾ ڪوٽڏيجي ويو
هو. اتي هن ته تهه بنديءَ جا ڪيترا ئي نشان ڏٺا.
مختلف تهن جي مٽيءَ ۾ رنگ جي فرق توڙي مختلف سطحن
۾ لٽجي ويل ملبي جي نوعيت ٻڌايو ٿي ته ڪيترو وقت
ٿي چڪو آهي. آمريءَ جي ماڳ جي کوٽائي اهميت واري
سمجهي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو ان سان سنڌوءَ تهذيب جي
انهن اوائلي ڏينهن ۾ ٺڪر جي واپرائڻ جي تاريخ تي
روشني پئي آهي. ٺڪراٺي ساک تمام منجهيل ۽ پيچيدي
آهي. اسٽوئارٽ پگٽ پنهنجي ڪتاب ”اڳ تاريخي
هندستان“ ۾ انهن مونجهارن جي سٺي اپٽار ڪئي آهي.
فارس ۾ ٺڪر تي چٽساليءَ جا جيڪي ڏانءَ واپرايا
ويندا هئا، تن جي آڌار تي اُتان جي تمدنن جي درجي
بندي ڪئي وئي آهي. اُتر ۾ ڳاڙهي رنگ تي چٽسالي ڪئي
ويندي هئي ۽ ڏکڻ ۾ ڦڪي رنگ تي، اسٽوئارٽ پگٽ ٻڌائي
ٿو ته بلوچستان ۾ به ساڳيو فرق ڏسي سگهجي ٿو، يعني
اُتر جا ٿانوَ ڳاڙهي چٽساليءَ وارا آهن ۽ ڏکڻ ۾
ڦِڪي چٽساليءَ وارا، ۽ ڏکڻ بلوچستان ۽ سنڌ جي ڦِڪي
رنگ تي چٽساليءَ وارن علائقن اندر ٻيو چوٿيون درجي
بنديون ڪيون وڃن. هو دنيا جي هن ڀاڱي جي ٺڪراٺي جي
درجي بندي اجهو هيئن ڪري ٿو: ”(الف) ڦڪي رنگ تي
چٽساليءَ وارا تمدن: (1) بولان لڪ جي ماڳن جو
ڪوئيٽا وارو تمدن، (2) ٻن ماڳن جو آمري ناتمدن، جن
ماڳن مان پهريون سنڌ اندر ۽ ٻيو بلوچستان اندر نال
ماٿريءَ جي مهڙ وٽ آهي، ۽ (3) ڏکڻ بلوچستان اندر
ڪولرا واري ماڳ جو ڪلي تمدن. (ب) ڳاڙهي رنگ تي
چٽساليءَ وارا تمدن: (4) اتر بلوچستان جي زوب
ماٿريءَ وارن ماڳن جو زوب تمدن“ آمري نال تمدن
بابت اسٽوئارٽ پگٽ چوي ٿو: ”اهو ٺڪرائي جي قسمن جي
هڪ اهڙي گروهه ۾، جو هونئن ته ساڳيون خاصيتون
رکندڙ آهن، فرق جا ٻه ڇيهه نروار ڪري ٿو. ٺڪراٺي
جي انهن قسمن کي ٽن مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. قسمن
موجب درجي بنديءَ جي لحاظ کان اوائلي ۾ اوائلي سنڌ
اندر آمريءَ وارو ٺڪراٺو آهي، جتان جا مخصوص ٺڪر
ٿانءَ پهرين مجمدار سڃاتا هئا. پوئين مرحلي جي
ٺڪراٺي بلوچستان ۾ اسٽائين ۾ ڳولي لڌل نندرا وارو
ماڳ وچ واري مرحلي جي نمائندگي ڪري ٿو.“ هو سمجهي
ٿو ته ٺڪراٺي جا اهي قسم واقعي لاڳاپيل آهن ۽ ٻيون
ڳالهين، جهڙوڪ ٽن مرحلن جي ٺڪراٺي ۾ جانورن توڙي
ماڻهن جي مورتين جي نه ملڻ ڪري انهن کي هڪ ئي سري
هيٺ رکڻ بي واجبي نٿو لڳي. انسائيڪلوپيڊيا
برٽينيڪا (تازو ڇاپو) ۾ انهيءَ قدري محتاط رايو
ظاهر ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيل آهي ته بل ۽ اسيريا جي
چٽساليءَ واري ٺڪراٺي جي فارس، بلوچستان، سنڌو
ماٿريءَ ۽ ويندي چين جي اوائلي چٽساليءَ وارن
ٿانون سان هڪجهڙائيءَ تي ويچار ڪيو ويو آهي. ۽ اڃا
تائين ماهر ڪنهن هڪ راءِ تي نه پهتا آهن.
چئمبرز انسائيڪلوپيڊيا جي تازي ڇاپي ۾ ’بئييلونيا‘
نالي ليک جو لکندڙ چوي ٿو ته: آڳاٽن اهڃاڻن جي ڪن
ڄاڻن کي انهن جي ايراني ٺڪرن جي چٽسالي ٿيل ٺڪراٺي
وارن تمدنن سان مشابهت ڏسڻ ۾ آئي آهي ته ڪي وري
انهن کي اُتر ڏانهن آڻين ٿا. اهو پڻ غير يقيني آهي
ته هي اهي ئي ماڻهو هئا، جن کي اسين اڳتي هلي
سميري ڪري سڃاڻو ٿا. سمير ۾ تاريخ يعني سمجهه ۾
ايندڙ لکيل فقرن جي شروعات ۾ سن ڪهڙو آهي، سو يقين
سان نٿو چئي سگهجي، پر ٿي سگهي ٿو ته اهو 3000 ق.م
جي لڳ ڀڳ هجي. آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن معلوم ڪيو آهي
ته انهيءَ زماني ۾ عظيم الشان عبادت گهرن ۾ مڪمل
رٿائن وارين جاين سان وڏا وڏا شهر موجود هئا، ۽
شهر جي پيچيدي جوڙجڪ پڻ. اهي سمير وارا ڌاتوءَ مان
شين جوڙڻ، ٽامي پلٽڻ، پهڻ ڇلڻ ۽ گهڙڻ ۾ ڀڙ هئا.
اُر جي شاهي قبرستان مان نڪتل خزانا چڱي چوکي
پرڏيهي واپار جي ساک ڀرين ٿا. انهن ۾ ايراني نار
جا ڪوڏ آهن، افغانستان جا لاجورد آهن، سون چاندي ۽
پتل آهن جي ضرور ڏورانهن جبلن کان آيا هوندا، ۽
نفيس پٿر جهڙوڪ: ڪئلسائيٽ، آبسيڊيئن ۽ ڊايورائيٽ
آهن، جن مان ڪوبه عراق ۾ نٿو ٿئي. انهن سميرين جي
تاريخ جو اڀياس ڪندي سندن تمدن ۽ اولهه پاڪستان ۾
سنڌو ماٿريءَ اندر لڌل تمدن جي وچ ۾ غير معمولي
مشابهت کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
ويندي اوائلي گهراڻن واري زماني ۾ جڏهن سمير جو ڪو
هڪڙو حاڪم نه هو، تڏهن به اُتي ڪيئي شهري رياستون
جهڙوڪ اريدو، اُر، اريڪ، لارسا، اُمان، اداب،
شروپڪ، ڪسورا، نپور وغيره هيون. عين ممڪن آهي ته
سنڌوماٿريءَ ۾ به اهڙو ئي ڪو گهراڻن واري جوڙجڪ
هجي، جنهن جي هڪڙي رياست هڙاپا ۽ ٻي موئن جو دڙو
هجي ۽ ننڍين ننڍين جاتين جو هڪ پيچيدو سلسلو هجي،
جيڪو ڳوٺن ۽ شهرن جي شڪل ۾ لٽاسي پٽ تي ڦهليل هجي.
گلن ڊئنيل چئمبرز انسائيڪلوپيڊيا جي تازي ڇاپي
۾ ’هندستان جا آڳاٽا اهڃاڻ‘ نالي ليک ۾
انهيءَ حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته مجمدار سنڌ ۾
جهڪڙ وٽ جيڪو تمدن سڃاتو آهي، اُتي جي خاص ڳالهه
ٺڪر جا ڪاري ۽ ڦڪي چٽساليءَ وارا ٿانوَ، ٽامي جون
گول مٿن سان ٽاچنيون آهن، هو چوي ٿو ته، بلوچستان
جي پوءِ واري جهڪڙ تمدن جي شين، مئڪن ۽ ٻين هلڪين
وِٿن جي موئن جي دڙي جي آخري دؤر اناءُ
III
۽ هسار
III
جي وِٿن سان ويجهي هڪجهڙائي ڏٺي وئي آهي. ساڳيو
ليکڪ انومان ٿو ڏيکاري ته سنڌو تهذيب جو ڌر شايد
ٿانيڪن ڪڙمين جا ننڍا ڳوٺ هئا، جي 3000 ق.م کان اڳ
بلوچستان ۾ ٻَڌا ويا هئا. آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن
لاءِ انهن ڳوٺن جي خاص ڳالهه ڏکڻ ۾ ڪاري ۽ ڦڪي
چٽساليءَ وارو ٺڪراٺو ۽ اُتر ڪاري ۽ ڳاڙهي
چٽساليءَ وارو ٺڪراٺو آهي. ڪاري ۽ ڳاڙهي چٽساليءَ
وارو ٺڪراٺو چڱو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ پگٽ کي اهو تمدن
اُتر بلوچستان جي سرجنگل، پريائي گهنڊائيءَ، مغل
گهنڊائيءَ ۽ ڪودانيءَ جهڙن ماڳن تي نظر آيو، ڪاري
۽ ڦڪي چٽساليءَ وارو ٺڪراٺو ڏکڻ بلوچستان ۾ نال،
ڪوئيٽا، ڪُلي ۽ شاهي تمپ وٽ ۽ سنڌ ۾ آمريءَ وٽ لڌو
آهي. ڊينيئل جو چوڻ آهي ته هڙپا، موئن جي دڙي ۽
چانهون دڙي جي شهري تهذيب جي ٺڪراٺي جي ٻنهي
مجموعن سان نسبت آهي ۽ اها بلوچستان جي آڳاٽن ڳوٺن
۾ وسندڙ ڪڙمي جاتين مان اُسريل لڳي ٿي، توڻي جو
شهري حياتيءَ جو خيال ۽ ڏانءُ ضرور ڪنهن نه ڪنهن
طرح دجله فرات ماٿريءَ جي اوائلي شهرن کان ورتو
ويو هوندو.
راقم الحروف جي خيال ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي
اڳوڻي بلوچستان جي ٿانيڪن ڪڙمن جي ڇڙوڇڙ ڳوٺن مان
اُسريل سمجهڻ قدري خطرناڪ ٿيندو. خاص ڪري تڏهن
جڏهن گهڻي ڀاڱي ساک انهيءَ ايراضيءَ ۾ لڌل ٺڪراٺي
جي نمونن ۾ هڪجهڙاين تي ٻڌل نظر اچي ٿي. ائين به
ٿي سگهي ٿو ته بلوچستان جي انهن لوڪن ۾ تن واپارين
جي وڌندڙ ويجهندڙ تنظيم جي وچ ۾ ڪلهه وچڙ رهي هجي،
جن هڙپا ۽ موئن جي دڙي جا شهر جوڙيا. پر پڪ ئي پڪ
انهيءَ ڳالهه جو پاڻ وڌيڪ امڪان آهي ته سنڌو
ماٿريءَ جي تهذيب ۽ دجله فرات ماٿريءَ جي تهذيبن ۽
سيستان ۽ ٻين اهڙن تمدنن جي مرڪزن جي وچ ۾، جن جي
سر آريل اسٽائين چوک چڪاس ڪئي هئي، هڪجهڙن انگن جو
هجڻ انهيءَ ڳالهه جو پختو ڏس آهي ته سنڌو ماٿريءَ
جي تهذيب کي جوڙيندڙ اثر ڪٿي ڳوليا وڃن. اهي
جوڙيندڙ اثر ضرور ڀونوچي لوڪن جي پالوٽ سان آيا
هوندا. اهي لوڪ جيئن هن ڪتاب ۾ اڳيئي قياس ڪيو
اٿئون، وچ يورپ يا اولهندي ايشيا مان ڪٿان هڪ ئي
وهڪري جي شڪل ۾ نڪتا هئا ۽ پاڻ سان حياتيءَ جو
اهڙو ڏانءُ کڻي هليا هئا، جنهن جي آڌار تي مصر،
ميسوپوٽيما سنڌو ماٿريءَ ۽ شايد چين جون درياهي
تهذيبون پڻ جڙيون هيون. هاڻ آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن
جو عام رايو هيءَ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي
تهذيب 2500 ق.م کان وٺي هڪ هزار ورهين تائين موجود
هئي ۽ 2500 ق.م کان اڳ اها ضرور چڱي ڊگهي عرصي
تائين پيدائش جي شروعاتي مرحلي ۾ رهي هوندي.
انهيءَ مرحلي جا تفصيل اڃا معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي پڄاڻي ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ سو
يقيني طرح معلوم نه آهي، اسٽوئارٽ پگٽ ۽ سرمارٽيمر
ويلر جو انومان آهي ته ڪاهي ايندڙ آريا لوڪن ٻي
ڏهه- صدي ق.م جي وچ ڌاري انهيءَ تهذيب جو انت
آندو. سندن خيال ۽ ننڍي کنڊ جي اُترين ڀاڱي تي
چڙهي ايندڙ آرين جون لکتون ڏيکارين ٿيون ته سنڌو
ماٿريءَ جا شهر اهڙا قلعا هئا، جي هنن تباهه ڪيا.
سر مارٽيمر ويلر ته ائين به چوي ٿو ته اهو هاڻ عام
طرح مڃيو وڃي ٿو ته رڳ ويد ۾ جن شهرن جو ذڪر آهي،
سي حقيقت ۾ سنڌو ماٿريءَ جا شهر آهن، ۽ اهو ته هي
شهر آرين پندرهين صدي ق.م ڌاري تاراج ڪيا هئا.
هيءُ رايو ڪيترن عام سببن جي ڪري شڪ جوڳو لڳي ٿو.
انهن مان مکيه سبب هيءُ آهي ته جهڙيءَ ريت آرين
اُترين هندستان جا وڏا ويڪرا علائقا وسائي انهن کي
ائين کڻي چئجي ته ’آريائي‘ ڇڏيو هو، تهڙيءَ ريت
سنڌوماٿريءَ اندر درياهه جي ڇوڙ واري تر ۾ سندن
وسڻ جي ڪا پختي روايت نٿي ملي. هاڻي تائين ائين
پئي سمجهيو ويو آهي ته آرين جي ڪاهه واري وير
پنجاب ۾ اُتر کان درياهه جي پاسي مان لنگهي گنگا ۽
جمنا ماٿرين سان لڳو ڳ اُترين پٽن ۾ وڃي پئي هئي.
هندستان- پاڪستان ننڍي کنڊ جي تمدني تاريخ هن راءِ
جي پوري پوري پٺڀرائي ڪندي نظر اچي ٿي ته هيٺين
سنڌو ماٿريءَ پهرين آريائجن کان رهجي وئي هئي. سنڌ
ڏيهه ۽ راجپوتانا ۽ وارياسن پٽن جو آريائجڻ ضرور
پوءِ ٿيو هوندو. اهو آريائجڻ ضرور ٿورا ٿورا ڪري
گهڙي ايندڙ آرين جي هٿان تنهن کان پوءِ وارين صدين
۾ ٿيو هوندو، جڏهن فاتح آريا ننڍي کنڊ جي تن ڀاڱن
۾ پير پختا ڪري ويا هوندا، جن تي هو پوريءَ ريت
حاوي ٿي چڪا هئا ۽ جتي هنن پنهنجي ٻولي رائج ڪئي.
جيڪڏهن وچوليءَ ۽ هيٺينءَ سنڌو ماٿريءَ وارا
علائقا آرين جي پهرين سوڀ ۾ شامل هئا، ته پوءِ اها
عجيب ڳالهه آهي ته انهن علائقن ۽ ننڍي کنڊ جي تن
علائقن جي وچ ۾، جن بابت مڃيو وڃي ٿو ته اهي
آريائجي ويا هئا، جا تمدني لهه وچڙ ڪافي وقت پوءِ
نظر اچي ٿي، سا پهرين سوڀ واري زماني ۾ ايتري گهٽ
هجي. يقيناً، جيڪڏهن فاتح آريا سردارن وچوليءَ ۽
هيٺينءَ سنڌو ماٿريءَ ۾ بادشاهتون قائم ڪيون هجن
ها ته اولهه پاڪستان جي علائقن جي پوءِ واري تاريخ
ضرور هندستان جي تن علائقن جي تاريخ جهڙي هجي ها،
جن علائقن ۾ آرين،
داسن کي مات ڪيو ۽ مٿن پنهنجي ويدن واري ٻولي
مڙهي.
1500 ق.م سنڌو تهذيب جي شهري
(mature urban period)
۽
325 ق.م جي وچ ۾ جڏهن سڪندر اعظم پنهنجا ٻيڙا
سنڌوءَ منجهان لهوارا هاڪاريا هئا، سنڌ جي حالت
ڪهڙي هئي، تنهن بابت اسان کي ڪا ڄاڻ نه آهي. گمان
آهي ته سنڌي ٻولي پراڪرتن جي اوسر جي ڪنهن پوئين
مرحلي ۾ سنڌ اندر جاءِ ڪري ورتي هئي، ڇاڪاڻ جو
سنڌي پاڻ به ٻاهرين سٿ جي ٻولي آهي، پر سنڌيءَ جو
ملڪ جي اصلوڪن رهاڪن جي ٻولي ٿيڻ کان اڳ ڇا ڇا ٿي
گذريو هو، تنهن جي اسان کي ڪا ڄاڻ ڪانهي. رگ ويد
جي پهرين منڊل جي جنهن اشلوڪ کي اسٽوئارٽ پگٽ آرين
هٿان هيٺين سنڌو ماٿريءَ جي ڪوٽ آيل شهرن جي
تباهيءَ جي ساک ڀريندڙ ٻڌائي ٿو، سو بنهه ٺلهو آهي
۽ دل سان نٿو لڳي. انهيءَ اشلوڪ ۾ ڪم آيل ترڪيبون
بيحد اڻ چٽيون ۽ عام رواجي آهن، اهڙيون جو انهن
مان ڪو به اهڙو قلعو مراد وٺي سگهجي ٿو، جيڪو آرين
ناس ڪيو هجي. اهو شايد نسورو اتفاق آهي ته جنهن
زماني ۾ موئن جي دڙي جي تهذيب پوڻي پئجي پوري ٿي،
تنهن ساڳي زماني ۾ ڪاهي ايندڙ آريا سوڀون کڻندا
اُتر اولهندي لڪن تان ڌوڪيندا اچي رهيا هئا.
موئن جي دڙي واري تهذيب جو انت ڪيئن آيو؟ تنهن جا
ڪاهي ايندڙ دشمن هٿان تباهيءَ کي ڇڏي ڪي ٻيا سبب
به ٿي سگهن ٿا. انهيءَ تهذيب هڪ هزار ورهيه جٽاءُ
ڪيو هو. اها تاريخي حقيقت آهي ته عام طرح تهذيبون
پنهنجي منڍ واري سگهارائيءَ ۽ پختائيءَ جي آڌار تي
ايترو گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪنديون آهن. انساني فطرت
جو قاعدو ايئن ٿو ڏسجي ته انت ۾ تهذيبون پڻ ساڻيون
ٿي مري وينديون آهن. جيڪڏهن سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب
هزار ورهيه تڳڻ کان پوءِ تيتري سگهاري، ٻلوان ۽
ڏاهي نه رهي هئي جيتري اها پنهنجي اوائلي
سگهارائيءَ وقت هئي (تحقيق، موئن جي دڙي ۽ هڙاپا
جي مٿين ۾ مٿين تهن جي ٺڪراٺي جو ڪريل معيار به
اهو ئي ڏس ٿو ڏي)، ته رڳو اها ڳالهه ئي ان کي ڪنهن
به ڦرمار ڪندڙ ٽولي لاءِ سڻڀو گرهه بنائڻ لاءِ
ڪافي هئي. بلوچستان ۽ بروهي علائقا اهڙن ٽولن کان
ڪڏهن به خالي نه رهيا آهن. پر جي تهذيب ساڻي ٿيندي
وئي ته پوءِ انهيءَ ڳالهه جو امڪان پاڻ وڌيڪ آهي
ته ريج جي جنهن سرشتي تي ان جي پوکراهي ڀاڙيندي
هوندي، سو ضرور غفلت جي ور چڙهي ويو هوندو. بابليه
جي شهري رياستن سان ائين ئي ٿيو هو. تنهن کان
سواءِ، سنڌو ڏاڍي پورالي ندي آهي ۽ وڏا راڱا ڪري
ڄاڻي. ويندي هن وقت به جڏهن ان کي سنڌ منجهان
لنگهندي وڏن وڏن بچاءُ بندن جي وچ ۾ سوگهو ڪيو ويو
آهي ته جيئن آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ان جو غيض ۽ غضب
هٿ وس رهي. تڏهن به وقتي طور اها بچا بندن اندر
ميل ٻن جي دڳ مٽ ڪريو وڃي. ريج جي جنهن سرشتي تي
موئن جو دڙو تڳندڙ هو، تنهن کي سنڌوءَ جي ننڍڙي دڳ
مٽ به بيڪار ڪريو ٿي سگهي.
جي ائين هو ته پوءِ اسان وٽ موئن جي دڙي ۾ ان جي
علائقي جي پڄاڻيءَ جي ٺهيل ٺڪيل سمجهاڻي موجود
آهي. ارنيسٽ مئڪي، جو پاڻ موئن جي دڙي جي کوٽائي
ڪرائڻ ۾ مکيه هو، سو به هيءَ ڳالهه نٿو مڃي ته ڪو
موئن جي دڙي جو انت آرين جي ڪاهي اچڻ ڪري ٿيو هو.
مئڪي چوي ٿو، ”جيتوڻيڪ هيءَ ڳالهه هاڻ يقيني نظر
اچي ٿي ته موئن جي دڙي تي ان جي پوئين تاريخ جي
گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي دور ۾ دشمن چڙهي آيا هئا، پر اهي
دشمن ڪير هئا، سو اڃا ته پڪيءَ طرح معلوم نه ٿي
سگهيو آهي.“ مئڪي جو پنهنجو پختو لاڙو ايئن وسهڻ
ڏانهن آهي ته اهي دشمن اولهه پاڪستان پرڳڻي جي
بلوچستان واري علائقي کان آيا هئا، جو شايد تڏهن،
جيئن سو ورهيه اڳي تائين، سرڪش ۽ جنگجو قبيلن جو
وطن هو. هو سمجهي ٿو ته اهي قبيلا موئن جي دڙي
لاءِ ان جي پوين ڏينهن ۾ ئي خطرو بڻيا هوندا، جڏهن
شهر جي زوال ان کي حملي جوڳو ڪري ڇڏيو هوندو، ڇو
جو ماڻهن جا جيڪي به هڏاوان پڃرا لڌا ويا آهن، سي
سڀ مٿين تهن مان نڪتا آهن. مئڪي چوي ٿو ته ”انهن
دشمنن کان سواءِ جن پوين ڏينهن ۾ منهن ڪڍيو هئس،
موئن جي دڙي جو هڪڙو ويري اهڙو هو، جنهن سان شايد
منڍ کان ئي مهاڏو هئس. اهو ويري هئس سنڌو درياء.“
سندس چوڻ آهي ته شهر جي ٻن الڳ الڳ سطحن تي، جن
مان هڪڙي ٻيءَ کان گهڻي هيٺ آهي، ڀتين جي کوهن جي
اوساريءَ جو ويٺل هجڻ ڏيکاري ٿو ته موئن جي دڙي جي
تاريخ جي اوائل ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ ٻي ٻوڏ سان ان جو
زوال شروع ٿيو. ٻنهي موقعن تي ماڻهو نسبتي طرح
ٿوري وقت ۾ شهر خالي ڪري ويا پر جڏهن سمورو خطرو
ٽري ويوس، تڏهن وري اچي ويٺا. مئڪي جو انومان آهي
ته موئن جو دڙو ڪڏهن به گهڻو نه ٻڏو هوندو، پر شهر
کي وري وري اڏڻو پيو هوندو ۽ اها نئين اڏاوت هيئن
ڪئي وئي ته گهر ڀرپاسي واري پٽ کان مٿڀرو جوڙيا
ويا. سو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي انت جي سڀني ۾
امڪاني سمجهاڻي هيءَ آهي ته اهڙي وقت جڏهن اها
هيڻي ٿي چڪي هئي، تڏهن ان تي گوناگون ويري چڙهي
آيا هئا، جن ۾ ڪاهي ايندڙ دشمن قبيلن، سنڌونديءَ
جي دڳ مٽ ۽ ريج جي واهن جي برباديءَ پنهنجو پنهنجو
ڀاڳ ورتو هوندو. ايئن وسهڻ وڌيڪ سلامتيءَ وارو آهي
ته موئن جو دڙو ۽ ان جي تهذيب انهن ئي سببن جي ڪري
نابود ٿي هئي، ۽ نه، هندستان- پاڪستان ننڍي کنڊ جي
تمدني روايتن جي برخلاف، ايئن وسهڻ ته جيئن آريا
گنگا ۽ جمنا جي ماٿرين منجهه ڪاهي پيا هئا، تيئن
ئي سنڌو ماٿريءَ جي ڇيڙي تائين ڪاهيندا آيا هئا ۽
اتي جا ڳوٺ ۽ شهر ڏٺا هئائون، سي تاراج ڪري هليا
ويا هئا ۽ پٺتي ڪو نشان نه ڇڏيو هئائون. اهڙي ڪا
سمجهاڻي ناممڪنات مان هوندي.
هن گزيٽيئر جي باب ڏهين ۾ سنڌ جي دلچسپيءَ وارن
هنڌن جو بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ باب ۾ موئن جي
دڙي، چانهون دڙي ۽ ڪن ٻين اهڙن آڳاٽن ماڳن بابت
وڌيڪ تفصيلي معلومات ڏني وئي آهي، جيڪي اهم ثابت
ٿيا آهن. موجوده باب ۾ سنڌو تهذيب جي تاريخ ۽
نوعيت جو سرسري جائزو ورتو ويو آهي ۽ اهو ٻڌائڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انهيءَ تهذيب جي وڏي ۾ وڏي
خوشحاليءَ واري دور وقت جيڪي ٻيا تمدن موجود هئا،
تن سان ان جو ڪهڙو لڳ لاڳاپو هو.
ٻُڌ ڌرم جي
باقيات:
سنڌ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي اڪيچار اهڃاڻن سان گڏوگڏ ٻڌ
ڌرم جي شاگردن لاءِ به دلچسپيءَ جو سامان موجود
آهي. سنڌ علائقي اندر ٻڌ ڌرم جي باقيات ٿوري، مقيم
حالت ۾ ۽ سڄي ليکي، پلٿاريءَ لاءِ ڪا گهڻي لاڀائتي
نه آهي. بهرحال، ٻڌ ڌرم جي انهن ماڳن تان ڪي
اهڙيون لڀون ٿيون آهن، جي چڱي اهميت واريون آهن.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي زوال ۽ پڄاڻيءَ واري
زماني (لڳ ڀڳ 1500 ق.م) ۽ سنڌ اندر ٻوڌي يادگارن
جي وچ ۾ اٽڪل ڏيڍ هزار ورهين جي ڊگهي وٿي آهي،
ڇاڪاڻ جو ڄاڻو هاڻ انهيءَ ڳالهه تي متفق نظر اچن
ٿا ته سنڌ ۾ ٻوڌي يادگارن باقيات عيسوي سن جي منڍ
واري زماني جي آهي. انهيءَ ڊگهي عرصي دوران
اڳوڻيءَ سنڌ جي ڪهڙي حالت هئي، تنهن بابت عملي طرح
ڪجهه به معلوم نه آهي. سڪندر اعظم 325 ق.م ۾
سنڌوءَ منجهان لهوارو هاڪاري سمنڊ ڏانهن ويو هو.
پلوٽارڪ جي تصنيف ’حياتيون‘ ۾ انهيءَ مهم جو جيڪو
بيان آهي، سو تنهن ڏيهه جي حالت ۽ اتان جي ماڻهن
جي سڀاءَ تي ڪا روشني نٿو وجهي، جنهن منجهان سڪندر
لنگهيو هو. پلوٽارڪ رڳو ايترو ٻڌائي ٿو ته سڪندر
کي پورس جي شڪست کان ڪجهه وقت پوءِ شوق اچي ٿيو ته
سمنڊ ڏسان، سو هن ڪئين ٻيڙيون ۽ ٽلها تيار ڪرايا ۽
واندو ٿيو ته انهن تي چڙهي لهوارو ڪاهي ويو.
پلوٽارڪ لکي ٿو ته ”هيءَ درياهي مسافري ويڙهن کان
آجي ڪانه هئي. سڪندر ڪيترائي ڀيرا پاسي وارن ڏيهن
تي ڪاهي ويو ۽ ڪنڌيءَ وارن شهرن تي حملا ڪيائين،
جن سڀني کي سوڀون کڻندڙ طاقت اڳيان آڻ مڃڻي پئي“
پر ملي لوڪن هٿان ذري گهٽ ٽڪر ٽڪر ٿي ويو هو. انهن
لوڪن کي ننڍي کنڊ جي سڀني ۾ جنگجو قوم سڏيو ويو
آهي. هن تيرن جو وسڪارو ڪري هنن مان ڪن کي ڪوٽ تان
ڀڄائي ڪڍيو ۽ ڪوٽ جي ڀت تي سڀني کان پهرين پاڻ
چڙهيو، انهيءَ ڪوٽ جي گهيري ۾ سڪندر پاڻ سخت ڦٽجي
پيو. هڪڙو تير زرهه کي چيريندو ڇاتيءَ کان هيٺ
پاسرين ۾ گهڙي ويو هئس. پلوٽارڪ چوي ٿو ته سڪندر
انهيءَ مهم دوران هڪڙا ڏهه ٻاوا جهليا هئا، جن
سابس کي بغاوت تي ڀڙڪايو هو. هن کانئن سندن عقيدن
بابت پڇا ڪئي. سندن جوابن مان لڳي ٿو ته اهي ٻاوا
جئن يا ٻئي ڪنهن ڌرم جا پوئلڳ هئا، پر ٻُڌ ڌرم جا
پوئلگ نٿا ڏسڻ ۾ اچن.
اهو 250 ق.م ڌاري هو جو اشوڪ پاڻ کي ننڍي کند اندر
ڌرم جو وڏو پرچارڪ ثابت ڪيو. هيءَ سڪندر اعظم جي
سنڌ واريءَ مهم کان 75 ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي.
اسان کي پتو ناهي ته ملي لوڪ ڪير هئا ۽ اهو ڪوٽ
ڪٿان هو، جتي سڪندر کي ذري گهٽ موتمار ڌڪ رسيو هو.
پر ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪوٽ، جو درياء جي ڪنڌيءَ تي
هو، سيوهڻ هجي ۽ ملين کي ڪي ڄاڻو مهاڻا سمجهن ٿا.
اهي مهاڻا گهڻو ڪري دراوڙي نسل مان آهن ۽ اڄ ڪلهه
گهڻو ڪري مڇين مارڻ ۽ پکين ڦاسائڻ جو ڪم ڪندا آهن.
سيوهڻ ۾ اڃا تائين هڪڙو ڀرندڙ سرن جو دڙو آهي،
جنهن کي ’سڪندر جو ڪوٽ‘ سڏيندا آهن. پر ان جي
موجوده حالت کي ڏسندي انهيءَ ڳالهه جو ڪو امڪان
ڪونهي ته ڪو اهو سڪندر جي ڏينهن جو هوندو. البت
مهاڻا اڄ به چڱي چوکي تعداد ۾ سيوهڻ کان ويهارو
ميل پرتي منڇر ڍنڍ تي رهن ٿا.
سنڌ علائقي ۾ ٻڌ ڌرم تي وڏي ۾ وڏي سند هينري ڪزينس
(شاهي ايشيائي سوسائٽيءَ جون يادگيريون
(ايم.آر.اي.ايس) آهي. هن صاحب پنهنجي ”سنڌ جون
جهونيون وٿون، مختصر تاريخ سان“ (The
Antiquities of Sindh, with Historical outline)
نالي جنهن جي اهم تصنيف ۾ ٻڌ ڌرم جي باقيات جو
مفصل ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي اوج جو زمانو
اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن اسٽوپا جوڙيا ويا هئا،
هيءَ جوشيلي پرچارڪ اشوڪ جي لاڏاڻي کان اڍائي سو
ورهيه پوءِ جي ۽ نئين سر زور وٺي اُسرندڙ برهمڻ مت
اڳيان ٻڌ ڌرم، جنهن کي تڏهن ست سو ورهيه ٿي چڪا
هئا، تنهن جي هيڻائي ڏيکارڻ کان چار سو ورهيه اڳ
جي ڳالهه آهي. برهمڻ مت جي زور وٺڻ ۽ ٻڌ ڌرم جي
پوڻي پوڻ ۾ خود ٻڌ ڌرم اندر هڪ وڏي ڏڦيڙ جو به هٿ
هو. اهو تفرقو عيسوي سن جي ٻي صديءَ ۾ پيدا ٿيو ۽
ان سان ٻڌ ڌرم ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويو: هناين ۽
مهاين. پوئين فرقي جي ڏک ڪجهه ڪجهه برهمڻ مت واري
هئي. جيئن ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم ڇهين صدي ق.م ۾ آرين جي
ويدڪ ڌرم اندر حد کان وڌي ويل رسم پرستيءَ خلاف
احتجاج طور اُسريا هئا. اهي ٻئي احتجاجي مذهب حد
کان وڌيڪ عقلي هئا. ٻنهي وٽ مابعدالطبعيات ۽ علم
العلم جا تمام منجهيل سرشتا هئا جي عام ماڻهوءَ جي
سمجهه کان ٻاهر هئا. اهو ته ٻنهي بقا ڪيو، سو
انساني تجربي جو هڪڙو وڏو اسرار آهي. پر جڏهن
برهمڻ مت چوٿين ۽ پنجين صدي عيسويءَ ۾ ٻڌ ڌرم جا
اعليٰ اخلاقي، عقلي ۽ مابعدالطبعياتي ارڪان جذب
ڪرڻ شروع ڪيا ته اها ڳالهه يقيني ٿي وئي ته اڳي يا
پوءِ برهمڻ مت ٻڌ ڌرم کي بيدخل ڪري ڇڏيندو. آخر
ايئن ئي ٿيو ۽ اڄ هندستان ۾ اداري طور ٻڌ ڌرم جو
نالو نشان ئي ڪونهي.
عيسوي سن جي پهرين ڇهن صدين دوران سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم
بابت اسان کي جيڪا ڄاڻ آهي، سان ڪم جهڙن اتفاقي
ادبي حوالن مان ملي اٿئون. مثال طور، ستين صدي جي
چيني ياتري، هوئن تسانگ لکيو آهي ته سندس ڏينهن ۾
سنڌ اندر سوين سنگهراڻا هئا، جن ۾ اٽڪل ڏهه هزار
ڀڪشو رهندا هئا، جي هنماين جو پاٺ ڪندا ها. هن اهو
پڻ لکيو آهي: ”جڏهن ڀڳوان ٻڌمن جهان ۾ هو، تڏهن
اڪثر هن ڏيهه منجهان لنگهندو هو. ان ڪري جتي جتي
ڀڳوان ٻڌ جي هجڻ جا اهڃاڻ هئا، اُتي اُتي اشوڪ
راجا يادگار ٺهرائي ڇڏيا. اپارگپت، مهان ارهت،
اڪثر هن بادشاهت ۾ اچي ٽڪندو هو ۽ ڌرم جي اپٽار
ڪندو هو ۽ ماڻهن کي قائل ڪندو ۽ سنئين واٽ ڏسيندو
هو. جن هنڌن تي هو رهيو هو ۽ جيڪي نشانيون ڇڏيون
اٿائين، تن سڀني تي سنگهراڻا جوڙي يا اسٽوپا اڏي
يادگيري قائم ڪئي وئي آهي. اهي يادگار هر هنڌ ڏسي
سگهجن ٿا.“ ستين صديءَ عيسويءَ جي چيني ياتريءَ جو
اهو چوڻ عجيب آهي ته تڏهن سنڌ ۾ مهاين نه پر هناين
فرقو رائج هو، جيتوڻيڪ نئين سر زور ورتل برهمڻ مت
گهڻا اصول مهاين فرقي تان کنيا هئا. ڪزنس لکي ٿو،
”اهو ته ستين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ اندر هناين فرقو
مکيه هو. جيئن هوئن تسانگ اسان کي ٻڌائي ٿو، پر
انهن اسٽوپن ۾ جيڪي مورتيون هيون، سي مهاين فرقي
جون هيون. انهيءَ ڏسڻ ۾ اسان کي هيءَ ڳالهه ياد
رکڻ گهرجي ته چيني ياتري انهن يادگارن جي اڏاوت
کان ڪيئن صديون پوءِ سنڌ آيو هو. وچ واري عرصي
دوران گهڻيون ئي تبديليون اچي ٿي سگهيون.“ ڪنشڪ
انهيءَ فرقي جي سرپرستي ڪئي هئي جو سندس زماني ۾
رائج هو، يعني مهاين فرقو. حيدرآباد کان چاليهارو
ميل اوڀر ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي شهر ميرپورخاص ۾ جيڪو
اسٽوپا آهي، سو سنڌ علائقي اندر ٻڌ ڌرم جي سڀني
کان سٺي حالت ۾ موجود باقيات آهي. ان بابت ڪزيس
چوي ٿو ته اهو اسٽوپا هيکلو يادگار نه هو، ”ڇاڪاڻ
ته موري ويجهو ٺل مير رڪڻ وٽ برهمڻ آباد لڳ ڏيپر
گهانگهري وٽ ٽنڊي محمد خان لڳ سڌيرن جي دڙي وٽ
جهرڪن وٽ جيڪي اسٽوپا آهن، تن کي سينگاريندڙ گهڙيل
سرن مان ائين ٿو ڀائنجي ته اهي پڻ ساڳي ئي زماني
جا آهن.“ جنرل هئنگ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ساوندي،
جو شايد ڏيپر گهانگهرو آهي، اُتان جي ٻوڌي بيٺڪ
بابت مجمل التواريخ هيءَ ڏند ڪٿا آيل آهي ته اها
ڪشمير جي راجا سنڌ تي مهم ڪشيءَ دوران ٺهرائي هئي.
هيءَ ڏند ڪٿا عقل کان بعيد ڳالهين سان ڀريل آهي،
پر انهيءَ مان ساونديءَ جي آڳاٽائيءَ جو اندازو
ڪرڻ بيواجبي نه ٿيندو ”ستين صديءَ جي وچ ڌاري الور
جو هندو راجا چچ برهمڻ آباد جي ڀرپاسي ۾ ٻڌ ڌرم جي
هڪڙي ڀڳت سان مليو هو، جنهن کيس دانهن ڏني هئي ته
مندر ۽ مڙهي ٻئي مرمت نه ٿيڻ ڪري ڦٽي ويا آهن.
جيڪڏهن اسين ائين سمجهون ته اهي جايون جڏهن کان
ٺهيون هيون تڏهن کان لاڳيتو ٻوڌين جي هٿ ۾ رهنديون
ٿي آيون ۽ مرمت بلڪل نه ٿيڻ ڪري ڊهڻ تي هيون ته
پوءِ هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي برسات تمام ٿوري پوندي
هئي، اتي انهن جي گس ڳاٺ ضرور تمام ڍري ۽ هوريان
هوريان ٿي هوندي، سو اسين ائين وسهڻ تي مجبور ٿا
ٿي وڃون ته ڏيپر گهانگهري (ساوندي) وارو اسٽوپا
عيسوي سن جي اوائلي صدين ۾ ٺهيو هوندو. پر پوري
معلومات نه هجن ڪري اڃا اهو نٿو چئي سگهجي ته اهو
ڪهڙي سن جي لڳ ڀڳ ٺهيو هو.“
ڪزينس سڌيرن جي دڙي واري اسٽوپا جو بيان ڪندي چوي
ٿو: ”مسٽر ڀنڊارڪر جو خيال آهي ته اصلوڪو اسٽوپا
ڪنشڪ جي زماني لڳ ڀڳ 100 عيسوي کان پوءِ جو نٿو ٿي
سگهي ۽ جيڪڏهن اسين ان کي عيسوي سن جي منڍ ڌاري
ٺهيل سمجهنداسين ته گهڻا غلط نه هونداسين. جيڪڏهن
اسين ان اسٽوپا لاءِ اهو مڃون ٿا ته پوءِ
ميرپورخاص، ٺل مير رُڪڻ ۽ سنڌ جي ٻين ساڳيءَ اڏاوت
۽ آرائش وارن اسٽوپن بابت پڻ ائين ئي وسهڻو پوندو.
جيئن اڳي ئي چيو اٿئون، ڏيپر گهانگري لاءِ ائين ٿو
سمجهيو وڃي ته اهو ڪشمير جي راجا سنڌ تي مهم ڪشيءَ
دوران ٺهرايو هو. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو راجا ڪنشڪ
هو، ڇو جو ڪشن گهراڻي جي راجائن ۾ اهو ئي هڪڙو
راجا هو، جنهن جو نالو اڃا پيو ڳائجي ۽ جيڪو
هندستان ته ٺهيو پر ڏور ولايتن ۾ به مشهور هو.
سندس بادشاهت ۾ سنڌ به شامل هئي.“
راجا پاڻ برهمڻ هو، ڪوٽ ڌڻي عام طرح ٻڌ ڌرم جا
پوئلڳ هئا. سيوهڻ جي اهم شهر جو حاڪم راجا جو
پنهنجو پٽ ڀجرا هو ۽ اتي جا مکيه شهري ٻڌ ڌرم جا
پوئلڳ هئا.
اڳوڻيءَ سنڌ اندر ٻڌ ڌرم جي باقيات خاطر خواهه نه
هوندي به هندستان- پاڪستان جي اوائلي تاريخ لکڻ جي
وارن لاءِ دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. انهيءَ ڳالهه
جو اندازو ڪزنس ميرپورخاص ۽ سڌيرن جي دڙن وارن
اسٽوپن جي چوک چڪاس ڪري جيڪي نتيجا ڪڍيا هئا، تن
مان ڪري سگهجي ٿو هيٺ سندس تصنيف مان هڪڙو اقتباس
پيش ڪجي ٿو، جو ڏيکاريندو ته ميرپورخاص ۽ سڌيرن جي
دڙي وٽان ڪزنس کي هٿ آيل لڀن هندستان پاڪستان جي
تاريخ جي تمام گهٽ ڄاتل باب لاءِ ڪهڙي قسم جي ساک
نروار ڪئي آهي. ڪزينس هي پلٿار 1909ع ۾ ڪئي هئي.
ميرپورخاص جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو، ”ڪچين سرن جي
اُنهيءَ اسٽوپا جو گول ٺل دڙي مان ٻاهر بيٺو آهي.
ان ٺل جي چوڌاري هڪ سادو ٿلهو لڌو ويو هو، جو اصل
۾ هڪ تراکڙو دڪو هو، جنهن گول ٺل کي پاڙ وٽ گهيريو
ٿي. اهو دڪو ڪچري ۾ اندر اونهو هو ۽ ان کي ڏکڻ
واري پاسي صفا ڪرڻ شروع ڪيوسون ته ٿوري مٽي هٽائڻ
تي ٻڌ جي بت جو مٿو ڦيريون کائيندو وڃي ٻاهر پيو.
اها جاءِ چڪاسي ڏسڻ تي پتو پيو ته اسان ڀت وٽ اهڙي
هنڌ پئي کوٽيو، جتي هڪڙي تختي تي مورتي رکيل هئي.
جيئن ته مورتيءَ جو مٿو مٿاڇري کان ٿورو هيٺ هو،
سو ڳچي ڀُري ڌڙ کان ڌار ٿي هلي آئي هئي. ڀت کي
کولي صفا ڪيو ويو ته ان ۾ ٻيا به ڪيترا مورتي-
جارا نڪتا ۽ سولائي سان معلوم ٿيو ته اها اسٽوپا
جي وڏي چورس بهري جي ڏکڻ واري ڀت هئي. هاڻ چارئي
پاسا اصل پٽ واري سطح تي نروار ٿي بيٺا. ٽئي پاسا
يعني اُتريون، اوڀرندو ۽ ڏاکڻو هڪجهڙا ڏٺا ويا.
انهن جي مٿين ڀت واري جاءِ چورس ٿنڀن سان پنجن کٽن
۾ ورهايل هئي. ٿنڀن جو بنياد هڪ ڳري بناهه جي
چوٽيءَ واري انگ تي بيٺل هو. بناهه ٽن ڀتين جي
چوڌاري ۽ اولهندي ڀت جي اڌ تائين هلي وئي آهي.
انهن ٽن پاسن مان هرهڪ جي ٽن وچ وارن کٽن ۾ جارا
هئا، جن ۾ ٻڌ جي ويٺل آسڻ واري مورتي رکيل هئي.
ڪنڊن وٽ ڇيڙي وارن کٽن ۾ پڻ اهڙائي جارا هئا، پر
انهن تي، ڄاريدار درين جهڙو نفيس ڪم ٿيل هو، پر
انهن مان رڳو ٻه جارا اُتر اوڀر واري ڪنڊ ۾، وڃي
بچيا آهن.“
اڳتي هلي اولهنديءَ ڀت جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو،
”انهي ڀت تي ٻنهي ڇٿرن وٽ تمام گهڻي تعداد ۾ جارا
هئا، جن جون رڳو ڇانئٺون انهن ٻن پاسي وارن چورس
ٿنڀن جي بنياد سان وڃي رهيون هيون، جن جي وچ ۾ اهي
جارا هئا. ڏاکڻي ڇيڙي واري چائنٺ هيٺان سينگاريل
سرن جي هڪ 2/1 8 انچ تائين
ڪانس آهي، جا حقيقت ۾ چائنٽ جو ئي حصو آهي. انهيءَ
ڪانس تي هڪ زناني مورتي بيٺل آهي. وچ تي ۽ پاسن
کان پاڻيءَ جا ٿانوَ آهن. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته
باقي جارا ۽ انهن ۾ جيڪي ڪجهه هو هاڻ نابود ٿي چڪو
آهي، ڇا لاءِ جو ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾ ڪي ٺڪر جي
مورتين جا ميڙ هجن، جي ٻڌ جي ڄم جو يا سندس تياڳ
جو يا ڪو ٻيو اهڙو نقشو پيش ڪندا هجن، جهڙا اسان
کي ڪجهه ننڍي پئماني تي ٺل مير رڪڻ ۾ نظر آيا آهن.
انهن ٻن وڏن جارن ۽ مڙهين جي وچ ۾ عجيب شڪل جا ٻه
ننڍا جارا آهن. اُتر واري جاري ۾ ويٺل ٻڌ جي ننڍي
مورتي رکيل آهي، جنهن جا ٻئي هٿ ڀڳل آهن. ڏکڻ واري
جاري مورتي گهڻي ڀاڱي ڀڳل آهي. ان مورتيءَ ۾ ڪنول
جي گل تي ويٺل آهي، جنهن جا باهه جي ڄڀين جهڙا پن
ڌڙ جي پٺئين پاسي کان چئني طرف ڦهليل آهن. اکيون
هيٺيان ۽ مٿيان ڇپر ملائي پوريل اٿس. ٻانهون ٺونٺن
وٽان ڀڳل اٿس، پر اهي شايد هنج ۾ رکيل هئس. پر اها
ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگهجي، ڇو جو مٿي وريل
پيرن يا ڄنگهن تي ڪائي اهڙي ڀڳل جاءِ ڏسڻ ۾ نٿي
اچي، جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ته ٻانهن انهن کي
اُتي ڇهيو ٿي سواءِ ساڄي پير جي آڱرين جي.“
ڪزينس کي کوٽائي ڪرائيندي هڪ کوهه ڏسڻ ۾ آيو جو
دڙي جي مٿاڙ کان 25 فوٽ اونهو هو. کوٽائيءَ جي وچ
ڌاري کيس ڳاڙهي رنگ جي پڪين سرن جي هڪ چورس ايراضي
ملي جا 4 فوٽ چورس هئي. سرن جو مٿيون تهه پري ڪيو
ويو ته اندر هڪڙو ننڍڙو پندرهن انچ چورس خانو ڏسڻ
۾ آيو، جنهن جا پاسا اسٽوپا سان پور وڇوٽ هئا.
انهيءَ اندر ٻه گول گهڙيل پهڻ هڪٻئي مٿان پيل هئا،
جن جو گهيرو اٽڪل تيرهن انچ ۽ ٿولهه پنچ ڇهه انچ
هئي. پڙ کوليو ويو ته ٻنهي جي اندر پيالي جي شڪل
جو خال نڪتو، جو گهيري ۾ 3 انچ کن هو. هيٺ واري
پهڻ ۾ هڪ ننڍي بلور جي شيشي هئي. ان جي چئن ئي طرف
اڇي ڀُوري واريءَ ۾ ڪيتريون ئي ڀيٽائون پيل هيون.
اهي ڀيٽائون هيون: ٽئي وڪڙن وارا مڻيا، ست ونڌيل ۽
اڻ ونڌيل بلوري مڻيا، ٻه ننڍا بلور، جي اهڙيءَ طرح
گهڙيل هئا جو هيري جي ڏِک ٿي ڏنائون ۽ تور ۾ مٽر
جي داڻي جي اڌ جيترا مس ٿيندا. ٽيهه تمام ننڍا
چينجهڙ، جن مان اڪثر ٽاچڻيءَ جي مٿي کان گهڻا وڏا
نه ٿيندا ۽ سڀ ونڌيل هئا، چار سون مڻيا، جن مان ٻه
Ribbed
۽ گدري جي شڪل جا هئا ۽ ٽئي گهيري ۾ اٽڪل 4/3 انچ
ٿيندا، هڪ ننڍڙي سوني تار جي منڊي، ڏهه ٽامي جا
سڪا، سڙيل ڪوئلي جا ڪجهه ٽڪرا، ڪڻڪ جا ڪجهه داڻا ۽
ڪجهه ٻيا مڻيا ۽ ڇيتون. ٻلور جي شيشيءَ جي منهن تي
هڪ ننڍو چانديءَ جو چپٿرو ڍڪ ڏنل هو، جو گهڻو کاڄي
۽ ڪٽجي ويو هو. ڍڪ کي ڪٽ ايتري ته سخت چهٽيل هئي
جو لاهيندي ڀڄي پيو. شيشيءَ اندر چانديءَ جي هڪ
ترڪڻي ڍڪ سان ننڍي دٻلي هئي. ان جو ڍڪ پڻ ايترو ته
ڪٽجي ويل هو جو لاهڻ وقت ڀڄي پيو. دٻلي سوني ورق ۾
ويڙهيل هئي. اهو ورق اهڙو ئي تازو ۽ اُجرو هو،
جهڙو تڏهن جڏهن دٻليءَ کي ويڙهيو ويو هو. هيءَ
دٻليءَ 1 انچ ڊگهي ۽ 16/5 انچ قطر واري آهي. چاندي
جي انهيءَ دٻليءَ اندران ساڳي شڪل جي سوني دٻلي
نڪتي، جنهن کي اڇي پني جي ٽڪري تي کوليو ويو ته
اندران ٽاچنيءَ جي مٿي جيتري ڪا پتڪڙي چيز، دز جي
هڪ ٻن چٽين سان گڏ، اڇي پني تي ڪري. دٻليءَ ۾ ٻيو
ڪجهه ڪونه هو، پر شيشيءَ منجهه دٻلين هيٺان ۽ نه
انهن جي اندر، آني واري چمچي جيتري چکيا جي رک لڌي
ويئي. انهيءَ رک جا ڪجهه ڳنڍا جڏهن آتشي شيشي سان
چڪاسيا ويا ته انهن جي بناوت ۽ اپيٽو مٿاڇرو اهڙو
ئي نظر آيو، جهڙو سڙيل هڏي جو ٿيندو آهي. بلور جو
اهو تبرڪ دان ڀڄي پيو هو ۽ ترو وڃائجي ويل هئس،
تنهنڪري ان کي چانديءَ جي پوش سُڪ چاڙهي ٺيڪ ڪيو
ويو هو. اهو پوش شيشيءَ جي اڌ تائين چڙهيل هو. پوش
جا ڪنا پڻ ڇليل هئا. ڀائنجي ٿو ته هاڻوڪي اسٽوپا ۾
تبرڪ رکڻ وقت يا ان وقت ڌاري اها شيشي جنهن
ماڻهوءَ جي هٿن ۾ هوندي تنهن کان بي خياليءَ ۾ ڪري
ڀڄي پئي هوندي، نئين شيشي آڻڻ جي بدران ڀڳل شيشيءَ
کي چانديءَ جي تري چاڙهڻ ۽ بلور جي ٻجيءَ جي بدران
چانديءَ جي ڍڪ ڏيڻ مان ائين ٿو ڀانئجي ته انهيءَ
تبرڪ دان ۾ تبرڪ ايترو ته گهڻو وقت پيل رهيا هئا
جو نئين شيشي آڻڻ ۽ پراڻيءَ شيشيءَ کي ڀڳل هوندي
به اُڇلي ڇڏڻ بي ادبي سمجهيو ويو هوندو.“ ڪزنس پڇي
ٿو: ”ڪٿي هاڻوڪو اسٽوپا تن پراڻن اسٽوپن جي جاءِ
تي نئين سر اڏايل ته نه آهي، جيڪو اشوڪ ٻڌ جي
تبرڪات نئين سر ورهائڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
جوڙايا هئا ته جيئن هرڪو هنڌ مهاتما جي سچي پچي
جسماني موجودگيءَ سان واسيل رهي؟ جي ها ته ان سان
هت سوني دٻليءَ ۾ پتڪڙي تبرڪ (متان اهو ٻيو ڪجهه
هجي پر مون کي ان جي تبرڪ هجڻ ۾ ڪوشڪ ڪونهي) جو
ملڻ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو، پر شيشيءَ اندر سون ۽
چانديءَ جي دٻلين هيٺان جا رک لڌي آهي، سا ٿي سگهي
ٿو ته وفادار چيلي اپارگيت جي چتا جي هجي. اهو
اپارگبت، جو اشوڪ جو دوست ۽ ڌرم جو پراڻو ساٿي هو
۽ جيڪو سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي خاص اون رکندو هو.“
مسٽر ڀنڊارڪر طرفان ٽنڊي محمد خان لڳ سڌيرن جي دڙي
جي چوک چڪاس جا نتيجا آڳاٽن اهڃاڻن جي لحاظ کان
گهٽ شاندار هوندي به شايد ايترا ئي دلچسپ آهن.
هيءَ اهو ئي اسٽوپا آهي، جيڪو سر رچرڊ برٽن چڪاسيو
هو. برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ وري سير“ (Sindh
Revisited)
۾ چوي ٿو، ”دڙي جي پاسي ۾ برسات هڪڙو ڏار کرڙي وڌو
هو. آءٌ اهو ڏار وٺي سولائيءَ سان چوٽيءَ تي چڙهي
ويس. اُتي مون کي هڪ کُهي ڏسڻ ۾ آئي، جا پيڙهه
تائين هلي وئي هئي. پيڙهه هيٺان هڪ سرنگهه هئي.
منهنجن ڏيهي دوستن ان سرنگهه کي جيت جيئن نانگ
بلائن سان ڀريل ٿي ڄاتو. تڏهن به آءٌ اندر گهڙي
ويس. اها ست اٺ فوٽ ڊگهي هئي ۽ ڪاڏي به ڪونه ٿي
وئي. ڪزينس چوي ٿو، ”برٽن چوٽيءَ تان جنهن سوراخ
منجهه ڏٺو هو- هو ائين نٿو چوي ته برٽن دڙي جي
چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ تيتري ئي ڦڙتي ڏيکاري هئي، جيتري
کهيءَ منجهه لهڻ ۾ ڇو ته ان مان ٻاهر نڪرڻ وڌيڪ
ڏکيو ٿي سگهيو ٿي. سو شايد اُتي ڪيل هو، جتي
ڊئگوبا منجهان تبرڪ ڪڍيا ويا هئا. ڊئگوبا ٺل جي
پاڙ وٽ هو، جنهن جو ڪجهه ڀاڱو پاسن جي مٽيءَ سان
ڀرجي ويو هو.“ اوڏڪي ٺل جي اوساريءَ ۾ واريءَ جو
تهه ڏسي مسٽر ڀنڊارڪر جو سونجهه وارو مادو جاڳي
پيو. سو هن اُترين پاسي کان ان جي اڌ تائين سرنگهه
کڻائي. سرنگهه ان دڪي جي مٿاڙ جي سنوت ۾ هنئي وئي،
جيڪو اصل ۾ ٺل جي پاڙ جي چوڌاري ٺهيل هو. ”هت وچ
تي مون کي هڪڙو ڊاگوبا بيٺل ڏسڻ ۾ آيو. اهڙو ئي
جهڙا غار وارن مندرن ۾ ٿيندا آهن. اهو ڊاگوبا 6
فوٽ 9 انچ اڀو، ڪچين سرن جو ٺهيل، سادي گاري سان
ليپيل ۽ ٻاهران رڱيل هو. اهو پوريءَ طرح ٺل منجهه
ٺهيل ۽ کُتل هو. گنبذ جي وچ منجهان هڪ گول کهي
لنگهي ڊئگوبا جي پاڙ تائين ٿي وئي. ان ٽنگ ۾ ڪاٺ
جي ٻوري جا نشان هئا. جنهن مان ڀائنجي ٿو ته ان ۾
لٺ لڳل هوندي، جنهن تي شايد ڇٽي هوندي. لٺ جي گنبذ
کان ٻه فوٽ کن مٿي تائين هئڻ جا ته چٽا اهڃاڻ هئا
۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اها فوٽ کن اڃا به مٿي ويندي
هوندي.“ ڊئگوبا کوليائين، پر اندر ڪجهه ڪونه هو، ۽
هو چوي ٿو: ”شڪ ناهي ته هي اسٽوپا (ڊئگوبا) ڪڏهن
ٿلهي تي اڪيلو بيٺل هو، ۽ ان جي سڳورپ ۽ ناماچار ۾
واڌارو ٿيو ته ان کي وڌيڪ وڏي اڏاوت اندر رکيو
ويو. ٺل جو ڀتيون، مٿان کان هيٺ تائين، ڪچين سرن
جون ٺهيل هيون. سرون چڱي نموني ۾ ۽ پورين قطارن ۾
هنيل هيون ۽ سر ملائڻ جي قاعدن جو پورو پورو خيال
رکيل هو. رڳو ننڍي اسٽوپا (ڊئگوبا) کان چار فوٽ
ترت مٿي وارو ڀاڱو ڪجهه اتاڇرو ٺهيل هو. ان جو سبب
هيءَ هو ته ننڍي اسٽوپا (ڊئگوبا) جي ترت مٿي ڪاٺ
جي ڪيري ۽ ڇٽي هئي ۽ انهن جي چوڌاري نئين اڏاوت
ٺاهڻ وقت کين اوساري ڍلي رکڻي پئي هوندي ته جيئن
انهن کي ڪو ڇيهو نه رسي.“
مسٽر ڪزينس مسٽر ڀنڊارڪر سان شامل راءِ نه آهي.
”منهنجو رايو هي آهي ته اهو ڊئگوبا حقيقت ۾ تبرڪ
خانو هو ۽ انهيءَ سوراخ منجهان تبرڪ هيٺ لاٿا
ويندا هئا، جيڪو مسٽر ڀنڊارڪر لڌو هو. ٽنگ جو منهن
ڪيريءَ سان بند ڪيو ويندو هو ۽ ڪا به ڇٽي ڪانه
هئي. تبرڪ ٺل جي وچ تائين کوٽائي ڪري سولائيءَ سان
ڪڍيا ويندا هئا. هيءُ شايد انهن تائين ايترو ئي
ننڍو رستو هو، جتيرو پاسي کان 26 يا 27 فوٽ ڊگهي
سرنگهه هڻڻ سان ٿي ٿي سگهيو. تنهن کانسواءِ، وري
امن امان ٿيڻ تي هو ساڳي هنڌ موٽي وڃڻ چاهيندا
هوندا ته انهن جا سنڀاليندڙ سمن وس پڄندي اسٽوپا
کي ٻاهران ڀڃڻ ڊاهڻ يا رهڙ وجهڻ کان پاسو ڪندا
هوندا. هن ڊئگوبا جي وچ تائين ويندڙ سوراخ جهڙو
هڪڙو سوراخ سُو وهار واري اسٽوپا جي تبرڪ خاني
تائين ويندي ڏٺو ويو. سؤ وهار سنڌ جي حد کان ٿورو
پرتي اُتر اوڀر ۾ بهاولپور وٽ آهي. انهيءَ سوراخ ۾
مهاراجا ڪنشڪ جي زماني جي هڪ ٽامي جي تختي لڌي
هئي. تختيءَ سان گڏ سڪا، لوهه جا ٽڪرا، ٿورا مڻيا
۽ ڳهن جا ٽوٽا، رک ۾ رليل سليل مليا هئا.“
هيءَ سنڌ اندر ٻڌ ڌرم جي جهوني يادگارن جو مختصر
بيان آهي. سو هت جنهن زماني ۾ اهي يادگار ٺهيا
هئا، تنهن زماني جي امڪاني حالتن جي سرسري جائزي
کان وڌيڪ ٻي گنجائش نه آهي. هن گزيٽيئر جو باب
ڏهون اڳوڻيءَ سنڌ جي تاريخي ۽ عام دلچسپيءَ وارن
هنڌن ماڳن جي باري ۾ آهي. ان باب ۾ هن ڏيهه اندر
ملندڙ ٻڌ ڌرم جي مکيه يادگارن جو وڌيڪ سربستو
احوال ڏنو ويو آهي.
سنڌ ۾ پهڻ جي زمانن، سنڌو تهذيب ۽ ٻوڌي زماني هي
يادگارن کان سواءِ، جن جو مٿاڇرو احوال هن باب ۾
ڏنو اٿئون، ڪي ٻيون جهونيون وٿون به آهن. اهي ٻيون
وٿون سچ پچ ته آڳاٽن اهڃاڻن جو پر لکيل تاريخ جو
ڀاڱو آهن. انهن ملڪن جو احوال هن گزيٽيئر ۾ اڳتي
ڏنل آهي. اهي جهونيون وٿون آهن الور يا اروڙ،
برهمڻ آباد، ڀنڀور، ديبل يا ديول ۽ وجڪوٽ جا ڦٽل
شهر. اهي شهر شايد لکيل تاريخ جي زمانن جا آهن ۽
انهن کي آڳاٽن اهڃاڻن هيٺ رکڻ واجبي نه ڄاتو ويو
آهي.
|