سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:21 

سنڌ ۾ سپون Brairi Hain Rocks، دُٻا، پٽياڻي، ماڙيپور، پٿي، کاجر، ڪرنجي، ڪُڏي ۽ حب درياء مان گڏ ڪيون وينديون آهن. سنڌ جي سپن وارن هنڌن مان تمام  بهترين سپون نڪرنديون آهن. خودپريزيڊنسي مان ملندڙ سپون گهڻو ڪري ننڍيون هونديون آهن. مسٽر راءِ موجوده دور ۾ سپن جي هنڌن جي حالت مڪمل طور بيان ڪئي آهي ۽ انهي نتيجي تي پهتو آهي ته حد کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ سبب اهي ختم ٿينديون پيون وڃن. سنڌ جي سپن گڏ ڪرڻ بابت مسٽر جيمس هارنيل 1910ع ۾ ساڳئي نتيجي تي پهتو هو. هن به 1909ع ۾ هڪ خاص تفتيشي مهم هلائي هئي. هن پنهنجي تفتيش جا نتيجا The Depletion of the Oyster Beds in Sindنالي رپورٽ ۾ ڇپرايا هئا. سندس تحقيق جي نتيجن سان سهمت نه ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي. موجوده وقت ۾ سنڌ ۾  سپون گڏ ڪرڻ وارا هنڌ ڪليڪٽر آف ڪسٽمز جي ڪنٽرول هيٺ آهن. هو انهن تي نظر  داري جو هڪ نظام هلائي ٿو جنهن سبب اهي تمام جلد خاتمي کان بچي رهيون آهن. پيداوار جا انگ اکر هي آهن:

سال

ڊزن

وصوليون

خرچ

27- 1926ع

4998

924-2-0

786-11-0

28- 1927ع

983

172-6-0

172-6-0

29- 1928ع

5049

1115-8-6

989-10-0

30- 1929ع

3887

857-9-6

86-14-0

31- 1930ع

3842

797-7-9

98-14-0

انهن انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته مالياتي فائدو معمولي آهي. اها ڳالهه ڪا گهڻي اهميت نه رکي ها جيڪڏهن اهڙي ڪا خاطري هجي ها ته قدرتي ذريعن مان فائدو وٺڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو هو. بهرحال پڪ سان نه ٿو چئي سگهجي ته صورتحال ائين ئي آهي. اها ڳالهه به مڃيل آهي ته سپن جي رسدجي ماهرن طرفان سائنسي نگراني جو ڪو بندوبست نه آهي ۽ جيڪو چالو نظام هلي ٿو انهي جو مقصد فقط اهو آهي ته رسد مستحڪم انداز ۾ هلندي رهي ۽ وڌيڪ ذيان نه ٿئي، اها ڳالهه اڃا ڌيان طلب آهي ته سنڌ جي سپن جي رسد کي موجوده بنياد تي ترقي وٺرائڻ حڪومت لاءِ مالي طور فائديمند ٿيندو يا نه. لڳي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه وقت لاءِ لڳندڙ خرچ جيترو مالي فائدو نه ٿيندو ۽ جيستائين انهي ڳالهه جي ڪا چڱي خاطري نه ٿي ٿئي ته جن جاين تان سپون ملن ٿيون اهي اڳوڻي بهتر حالت ۾ اچي وينديون تيستائين مسئلي کي هٿ ۾ کڻڻ مان ڪو فائدو نه ٿيندو. مسٽر راءِ پاران سپن جي پيداوار ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تجويز ڪيل ڪجهه اپاءَ ته عمل ڪرڻ جهڙا نه آهن ۽ هن جيڪي پابنديون عائد ڪرڻ چاهيون ٿي انهن مان به ڪيتريون ئي لاڳو ٿيڻ ۾ مشڪل هيون البت انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ٿورڙي سائنسي نموني توجه ۽ ڪجهه خرچ سان سنڌ مان سٺي مقدار ۾ سپوِن حاصل ڪري سگهجن ٿيون جن جي طلب رسد کان گهڻي وڌيڪ هوندي. پر حڪومت سنڌ ۾ سپن جي پيداوار ڪيتري حد تائين وڌائڻ چاهي ٿي انهي جو گهڻو دارو مدار انهي تي هوندو ته حڪومت عمومي طور ماهي گيري جي ترقي لاءِ ڪهڙي پاليسي تي هلڻ گهري ٿي. سائنسي طريقي ڪار ۽ مناسب ضابطن جي ذريعي سپن جي پيداوار ۾ چڱي بهتري جي گنجائش موجود آهي جيتوڻيڪ اها ڳالهه به شڪ کان خالي نه آهي ته سپن جي پرورش بابت اهي ساڳيون حالتون بحال ڪري سگهبيون جيڪي حد کان وڌيڪ سپون گڏ ڪرڻ  ۽ غير اقتصادي طور ذيان ڪرڻ کان اڳ هيون.

اصلي موتي واري سپ (Meleagrina) سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي نه ٿيندي آهي باقي ونڊواوئسٽر (Placuna Placenta) دري جي شيشي جي متبادل طور انهن ڏينهن ۾ گهڻي استعمال ٿيندي هئي جڏهن اها جنس بمبئي ۾ اڻلڀ ۽ مهانگي هوندي هئي. اها گوئا (Goa) ۾ اڃا تائين انهي استعمال ۾ ايندي آهي. انهي تي ونڊواوئسٽر نالو انهي ڪري پيو جو اها سنهي ۽ نيم شفاف هوندي آهي ۽ ان جا کوپا سڌا هوندا آهن. اها ڪراچي جي بندر ۽ اوڀر وارين کارين ۾ تمام جهجهي مقدار ۾ ملندي آهي ۽ تانگهي پاڻي ۾ تري ڀر سڌي پئي هوندي آهي. انهي قسم جي تيار (mature) کوپن جي تقريباً پنج سيڪڙي ۾ موتي ٿي سگهي ٿو جيڪو جيتوڻيڪ ننڍو ۽ بي ڊولي شڪل جو هوندو آهي پر تور جي لحاظ کان 15 رپيا تولي جيترو ٿي سگهي ٿو. انهن مان سڀ کان سٺا جو هرين جي ڪم جا هوندا آهن باقي ٻيا مقامي دوائن ۾ ڪتب آندا ويندا آهن يا انهن کي ساڙي سفوف ٺاهيو ويندو آهي جيڪو مقامي عورتون پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي اکين جي پنبڻين جي سونهن وڌائڻ لاءِ ڪم آڻينديون آهن. چيو وڃي ٿو ته ميرن کي انهن سپن جي موجودگي جي خبر 1836ع ۾ پئي هئي. انهن تنهن سال گذري جي اوڀر وارين کارين ۾ اهي گڏ ڪرڻ جو حق 500 رپين ۾ وڪرو ڪيو هو. ايندڙ سال اڃا وڏي رقم آڇي وئي پرليزن مان ڪمائي نه ٿي سگهي تنهنڪري ميرن پاڻ ڪوشش ڪئي پرساڳين سبب جي ڪري اهو ڪم ترڪ ڪري ڇڏيو. طانوي حڪومت هيٺ ڪنارا وقت بوقت تمام مختلف رقمن تي ليز تي ڏنا ويا هئا. هاڻي موتي ڪڍڻ جي عملي طور ڪا اهميت نه رهي آهي. موتين جا هنڌ ڪراچي بندر ۾ آهن. جيڪي موتي لڀن ٿا انهن جي ڪئالٽي معمولي ۽ مقدار به ٿورو هوندو آهي ۽ اتي ترقي جي به ڪا گنجائش نه آهي ڇو ته صوبي مدراس مان تمام قيمتي ۽ وڏي مقدار ۾ موتي هٿ اچن ٿا ۽ اهي نفعي جو ذريعو آهن. ڊاڪٽر ڊي کي 1872ع ۾ ڪنارا تمام خراب حالت ۾ نظر آيا هئا. هن اها سفارش ڪئي هئي ته اهي ٽن ورهين ۾ هڪ دفعو ليز تي ڏنا وڃن ۽ اهي به سخت بچاء وارن شرطن تي ڏنا وڃن. پر انهن اپائن ۾ اهو فرض ڪيو وڃي ٿو ته انهي لاءِ هڪ نگهباني جو ادارو هوندو. پر انهي کي هلائڻ جيترو خرچ انهي مان نه نڪرندو. ڪنارن کي اهڙي ڪنهن اداري کانسواءِ بغير ليز جي ڇڏي ڏيڻ جو مطلب هوندو انهن کي مقامي مهاڻن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ ۽ اهي شايد ته ٺيڪيدار کان به خراب هوندا ۽ حڪومت کي ٽڪو به نه ڏيندا. مجموعي طور سڀ کان بهتر پاليسي اها ٿي لڳي ته ڊگهي مدي لاءِ ٺيڪو ڏجي ۽ سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ کي بچائڻ ۾ ٺيڪيدار جي دلچسپي پيدا ڪجي.

سنڌ ۾ وڏي پيماني تي تازي پاڻي ۾ مڇي ماري وڃي ٿي ۽ انهي ڪم تي سرڪار پاران ڌيان ڏيڻ جا ٽي سبب آهن. پهريون ته مڇي امير توڙي غريب سڀني لاءِ غذا جو تمام ضروري سر چشمو آهي ٻيو ته اها ماڻهن جي وڏي حصي جي روزگار جو ذريعو آهي ۽ ٽيون ته انهيءَ مان محصول به ملي ٿو. ٽيون نمبر ڳالهه پهرين ٻين جي اهميت جو هڪ پيمانو آهي. سنڌو درياء ۽ ٻين سڀني سرڪاري واهن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جو حق سرڪار پاران وڪرو ڪيو ويندو آهي جيئن مير ۽ برطانوي حڪومت ڪندا هئا. مڇي مارڻ جو ٺيڪو وٺندڙ مڇي ماريندڙ مهاڻن سان اهو طي ڪندو آهي ته هن کي سموري ماريل مڇي جوٽيون حصو ملندو اهڙي طرح جو هن پاران ورتل مڇي جي سالياني مارڪيٽ قيمت مٿي ڄاڻايل قيمت کان لازماً ٽيڻ تي هجي. انهي سان گڏوگڏ سڀني ٺيڪيدارن جي نفعي کان ٽيڻ تي هجي ۽ مهاڻن کي ٿيندڙ اپت سرڪاري محصول کان گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻ تي هجي. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته تازي پاڻي جي مڇي سمنڊ واري مڇي کان وڌيڪ انسانن جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ان کي سٺي سنڀال سان بچائي ۽ ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي ۽ بي ڌياني ۽ لالچ سان ان کي تباه به ڪري سگهجي ٿو جيئن در  حقيقت سموري هندستان ۾ ٿي رهيو آهي. انهي مسئلي ڏانهن سڀ کان اڳ 1867ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا مدراس حڪومت جي توجه ڇڪرائي هئي ۽ سرجن ميجر فرانسس ڊي- هندستان پاران پيدا ڪيل هڪ ممتاز ترين نيچرلسٽ- کي مقرر ڪيو ويو ته هو انهي پريزيڊنسي ۾ ماهي گيري بابت رپورٽ ڏئي. هن جي تفتيش جي دائري کي پوءِ سنڌ سميت  سموري هندستان تائين وڌايو ويو. هو 73- 1872ع ۾ سنڌ آيو. هن کي ڏسڻ ۾ آيو ته اتر ۽ وچولي سنڌ ۾ ننڍي مڇي کي اهڙو غير ضروري خطرو نه هو. انهي جون پهريون سبب اهو هو ته آدمشماري گهٽ هئي ٻيو ته درياءَ جي وهڪري ۾ تيزي هئي ۽ ان جي وهڪري مسلسل دڳ ٿي مٽا يا ۽ ٽيون سبب اهو هو ته آبڪلاڻي جي مند ۾ ننڍي مڇي کي بچاء ملي ٿي ويو. هو انهي ڳالهه جو به واڌارو ڪري سگهيو ٿي ته سرڪار جي مڇي تي حق سبب اها زهر ۽ ٻين طريقن سبب جيڪي هندستان جي ٻين حصن ۾ ڳوڻاٺا عام طور ڪتب آڻين ٿا، تباهي کان بچيل آهي. بهرحال هن ڪجهه سفارشون ڪيون ۽ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ پاران ٿيندڙ اهڙين ڪوششن جي سختي سان مخالفت ڪئي ته ڪافي جاين تي مڇي مارڻ تي مڪمل بندش وڌي وڃي ڇو ته سمجهيو ٿي ويو ته ائين ڪرڻ سان مهاڻن پاران بندن کي نقصان ٿي رسايو ويو. انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته حڪومت پاران هن جون رپورٽون ڇپرائڻ ۽ عام ڪرڻ سان ٺيڪا جن شرطن تي وڪرو ڪيا ويندا هئا انهن تي وڏو اثر پيو.

ڊاڪٽر ڊي سنڌ جي تازن پاڻين ۾ ملندڙ مڇين جا 64 قسمن ڳڻايا آهن ۽ ٻيا به اهڙا ڪيترائي قسم آهن جيڪي هو نه ڏسي سگهيو هو. اهي تقريباً سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طبقي طرفان کاڌي ۾ واپرايا ويندا آهن ۽ انهن جا مقامي ٻولي ۾ نالا آهن پر اهي مهاڻن کانسواءِ چند ماڻهن کي ئي معلوم هوندا آهن ۽ اهي نالا ڪڏهن ڪڏهن ته ڪجهه علائقن سان واسطو رکندڙ هوندا آهن تنهنڪري شناخت مشڪل هوندي آهي. هتي ڪجهه تمام اهم جو ذڪر ڪيو ويندو. پلو هر لحاظ کان تمام اهم آهي. اهو بنگال ۾ هلسا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو سامونڊي مڇي شاه ماهي (herring) جي زمري (genus) مان آهي ۽ فيبروري ۽ مارچ جي مهينن ۾ آنا ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ سنڌو درياء ۾ چڙهندو آهي. اهو انهيءَ موسم ۾ ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ ۽ سنڌو درياء ۾ هر سازگار هنڌ تي ماريو ويندو آهي. انهي کي جيڪڏهن سموري هندستان ۾ نه ته به سموري سنڌ ۾ کائڻ جي لاءِ بهترين مڇي سمجهيو ويندو آهي. اها ڳالهه به ڪنهن شڪ شبهي کانسواءِ چئي سگهبي ته انهي جي بيشمار ڪنڊن جي ترتيب کي ڪو انسان ته نه ٿو سمجهي سگهي. بهرحال پلي جا اهڙا بورچي به چيا وڃن ٿا جيڪي انهي کي پچائي ڪنڊن کانسواءِ کائڻ لاءِ پيش ڪندا آهن. مند جي شروعات ۾ حيدرآباد ۽ سکر ۾ انهي لاءِ وڏيون قيمتون ڏنيون وينديون آهن. پلو رکي نه سگهبو آهي تنهنڪري اهو بلڪل تازو کائڻ گهرجي. پلي جي وڏن قسمن کي لوڻ ڏئي رکيو ويندو آهي. پلي مارڻ جو سڀ کان عام طريقو سنڌين جي ڪمن جي اصلي ڳالهين مان هڪ آهي. انهي لاءِ ڪم ايندڙ  اوزار هڪ ٿيلهي جهڙي ڄاري هوندي آهي جيڪا هڪ وڏي لڪڙي جي ڇيڙي تي ٻڌي ويندي آهي. انهي جو هڪ ڇيڙو ٻياني وانگر هوندو آهي. ٻياني جون ٻانهون ڊيگهه ۾ تقريباً 5 فوٽ هونديون آهن ۽ ڄاري کي کليل رکنديون آهن. انهي جي وچ مان گذريل رسي ڇڪيل هوندي آهي ته ڄار کليل رهندي آهي. رسي کي جيئن ئي ڍر ڏبي آهي ته ڄار بند ٿي ويندي آهي. مهاڻو سوڙهي منهن سان هڪ ويڪري ۽ تراکڙي چاڏي کڻي پنهنجي پيٽ جي هيٺان رکندو آهي ۽ پاڻي کي ٽنگن سان ٿيلهيندو ڪنهن اڌرنگي ورتل ڪُمي وانگر لهوارو ترندو ويندو آهي. هاڻي ڄار کي هيٺ عمودي طور انگريزي جي اُبتي اکر واءِ وانگر لاٿو ويندو آهي. ڏور کي ساڄي هٿ سان ڇڪي جهليو ويندو آهي. جيئن ئي ڪو پلو پاڻي جي تيز ۽ مٽي گاڏڙ وهڪري جي ابتڙ طرف ترندو ايندو آهي ته ڄار سان ٽڪرائبو آهي، ماڻهو ڏور کي ڍرو ڪندو آهي ته ڄار ڪري وهڪري سبب ويڙهجي ويندي آهي. ماڻهو پوءِ ڄار کي مٿي ڇڪي چيلهه سان ٻڌل پٽي مان لوهي سوئو ڪڍي پلي کي ٽنبي پلو چاڏيءَ ۾ وجهي ڇڏيندو آهي اهو ڪم پاڻي ۾ هيٺ ڪرڻ ۽ لڏڻ لمڻ کانسواءِ ڪئين ٿو سرانجام ڏجي اهو ڪرتب بازي جو هڪ اسرار  آهي. مهاڻو ڪڏهن ڪڏهن چاڏي بجاء ڪدو مان ٺهيل هڪ قسم جي لائيف بيلٽ (Life Belt) تي لُڙهندو آهي. پر اهو ڪو ايترو وڻندڙ طريقو نه لڳندو آهي. هو جڏهن پنهنجي شڪار واري ايراضي جي آخري حد تائين پهچي ويندو آهي ته ڪناري تي ايندو آهي، پنهنجي چاڏي ۽ ڄار کڻي وري نئين سر شروع ڪندو آهي. اها ڳالهه به بيان ڪري ڇڏجي ته پلي جي ڄار جي سوراخن جو گهير ساڍا ست انچ ٿيندو آهي تنهنڪري انهي ۾ فقط چڱيءَ وڏي سائيز جا پلا ڦاسندا آهن. شاهه ماهي (herring) جو هڪ ٻيو قسم (Clupea chapra) به سنڌو  درياء ۾ ملندو آهي ۽ فقط نو انچ ڊيگهه ٿيندي اٿس. مهاڻا انهي کي پلي جو ٻچو سمجهندا آهن. جڏهن آنا ڏيڻ جو  وقت پورو ٿيندو آهي ته پلو درياء مان واپس سمنڊ ڏانهن موٽندو آهي پر  تڏهن انهن جي حالت ٻي ٿي ويندي آهي ۽ مارڻ جي لائق نه هوندا آهن. سکر بيراج جي تعمير ۾ جيتوڻيڪ مڇي جو رستو (Fish Ladder) رکيو ويو آهي پر انهي عملي طور پلي پاران بيراج ٽپي هيٺ سکر ڏانهن وڃڻ ۾ رڪاوٽ وڌي آهي. اڳ ۾ روهڙي ۽ بکر جي گهاٽي ۾ پلو مارڻ وڏو نفعي بخش ڪم هوندو هو. اهو هاڻي ختم ٿي ويو آهي پر انهي مان مهاڻن لاءِ هڪ فائديمند نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻي پلا بيراج کان هيٺ وڏي انگ ۾ گڏ ٿين ٿا ۽ چڱي سولائي سان ماريا وڃن ٿا. ڪوٽڙي کان ٿورو مٿي غلام محمد بيراج ٺهڻ سان شايد پلن جي مٿي اچڻ ۾ وڌيڪ رڪاوٽ پوندي. جيتوڻيڪ بيراج ۾ مڇين جو رستو پڻ ٺاهيو ويو آهي. بهرحال اهڙا ڪي انگ اکر موجود نه آهن جن مان خبر پوي ته هن بيراج جي ٺهڻ سان پلي جي سنڌو ۾ مٿي وڃڻ تي ڪيترو اثر پيو آهي. گهڻو امڪان اهو آهي ته انهي سان سنڌو ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ پلي جي انگ ۾ وڏي گهٽتائي ايندي ۽ پلو ڪوٽڙي وٽ رڪجي ويندو جنهن مان اتي رهندڙ مهاڻن کي وڏو فائدو پوندو جيئن اهو سکر بيراج وٽ گڏ ٿيندو  هو ته اتي رهندڙ مهاڻن کي فائدو ٿيندو هو.

سنڌ ۾ پلي کانپوءِ سڀ کان اهم مڇي ڏنڀرو آهي جيڪا پنجاب ۾ روهو جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اها تمام سٺي مڇي آهي ۽ ٽن فوٽن تائين وڌي سگهي ٿي. انهي ساڳئي نوع جون ٽي ٻيون مڇيون به آهن جن جا سنڌي ۾ نالا سِرهو، ڏاهي ۽ نُگاري يا نگاري آهن مڇين جي انهي ڪٽنب جون ٻيون به ڪيتريون جنسون کاڌي لاءِ ڪم اچن ٿيون. جيڪي موراکي ۽ ٿيلهي جي نالي سان سڏيون وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته ٿيلهي جي ڊيگهه ڇهن فوٽن تائين ٿي سگهي ٿي. اِهي سڀ جيتوڻيڪ سنڌو ۾ رهن ٿيون پر آبڪلاڻي جي موسم ۾ سموري ملڪ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون ۽ سرن ۽ ڪانن وارين ڍنڍن ۾ وڌن ويجهن ٿيون. ڍنڍون جڏهن پاڻي جي سُڪڻ سبب سُسي ۽ ٻين پاڻين کان جدا ٿي وينديون آهن ته وڏي پيماني تي تباهي سبب انهن ۾ موجود مڇين کي تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. هر سال  ڪيتريون ئي مڇيون انسان پاران ڪنهن هاڃي رسائڻ کان سواءِ مري وينديون آهن ڇو جو اهي واهن ۽ انهن مان نڪرندڙ برانچن ۽ شاخن ۾ وهي وينديون آهن ۽ واپس نه اچي سگهنديون آهن. ٻئي پاسي وري انهن مڇين جي ڪجهه قسمن کي تلائن ۾ گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ ملڪ جي ٻين حصن ۽ شايد ته سنڌ ۾ به هڪ نفعي بخش ڪاروبار ٿي پيو آهي.

ٻئي طرف مڇين جي هڪ ٻئي طبقي کي اسين جيتوڻيڪ اڻ وڻندڙ ۽ بي سوادي سمجهون ٿا پر عام ماڻهو انهن کي ٻين نفيس قسمن کان وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا ۽ اهي انهن جي غذا جو وڏو حصو آهن. اهي Cat fishes جي  قسم مان آهن، انهن ۾ تمام وڏي سائيز وارا ڪيترائي قسم اچي وڃن ٿا ۽ منڇر ڍنڍ، ٻين وڏين ڍنڍن ۽ انهن ڏانهن ايندڙ واهن ۾ ماهي گيري جي اهميت وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن ۾ کڳو (rita buchanain) (Saccobranchus Fissilis) سينگاري (macrones aor) مَلي يا پوئڪي (Wallagoattu) ۽ ڏمڻ (Callichnous bimacnlatus) اچي وڃن ٿيون. انهن مان ڏمڻ کي کاڌي لاءِ خاص طور سٺو سمجهيو وڃي ٿو. گند گاهه وارن تلائن ۾ ملندڙ ڄرڪا (Ophiocephalus Straitus) به کائڻ لاءِ سٺا سمجهيا وڃن ٿا. گوج (mostace mblus armatus)- هڪ گپ جي مڇي- گندڻ (Notopterus Kapirat) ۽ ڦندڻ (N. Chitala) به انهي لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا.

ننڍين مڇين ۽ گهٽ سواد وارا به ڪيترائي قسم آهن جيڪي ڪنڍي، ڄار يا ٽوڪري سان ماريا ويندا آهن ۽ غريبن جي کاڌي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي سڀ قسم به خود سنڌو درياء ۽ رستي جي پاسي وارين کڏن مان ماريا وڃن ٿا.

مڇي مارڻ جو ٺيڪو وٺندڙ تقريباً سدائين واڻيا يا ڪنهن ٻي ذات جا پئسي وارا ماڻهو هوندا آهن جيڪي مهاڻن سان حساب ڪتاب طي ڪندا آهن. مهاڻن ۽ ميربحرن جو ڪيتريون ئي ذاتيون هونديون آهن. ٺيڪي جي شرطن ۾ عام طور ٺيڪيدار کي پابند ڪيو ويندو آهي ته انهن ماڻهن کي روزگار ڏئي ۽ هن پاران وري ٻئي ڪنهن کي ٺيڪو ڏيڻ تي پابندي هوندي آهي. ٺيڪيدار ۽ مهاڻن جي وچ ۾ ڳالهين جو بنياد عام طور سموري ماريل مڇي جي ورهاست تي هوندو آهي. ٺيڪيدار جو حصو 3/1 کان 5/2 هوندو آهي. هو مهاڻن کان سندن حصو خريد ڪري پنهنجو حصو وڌائي سگهي ٿو. مهاڻا به عام طور موقعي تي ئي پنهنجو حصو مارڪيٽ جي قيمت کان اڌ کان به گهٽ قيمت تي وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن.

سنڌو درياء ۾ پلي کانسواءِ ٻي مڇي نسبتاً گهٽ ماري ويندي آهي. انهي جو تيز وهڪرو ۽ بدلجندڙ ڪپر مڇي مارڻ لاءِ سازگار نه هوندا آهن. مڇي جي قسم ۽ پاڻي جي لحاظ کان مڇي مارڻ جا ذريعا به مختلف هوندا آهن. پلي جي ڄار جو بيان اچي چڪو آهي. واهن ۾ مڇي بيٺل ڄارن جي مدد سان ماري ويندي آهي اهي ڄار ڪلن سان ٻڌل هوندا آهن. ڪلن لاءِ ڇاٻون به ڏنل هونديون آهن جيڪي ڪلن ۽ گند گاهه جون هونديون آهن انهي جي هڪ ئي کليل هنڌ تي ڳوٿري جهڙي ڄار ٻڌل هوندي آهي يا وري واهن ۾ ڊگهين ڄارين سان مڇي ماري ويندي آهي. اها ائين جو ٻه ماڻهو ڊگهي مستطيل ڄاري کڻي واهه جي پاسن کان اڳتي هلندا ويندا آهن. ڏنڀرو ۽ ٻيون مڇيون بيٺل ڄار جي مٿان ٽپ ڏينديون آهن تنهنڪري انهن کي جهلڻ لاءِ هڪ ٻي مضبوط ڄار پهرئين جي لڳولڳ ۽ انهي جي پٺيان کيسي وانگر هنئي ويندي آهي. اهو هڪ عام طريقو آهي. انهي کي پٿرو چيو ويندو آهي. ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ مکيه ڄار ڪڏهن ڪڏهن وڪڙن جي شڪل ۾ هوندو آهي جيڪو مڇين کي سوڙهن ڳٿن ۾ آڻيندو آهي اتان مڇي ٽپ ڏئي موتمار کيسي ۾ ايندي آهي. مهاڻو وقفي وقفي سان اچي اهو کيسو خالي ڪري ويندو آهي. منڇر ڍنڍ تي هاٿي جي کڏي وانگر هڪ بند جاءِ ٺاهي هڪ قسم جو ڄار ٺاهيو ويندو آهي ۽ مرد عورتون ٻار ٻيڙين ۾ چڙهي ٽين جا دٻا، تختا، ڪاٺيون کڻي گوڙ شور ڪنداسوين مڇين کي انهي کڏي ڏانهن هڪليندا ويندا آهن. اڄڪلهه منڇر ۾ جنهن نموني مڇي ماري وڃي ٿي انهي جو بيان ڏجي ٿو. اهو بيان هن گزيٽيئر جي مولف پاران لکيل هڪ ليک تان کنيل آهي جيڪو هن 9- اپريل 1951ع تي منڇر ڍنڍ جي معائني دوران لکيو هو.

لڳي ٿو ته منڇر مان ماري ويندڙ سڀ کان اهم مڇي ڏنڀرو آهي، ڏنڀرو سهڻي چاندي جهڙن ته ڪڏهن سونهري ڇلرن واري مڇي ٿيندي آهي. اها وزن ۾ هڪ کان ڏهن پائونڊن جي وچ ۾ ٿيندي آهي. مون اڄ جيڪي مڇيون مرندي ڏٺيون اهي وزن ۾ هڪ يا ٻه پائونڊ هيون. مون هڪ  مهاڻي جو بهترين فوٽو ڪڍيو جيڪو اهڙي هڪ سهڻي مڇي هٿ ۾ جهليون بيٺو هو. انهي جي چاندي جهڙن ڇلرن تي سج چمڪي رهيو هو ۽ اها ائين ٻئي لڳي ڄڻ ته هڪ وڏو ڌاتو جو ٽڪر هجي. لڳي ٿو ته انهي کي خاص اهميت واري سمجهيو ٿي ويو ڇو ته اها جڏهن پڪڙي وئي ته اهڙي گفتگو ٿي رهي هئي. مهاڻا ڏاڍا وهمي ماڻهو هوندا آهن ۽ قسمت ۽ نصيب تي وڏو ويساهه رکندا آهن ۽ قسمت کي راضي ڪرڻ جو پنهنجو طريقو هوندو اٿن. انهن انهي ڳالهه کي سٺو سوڻ نه ٿي سمجهيو ته انهن پاران شڪار شروع ڪرڻ کان اڳ اسين ماني کائون ۽ اهو ئي سبب هو جو اسين ڪيترو وقت پاڻي تي بيٺا اس ۾ سڙندا رهياسين ۽ هو مڇي مارڻ جون تياريون ڪندا رهيا. انهن جي مڇي مارڻ جي ڍونڍين تي ٽن کان چار ماڻهو هئا جڏهن ته ڪجهه وڏين ڍونڍين تي وڌيڪ ماڻهو به هئا ۽ انهن تي ٻار ۽ عورتون پڻ هيون. جيڪي نه فقط مردن وانگر مهارت سان ونجهه هلائي رهيون هيون پر انهن مان ڪجهه ته پاڻي ۾ ٽٻيون به هڻي رهيون هيون ۽ مخروطي ڄار تري ۾ وجهي رهيون هيون. انهن مان هڪ تمام پوڙهي اڇن وارن واري عورت به هئي جيڪا به ٻئي ڪنهن به ماڻهو جيتري ئي خوش هئي ۽ هڪ بلڪل ننڍي ڇو ڪري به هئي جيڪا به پاڻي ۾ ڪنهن ڇوڪر وانگر ئي لطف اندوز ٿي رهي هئي. مڇي مارڻ جا ٻه طريقا ڦيرو ۽ ٻنو هڪٻئي کان چڱا مختلف آهن. پهرئين طريقي ۾ ڄار جي هڪ ڊگهي قطار ڪجهه وڪڙ تي ڪري رکبي آهي ٻيڙيون انهي ڏانهن هلائي مڇين کي ڄار ڏانهن ڌِڪبو آهي ۽ اهي جڏهن ڄار جي ويجهو پهچنديون آهن ته مهاڻا پاڻي ۾ ٽُٻي ڏيندا آهن ۽ جڏهن مڇين کي پنهنجن پيرن يا ٽنگن جي آسپاس محسوس ڪندا آهن ته پنهنجيون مخروطي ڄاريون زور سان هيٺ هڻندا آهن. ڄار جڏهن هيٺ اڇلائي ويندي آهي ته انهي جو ترو کليل هوندو آهي پر هيٺ اڇلائيندي چوٽي جي ويجهو ٻڌل رسي انهي کي ڍنڍ جي تري ۾ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ مڇيون اهڙي طرح بند ٿي وينديون آهن جو ٻاهر نه نڪري سگهنديون آهن. گوڙ ڪري مڇين کي ڄار ڏانهن هڪلڻ جو ڪم ٻيڙين تي ڪيو ويندو آهي. عام طور ڪو پوڙهو هڪ ڊگهو لڪڙو کڻي پاڻي تي سٽڪا ڪندو ويندو آهي ۽ جوڙو سڏيو ويندڙ هڪ عجيب اوزار ذريعي کڙڪا ڪندو ويندو آهي. جوڙو ڌاتو جي هڪ ڊش ۽ هڪ ٿالهي تي ٻڌل هوندو آهي. هو اهي پاڻ ۾ کڙڪائي جهانجهه جهڙو آواز ڪڍندو آهي. اهو ڪم بنا ساهي جي هلندو رهندو آهي ايستائين جو ڍونڍي  ڄار وٽ پهچي ويندي آهي ۽ سڀ مهاڻا پاڻي ۾ ٽٻيون ڏئي مخروطي ڄار هڻڻ شروع ڪندا آهن. اسان ڦيڙهي واري طريقي سان مڇي جو شڪار ٿيندي ڏٺو. مڇي پوري ساري مئي. ائين چئجي ته ويهن ماڻهن تقريباً سٺ يا ستر مڇيون ماريون جن مان اڪثر تمام وڏيون هيون ٻني واري طريقي ۾ جهنجهٽ گهٽو ٿيندو آهي. گوڙ ڪري مڇي کي هڪلڻ جو طريقو ساڳيو هوندو آهي. جوڙي سان کڙڪا ڪندو هڪ پيچيدي ڄار ڏانهن وڌبو آهي جيڪا انگڙونگڙ شڪل جي هوندي آهي. اها هڪ مرڪزي ڳڙڪي ڏانهن ويندي آهي. مڇيون هڪلڻ واري ٻيڙي آهستي آهستي انهيءَ ڏانهن وڌندي آهي. ونجهه هلائيندڙ پنهنجي لڪڙي سان نه فقط ٻيڙي هلائيندو آهي پر انهي کي اڳتي پوئتي به ڪندو رهندو آهي جيئن مڇين کي اڃا وڌيڪ ڊيڄاري ۽ انگرونگڙ ڄار منجهان مرڪزي ڄار ڏانهن ڌڪي. انهي جا نتيجا ڏاڍا وڻندڙ نڪرندا آهن. ڄار کي هڪ قسم جو هيٺيون ڪنارو هوندو آهي جيڪو پاڻي جي سطح کان ٿورو مٿي ٻاهر کلندو آهي. مڇيون جڏهن پاڻ کي ڦاٿل ڏسنديون آهن ۽ ڄار کان ٻاهر نه نڪري سگهنديون آهن ته اهي هوا ۾ ٽپا ڏينديون آهن ۽ پاڻ کي هيٺئين ڪناري ۾ ڦاسائي ڇڏينديون آهن. اهڙي طرح مڇيون ڄار مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي ڦاسائي ڇڏينديون آهن. مڇيون وڏا وڏا ٽپ ڏينديون آهن ۽ انهن مان جيڪي ڇهن فوٽن کان وڏا ٽپ ڏئي وينديون آهن اهي بلڪل ٻاهر نڪري وينديون آهن. مڇين کي چوڌاري ٽپا ڏيندي ڏسڻ ۽ هيٺ ڪرڻ سان ڦاسڻ ۽ نڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻي جي مٿاڇري تي ترڻ ڏاڍو سهڻو منظر هوندو آهي. انهي مرحلي تي مهاڻا پاڻي ۾ لهي ويندا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مڇين کي پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي ڪناري واري ڄار ۾ اڇلائيندا ويندا آهن. اسان جيڪو شڪار ڏٺو اهو تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ هليو. انهي ۾ تقريباً ڇهن ٻيڙين حصو ورتو ۽ جملي تقريباً ڇهه سو وڏيون مڇيون ڦاٿيون. مڇيون جنهن نموني واپس ڪناري تي آنديون ٿي ويون اهو مون کي پسند نه آيو. انهي جي پٺيان اها سوچ هوندي آهي ته مڇي مارڪيٽ ۾ پهچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ تازي هجي. اهي ڪنڍين ۾ وجهي بانس جي تقريباً ويهه فوٽ ڊگهن لڪڙن ۾ وڌيون وينديون آهن. بانس جي لڪڙي جي ٻنهي پاسن تي هر ٻن انچن تي هڪ مڇي هوندي آهي. اهي لڪڙا ڊگهين رسين سان ٻڌي پاڻي ۾ ٻيڙين جي پٺيان ڇڪيا ويندا آهن. هر لڪڙي تي تقريباً چار سو مڇيون ته ضرور هونديون ۽ هر روز ڪناري تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه لڪڙا ته ضرور ايندا هوندا. اسين جڏهن اهو منظر ڏسي رهيا هئاسين ته اسان اهڙا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊزن لڪڙا ته ضرور ڏٺا هوندا جيڪي سڀ مڇين سان سٿيا پيا هئا. هر روز منجهند جو مڇي جو نيلام ٿيندو آهي ۽ خريدارن جا ايجنٽ بوبڪ جي ڪناري تي ٻولي ڏيڻ ايندا آهن. واڪ ۾ مڇي وارا لڪڙا رکبا آهن ۽ مڇين جي انگ ۽ حالت مطابق ٽيهن کان اسي رپين تائين  ٻولي لڳندي آهي. چيو وڃي ٿو ته انهي غيرمعمولي جاءِ تي هر روز تقريباً ٻه هزار مڻ مڇي مرندي آهي ۽ اڃا به نه فقط اهو ته مڇي جي تعداد ۾ کوٽ نه ٿي اچي پر درحقيقت مڇي جي آبادي ۾ واڌ ويجهه اچي رهي آهي. مچي جو پيٽ چيري تڏي جي تمام وڏن ٽوڪرن ۾ ڀري انهن ۾ برف وڌي ويندي آهي. ٽوڪرا تقريباً ٽي فوٽ اوچا ۽ منهن وٽ ٽي فوٽ ويڪرا هوندا آهن. ٽوڪرو ڀرجڻ کانپوءِ ايترو ڳورو ٿي پوندو آهي جو انهي کي مٿي کڻڻ لاءِ ٻه ماڻهو کپندا آهن. اهڙا ڪيترائي ٽوڪرا روزانو  بوبڪ اسٽيشن تان روانا ڪيا ويندا آهن. پر ريل ۾ ريفريجريشن جو ڪو بندوبست نه هوندو آهي ۽ منڇر ۽ اسٽيشن جي وچ ۾ تقريباً پنجن ميلن جي فاصلي لاءِ ٽرانسپورٽ تمام پراڻي انداز جي آهي.

پلي مارڻ ۾ سن 1907ع ۾ ائٽڪن جو گزيٽيئر ڇپجڻ کان پوءِ گهڻيون تبديليون اچي ويون آهن. پلو آنا ڏيڻ لاءِ خاص موسم ۾ سمنڊ مان تازي پاڻي ڏانهن ويندڙ مڇي (anadromous) آهي. اهو سنڌو درياءِ ۾ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي هليو ايندو هو ۽ رڪارڊ موجود آهي ته اهو ملتان تائين ويندو هو. سن 1930ع ۾ سکر بيراج ٺهڻ سان انهي جي هجرت جي حد سکر تائين محدود ٿي وئي. غلام محمد بيراج ٺهڻ سان پلي جي ڊوڙ اڃا مختصر ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ انهي بيراج تي مڇين جا ٻه لنگهه (Fish ladder) ٺاهيا ويا آهن پر اهي ٻئي  بي ڪار ثابت ٿيا آهن جو پلو اهي ٽپي نه ٿو سگهي. علائقي جي معيشت ۽ مختلف قسمن جي حياتيات تي انهي بيراج جي اثرن جو اڀياس ٿي رهيو آهي. تخمينو هنيو ويو آهي ته غلام محمد بيراج کان مٿي مڇي جي ٺيڪن جي قيمت نواب شاه ضلعي ۾/ 810 في ميل؛ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ /540 رپيا في ميل ۽ سکر ضلعي ۾ (سکر بيراج کان هيٺ) -/ 3664 رپيا في ميل جي حساب سان ڪري پئي آهي. انهن ضلعن ۾  درياء جي ديگهه نواب شاه 116 ميل، لاڙڪاڻو 78 ميل ۽ سکر 38 ميل آهي. لهواري پاسي جي قيمت ۾ البت تخميني طور ساڍا يارنهن سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جيڪڏهن درياء  جي سموري ڊيگهه جي انگن اکرن کي غور هيٺ آندو وڃي ته محصول ۾ مجموعي طور ڏهه سيڪڙي جو واڌارو ٿيو آهي. اهو واڌارو عام حالت ۾ ٽيهه سيڪڙو هجي ها جيئن سکر بيراج کان مٿي واري حصي ۾ صورتحال آهي ڇو ته اتي غلام محمد بيراج ٺهڻ جو ڪو به اثر نه ٿيو آهي. اهڙي طرح 1946 کان 1953ع واري دور لاءِ محصول ۾ مجموعي طور ويهه سيڪڙي تائين ٽوٽ پئي آهي.

سمنڊ کانسواءِ ٻين پاڻين ۾ مڇي مارڻ جي ٺيڪن جو نيڪال هيٺين کاتن جي ڪنٽرول ۾ آهي.

(الف) ڊسٽرڪٽ ۽ لوڪلبورڊ پنهنجن حدن ۾ ايندڙ سنڌو درياء جي ايراضين جي ليز ڪنٽرول ڪن ٿا.

(ب) واهن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جي ليز تي آبپاشي کاتي جو ڪنٽرول آهي.

(ج) ٻيلو کاتو پنهنجين حدن ۾ ايندڙ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جي ليز نيلام ڪندو آهي،

(د) هاليجي ڍنڍ تي ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٿي جو ڪنٽرول آهي.

(ح) مٿي ڄاڻايل پاڻين کانسواءِ ٻين سرڪاري پاڻين کي روينيو ڍنڍن جي درجي ۾ رکيو ويندو آهي انهن جو نيلام روينيو اختياريون ڪنديون آهن.

ٻيلا:

سن 1953ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ جا ٻيلا 722،800 ايڪڙن تي پکڙيل آهن. اها ايراضي ميلن ۾ لڳ ڀڳ 1135 ميل ٿئي ٿي. انهيءَ ايراضي مان پڪي وارا ٻيلا 246129 ايڪڙن تي ۽ درياءَ جي ڪچي وارا 476671 ايڪڙ ايراضي تي آهن. آبپاشي هيٺ ايندڙ ٻيلن جي ايراضي 52944 ايڪڙ ۽ سکر بيراج مان پاڻي کڻندڙ ٻيلن جي جملي ايراضي 50000 ايڪڙ آهي جن مان تقريباً 30000 ايڪڙن تي وڻن جي پوکي ٿي چڪي آهي. تجويز اها آهي ته ڪوٽڙي ۽ غلام محمد بيراجن مان هر هڪ تي ڏيڍ لک ايڪڙن تي ٻيلا پوکيا ويندا. اهي انگ اکر چيف ڪنزرويٽر آف فاريسٽس سنڌ پاران سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن آڏو 5 ۽ 8 سيپٽمبر 1953ع تي پيش ڪيا ويا هئا. حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ٻيلن جي ايراضي جا سڀ کان تازا سرڪاري انگ اکر هن ريت آهن. رزروڊ ٻيلا 643656 ايڪڙ يا 1005.3 چورس ميل ۽ پروٽيڪٽيڊ ٻيلا 140860 ايڪڙ يا 218.5 چورس ميل اها ايراضي مجموعي طور 78516 ايڪڙ يا 1223.8 چورس ميل ٿئي ٿي. سنڌ جهڙي ملڪ ۾ هٿراڌو ٻيلا پوکڻ ۾ جيڪي دشواريون پيش اچن ٿيون اهي اتان جي زمين جي نوعيت مان ئي پڌريون آهن جنهن بابت هن گزيٽيئر جي حياتيات واري سيڪشن ۾ بيان اچي چڪو آهي.

سنڌ جا ٻيلا سنڌو درياءَ جي وهڪري ۽ ان جي سڀني حدن سان گڏ هلن ٿا. اتر طرف پنجاب جي سرحد کان ڏکڻ ۾ سمنڊ تائين هليا هلن ٿا. اهي ڪٿي به دڳ کان پري نه ٿا ٿين سواءِ اُتر جي جتي اولهه ۾ جيڪب آباد تائين ۽ ٻئي طرف ايترو ئي پري اوڀر ۾ سڌو پٽ سالياني ايندڙ ٻوڏن جي پاڻي کي پکڙجڻ ۾ دشواريون پيش ڪندو هو. ٻيلن جو وڏو انگ ڪچي ۾ آهي باقي حصو پڪي تي آهي. جيڪي سکر ضلعي ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي ۾ آهن. حيدرآباد شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙو ٽڪرو ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ايسٽرن نارا تي ڪافي وڏو ٽڪر ٻين ٻيلن کان جدا ڇڙوڇڙ ٽڪرن ۾ اچي وڃن ٿا. آبپاشي کاتي پاران پوکي راهي لاءِ واهه  ۽ تباهه ڪن ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ بند ٺهرائڻ سبب ڪچي جي ٻيلن جا ڪجهه بلاڪ پڪي جي ٻيلن ۾ تبديل ڪيا ويا  آهن. برطانيا پاران فتح کان اڳ سالياني ٻوڏن جو پاڻي عملي طور سموري صوبي ۾ بغير ڪنهن رنڊ روڪ جي وهي ويندو هو. اڳ ۾ پوکي راهي هاڻي جي اڌ جيتري به نه هوندي هئي. آدمشماري به شايد موجوده آدمشماري جي چوٿين حصي جيتري به نه هوندي هئي ۽ جيتري زمين تي پاڻي پهچي سگهندو هو. اها ٻيلن سان ڍڪيل هوندي هئي. ماڻهو ڪاٺ وڍي عارضي آباديون ٺاهي ڇڏيندا هئا ۽ جتي دل ڪندي هئن زمين کيڙي آبادي ڪرڻ لڳندا هئا. سو هاڻي ملڪ ۾ جهنگ ۽ آبادي وارا حصا جنهن ريت ڌار لڳا پيا آهن. انهيءَ جا ذميوار اهي اڳلا ماڻهو آهن. ميرن ڪجهه ڪچي جا ٻيلا شڪار لاءِ خاص ڪري ڇڏيا هئا ۽ انهن جي چوڌاري اوڏڪيون ڀتيون ڏنل هونديون هيون ۽ عوام طرفان انهن ۾ اچ وڃ روڪڻ لاءِ سخت قانون ٺهيل هئا. اهڙا ٻيلا هاڻي به ڪجهه جاين تي موجود آهن. وڻن جي واڌ ويجهه تي به ڏاڍو ڌيان ڏنو ويندو هو. هاڻي به واهن ۽ بندن جي آثارن مان شاهدي ملي ٿي ته اهو ڪم ڪيتري نه ڌيان سان ڪيو ويندو هو. سن 1843ع کانپوءِ اهي شڪارگاهه- اهي انهيءَ نالي سان سڏيا ويندا هئا. سنڌ ۾ موجوده ٻيلن جا مرڪز بڻيا. هاڻي اهڙي ڪابه ثابتي ڪانهي جنهن مان خبر پوي ته انهن کي پهريون دفعو ڪڏهن ٻيلا سڏيو ويو يا انهنجون ٻيلن طور اهي حدون ڪڏهن مقرر ڪيون ويون. پر 1847ع ۾ ميجر اسڪاٽ کي سنڌ ۾ پهريون فاريسٽ رينجر مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ انهي عهدي تي ڪيپٽن ڪرافورڊ، ڊاڪٽر اسٽاڪس ماهر نباتات ۽ ڪيپٽن ڊالزيل آيا. ڊالزيل به هڪ ناميارو ماهر نباتات هو. آخري ٻنهي عهديدارن شڪارگاهن کي ڀتيون ڏياري انهن جون حدون متعين ڪرايون. اُڻويهين صدي جي آخري چاليهن ورهين ۾ آهستي آهستي ٻيلو کاتو قائم ٿيڻ لڳو. ايستائين جو اهو ملڪ جي وسيلن جي انتطام جو هڪ باقاعدي حصو ٿي ويو. گزيٽيئر جي 1907ع واري ايڊيشن ۾ انهي عرصي دوران ٿيل ترقي جي رخ بابت ڪجهه ڳالهيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر شلڪ (Schlick) کي 1871ع ۾ سنڌ جو پهريون ڪنزر ويٽر آف فاريسٽس مقرر ڪيو ويو. هن ڊپارٽمينٽ کي منظم ڪيو ۽ تڏهوڪي سنڌ سرڪل کي ٽن ڊويزنن ۾ ورهايو. سن 1876ع دوران سرڪل جي نئين سرجوڙجڪ ڪئي وئي ۽ سکر، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جهرڪ جي چئن ڊويزنن ۾ ورهايوويو. انهن سان گڏوگڏ پندرهن رينجز (Ranges) قائم ڪيون ويون. 

پهرئين جولاءِ 1912ع کان هڪ ورڪنگ پلان ٺاهيو ويو، نوابشاهه ڊويزن کي لاڙڪاڻو ڊويزن جو نالو ڏنو ويو ۽ انهي جو هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻي آندو ويو. پهرئين آگسٽ 1917ع کان لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن کي سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ٽن ڊويزنن ۾ ورهايو ويو ۽ سن 1918ع دوران جهرڪ ڊويزن جو نالو ڪراچي ڊويزن ڪيو ويو.

ٻئين جنگ عظيم جي پڄاڻي تي اهو ضروري سمجهيو ويو ته موجوده ختم ٿيل اسٽاڪ کي ڀريو وڃي ۽ ٻيلي کاتي لاءِ نئون ترقياتي پروگرام تيار ڪيو وڃي. اهڙي طرح سن 1944ع دوران اسپيشل ڪنزر ويٽر ڊيولپمينٽ جو نئون عهدو پيدا ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي ٻيلن جي ترقي جون رٿائون تيار ڪري ۽ انهيءَ ئي ورهيه دوران سِلوي ڪلچرسٽ ۽ يوٽيلائيزيشن آفيسر جا عهدا پيدا ڪيا ويا، جيڪي ٻيلن جي دولت کي ترقي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ريسرچ ۽ يوٽيلائيزيشن جو ڪم هلائي سگهن. البت آزادي کانپوءِ بيشمار ڏکيائين سبب ڪيترن ئي ورهين تائين ڪو وڏو ڪم نه ٿي سگهيو. پهرئين قدم طور موجوده ورڪنگ پلان ڊويزن کي ٻن ڊويزنن ۾ ورهايو ويو ۽ 1947ع دوران ڪينال ائنڊ فارم پلانٽيشن ڊويزن ٺاهي وئي. اها ڊويزن اڳتي هلي ختم ڪئي وئي ۽ مالي مسئلن سبب سيڪنڊ ورڪنگ پلان ۽ يوٽيلائيزيشن آفيسر جا عهدا ختم ڪيا ويا. مالي حالت ۾ بهتري کانپوءِ 1954ع جي آخر ۾ غلام محمد بيراج افوريسٽيشن ڊويزن ٺاهي وئي. سيڪنڊ ورڪنگ پلان ڊويزن کي هڪ سب ڊويزنل فاريسٽ آفيسر جي چارج ۾ ڏنو ويو. انهي ڊويزن کي به 1955ع ۾ نئين سر عمل هيٺ آندو ويو. ساڳئي سال جي آخر تائين هڪ وڌيڪ سب ڊويزنل فاريسٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ ان کي لاک ڪليٽويشن اسڪيم جي چارج ڏني وئي.

سن 1955ع دوران سڀني صوبن ۽ رياستن جي اولهه پاڪستان جي هڪ صوبي ۾ ضم ٿيڻ سان سرڪاري کاتن جي نئين سر تنظيم ڪاري ٿيڻ کانپوءِ موجوده فاريسٽس سرڪل کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ضروري ٿي پيو. في الوقت سنڌ جو اڳوڻو صوبو ۽ خيرپور رياست ٻن فاريسٽ سرڪلن تي ٻڌل آهن. ٻنهي سرڪلن ۾ يارهن ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ۽ ٽي سب ڊويزنل فاريسٽ آفيسر آهن. انهن کانسواءِ 44 فاريسٽ رينجر، 46 فاريسٽر، 384 فاريسٽ گارڊ، 5 اوورسيئر ۽ 21 سرويئر پڻ آهن.

اهڙو ڪوبه اعتبار جوڳو رڪارڊ موجود نه آهي جنهن مان خبر پوي ته انهن ٻيلن جي اهڙي طرح حد بندي ٿيڻ کانپوءِ انهن مان ڪيتري آمدني ٿي آهي. البت اهڙيون رپورٽون موجود آهن جن مان خبر پوي ٿي ته سال 1861ع دوران انڊس فلوٽيلا ڪمپني کي جلائو ڪاٺ وڪرو ڪرڻ سان سالياني ڪجهه آمدني ٿي هئي ۽ پوءِ وري نارٿ ويسٽرن ريلوي کي پڻ جلاؤ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ سان آمدني ٿي هئي. تخمينو اهو آهي ته اڻويهين صدي دوران پيداوار جو مقدار هڪ ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽن کان وڌيڪ نه هوندو. اهو 18-1914ع واري جنگ کان اڳ ورلي ڏيڍ ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽن کان وڌيو هوندو، پر 1916ع ۽ 1919ع کان اڳ فوجي اختيارين کي ٻارڻ مهيا ڪرڻ لاءِ وڏين ايراضين مان وڻ وڍيا ويا ۽ هر سال ويهه ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽن کان وڌيڪ جلائو ڪاٺ ڪڍيو ويو. هيٺاهين سنڌ جي ٻيلن مان ٻارڻ جو وڏو مقدار ميسو پوٽيميا ۽ مٿاهين سنڌ جي ٻيلن مان ڪوئيٽا کي فراهم ڪيو ويو. هيٺاهين سنڌ جي ٻيلن مان ساليانو تقريباً 120000 ٽن ۽ مٿاهين سنڌ جي ٻيلن مان ڪوئيٽا کي يارنهن هزار ٽن جلائو ڪاٺ ملندو هو.

پهرئين جنگ عظيم کانپوءِ وڻن جي واڍيءَ کي وري محدود ڪيو ويو. پر ٻئين جنگ عظيم دوران تمام گهڻي واڍي ڪئي وئي ۽ انهن ٻيلن مان چار ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽن تائين جلائو ڪاٺ ڪڍيو ويو جڏهن ته جنگ کان اڳ وڌ ۾ وڌ هڪ ڪروڙ نوي لک ڪيوبڪ فوٽ ڪاٺ ڪڍيو ويو. ڪراچي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ ضرورت ۽ انهي جي وڏي قيمت سبب ٺيڪيدارن کان اهو شرط قبول ڪرايو ويو ته اهي هر هڪ لاٽ مان ڪوئلي جو هڪ طي ٿيل مقدار مقرر اگهه تي ڪراچي کي سپلاءِ ڪن.

ٻئين جنگ عظيم کانپوءِ موجود اسٽاڪن کي وري محفوظ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، جيئن جنگ دوران حد کان وڌيڪ ڪيل واڍي جو پورائو ڪري سگهجي. هاڻي اندازو آهي ته جنگ دوران جيڪا به حد کان وڌيڪ واڍي ٿي هوندي انهي جو پورائو ٿي ويو هوندو. موجوده وقت ۾ پيداوار جو ساليانو مقدار سالياني ملندي رهندڙ پيداوار جي بلڪل ويجهو آهي. انهيءَ سالياني ممڪن پيداوار ۾ ٿوري ڦيرگهير ٿيندي رهي ٿي ڇو جو واڍي تي ڪوبه ضابطو نه آهي، پر اها ٻه ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽن کان ورلي ئي وڌندي آهي.

سن 1860ع کان اڳ انتطام جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه آهي. انهي سال کان ائڊمنسٽريشن رپورٽون موجود آهن جن مان خبر پوي ٿي ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني کي جلائو ڪاٺ وڪرو ڪرڻ مان ڪجهه آمدني ٿيندي هئي. اها خبر نه ٿي پوي ته 1860ع کان 1870ع جي وچ ۾ ٻين جي بچاءُ يا تحفظ ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو ويو. البت سرڪاري ٻيلن ۾ ڪجهه زمينن جو واڌارو ڪيوويو ۽ انهن مان ملندڙ شين جي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. لڳي ٿو ته پيش نظر واحد مقصد فقط آمدني ئي هئي. باضابطه طور ڪم ڪرڻ جي سڀ کان پهرئين رٿا مسٽر ڪيمبيل 1875ع ۾ پيش ڪئي ۽ پندرنهن ورهين جي ڦيرگهير سان ايريا پلان مان فائدو وٺڻ، ڪاٺ جا ڪي معيار مقرر ڪرڻ ۽ مال چرڻ بابت ڪجهه قاعدا ٺاهڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون. باضابطا طور ڪم جو نظام متعارف ڪرائڻ جو سبب اهو ٿيو جو لڳ ڀڳ انهيءَ وقت نارٿ ويسٽرن ريلوي، انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي جاءِ ورتي جنهن کي تمام وڏي مقدار ۾ جلائو ڪاٺ گهربل هوندو هو ۽ اها به پڪ نه هئي ته ٻيلا سدائين ايترو مقدار پيدا ڪندا رهندا. مسٽر دسائي فاريسٽ ڪوڊ جي شقن تحت ورڪنگ پلان ٺاهڻ لاءِ 1896ع ۾ حڪومت جي منظوري ورتي. ڪم بنا دير شروع ڪيو ويو ۽ سکر ڊويزن ۽ حيدرآباد، جهرڪ ۽ نوشهري لاءِ ورڪنگ پلان رپورٽون ٺاهيون ويون. انهن چئن ڊويزنن ۾ سال 1901ع، 1902ع، 1903ع ۽ 1906ع ۾ ورڪنگ پلانن کي عملدرآمد شروع ڪرايو ويو. انهن پلانن جو بنياد ايريا سسٽم تي هو جنهن ۾ مکيه قسمن لاءِ ٽيهن ورهين ۽ ٻين لاءِ گهٽ عرصي جي ڦيرگهير (Rotation) رکيل هئي، جيڪڏهن ڪاٺ جي مکيه ضرورت ٻارڻ لاءِ هئي ته پلان جي تجويز ۾ وڏا وڻ پوکڻ کي ڪا جاءِ نه ڏني وئي هئي. ريلوي کي فقط جلائو ڪاٺ گهربل هوندو هو، پر جڏهن ريلوي ڪاٺ جي بجاءِ ڪوئلو ڪم آڻڻ لڳي ته حالتون مختلف ٿي ويون.

ورڪنگ سرڪل انتطام ڪاريءَ جو هڪ ايڪو (Unit) هوندو آهي ۽ ان جي ايراضي مقرر ڪئي وئي آهي، جيئن هڪ چونڪڙي هڪ سال مقرر ڦيرگهير سان ڪم ايندي رهي. اهڙو هڪ ايڪو هڪ بيٽ (Beat) تشڪيل ڏيندو آهي، جيڪا هڪ گارڊ جي چارج ۾ هوندي آهي. چونڪڙيون ڪجهه سالن لاءِ اڳواٽ مقرر ڪيون وينديون آهن. ورهين جو انگ مقرر نه هوندو آهي. ورهين جي اهڙي هر هڪ انگ کي پيرڊ چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ورڪنگ پلان کي باضابطي طور هلائڻ ۾ ڪي دشواريون آهن. اهي دشواريون اڻٽر آهن ڇو ته ڪچي جا ٻيلا هر سال کاڌ جو شڪار ٿيندا رهندا آهن ۽ درياءَ جي وهڪري ۾ به وقت بوقت ايندڙ وڏين تبديلين سبب ٻيلن تي اثر پوي ٿو. هاڻي ٿيندو ائين آهي جو ٻوڏ دوران ڪيترن ورهين جون چونڪڙيون انهن جي واڍي جو وارو اچڻ کان اڳ ئي لڙهي ختم ٿي وينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪو سمورو ٻيلو ئي منظر تان غائب ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه صحيح آهي ته ٻيلن جي کاڌ جو وري ٻيلن جي ايراضي وڌڻ ذريعي پورائو ٿي ويندوآهي، پر اهي لڳاتار ايندڙ تبديليون نظام لاءِ فائديمند نه آهن ۽ تنهنڪري ڪنهن به مدي لاءِ ورڪنگ پلان جي نتيجن يا ٻيلن جي پيداوار جي مقدار جي تُز اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن نه آهي. ٻيلن مان ملندڙ شيون ٺيڪيدار جي ذريعي ڪم آنديون وڃن ٿيون. انهي سال جون چونڪڙيون کاتي پاران ملندڙ ٻارڻ جي تخمينن جي آڌار تي عام نيلام ذريعي وڪرو ڪيو وڃن ٿيون. ٺيڪيدار شهرن، ڪارخانن ۽ مِلن جي ڪاٺ، ٻارڻ ۽ ڪوئلي جي مقامي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو ۽ انهي جو ٿورو حصو ڪوئيٽا ۽ بلوچستان ۽ سامونڊي ڪناري رستي ايراني نار جي بندرگاهن ڏانهن موڪلي ٿو. پر في الوقت اهڙي ڪابه ايڪسپورٽ نه ٿي ٿئي جو ملڪ جون اندروني ضرورتون سموري پيداوار جي کپت ڪري وٺن ٿيون. ٽرانسپورٽ جا مکيه رستا درياء، واهه ۽ ٻيا بيٺل پاڻي آهن جيڪي معمولي روڊن ۽ ٺيڪيدار پاران ٺاهيل عارضي پيچرن سان ڳنڍيل آهن. خشڪي تي اٺ ۽ گڏهه ڪم ايندا آهن ۽ پاڻي تي ٻيڙيون ڪم اينديون آهن. ڪاٺ رسين نوڙين ذريعي پاڻ ۾ ٻڌي پاڻي تي تارڻ جو ڪم نه ڪيو ويندو آهي. سکر ڊويزن ۾ بعضي بعضي ڍڳي گاڏيون ڪم آنديون وينديون آهن. واڍيءَ جو ڪم چوهاڻ، بروهي ۽ ڪڇي ڪندا آهن.

چيف ڪنزر ويٽر آف فاريسٽس سنڌ، سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن آڏو اهو رايو ڏيکاريو هو ته سکر بيراج ۽ لوئر سنڌ بيراج ۽ زير تجويز اپر سنڌ بيراج جي نتيجي ۾ ٻيلي کاتي وٽ پهريون دفعو خاطري سان ۽ ضابطي سان پاڻي دستياب هوندو. انهي سان ٻيلن جي موجوده غير متوازن معيشت جو تدارڪ ٿي ويندو. ڇو ته هاڻي انهيءَ ۾ ٻارڻ ۽ ڪوئلي تي زور آهي. سنڌ جي ٻيلن مان مال چارڻ جي في ۽ ڏنڊ طور 51-1950ع ۾ 99038 رپيا، 52-1951ع ۾ 91099 رپيا ۽ 53-1952ع ۾ 94372 رپيا وصول ٿيا. سنڌ جي ٻيلن ۾ سال ۾ مال چارڻ جون ٻه مندون هونديون آهن. هڪ پهرئين فيبروري کان 31 جولاءِ تائين ۽ ٻين پهرئين آگسٽ کان 31 جنوري تائين. سموري سنڌ ۾ مال چارڻ جا اگهه هي آهن. اٺ: اڍائي رپيا، مينهن اٺ آنا، ڍڳي چار آنا، ٻڪري ٻه آنا، رڍ هڪ آنو، گهوڙو ڇهه آنا ۽ گڏهه چار آنا. پر ٻيلو کاتو هن ريت اگهه وڌائڻ جي حق ۾ آهي. اُٺن ۽ ٻڪرين لاءِ موجوده اگهه پنج رپيا آهي. کاتو اهو وڌائي اَٺ رپيا ڪرڻ گهري ٿو ۽ ٻڪرين جو موجوده اگهه چار آنا آهي کاتو اهو وڌائي هڪ رپيو ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته اهي جانور ٻيلن لاءِ هاڃيڪار آهن. هيٺين جدول ۾ سال 47-1946ع کان 56-1955ع تائين ٻيلي کاتي جي آمدني ۽ خرچ ڏيکاريل آهي.

 

سال

پيداوار جو مقدار

ملين ڪيوبڪ فوٽ ۾

 

آمدني

 

خرچ

47-1946

18.5

1998383

887671

48-1947

9.9

1526638

999301

49-1948

16.4

2367051

932577

50-1949

15

2027064

867918

51-1950

24

2249595

864460

52-1951

13

2357433

855829

53-1952

17.5

2719008

1053550

54-1953

16.2

2919441

1087012

55-1954

16.2

3962818

1144843

56-1955

11.9

3805095

1331527

ٻيلن جي مکيه پيداوار ڪاٺ مان جملي آمدني جو 84 سيڪڙو ملي ٿو. ننڍا ٻيلا چار سيڪڙو ۽ گڏوچڙ 12 سيڪڙو، خرچ جي پاسي کاتو هلائڻ تي 78 سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو، جڏهن ته باقي 22 سيڪڙو ٻيلن سڌاري تي خرچ ڪيووڃي ٿو. ڊويزنل فاريسٽ آفيسر کاڌ وارين پٽين مان جدا آمدني ڪڍن ٿا. تخميني طور 35 سيڪڙو  کاڌ وارين پٽين مان ۽ 65 سيڪڙو ٺيڪيدار کان چونڪڙين ۽ ٻيو ڪاٺ وڍڻ تي ورتو وڃي ٿو. ٻيلي جون زمينون ليز تي آباد ڪرڻ تي سال 52-1951ع ۾ تخميني طور 402399 رپيا، سال 53-1952ع ۾ 407070 ۽ سال 54-1953ع ۾ 462242 رپيا آمدني ٿي.

چيف ڪنزر ويٽر آف فاريسٽس، سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي ماضي ۾ نظر انداز ڪيو ويو هو ۽ اهو هاڻي تڪڙي ترقي ڪري رهيو هو. سنڌ جي ٻيلن جي سيٽلمينٽ جو ڪم 1895ع ۾ ئي مڪمل ڪيو ويو هو. ڪجهه علائقا جن جو سال بسال اضافو ڪيو ويو انهن جي به وقت گذرندي سيٽلمينٽ ڪئي وئي. سموري ايراضي اڌ چورس ميل جي خانن ۾ ورهائي وئي آهي ۽ انهن ۾ ويهه ويهه فوٽ ويڪريون ليڪون ڪڍيون وينديون آهن. اهي ليڪون انسپيڪشن پاٿ طور پڻ ڪم ڏين ٿيون. ٻيلن جي بلاڪن جي حد بندي مٽي جي دڙن ذريعي ڪئي ويندي آهي، جن جي وچ ۾ ڪاٺي جا ڪلا لڳل آهن. اهي ڪلا ويهه فوٽ ويڪرن پيچرن تي مقرر وٿين تي لڳل هوندا آهن. هاڻي اها تجويز آهي ته سمنڊ جي ڪناري کانسواءِ باقي ٻين سڀني ٻيلن جي حد بندي لاءِ سرن جي اوساري جا ٺلهه ٺاهيا وڃن. ڪيتريون ئي ڊيولپمينٽ اسڪيمون زير عمل اچڻ لاءِ تيار آهن. فقط لوئر سنڌ بيراج زون ۾ ئي پندرهن آبپاشي ذريعي تيار ٿيندڙ وڻن جي ايراضين لاءِ ٽن واڌو ڊويزنن جي ضرورت پوندي. انهي سان گڏوگڏ ڪوهستان ۽ ريگستان جي علائقن ۾ پڻ ترقياتي ڪم ڪرڻا پوندا. رزرورڊ ٻيلا (Reserved) 643656 ايڪڙ ۽ پروٽيڪٽيڊ ٻيلا 140860 ايڪڙ آهن ۽ ٻيلن جي آمدني جو مکيه ذريعو کاڌ وارين پٽين جي نيلام ۽ سڙيل ختم ٿيل وڻن جي سالياني آمدني هئي گڏوگڏ وڻن جي اقتصادي طور اهميت رکندڙ جنسون متعارف ڪرائڻ ۽ نوان بيراج ٺهڻ جي نتيجي ۾ واهن جي پاڻي تي ٿيندڙ ٻيلن جي ايراضي وڌائڻ سان به آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي.

ٻيلن ۾ چئن مکيه قسمن جا وڻ ٿين ٿا: ٻٻر (Acacia Arabica)، ڪنڊي (Prosopis Spicigera)، باهڻ (Populus enphratica) ۽  تمرسڪ جا ٻه قسم انهن مان هڪ لئو (Tamarix gallica)  ۽ جهائو (dioica). انهن مان ٻٻر تمام ڪمائتو آهي ۽ گهڻو ڪري حيدرآباد ۽ جهرڪن جي ٻن ڏاکڻين ڊويزنن ۾ ٿيندو آهي. پر اهو سکر ۽ نوشهري ۾ به چڱي تعداد ۾ ملندو آهي. انهيءَ مان تمام سٺو ڪاٺ ملندو آهي جيڪو ڦيٿن، زرعي اوزارن، جاين ۽ ٻارڻ طور وڏي پيماني تي ڪتب ايندو آهي. انهي مان کؤنر ملندي آهي، جيڪا سچي gum-arabic کان ڪئالٽي ۾ ٿوري گهٽ ٿيندي آهي. انهي جو ڪارو ڇوڏو رنڱڻ ۽ کلون صاف ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي. انهي جا پلڙا هر قسم جي چوپائي مال لاءِ بهترين عذا آهن. اهو شروعات ۾ گهاٽي هڪ ڪري فصل جي صورت ۾ ڦٽندو آهي ۽ زمين کي بلڪل ڍڪي ڇڏيندو آهي، جنهن مان بنهه ٿوري اُس زمين تي پوندي آهي پر پوءِ وڌڻ سان گڏوگڏ قدرتي طور ڇڊو ٿيندو ويندو آهي. ٻٻر ٻج مان بنا دير ڦٽندو آهي ۽ ان جي پکيڙ جو بهترين طريقو هٿراڌو طور ٻج ڇٽڻ آهي. ان جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه 60 کان 80 فوٽ ٿيندي آهي ۽ مڪمل واڌ اچڻ تي ۽ سازگار حالتن ۾ ان جو گهير نو کان ٻارهن فوٽ ٿيندو آهي. ڪنڊي اهميت جي لحاظ کان ٻٻر کانپوءِ آهي ۽ ان جي خصوصيت اها آهي ته درياءَ کان تمام ڏورانهين زمينن تي ٿيندي آهي. اها سکر ڊويزن جو مکيه وڻ آهي. اها ٻارڻ لاءِ سٺو ڪاٺ ڏيندي آهي، پر اهو عمارتن لاءِ ڪنهن ڪم جو نه هوندو آهي. انهي جا پلڙا به ٻٻر جي پلڙن وانگر چوپائي مال ۽ ٻڪرين ۽ اٺن لاءِ چاري طور ڪم ايندا آهن. باهڻ پڻ سکر ڊويزن ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڦٽندو آهي. انهي مان عمارتن ۽ جندي لاءِ ڪاٺ ملندو آهي. لئو گهڻو ڪري درياءَ جي ڇڏيل نين زمينن تي ٿيندو آهي ۽ سموري صوبي ۾ هڪ جيترو ورهايل آهي. انهيءَ مان ٻارڻ جي لاءِ سٺي ڪاٺ سان گڏوگڏ زرعي اوزارن ۽ جنڊي جو سامان ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ ملي ٿو. لئو ۽ باهڻ ٻئي ڪچي جي زمينن تي ڏاڍا گهاٽا ڦٽندا آهن ۽ پهرئين سال ته گهاٽائي ۾ دالين جي فصل وانگر لڳندا آهن. اهي درياء ۾ وهي آيل ٻجن مان قدرتي طور ڦٽندا آهن. لئي کي گهٽ نقصان پهچندو آهي جو اهو قدرتي طور سنهو ٿيندو ويندو آهي، جڏهن ته باهڻ زندگي جي وچ ۾ چڱو کلي ويندو آهي ۽ پنهنجي وجود جو آخري دور ويجهو پهچڻ تي بلڪل کُلي ويندو آهي. لئو ڏاڍي ڏکيائي سان وڏو قد ڪندو آهي، جڏهن ته باهڻ سٺي قطر ۽ چڱي ڊيگهه وارو وڻ ٿي ويندو آهي. ڪنڊي تي ڪٽجڻ کانپوءِ فوراً جيتن جو حملو ٿي ويندو اهي ۽ جٽاءُ نه ڪندي آهي. لئي تي به سائو هوندي ساڳين حملن جو خطرو هوندو آهي ۽ ٻيلن ۾ انهي قسم جو ڪو محفوظ وڻ مشڪل سان ملندو آهي. چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جا ٻيلا ٽن پٽن ۾ ورهايل آهن. پهريون باهڻ- لئي وارو پٽو، ٻيون ٻٻر وارو پٽو انهن جي درياء جي فاصلي جي لحاظ کان ۽ ٽيون ڪنڊي وارو پٽو. ڪنڊي سدائين کليل ترتيب ۾ ڦٽندي آهي ۽ تمام اوچي ۽ سڀ کان خشڪ زمين تي ٿيندي آهي ۽ مجموعي طور ٽنهي مان سڀ کان وڌيڪ ايراضي تي آهي.

ٻيلن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڦٽندڙ ٻيو وڻ ٽالهي (Dalbergia aissoo) آهي. پر اهو سنڌ جو مقامي وڻ نه آهي. اهو روينيو زمينن تي ڳوٺن ۽ کوهن جي ويجهو ۽ خاص طور سکر ۾ ٿيندو آهي ۽ لڳي ٿو ته اهو ماڻهن انهي جي قيمتي ڪاٺ جي ڪري پوکيو هوندو. اهو خاص طور خيرپور رياست ۾ گهڻو آهي. ٻيلي کاتي ويهه ٽيهه ورهيه اڳ سکر ۾ ڪجهه جاين تي اهي وڻ پوکيا هئا جن مان اڪثر وڌي وڏا ٿيا آهن جيتوڻيڪ انهي ۾ ڪجهه بي ڌياني به ٿي آهي. انهن مان هڪ هڪ وڻ هاڻي ويهن ۽ ٽيهن رپين جو چيو وڃي ٿو. گذريل ڪجهه ورهين ۾ انهن وڻن جي پوکي جي ايراضي وڌائي وئي آهي ۽ انهيءَ جا تمام سٺا نتيجا نڪتا آهن. انهي جو ڪاٺ تمام پائيدار آهي ۽ مارڪيٽ ۾ وڏو ملهه ڪري ٿو ۽ rose-wood جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

کونئر (acacia Senegal) مان سچي gum-Arabic ملي ٿي ۽ اهو حيدرآباد ڊويزن جي تمام الهندن ٻيلن جي وٽ سان ۽ سنڌ جي جابلو سلسلي جي ننڍڙين ماٿرين ۽ نالن ۾ ملي ٿو. اهو ٺٽي ضلعي ۾ ملير جي چوطرف پڻ ملي ٿو. لڳي ٿو ته هيستائين هن وڻ جي موجودگي ڏانهن نباتاتي طريقي کانسواءِ ٻئي ڪنهن نموني ۾ ڪنهن ڌيان نه ڏنو آهي.

ٻيلن جي حدن ۾ ڪيترن ڪمائتن ٻوٽن سان گڏ هي وڻ به نظر اچن ٿا. ٻير (Zizypnus jujuba) انهي مان ٻڪرين ۽ اٺن لاءِ چارو ملي ٿو. نم (Azadirachta indica) مان ڪاٺ ملي ٿو. سرس (Albizzia Lebbek)، بڙ (بنيان) (Ficus bengalensis)، پِپُل (F. religiosa)، گدامڙي (Tanarind indica)، ولايتي ٻٻر (Acacia Farnesiana)، ليسوڙي (Cordia Myxa)، ليار (C. Rothi)، ولايتي ڪرڙ (Parkinson aculeate) ۽ کٻڙ (Salvadoran persica).

آخري ٻه جيتوڻيڪ ٻوٽا آهن، پر انهن مان عمارتن ۾ ڪم اچڻ لاءِ ننڍڙا پڃر ملندا آهن. ڪرڙ ميوو ۽ مکڙيون ڏيندو آهي، جيڪي وڪرو ٿينديون آهن ۽ کائڻ جي ڪم ايندا آهن. کٻڙ جو ميوو ڏڪار جي ورهين ۾ کائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. اهي ٻئي ٻوٽا خشڪ ۽ بي آب زمين جي نشاني آهن. کٻڙ خاص طور ڪلراٺين زمينن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.

اها ڳالهه بحث طلب آهي ته لاک کي حيواني پيداوار ۾ شمار ڪجي يا نه ڇو؟ ته اها هڪ جيت پنهنجي پيٽ مان ڪڍندو آهي، پر جيئن ته اها ٻيلي جي پيداوار آهي تنهنڪري انهي جو هتي ذڪر ڪري سگهجي ٿو. لاک جو ڪيڙو (Carteria lacca) ڪو ڪيڊا ڪٽنب جو ننڍڙو سهڻو ڪيڙو آهي، جيڪو گرين فلاءِ، ٿرپ، ڪڪو اسپٽ ۽ ٻين باغ جي ڪيڙن وانگر ٻوٽن جي رس تي گذران ڪندو آهي. لاک هڪ پڪو، ڳاڙهي رنگ جو خليي دار (cellular) مادو هوندو آهي جيڪا انهي جيت جي مادي پنهنجي ۽ پنهنجن آنن جي حفاظت لاءِ ڪڍندي آهي. اها جڏهن مرندي آهي ته ان جو جسم هڪ ڳاڙهي مادي سان ڀريل هوندو آهي، جنهن مان تجارتي ”لاک رنگ“ ٺهندو آهي. اهو مادو سندس ٻچن جي پهرئين غذا هوندو آهي، جيڪي اهو کائڻ کانپوءِ پاڻ کي چوڌاري ويڙهيل لاک جو کوپو ڀڃي ٻاهر نڪري ايندا آهن ۽ سڀ کان ويجهن نرم مکڙين تي ويهي پنهنجي لاک ڪڍڻ شروع ڪندا آهن. اهي انهي وقت تمام ننڍڙا هوندا آهن. انهن جي ڊيگهه هڪ انچ جو چاليهون حصو هوندي آهي ۽ انهن جو انگ ايترو ته جهجهو هوندو آهي جو ائين لڳندا آهن ڄڻ ته سنهڙين ٽارين تي ڳاڙهو پائوڊر ٻُرڪيو پيو هجي. ٻچا هڪ دفعو جولاءِ وري جنوري ۾ نڪرندا آهن، تنهنڪري لاک جون به ٻه مندون هونديون آهن.

هن صوبي ۾ لاک جا جيت ٻٻر، ڪنڊي، ٻير، سرنهن، بڙ ۽ لئي تي رهي انهن مان غذا وٺنداآهن پر لاک گهڻو ڪري ٻٻر تان گڏ ڪئي ويندي آهي. اهي ڪجهه سببن جي ڪري جن جو اڃا پتو نه پئجي سگهيوآهي تمام محدود علائقن ۾ واڌ ويجهه وٺندا آهن ۽ اهڙن علائقن ۾ نظر نه ايندا آهن، جيڪي انهن جي لاءِ ساڳئي نموني مناسب ڏسڻ ۾ ايندا آهن يا وري اهڙن علائقن ۾ تمام ڇڙوڇڙ ۽ هتي هُتي نظر ايندا آهن جو لاک گڏ ڪرڻ جي محنت بي فائدي لڳندي آهي. لاک جي رسد جو وڏو ذريعو سنڌو درياءَ جا ٻٻر جا ٻيلا ۽ حيدرآباد کان 20 يا 25 ميل پري ڦليلي ڪينال تي ٻٻر جا ٻيلا آهن. لاک ايسٽرن نارا ايريگيشن ڊويزن ۾ واهن، ٿرپارڪر ضلعي جي ڪجهه حصن ۽ ٺٽي جي ڪوٽڙي تعلقي ۾ پڻ ٿيندي آهي.

جن سنهڙين ٽارين تي لاک جا تهه چڙهيل هوندا آهن اهي ڇانگي لاک گڏ ڪئي ويندي آهي، انهن کي وري ننڍي ڊيگهه وارن ٽڪرن ۾ ڪٽيو ويندو آهي. انهن کي تجارتي طور stick lac چيو ويندوآهي. لاک ٽارين تان روڙي لاهي ڌيان سان صاف ڪري رنگ محفوظ ڪرڻ کانپوءِ ان کي سنهن پترن جي صورت ۾ رجائي ويندي آهي. لاک جا اهي ٻئي قسم گهڻي ڀاڱي بنگال جي روانگي واپار جي نفعي ۾ شامل ٿيندا آهن، پر سنڌ جي لاک جيڪا گهٽ درجي واري ٿيندي آهي اها گهڻو ڪري صوبي ۾ ئي يا پنجاب ۾ ڪاٺ جو ڪم ڪندڙ ڪتب آڻيندا آهن. اها ڪچي حالت ۾ ٽارين تان روڙيل حيدرآباد ۾ وڪامبي آهي. رنگ لڳي ٿو ته سنڌ ۾ محفوظ نه ڪيو ويندو آهي. لاک مان ڇوڏو ۽ مٽي ڌار ڪرڻ لاءِ اها ڏاڍو گهڻو وقت ۽ تمام ڌيان سان وائريو ۽ ڇڙيو ويندو آهي، پوءِ جنڊ ۾ پيهي وري ڇاڻيو ويندو آهي. انهيءَ کانپوءِ پاڻي جي پيپن ۾ وجهي پيرن سان لتاڙيو ۽ ڌوتو ويندو آهي تان جو انهي مان سموري مرمٽي ۽ رنگ وارو مادو نڪري ويندو آهي. پوءِ اهو ڪتب اچڻ لاءِ تيار هوندو آهي. لاک ٻيلن جي هڪ ثانوي پيداوار آهي ۽ خاص طور ٻٻر ۽ ٻير جي وڻن تي ٿيندي آهي. سن 1919ع، 1922ع ۽ 1923ع دوران انهي جي هٿراڌو طور پکيڙ جا تجربا ڪيا ويا هئا. هڪ نه ٻئي سبب جي ڪري اهي تجربا ڪامياب نه ٿيا. يا ته لاک جي رکيل ڪيڙن ۾ نقص هوندو هو يا ته اهي ايترا ٿورڙا هوندا هئا جو پکڙجي نه سگهندا هئا يا ته اهي جن وڻن تي رکيا ويندا هئا انهن کي اڳواٽ تيار نه ڪيو ويندو هو. بهرحال سبب ڪهڙو به هجي تجربا ڪامياب نه ٿيا ۽ پوءِ انهن مان هٿ ڪڍيو ويو. وري سال 1924ع ۽ 1925ع ۾ به ڇڙوڇڙ تجربا ڪيا ويا پر نتيجا همٿ افزا نه نڪتا. لاک جي هٿراڌو افزائش جو مسئلو 1954ع ۾ وري هٿ ۾ کنيو ويو ۽ حيدرآباد ڊويزن جي کٿر ٻيلي ۾ سلويڪلچرسٽ (Silviculturist) ڪجهه تجربا به ڪيا. سن 1954ع دوران هڪ سب- سلويڪلچرسٽ فاريسٽ آفيسر لاک به مقرر ڪيو ويو جيئن هو ڪم جاري رکي ۽ انهي سال حڪومت پاران منظور ٿيل لاک جي افزائش جي تجرباتي اسڪيم تي عملدرآمد ڪرائي. انهن تجربن جا نتيجا همٿ افزا ثابت ٿيا آهن ۽ حڪومت هلندڙ سال تجارتي بنيادن تي لاک جي افزائش جي هڪ اسڪيم منظور ڪئي آهي. اميد آهي ته اسڪيم ڪامياب ٿيندي ۽ حيدرآباد سرڪل ۾ لاک جي افزائش وڌندي.

لاک ٻيلن جي هڪ ڪارائتي پيداوار آهي جيڪا شيلاڪ، لاک جو رنگ، وارنش، پالشون، سيلنگ وئڪس، گوليون بارود، بجليءَ جو سامان، ليٿوگرافي جي مس، گرامو فون رڪارڊ، ليڪر ۽ لاک جا رانديڪا وغيره ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي.

لاڳ هڪ لڳلڳدار ڇلر آهي جيڪا هڪ ڪينئين (Laccifor Lacca/ Laxadia Sindhica) جي مادي پيدا ڪندي آهي. اهو ڪينئون پنهنجي حياتيءَ جي شروعات هڪ تمام ننڍڙي ڳاڙهي رنگ جي لار واجي صورت ۾ ڪندو آهي. اهو جڏهن جولاءِ ۽ نومبر جي مهينن ۾ وڻن جي رس سان ڀريل ٽارين تي رکيو ويندوآهي ته اهو ان تي سُرندي هڪ جاءِ تي قرار ڪري ويهندو آهي ۽ پنهنجي سونڊ سنهڙي ٿڙ ۾ داخل ڪري ان جي رس پيئڻ شروع ڪندو آهي. اهو جيئن وڌندو ويندو آهي تيئن لاک ڪڍندو ويندوآهي. لاروا وڏي انگ ۾ گڏ ٿيڻ شروع ڪندا آهن ۽ ائين لڳندا آهن ڄڻ ٽارين تي ڳاڙهي رنگ جو سفوف ٻُرڪيل هجي. اهي جڏهن لاک ڪڍڻ شروع ڪندا آهن ته هڪ لاروا جي لاک پاڙيسري لارواجي لاک سان ملي ڄمي ويندي آهي ۽ پوءِ لاک جو هڪ تقريباً پاڻ ۾ جڙيل تهه ٺهي ويندو آهي. ڪينئن ۾ نر ۽ مادي ٻئي ٿيندا آهن پر ماديون وڌيڪ هونديون آهن. نر پنهنجي چوڌاري هڪ سنهو سگار جي شڪل ۾ سيل ٺاهيندو آهي ۽ مادي هڪ گهاٽو بيضوي سيل ٺاهيندي آهي. نر جلدي پختگي کي پهچي ٻاهر نڪري ايندو آهي. مادي پنهنجي سيل ۾ ڄمي ويٺي هوندي آهي ۽ ان تي ئي بارآور ٿيندي آهي. مادي وڻن جو رس چوسي واڌ ويجهه وٺندي رهندي آهي ۽ لاک ڪڍندي آنا ڏيندي رهندي آهي. آنا پختگي کي پهچندي سيل ۾ هڪ نارنگي زردي رنگ جو نشان ظاهر ڪندا آهن. پڪل آنن کي ڪينئون incubating chamber ۾ ڌڪيندو آهي جتان اهي پوءِ ٻاهر نڪرندا آهن. ٻاهر نڪرڻ ۽ انبوهه ڪرڻ جو عمل هڪ ئي وقت ٿيندو آهي. اهڙي طرح هڪ سال ۾ حياتي جا ٻه چڪر مڪمل ٿيندا آهن.

لاک اصل سنڌ جي ڏاکڻين حصي جي پيداوار آهي. لاک جي ڪينئن جو مکيه ميزبان وڻ (host tree) ٻٻر آهي، لاک ٻٻر، پپل، ڦولهاڙي، ديوي، لئي، باهڻ ۽ ڪنڊي جي وڻن تي به چڱي طرح ڦٽي ٿي.

لاک مان ٿيندڙ سالياني آمدني هيٺ ڏيکاريل آهي.

سال

آمدني رپين ۾

سال

آمدني

29-1928

12223

50-1949

2586

30-1929

2732

51-1950

2125

31-1930

137

52-1951

2390

32-1931

409

53-1952

2400

33-1932

385

54-1953

2400

48-1947

ڪجهه به نه

55-1954

1000

49-1948

400

 

 

حڪومت پاڪستان جي فوڊ اينڊ ائريڪلچرل ڪائونسل چئن سالن جي مدي لاءِ هڪ لک پنج هزار روپين جي لاڳت سان لاک جي افزائش جي هڪ تجرباتي اسڪيم جي منظوري ڏني. انهي جي لاءِ سرمايو صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت اڌواڌ جي بنياد تي ڏنو هو. تجربي جي مدي دوران هيٺيان ٽيڪنيڪل انگ اکر گڏ ڪيا ويا.

1. لاک جي پيداوار لاءِ ننڍا وڻ خاص طور 8 کان 10 ورهين وارا بلڪل مناسب آهن.

2. جن وڻن تي لاک جا ڪينئان رکيا وڃن انهن جي اڳواٽ تياري ضروري آهي جنهن ۾ انهن جي ڇانگ ۽ ٿڙن ۽ ٽارين جي صفائي شامل آهي.

3. هن علائقي ۾ لاک جي لاروا جي ڪثرت جولاءِ جي ٻئين هفتي ۽ نومبر جي پهرئين هفتي ۾ شروع ٿئي ٿي.

4. لاروا جي ڪثرت شروع ٿيڻ کانپوءِ پهريان پندرهن ڏينهن هٿراڌو نموني آنا رکڻ لاءِ بهترين وقت آهي.

5. لاک جو ڪينئون روشني جو شوقين سمجهيو وڃي ٿو. تنهن ڪري ان لحاظ کان سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن.

6. جولاءِ جي چوٿين ۽ ڊسمبر جي ٻئين هفتي کان اڳ لاک ڪڍڻ جي موڪل نه ڏني وڃي.

7. لاک جا لار وا فقط مٿي ئي سُرندا آهن.

پلاننگ بورڊ حيدرآباد ڊويزن جي کٿر ٻيلي ۾ ڪمرشل پراڊڪشن آف لاڪ جي نالي سان سن
59-1958ع کان ست لک چار هزار روپين جي لاڳت سان هڪ ٻي اسڪيم جي منظوري ڏني جيڪا اڃا هلي رهي آهي. ٻيلي کاتي طرفان 56-1955ع کان اڄ تائين گڏ ڪيل محصول هن ريت آهي.

سال

محصول رپين ۾)

56-1955

8924

57-1956ع

1035

58-1957ع

20660

59-1958ع

19000

60-1959ع

اُميد آهي ته 16000 رپيا. 213 مڻ لاک اڃا وڪرو نه ٿي آهي.

ڪجهه سببن جي ڪري جن جي اڃا صحيح نموني خبر نه پئجي سگهي آهي لاک تمام محدود علائقن ۾ وڌي ويجهي ٿي ۽ ان جا ڀرپاسي وارا علائقا جيڪي به ساڳئي طرح مناسب ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اتي لاک نه هوندي آهي.

ٻيلي مان ملندڙ ٻي ننڍي پيداوار ۾ سر (Saccharum spontaneum) ۽ ڪانهن (Arundiaceum) اچي وڃن ٿا. سرن جا ڪانا چڪون ۽ پترون ٺاهڻ لاءِ ۽ سرن جو گاهه ٽوڪريون، موڙا ۽ نوڙيون ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. ٻيا گاهه جانورن جي چاري طور ڪم ايندا آهن. ٻيلي جي ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جا ٺيڪا به سٺي نفعي سان ڏنا ويندا آهن. پاسن (Passes) تي مال چارڻ مان به وڏي آمدني ٿيندي آهي ۽ مالدارن کي هر ٻيلي ۾ گهٽ وڌ مستقل ڀن هوندا هئا جتي انهن جي ڍڳين، مينهن، ٻڪرين ۽ اٺن جي کاڌ خوراڪ جي هر هڪ شيءِ موجود هوندي هئي. انهن مان اڪثر مالدار اصل ۾ جابلو علائقن جا رهواسي هوندا آهن، جن ورهين ۾ جبلن تي مينهن نه پوندو آهي ته ڏڪار جو وقت گذارڻ لاءِ مال هيٺ ٻوڏ وارن علائقن ۾ آندو ويندو آهي ۽ اهڙن وقتن ۾ رڍن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جا ڌڻ جبلن ۽ سنڌو جي ماٿرين جي وچ ۾ ايندي ويندي ڏسبا آهن.

ٻيلن کي نقصان جا اهم سبب ڇانگ ۽ باهيون آهن ۽ انهيءَ نقصان جي وڏي حصي جا ذميوار مال چاريندڙ آهن. انهن آزارن کي گهٽ ڪرڻ طرف مستقل ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن تي ڪوبه اثر وجهڻ ڏاڍو ڏکيوآهي، ڇاڪاڻ ته باهين سان گاهه جلد ڦٽي ٿو ۽ ڇانگ به ڍورن جي کاڌ خوراڪ جو تمام سولو طريقو  آهي جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي درياءُ ڪجهه سالن ۾ وڻن واري زمين جا چڱا ٽڪرا پائيندو رهندو آهي ۽ نقصانن جو سبب ٿيندو رهندو آهي ۽ انهي کي روڪڻ به ممڪن نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته درياءَ جي ڪپرن وارا وڻ ڪٽڻ جو سرشتو هلندڙ آهي.

نقصان جي ننڍن سببن ۾ Cerambycida ڪٽنب جا ٽنڊڻ ڳڻائي سگهجن ٿا انهن جا لاروا لئي جي ٿڙن کي پورو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ٻٻر جهڙي سخت ڪاٺ تي به حملو ڪندا آهن. پتنگ جا لاروا جيڪي cossidee ڪٽنب سان تعلق رکن ٿا اهي به خاص طور لئي جي وڻ تي ٽنڊڻن وانگر حملو ڪندا آهن ۽ ڪنڊي، لئي ۽ باهڻ جي سڪل وڻن کي چٽ ڪري ڇڏيندا اهن. وري ماڪڙ ڪنهن ڪنهن سال وڏين ايراضين تي بيٺل فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. وري ڪڏهن سخت پارو ورهين کان پوکيل وڻن کي بيڪار ڪري چونڪڙين ۾ بيٺل ننڍن ٻوٽن کي ساڙي ڇڏيندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org