باب ٻيو
سنڌ جي ارضيات
مُهاڳ:
1. لڪي ڇپر جي اُترئين ڀاڱي ۾ جيڪي مٿين ڪرٽيشس
سلسلي جا ٽڪر ملن ٿا ۽ رڻ ڪڇ جي اترئين ڇيڙي تي
ننگر پارڪر واري تر ۾ جيڪي سماق پهڻ هيکليون
ٽڪريون
)جيڪي
آرڪائين دؤر جون سمجهيون وڃن ٿيون) آهن، تن کي ڇڏي
سنڌ جا ٻيا سڀ ٽڪر ٽرشري جُڳ جا آهن. انهن جي
بناوٽ اهڙي ته چٽي آهي، جو هندستان- پاڪستان ننڍي
کنڊ جي باقي ڀاڱن لاءِ پڻ انهن کي نمونو ڪري ورتو
وڃي ٿو. انهن جي پهرين پهرين چوک چڪاس جيالاجيڪل
سروي آف انڊيا جي مسٽر ڊبليو، ٽي، بلائفورڊ ۽ مسٽر
ايف. فيڊن 1874ع-1877ع سالن ۾ ڪئي. انهيءَ چڪاس جا
نتيجا مسٽر ڊبليو. ٽي. بلائفورڊ 1879ع ۾ شايع
(هندستان جي ارضياتي جائزي جون يادگيريون نالي
رسالي جو جلد سترهون 1) ڪيا، جنهن ۾ هن سنڌ جي
ٽرشري ڇپرن کي پنجن سلسلن ۾ ورهايو.
مسٽرڊبليو.ٽي.بلانفورڊ جي اصلوڪي درجي بندي، ٿوري
سڌاري سان، اڃا تائين لاڳو ڪئي پئي وڃي. 1900ع ۾
مسٽر ايف. نوئٽلنگ ۽ مسٽر اي.ورينڊنبرگ کي مسٽر
بلائفورڊ جي اصلوڪي ”کير ٿر سلسلي“. هي هيٺئين ۽
مٿئين ڀاڱي جي پنڊپهڻ ٿي ويل مواد ۾ فرق نظر آيو ۽
پوئين صاحب وڌيڪ جهونن تهن (beds)
کي ڌار ڪري انهن تي ’لڪي سلسلو‘ نالو رکيو. 1906ع
۾ مسٽر اي. ورينڊنبرگ مٽنگ وارين گپ پهڻ جي ڇپن کي
لڪي سلسلي جو هيٺيون رڪن ڪري شامل ڪيو. ڊاڪٽر
ڊبليو. ايل. ايف. نٽال وري 1926ع م مٽنگ جا چُن
پهڻ وارا ٽَڪَر ۽ لوهي پهڻ جو هڪڙو تهه پڻ انهيءَ
سلسلي ۾ وڌايا. لوهي پهڻ وارو تهه لڪي ۽ رني ڪوٽ
سلسلي جي وچ ۾ ناموافقت جو مثال آهي.
2. سنڌ جي ٽڪرن مان تيل نڪرڻ جا وڏا امڪان آهن،
جنهن ڪري تيل وارين ڪمپنين هن علائقي ۾ گهڻي
دلچسپي ڏيکاري آهي. انهن ڪمپنين جي ڌرتي- ڄاڻ (Geology)
رکندڙن سنڌ جي ارضيات بابت معلومات کي وڌائڻ ۾ وڏي
هٿي ڏني آهي.
طبعي جاگرافي:
3. حيدرآباد جي ڀرپاسي ۽ ٿرپارڪر جي ڪن هيٺين ڇپرن
کي ڇڏي باقي سڄي اوڀرندي سنڌ هڪ وڏو وارياسو ميدان
آهي، جيڪو سيوهڻ جي اُتر ۾ اولهه طرف کيرٿر جي پاڙ
تائين هليو وڃي ٿو.
4. سنڌ جا مکيه ٽاڪرو ڇپر سنڌونديءَ جي اولهه ۾
آهن. انهن ٽاڪرو ڇپرن جو عام طرف اُتر- ڏکڻ يا
اُتر، اُتر- اولهه، ڏکڻ، ڏکڻ- اوڀر آهي ۽ سندن وچ
۾ جهڪي لاهه چاڙهه واريون ويڪريون ماٿريون آهن.
ٽاڪرو ڇپر اوڀر ڏانهن ويندي اُتانهان ٿيندا وڃن
ٿا. سنڌونديءَ جي ڀرسان لاکڙي وٽ هيٺانهين ٽڪرين
جي سمنڊ جي مٿاڇري کان وڌ ۾ وڌ اوچائي 685 فوٽ
آهي، اولهه ۾ پرتي لڪي ڇپر وارو ڏاکڻو ڀاڱو 2350
فوٽن کان وڌيڪ اُتانهون آهي ۽ اُتر ۾ اڳتي شايد
اڃا به وڌيڪ مٿانهون آهي. ڀٽ ڇپر سمنڊ جي مٿاڇري
کان 2786 فوٽ مٿي ۽ کير ٿر ڇپر، ڪٿي ڪٿي، 6000
فوٽن کان وڌيڪ اوچو آهي.
5. عام طرح اهي ٽاڪرو ڇپر اُتر ۾ وڌيڪ اُتانهان
آهن ۽ جيئن جيئن ڏکڻ ڏانهن وڃبو، تيئن تيئن انهن
جي اوچائي گهٽبي ويندي تان جو اهي سمنڊ تائين پهچڻ
کان اڳ ۾ لٽاشي تر هيٺ گم ٿي وڃن ٿا.
جوڙجڪ:
6. ٽاڪرو ڇپرن جو چڱو چوکو تعداد اُپيٽي لهرن جي
بناوت وارا آهن، جن کي لاڪن واريون ماٿريون ڌار ڪن
ٿيون. لهرن جو عام طرف انهيءَ علائقي جي مکيه اُتر
۽ ڏکڻ واري طرف سان موافقت ۾ آهي. سواءِ ڏکڻ اولهه
۾ ڪراچيءَ وٽ جتي ڪِن لهرن جو طرف اتر اوڀر- ڏکڻ
اولهه تي وڃي ٿو.
ارضياتي بناوتون:
سنڌ جي ٽڪرن بابت مکيه ڳالهين جو خاڪو هيٺ ڏجي ٿو.
سلسلو |
اسٽيج |
پَهڻ جو قسم |
مکيه بيهڪ |
ارضياتي زمانو |
|
مٿيون 500 فوٽ |
ڪڪريءَ جو مرڪب |
ناڙي نديءَ جي اُتر ۾ کير ٿر ڇپر جي
اوڀرندين لاهين سان لڳو لڳ |
|
منڇر سلسلو |
وچون 500-4600 فوٽ
هيٺيون 500-4000 فوٽ |
نارنگي ۽ ڪڪڙو واري پهڻ، ظاهري مرڪب
اڇو خاڪي ۽ 0 ڪڪو واري پهڻ ڳاڙهي ۽
نارنگي مٽي |
کيرٿر ڇپر جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾
اولهندي سنڌ |
مٿاهين حياتيءَ جو چوٿون دؤر
امائيوسين کان پلايوسن تائين |
گاج سلسلو 2400 فوٽ |
|
چن پهڻ، وارياسو گپ پهڻ ۽ واري پهڻ |
اولهندي سنڌ (لڪي ڇپر جي اوڀر ۾ ناپيد
يا 0 سنهو) |
هيٺانهون حياتيءَ جو چوٿون دور
امائيوسين ڇپر |
|
مٿيون 7000 فوٽن تائين |
واري پهڻ وارياسو گپ پهڻ ۽ گپ پهڻ |
اولهندي سنڌ، حب ماٿري (لڪي ڇپر جي
اوڀر ۾ غير موجود) |
|
ناڙي سلسلو 700 فوٽن تائين |
هيٺيون 1800 فوٽن تائين |
گپ پهڻ، ڪئلشم ڪاربونيٽ گاڏي واري پهڻ
۽ چن پهڻ، پاڙو وٽ اڇي ۽ ڦڪي ڪڪي رنگ
جي ڳري چن پهڻ سان |
اولهندي سنڌ (لڪي ڇپر جي اوڀر ۽
ناپيد) |
اوليگوسين |
|
مٿيون 1500 فوٽن تائين |
اڇو خاڪي ڳرو چن پهڻ |
کيرٿر، ڀٽ ۽ بڊڙو ڇپر ۽ کير ٿر جي ترت
اولهه ۾ اُپيٽي ڇپر |
|
کيرٿر سلسلو 6000 کان 8000 تائين |
وچون 2000 فوٽ |
ساوا ۽ خاڪي گپ پهڻ تمام گهڻي
فاسيليفورس ڪڪي ۽ خاڪي چن پهڻ جي
ڪيترن تهن سان |
|
مٿانهون ۽ وچون ايوسين |
|
لڪي چن- پهڻ 1000 فوٽن تائين |
تمام سخت، ملائيءَ جهڙو اڇو چُن پهڻ |
لڪي ڇپر ۽ ان جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر وارا
هيٺانهان لهرا |
|
لڪي سلسلو |
مٽنگ وارو گپ پهڻ 100 فوٽ |
ڪڪي چُن پهڻ جي تهن سان گپ- پهڻ |
فقت مٽنگ ۽ جهرڪن واري تر ۾ مڪامي طرح
اُڀريل |
هيٺانهون حياتيءَ جو ٻيو دؤر/ ايوسين
دؤر |
|
ميٽنگ وارو چن پهڻ 140 فوٽ |
سخت ڳرو چن پهڻ |
مورڳو مٽنگ جهرڪ واري تر ۾ مڪامي طرح
اُڀريل |
|
رني ڪوٽ سلسلو 3000 فوٽ |
مٿيون رني ڪوٽ 1150 فوٽن تائين |
ڪڪو چن پهڻ ۽ گپ پهڻ |
لاکڙي ۽ جهرڪن وارا لهرا ۽ لڪي ڇپر جو
اُتريون ڀاڱو |
پئليوسين |
رني ڪوٽ سلسلو 3000 فوٽ |
هيٺيون رني ڪوٽ 2000 فوٽن تائين |
مختلف شڪلين وارا لوهه گاڏڙ چن پهڻ ۽
گپ پهڻ |
لڪي ڇپر جو اُتريون ڀاڱو ۽ لاکڙي وارو
تر |
پئليوسين |
|
ڪارڊيٽا بومانٽي تهه 230 فوٽ |
زيتون جهڙي سائي رنگ جو گپ پهڻ آلائشي
چن پهڻ جي سنهڙن تهن سان |
لڪي ڇپر جو اُتريون ڀاڱو |
ڪريٽيشس |
مٿيون ڪريٽيشس |
پٻ واري پهڻ 2000 فوٽن تائين |
کهرو، ڪرسٽريو واري پهڻ ڳوڙهي خاڪي گپ
پهڻ سان |
لڪي ڇپر جو اُتريون ڀاڱو |
ڪريٽيشس |
|
هيمينوسٽيس جا تهه 315 فوٽ |
وارياسو ڳرو چن پهڻ |
لڪي ڇپر جي اُترين ڀاڱي جو بڊڙو ٽڪر |
|
جوراسڪ:
8. تيل جي ڳولا ڪندي جيڪي ڪيئي هزار فوٽ اونها
کوهه کنيا ويا آهن. سي اهڙي ڳري چن پهڻ منجهان به
لنگهيا آهن، جو شايد جوراسڪ زماني جو آهي. پر اهو
چُن- پهڻ سنڌ جي مٿاڇري تي ظاهر نه آهي.
ڪريٽيشس:
9. جيڪي اونها کوهه جوراسڪ زماني جي چُن- پهڻ
منجهان پيهي ويا آهن. سي ڪريٽيشس زماني جي وڏي
ٿولهه واري گپ- پهڻ، چُن گاڏڙ گپ پهڻ ۽ گپ گاڏڙ چن
پهڻ منجهان پڻ لنگهيا آهن. لاکڙي ۾ جيڪو کوهه (25
ڊگريون 38 فوٽ ويڪرائي ڦاڪ، 68 ڊگريون 8 فوٽ
ڊگهائي ڦاڪ) 1948ع ۾ کوٽيو ويو هو. سو اهڙن تهن جي
9000 کان به وڌيڪ فوٽن منجهان لنگهيو هو. اهي تهه
سينونئين کان وٺي نيوڪاميئن زماني تائين جا آهن.
سنڌ ۾ ترياري (تهه) مول منڍ جا پراڻي ۾ پراڻا ظاهر
تهه مٿئين ڪريٽيشس سلسلي سان واسطو رکن ٿا. اهي
لڪي ڇپر جي اُترين ڀاڱي ۾ آهن، جتي انهن کان ڪي
1450 فوٽ زمين مٿان آهن.
10. هيٺين ۾ هيٺيان تهه، جن کي ’هيمپنيوسٽيس تهه‘
چئجي ٿو، سي تمام سخت، ڳتيل، ڳري شفاف چُن پهڻ جا
آهن. انهن جي مٿئين ڀاڱي ۾ هڪڙو تهه چن پهڻ جو ته
ٻيو وري واري پهڻ جو آهي. اهي تهه پنڊ پهڻ ٿي ويل
باقيات ۾ شاهوڪار آهن، جا ظاهر ڪري ٿي ته اهي
ڪئمپانيئن کان مائسٽر ڪٽيئن زماني تائين جا آهن.
هتان جي عام پنڊ پهڻ ٿي ويل باقيات هيٺين آهي.
سيفالوپاڊس… ناٽيلس سبلووائگيش، پئرا پاڪيڊسڪس ۾
ڊلمينسميس، باسٽريڪو سيراس پاليپلو ڪم
ايڪينائڊس … هيمپينوسٽيس پائيرينائڪسل، ايڇئ
ليميراءِ، ايڇ ڪامپريسس، ايڪيناڪونس گائگاس، اِي
ميلياس، پائرينا ائٽازينسيسل، هيمياسٽر بلائفورڊي.
لئمليبرانڪس… آسٽريا (لوفا) پيڪٽيناٽا، او
(پائڪنوڊونٽي) ويسيڪيو لارس، نائٿيا (نائٿياپس)
اوئاڊريڪو سٽاٽا، ڪلامس ڊوجار ڊيني، ويريڪار بولا
هارپا.
11. هيمپينوسٽيس تهن جي مٿان پٻ واري، واريءَ پهڻ
جا تهه آيل آهن. لڪي ڇپر جي ٽن ٽڪرن منجهان وچون
ٽڪر انهيءَ واري پهڻ جو آهي. هيمپينوسٽيس تهن ۽ پٻ
واري پهڻ جي وچ واري حد هڪڙيءَ حالت مان ٻيءَ ۾
ويندڙ آهي، يعني ڪٿي وارياسو چن- پهڻ آهي ته ڪٿي
پٻ واري- پهڻ، جن جي تهن جي ٿولهه الڳ الڳ آهي. پٻ
واري- پهڻ ڳري يا لهريدار تهن واري ڪرشريي واري-
پهڻ جو ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڪيتري قدر ڪڪريءَ وارو
واري- پهڻ، مرڪب پهڻ ۽ ڪرشري ۽ تمام هيٺانهين تهن
وارو گپائون واري پهڻ ۽ وارياسو گپ پهڻ به مليل
آهي. سالٽ جا سنها تهه، جن کي حد دخلي ڪندڙ ڄاتو
وڃي ٿو، سي هن گروهه سان رليل مليل تهه بنديءَ ۾
موجود آهن. پٻ واري پهڻ گهڻي ڀاڱي فاسيليفرس نه
آهي، پر گروهه جي مٿئين ڀاڱي ۾ ڪن ڪن هنڌن تي
..... گپائون واري- پهڻ ملي ٿو.
12. سنڌ ۾ شاهين ڪريٽيشس سلسلي جي ٽئين ورڇ، جا پٻ
واري- پهڻ جي مٿان آيل آهي، سا ”ڪارڊيٽا بومونٽي
تهه“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اهو ان ڪري جو ان
۾ لئمليبرانچ ڪارڊيٽا بومونٽي جو وڏو تعداد موجود
آهي. اهي تهه فاسيليفرس چن- پهڻ گپ- پهڻ ۽ گپ- پهڻ
جا ٺهيل آهن. ڪارڊيٽا بومونٽي تهن ۽ انهن جي هيٺان
واري پٻ واري پهڻ جي وچواري حد پڻ هڪڙيءَ حالت مان
ٻيءَ ۾ ويندڙ آهي. ڪارڊيٽا بومونٽي تهن جو زمانو(
مسيوزڪ دؤر
(Mesozoic Era)
جو آخري دؤر آهي انهيءَ دؤر ۾ جبل ٺيا) چن وارو
دؤر ۽ اوائلي ارضياتي پيليويسين دؤر جي وچ ۾ چيو
وڃي ٿو.
رني ڪوٽ سلسلو:
13. سنڌ ۾ ٽرشري سرشتي جا جيڪي ٽَڪَر آهن، تن جي
هيٺين ۾ هيٺين ورڇ کي ”رني ڪوٽ سلسلو“ سڏيو وڃي
ٿو. اهو نالو هڪ ڪوٽ تان پيو اٿس. جيڪو ڪوٽڙي جي
اُتر- اولهه (25 ڊگريون 54 منٽ 67 ڊگريون، 56 منٽ)
۾ لڪي ڇپر ۾ ٺهيل آهي. هيٺانهين رني ڪوٽ اسٽيج جو
سٺي ۾ سٺو اوڀر لڪي ڇپر ۾ ۽ داڦڙي واري لهري جي
ڀرپاسي ۾ آهي، جتي اهو اٽڪل 1430 فوٽ ٿلهو آهي.
14. هيٺانهين رني ڪوٽ اندر ٽي ڇوٽيون ورڇون آهن.
هيٺين ۾ هيٺين ڇوٽي ورڇ ”داڦڙو تهه“ سڏي وڃي ٿي.
اهي تهه ٿلهن تهن واري ڳري زيتوني رنگ جي چن پهڻ ۽
رليل مليل گپ پهڻ جا ٺهيل آهن، جن جي مٿان ”ٽرئپ“
نالي واري ڇوٽي ورڇ وارا آتشي ٽڪَر آيل آهن. اهي
مٿان وريل آتشي ٽڪر آبهوا جي عنصرن سبب بيحد کاڌل
آهن. لڪي ڇپر ۾ ”ٽرئپ“ جي ٿولهه 50 کان 100 فوٽن
تائين آهي. هيٺئين رني ڪوٽ جي ٽين ۽ آُتانهين ۾
اُتانهين ڇوٽي ورڇ ”کڏڙو تهه“ جي نالي سان سڏجي
ٿي. ۽ واري- پهڻ چيڪي مٽي گاڏڙ واري پهڻ، وارياسي
گپ پهڻ ۽ وارياسي مٽيءَ جي جڙيل آهي، جي رليل مليل
رنگن جا آهن. لڪي ڇپر جي اولهندي ڇيڙي تي انهيءَ
چوٽيءَ ورڇ وارن ٽڪرن جي ڪري لڪيءَ واري چن- پهڻ
جي جوڙيل اُتانهين لاهيءَ جي پاڙ وٽ هيٺاهيون
ٽڪريون اُڀريل آهن.
15. هيٺانهين رني ڪوٽ بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اهو
دريائي حالتن هيٺ سٿيو ويو هو. جڏهن ته مٿانهون
رني ڪوٽ تانگهي پاڻيءَ ۾ جڙيل سامونڊي سٿ آهي. رني
ڪوٽ سلسلي جي ٻن مکيه ورڇن جي وچ ۾ پوري پوري
موافقت آهي. هيٺانهين رني ڪوٽ واري پهڻ جا تهه
مٿانهين رني ڪوٽ جي تانگهي پاڻيءَ واري سامونڊي
ٽڪر سان پوريءَ طرح ٺهڪيل آهن.
16. مٿانهين رني ڪوٽ جا سٺي ۾ سٺي اوڀڙ لاکڙي
واري تر ۾ آهن. پر لڪيءَ واري چن- پهڻ جي مٿان اچي
وڃڻ ڪري انهن جي سموري ٿولهه ظاهر نه آهي. لاکڙي
واري تر ۾ مٿانهون رني ڪوٽ لوهه ۽ ڪوئلي گاڏڙ گپ
پهڻ ۽ ڪئلشم گاڏڙ ۽ رليل مليل واري پهڻ جو جڙيل
آهي ۽ منجهس ڦڪَي ڪڪَي چن- پهڻ جون گندرفي
(فاسليفيرس) پٽيون آهن.
17. مٿانهين رني ڪوٽ وارن تهن جا ٻيا اوڀڙ
لڪي ڇپر جي اُترئين ڀاڱي ۾ ۽ ڪوٽڙيءَ (25 ڊگريون
22 منٽ، 68 ڊگريون 19 منٽ) ۽ هيلايا ٽڪرين (24
ڊگريون 52 منٽ، 68 ڊگريون 3 منٽ) جي وچ ۾ ملن ٿا.
پوئين تر ۾ انهيءَ سلسلي جا ٽڪر سنهي ڪڻ واري بيحد
گهڻي فاسليفيرس چن پهڻ جا جڙيل آهن، جيڪو رنگ ۾
نارنگيءَ کان وٺي پيلي ڪڪي تائين آهي. منجهن گپ-
پهڻ، وارياسو گپ- پهڻ ۽ واري- پهڻ به ملي ٿو.
18. دريائي مول منڍ وارو هيٺانهون رني ڪوٽ
ذري گهٽ غير فاسليفيرس آهي. پر بنياد وٽ ٻه
پنٿريئي پن جا نشان ۽ ڪڏو ملن ٿا. ٻئي طرف،
مٿانهين رني ڪوٽ مان جانورن جي پنڊ پهڻ ٿي ويل
باقيات جهجهي انداز ۾ ملي آهي. اها باقيات هيءَ
آهي: نورامنيفيرا، ڪورل، ايڪينائڊ ۽ مولسڪ، رني
ڪوٽ جي مکيه پنڊ پهڻ ٿي.
ويل باقيات هيٺ ڏجي ٿي.
فورامنيفيرا: نمولائيٽس نٽالي، اين ٿئليڪس، اين
گلوبولس، اين واڊياءِ، اين لاهيراءِ، آپر
ڪيولينائيڊيس، سنڊينيسيس اسيلينا رنيڪوٽينيسيس، اي
ڊنڊوٽيڪا، اي اسپائنوسا، اَپرڪيولينا ڪئناليفيرا،
او، سبسالسا، او، جيوڻي، او پتالينسيس، سيلئنيا
مسيرا، ايم اسٽيمپي، لاکڙا شيا ڪانڊٽي، ايل
هئماءِ، ايل ٽپيري، روٽاليا ٽروچيڊيفارمس، ڊاءِ
ڪوٽيڪانئڊرس، فليمنگي، ڊسڪو سائيڪلينا
رنيڪوٽينيسيس، الويولينا ورينڊينبرگي، اي، اووڊيا.
ڪورلس:سائيڪلو لائيٽيس، ٽروڪو سمائيليا.
ايڪينائڊس: فائيلاڪانٿس سنڊينسيس، فائيمو سوما
ابنارملي، سائليفيا بلا نفورڊي، ڊڪٽائپلورس
هائماءِ، ڪانوڪلائپيوس سنڊينيسيس، پليسيولامپس
پلاسينٽا، پي او ايس، يورهوڊيا ماربسي، هيمياسٽر
ايلانگاٽس، شيزاسٽر الويولاٽس.
لئميلبرانچس: آسٽريڪف ملٽيڪوسسٽانا، او بيلو
وسينا، او ٽالپر، او (لايوسٽريا) هيڊيني،
اسپانڊائلس روئالٽي، ونيريڪارڊيا هالنڊي،
ٽرپچيڪارڊئيم شمارپيئي، پائٽار مارگني، ڪاربولا
ورينڊينبرگي.
گئسٽروپاڊس: ٽريڪيولا (پلورو فيوزيا) پاليسيسٽا،
پي (ائپيوٽوما) ورينڊينبرگي، ٽرس (ابوپلوروٽرما)
جهڪينسيس، ڪئلپٽو فورس انڊيڪس، ڪونس (لٿوڪونسي)
بلاگراويئي، نيو ائٿليٽا نيوٽليجي، والو ٽوڪاربس
يوجينيئن، لائريا فيديني، ڪلاويليٽيس لائنينسيس،
اسٽريپسيڊيورا ڪاسماني، پٽيرينوٽس (پرپريلس)
سنڊيئنسيس، ٽرانسوويولا (آگزيسپوريئيا) جهرڪينسيس،
ٽبيا مارگني، ڪلاوا سبنيوڊم، ٽريٽيلا (هاسٽيٽر)
جهرڪينسيس، ڪروميئم روئالٽي، سي. ڊوليئم، ولاٽيس
نورپورينسيس.
سفيالوپاڊس: يوٽريفوسيرس سبفلوريوسيانس،
ڊيلٽائلوناٽيلس ڊليوسي، سائموميا ڪاسماني، ناٽيلس
سنڊئينسيس.
19. رني ڪوٽ سلسلو پئليوسين جُڳ جو آهي.
لڪي سلسلو:
20. مٿانهين رني ڪوٽ مٿان غير موافق طرح
هيٺانهين
گلن ۽ ڦر وارن ٻوٽن جي حياتيات جو ٻيو دؤر
ايوسين جُڳ
(Eocene Era)
جو ”لڪي سلسلو“ سٿيل آهي. اهو سلسلو اڳي مٿان آيل
”کيرٿر سلسلي“ سان گڏ رکيو ويندو هو، پر پوءِ ان
جي نرالي حيواني باقيات جي ڪري ان کي الڳ ڪيو ويو.
رني ڪوٽ ۽ لڪي سلسلن جي وچ ۾ جا غير موافقت آهي،
سا (لئٽرائيٽ) جي تهه جي ڪري آهي، جيڪو ڪن ڪن جاين
تي 25 فٽ ٿلهو آهي.
21. سنڌ ۾ لڪي سلسلي جون ٽي ورڇون آهن:
لڪي چن- پهڻ، مٽنگ گپ- پهڻ ۽ ميٽنگ چن- پهڻ. لڪي
چن پهڻ ڇپر ۾ ۽ لڪي ڇپر جي ترت اولهه وارين ٽڪرين
۾ توڙي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن هيٺاهن لهرن ۾ پورو اُسريل
آهي. اهو پهڻ سخت ڇپن ٺاهيندڙ تهن جي چن پهڻ جو
آهي ۽ مٽي هاڻي گول چن پهڻ جو جڙيل آهي. سنڌ اندر
ان جو وڌ ۾ وڌ اوڀڙ لڪي ڇپر جي اُترين ۽ ڏاکڻي
ڇيهه وٽ آهي، جتي ان جي ٿولهه 1000 فوٽ کن ٿي وڃي
ٿي.
22. مٽنگ گپ- پهڻ ۽ مٽنگ چن- پهڻ پوريءَ
طرح مڪاني اوسر آهن ۽ انهن جا سٺي ۾ سٺا اوڀڙ مٽنگ
وٽ آهن. مٽنگ چن- پهڻ اڇي ۽ هلڪي ملائيءَ واري رنگ
جي چاڪائين چن پهڻ جو جڙيل آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي
گپ- پهڻ ۽ گپ ۽ چن گاڏڙ پهڻ به آهي. ان جو پورو
سلسلو رڳو مٽنگ ۽ لطيف چانگ ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مٽنگ گپ- پهڻ گهڻي ڀاڱي پهڻ جو جڙيل
آهي، جنهن ۾ چن پهڻ ۽ واري پهڻ ۽ ڪٿي ڪٿي مرڪب پهڻ
به ملي ٿو.
23. لڪي سلسلي جي پنڊ پهڻ ٿي ويل حيواني
باقيات هيٺينءَ ريت آهي.
فورامنيفيرا: نمولائيٽس آبٽيوسس، ان. پرفوريٽس،
اين. اڪيوٽس، اين. جوگجڪار تاءِ، اين. بيومانٽي،
اين. لئوگيٽس، اين. اسٽئمينيوس، اين. آبٽيوسَس
واريورانينسس، اين. ماميلاٽا، اي. اريگولارس، اي.
سب پاپيلاٽا، ڊڪٽايو ڪانوبڊيس ڪوڪي، ائڪٽينو
سائيڪينا ائڪٽيڪو سٽاٽا، ڊسڪو سائيڪينا ڊسپانا،
ڊي. سوئربائيي، الويولينا الپٽيڪا.
ايڪينائيڊس: فائيموسوما انڊاٽم، ڪانوڪلائپيوس
راسٽرئٽس، سسمونڊيا پاليمارفا، ائمبيپائگس
ٽيوميڊس، اي. لاٽس، ايڪينولئمپاس سنڊينسس،
ايڪينانٿوئن ٽرمييبڊيئس، مائڪراسٽرٽيو ميڊس،
شيزاسٽي سمولنس.
ناڙي سلسلو:
24. ناڙي سلسلو هيٺين ڇوٽي ورڇ ۾ ورهايل آهي.
هيٺين ڇوٽي ورڇ عام ڪري بنا موافقت جي وچين کير ٿر
واري چن پهڻ تي بيٺل آهي ۽ پاڙ وٽ جڙت سخت ڪڪي ۽
اڇيرڙي چن پهڻ جي ۽ مٿي گپ پهڻ، واري- پهڻ ۽
وارياسي چن پهڻ جي اٿس. سنڌ جي گهڻي ڀاڱي تي
انهيءَ سلسلي جي هن ورڇ وارا ٽڪر اولهندي طرف
ٿولهه ڏانهن لاڙو رکندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي وڌ
۾ وڌ اوسر گاج نديءَ واري تر ۾ آهي، جتي انهن جي
ٿولهه 1800 فوٽ ٿي وڃي ٿي.
25. ناڙي سلسلي جي مٿين چوٽي ورڇ گهڻي ڀاڱي کهري-
ڳري واري- پهڻ ۽ لوهه گاڏڙ مرڪب پهڻ جي جڙيل آهي،
جنهن ۾ گپ پهڻ، مٽيءَ ۽ لوهه پهڻ گپ- پهڻ جون
ماتحت پٽيون آهن. واري- پهڻ گهڻو ڪري خاڪيءَ کان
وٺي ڳاڙهسري تائين رنگ جا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن هن
سطح تي گهڻو واري- پهڻ ڳرو ۽ قسماقسمي آهي. ٿاڻي
بولا خان ۽ ٿاڻي شاهه بيگ جي ڀرپاسي ۾ هيءَ چوٽي
ورڇ سخت ڳاڙهسري چن- پهڻ جي جڙيل آهي.
26. واري- پهڻ جي نرميءَ جي ڪري، مٿين ناڙيءَ جا
تهه تمام اڻپوري نموني ۾ پڌرا ٿيل آهن. سواءِ وڌيڪ
ڏاکڻين ايراضين جي، جتي سخت چن- پهڻ جي پٽين جي
ڪري اڇي لاهيءَ واريون ڇپون ٺهي پيون آهن.
27. مٿين ناڙي جا ٽڪر اولهه طرف ويندي تيزيءَ سان
ٿلها ٿي وڃن ٿا، ۽ حب ماٿريءَ ۾ ته انهن جي ٿولهه
7000 فوٽ به ٿي وڃي ٿي.
28. مٿين ناڙي هيٺين ناڙيءَ جي اڻمواقفت ۾ بيٺل
آهي. ڀڳي ٽوڙهي وٽ، لڪي ٽڪر جي اولهندي پاسي،
هيٺين ناڙيءَ جو رڳو هيٺيون ڀاڱو ئي ظاهر آهي، ۽
مٿين ناڙيءَ جا تهه سخت چن- پهڻ جي کاڌل ڇپڙن تي
بيٺل آهن، جي هيٺين ناڙيءَ جي مڪاني مٿاڙ جوڙين
ٿا. سنڌ جي ڪيترن ئي خاص ڪري وڌيڪ اوڀر وارن
علائقن ۾ اڻموافقت مٿين ناڙيءَ جي پاڙ وٽ مرڪب-
پهڻ جي تهه جي ڪري آهي.
29. ناڙي سلسلو(حياتيات جي ٽئين دؤر جنهن ۾ وڻن
۽ٽارين تي گذران ڪندڙ جانور، اّٺ ۽ گهوڙا پيدا
ٿيا) اوليگوسين زماني جو آهي. پر مٿيون ناڙي، گهٽ
۾ گهٽ ان جو ڪجهه ڀاڱو ٿي سگهي ٿو هيٺين مايوسن
زماني جو هجي ان سلسلي جي پنڊ پهڻ ٿي ويل حيواني
باقيات هيءَ آهي.
فورا منيفيرا: نمولائيٽس انتر ميڊيئس، اين. نچيلي،
ليپ ڊوسائيڪلينا (يوليپيڊينا) ڊائليٽاٽا.
لئيملبرانچس: ائسٽريا ائف فراسي، او. سب
ائنگولاٽا، پيڪٽن (امسيوپيڪٽين) لباديئي، شاملس
سينا ٽوريا، ٽرائسيڊاس سيمينار ٽم، لوسينا
ڪولمبيلا، ”ڪراسينيلا“ سلڪاٽا، چيونيلا
اسپلينڊيڊا، مئڪرو ڪئلسٽا (ڪوسٽا ڪئلسٽا) ائگزنٽر
ميڊيا، پيري گئلپٽا ائگلاريٽي، وينٽريڪولائيڊيا
ملٽيلا ميلا، پائٽر پوريڪٽس.
گئسٽروپاڊس: ٽريبراناڙيڪا، اينسيلا (اسپاريلا)
انڊيڪا، والپٽواسپائنا سنڊيئسس، ويئريا ائنسيپس،
پروائڊوسٽا پرونيفارمس، پٽائيڪو سيريٿيئم سنڊائنس،
پي ڀڳو ٽوڙويئنس.
گاج سلسلو:
30. سنڌ جي گاج سلسلو چڱو اُسريل آهي ۽
پهڻ جي وڏي گوناگوني اٿس. گاج ۽ ناڙي ندين جي سنوت
۾ اهو گهڻي ڀاڱي گپ- پهڻ جو جڙيل آهي، جنهن ۾ ڪجهه
ٿلهو واري- پهڻ ۽ پڻ چن- پهڻ جون سنهيون پٽيون
آهن، پر اڳتي ڏکڻ ۾ چن جُون پٽيون گهڻيون ۽ نمايان
ٿي وڃن ٿيون.
ڏکڻ اولهندي طرف وري گپ- پهڻ آهي، ۽ منگهي پير وٽ
چن- پهڻ واريون پٽيون ماتحت ٿي وڃن ٿيون. وڌيڪ
اوڀرندين ايراضين ۾، مهر پوٺي ۽ لڪي ڇپر جي وچ ۾
گاج سلسلي جو هيٺيون ڀاڱو گهڻو تڻو چن پهڻ جو آهي
۽ نمايان اچي لاهيءَ واريون ڇپون ٺاهي ٿو.
31. گاج سلسلي جي ٿولهه ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ
آهي. راس مانزي وٽ ٿولهه اٽڪل 2500 فوٽ ۽
گاج نديءَ وٽ اٽڪل 1600-1800 فوٽ اٿس. لڪي ڇپر جي
اوڀر ۾ گاج سلسلو ناڙي ۽ کيرٿر سلسلن کي اورانگهي
سڌيءَ طرح لڪيءَ واري چُن- پهڻ تي بيٺل آهي. اڃا
اوڀر ۾ اهو بنهه ناپيد آهي.
32. گاج سلسلو هيٺين (وهيل مڇين ۽ باندرن جي
پيدا ٿيڻ وارو حياتيات جو چوٿون دؤر) ميئوسين دؤر
(Miocenc Period)
جو آهي ۽ پنڊ پهڻ تي ويل باقيات ۾ شاهوڪار آهي.
فورامنيفيرا ۾ مايوجپسينا، مايوجپسينائڊس،
ليپيڊوسائيڪلينا (نيفرليپيڊينا)، اپرڪيولينا ۽
آسٽروٽلينا جون جنسون عام ملن ٿيون. آرڪائياس
سائيڪلوڪلائپيوس ۽ جپسينا نالي جنسون پڻ ملندڙ
آهن. اسپائروڪلائپيوس جي نالي باقيات انهيءَ سٿ جي
پاڙ وٽ ملي ٿي، جيڪا ٻي پنڊ پهڻ ٿي ويل باقيات
انهيءَ سلسلي ۾ منجهه ملي ٿي، سا هيءَ آهي:
ايڪينائڊس: برينيا ڪاريناٽا، ڀوپاٽاگس پئٽيلارس،
ايڪينولئمپاس جاڪومانٽي، ڪلائيپاسٽر ائفپر و فنڊس،
ايڪينوڊسڪس (ٽريٽو ڊسڪس) پلاسينٽا.
گئسٽروپاڊس: وائڪاريا ورنئي لي، ٽريٽيلا (زاريا)
ائنگولانا، ٽيلي اسڪوپيئم پاڪستانيڪم، اولي
وئنسيلاريا (ائنازولا) نبيولوسا وارپوپا.
لئميليبرانڪس: شلامس (ائڪئيپيڪٽن) اسڪئبريلا، سي.
سينا ٽوريا، ڊوسينا سوڊو ارگس، پيريگلپٽا گرانوسا،
ڪليمينشا پئپيراسيا، ڊسڪار سٽرائفارمي، ليوسينا
ڪولمبيلا.
33. آسٽريا لئٽيمارجيناٽا نئين گاج سلسلي ۾ عام
ملي ٿي. آسٽريا جي ٻين جنسن ۾ او. (ڪراسا سٽريا)
گاجينسس، او. (لوفا) هايوٽس، او. (ڪراساسٽريا)
گريفائيڊس ۽ او. ويسٽيٽا اچي وڃن ٿيون. پيڪٽن
(ايموِيوپيڪٽن) پلاسينٽا، ايموشيئم سب ڪارنيئم،
ائناڊرا پيٽينسس، اي. ڪرئٽيڪيولاٽا وار. برنيسي،
ٽرائسيڊاس سيميٽارٽم نالي باقيات به آهي، ۽ گينڊي
جي ڪجهه پنڊ پهڻ ٿي ويل باقيات پڻ.
منڇر سلسلو:
34. منڇر سلسلو سنڌ اندر ٽرشري سرشتي جي اتاهين ۾
ورڇ آهي ان تي اهو نالو منڇر ڍنڍ (26 ڊگريون 25
منٽ: 67 ڊگريون 42 منٽ) تان رکيو ويو آهي، جا
سيوهڻ کان ڪجهه ميل اولهه ۾ آهي اهو سلسلو گاج
نديءَ جي سنوت ۾ چڱو اُسريل آهي، جتي انهيءَ سلسلي
جا ٽڪر 9000 فوٽن کان وڌيڪ ٿلها آهن. ان سلسلي جون
ٽئي چوٽيون ورڇون مڃيون وڃن ٿيون.
35. هيٺيون منڇر ڪٿي ڳاڙهي ۽ نارنگي مٽي پهڻ جو ته
ڪٿي سائيرڙي ڳري واري- پهڻ جو جڙيل آهي ۽ ناڙي ۽
گاج ندي جي ڀرپاسي ۾ چڱو اُسريل آهي. ڳري ڦڪي سائي
۽ خاڪي واري- پهڻ منجهان ڪرنگهي وارن جانورن جي
پنڊ پهڻ ٿي ويل باقيات ملي آهي. گاج ندي جي ڏکڻ ۽
اوڀر ۾ ان سلسلي جا ٽڪر سنها ٿي وڃن ٿا. ناڙي
نديءَ پير غازيءَ جي وچ ۾ گاج ۽ منڇر سلسلن جي وچ
۾ اڻموافقت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
36. وِچين چوٽي ورڇ ڪٿي نارنگي رنگ جي مٽي پهڻ جي
۽ ڪٿي ڪڪي کهري واري- پهڻ جو ۽ ڪٿي وري ڪسي مرڪب-
پهڻ جو جڙيل آهي.
37. مٿيون منڇر، جيڪو کير ٿر ڇپر جي اوڀرندي ڇيهه
وٽ ٻاهرين ۾ ٻاهرين ڇپ ٺاهي ٿو، سو ڪڪريءَ جي مرڪب
پهڻ جو جڙيل آهي، جنهن ۾ ايوسِن زماني جي چن- پهڻ
جون ڪڪريون مليل آهن. مرڪب پهڻ سان گڏوگڏ کهري
ڪرسڙي واري- پهڻ جون پٽيون پڻ ملن ٿيون.
38. منڇر سلسلي جا ٽڪر مايوسِن کان وٺي (گوشت خور
جانورن جي) چوٿين پليٽوسين دؤر
(Plerstonce Period)
تائين جا آهن ۽ اڪثر ڪري پرتي اتر وارين ايراضين
جي سيواليڪ سلسلن سان لاڳاپيا وڃن ٿا. اهي گهڻو
ڪري درياهي مول منڍ وارا آهن، پر ڏکڻ طرف ويندي
جيئن پوءِ منهن ٻاري جي ۽ سامونڊي مول منڍ وارا ٿي
وڃن ٿا.
ڌرتيءَ جو ٽيئن زماني کان پوءِ جا سٿ:
سنڌ ۾ ٽڪرن جا ڌرتيءَ جي ٽئين زماني کان پوءِ وارا
سٿ تازي مرڪب- پهڻ، رائي، اڏامي آيل واريءَ ۽ لٽ
جا جڙيل آهن. مرڪب- پهڻ وارن ٽڪرن ۾ رائي ۽ واريءَ
اندر وڏيون وڏيون ڇپون آهن ۽ ايوسِن يا گاج چن پهڻ
جو چونائي مادو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڳنڍڻ جو ڪم ڪري
ٿو. اهي مرڪب- پهڻ هيٺاهيون ڇپون ٺاهين ٿا. رائو ۽
اڏامي آيل واري مکيه ڇپرن جي وچ ۾ ماٿرين جا وڏا
وڏا علائقا والاري ٿي. پر لٽاشي ايراضي گهڻو ڪري
لڪي ڇپر جي اوڀر تائين محدود آهي.
آتشي ٽڪر:
39. ننگر پارڪر واري تر ۾ ڪڇ جي رڻ جي اُترئين
ڇيڙي وٽ گهڻي ڀاڱي سماق پهڻ جون هيکليون ٽڪريون
آهن. انهن ٽڪرين کي عام طرح اُپ ٻيٽي ننڍي کنڊ جي
اراولي سرشتي سان واسطو رکندڙ سمجهيون وڃن ٿيون پر
پڪ ناهي ته اهي ڪهڙي زماني جون آهن.
اقتصادي ارضيات:
40. اڳوڻو سنڌ صوبو گهڻو تڻو تهي ٽڪرن جي لٽ ۽
بياباني واريءَ جو جڙيل آهي. انهي سان گڏ ملندڙ
معدنيات مان ڪي ٿوريون شيون ئي اقتصادي اهميت
واريون هونديون آهن.
41. سنڌ ۾ برسات تمام ٿوري پوي ٿي، ۽ جيڪا پوي ٿي،
سا اوچتن ڳرن وسڪارن جي صورت ۾ پوي ٿي. ان جو
نتيجو اهو ٿو ٿئي ته پاڻي واهڙن منجهان وهيو وڃي ۽
ان کي ايتري مُهلت ئي نٿي ملي، جو زمين ۾ جذب ٿي
زير زمين پاڻي جي ناڪافي ذخيرن کي ڀري سگهي.
جيڪڏهن اهو پاڻي بچايو وڃي ته اهو ملڪ جي ضرورتن
کي پوري ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو.
42. ايتري وڏي تهي ترائيءَ ۾ ٿوري گهڻي هائيڊرو
ڪاربان معدنيات جي لڀڻ جو آسرو هوندو آهي. پر سنڌ
جي ظاهر ٽڪرن ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ نه آئي آهي.
ماضيءَ ۾ تيل وارين ڪمپنين ڪيترائي کوهه کنيا آهن
۽ اڃا تائين ڳولا ڪئي پئي وڃي، پر اڃا تائين
علائقي ۾ تيل يا گيس جي تجارتي تعداد هجڻ جا آثار
ڪونه ڏٺا ويا آهن.
43. جيڪا ٻي اقتصادي اهميت واري معدنيات ملي آهي.
سا آهي اڏاوتي پٿر، چن- پهڻ، سليسٽائيٽ، ميٽ، ڪچو
ڪوئلو، ڪڇ جي واري، چيرولي، چقمق ۽ ڦٽڪي.
44. گاج ۽ ناڙي سلسلن جو ڪجهه نرم چن- پهڻ اڏاوتي
پٿر ڪري ڪم آندو ويو آهي. هيءُ چن- پهڻ توڻي جو ڪم
آڻڻ ۾ سولو آهي، پر جاٽو(پائيدار) نه آهي. هوريان
هوريان اڏاوتي ڪم لاءِ واهپو بند ڪيو پيو وڃي.
45. سنڌ جي ٽاڪرو ڀاڱي ۾ چن پهڻ گهڻو آهي ۽ ان کي
سيمينٽ ٺاهڻ جي ڪم آندو پيو وڃي. ڪراچي، حيدرآباد
۽ روهڙيءَ ۾ ٽي سيمينٽ جا چڱا وڏا ڪارخانا ڪم ڪري
رهيا آهن.
46. سيلسٽائيٽ ٿاڻي بولا خان جي ويجهو فورامينفيرا
اندر رڳن جي شڪل ۾ ملي ٿو.
47. ميٽ جا تهه چن پهڻ جي گاج کان رني ڪوٽ تائين
زماني جي تهن سان گڏ ملن ٿا. سٺي ۾ سٺو ميٽ خيرپور
ڪمشنريءَ ۾ خيرپور شهر کان اوڀر طرف وارين ٽڪرين
اندر فورامينفيرائي چن- پهڻ جي سَنوت ۾ ملي ٿو.
48. ميٽ ٿاڻي بولا خان ۽ حيدرآباد وٽ ۽ جهمپير ۽
جهرڪ ريلوي اسٽيشنن جي ويجهو پڻ ملي ٿو. ٿورو ڪسي
قسم جي ميٽ ڊرگ روڊ واري اپيٽ اندر گاج چن- پهڻ
واري اوڀڙ ۾ پڻ ملي ٿو.
49. ڪچو ڪوئلو جهمپير ۽ مٽنگ لڳ مٿئين رني ڪوٽ
سلسلي جي سونهري وارن تهن اندر سنهي تهه جي شڪل ۾
ملي ٿو. هيءُ ڪوئلو 1941ع کان تجارتي طرح ڪڍيو پيو
وڃي ۽ ڪاٿو آهي ته ان جو ذخيرو اٽڪل هڪ ڪروڙ ٽن
ٿيندو.
50. ڪڇ جي واري ٺٽي ضلعي ۾ جنگشاهيءَ لڳ وڏي انداز
۾ ملي ٿي، پر گهڻي سٺي نه آهي. انڊس گلاس ورڪس
وارا ڪچ ٺاهڻ لاءِ اها واري ڪم آڻيندا آهن.
51. چيرولي بلور ۽ تاندوري وارين رڳن جي شڪل ۾
ٽرشري زماني جي چن- پهڻ ۽ گپ پهڻ اندر اولهنديءِ
سنڌ جي چڱي چوکي ڀاڱي ۾ لڀي ٿو. اهو ڪيترن ئي هنڌن
تي ٿورو ٿورو ڪري ڪڍيو پيو وڃي. چيرولي سيمينٽ
ٺاهڻ ۾ ڪتب آندو پيو وڃي، پر ايترو نِجو نه آهي جو
ٻئي ڪنهن ڪم اچي.
52. چقمق پهڻ ڳوڙهن جي صورت ۾ گلن ۽ ڦر وارن ٻوٽن
جي پيدا ٿيڻ واري حياتيات جي ٻئي ائيوسين دؤر
(Eocene Period)
جي چن- پهڻ سان گڏ ملي ٿو. جنهن پهچڻ جوڳي هنڌ تان
وڏي انداز ۾ هٿ ڪري سگهجي ٿو، سو روهڙيءَ جي
چوڌاري ۽ خيرپور لڳ ٽڪرين اندر آهي.
53. ڦٽڪي اڳي اولهنديءَ سنڌ جي ٽڪرين مان لڀندڙ
لوهه گاڏڙ گپ- پهڻ مان ٺاهي ويندي هئي. پر ٻاهران
گهرايل ڦٽڪيءَ جي گهٽ قيمت جي ڪري هاڻ ائين نٿو
ڪيو وڃي. |