باب ٽيون
حـيـوانــات
ٿڻيارا
جــانــور
ڪچي وارين ايراضين ۽ سنڌو بئراج سرشتي هيٺ آباد
ٿيندڙ زمين کي ڇڏي باقي سڄي سنڌ خشڪ ۽ گهڻو تڻو
غيرآباد آهي، جتي رڳو واري آهي يا ٽڪر، بيابان آهي
يا بياباني اوڀڙ، جتي برسات گهٽ پوي ٿي، موسم سخت
ٿئي ٿي ۽ جتي جون هوائون اونهاري ۾ لوساٽيندڙ ۽
سياري ۾ سخت ٿڌيون ٿين ٿيون. ٿلهي ليکي سنڌ، خاص
ڪري اندرين علائقن جي آبهوا کي وڌ ۾ وڌ ”جوڙ-
استوائي“ چئي سگهجي ٿو.
سنڌ جهڙي سرزمين ۽ آبهوا ۾ محدود قسم جي نباتات ئي
ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي نتجي ۾ جيڪا حيوانات هوندي، سا
ان کان گهڻي گهٽ شاهوڪار ۽ گوناگون هوندي، جهڙي
گهميل آبهوا ۾ ٿيندي آهي، جتان جون حالتون نباتات
توڙي حيوانات جي گهڻائيءَ ۽ مختلف قسمن لاءِ
سڻايون هونديون آهن.
سنڌ جي نباتات توڙي حيوانات پاڪستان جي ٻين علائقن
خاص ڪري گهاٽي استوائي ساوڪ واري مهات هماليائي
ڇپر ۽ ان پير- ٽڪرين ۽ ميداني پٽي (ٽيرائي ۽ بابر)
کان گهڻي مختلف آهي.
سنڌ جي ٿڻياري حيوانات ۾ ڪيتريون ئي هنڌ آفريقي
جنسون آهن، جيڪي علائقي جي اوڀرندي حد کان گهڻو
پرتي ڪونه ٿين، جڏهن ته جهنگي ٽڪرين، گهاٽن ٻيلن ۽
وسيع جهنگلي ڌٻڻين وارا جانور هتي آهن ئي ڪونه. سچ
پچ ته، سنڌ جي ٿڻياري حيوانات، پکين ۽ سرڻن جانورن
جيان، ڀرپاسي واري خشڪ علائقي، ڏکڻ اوڀر ايران،
بلوچستان، ڏکڻ افغانستان، اتر اولهه سرحد، پنجاب ۽
راجپوتانا جي ساڳي قسم جي حيوانات سان ويجهي نسبت
رکي ٿي. ٿڻياري حيونات، توڻي جو قدرتي ٻيلن جي
اڻهوند جي ڪري گهڻي نه آهي، تڏهن به گوناگون ۽
دلچسپ آهي.
مري (Murray)
71 جنسون رڪارڊ ڪيون آهن، جن ۾ هيٺيون جنسون اچي
وڃن ٿيون. چمڙا (چيروپيٽرا) 20، جيت کائو
(انسيڪٽيوورا) 4، ڪتريندڙ (روڊينشا) 15، کُرن وارا
ٿڻيارا (انگولانا) 7، ۽ اڻ- ڏنديا يا اڌ ڏنديا
ٿڻيارا (ايڊن ٽاٽا)
سنڌ ۾ خيرپور علائقي ۾ هي جنسون ڪونه ٿين:
پرائيميٽس (باندر، ڀولا ۽ لنگور)، ڊيمي آپٽيرا
(اڏامندڙ لنگور) يا سرينيا (سامونڊي مينهن)
علائقي اندر چمڙا جام آهن، اڏامندڙ لومڙ (پٽيروپس
انڊيڪس)، سنڌي چمڙو ۽ سنڌو گنگا جي ميدانن وارو
چمگادڙ (جو ميون وارن چمڙن ۾ سڀني کان وڏو هوندو
آهي)، جنهن جي کنڀن جي پکيڙ 4 فوٽ هوندي آهي، سو
گهٽ آهي، پر اتر ۾ ملي ٿو، جتي اهو جيڪب آباد،
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ڏٺو ويو آهي.
اهي چمڙا وڏن وڻن ۾ وڏا وڏا ولر ڪري رهندا آهن.
پپر (فائڪس رليجيوسا) ۽ گدامڙي (ٽمارنڊس انڊيڪا)
جا وڻ گهڻو وڻندا اٿن. واهيري وقت، عادت موجب مٿو
هيٺ ڪري لڙڪندي، ڏاڍو لُڙ ۽ گوڙ ڪندا آهن.
بنگال ۾ وري انهن کي بانس جي وڏن جهڳٽن ۾ واهيرو
ڪرڻ وڻندو آهي ۽ گهڻو ڪري پڪل سوپاري ۽ پام جو
ميوو کائيندا آهن، جڏهن ته ڏکڻ هندستان ۾ اهي گهڻو
ڪري غار ٻوٽي (ڪولوفائيلم مارفائيلم) جو سائو داڻو
کائيندا آهن. ان داڻي ۾ تکي بوءِ وارو تيل هوندو
آهي، جيڪو کائي ڏاڍا متارا ٿي ويندا آهن. جڏهن کين
اُٻاريو ويندو آهي، ته منجهانئن هڪڙو تيل نڪرندو
آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ان کي لائڻ سان
وار وري ڄمڻ لڳندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته
جيتريون گنجيون ٽڪڻيون شايد ڏکڻ هندستان ۾ آهن،
ايتريون اُتر، اوڀر يا اولهه ۾ ناهن، چوندا آهن ته
انهيءَ چمڙي جو هڏو ڳئون جي ڪارن وارن سان مُري يا
ويڻيءَ کي ٻڌبو ته وائي سور ڇڏي ويندو.
اهي چمڙا اپايل ڳردار ميوي خاص ڪري زيتون، لوڪاٽ،
شفتالو، انجير ۽ آلو بخاري لاءِ پويون ڏينهن آهن،
پر سنگتڙي جي ڪنهن به جنس جي ويجهو نه وڃن جهنگلي
ميون ۽ گُلن ۾ بادام (ٽرميناليا ڪئٽپا)، نم
(ازاديرا چتا انديڪا)، بير (زيزيفس جوجوبا)، ڄانڀو
(يوجينيا چانڀولان)، پپر (فائيڪس رليجيوسا)، بڙ
(فائينس بنگالينس) ۽ فائيڪس جون ٻيون جنسون، مونا
(باسيا لئٽيفوليا)، سيمل (بامباڪس مالاباريڪم) ۽
ڪچنار (باهينيا وئرائگاٽا) جهڙا ڳردار گُل وڻندا
اٿن.
اهي چمڙا ڊگهي ۽ لاڳيتي اڏام ڪري ڄاڻن. سيلون ۾
هنن کي ٽيهه ٽيهه چاليهه چاليهه ميل اُڏامي وڃي
يوڪليپٽس جا گُل کائيندي ڏٺو ويو آهي.
ننڍي کنڊ جي اُتر وارن ميدانن ۾ اهي چمڙا زيتون
کائڻ جا ڏاڍا شوقين آهن، ۽ باغن جا لاهه ڪڍي
ڇڏيندا آهن، توڻي جو ميوي کي بچائڻ جا اُپاءُ به
ورتا ويندا آهن، جيڪي گهڻا ڪامياب نه ٿيندا آهن.
باغائي ڇا ڪندا آهن جو چمڙن کي ڦاسائڻ لاءِ ڊگهن
لڪڙن جي وچ ۾ ڄاريون هڻندا آهن. پر تمام ٿورا
ڦاسيندا آهن، ڇو جو ورلي ڄارين منجهه ويندا آهن.
انهن ميوي جي چمڙن جو کاڄ سڄي جو سڄو نباتاتي نه
آهي. شارٽ (Short)
ٻڌائي ٿو ته اهي چمڙا ڪيئن نه آمريڪا جا مڇي مار
چمڙن (ناڪٽيليو ليمپارينس) وانگر پاڻيءَ جي مٿاڇري
تي ننڍيون ننڍيون مڇيون ترنديون ڏسندا آهن، تنهن
مٿان تنبندا آهن ۽ لامارو ڏيئي چنبن ۾ مڇي کڻي وڃي
ڪنڌيءَ لڳ وڻ تي ويهندا آهن ۽ مزي سان کائيندا
آهن.
ٻين چمڙن جيان هي چمڙا به پاڻيءَ مٿان ترڪندي ٽٻي
ڏيئي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پاڻي پيئندا آهن.
ڊاڪٽر ڊي، (Day)
موجب، انهن چمڙن کي نشي جي عادت به آهي، کجين سان
ٻڌل ٽڀن منجهان تاڙي چاڙهي خماريل خماريل واهيري
ڏانهن موٽندا آهن. شايد ان ڪري ئي ٻئي ڏينهن صبح
جو ايترا بدمزاج ۽ جهڳڙالو هوندا آهن. هو رات جو
دير تائين کائيندا پيئندا رهندا آهن.
انهيءَ چمڙي جو گوشت نرم آهي ۽ سواد به خراب نه
اٿس. چيو وڃي ٿو ته اهو گوشت مشڪن جي سگهه بحال
ڪرڻ جو تاثير رکي ٿو ۽ مٺن پيشابن جا روڳي ان جو
ٻوڙ چاهه سان کائيندا آهن.
ميوي وارو ڪڻڪ رنگو چمڙو (زانٿارپيا ائمپليڪ
سيڪاڊيٽا)، جنهن جي کنڀن جي پکيڙ اٽڪل ٻه فوٽ
هوندي آهي، سو پڻ مڪاني طرح اڻ لڀ نه آهي. اهو
چمڙو ٺٽي لڳ مڪليءَ جي پُراڻن قبن اندر، ڪلفٽن ۾ ۽
مڪران جي ڪپر تي لڪ بڊوڪ ۾ چُرُن اندر رهندي ڏٺو
ويو آهي، اهو اولهه ۾ ايراني نار تائين ۽ اوڀر ۾
پرتي فلپائن جي ٻيٽن تائين ملي ٿو. پنهنجي وڏي
مائٽ، اڏامندڙ لومڙ، وانگر اهو پڻ رڳو نباتات تي
گذران نه ڪندو آهي ۽ برما ۾ موطائين لڳ ان کي ننڍا
ننڍا کيکڙا کائيندي ڏٺو ويو آهي. ان جو ننڍو مائٽ،
ميوي وارو بينو چمڙو (سائنوپٽيرس مارجيناٽس)، جنهن
جي کنڀن جي پکيڙ اٽڪل 18 انچ ٿيندي آهي، سو انهن
ضلعن ۾ عام آهي، جتي ڳردار ميوو اُپايو وڃي ٿو.
اهو چمڙو به نسورو آزار آهي ۽ زيتون، انبن ۽ ڪيوڙي
جي باغن سان راڱا ڪريو ڇڏي. ميوي جو اهو ننڍو
چمڙو، جيڪو هندستان- پاڪستان ننڍي کنڊ کان ويندي
ڏور اوڀر تائين ٿئي ٿو، سو جيت کائو چمڙي وانگر
سهنجي اڏام وارو آهي، ۽ اڏامندڙ لومڙ وانگر، وڻن ۾
ولر ڪيو مٿي ڀر لڙڪندي واهيرو ڪندو آهي، خاص ڪري
کجيءَ ۽ ڪيوڙي جي وڻن ۾. اهو چمڙو وڏو پيٽي آهي،
ايتريقدر جو ٿورڙن ڪلاڪن اندر پنهنجي تور جيترو
کاڌو کايو وڃي، جيڪو سندس کاڌي واريءَ نليءَ
منجهان ذري گهٽ ان مٽيو لنگهيو وڃي. پنهنجي پيٽوڙي
عادت جي ڪري اهو ڳردار ميون جو ڳاڻاٽي کان ٻاهر
زيان ڪندو آهي.
ننڍو اوڀر وارو نقل جهڙو چمڙو (رهائنولوپس
ٽرائڊينس) ۽ ان جون لاڳاپيل جنسون، اسپيورس ۽
فلوا، جيت کائو چمڙا آهن، جيڪي ڪراچي ۾ ٿيندا آهن.
خاص ڪري ٽرائڊينس جنس جا چمڙا مارچ جي پڇاڙيءَ ۽
اپريل ۾ سج لٿي جو ولر ڪندا آهن.
وڏن ڪنن وارو وئمپائر (ميگاڊرما لائرا) بڇڙيءَ شڪل
وارو چمڙو آهي، پر ان کي آمريڪا جي اصل رت پياڪ
وئمپائر (فائليواسٽوما ٽائيڊيئي) سان نه ڀُلايو
وڃي. هيءُ چمڙو سڄي هندستان- پاڪستان ۽ سيلون ۾
ٿئي ٿو ۽ پراڻين جاين، قبن ۽ غارن ۾ رهي ٿو. رات
جو اڪثر کاڌي جي ڳولا ۾ روشنيءَ تي ڇڪجي آيل جيتن
کي ڏسي ورانڊن ۽ ڪمرن اندر هليو ويندو آهي،
جيتوڻيڪ جيت کائيندو آهي، پر ننڍن چمڙن، ڏيڏرن،
مڇين ۽ ڪرڙين مان به نه مڙندو آهي، ويندي انهن جا
ڪي هڏا به چٻاڙيو وڃي. بلٿ
(Blyth)
موجب، ان کي ڪڏهن ڪڏهن ننڍن چمڙن کي ڪنن پويان چڪ
هڻي سندن رت پيئندي به ڏٺو ويو آهي. هيءُ چمڙو عام
نه آهي، پر ڪراچيءَ ۽ سکر ضلعن ۾ ٿئي ٿو، جتي اهو
جهونن قبن ۽ ٽڪرين جي چُرن ۾ ملندو آهي.
سنڌي چمڙو (ويسپروگو ناسوٽس) هڪ ننڍڙي جيت کائو
جنس آهي، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ ٿئي ٿي. هتي اهو سکر
۽ شڪارپور ۾ ملي ٿو. ان بابت شڪل شبيهه کان سواءِ
ٻي ڪا خاص معلومات نه ملي آهي.
عام رواجي هئڊرو چمڙو (نڪٽيسيجس ٽيمينڪاءِ) سنڌ
ملڪ جي عام ۾ عام چمڙن منجهان هڪڙو آهي، ان تي خاص
طرح نظر انهيءَ لاءِ پوي ٿي، جو اهو جاين ۾ رهندو
آهي ۽ کاڌي جي ڳولا ۾ سوير ئي نڪري پوندو آهي. مون
اهڙن ويهارو کن چمڙن کي سانجهيءَ جي وسڪاري سبب
نڪري آيل جيتن جا حشام کائي جاوا ڪندي ڏٺو آهي.
انهيءَ چمڙي جي اُڏام، ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مڙيوئي
ڍري هوندي آهي.
سنڌ جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ سڀني کان نظر ايندڙ چمڙو
پپسٽريل (ويسپروگو ابرامس) آهي، جيڪو روشنيءَ جي
ڇڪ تي آيل جيتن جي ڳولا ۾ پيو گهرن ۾ ايندو ويندو
آهي، ويندي ڪمرن اندر به هليو ايندو آهي.
اهو چمڙو تمام تکو اُڏامندو آهي ۽ غارن، وڻن جي
خالن ۽ پورن بانسن اندر رهندو آهي. اهو محدود
ايراضيءَ ۾ جهڙوڪ ڪمري اندر ايترو ته تکو اڏامي
سگهي ٿو جو ان وڏي پتنگ جو گمان ٿيندو آهي.
مون انهيءَ ننڍڙي چمڙي کي ’ڪلان ڪوٽ‘ ڍنڍ جي مٿان
بيٺل مڪلي ٽڪرين جي اونهين سورهين چُرن اندر ڏٺو
آهي.
ڪُتي جي پُڇ جهڙو پن کائو چمڙو (رهائنوپوما مائڪرو
فائلم) سنڌ ۾ ڪمياب نه آهي ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽
سکر ضلعن ۾ ٿئي ٿو، جتي مون ان کي غفائن، جهونن
قبن ۽ ناريل جي سُڪل پنن ۾ واهيرو ڪندي ڏٺو آهي.
سنڌ ۾ جيڪي ٻيا ذڪر لائق جيت کائو چمڙا ٿين ٿا، سي
هي آهن: پاپڙي، ڪنيو چمڙو (ويسپروگو ڪُوهلي) وڏ
ٻانهيو چمڙو (ٽافوزس لوئجيمئنس)، اڇي پيٽ سان مياڻ
جهڙي پُڇ وارو چمڙو (ٽافوزس ساڪولائمس) ۽ ڪڇي چمڙو
(ٽافوزس ڪڇينسس). وڏا ٻانهيو چمڙو جاين ۾ ايندو
ويندو رهندو آهي ۽ وڏن شهرن ۾ گهٽ ڏسبو آهي، جڏهن
ته مياڻ پُڇيو چمڙو غفائن ۽ جاين ۾ واهيرو ڪندو
آهي ۽ ايترو عام نه آهي.
سنڌ ۾ جيت کائو ساهوارن جون رڳو چار جنسون ٿين، جن
۾ ٽئي ڄاها آهن.
ننڍي کنڊ جو ڇڇوندر (ڪروآئيڊيُورا ڪائروليا) يا
سنڌ جو ڪاٺوڙي ڪُوئو شايد گهريلو کير ڌارائيندڙن ۾
سڀني کان گهڻو عام آهي، ويندي هر جاءِ حاضر گهرو
ڪوئي کان به، ڇا لاءِ جو اهو پريشان ڪيو ويندو ته
پنهنجي موجودگي ڊگها تيز چيچاٽ ڪري محسوس ڪرائيندو
آهي، ۽ پنهنجين جيتامڙين ٽنگن تي وت آهر ڀِت جي
پاڙ وٺي تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو آهي. هيءُ رات جو راهي
آهي ۽ ڏينهن جو نالين ۾ يا ڀت جي ڏرن ۾ يا باغن جي
جهڳٽن ۾ لڪل رهندو آهي. رات جو کاڌي جي ڳولا ۾
جاين اندر گهڙي ايندو آهي ۽ جيتوڻيڪ ڏاڍو ڪارائتو
جيت ناس ڪندڙ آهي، تڏهن به پنهنجو نازڪ نڪ ميز تي
پيل کاڌي کان پري نه ڪندو آهي. ان کي ڏيڏر وڏو
ڪوريئڙو ۽ ويندي وڇون به کائيندي ڏٺو ويو آهي. عام
طرح ان کي ماريو نه ويندو آهي، ڇا لاءِ جو چيو وڃي
ٿو ان جي ڌپ تي نانگ نه ايندا آهن. اهو پڻ چيو وڃي
ٿو ته ان جا بانس وارا غدود هڪڙو ڪُرائيندڙ زهر
نيڪال ڪندا آهن، جنهن جي ڪري اهو جنهن جانور مٿان
لنگهي ويندو آهي، تنهن کي ڦٽ ٿي پوندا آهن.
ڪتا ۽ ٻلا ڪاٺوڙي ڪوئو ماري ته سگهن ٿا، پر
کائيندا ناهن ۽ مون هڪڙي سرڻ کي ٻليءَ جو ماريل ۽
ڇڏيل ڪاٺ ڪوئو کڻي ويندي ۽ وڻ تي ويهي ٻه ٽي
چهنبون هڻي پشم پٽي پوءِ هيٺ اُڇلائيندي ڏٺو آهي.
ڪاٺوڙي ڪوئو ڪراچي، ڪوٽڙي، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب
آباد ۾ ڏٺو ويو آهي ۽ گهڻو ڪري سنڌ ۽ خيرپور جي
سڀني وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿو، ڪراچيءَ ۾ اهو نالين ۽
مورين ۾ رهندڙ وڏين ۽ ڪراهت جهڙين ڀينڊن کي کائي
وڏو فائدو پهچائي ٿو، ڇا لاءِ جو اهو جيت رات جو
گهرن ۾ پيل کاڌي کي پليت ۽ ڪِنو ڪريو ڇڏي.
سکر ۾ ڪاٺوڙي ڪوئن جو هڪڙو جوڙو جيڪو باغ جي
ناليءَ ۾ رهندو هو، سو کاڌي جي ڳولا ۾ منهنجي
ورانڊي ۾ هليو ايندو هو ۽ نيٺ ايترو هِري مِري ويو
جو منهنجي هٿن مان ٽنڊڻ، ڪاڪڙ، تڏ ۽ ڍٻل جا سُڪل
ٽڪر وٺي کائيندو هو. مون وٽ ڪجهه هسي واريون
ڪرڙيون پڃري ۾ بند هيون. انهن ڪاٺ ڪُوئن ڪيترائي
ڀيرا انهن ڪرڙين کي هٿ ڪرڻ جي ڪئي. اسان انهن جي
گهر ۾ موجودگيءَ تي خوش هئاسون، ڇا لاءِ جو انهن
جي ڪري ڪوئا ڪونه ايندا هئا. هنن جي اچڻ کان اڳ
خاص ڪري ڪوئن اسان لاءِ وڏو آزار ڪيو هو ۽ پڃري جي
ڪن پکين سان، جي مون وٽ هئا وڏو ويل هوندو هو.
سکر ڇڏڻ کان اڳ مون ڪاٺوڙي ڪوئن جو سڄو ڪٽنب ڏٺو.
اهي ڪُل ڇهه هئا. ڇهه ئي هڪ ٻئي جو پڇ وٺيو قطار ۾
ايندا هئا. اسان وارو ڪتو بِلي عام طرح هنن تي
پنهنجين اڌ کليل اکين جي ڪُنڊن منجهان هڪ آڏي نظر
وجهي پوءِ وساري ڇڏيندو هون. پر جي ڪڏهن هو منجهن
انهيءَ کان وڌيڪ چاهه ڏيکاريندو هو ته اهي چاٻيءَ
تي هلندڙ ريل جيان ورانڊي واريءَ ڀت جي پاڙ ڏيو
تيز ڊوڙندا هئا ۽ تکيون ڪيهون پيا ڪندا هئا.
سنڌ ۾ جيڪي ٽي ڄاها آهن، تن ٽنهي کي ڄاهو يا ڪنڊو
ڪوئو سڏبو آهي. انهن مان ڪنڊو ڪوئو (ايريناسيوس
ڪالري) پنجاب، راجپوتانا ۽ اجمير تائين ڦهليل آهي.
اهو ڄاهو ڪراچيءَ، ڪوٽڙيءَ، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾
ڏٺو ويو آهي. جرڊان وارو ڄاهو (ايريناسيوس جرڊاني)
پنجاب تائين ٿئي ٿو ۽ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه،
روهڙي ۽ سکر ۾ ملي ٿو، جڏهن ته چٽن وارو ڄاهو
(ايريناسيوس پڪٽس)، جيڪو آگري (هندستان) کان
راجپوتانا (هندستان) ۽ ڪڇ (پاڪستان) تائين ٿئي ٿو،
سو ايترو عام نه آهي، جيتروڪ ان جا ٻه ٻيا هم جنس.
اهو پڻ ڏينهن جو ٻين جيان لڪل رهندو آهي، پر کليل
ميدانن ۾ ڏرن اندر يا گاهه هيٺ.
ڄاها ڏاڍا مزيدار هٿ پال ٿيندا آهن. 1916ع ۾
ڪئمبلپور (پنجاب) ۾ مون وٽ ڇهه ڪوئا هئا. پر اڃا
اهي پوريءَ طرح هِريا مِريا ڪونه هئا جو ڇڏي ڏيڻا
پيم، ڇو جو مون کي نوڪريءَ سانگي سمنڊ پار وڃڻو
پئجي ويو هو.
1932ع ۾ ڏٻر لڳ مون هڪڙو جرڊان وارو ڄاهو پنهنجين
چئن ڀاتين سان ڪانڊيري هيٺان هڪڙيءَ کڏ اندر لڪل
لڌو هو. ماءُ ۽ هڪڙو ٻچٽ ڄاهو سکر ويندي واٽ تي
ڀڄي نڪري ويا باقي ٽئي، جن جا نالا ٻٻر، ٻير ڪنڊي
هئا، سي ڏاڍا هري مِري ويا، ايتري قدر جو بنا ڊپ
ڊاءَ جي رُلندا وتندا هئا.
اهي ڄاها ماني، کير، تِڏيون، وڏيون ڪاريون
ڪِوِليون ۽ ڪڏهن ڪتاتي ننڍڙو نانگ کائي کائي مچي
ويا. ٽنهي کي ڇٻر ڏاڍي وڻندي هئي، جيڪا چٻاڙي
چٻاڙي ڳوهيل اٽي جهڙي ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ
پنهنجين ڄڀِنُ کان ماري جو ڪم وٺندي پاڻ کي ليپ
ڏيندا هئا. ڪن مشڪن جي سوس سان سندن سيون وڇوڙجي
وينديون هيون ۽ هو پنهنجين ڄڀن کي ٽنبائڻ کان
سواءِ سِڪي ويندو هو ۽ ٻٿي جيان لهي ويندو هو.
سندن هيٺيان هنڌ، جتي سڀني ۾ ڪونئري پشم ٿيندي
هئي، سي هو چٽي صفا ڪندا هئا. ڄاهي جو گوشت نرم ۽
سوادي چيو وڃي ٿو. لاڏائو ماڻهو اهو ڏاڍي چاهه سان
کائيندا آهن.
سنڌ ملڪ گهڻو تڻو خشڪ آهي. تڏهن به هتي ٿڻياري
حيوانات جون ماس کائو جنسون چڱيون آهن. هماليا جو
ڪارو رڇ (اُرس ٽارڪئيٽس)، جنهن کي سنڌيءَ ۽
پنجابيءَ ۾ رڇ ۽ بلوچيءَ ۾ ”مم“ سڏيو وڃي ٿو، سو
کيرٿر ڇپر ۽ منڊ لڳ بلوچي ٽڪرين ۾ ٿئي ٿو، جتي
گوادر جي پوليٽيڪل ريزيڊنٽ، ميجر ماڪلر، ان جون
ڪيتريون ئي کلون هٿ ڪيون هيون، ۽ ڊبليو. ايڇ.
ليوڪاس، 1902ع ۾، ڪتي جي قبر (تعلقي قنبر) وٽ هڪڙو
رڇ ماريو هو. بلوچن جو چوڻ آهي مَمَ زائفون ۽ ٻار
کڻي ويندي آهي.
گورپٽ (ميليوورا اِنڊيڪا) سڄيءَ سنڌ ۾ ملي ٿو ۽
اڪثر ڪري ڪم نه ايندڙ قبرستانن اندر جهونين قبرن
جي کڏن ۾ رهندو آهي. اهو شايد قبرن ۾ گهر ڪرڻ جي
ڪري ئي آهي جو ان بابت مشهور آهي ته اهو لاش کوٽي
ڪڍي کائي ويندو آهي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته اهي
گهرن ۾ گهڙي ننڍڙا ٻار کڻي ويندا آهن ۽ جڏهن ڪو
بالغ ماڻهو اڪيلو ملي ويندو اٿن ته اهي پوين ڄنگهن
تي بيهي ماڻهوءَ کي ٻک کڻي وجهندا آهن ۽ پنهنجي
ڀيانڪ ساهه سان ٻوساٽي ماري ڇڏيندا اٿس.
گورپٽ رات جو نڪرندو آهي، گهڻو ڪري ماس کائيندو
آهي ۽ ڳوٺن جي ڪڪڙين ۽ بدڪن جو دشمن آهي. مون کي
سرحد ۾ هڪڙي پراڻي قبرستان ۾ ٽي گورپٽ مليا هئا.
جيتوڻيڪ مون وٽ نانگن جهلڻ لاءِ ٻه ڇانگي ڪاٺيءَ
کان سواءِ ٻيو ڪو هٿيار ڪونه هو، تڏهن به هنن
منهنجي ٻک سان تواضح نه ڪئي، نه ئي ٻک وجهڻ جي
ڪوشش ئي ڪئي هئائون. جڏهن مون اها ڳالهه هڪڙي بلوچ
اردليءَ سان ڪئي ته هنن وڏي ڳنڀرتا سان چيو ته
بِجُوءَ کي پتو هو، ته توهان پوليس ڪپتان آهيو!
عام لڌڙو (لٽرا ولگارس) سنڌوءَ جي ڪن پُراڻن واهن
۾ چڱو عام آهي، جڏهن ته لسو لڌڙو (لٽرا ايليوٽي)،
جيڪو عام لڌڙي سان وڏي مشابهت رکندڙ ٿئي ٿو، سو
بظاهر بيٺل پاڻيءَ ۽ اونهن ۽ اوٽائتن تلائن ۾ رهڻ
پسند ڪري ٿو. مون ڪلان ڪوٽ ويجهو مڪلي ٽڪرين جي ٻن
روٽن جي وچ ۾ هڪڙي ڪنڊ اندر انهن جو چڱو چوکو
تعداد ڄرڪا ڦاسائيندي ڏٺو هو. جڏهن به ڪو ڄرڪو
ڦاٿن ٿي، ڪنڌيءَ تي کڻي وڃي کاڌائون ٿي.
ٻنهي جنسن کي سنڌي مهاڻا ”لڌڙو“ جي نالي سان
سڃاڻن. وڌيڪ لسي جنس کي مهاڻا ۽ ميربحر اڪثر
پاليندا آهن ۽ انهن کي مڇين يا ٻلهڻ کي تلائن يا
درياء جي کارين ڏانهن ڌڪڻ جو ڪم وٺندا آهن، جتي
انهن کي سولائيءَ سان ڦاسائي سگهبو آهي.
سنڌ جو واگهه يا شينهن (فليس ٽائيگرس) هاڻ ان ڏيهه
۾ ڪونه ٿئي. آخري بچيل شينهن 1886ع ۾ ڪرنل مئڪراءِ
ماريو هو. 1878ع ۾ ايڇ. سي. ميولس ۽ سندس ساٿين هڪ
شينهن، هڪ شينهڻ ۽ سندن ٻچو گولي هڻي ماريو هو.
1884ع ۾ مري خيرپور رياست ۾ ان جي موجودگي رڪارڊ
ڪئي هئي، پر ان جا ٿاڪ سنڌوءَ جي ڪچي وارا لئي ۽
گاهه جا گهاٽا جهنگ هئا، جتي اهو روهڙيءَ ۾ ٿيندو
هو ۽ سکر ۽ جيڪب آباد ضلعن کان وڃي نڪرندو هو، پر
ڏکڻ ۾ لاڙ ڏانهن ڪڏهن ڪونه ويو.
سنڌ جو چيتو (فيلس پارڊس) لڳي ٿو ته سنڌوءَ جي
ڪيٽيءَ وارن گهاٽن جهنگن ۾ ٿيندو هو، ڇو ته
ليفٽيننٽ ڪاريس لکي ٿو ته هن 1837ع ۾ هڪڙو چيتو
اتي ڏٺو هو. تڏهن کان صورتحال گهڻي مٽجي وئي آهي ۽
هاڻ چيتو کيرٿر چپر ۽ لسٻيلي ضلعي جي پٻ جبلن
تائين محدود ٿي ويو آهي. جتان اهو ڪڏهن ڪڏهن
اڳوڻيءَ سنڌ جي ميدانن کان وڃي نڪرندو آهي. 1896ع
کان 1915ع تائين سنڌ ملڪ اندر 21 چيتا ماريا ويا
هئا. جن مان ٻن کان سواءِ ٻيا سڀ ڪراچي ضلعي ۾
ڪيرايا ويا هئا ٻيا چيتا پٻ جبلن ۾ ماريا ويا آهن،
جن مان پويان ٻه جي گراسينبارڪر 1936ع ۾ ماريا
هئا.
سنڌي چيتو، توقع موجب، هندستاني چيتي کان رنگ ۾
هلڪو ۽ هاٺيءَ ۾ ڪسو ٿئي ٿو، تڏهن سنڌ ڏيهه ۾ ستن
ورهين اندر ٻه ڪارا چيتا ماريا ويا. ڊاڪٽر
ايڇ.ٽي.سورلي جڏهن يو.ايس.ايف جو ڊپٽي ڪمشنر هو،
تڏهن 1928ع ۾ جيڪب آباد لڳ هڪڙو چيتو ماريو ويو
هو. ۽ ٻئي کي 1939ع ۾ ريهڙي ويجهو هڪ غار ۾ ڦاسائي
گولي هنئي وئي هئي. سنڌ ملڪ ۾ ڪاري چيتي جو هجڻ
وڏي دلچسپيءَ وارو آهي، ڇو ته هتي جون حالتون
آبهوا ۽ ماحول رنگ جي ڪاراڻ لاءِ ڪنهن به طرح
سازگار نه آهي.
هيٺ ٻئي واقعي جو مختصر بيان ڏجي ٿو، جيڪو بمبئيءَ
جي قدرتي تاريخ واري سوسائٽي جي رسالي ۾ ڇپيو هو.
اپريل 1939ع جي اوائل ۾ ڪراچي ضلعي جي برام حيدري
(ابراهيم حيدري) ڳوٺ جا رولو ڪتا نهايت پراسرار
نموني ۾ گم ٿيڻ لڳا. ڳوٺ وارن جو خيال هو ته ڪو
چراخ کنيو پيو وڃي. سو هنن ڳولا شروع ڪئي ۽ پيرا
کنيائون، ريهڙيءَ ويجهو ٽوڙن جي ڏر اندر هڪڙي چُر
۾ ٿي ويا.
ڏٺائون ته جانور، جنهن کي هنن چراخ ٿي ڄاتو، سو
اندر آهي. سو هڪڙو مهاڻو بتي ۽ نوڙي کڻي چراخ کي
جيئري جهلڻ لاءِ اندر ويو. سنڌ ۾ چراخ کي عام طرح
ايئن ئي جهليندا آهن. مهاڻو جيئن ئي اندر گهڙيو،
تيئن ئي جانور چڙهي آيس ۽ هڻي چيري رکيائينس، کيس
اسپتال پهچايو ويو، جتي هو ٿورڙن ڏينهن کان پوءِ
زهر چڙهي وڃڻ سبب گذاري ويو، ڇو ته هن ڄنگهه وڍائڻ
کان نابري واري ڇڏي هئي.
انهيءَ وچ ۾ چُر جي منهن تي هڪڙو مضبوط رَڇ ٻڌو
ويو، ۽ ڇهه ميل پري ملير ۾ پوليس کي اطلاع موڪليو
ويو.
پوليس، ڪجهه زميندارن ۽ ماڻهن جو هڪڙو ڊنب
بندوقون، ڀالا ۽ ڏنڊا کڻي وڃي چُر وٽ پهتا، ۽
دونهان ڪري جانور کي ٻاهر ڪڍيائون. اهو جانور ڪو
چراخ نه پر هڪڙو ساماڻل ڪارو چيتو هو. ان چُر جي
منهن وٽ اچي رَڇ پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪرڻ لڳو. تڏهن
ماڻهن ان کي گوليون، ڀالا ۽ ڏنڊا هڻي ماري ڇڏيو.
چُر ۾ ڪتي جي هڏن کان سواءِ هڪ تازي ماريل رولو
ڪتي جو ڌڙ به پيو هو. چيتي جي کل جا مون ورتي، چڱي
ڌڪيل هئي. ان جي ماپ نڪ جي چهنب کان وٺي پُڇَ جي
پڇڙيءَ تائين 6 فوٽ 8 انچ هئي. پڇ 2 فوٽ 6 انچ هو.
وڏو شينهن ٻلو يا مڇي مار ٻلو (فيلس وويرينا)
اوڀرندي ناري واري تر ۾ ٿئي ٿو، جتي هڪڙو ايم. ڊي.
مئڪينزيءَ 1906ع ۾ ماريو هو.
مري، ڄاڻائي ٿو ته اهو سنڌوءَ جي لئي سان ڇانيل
ڪنڌين تي ڪامياب نه آهي. مون چئن ورهين ۾ رڳو ٻه
ڀيرا سکر ضلعي ۾ ڏٺو آهي. پهريون ڀيرو تروڙ ڍنڍ وٽ
سَرن ۾، ۽ ٻيو ڀيرو لئي گاهه جي گهاٽي جهنگ ۾ ڪاري
ناري جي ڪنڌيءَ تي، جتي اهو اوڀرندي ناري سان گڏجي
ٿو.
اهو وڏو ٻلو سڀاءَ جو ڪرڙو ۽ اڳرو آهي ۽ گهڻو ڪري
مڇيءَ تي گذران ڪندو آهي. پر ڪتا، رڍون، گابا
(ننڍا) ۽ ويندي اهڙا ابهم ٻار به نه ڇڏيندو آهي،
جن کي مائرون وڻن سان ٻڌل پينگهي ۾ اڪيلو سُمهاري
پاڻ وڃي ڀرپاسي گاهه ڪنديون يا ڪاٺيون ميڙينديون
آهن.
ريگستاني ٻلو (فيلس آرناٽا) يعني سنڌي جهنگراڙ يا
جهنگ جو ٻلو ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن ۾
ٿئي ٿو، جتي اهو باغن، گاهه ۽ سنهن جهنگن ۾ واسو
ڪندو آهي. اهو ڳوٺ جي ڪڪڙين بدڪن جو ڏاڍو شوقين
ٿيندو آهي ۽ سها کڻي ويندي ڏٺو ويو آهي. تنهن
هوندي به، اهو گهڻو ڪري ٻنيءَ جا ڪوئا ۽ پکي
کائيندو آهي.
عام جهنگلي ٻلو (فيلس چاس) يعني سنڌي جهنگراڙ يا
جهنگ ٻلو سنڌ جو عام جهنگ ٻلو آهي ۽ سڄي ڏيهه ۾
ٿئي ٿو. هي کليل ملڪ ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو، جتي گاهه
جو سنهو جهنگ هجي ڳوٺن ۽ واهڻن ويجهو بيٺل پوکن ۽
ڍنڍن جي سڪل پيٽن اندر اُڀريل ڪانهن به سندس ٿاڪ
آهن. هيءُ ڳوٺ جي ڪڪڙين ۽ بدڪن لاءِ پوين ڏينهن
آهي، ۽ ڳوٺ جي ڇيڇڙن جهڙوڪ: ڪڪڙ، بدڪ، ٻڪريءَ ۽ رڍ
جي آنڊن مان به نه مڙندو آهي. مون انهيءَ ٻلي کي
هڪڙي ريسٽ هائوس جي ورانڊي ۾ گهڙي ڏينهن جو ماريل
شڪار تڳائيندي ڏٺو آهي. هڪڙي ڀيري مون کي سکر ضلعي
۾ هڪڙي ننڍي ڪڙئي جي ڍڪيل موري هيٺان اهو جهنگ ٻلو
۽ ڪاريهر نانگ ٻئي مئل ڏٺا هئا. ٻلي کي ڪاريهر جا
ٽئي وڪڙ آيل هئا ۽ خود ڪاريهر جو مٿو، ڳچي ۽ وچون
بدن ڏاڍا چچريل هئا. نانگ ۽ ٻلي جي وچ ۾ اها لڙائي
ضرور ڇتي ۽ طوفاني هوندي، ڇا لاءِ جو ٻنهي ٿڏي تي
هڪٻئي کي ماري وڌو هو. شايد ٻئي موريءَ ۾ آمهون
سامهونءَ وارن ڇيڙن تان گهڙيا هوندا ۽ اوچتو جو
هڪٻئي تي نظر پئي هوندن ته وچڙي پيا هوندا. امالڪ
اچي ڪڙڪڻ جي ڪري، ۽ نه پڇاڙيءَ تائين وڙهڻ جي خيال
کان، ڇا لاءِ جو ٻنهي مان ڪوبه کاڌي لاءِ ٻئي تي
جُلهه نه ڪندو آهي.
پيکاري يا سياهه گوش (فيلس ڪئراڪل) سنڌ ۾ ڪامياب
آهي، پر چيو وڃي ٿو ته جتي به سَڻائي جُوءِ هوندي
آهي، اُتي ٿيندو آهي. مون ڪيترن ورهين ۾ رڳو ٻه
ڀيرا ڏٺو آهي، هڪڙو حب ماٿريءَ ۾ کار وٽ ۽ ٻيو
ڪراچي ڪوهستان ۾ موئدان لڳ. چيو وڃي ٿو ته اهو
ڪوئن، سَهن ۽ ٻاٽيٻڙن جو شڪار ڪندو آهي، ۽ مون
هڪڙي جوڙي بابت ٻڌو، جنهن نئينگ لڳ ٽاڪرو سنهي
جهنگ ۾ هڪڙي گولي لڳڻ سبب سخت ڌڪيل هرڻ کي چڙهڻ
ڪري ماري وڌو ۽ ڪجهه کائي به ويو.
1884ع ۾ مري، لکيو ته شڪارپوري پلنگ يا چيتو (فيلس
جوباٽا) سنڌ ۾ ٿيندو هو. اهو هاڻي پاڪستان يا
هندستان ۾ ورلي ملي ٿو، ۽ اڄڪلهه جيڪي شڪار لاءِ
ڪتب آندا وڃن ٿا، سي ذري گهٽ سڀ آفريقا کان گهرايا
وڃن ٿا. مان نٿو سمجهان ته هاڻ ڪو سنڌ ۾ چيتو
هوندو.
چراخ (هائنا اسٽرياٽا) سڄيءَ سنڌ ۽ خيرپور ۾ سڻائي
جُوءِ، ننڍين سنهي جهنگ سان ڇانيل ٽڪرين ۽ غارن ۾
ملي ٿو. هن کي گڏهه کائڻ جو ڏاڍو چاهه هوندو آهي ۽
هر سال ڪيتريون گڏهون ماري يا منڊيون ڪري ڇڏيندو
آهي.
اهو چُرن ۾ رهي ٿو ۽ سنڌي ماڻهو نوڙي ۽ بتي کڻي
اندر وڃي ان کي جيئرو جهلي ايندا آهن. هيءَ ويڙهه
ورلي ڪندو آهي ۽ شايد روشنيءَ ۾ ڏسي نه سگهندو
آهي، ان ڪري نوڙي وجهي قابو ڪري وٺبو اٿس ۽ ڇڪي
ٻاهر وٺي اچي يا ته ڏنڊا هڻي ماري ڇڏبو آهي يا وري
ڳوٺ جا ڪُتا بڇيندا اٿس.
چراخ ڪراچي ضلعي اندر اورنگي نئن، کڏيجي، گُجي ۾
مڪلي ٽڪرين وٽ ۽ سکر ضلعي اندر اروڙ ۽ ڪالڪان جي
ڀرپاسي واري علائقي ۾ هميشه ملندو رهي ٿو.
1939ع ۾ ٿاڻي بولا خان جي پسگردائيءَ ۾ چراخن جو
هڪ جوڙو هڪڙي پٽيوالي تي چڙهي آيو هو، جو قبر
کوٽيندي مٿان وڃي پيو هُئن. پٽيوالي کين ماري پري
ڪيو ۽ پاڻ ڊوڙي وڃي ٿاڻي تي لِڪو ڪوبه چراخ پٺيان
ڪونه پيو هُئس. سرزمين تي پيرن مان معلوم پيو، ته
چراخ سچ پچ هڪڙي پراڻي قبر وٽ نوس نوس ڪري رهيا
هئا ۽ جڏهن ته پٽيوالو هڪڙي طرف ڀڳو هو، ته ٻئي
چراخ پڇ لڪائي ٻئي پاسي، شايد گهڻو وڌيڪ تکو، ڀڳا
هئا.
ڪجهه ڏهاڙا هڪڙي مڪاني اخبار ۾ ليک ڇپيو ته هڪڙو
چراخ پٽيوالي تي چڙهي آيو هو، جيڪو پير پختا ڪيو
بيٺو رهيو ۽ چراخ کي کڻي سوگهو ڪيائين ۽ آڻي ٿاڻي
تي ڇڏيائينس.
ڪاٺوڙي ٻلو (وويريڪيولا مالاسيفسس) سنڌ اندر ٿئي
ٿو. پر ڪمياب ۽ تمام مڪاني آهي. ان کي اهڙا ٻيلا
وڻندا آهن، جتي سر ۽ ٻيا ڪسا گاهه اُڀرندڙ هجن،
ڊي.جي.اوماني کي اهي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾
ڏسڻ ۾ آيا هئا ۽ مون وري انهن جو هڪڙو جوڙو سکر
ضلعي اندر ۽ سانگيءَ جي وچ ۾ جهنگ جي ٻاهران ڏٺو
هو.
وڏو شڪ ٻلو (وويرازي بيٿا) جيتوڻيڪ سنڌ جي 1940ع
واري جهنگلي پکين ۽ جهنگلي جانورن واري ائڪٽ ۾
مذڪور ٿيل آهي، پر اهو سنڌ اندر ٿئي ڪونه.
سنڌ جي نورن جي حيثيت واضح نه آهي. ان جانور تي
ميدان توڙي عجائب گهر ۾ وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.
مري (1884ع) نور جا ٽي قسم بيان ڪري ٿو: خاڪي،
ڳاڙهسرو ڪڪو ۽ اينڊرسوني. انهن مان پوئين قسم کي
هو نئين جنس ڄاڻائي ٿو، جا رڳو سنڌ ۾ لڀي ٿي. اهو
سڀ رڳو هڪڙي نموني جي آڌار تي ڪري ٿو، جيڪو کيس
ڪوٽڙيءَ وٽ هٿ لڳ هو.
نور جا جيڪي ٽي قسم سنڌ ۾ بلڪل ٿين ٿا، سي آهن:
عام خاڪي نور (هرپيسٽيز منگو)، ڳاڙهسرو يا وڏي پڇ
وارو نور (هرپيسٽيز سمٿي) ۽ ننڍو پاڪستاني نور
(هرپيسٽيز آٽو پنڪٽيٽس).
عام خاڪي نور سڀني کان گهڻو ڏسبو آهي ۽ هر ضلعي ۾
ٿئي ٿو. مون هڪڙي خاڪي نور کي ٻه فوٽ کن ڊگهي نانگ
کي چڪ ۾ کنيو ٽپو ڏئي ٽي فوٽ اُتانهين ڀت تي
چڙهندي ڏٺو آهي.
ڳاڙهسرو نور ڏاڍو سهڻو ۽ خاڪي نور کان وڏو ٿيندو
آهي. هيءُ ٻيلائي جنس آهي ۽ گهڻو نه ڏسبو آهي. عام
طرح اهو جهنگ جي پهي تان ڇوهو ڊوڙي وڃي سرن ۾
لڪندي پسبو آهي، جتي اهي پينو ڪتي وانگر پوين
ڄنگهن تي ويهي اوپري کي جاچيندو آهي.
ننڍو پاڪستاني نور ٽنهي ۾ ننڍي ۾ ننڍو ۽ لسي ۾ لسو
ٿيندو آهي. اهو ايترو عام نه آهي، جيترو ٻيا قسم ۽
جي سوڙهو ڪبس، ته ٻليءَ جيان وڙهڻ جي سنبري بيهندو
آهي.
نور ميوي، جيتن، بيدن، ڪوئن، پکين ۽ نانگ سميت
ننڍن سُرڻن تي گذران ڪندا آهن. اهي سولائيءَ سان
هري مري ويندا آهن ۽ ڏاڍا دلچسپ ۽ ڪارائتا ۽
قربائتا هٿ پال ثابت ٿيندا آهن.
سنڌي بگهڙ (ڪئنس پاليپيز) هيٺينءَ سنڌ ۾ ڪامياب نه
آهي. مون انهن کي هڏيري، هاليجي، سونڊا ۽ ليوڪا جي
ڀرپاسي ۾ پرهه کان سُتت پوءِ اڪيلي سر يا جوڙو
جوڙو ٿي ڀڳل ڀونءِ ۽ پناهه گاهه ڏانهن ڀڄندي ڏٺو
آهي. مڪران جي ڪپر تي لڪ بڊوڪ وٽ ٻير جي سنهي جهنگ
۾ هڪ ٻه بگهڙ هميشه ڏسي سگهجن ٿا.
بگهاڙ ڍوري جي ڀرپاسي واري ڀڳل ڀونءِ، ڪنهن زماني
۾ بگهڙن کان مشهور هوندي هئي. اهي بگهڙ آسپاس جي
گهاٽي جهنگ ۽ چُرن ۾ رهندا هئا. ماڻهن کي اڃا به
ياد آهي ته سنڌ جا بگهڙ رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ وڏو خطرو
هوندا هئا ۽ هر سال 5800 ڪن ناس ڪري ڇڏيندا هئا.
سن 1897ع کان 1907ع تائين 1178ع بگهڙ ماريا ويا ۽
انهيءَ ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ڌاري سنڌ ۾ بگهڙن جو آزار
ضابطي هيٺ اچي چڪو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين وري منهن
نه ڪڍيو اٿائون.
بلائفورڊ موجب، جيڪو بگهڙ اولهنديءَ سنڌ ۾ ٿئي ٿو،
سو پوري جنس (ڪئنس ليوپس) آهي ۽ پنهنجي اوڀر واري
مائٽ کان رڳو پنهنجي ڪجهه وڌيڪ گهاٽي ۽ ڊگهي پشم ۾
مختلف آهي.
گدڙ (ڪئنس آريوس)، جنهن کي مڪرانيءَ ۾ تولڪ سڏيندا
آهن، سو سڄيءَ سنڌ ۽ خيرپور ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان جي
ٻين ڀاڱن وانگر، هتان جو گدڙ به شڪار لاءِ نڪرندو
آهي ته ڏاڍيون اوناڙون ڪندو آهي. پر هڪڙو فائدو سو
اٿس، اهو هيءُ ته ڍونڍ کائي کپائي ڇڏيندو آهي.
شڪارين مون کي ٻڌايو آهي ته گدڙ جوڙو جوڙو ٿي شڪار
ڪندا آهن ۽ سيهڙ ۽ تتر جهليندا آهن. مون جوڙن کي
ڏينهن ڏٺي جو شڪار ڪندي ڏٺو آهي: هڪڙو ڪنهن پيچري
وٽ ٻوڙي جي پويان لڪي ويهندو ۽ ٻيو وري سامهونءَ
واري طرف کان ٻوڙن منجهان ٿيندو ويجهو ايندو. شايد
انهيءَ اُميد سان ته سهو يا تتر اتان نڪرندو ته
سڌو وڃي سندس منتظر ساٿيءَ جي وات ۾ پوندو. پر مون
کين ڪجهه جهليندي ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي. ڪلان ڪوٽ ڍنڍ
۾ مون گدڙن جي هڪڙي جوڙي کي تانگهي پاڻيءَ ۾ مريل
(Murul)
مڇيءَ جو پيڇو ڪندي ڏٺو آهي. فيض آباد (هندستان) ۾
مون ٻن گدڙن کي پنهنجي ئي هڪڙي ڪمزور هم جنس تي
حملو ڪري ماريندي ڏٺو. هو ان کي مارڻ ۾ ايترا ته
غلطان هئا جو مون کي سڄي ڪاروائي ڀر وٽان ڏسڻ جو
وجهه ملي ويو هو. بيمار گدڙ جو ذري گهٽ پوريءَ طرح
سامايل هو، سو ڏاڍو سنهو هو ۽ مارجڻ وقت ڏاڍيون
درديليون دانهون ٿي ڪيائين. ماريندڙن مان هڪڙي کيس
ڳٿر کان کڻي جهليو هو ۽ اُها ڪري رهيو هئس، جا ڪتو
ٻليءَ سان ڪندو آهي. ٻئي گدڙ پنهنجي شڪار کي سنگهي
پوءِ چورن وانگر مخالف طرفن ڏانهن هليا ويا هئا.
گدڙ جيتوڻيڪ گوشت خور جانور آهي، تڏهن به ان کي
ڪنڊر ٻير (ززيفس روٽنڊيفوليا)، نم (ازاڊيراچتا
ايڊيڪٽ) ۽ بڙ (فائڪس بنگالينسس) جو ميوو ڏاڍو
وڻندو آهي. انهن وڻن جو ميوو هي پٽ تان هٻڇ سان
کڻندا آهن ۽ کائڻ وقت گُلرن وانگر کٽ پٽ ڪندا آهن.
ٻيرن ۽ نمورين جو ککڙيون کائڻ کان پوءِ سڄي جون
سڄيون ڪڍي ڇڏيندا آهن. ”ڪاڪوس“ وقت ڪنهن ٻُوڙي يا
وڻ جي پاڙ وٽ ويهڻ وڻندو اٿن ۽ گهڻو ڪري فرلانگ
واري پٿر کي ائين سينگاريندا آهن. ڪمند ۽ پڪل گدرا
پڻ چاهه سان کائيندا آهن ۽ اهڙن ڳردار فصلن جو
ستياناس ڪري ڇڏيندا آهن.
پاڪستاني لومڙ (ولپيز بنگالينسس) سنڌ جي گهڻن ضلعن
۾ چڱو عام آهي، ۽ گهڻو ڪري گاهه يا بيابان ۾ اڪيلو
ڏسبو آهي. گدڙ وانگر هن کي به ميوو خاص ڪري ٻير ۽
گريويا وڻندو آهي. انهن جون ککڙيون سڄيون ڪڍندا
آهن. هيءُ گهڻو ڪي ميداني ڪوئن، سڪيءَ جي کيکڙن،
ننڍن پکين، ڪرڙين ۽ سانڊن تي گذران ڪندو آهي.
سانڊي کي اهو ان جي ڀوائتي، ڪنڊائين پڇ جي باوجود
جهلي وٺندو آهي.
آگري (هندستان) ۾ رمتا لومڙ، ڪتن جي شڪار لاءِ
وڪڻندا هئا. شڪار ڪڏهن به گهڻو وقت نه هلندو هو،
ڇا لاءِ جو اهي اڀاڳا جانور بند رهڻ ۽ کاڌي پيتي
نه هئڻ ڪري ڪمزور ٿي ويندا هئا ۽ سندن ٻُوٿ هميشه
سبيل هوندا هئا، جڏهن ته ڪتا ڍاول ۽ شڪار لاءِ آتا
هوندا هئا.
بياباني لومڙ (ولپينر ليوڪاپس)، جنهن کي سنڌيءَ ۾
ننڍو يا اڇو لوڪر ۽ بلوچيءَ ۾ لومبر سڏيندا آهن،
تنهن جو منهن يورپي لومڙ جهڙو ٿيندو آهي ۽ اصل
بياباني جنس آهي. گهڻو ڪري ڪرڙيون ۽ ڪئا کائيندو
آهي ۽ اهڙي جُو وسائيندو آهي، جتي ريگستاني ٻوٽا
جهڙوڪ ڪرِڙ، اڪ، کپ ۽ ڦوڳ ٿيندڙ هجن. اهو ڪڏهن
ڪڏهن هندستاني لومڙ واريءَ جوءِ ۾ به ڏسبو آهي، پر
هندستاني لومڙ اڇي لوڪڙ جي اصل جوءِ يعني خشڪ
وارياسي تر ۾ خير ڪو ڏسبو آهي.
ننڍو پنجابي لومڙ (ولپينر پيوسيلس) هن وقت تائين
رڳو مٿينءَ سنڌ ۾ ڏٺو ويو آهي، جتي مون کي اهو
ريتي، اوٻاوڙي ۽ ڪشمور جي ڀرپاسي ۾ نظر آيو آهي.
هيءُ پڻ اڇي جهڙي جوءِ وسائيندو آهي، ۽ مري جي چوڻ
موجب، ان کي اڪثر اڇي لوڪڙ سان ڳنڍيو ويو آهي.
انهن ٻنهي جنسن جي پڇ جي پڇڙي اڇي ٿيندي آهي. جڏهن
ته هندستاني لومڙ جي پُڇ جي پڇڙي ڪاري ٿيندي آهي.
هيءَ جنس به سنڌ ۾ ننڍو لوڪڙ سڏبي آهي.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ٿڻيارن (ويسر، ڊولفن ۽ ٻلهڻ جون
چار جنسون ٿين، جن مان ٻه ڊولفن جون، هڪ ٻلهڻ جي ۽
هڪ ويسر جي آهي. ٻلهڻ کي ڇڏي باقي سڀ سامونڊي
جنسون آهن.
شيهي جي رنگ واري ڊولفن (اسٽينوپلميوس) ۽
چُهنبياري ڊولفن (اسٽينو لانجيراسٽرس)، ٻئي
سامونڊي جنسون آهن ۽ سنڌو جي ڪپر لڳ سمنڊ ۾ ٿين
ٿيون. پهرين جنس کي سنڌوءَ جي ڪن ڪيٽيءَ وارين
کارين ۾ پڻ ڏٺو ويو آهي.
پاڪستاني يا گنگا واري ٻلهڻ (پلاٽانسٽا
گئنجيٽيڪا)، جيڪا 7 فوٽ ڊگهي ٿيندي آهي، مٺي
پاڻيءَ جي جنس آهي ۽ صفا انڌي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو ان
جون اکيون پوريءَ طرح اُسريل نه هونديون آهن،
جيتوڻيڪ ان کي گنگا جي نالي پٺيان سڏيو وڃي ٿو،
تڏهن به اها ان نديءَ سان مخصوص آهي، پر ننڍي کنڊ
جي گهڻن وڏن دريائن ۾ ملي ٿي. اها سنڌوءَ ۾ گهڻي
تڻي ٿئي ٿي ۽ سنڌيءَ ۾ سيسر به سڏبي آهي. مهاڻا ۽
ميربحر ان جي تيل کي وائي جي سور لاءِ اڪسير
سمجهندا آهن ۽ پنهنجين ڀونگين ۽ گهرن ۾ سوجهري
لاءِ ٻاريندا آهن. ڪپر تي رهندڙ ڪيتريون ئي قومون
ان مڇيءَ جو ٻوڙ وڏو طعام سمجهندي شوق سان
کائينديون آهن ۽ ڪڇونءَ ۽ ٻي مڇيءَ کان وڌيڪ وڻندو
اٿن، سواءِ پلي (ڪلوپئيٽليشا) جي، جنهن جو ستت
بيان ڪبو.
سنڌ جا مهاڻا ٻلهڻ کي سيکاريل لڌڙن جي مدد سان
ڦاسائيندا آهن. جن کي هو اهڙي کنڊ يا دريائي
کاريءَ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن، جتي مڇي هجي لڌڙا مڇيءَ
جي ڪڍ پوندا آهن ٻلهڻ وڳوڙ ٻڌي مڇين کي جهلڻ لاءِ
کنڊ ۾ ڪاهي پوندي آهي، پر پاڻ گهنڊ جي شڪل جهڙين
مضبوط ڄارين ۾ ڦاسي پوندي آهي ۽ مهاڻا ڄار جي وٿين
منجهان ڀالا هڻي ماري وجهندا اٿس.
نيرو ويسر (بلائنوپٽيرا انڊيڪا) وڏي ۾ وڏو ٿڻيارو
جانور آهي ۽ ڊيگهه سؤ فوٽ کن ٿيندي اٿس. سنڌ ۽
مڪران جي ڪپر کان پرتي سمنڊ ۾ مڙيوئي پيو ملندو
آهي ان جو گذران ننڍن جهينگن، گانگٽن، کيکڙن وغيره
تي آهي. اهو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ڪراچيءَ ۽ بمبيءَ
جي وچ ۾ آگبوٽن سان ٽڪريو آهي. هڪڙو ويسر مڪران جي
ڪناري وٽ زير سامونڊي تار سان وچڙيل لڌو ويو هو.
1879ع ۾ هڪ 17 فوٽن کان وڌيڪ ڊگهي کوپڙي ڪلفٽن وٽ
ڪپر تي لڙهي آئي هئي.
ڀيٽ ۽ بابا ٻيٽن جي مهاڻن وارو چيتو يا بهاري ٻلهڻ
ظاهر آهي ته اهوئي ويسر آهي، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن
ڀالن سان ساڻوڪري ٻيڙيءَ سان ٻڌي بندر تي آڻيندا
آهن اتي ان کي ڪپي تيل ڪڍندا آهن. سامونڊي مهاڻن
وٽ ان تيل جو وڏو قدر آهي. ڏکڻ ايران ۾ مڪران جي
ڪپر تي ڪپر وارا لوڪ ڪناري تي ڌڪجي آيل ويسرن جا
هڏا پنهنجين ڀونگين جي اڏاوت ۾ ڪم آڻيندا آهن.
ڪتريندڙ جانورن (روڊنشا) جون سنڌ ۽ خيرپور ۾ ڪافي
جنسون ملن ٿيون.
پٽن سان کجيءَ وارو نوريئڙو (سڪايورس پاميرم) يعني
سنڌوءَ ۽ گنگاهه جي ميدانن واري گلهري اتان جي
باغن ۽ رستن سان عام ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر سنڌ ۽
خيرپور ۾ ڪامياب آهي. اهو سڀني ضلعن ۾ ٿئي ٿو پر
ڪٿي به عام نه آهي. هيءُ جانور مڪاني طرح لڏپلاڻ
ڪندو رهي ٿو. ڪراچيءَ ۾ اُهي ٻليون ان جو شڪار
ڪنديون آهن، جن جو ڪو ڌڻي سائين نه هوندو آهي ۽ جن
سان شهر ڀريو پيو آهي. مون هڪڙي سرڻ کي ان تي
لامارو ڏيندي ڏٺو آهي، تڏهن جڏهن اهو ٽاريءَ جون
ڪريل ڦريون ڳولي رهيو هو، جن جو هو ڏاڍو شوقين ٿئي
ٿو. مون ڪانوَن کي پڻ ان سان آزار ڪندي ڏٺو آهي،
جن پنهنجي عادت موجب اڳيان پويان جُلهون ٿي ڪيس.
هيءُ ننڍو نوريئڙو، جنهن کي انگريزي سپاهي وڻ جو
ڪوئو سڏيندا آهن، سو جيڪڏهن هٿ سان پاليو وڃي، ته
سٺو هٿ پال ثابت ٿئي ٿو. اهو قيد ۾ پڻ ٻچا ڏي ٿو.
پاڪستاني ڪوئو (گربيلس انڊيڪا) ۽ ان جو ننڍيڙو
مائٽ ريگستاني ڪوئو (گربيلس هُرياناءِ) شايد سنڌ ۽
خيرپور جا پنهنجي پنهنجي جُوءِ اندر سڀني ۾ عام
ڪئا آهن. پوئين جنس، جا وڌيڪ خشڪ تر ۾ رهڻ پسند
ڪري ٿي، سا وڌيڪ مڪاني هوندي به وڌيڪ عام آهي. ٻئي
قسم جي ولرن ۽ چار پنج فوٽ اونهن ڏرڙن ۾ رهندا
آهن. اهي گاهه جي پاڙن ۽ اَن تي گذر ڪندا آهن ۽
گهڻو ڪري ڏينهن جو سرگرم هوندا آهن. پاڪستاني ڪوئو
ڏاڍو وياٽو آهي ۽ هڪ وقت ۾ ڏهه ٻارنهن ٻچا ڏيندو
آهي. پنهنجي رنگ، پوين ڄنگهن جي وڏي ڊيگهه ۽ ٽِپَ
ڏيڻ جي سگهه جي ڪري اهي ڦاڙها ڪوئا به سڏيا ويندا
آهن. پاڪستاني ڪوئو هڪ ئي ٽِپَي ۾ ڪتي کان بچي
نڪرندو آهي ۽ ان کي 5 وال ٽپندي ڏٺو ويو آهي.
سنڌ اندر ڪوئن جون جيڪي ٽي جنسون ٿين ٿيون، تن ۾
ننڍي ۾ ننڍي جنس بُجر پيرن وارو ڪوئو (گربيلس
گليڊوئي) آهي. اها جنس ٻيلي کاتي جي ايف. گليڊو
روهڙيءَ ۾ ڏٺي هئي. اهو ڪوئو تمام مڪاني آهي ۽
عادتون پنهنجن وڏن هم جنسن جهڙيون اٿس. مون سکر
قلعي اندر ريتيءَ ۽ کينجوءَ جي وچ ۾ وارياسي وَر
ماريل مور ۾ ان ڪوئي جا ننڍا ولر ڏٺا آهن.
هيءُ خاص سنڌ جي جنس ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر جيئن ته اهو
پنجاب جي سرحد جي ايترو ويجهو ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري
ٿي سگهي ٿو ته بهاولپور ۽ ٻين سکر جي ڀر وارن ضلعن
۾ به هجي. سکر ضلعي ۾ اهو مسٽر گليڊو لڌو هو، جنهن
صاحب جي سنڌ اندر سٺي کوجنا ڪيل آهي.
ننڍي پڇ وارو ڪوئو يا پوک وارو ڪوئو (نيسوشا
هارڊوڪي) ۽ ان جي وڏو مائٽ عام پرک وارو ڪوئو
(نيسوشا بنگالينسس) ٻئي سنڌ ۾ ملن ٿا. پهريون
ڪوئو، جنهن کان ڪڙمي ايترو ڊڄندا آهن، جيڪو پوکن ۽
ڀروارن دريائن ۽ واهن جي بندن کي ايترو نقصان
پهچائي ٿو، سو چڱو ڦهليل آهي ۽ جتي به ٿيندڙ آهي،
اُتي گهڻو ملي ٿو. پويون ڪوئو، جيڪو عام گهر کان
ٻاهر ڪوئو آهي. سو سنڌ ۾ ايترو ڪونه ٿئي ۽ هن وقت
تائين، مريءَ جي چوڻ موجب، رڳو ٿرپارڪر ضلعي اندر
ڏسڻ ۾ آيو آهي. اهو سڀاءُ جو شوخ ۽ اڪيلائي پسند
ٿئي ٿو. وڏا وڏا ٻر ڪري، جي ڪيترن ئي والن تي
پکڙيل هوندا آهن، انهن ۾ اڌ اڌ سير انَ يا گاهه جو
ٻج سانڍي رکندو آهي. هيءُ ڪوئو انهيءَ جنس مان
آهي، جنهن کي ”طاعون جو ڪوئو“ سڏيندا آهن. بمبئيءَ
(هندستان) جي وادر نالي رولو قبيلي ۾ ان جي گوشت
جو وڏو قدر آهي.
مرون ڪوئو (نيسوشا بئنڊيڪوٽا) جيڪو ڊيگهه ۾ ٻه فوٽ
يا وڌيڪ ۽ تور ۾ ٽي پائونڊ کن ٿيندو آهي، سو ماڻهن
جي چوڻ موجب ڪراچيءَ ۾ لڀي ٿو ۽ اتي ڪپهه جي گدامن
۾ رهي ٿو، پر منهنجي ڄاڻ موجب اهو سنڌ ۾ ڪٿي ڪونه
ٿئي. 73 ورهيه اڳ مريءَ جي وقت ۾ ڪراچيءَ جي گدامن
اندر جيڪي ڊگها ڪوئا ڏٺا ويا هئا، سي ٿي سگهي ٿو
ته ڪڪا يا موريءَ جا ڪوئا هجن، جيڪي وڌي وڏا ٿي
ويا هجن. ڪلڪتي ۾ انهن ڪوئن کي ڀلجي مرون ڪوئو
سمجهيو ويو هو.
ڪڪر يا موريءَ جو ڪوئو (مس ڊيڪومئنس) ۽ ڇت وارو يا
ڪارو ڪوئو (مَس راٽس)، اهي ٻئي عام گهر ۾ رهندڙ
جنسون آهن ۽ ٻنهي کي طاعون جا ڪوئا سمجهيو وڃي ٿو،
خاص ڪري پوئين جنس کي، جا گهرن ۾ رهندي آهي ۽ مٿي
چڙهي وڃڻ جي ڪري ڇت وارو ڪوئو پڻ سڏبو آهي.
ٻئي جنسون ماس کائو، رات جو نڪرندڙ آهن ۽ تري به
ڄاڻن ميز جو کاڌو ڏاڍو وڻندو اٿن، جنهن کي چورائڻ
جو ڪو وجهه نه وڃائيندا آهن.
موريءَ وارو ڪوئو چالاڪ، ڪرڙو ۽ زيان خور آهي. اهو
تتر جيترا وڏا پکي ماريو وجهي. انهيءَ جنس جي هڪڙي
ڪوئي سکر ۾ پاليل خاڪي تتر، جيڪو گهر ۾ ڊوڙون
پائيندو رهندو هو. سو ماري وڌو هو. مون وٽ ڪراچيءَ
۾ ٽي پٽ تتر هئا، جيڪي پڃري ۾ بند رهندا هئا.
انهيءَ جنس جو ئي هڪڙو ڪوئو هو، جنهن انهن مان
هڪڙي کي ماري وڌو هو. انهيءَ ڪوئي کي سُتل ماڻهن
کي چڪ پائيندي ڏٺو ويو آهي. سندس چڪ جي ڪري ڪوئي
جي چڪ جو بُخار ٿي پوندو آهي. انهيءَ بخار جو ڪارڻ
هڪ ”سپريلم نيورسس ميورس“ نالي هڪ طفيلي جيت هوندو
آهي. ڪراچيءَ ۾ منهنجي هڪڙي گُلر کي اهڙي ڪوئي
ڳچيءَ ۾ ڏاڍو چڪ پاتو هو. گلر کي ڇٽڻ ۾ هفتا لڳي
ويا هئا. چڪ واريءَ جاءِ تي سخت پونءِ وارو ڦَٽ ٿي
پيو هو ۽ گلر ڏاڍو ڦٽجي پيو هو، اهڙو جو ذري گهٽ
مئو هو. خاڪي توڙي ڪارو ڪوئو، ٻئي جنسون سنڌ ۽
خيرپور جي سڀني وڏن شهرن ۾ ملن ٿيون.
ايراني گهرو ڪوئو (مس بئڪٽريانس) سنڌ جو عام گهر
جو ڪوئو آهي، گهرو ڪوئي (مس مسڪيولس) بابت چيو وڃي
ٿو ته اهو مٿينءَ سنڌ ۾ ٿئي ٿو، پر جيستائين مون
کي پتو آهي ته اڃا تائين ان کي رڪارڊ نه ڪيو ويو
آهي. ايراني جنس ۾ اهي سڀ عادتون خاص ڪري ڪترڻ جون
آهن، جيڪي ان جي پاڪستاني ۾ ٿين ٿيون، جنهن بابت
ڪم جي هر ڳالهه اڳي ئي معلوم آهي.
ڪنئري بُج وارو پوک جو ڪوئو (مَس ميٽاڊا) سنڌ ۾
ملي ٿو، پر ايترو عام نه آهي، جيترو ننڍي پُڇ وارو
ڪوئو يا عام پوک وارو ڪوئو. هيءُ ڪوئو ننڍن ننڍن
ولرن ۾ رهي ٿو ۽ آباد زمينن ۾ واسو ڪري ٿو، جتي
اهو چڱي طرح نه ٺهيل ٻرن اندر پوک وارن ڪوئن جي
پراڻن ٻرن يا پهڻ يا ڪچري جي ڍڳن اندر رهي ٿو.
سُين سان ڪڪو ڪوئو (مَس پئٽيٿرڪس) چيو وڃي ٿو ته
سنڌ ۾ آهي، پر تر جي ماڻهن کي ان بابت تمام ٿوري
ڄاڻ آهي. هيءُ جوڙن ۾ رهي ٿو ۽ ڳاڙهي ڪڪريلي زمين
وڻندي اٿس، جتي اهو ٻر ڪري رهندو آهي. جڏهن ٻر
اندر هوندو آهي، تڏهن هو ٻر جو منهن ننڍين ننڍين
ڀترين سان بند ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ مقصد لاءِ
ٻاهر ٻر وٽ پٿريون هٿيڪيون هونديون اٿس. ٻر جي تري
۾ پڻ ننڍيون ننڍيون پٿريون وڇايل هونديون اٿس.
عادتون هندستان جي پوک واري ڪئي (مس بندونگا)
جهڙيون اٿس. هندستان جنس سنڌ ۽ خيرپور ۾ ڪانه ٿئي.
ٻوڙي جو ڪوئو (گولنڊا ايليوٽي)، جيڪو ٻوڙي اندر يا
پٽ تي پيل گاهه اندر لڪل گاهه جو آکيرو ٺاهي رهندو
آهي، سو سنڌ جي جنس ڪري ڄاڻايو وڃي ٿو. هيءُ اڪيلو
رهي ٿو، ڏينهن جو نڪري ٿو ۽ گذران گاهه جي پاڙن تي
اٿس. ان بابت گهڻي ڄاڻ ڪانهي.
سنڌ جي پوک ڪوئڙن (Mice)
بابت گهڻي معلومات نٿي ملي. مون لاڙ، وچولي ۽ سرن
۾ کٻڙ ۽ ڪرڙ جي ٻُوڙن ۾ پوکن جي ڀرسان پوک ڪوئڙن
جا آکيرا ڏٺا آهن، جن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڻ وارو وڏ
پُڇيو ڪوئڙو (مس اوليراسيوس) به نظر آيو اٿم. پر
جيئن ته تڏهن پتو ڪونه هئم، ته انهي ڪوئڙي بابت
تمام ٿوري معلومات رڪارڊ ٿي آهي، سو منجهن ڪا
دلچسپي ڪانه ورتي هئم.
سنڌ ۽ خيرپور جي پوک ڪوئڙن تي کوجنا جو ميدان تمام
وسيع آهي.
سيڙهه، سيسل، سنڪور يا خارپشت (هسٽرڪس ليڪيورا)
جتي به موافق زمين ۽ پوک هوندي، اُتي عام ٿئي ٿي.
هيءُ وڏو نقصانڪار جانور آهي، ۽ خاص ڪري ڪچالو ۽
پٽاٽي جي فصلن ۽ ڪيوُڙي جي سلن جا لاهه ڪڍي ٿو
انهي ڳالهه ۾ ڪو سچ نه آهي ته هي پنهنجا قلم تيرن
وانگر ڇوڙي سگهي ٿو.
سڙهه جي ايراني جنس (هسٽرڪس ڪرسٽاٽا) سنڌ بلوچستان
جي سرحدن تي مُولا نئن وٽ لڀي ٿي ۽ شايد کيرٿر ڇپر
۽ ان جي ٻاهرين اوڀڙ ۾ ڏکڻ ۾ پري ڪراچي ڪوهستان
تائين ڦهليل آهي، ڇاڪاڻ جو ان کي ڀڳل ٽاڪرو ڏيهه
گهڻو وڻندو آهي. ڏکڻ ايران جي اهڙي تر ۾ هيءُ
جانور عام آهي. مون کي اُتي ڪيترائي ڀيرا انهن کي
ڏسڻ جو اتفاق ٿيو آهي.
عام پاڪستاني سَهو (ليپس ريوفيڪاڊيٽس) سنڌ ۾ ڪونه
ٿئي.
ايراني جنس (ليپس ڪرايپيڊٽس)، جنهن کي مري سنڌ جي
جنس ڪري ڄاڻايو آهي، سا هتي مڪران ۾ ٿئي ٿي پر
تمام ٿوري. اُتي وندر ۽ تتيان نين جي ڪنڌين سان
لڳو لڳ پوکن جي ويجهو مور ۾ ڪيترائي اهڙا سها
ماريا آهن. جيتوڻيڪ مون اهو سَهو اوڀر ۾ اڳتي حب
نديءَ جي ٻئي پاسي ڏٺو آهي تڏهن به شايد اهو رولاڪ
جي حيثيت ۾ اها واٽ وٺي سنڌ ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو حب
سُڪي اوڪر آهي، سواءِ مينهوڳيءَ جي مند ۾ جڏهن اها
تار وهندي آهي.
سنڌي سَهو (ليپس ڊيانس) جنهن کي سيهڙ به چون، سو
سنڌ جو عام سهو آهي ۽ هر هنڌ جام ٿئي ٿو خاص ڪري
لاڙ ۾، جتي اهو گڊپ جي ميدان ۽ جنگشاهيءَ، پير پٺي
۽ گلا ملاح وٽ مور ۾ ٿئي ٿو.
لاڙ جي جوکين کي ڪاٺيءَ جو گهوٻاٽو اڇلائي هڻڻ جو
وڏو ڏانءُ آهي. مون کين پندرهن ويهن وکن تان سهن
کي چُٽي ڪيرائيندي ڏٺو آهي. مجنون نالي هڪڙو جوکيو
شڪاري انهيءَ شڪار ۾ اهڙو ته ڀَڙُ هو جو ڏسي حيرت
وٺي ويندي هئي.
ايف گليڊو کي جنگشاهيءَ لڳ جيڪو سَهو هٿ آيو هو ۽
جنهن کي مري ليپس جنگشائنسيس جو نالو ڏنو آهي، سو
ضرور رڳو انهيءَ تر ۾ ٿيندڙ ۽ تمام گهٽ لڀندو هو.
ڇاڪاڻ جو ڪرنل ڊبليو. جي. ڊڪسيءَ ميجر وليمس. ميجر
گبنس ۽ مون انهيءَ کي ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي
پر اسان کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هو. هيءُ سهو، ٿي سگهي
ٿو ته ڊيانس جو ڪو قسم هجي ۽ جيئن اي. ايڇ. اي
ڄاڻايو آهي، سنڌ علائقي ۾ ٿيندڙ ”واحد جنس
آهي،“ڪجهه به هجي. هيءُ معاملو وڏي دلچسپيءَ وارو
آهي ۽ ان جي وڌيڪ پڙتال ٿيڻ کپي.
کُرن وارا ٿڻيارا، کُر- ڦاٽن، اوڳاريندڙ جانورن جي
اڻاٺ جي ڪري، ايترا گهڻا نه آهن. انهن ٿڻيارن جا
سنڌ اندر ست قسم ملن ٿا. انهن ۾ ڌٻڻ وارو هرڻ ۽
چئو سڱو روجهه نابود ٿي وڃڻ جي ڪري شامل نه آهن.
انهن ٻنهي جي سنڌ جي جانورن واري فهرست ۾ دخلا
واجبي نٿي چئي سگهجي.
ايشيائي جهنگلي گڏهه (ايڪئس ڪيميونس) جنهن کي
سنڌيءَ ۾ گورخر چون، تنهن جا ٿاڪ ڪڇ جو رڻ ۽
بيڪانير ۽ جيسلمير جا ريگستان آهن.
1936ع ۾ ٿرپارڪر جي ريگستاني علائقن ۾ گهڻي پڇا
ڳاڇا ڪئي وئي پر ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي ته
اهو جانور ڪو اتان جو دائمي رهاڪو آهي. ڪولهين ۽
ٿرين ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن رڻ جي اوسي پاسي ۾ ٿورا
نظر ايندا آهن. وڌيڪ چيائون ته اهي ڏاڍا نٺر ۽ تير
جهڙا تکا هوندا آهن. جيڪڏهن پريشان ڪبن ته ڀڄي
اوڏانهن موٽي ويندا جتي رهندڙ هوندا.
جهنگلي سوئر (سس ڪرسٽاٽس) جنهن کي سنڌيءَ ۾ مِرون
يا ڍوڪر ”سوئر“ چون، سو درياء جي ڀرپاسي وارن ٻيلن
۽ ڪچي ۾ عام ملي ٿو، ڇو ته ان کي گهربل گهاٽي
پناهه اتي ئي ملي ٿي. اهو چڱو وڏو قد ڪري وڃي ٿو ۽
ڏاڍو ڀوائتو ۽ بي ڊپو ٿئي ٿو. اڪيلو مرون خطرناڪ
ٿئي ٿو ۽ وڙهڻ ۾ دير نه ڪندو. اهڙا مِرون به بندوق
يا بڙڇيءَ سان ماريا ويا آهن، جن جون وَڄون اٺ اٺ
ڏهه ڏهه انچ ڊگهيون هيون. مون ڪيترائي اهڙا ماڻهو
۽ گهوڙا ڏٺا آهن، جن کي وڄن جا وڏا وڏا گهاو هئا.
اها ڳالهه بلڪل بي بنياد آهي ته ڪو هو ترڻ جي ڪوشش
۾ پنهنجيون سسيون اڳين پيرن جي تکن کُرن سان ڪپي
وجهندا آهن. حقيقت ۾ هو سُٺا تارو هوندا آهن ۽
کاڌي جي ڳولا ۾ وڏا ويڪرا ڍورا به پار ڪري ويندا
آهن. جهنگلي سوئر پوک لاءِ پويون ڏينهن ٿئي ٿو ۽
سنڌوءَ جي ڪچي ۾ مٽر، چڻي ۽ گدري جي پوکن جو گهڻو
زيان ڪندا آهن. ڪمند لاءِ ڏاڍو چاهه هوندو اٿن ۽
رات جو گشت ڪندي جي ڪو ڍونڍ ملي ويندو اٿن ته اهو
به کائي ويندا آهن.
جهنگلي سوئر جا ٻچا ٽپن سان ٿيندا آهن ۽ جيڪڏهن
پالبا آهن ته پنهنجن مالڪن جي پٺيان ڪتن جيان لور
لور ڪندا آهن.
اُڙيال (اووس وگنيئي)، جنهن کي بروهڪيءَ ۾ گَڊَ
چون، سو کيرٿر ڇپر ۽ ان جي ٻاهرين اوڀڙن ۾، ۽
لسٻيلي ضلعي جي پَٻ جبل ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن زماني ۾
اهو ڪراچي ڪوهستان ۾ سرجاڻي، کڏيجي، کڙ ۽ موديان
وٽ به ملندو هو، پر ان کي ايترو گهڻو شڪار ڪيو ويو
آهي جو هاڻ اهو پنهنجي ڳڙهه يعني کيرٿر ڇپر ۾ به
ڪمياب آهي. هن وقت تائين سنڌ ۾ هن جانور جو جيڪو
سٺي ۾ سٺو داڻو ڏٺو ويو آهي تنهن جي منڍي گولائي
ماپ ۾ 36 انچ هئي. پنجاب جي لوڻ وارن ٽڪرن ۾ پڻ
ڀلو اڙيال ٿئي ٿو، جو اتي ڪنهن حد تائين ان جي
شڪار تي بندش آهي.
ايشيائي جهنگلي ٻڪر (ڪاپرا ائگاگرس)، جنهن کي
سنڌيءَ ۾ سرهه يا ٿير چون، سو کيرٿر ڇپر جي وڌيڪ
اُتاهين ٽڪرين ۽ پٻ ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ اهو
تيرٿ لڪي ٽڪرن ۾ به عام هو. پر اڙيال جيان ان جو
تعداد به بي ساڱاهي شڪار سبب گهڻو گهٽجي ويو آهي ۽
ويندي وڌيڪ اُتانيهن کيرٿر ۾ پڻ، جي اهو بنهه اڻ
لڀ نه آهي ته به ڪمياب ضرور آهي. حالانڪ ڪو زمانو
هو جو اتي اهو ضرور ملندو هو ۽ اهو پڻ چڱي چوکي
تعداد ۾. سنڌ اندر انهيءَ جانور جي جيڪا وڏي ۾ وڏي
منڍي ڏٺي وئي آهي، تنهن جا سڱ
¼
52 انچ ڊگها ۽ پاڙ وٽ 7 انچ ٿلها هئا. اهو جهنگلي
ٻڪر جنرل اي. سي. مارسٽن ماريو هو. هي اهوئي صاحب
آهي، جنهن ليفٽيننٽ جي حيثيت ۾ 1843ع ۾ حيدرآباد
ويجهو مياڻيءَ جي لڙائيءَ ۾ نيپيئر جي جان بچائي
هئي.
سنڌي هرڻ (گزيل بينيٽي) سنڌ ۽ خيرپور ۾ جتي جتي به
موافق جوءِ آهي. اُتي اُتي ٿئي ٿو. پر هاڻ اُهو
ايترو گهڻو نه آهي، جيترو ويهه ورهيه اڳي هو، ۽ اڌ
ڊزن کان وڌيڪ هرڻن جو ولر ورلي ئي ڏسڻ ۾ ايندو
آهي، سواءِ ٿرپارڪر جي پٽَن ۾ جتي اهو اڄ به وڏن
وڏن ولرن ۾ ملي ٿو. اهو هرڻ راجستان ۽ راجپوتانا
کان به سنڌ ۾ ايندو آهي. اُتي ان جي شڪار تي سخت
بندش آهي.
سنڌ وارن هن سهڻي جانور سان به اڙيال ۽ جهنگلي ٻڪر
واري ڪار ڪئي آهي، ۽ ان کي ڏينهن جو توڙي رات جو
ڊوڙائي ڊوڙائي يا موٽر منجهان گوليون هڻي ايترو
گهڻو شڪار ڪيو ويو آهي جو هاڻ ان جو تعداد گهڻو
گهٽجي ويو آهي. سواءِ شايد خيرپور ضلعي جي جتي ان
جي شڪار تي بندش آهي، جابلو جهنگن ۾ ڪراچي ڪوهستان
جي اوسي پاسي ۾ ۽ انهيءَ علائقي سان رڻ پيٽائيءَ
کان ٻلهڙيءَ تائين لاڳاپيل ميدانن ۾ چڱو هرڻ ٿيندو
هو، پر هاڻ اهو ايترو ته ڪمياب آهي، جو وري ڏسڻ ۾
نٿو اچي. وڏي ۾ وڏي منڍي جنهن جا سڱ 16 انچ آهن،
سا خيرپور جي مير وٽ آهي.
انهيءَ هرڻ ايراني جنس (گزيل سب گٽروسا) سنڌ يا
خيرپور ۾ ڪونه ٿئي.
ڪارو هرڻ (ائٽيلوپ سروي ڪاپرا) هندستان کان خيرپور
۾ آندو ويو هو، جتي مير جي سخت حفاظت هيٺ ان جي
تڪڙي واڌ ٿي. مير وٽ جيڪا وڏي ۾ وڏي منڍي آهي، سا
”شاهي منڍي“ آهي، جنهن جا سڱ ڊيگهه ۾ 26 انچ آهن
سڱ جي وچ ۾ چُهنب کان چهنب تائين مفاصلو پڻ ايترو
ئي آهي. خيرپور جي ڪاري هرڻ جا سڱ پنهنجي ڦهلاءُ
کان مشهور آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته هتي ”شاهي
منڍيءَ“ وارو ڪارو هرڻ گهڻو آهي.
چئن سڱن وارو هرڻ يا چؤسڱو (ٽيٽرا سيراس ڪئاڊري
ڪارنس) مري طرفان ڄاڻايو ويو آهي، پر جيستائين مون
کي پتو آهي ته اهو هاڻ سنڌ يا خيرپور ۾ ڪٿي ڪونه
ٿئي، جيڪڏهن ٿيندو به هو ته هاڻ اهو ٻارنهن سڱي يا
ڌٻڻ واري هرڻ وانگر ناپيد ٿي ويو آهي.
ڦاڙهو يا ڄانگهو (سَروَس پارسينس) سڄيءَ سنڌ ۽
خيرپور اندر ڪچي جي گهاٽن ٻيلن ۾ عام آهي. هيءُ
ڪچي ۾ يا ٻيلن جي ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ پوکن جو ڏاڍو
زيان ڪري ٿو. اڻ سامايل ڦاڙها چٽن سان هوندا آهن ۽
اهڙو ئي زورائتو تري ڄاڻن. جهڙو سامايل ڦاڙها. مون
ليوڪا جي ويجهو هڪڙو عاليشان ڦاڙهو درياء جي چورگپ
۾ ڦاٿل ڏٺو هو. خيرپور جي مير وٽ ڦاڙهي جي هڪڙي
منڍي آهي، جنهن جا سڱ
½
23 انچ ڊگها آهن، ۽ سکر ضلعي جي مشهور ’ڪوٽ‘ جي
ڀتين تي ڦاڙهن جون ڪي عاليشان منڍيون ٽنگيل آهن.
ڌٻڻ جو هرڻ يا ٻارنهن سڱو (سروس ڊووسيلي) يعني
سنڌيءَ جو گوئن ۽ هندستان جي گوگرا نديءَ وارين
ڏٻڻين جو گونڊ جيڪو ڪنهن زماني ۾ روهڙيءَ ۽ سکر جي
ڀرپاسي ۾ سنڌوءَ جي ڪچي اندر گهاٽي گاهه ۽ لئي جي
جهنگن ۾ ٿيندو هو، سو هاڻ ناپيد آهي. توڻي جو
1933ع تائين ڏٻر ۽ سانگي ٻيلن جا جاگيراڻي پير مڙد
ان جون ”چيتو ڦاڙهو“ يا ”گوئن“ جي نالي سان
ڳالهيون ڪندا هئا.
سنڌ اندر ڀُڏن ٿڻيارن (Edentata)
جي هڪ ئي جنس، ڇلا مرون (مئنس پينٽا ڊڪٽائلا) ٿئي
ٿي، پر جيئن ته اهو رات جو نڪرندو آهي ۽ زمين
هيٺان رهندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ورلي ڏسڻ ۾ ايندو
آهي. اهو هيٺينءَ سنڌ ۾ ٿئي ٿو. جتي اهو حب ۽
کڏيجي ماٿرين ۾ مڪران جي ڪپر تيل بڊوڪ وٽ ڏٺو ويو
آهي.
هيءُ جوڙن ۾ رهي ٿو ۽ زمين ۾ اونهو ٻرڙ ڪندو آهي،
جنهن جي تري وٽ رهڻ جي جاءِ هوندي اٿس. جڏهن اهو
”گهر“ هوندو آهي، تڏهن ٻرڙ جو منهن اندرئين پاسي
کان گهرگهلي مٽيءَ سان بند ڪري ڇڏيندو آهي. هيءُ
ڪاريون ڪِوليون ۽ اڇي اڏوهي کائيندو آهي، جيڪي
پنهنجيءَ وڏيءَ ڄڀ سان کوٽي ڪڍندو آهي. سندس ڄڀ کي
انهيءَ مقصد لاءِ وڏا وڏا پِڪ وارا غدود چڱيءَ طرح
آلو رکندا آهن. ان جي اڳين پيرن جا ڀوائتا چَنبا،
جيڪي کاٽيءَ لاءِ ائين آهن جهڙا ٽيڪم، سي هلڻ وقت
اڳين پيرن جي مخصوص حالت سبب تکا رهندا آهن، تڏهن
چنبا پيرن جي تِرين تي اندرين طرف وريل هوندا آهن.
هن هٿيان پنهوارن واري ٿڻياري جو آواز هڻ کڻ جي
شُوڪي جهڙو هوندو آهي. ڇلا مرون تي ننڍڙي نيري چچڙ
جي صورت ۾ هڪڙو طفيلي جيوڙو تڳندو آهي. اهي چچڙ
ڪڏهن ڪڏهن سڄي بدن تي هوندا اٿس، خاص طرح هر ڇلي
جي هيٺان، جتي اهي ڳاهٽ ٿيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جڏهن
ڪو خطرو محسوس ڪندو آهي، تڏهن کينهوءَ جيان ويڙهجي
سيڙهجي ويندو آهي ۽ شايد جبلت جي ڪري سمهندو به
ائين ئي آهي.
هڪڙي ٻروچ شڪاريءَ کان پڇيو ويو ته ڇلا مرون زمين
منجهه ايترو گهڻو ڇو رهندو آهي. هن وراڻيو ته هي
ميرن ۽ پيرن جي آزار کان ”زمين جي هيٺان“ هليا
ويندا آهن. اهي ماڻهو جتي ڏسندا آهن، اتي مارائي
ڇڏيندا اٿن، ڇو ته ان جو گوشت قوتِ باهه وڌائيندو
آهي.
پکي:
سر اليگزينڊر برنس 1830ع ۾ سنڌ گهمي پکين جا اٽڪل
190 قسم ڄاڻايا آهن. ڊاڪٽر ڊبليو. گرفٿ 1839ع ۾
شڪارپور جي اوسي پاسي مان ڪيترائي پکي ڦاسائي گڏ
ڪيا. 1854ع ۽ 1855ع ۾ ڊاڪٽر ايڇ. گولڊ پڻ سنڌ جي
پکين جو ننڍڙو ميڙ ڪٺو ڪيو. ايلن.او.هيوم ڊاڪٽر
فرانسز ڊي 1872ع ۾ مٿينءَ سنڌ اندر ڪم ڪري سر
اي.برنس جي 1830ع واري 190 پکين جي فهرست ۾ وڌيڪ
200 جنسن جو اضافو ڪيو. ڊبليو.ٽي.بلائفور 1871ع ۽
1877ع ۾ ننڍا ننڍا ميڙ گڏ ڪيا. اڻويهين صديءَ جي
ستين ۽ اٺين ڏهاڪي دوران ويندي 1920ع تائين ڪرنل
اي.اي.بلٽر، اسڪروپ پي. ڊوئگ، ڊبليو. اي. بُروڪس،
ليفٽيننٽ ايڇ.اي.بارنس، ڪرنل لي ميسوريئر، سر ايون
جيمز، جي، ڊي.مَري، جي.ڊيوڊسن، ڪسيمينٽ،
ٽي.آر.بيل، گورڊن، آر.ايل، مئڪلڪ، فرئنڪ لڊلو،
هئرنگٽن بلڪلي، ڊي.جي.اوماني، جي.ايمايس. ڪلبرٽسن،
آر.اي.گبسن، سر چارلس ڪالي، اي.اي.جونس،
ايڇ.ٽي.لئمبرڪ، اين.ايڇ.مينيس، هاٽسن ۽ ڊاڪٽر
سي.بي.ٽائيهرٽ سڀني پنهنجي پنهنجي ليکي ايلن ميوم
جي ڪيل ملهائتي بنيادي ڪم ۾ ٿورو ڪي گهڻو اضافو
ڪيو جو ”اسٽري فيدرس“ جي پهرين جلد ۾ شايع ٿيو.
اسڪروپ ڊوئگ اوڀرندي ناري واري ايراضيءَ ۾ ڪم ڪيو.
کيس گهڻي دلچسپي ڄڻندڙ جنسن سان هئي. ٽي. آر. بيل
جو به انهن ئي جنسن سان چاهه هو. هن صاحب سکر ضلعي
جي ٻيلن ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ ڪم ڪيو. ڪرنل ٽلر ۽
ليفٽيننٽ بارنيس حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن اندر ڪم
ڪيو ۽ ”اسٽري فيدرس“ ۽ ڪيترائي سُٺا ليک
وجهايائون، جڏهن ته بلائفورڊ مٿين سنڌ ۾ ۽ بروڪس
ٿرپارڪر ضلعي جي ڪن ريگستاني ايراضين اندر ڪم ڪيو.
هيوم جي ”اسٽري فيدرس“ ۾ ڇپيل عاليشان ليک کان
پوءِ پکين جي رسالن ۾ سنڌ جي پکين تي وقت بوقت رڳو
ننڍا ننڍا نوٽ ڇَپبا رهيا. 1884ع ۾ مريءَ پنهنجي
تصنيف ”ورٽيبريٽ زولاجي“ ڇپائي پڌرو ڪيو. پر ان ۾
سنڌ جي پکين جو ڪو خاص ذڪر ڪونه هو. بارنيس جي
ليک، ”برڊس آف دي بامبي پريزيڊنسي“ ۾ سنڌ علائقي
بابت ايترو ئي ڄاڻايل هو، جيترو اڳي ئي معلوم هو،
جڏهن ته بٽلر جو ”ڪئٽالاگ آف دي برڊس آف سنڌ“، جو
هن 1879ع ۾ جوڙي راس ڪيو، سو ٺلهي ”فهرست“ کان
وڌيڪ ڪجهه نه هو. هڪ اهڙي فهرست، جنهن ۾ تازي ۾
تازي معلومات شامل ڪيل هئي. 1880ع کان پوءِ جيڪي
ڪجهه لکت ۾ آيو، سو اهي ننڍڙا اُڇاترا نوٽ هئا،
جيڪي ”جرنل آف دي بامبي نيچرل هسٽري سوسائٽي“ ۾
پڌرا ٿيا. 1907ع ۾ اي. ايڇ. ائٽڪن پنهنجي ”سنڌ
گزيٽيئر“ ۾ پکي جي هڪ مختصر فهرست شامل ڪئي. ڊاڪٽر
ڪلاڊ اي. ٽائيسهرٽ، جو 1917ع کان 1920ع تائين
ڪراچيءَ ۾ هو، سو پنهنجي واندڪائيءَ واري وقت ۾
پکين بابت معلومات گڏ ڪرڻ لڳو. هن صاحب نه رڳو سنڌ
جي پکين بابت اڳيئي معلوم ڳالهين کي اپ ٽو ڊيٽ ڪيو
پر ان ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون پڻ شامل ڪيائين جي
نيون ۽ وڏيءَ دلچسپيءَ واريون هيون. هن جو ملهائتو
مقالو، ”برڊس آف سنڌ“ ”آئبس“ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
مون کي 1920ع ۾ سنڌ موڪليو ويو. 34 ورهين تائين
جڏهن به واندڪائي ملندي هئم، تڏهن گهڻو ڪري سنڌ جي
حيوانات، خاص ڪري پکين ۽ سُرڻن جانورن جو اڀياس
ڪندو هئس. آءٌ سموري پرڳڻي ۾ سڄي ليکي ڪم ڪندو
هئس. ڪم ڪندو هئس. ۽ توڻي جو اولهه جي کيرٿر جبل ۽
ڏکڻ اوڀر جي تر وارن وارياسن علائقن ڏانهن اچ وڃ
جي ڏکيائين جي ڪري ٿوري ٿوري وقت لاءِ ئي وڃي
سگهندو هئس، تڏهن به خوشقسمتيءَ سان سنڌ جي پکين
واري لسٽ ۾ چئن نون قسمن جو اضافو ڪيم، جنهن سان
جوڙ وڌي 426 ٿي ويو.
بارنيس، ڊوئگ، بيل ۽ بلڪلي جيان مون به ٻچا ڏيندڙ
جنسن جو اڀياس ڪيو، ۽ نه رڳو 13 جنسن جي ٻچن ڪرڻ
بابت معلومات جيڪا تنهن وقت تائين غير يقيني هئي،
تنهن جي تصديق ڪيم، پر 24 ٻين جنسن بابت پويون
ڀيرو معلوم ڪيم، ته اهي ٻچا ڪيئن ڪنديون آهن؟
سنڌ جي پکين واري فهرست ۾ جن چئن جنسن جو مون
واڌارو ڪيو، سي هي آهن:
1. وڏي چُهنب واري ڳجهه (جپس انڊيڪس انڊيڪس)، جيڪا
سياري جي مند ۾ سنڌ جي انتهائي اوڀر واري تر ۾
ايندي آهي، جتي ان کي 1946ع ۾ ٻچا ڏيندي ڏٺو ويو.
2. چوٽيءَ سان ماکيءَ جي رنگ جو باز (پرنس ڪوسٽاٽس
ريوفيڪولس)، جيڪو سکر ضلعي (1931ع، 1932ع ۽ 1949ع
۾، ٿرپارڪر جمڙائو (1936ع) ۾ ۽ نئين جيڪب آباد
جولاءِ (1949ع) ۾ ڏٺو ويو، جتي اهو ٻچا ڪندو آهي ۽
کليل ٻيلن ۾ ۽ واهن جي ڪنڌين سان ٽاريءَ
(ڊلبرجياسيسو) جي وڻن تي واهيرو ڪندو آهي.
3. ننڍو نارنگي ڇاتيءَ وارو ڪبوتر (ڊينڊرو
فاسابائسيڪٽا)، ڪراچيءَ (1938ع) ۾ هڪ ماريو ويو ۽
ٽي ڏٺا ويا.
4. سخت پُڇ واري بدڪ (ايرسماٽورا ليوڪوسيفالا)
سڪرنڊ (1922ع) ۾ ماري، ڊي. جي. اوماني کي ڏيکاري
وئي، جنهن مون کي ٻڌايو ته هن هڪڙي 1908ع ۾ سکر
ضلعي اندر ماري هئي ۽ هڪڙي بدڪ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ
1935ع ۾ ڊگهه (قنبر) وٽ ماري هئي.
سنڌ جي هيٺين 13 جنسن بابت پڪ ڪئي وئي ته اهي ٻچا
ڪنديون آهن:
1.
روڌ ڪانگ ----------- ڪاروس ڪوريڪس لارينسي
2.
رولاڪ ---------- پيريڪراڪوٽس پيريگرائنس پاليڊس
3.
وڏو ٽاڪُلو -------- ميراپس پرسيڪس پرسيڪس
4.
وڏو طوطو ----- پئليارنس پوئئٽري نيپالينسس
5.
ننڍو گهگهه ------- ٽائٽو البا جا وانڪا
6.
ڳجهه ------- جپس فَلوَس
7.
گَٽوُ ------- پيٽروڪلس اينيگالس
8.
کاٽنگا ------ پيٽروڪلس ڪارو ناٽس ائٽراٽس
9.
گرهاڻو، گوراهه- منهن ------ ڪوريوٽس نائگريسيپس
نائگريسيپس
10.
کر- مهر، تان- مهر --- سائفيوٽس انڊيڪا
11.
ڪارو ڪڪڙ ------ گاليڪريڪس سائنيريوس
12.
خاڪي ٻٽيرو ---- ڪاٽرنڪس ڪاٽرنڪس ڪاٽرنڪس
13.
ڪار ڇاتيو ٻٽيرو ------ ڪاٽرنڪس ڪارو منڊليڪس
هيٺين 24 جنسن جي ٻچن ڏيڻ بابت پهريون ڀيرو معلوم
ڪيو ويو.
1.
هيڙهو ----- پائڪٽارهس آلٽيريسٽرس سنڊيڪس
2.
ڌاريدار چڪ چڪو ---- اسڪاٽوسرڪا انڪئائٽا اسٽرياٽا
3.
وڏ پُڇيو ٽاڪرو چڪ چڪو ------- سويا ڪرنيجيرا
اسٽرياٽولا
4.
حُد حُد ------- اوئنانٿي موناچا
5.
ڦڪو سائو ابابيل ------- پلايا نوپراگني آبسوليٽا
6.
ڳاڙهن کنڀن وارو چنڊول ----- مائرافرا
ايريٿروپٽيرا سنديانس
7.
چٽڪمرو ڪاٺ ڪُٺو -------- لايو پائڪس مرهٽنسس
8.
ڇاپاڪو پکي ---------- ڪاپريملگس پوروپيوس انويني
9.
ڇاپاڪو پکي -------- ڪاپريملگس ايشياٽيڪس
10.
عربستاني مڇ مار گهگهه --------- ڪيٽو پازيلو
نينسس سمينووي
11.
ننڍو گهگهه -------- اوٽس برويسئي
12.
وڏي چهنب واري ڳَجهه ------- جپس انڊيڪس انڊيڪس
13.
وڏو چٽن وارو عقاب -------- اڪئيلا ڪلئنگا
14.
ماکي رنگ چوٽر باز -------- پرنس ڪرسٽاٽس
ريوفيڪولس
15.
ٻاٽينڀر -------- پٽيروڪلس لڪٽينس ٽناءِ لڪٽينس
ٽناءِ
16.
اڇو برٺڳو ------- ڪرسورئس گئليڪس گئليڪس
17.
ڪيڪرا ------- هايڊرو پراگني ڪئسپيا ڪئسپيا
18.
وڏو ڪينائي -------- ٿئلاسيوس برگائي بيڪري
19.
کُڙي ------- اسٽرنا آلبيفرونس پرئٽرميسا
20.
جهڏي -------- لارس ميمپريڪاءِ
21.
آڙي ------- فليڪا آٽرا آٽرا
22.
سيسي تتر ---- ائموپرڊڪس گريسيو گوڪارس گريسيو
گولارس
23.
ٽٽ ٻٽيرو ------- ٽرينڪس گسو مائري
24.
ننڍو ٻٽيرو ------- ٽرنڪس ٽئنڪي ٽئنڪي
هيٺين زميندارن ميداني ڪم ۾ منهنجي وڏي واهر ڪئي.
هي سڀ پاڻ وڏا شڪاري ۽ زبردست توبچي هئا:
ڪاماري شريف وارو پير تاج محمد جنهن صاحب حيدرآباد
۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾، ڏهرڪيءَ وارو خان عبدالرزاق
خان، جنهن صاحب سکر ضلعي ۾، ابراهيم حيدريءَ جي
رئيس فقير محمد ۽ رئيس علي محمد، جن صاحبن سنڌوءَ
جي ڪيٽيءَ ۽ ڪراچي ضلعي جي ڪپر وارن علائقن ۾ مدد
ڪرايم.
ٻين کان سواءِ هيٺ ڄاڻايل ننڍا ليک بمبئي جي قدرتي
تاريخ واري سوسائٽيءَ ۾ سنڌ جي قدرتي تاريخ واري
سوسائٽيءَ جي رسالن ۾ وقت بوقت شايع ٿيا.
1.
ڪراچيءَ ۾ ڪاري بگلي جو آکيرو ٺاهڻ (1936ع)
2.
چنڊولَ، ننڍا چنڊول ۽ ڄاها (1936ع)
3.
کٽياڻي، لاکي ڄاڃي ۽ شڪرا (1937ع)
4.
سنڌ ۾ ڪوئل جي حيثيت (38-1937ع)
5.
سنڌ اندر ڪاٺ ڪُٺي جي ورڇ ۽ آکيرا ٺاهڻ (1937ع)
6.
سنڌ ۾ وڏي چٽن واري عقاب جي ورڇ ۽ آکيرا ٺاهڻ
(1937ع)
7.
سنڌ ۾ وڏي هندي طوطي جي ورڇ ۽ آکيرا ٺاهڻ (1937ع)
8.
سنڌ ۾ ڀٽ جي گهُگهوءَ جي ورڇ ۽ آکيرا ٺاهڻ (1937ع)
9.
سنڌ ۾ نارنگي ڇاتيءَ وارو سائو ڪبوتر ڪٿي ٿئي ٿو
(1938ع)
10.
سنڌ ۾ (پنجابي) ڪانگ جي ورڇ ۽ آکيرا ٺاهڻ (1939ع)
11.
سنڌ ۾ وڏي ٽاڪلو جي حيثيت ۽ آکيرا ٺاهڻ (1939ع)
12.
سنڌ جا ديسي گهُگهُه (1941ع)
13.
وڏي ڪينائيءَ جو سنڌ جي ڪپر کان پري ٻچا ڏيڻ
(1943ع)
کيرٿر ۽ ان جي ٻاهرين اوڀڙ، منڇر جي سر سان ڇانيل
پيٽ ۽ مَڃر، ٿرپارڪر جا ريگستاني علائقا، ڪپر واري
پٽي جون ڏٻڻيون، کاريون ۽ ٻيٽ ۽ سنڌوءَ جي ڪيٽي،
انهن هنڌن تي اڃا به گهڻو ڪجهه معلوم ڪرڻ جهڙو آهي
ڇو ته اهي پکين جي ڄاڻن لاءِ ”اڻڄاتل جوءِ“ رهيا
آهن. انهن هنڌن جي رڳو ٻاهرين ڪنار ئي چوک چڪاس
هيٺ آئي آهي. ڪنهن هنڌ جي به سياري کان سواءِ ٻين
مهينن دوران باقاعدي کوجنا ناهي ڪئي وئي. حالانڪ
شڪاري پکين کي ڇڏي ٻيا گهڻا پکي انهن ئي مهينن ۾
ٻچا ڏيندا آهن.
مون چاليهن ورهين کان وڌيڪ مدي اندر هندستان-
پاڪستان- ملايا واري علائقي جي حيوانات جا 12000
کان سرس نمونا ڪٺا ڪيا هئا. منهنجي اِها ڪَٺَ سنڌ
مان منهنجي روانگي کان اڳ مئي 1954ع ۾ سنڌ سرڪار
ورتي هئي.
طبعي انگ ۽ ساوڪ:
جيئن ته هيءُ باب اڳين سنڌ گزيٽئر جو مکيه ڀاڱو
آهي، انهيءَ ڪري هت طبعي انگن يا ساوڪ جو ذڪر ڪرڻ
غير ضروري ٿيندو. اهي ٻئي مضمون وڌيڪ موزون جاءِ
تي مون کان گهڻي وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ طرفان لکت هيٺ
آندا ويندا. هت رڳو ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته سنڌ
پرڳڻي جي پکيڙ جي 54000 چورس ميلن اندر طبعي انگ
اهڙا ئي قسمين قسمين آهن، جهڙا اتان جا وڻ ٻوٽا
انهيءَ ايراضيءَ اندر ڪٿي سوڪ ماريل ريگستان ۽ رڻ
پٽ آهي ته ڪٿي پوک لائق شاهوڪار زمين، ڪٿي واريءَ
جون ڀٽون آهن ته ڪٿي اُڀڪپرا جبل ڪٿي ساحلي مڃر
آهن ته ڪٿي مٽي جون ڍنڍون ۽ ڍورا، ڪٿي ريگستاني
جهنگ آهي ته ڪٿي ڪچي جا ٻيلا، ڪٿي مُندائتا وهڪرا
آهن ته ڪٿي دائمي واهه ۽ درياء، ڪٿي درياء جا ٻيٽ
آهن ته ڪٿي ڪپر جون ڪيٽيون. اهي انگ ۽ انهن جا
پيدا ڪيل تاتيل گونا گون وڻ ٻوٽا سموري نامياتي
حياتي لاءِ بنيادي اهميت جا عنصر آهن، ڇا لاءِ جو
زمين، پاڻيءَ ۽ وڻ ٻوٽن جي حياتيءَ جو اهو ميلاپ
ئي آهي، جيڪو حيوانات جي سڀني قسمن جي جياپي ۽ بقا
لاءِ ضروري حالتون ۽ ماحول موجود ڪري ڏي ٿو.
لڏپلاڻ:
آبهوا ۽ ڦيرڦار يا کاڌي، پاڻيءَ ۾ اجهي جي اڻهوند
جي ڪري هڪ هنڌان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ٿيندي رهندي آهي.
اهڙيءَ مڪاني لڏپلاڻ کان سواءِ ٻه وڏيون لڏپلاڻون
به آهن. انهن مان هر هڪ جو رستو پنهنجو آهي.
منجهائن هڪڙي يعني اُتر کان ڏکڻ ۾ ڏکڻ کان اتر
ڏانهن ٿيندڙ لڏپلاڻ مان هڪ چٽي شاخ ڦٽي اولهندي
طرف وڃي ٿي، جنهن ۾ هندستان پاڪستان ننڍي کنڊ ۾
سيارو گذاريندڙ ڪي جنسون اونهارو ايران ۾ گهارڻ
وينديون آهن. هڪڙو مکيه رستو اهو آهي، جيڪو اُتر
کان ڏکڻ ۽ ڏکڻ کان اُتر واري چُر پُر جو اولهندو
ڀاڱو وٺندو آهي. انهيءَ چُر پُر ۾ سياري جي ڪري
لڏيندڙ پکي پنهنجن اُتر وارن واهيرن کان، جتي اهي
ٻچا ڪندا آهن، ايندا ۽ اوڏانهن ئي موٽي ويندا آهن.
ٻيو مکيه رستو تنهن رستي جو اوڀرندو ڪنارو آهي،
جيڪو افغانستان ۽ اڃا اُتر کان لڏيندڙ پکي وڃي
آفريقا ۾ سيارو ڪندا آهن.
پکين جا گهڻا قسم سنڌ ۾ ٿين ٿا، ۽ جيئن ته اهو
ڏيهه پاڪ- ملايائي علائقي جي اولهندي حد آهي لڳ ڀڳ
پئلي آرڪٽڪ علائقي جي اوڀرندي ڪناري اندر بيٺل
آهي، انهيءَ ڪري اهو پکين جي ڄاڻ جي لحاظ کان وڏي
اهميت رکي ٿو. سچ پچ ته اهڙي ڪا به حد نه آهي،
جنهن کان پرتي ڪا به پئلي آرڪٽڪ جنس اوڀر طرف يا
هندستان- پاڪستان- ملايا جي جنس اولهه طرف نه
ويندي هجي. ٻنهي علائقن جا ڪنارا چڱي چوکي
ايراضيءَ تي ڏکڻ ايران کان سنڌ تائين پاڻ ۾ ڳنڍيل
آهن. ڏکڻ ۾ بندر عباس کان اُتر ۾ ڪرمان تائين ڪا
ليڪ ڪڍيل هجي ته مون ان جي اوڀر طرف هند- پاڪ-
ملايائي جنسن کان وڌيڪ پئلي آرڪٽڪ جنسون ڏٺيون
آهن. هند- پاڪ- ملايائي جنسن جو ائين محدود رهڻ
شايد ان ڪري آهي جو سنڌوماٿريءَ جي اولهه پاسي هڪ
ته سڻائي جوءِ نه آهي ۽ ٻيو ته کيرٿر ۽ مڪران ڪپر
وارا جبل هڪ اهڙي رنڊڪ ٺاهين ٿا، جتي پاڻي جهڙو
آهي تهڙو ناهي، اهي جبل شڪ ناهي ته ڪيتريون اهڙين
هند- پاڪ- ملايائي جنسن کي اولهه طرف وڃڻ کان ڪافي
حد تائين روڪين ٿا، جن کي پنهنجي جياپي لاءِ ٻيلا
۽ ڍنڍن واري زمين گهرجي.
سنڌ جون گونان گون طبعي حالتون، سنڌوءَ ۽ ان جي
بئراجي واهن تي آباد ٿيندڙ ميدانن ۾ پکين جو کاڌو
۽ پاڻي ايترو ته گهڻو آهي جو سنڌ جي پکين واري
فهرست تي جيڪي 426 جنسون آهن، تن کي رهڻ لاءِ
گهربل جوءِ هتي ئي ملي وڃي ٿي. انهن جنسن جي وڏي
اڪثريت برابر سياري ۾ اچي ٿي. جنسون ٻچا ڪندڙ
سانگي آهن ۽ باقي سڄو سال هتي ئي رهنديون آهن ۽
هتي ئي ٻچا ڪنديون آهن.
هتي ئي رهي ٻچا ڪندڙ جنسن جي اڪثريت قدرتي طرح
هند- پاڪ- ملايائي علائقي سان واسطو رکي ٿي، جنهن
علائقي جي اولهندي حد سنڌ آهي. ان هوندي به اصل ۾
پئلي آرڪٽڪ علائقي جُون جنسون پڻ سنڌ واري فهرست ۾
ڄاڻايل آهن. منجهائن ڪي ته هتي ئي رهندڙ آهن. پئلي
آرڪٽڪ علائقي کان جيڪي جنسون سياري ۾ لڏي وينديون
آهن، تن جو چڱو چوکو تعداد رڳو يا ذري گهٽ سنڌ ۾
نظر ايندو آهي.
جيڪو نسل سنڌ ۾ ٿئي ٿو، سو گهڻين حالتن ۾ اهوئي
آهي، جيڪو عام طرح اُتر اولهه پاڪستان ۾ ۽ سنڌ سان
لاڳاپيل بلوچستان واري علائقي جي خشڪ علائقن ۾ ملي
ٿو، ۽ نه اهو، جو اڻ ورهايل هندستان جي گهڻي ڀاڱي
تي ملندڙ هو. ان هوندي به اهڙيون ڪي ٿوريون جنسون
آهن، جيڪي رڳو سنڌ ۾ ٿين ٿيون. ٿورا ورهيه اڳ
تائين نِجيون سنڌي جنسون ٽي هيون. پر ڊبليو. ايڇ.
وئٽ طرفان پنجاب اندر هيڙهي جي لڀَ کان پوءِ رڳو
ٻه جنسون وڃي رهيون آهن. اهي هي آهن: ڪارو وَهيَو
(اسٽرنس ولگرس مائنر) ۽ کُري (اسٽرنا آبيفرونس
سانڊرسي).
سنڌ جو هيڙهو پهرين بلائفورڊ کي 1871ع ۽ 1878ع جي
وچ ۾ سکر ضلعي جي منگراڻيءَ مان هٿ آيو هو، جنهن
کان پوءِ اهو ’غائب‘ رهيو هو تان جو وري 1930ع ۾
مون کي سکر ضلعي اندران اوڀرندي ناري تي ۽ ڪجهه
وقت پوءِ وئٽ کي پنجاب ۾ مليو هو. اها منهنجي
خوشقسمتي هئي جو سيپٽمبر 1930ع ۾ سکر ضلعي ۾
جانمليءَ وٽ هڪڙو آکيرو لڌو هئم، جنهن ۾ ٻه آنا به
هئا. تنهن کان پوءِ اهو هيڙهو ڏٻر، جئنب واهه
ويجهو هڪ گهاٽي جهنگ اندر ۽ پراڻي سنڌ واهه تي
راهوجا لڳ ڏسڻ ۾ آيو هئم. پويون هنڌ منگراڻيءَ کان
گهڻو پري نه آهي جتي اهو پهرين بلائفورڊ کي هٿ آيو
هو. ڪارو سنڌي وهيو ٻچن ڪرڻ واري مند ۾ سنڌوءَ جي
ڪچي ۽ ٻيلائي تر کان ٻاهر نه ويندو آهي. اهي هنڌ
آبڪلاڻيءَ جي ليٽ هيٺ ايندڙ آهن. هتي هيءُ اڃا به
انهن هنڌن تي ٻچا ڪندو آهي، جتي اهو اسڪوپ ڊوئگ کي
1878ع ۾ لڌو هو.
بئراجي واهن جي سرشتي جي راس ٿيڻ سان سنڌ علائقي
جي حيوانات تي وڏو اثر پيو آهي اڃا پوندو، ڇو ته
دائمي واهن، وڻن، باغن ۽ هزارها ايڪڙن تي ڦهليل
پوکن جي ڪري جهجهو کاڌو، پاڻي ۽ اجهو موجود ٿي
ملندو، جنهن جي نتيجي ۾ پکين جون اهي جنسون به سنڌ
۾ ٿي پونديون، جيڪي هيل تائين بنهه نه هيون يا
جيڪي رڳو سياري جي مند ۾ يا ڀٽڪي سنڌ ڏانهن
اينديون رهيون آهن. مون کي پختو يقين آهي ته
سنڌوءَ جي بئراجن وارن واهن جو سرشتو وقت سارو سنڌ
۽ خيرپور جي پکين ۾ اوس وڏي ڦيرڦار آڻيندو. انهن
ڦيرڦارن کي پختي ڪرڻ لاءِ تن جنسن جي شڪار تي بندش
وجهڻ سان گهڻو ڪُجهه ڪري سگهجي ٿو، جن کي ڦريل
حالتن ۽ ماحول جي ڪري دائمي رهائش لاءِ سڻائي جوءِ
ملندڙ هُجي.
پکين جو تفصيلي ضلعي وار فهرستون ظاهر آهي ته هن
تصنيف جي دائري کان ٻاهر آهن، تنهن هوندي به جيڪو
ذڪر هيٺ ڏجي ٿو ۽ سنڌ جي پکين جي جيڪا فهرست ضميمي
طور ڏني وئي آهي، سي سنڌ جي پکين جي نرالپ ۽
گوناگوني چٽيءَ طرح اُجاگر ڪن ٿا. هيءَ نرالپ ۽
گوناگوني سنڌ جي هڪٻئي سان اڻ ٺهڪندڙ طبعي انگن ۽
قسمين قسمين وڻ ٻوٽن جي ڪري آهي.
مهان سنڌوماٿريءَ کي باقي ملڪ يا ننڍي کنڊ کان خشڪ
ريگستان ڌار ڪري ٿو. اهو ريگستان اهڙي رنڊڪ آهي،
جنهن جي ڪري پکين جون ٻيون ڪيتريون جنسون يا ته
هتي آهن ئي ڪونه، يا تمام گهٽ آهن. اهي ناپيد يا
گهٽ لڀ جنسون هي آهن: جهنگلي ۽ کڙهه وارا ڪڪڙ، ٽڪر
۽ ٻُوڙي وارا ٻٽيرا، ”Ioras“
آيورا (جهرڪي جيترو، پيٽ پيلو ۽ مٿان ڪارو ٿيئي)،
گل ڪٽا، ڌن چڙيون، بلبل جون ٻه جنسون ڇڏي ٻيون سڀ،
ميوي وارا ڪبوتر سواءِ ٻن جي، ٻئي ڪڏهن ڪزاني ڀٽڪي
هليا ايندا آهن، مون ڦدڙيون سواءِ هڪ جي، ۽”Barbet“
باربيٽ (جهرڪي کان ننڍو،مادي جو رنگ سائو ۽ نر جي
ڳچي ۽ مٿي تي ڳاڙهو پٽو) سواءِ هڪ جي، سو پڻ ورلي
ڀٽڪي ايندڙ آهي. سنڌ جي پکين ۾ هڪڙي عجب جهڙي
ڳالهه هيءَ آهي ته هتي ڦيهوڙيءَ جي هڪڙي جنس
(هائيڊروفاسياس ڪررگس) ته جام ٿئي ٿي پر ان جي
ويجهي مائٽ جنس (ميٽوپڊ ايوسنڊيڪس) بنهه ناپيد
آهي، توڻي جو ٻنهي لاءِ هتان جون حالتون تمام
موافق آهن. وڌيڪ حيرت انهيءَ ڳالهه تي ٿئي ٿي ته
ڦيهوڙيءَ جي هيءَ جنس سنڌ کان سؤکن ميل پري بڙودي،
خاص ڪري ڊيسا، ۾ ته ملي ٿي پر هتي آهي ئي ڪونه اي.
ايڇ. ائٽڪن عام هندستاني خاڪيءَ ڦوسڙيءَ (شايد
مئجر سائنيريوس) کي سنڌ جو پکي ڪري ڄاڻائي ٿو.
جيڪڏهن هيءُ اهوئي پکي آهي. جيڪو آءٌ سمجهان ٿو ته
پوءِ اهو سنڌ ۾ ڪونه ٿئي. پنجاب واري خاص ڦوسڙي
(پارس مئجر پلئنورم) جيتوڻيڪ پنجاب جي هيٺئين ڀاڱي
۾ عام آهي، پر سنڌ يا خيرپور ۾ ڪٿي به نه ملي آهي،
۽ نه ئي اڇن کنڀن واري ڪاري ڦوسڙي (پارس
نيوچالِس)، جيڪا ڪڇ ۾ ٿئي ٿي پر اُتي خاڪي ڦوسڙي
ڪانه آهي.
گلابي تليهر (پاسٽر روزيوس)، جنهن کي لڊلو ترڪستان
جي ٽيڪيس ماٿريءَ ۾ ٻچا ڏيندي ڏٺو هو، سو سنڌ مان
رڳو ٻه مهينا غير حاضر رهي ٿو.
بالغ نر پهرين موٽندا آهن پوءِ بالغ ماديون ۽ ٿورا
ڪڪن کنڀن سان اڻ سامايل ٻچا ايندا آهن. ٻه هفتا
رکي ٻچن جا وڏا وڏا ولر پهچي ويندا آهن ۽ وڏن سان
رلي ملي ويندا آهن.
هن وهيي کي توڻي جو جوئر جو پکي چيو وڃي ٿو، پر
اهو عام خيال جي ابتڙ، اناج جون پوکون ناس ڪندڙ
پکي نه آهي، بجاءِ ان جي، اهو ڪيترن ئي پوکن لاءِ
هاڃيڪار جيوڙن جيتن کي ناس ڪندو آهي، جهڙوڪ: مڪڙن
جا پونگ، تڏون ۽ سُوٻَٽ وغيره.
چَتوُن (پئلي آرنس ٽارڪوٽا) بيڏوهي تليهر جي ڀيٽ
۾، گهڻو وڌيڪ پوک کائو آهي. پر ياسٽر پچندڙ کجيءَ
مان البت ڪونه مڙندو آهي ۽ روهڙيءَ ۾ کجين جي باغن
جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو آهي. ورهاڱي کان اڳ شڪاري
واڻيا اهو پکي سوَن جي تعداد ۾ ماريندا هئا. سنڌي
جهنگ جي جهرڪي (پاسر پائرانوٽس) پهرين پهرين سر
اي. برنس 1830ع ۾ ڏٺي هئي، جنهن کان پوءِ اها 40
ورهيه ”گم“ رهي تان جو 1870ع ۾ اسڪوپ ڊوئگ کي اها
ٻچا ڪندي ڏسڻ ۾ آئي. هيءُ هاڻ سنڌوءَ جي ڪچي وارن
ٻيلن ۽ ٻُوڏ وارين ايراضين جو عام پکي آهي. انهن
هنڌن تي هيءَ جهرڪي اڪثر پيلي ٿريءَ واريءَ جهرڪي
يعني بور (جهنارس زينا اسٽرنا ٽرانسفيوگا) ۽ ڪاري
وهيي (اسٽرنس ولگارس مائنر) سان گڏ ساڳي جاءِ تي
ٻچا ڪندي ملندي آهي. بلائفورڊ کي حب ماٿريءَ مان ۽
ڊوئگ کي سکر ضلعي مان جيڪا ڪوئل (لٽاڪوڪئاليشين
نائيٽي سرڪي) هٿ آئي هئي، سا مون کي سکر ضلعي ۾
اوڀرندي ناري تي ۽ جمڙائو هيڊ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي
عمر ڪوٽ ۾ لڌي هئي. وڏو طوطو (پئلي آرنس پوپئٽريا
نيپالينسس) هاڻ مٿين سنڌ ۾ ٿانيڪو ٿي ويو آهي، جتي
اهو سکر ضلعي اندر بنا روڪ ٽوڪ ٻچا ڪندو آهي. ٿورا
پکي، جي يا ڀٽڪي ايندڙ، وڇڙي ايندڙ يا ڀڄي ايندڙ
آهن. سي ملير جي آسپاس ناريل جي وڻن ۾ ٻچا ڪندا
آهن. سڪندر اعظم انهن مان هڪڙو پکي سنڌ مان پاڻ
سان گڏ کڻي ويو هو ۽ لنايوس ان تي سڪندر پٺيان
’اليگزنڊري‘ نالو رکيو هو. ائٽڪن موجب، هاڻ ان کي
سڪندر جي بدناموسيءَ لاءِ نيپالينسس سڏيو وڃي ٿو.
ڏاڙهيار ڳَجهه يا ڪرگس (جپائٽس بارباٽس گرانڊس)
اتاهين کيرٿر ۾ ملي ٿو، جتي اها هيوم کي ٻه ڀيرا
ڏسڻ ۾ آيو هو ۽ ڊي ڏاڙهياري وٽ ڏٺو هو. سياري ۾
اها ڳجهه اڃا ڏکڻ ۾ هلي ويندي آهي. مئڪڊونلڊ کي
اها بيليءَ ويجهو ۽ اڃا هيٺ تي حب ماٿريءَ ۾ کنڊ
جهنگ لڳ ملي هئي، جڏهن ته مون ڊسمبر 1934ع ۾ ڪرچات
۽ جرواري وٽ ڏٺي هئي. لڪيءَ جي شير محمد رند مون
کي ٻڌايو ته هيءُ پکي ٿڌي مند ۾ اڪثر لڪي جي ٽڪرن
وٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. يورپ ۾ انهيءَ ڳجهه جي
اولهنديءَ جنس کي ’هڏاڀور‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ان
سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. ان کي وڏن هڏن سان ڏاڍي
رغبت آهي، جيڪي هوءَ هوا ۾ مٿي کڻي ويندي آهي ۽
اُتان هيٺ اڇلائيندي آهي. هڏا ڪرڻ سان ڀور ڀور ٿي
ويندا آهن، جن کي هوءَ لهي اچي سولائيءَ سان
ڳڙڪائي ويندي آهي. مون انهن پکين کي اڳوڻي سرحد
پرڳڻي ۾ جرات ويجهو ٽڪرين اندر هڪڙيءَ ماٿريءَ ۾
وڏا وڏا هڏا ڇپن تي ڪيرائيندي ڏٺو آهي. ليوانٽ ۾
اهي ڳجهون ڪُمين سان ساڳي ڪار ڪنديون آهن، ۽ هڪڙي
ڏند ڪٿا موجب اٿينس جي ائشيلس کي سسليءَ ۾ هڪڙيءَ
هڏا ڀور ڳجهه ماريو هو. اهو هيئن ته ڳجهه هڪڙي
ڪُمي کڻي سندس گنج مٿان ڪيرائي هئي ۽ هڏا ڀڃي وڌا
هئائين پر ظاهر آهي ته اهي هڏا ڪُمي جا نه هئا.
ايتري گنجائش نه آهي، تڏهن به شڪار جي ڪن گهٽ
مصروف پکين جو ٿورڙو احوال ڏجي ٿو. سنڌ ۾ پٽ تتر
جون جيڪي ڇهه جنسون آهن، تن مان چور (پٽيروڪلس
اورئنٽالس) ۽ گٽو (پٽيروڪلس الچاٽا ڪاڊيڪيوٽس) کي
ڇڏي باقي سڀ رهواسي آهن. سسي سنگرس يا باٽينڀر
(پٽيروڪلس لڪٽين اسٽائني)، جيڪو هندي پٽ تتر
(پٽيروڪلس انڊيڪس) جي خشڪ علائقي واري صورت آهي،
تنهن ۾ سڀ عادتون پنهنجي هنديءَ ڀاءُ واريون آهن ۽
اهڙي ئي جوءِ ۾ ملي ٿو، جهڙيءَ هندي ۾ ٿئي ٿو.
کاٽينگا (پٽيروڪلس ڪاروناٽس ائٽراٽس) ۽ گٽو
(ٽيروڪلس سينيگالس) پنهنجي پنهنجي جوءِ اندر جهجها
ٿين ٿا. پهريون ٽاڪرو لڳل ڀونءَ ۾ ۽ ٻيو ’پٽ‘ ۾
رهڻ پسند ڪري ٿو. چور جيڪو سياري ۾ اچي ٿو. سو گٽو
جيان مٿينءَ سنڌ ۾ وڌيڪ عام آهي. گٽو جيڪب آباد جي
اوسي پاسي ۾ چڱو ٿئي ٿو، جتي اهو ولرن ۾ اچي سيارو
گذاري ٿو. تلور جي پنجن جنسن منجهان رڳو هندي وڏي
تلور (ڪوريوٽس نائيجريسيپس نائيجريسيپس) ئي رهواسي
جنس آهي، ۽ ٿرپارڪر ضلعي اندر روجهاڻ جي اوسي پاسي
۾ عام ملي ٿي. هيءَ مٿينءَ سنڌ ۾ ڪمياب ۽ هيٺينءَ
سنڌ ۾ ڀٽڪي ايندڙ آهي، جتي اها حيدرآباد، دادو ۽
ڪراچي ضلعن ۾ ڏٺي وئي آهي. اي. ٽي. فارڊي 1924ع ۾
کمڻ وٽ هڪڙو جوڙو ماريو هو. يورپي وڏي تلور (اوٽس
ٽراڊا)، ننڍي تلور (اوٽس ٽيٽراڪس) جيان، تمام ورلي
ڀٽڪي ايندڙ آهي. 1911ع ۾ هڪڙي زميندار جيڪب آباد
لڳ پهرينءَ تلور جي چئن داڻن مان هڪڙي ماري هئي،
جڏهن ٻيءَ جنس جو هڪڙو پکي، جنهن کي ايس. اي اسٽرپ
سڃاتو هو، 1912ع ۾ ڪراچيءَ وٽ موچ ميدان ۾ ماريو
ويو هو. کرمهر/ تان مهر (سنيوٽس انڊيڪا) هاڻ ايتري
عام نه آهي، جيتري 1975ع ۾ هئي. تاهم، هيءَ جنس
اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن مينهوگيءَ جي مند ۾ حب
ماٿريءَ جي ميدانن ۾ ايندي آهي. جتي اها ٻچا ڪندي
آهي. جيستائين مون کي پتو آهي ته اها آخري ڀيرو
ڪجهه تعداد ۾ جولاءِ 1937ع ۾ آئي هئي. تڏهن مون حب
ماٿريءَ ۾ موچڪي ۽ بند مراد خان جي وچ ۾ ڪيترائي
نر گهاٽي گاهه ۾ ڪُڏندي ڏٺا هئا ۽ ڪيترا ٻيا پکي
ساڳي سال گڏاپ جي چراگاهن ۾ ڏٺا ويا هئا. تلور جي
هن جنس جي شڪار تي سخت بندش هئڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو
اها ٻچن ڏيڻ واري مُند ۾ سنڌ ايندي آهي. توڻي جو
ماضيءَ ۾ ٿورو تعداد لاڙڪاڻي]موجوده
قنبر[
۽ نوابشاهه ضلعن ۾ سيارو ڪرڻ ايندو هو. هرسٽن انهن
کي اتي ڏٺو هو ۽ ڪيتريون ماريون به هئائين. تلور
جي هوبارا جنس (ڪلئميڊاٽس انڊلٽا مئڪئيني) سياري ۾
ايندي آهي، جتي موافق جوءِ هُجي، اتي عام ٿيندي
آهي، جهڙوڪ: سنهو ريگستاني جهنگ ۽ جانڀي (اروڪا
سئٽيوا) جي پوک.
اڇو ٽيٽو (اسڪالوپئڪس رسٽيڪولا رسٽيڪولا) سنڌ ۾
تمام ورلي ڀٽڪي ايندڙ سانگي پکي آهي ۽ ان کي جڏهن
به ڏٺو ويو آهي، تڏهن ڪراچيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي. بٽلر
هڪڙو 1877ع ۾ ماريو هو ۽ جنرل مارسٽن 50 ورهين ۾
رڳو ٻه شڪار ڪيا. اسٽرپ 1881ع ۾ ۽ ڪرنل نيسبٽ
1917ع ۾ هڪ هڪ ڏٺو.
ڊوم پکيءَ جون ٽئي جنسون لڪڻو (گاليناگو گالينگاگو
گاليناگو)، اشناف (گاليناگو اسٽينورا) ۽ اشناف
(لمنوڪرپٽيس منيمس) ملن ٿيون. پويون ٻه لڪئي جيان
جهجهيون نه آهن. ڪچو اشناف (راسٽراٽيولا بنگالينسس
بنگالينسس) رهواسي آهي ۽ موافق جاين تي ٻچا ڪري
ٿو. سکر ضلعي ۾ مون ڪن جوڙن کي برسات جي پاڻيءَ ۾
ڀريل کڏن ۾ واهيرو ڪندي ڏٺو آهي ۽ هڪڙو جوڙو حب
نديءَ جي پيٽ سان هڪ تانگهي تلاءَ جي ڇيڙي تي گاهه
۽ سرن جي ننڍي جهڳٽي ۾ آکيرو ٺاهي رهندي ڏٺم.
گونگو هنج (سگنوسولور) تمام ورلي ڀٽڪي ايندڙ پکي
آهي. 1878ع ۾ واٽس ڪيترا منڇر ڍنڍ تي ڏٺا هئا ۽
پوءِ سيوهڻ ويجهو پنجن جي ولر مان ٽي ماريا
هئائين. 1900ع ۾ هڪڙو ولر حب نديءَ تي ڏٺو ويو هو
۽ تنهن کان پوءِ ساڳي سياري دوران اهي هن ريت ڏٺا
يا ماريا ويا هئا، ڪوٽڙي 8، منڇر ڍنڍ 1، لڪي 10 ۽
مٽنگ 1. 1904ع ۾ ڪريرار هڪڙو هو ڪرائي هنج (سگنس)
قنبر وٽ ۽ 1907ع ۾ مئڪلاڪ هڪڙو بيوڪ هنج (سگنس
بيوڪي) جيڪب آباد وٽ ماريو هو. سموري اڻ ورهايل
ننڍي کنڊ ۾ هنج جي انهيءَ جنس جي ملڻ جو اهوئي
هڪڙو رڪارڊ آهي. فلو هنج (ائنسر البيفرونس
البيفرونس) هيوم کي سنڌوءَ تي ڏسڻ ۾ آيو هو ۽
ٽائيسهرٽ کي انهيءَ جنس جا ٻه نمونا منڇر ڍنڍ وٽان
هٿ آيا هئا. ڪارو هنج (شارڪيڊايورنس ميلانو نوٽس
ميلانو نوٽس) رڳو سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ڏٺو ويو
آهي. بٽلر، ويب، مئڪلاڪ ۽ گارڊن ڪراچي ۽ حيدرآباد
ضلعن ۾ انهن هنجن جو شڪار ڪيو آهي. ڪراڙي (نيٽاپس
ڪارومنڊليانس) تمام مڪاني ۽ ڪمياب آهي. هيءُ پکي
آر. اي. گبسن، لڊلو، مئڪلاڪ، ٽارن هل، هاٽسن ۽ مون
ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي
]
موجوده قنبر[
ضلعن ۾ ڏٺو يا ماريو آهي. منگههُ (ٽاڊورنا
ٽاڊورنا) مڪاني ۽ اڻلڀ آهي. هيءُ پکي هيوم،
ڪئمپبيل، ٽائيسهرٽ ۽ مون دادو، ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽
حيدرآباد ضلعن ۾ ڏٺو يا شڪار ڪيو آهي.
1901ع ۾ ايل. رابرٽسن ٿرپارڪر ضلعي ۾ هڪڙو ڪلنگيءَ
وارو ڪرڙو (ائناس فالڪيٽا) شڪار ڪيو هو. بارڪراڙي
(ڪئرڪوڊولا فارموسا) ڪڏهن ڪڏهن ئي سنڌ اچڻ وارن
مان آهي. اهو پکي سنڌ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هٿ آيو هو.
ان کي ڪرنل لي ميسوريئر ماريو هو. اسڪاپ پکي
(نائروڪا ماريلا) مري کي 1879ع ۾ ڪراچيءَ وٽ ۽
رُنئارو پکي (گلوسيان ڪلٽنگولا) سر اليگزينڊر برنس
کي سنڌوءَ تي هٿ لڳو هو. 1917ع ۾ ٽائيسهرٽ ڪراچيءَ
۾ سمنڊ کان اندر خشڪيءَ تي پکين جون پنج ويڙهون
ڏٺيون هيون. انهن پکين کي هن رئنارو سمجهيو هو.
وڏي چيهه (ڊينڊرو سگنا) تمام مڪاني پکي آهي. سر
ايون جيمز کي اها 1872ع ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ ۾ آئي
هئي. ڊوئگ کي اها اوڀرندي ناري تي ۽ ابرنيس کي
حيدرآباد وٽ ملي هئي، جڏهن ته بٽلر ۽ بيچر ان کي
منڇر تي ڏٺو هو. مون کي حيدرآباد ۾ پلهه وٽ
ڪيتريون نظر آيون هيون ۽ 1947ع ۾ ڪراچي ضلعي ۾
ڪلريءَ وٽ به ڏٺي هئم. هڪڙو ٻيو ورلي ايندڙ پکي
گوسئنڊر (مرگس مرگنسر) آهي. ڪئپٽن بشب انهيءَ
پکيءَ جي هڪڙي مادي ڪراچي بندر ۾ ماري هئي. ۽
1918ع ۾ ٽائيسهرٽ هڪڙو جوڙو جنگشاهيءَ ويجهو
هاليجي ڍنڍ وٽ ڏٺو هو. ڳاڙهي ڇاتيءَ وارو مرگنسر
(مرگس سيراٽر) جيڪو پڻ هڪ ورلي ڀٽڪي ايندڙ پکي
آهي. سو يربريءَ کي ڪراچي بندر مان هٿ آيو هو،
جڏهن ته هيوم منڇر تي ۽ ڪشمور وٽ سنڌوءَ جهالي
(مرگس البيلس) ڏٺا هئا. ٽائيسهرٽ کي اهو پکي ٽن
مندن ۾ ٻه ڀيرا گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ نظر آيو هو،
جتي مون پڻ ڄاموڙي ڍنڍ وٽ ڏٺو هو.
ڪارڇانيو يا يا برساتي ٻٽيرو (ڪوٽرنڪس ڪارو
منڊليڪس) مندائتو ايندڙ پکي آهي. بشرطيڪ برسات
جهجهي پئي هجي. اهو حب ماٿريءَ جي ميدانن ۾ ٿئي ۽
ٻچا ڪري ٿو. ڊوئگ ان کي اوڀرندي ناري واري تر ۾
ٻچا ڪندي ڄاڻايو آهي ۽ بٽلر ان کي حيدرآباد ضلعي ۾
ڏٺو هو. عام ٻيٽرو (ڪوٽرنڪس وڪٽرنڪس ڪوٽرنڪس)
جهجهو آهي ۽ ڪيترا مٿين سنڌ جي ڪچي ۾ چَڻي مَٽر جي
پوکن اندر ٻچن ڪرڻ لاءِ رهي پوندا آهن. مور
(پاووڪر سٽاٽس) ٻاهران آندل پکي آهي ۽ هاڻ
حيدرآباد، دادو، سکر ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ پير پختا
ڪري ويو آهي. جتي جتي ٿئي ٿو. اتي اتي ٻچا ڪري ٿو،
۽ ٿرپارڪر ۾ نانگن مارڻ کان مشهور آهي. مون هڪڙي
ڊيل کي 1936ع ۾ ڊگهڙيءَ وٽ هڪڙي لنڊي (ايڪس
ڪئريناٽا) ماريندي ڏٺو هو. جيڪڏهن نانگ سڃاڻڻ لاءِ
ڊيل کي ڀڄايان نه ها ته اها هوند پنهنجي شڪار کي
کائي وڃي ها. اهو نانگ 14 انچ کن ڊگهو هو. برساتي
ٻيٽري جيان ٽُٽُ ٻٽيرو (ٽرنڪس ڊسومائري) ۽ ننڍو
ٻٽيرو (ٽرنڪس ٽئنڪي ٽئنڪي) به مينهوڳيءَ ۾ ايندڙ
آهن ۽ موافق سالن ۾ ڪراچي ضلعي اندر حب ماٿريءَ جي
چراگاهن ۾ ٻچا ڪندا آهن. مالڊن کي توت ٻٽيرو جيڪب
آباد وٽ هٿ آيو هو ۽ بٽلر اهو اوڀرندي ناري ۽
حيدرآباد جي آسپاس ڏٺو هو. مون وانگر لي ميسوريئر
کي اهي ٻئي جنسون ڪراچي ضلعي اندر موچ (هاڻي مواڇ)
۽ گڏاپ جي چراگاهن وٽ مليون هيون.
سرڻا:
سنڌ جا سُرڻا جانور ٽن سلسلن سان واسطو رکن ٿا:
واڳون ۽ سيسر (ايمائڊو سئوريا)، ڪُميون ۽ ڪُڇون
(ڪيلوينا ۽ ڪرڙيون ۽ نانگ (اسڪئاماٽا).
ايشيا ۾ مانگرمڇ آهن ئي ڪونه ۽ واڳونءَ جي 24
معلوم جنسن مان سنڌ ۽ خيرپور ۾ رڳو ٻه ملن ٿيون.
سيسر (گئويالس گئجيٽيڪس) کي وهندڙ پاڻي مرغوب آهي
۽ سنڌو نديءَ ۽ ڪن پراڻن واهن ۾ عام ٿئي ٿو، جن کي
آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ سنڌوءَ جي ليٽ جو پاڻي ملندو
هو. آگسٽ 1930ع ۾ مون ڪاري ناري ۽ اوڀرندي ناري جي
ميلاپ وٽ هڪ ٻيٽ تي ڪيترن واڳن سان گڏ سيسر ڏٺا
هئا. خود سنڌوءَ تي جهرڪ ۽ ڪاري ڇاڻ جي وچ ۾ ڪي
تمام وڏا سيسر ڏٺا آهن. اُتر هندستان جي وڏن
دريائن ۾ ان جانور جو نالو گهڙيال آهي، ۽ گئويال
شايد انهيءَ نالي جي بگڙيل شڪل آهي. اهو 20 فوٽ
ڊگهو ٿئي ٿو ۽ مڇيءَ تي گذران ڪندو آهي. ان جون
ڊگهيون سوڙهيون ڄاڙيون ۽ ڏندن جون ڀوائتيون قطارون
خاص مڇي پڪڙڻ لاءِ ٺهيل آهن. اهو واڳون جيان لسا
پهڻ شايد هاضمي وڌائڻ لاءِ ڳهي ويندو آهي. اُتر
هندستان ۾ جتي مئل هندن جا مڙهه گنگا، جمنا،
گوگرا، سرجو ۽ ٻين ندين ۾ لوڙهيا ويندا آهن، اتي
اهو واڳون بنا ڪنهن شڪ جي پنهنجي قدرتي کاڌي مڇيءَ
کان سواءِ لاش به کائيندو آهي، ڇا لاءِ جو اُتر
هندستان جي ڪيترن گهڙيالن جي پيٽ ۾ اڳيئي ڄاڻايل
پهڻن کان سواءِ اهڙا زيور، پازيب، ڪڙا يا ڪنگڻ
ملندا آهن، جهڙا غريب هندو پائيندا آهن. فيض آباد
وٽ گوگرا نديءَ ۾ هڪڙو 16 فوٽ ڊگهو گهڙيال ماريو
ويو هو، جنهن جي پيٽ مان ماڻهوءَ جي ڪلهي تائين
سڄي ٻانهن ۽ ڄرڪي جو وڏو ڀاڱو نڪتو هو.
منهن ٻاري وارو واڳون (ڪروڪوڊائلس پاروسس) سامونڊي
جنس آهي، جيڪا خوشقسمتيءَ سان سنڌ جي ڪپر تي ڪونه
ٿئي. ان جو قد 33 فوٽ ۽ وڌيڪ به ٿئي ٿو. هيءُ
سُرڻن جانورن ۾ سڀني کان وڏو ۽ ڇتو، خطرناڪ ۽
ماڻهو کائو ٿئي ٿو.
سنڌي واڳون (ڪروڪوڊائلس پئلسٽرس) درياء، واهه ۽
ڍنڍ ۾ عام ٿئي ٿو. پر تلاءَ ۽ ڍورا وڌيڪ وڻندا
اٿس. 12 فوٽن کان وڌيڪ ڊگها واڳون سنڌ ۾ گهٽ ٿين.
هي ماڻهوءَ ۽ جانور ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهي، خاص ڪري
ٻڪرين ۽ رڍن لاءِ، جي پاڻي پيئندي سولائيءَ سان هن
جي ور چڙهي وينديون آهن. 1937ع ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي
هڪڙي مهاڻي کي هن جانور سخت ڦٽي وڌو هو. جيئن ته
هن هڪڙي ڄنگهه ڪپائي ٻي ڪپائڻ کان نابري واري ڇڏي
هئي، انهيءَ ڪري زهر چڙهي وڃڻ سبب مري ويو هو.
هيءُ واڳون، جنهن منگهي پير کي ’ڏسڻ جهڙو هنڌ‘ ڪري
ڇڏيو آهي، سو موافق پاڻيءَ تائين پهچڻ لاءِ سڪيءَ
تي به هلندو آهي. حب ماٿريءَ ۾ مون انهن کي ندي
کان ڪيئي ميل پري ريگستاني تلائن ۾ ڏٺو آهي، ۽
هڪڙي ڀيري مون هڪڙي ڏهه فوٽ ڊگهي واڳونءَ کي گڏاپ
جي ميدان مان سڌو حب نديءَ ڏانهن ويندي ڏٺو هو.
مون منگهي پير واري تلاءَ ۾ جيڪو وڏو چٽن سان
واڳون 1954ع ۾ ڏٺو هو، سو جيڪڏهن اهو هو جيڪو
ليفٽيننٽ ڪارلس 1938ع ۾ ڏٺو هو، ته پوءِ اهو ضرور
116 ورهين کان وڌيڪ ڄمار جو هوندو. سنڌ گزيٽيئر جي
مرتب جي. ڊبليو. سمٿ 1919ع ۾ بلڪل سچ چيو هو ته هڪ
ننڍي ۽ گدلي تلاءَ ۾ اهي ڪنا ۽ گندا واڳون ڏسي
ڪراهت ٿي اچي. 1954ع ۾ به انهيءَ ڏيک اندر ڪا ڦير
ڦار آيل ڪانه ٿي ڏٺي، سواءِ شايد انهيءَ ڳالهه جي
تلاءَ جو پاڻي 35 ورهين ۾ وڌيڪ گدلو ٿي ويو هو.
انهيءَ جنس جا سامايل واڳون به ايترائي ڇتا هوندا
آهن، جيترا ٿورڙن ڏينهن جي ڄمار وارا. منگهي پير
جي تلاءَ جي ڪيترن سڳورن واڳن مان ڪنهن جو پير چَٽ
آهي ته ڪنهن جو پُڇُ. ڪنڪئڊ لکي ٿو ته: جنرل نڪولس
منگهي پير وارو تلاءُ پار ڪري شرط کٽي هئي. هو
هڪڙي واڳونءَ جي پٺيءَ تان ٻئي تي ٽپندو تلاءُ
اُڪري ويو هو. هتي سر واهي طور هيءُ به ڄاڻائي
ڇڏجي ته سندس گهر واري تنهن زماني جي مشهور شاعره
هئي ۽ ’لارينس هوپ‘ جي قلمي نالي سان لکندي هئي.
واڳون تمام خبردار جانور آهي ۽ ويجهو اچڻ نه ڏيندو
آهي، ويندي تنهن وقت به، جنهن وقت سڪيءَ تي تڙڪي ۾
ليٽيل يا سُتل هوندو آهي. هڪڙو 9 فوٽ ڊگهو واڳون،
جنهن کي حب ماٿريءَ ۾ مواچ جي ميدان تي هڪڙي
ريگستاني تلاءَ اندر ماريو ويو هو، تنهن هڪڙو وڏو
کڳو (ريٽا بوچاناني) ۽ ڪيتريون آڙيون (فليڪا
ائٽرا) کاڌيون هيون.
هن واڳونءَ کي پنهنجن هم نسلن جيان، لسا پهڻ ڳيهڻ
جي عادت آهي. ڪڏهن ته بدڪ جي آني جيڏا پهڻ به
ڳڙڪائي ويندو آهي. شايد ائين هاضمي وڌائڻ لاءِ
ڪندو آهي. اُتر هندستان ۾ واڳن جي پيٽ منجهان هندن
جي مُردن جي ٻانهن يا پيرن جا زيور به نڪرندا آهن.
نوڙيءَ سان جيئرا واڳون رڳو سنڌ ۾ ئي جهليا ويندا
آهن. مون مهاڻن کي ڪينجهر ۽ ڪلان ڪوٽ ڍنڍن مان 7
کان 10 فوٽ ڊگها واڳون جهليندي ڏٺو آهي. واڳون کي
ڏسي ٻه مهاڻا ٽٻي هڻي وڃي نشانيءَ لاءِ ٻه ڊگها
ڪانا کوڙي ايند آهن. پوءِ هو ٻاهر نڪري، ساهي پٽي،
نوڙي کڻي وري ٽٻي هڻندا آهن ۽ هڪڙو اڳين جنگهن جي
پٺ وٽان نوڙي ٻڌي ڇڏيندو آهي. هو اهو ڪارنامو تڏهن
ڪندو آهي، جڏهن ٻيو مهاڻو واڳونءَ جي پيٽ ۽ پاسن
تي ڪتڪتائي ڪندو آهي. ڪتڪتائيءَ جي ڪري واڳون ٿورو
مٿي ٿيندو آهي ۽ مهاڻي کي سندس هيٺان نوڙي لنگهائڻ
جو وجهه ملي ويندو آهي. نوڙي ٻڌي مهاڻا نڪري ايندا
آهن ۽ ڪيترا ماڻهو گڏجي واڳونءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا
آهن. اها ڪاروائي اٺ ڏهه فوٽ اونهي پاڻي ۾ ڪئي
ويندي آهي ۽ واڳون جي نظر اچڻ کان پوءِ ٿوري ئي
وقت اندر پوري ٿي ويندي آهي. ظاهر آهي ته واڳون
جيڪو سُتل يا ڳهير ۾ هوندو آهي، سو مهاڻي جي هٿن
جي ڪرامت سان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت سمجهڻ لڳندو
آهي ۽ خطري جو احساس وڃي دير سان ٿيندو اٿس. جيئن
ئي ڇڪجي سُڪيءَ تي ايندو آهي، تئين ئي مٿي تي
ڪهاڙين جو وسڪارو ٿي ويندو اٿس. ڪهاڙيءَ جي ڌڪ هڻڻ
وقت مهاڻا ان جي پُڇ کان چڱو پري رهندا آهن. هن
واڳونءَ جي کل ايتري سٺي نه هوندي آهي، جيتري
گهڙيال جي.
ڪُميون ۽ ڪڇون
مٺي پاڻيءَ جون ڪُميون (ٽرايوني سائيڊي):
خيرپور ۾ نرم کوپي وارين مٺي پاڻيءَ جي ڪمين جا
چار قسم ٿين ٿا. سڀ گوشت خور ۽ اڳرائي ڪندڙ آهن ۽
ڪي قد بت ۾ چڱيون وڏيون ٿين ٿيون. کوپي جي ڊيگهه
پنج پنج فوٽ ٿين. ٽرايونڪس جا کوپا خاص ڪري نرم
هوندا آهن. انهيءَ جنس جون ڪُميون وڏي ۾ وڏيون ۽
ڪرڙي ۾ ڪرڙيون هونديون آهن جنهن تيز يءَ سان اهي
پنهنجيون ڳچيون کوپي مان ٻاهر ڪڍي چڪ وجهي
سگهنديون آهن، تنهن جي ڪري انهيءَ جنس جون وڏيون
ڪُميون تڙ ڪندڙ ماڻهن لاءِ خطرناڪ ٿين ٿيون، ڇا
لاءِ جو هنن کي بنا چُرچُ جي حملو ڪندي به ڏٺو ويو
آهي.
گنگا واري نرم کوپر (ٽرايونڪس گئنجيٽيڪس) جي کوپي
جي ڊيگهه پنج فوٽ به ٿي ويندي آهي. هيءُ سنڌو
نديءَ ۽ وڏن واهن ۾ عام آهي، جتي اها ٻيٽارين يا
ڪنڌين تي تڙڪو وٺندي نظر ايندي. ڊگهي ڳچي سڌي ۽
مٿو اڻ چُر هوندس البت ڪنهن ڪنهن مهل ڪڏهن کاٻي
ڪڏهن ساڄي ڏسندي، هردم خبردار، هوشيار هوندي.
انهيءَ ڪميءَ جي ڏاکڻي جنس (ٽرايونڪس لائٿي) پڻ
سنڌونديءَ ۾ ملي ٿي هيءَ پنهنجي اُترادي جنس جهڙي
ئي آهي. فرق رڳو ايترو اٿن ته هن جو قد بت ننڍو ۽
ٻوٿ وڏو ٿئي ٿو.
ڪميءَ جي چٽرا (چٽرا انڊيڪا) جنس جنهن جي کوپي جي
ڊيگهه ٻه فوٽ ٿئي ٿي، سا ٽرايونڪس جهڙي آهي، سواءِ
ان ڳالهه جي ته هن جو مٿو ننڍو، هيٺين ڄاڙي ڪمزور
۽ ٻوٿ ننڍو ٿئي ٿو ۽ اکيون چڱيون ٻاهر تي اٿس.
هيءَ نه ته اڳرائي ڪندڙ آهي ۽ نه خطرناڪ، انهيءَ
طبقي جي آخري جنس بنگوما (امائيڊا گرائرسا) آهي،
جنهن جو کوپو ڊيگهه ۾ ڏهه انچ ٿئي ٿو. هيءَ ننڍي
ڪمي سنڌو نديءَ ۽ گهڻن واهن ۽ ڍنڍن ۾ عام آهي.
1934ع ۾ مون پير پٺي جي ويجهو بگهاڙ واهه جي
ڪنڌيءَ تي وساڻل باهه وٽ هن ڪميءَ جا ڪيترا کوپا
ڏٺا هئا. هڪڙي ميربحر مون کي ٻڌايو ته ڀيل ۽ رمتا
جوڳي هن ۽ وڏين ڪمين جو ماس کائيندا آهن. بنگوما
ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ کان ڪجهه پنڌ پرتي به ملندي آهي.
1936ع ۾ هڪڙي دفعي انهيءَ جنس جي هڪ 8 انچ ڊگهي
ڪمي هڪ مهاڻيءَ ڪراچيءَ ۾ آڻي ڏني هئم، جا کيس
ڪينجهر ڍنڍ ۽ سنڌونديءَ جي وچ ۾ هٿ لڳي هئي. مون
پوءِ ان کي حب نديءَ جي هڪڙيءَ تلاءَ ۾ ڇڏي ڏنو
هو.
سنڌ ۾ سڪيءَ جي ڪڇونءَ (ٽيسٽوڊنيڊي) جا فقط ٻه قسم
آهن. هڪڙو ٽيون قسم به شايد ٿئي ٿو، پر اڃا تائين
ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. سڀ جل واسي ۽ ٻوٽا خور آهن،
تارا ڪڇون (ٽيسٽوڊو اليگنس)، جنهن جو کوپو 12 انچ
ڊگهو ٿئي ٿو، سو حب ماٿريءَ جي گاهه وارين ۽ ٽاڪرو
ايراضين ۽ گڏاپ جي چراگاهن ۾ ٿئي ٿو. ان جو ننڍو
هم جنس يعني لائيٽ وارو ڪڇون (ٽيسٽوڊو لائٿي)،
جنهن کي 1869ع ۾ سنڌ اندر ڏٺو ويو هو، سو وري ڏسڻ
۾ نه آيو آهي. اهو شايد ان ڪري جو اهو قدبت ۾
ننڍو، اٽڪل پنج انچ کن، ٿئي ٿو ۽ ڀڳل ڀونءِ، گاهن
۽ ٻوٽن ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو، جن ۾ اهو سولائيءَ سان
لڪي وڃي ٿو. ٽه تريو سڪيءَ جو ڪڇون (نڪورياٽري
جيوگا)، جيڪو ڏکڻ پنجاب جي علائقي ۾ ٿئي ٿو، جتي
اهو بهاولپور جي چاچران ايراضيءَ ۾ ملي ٿو، سو
شايد سنڌ ۾ به آهي، پر اڃا تائين ڏٺو نه ويو آهي.
هئملٽن وارو ڪڇون (ڊامونيا هئملٽني) جو 9 انچ ڊگهي
کوپي سان هڪ نيم جل واسي قسم آهي، سو بولينجر کي
مٿينءَ سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو.
سنڌ ۾ مٺي پاڻيءَ جي ڪڇون (ٽيسٽوڊنيڊي) جا چار قسم
ٿين ٿا. سڀ جل واسي ۽ ٻوٽا خور آهن ۽ سارين جي
بيٺل فصل کي نقصان رسائين ٿا.
ٿرگي ڪڇون (هارڊيلا ٿرگي) سنڌونديءَ ۾ ملي ٿو.
انهيءَ ڪڇونءَ جي ماديءَ جو کوپو ڊيگهه ۾ 20 انچ
ٿئي ٿو، پر نر گهڻو ننڍو هوندو آهي. باٽاگور ڪڇون
(باٽاگور باسڪا) جنهن جي کوپي جي ڊيگهه 15 انچ ۽
ٻوٿ مٿي وريل ٿئي ٿو، سو پڻ سنڌونديءَ ۾ ملي ٿو.
ڀيل، باگڙي ۽ ٻيا لاڏائو قبيلا ان ڪڇونءَ جي گوشت
کي سوادي سمجهندا آهن.
ڍانگوڪا ڪڇون (ڪاڇوگا ڍانگوڪا) جي کوپي جي ڊيگهه
30 انچ ٿئي ٿي ۽ اهو پڻ سنڌونديءَ ۾ ملي ٿو. سمٿ
جو ڪاڇوگا ڪڇون (ڪاڇوگا سمٿي) جنهن جو کوپو 9 انچ
ڊگهو ٿئي ٿو، تنهن بابت مري جو چوڻ آهي ته اهو
سنڌونديءَ ۾ عام آهي. ڊيورا ڪڇون (ڪاچوگا ٽيڪٽم)،
جنهن جو کوپو ڊيگهه ۾ 9 انچ ٿئي ٿو، سو پڻ
سنڌونديءَ ۾ ملندڙ جنس آهي ۽ گهڻو ڪري بگهاڙ،
ڦليلي، ڪلري، پڃاري، جمڙائو، نارا، سنڌ ۽ ماهي
جهڙن پراڻن ۾ به ٿئي ٿو، انهيءَ ڳالهه جو گهڻو
امڪان آهي ته مٺي پاڻيءَ جي ڪڇوئن جا اهي سڀ قسم،
جي سنڌو نديءَ ۾ ملن ٿا، سي شايد واهن جي انهيءَ
پراڻي سرشتي ۾ به ٿيندڙ آهن، جيڪي آبڪلاڻيءَ جي
مند ۾ سنڌوءَ جي ليٽ تي وهندا هئا ۽ ٻين واهن ۽
ڍنڍن کي پاڻي ڏيندا هئا.
سامونڊي ڪمي (چيلونيا) جا ٻه قسم سنڌ جي ڪپر تي
ٿين ٿا. سائي ڪمي (چيلونيا مائڊاس) جنهن تي اهو
نالو ان جي چرٻيءَ جي رنگ تان پيل آهي، سا سنڌ جي
ڪپر جي عام ڪُمي آهي. ان جي کوپي جي ڊيگهه 4 فوٽ
ٿئي ٿي ۽ گهڻو تڻو ٻوٽا خور آهي. مڪراني، ڪڇي ۽
ٻين مڇي مار قومن وٽ ان جي گوشت جو گهڻو قدر ٿئي
ٿو، پر سر ايمرسن ٽينينٽ موجب، ان جو گوشت ڪڏهن
ڪڏهن زهريلو به ڄاڻايو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هيءَ
ڪُمي گذري ڪلفٽن، سئنڊزپٽ ۽ هاڪس بي جي ڪنارن تي
باقاعدي مند تي ايندي رهندي هئي ۽ اتي پنهنجا نرم
کوپي وارا گول آنا سون جي تعداد ۾ پوري ويندي هئي.
جي پوءِ کوٽي وڪڻي ڇڏيندا هئا. افسوس، پيار جو
هيترو پورهيو اجايو ويندو هو. تڏهن به چيو وڃي ٿو
ته ان جا آنا کائڻ ۾ ڏاڍا سوادي ٿين ٿا.
موڳو ڪڇون (ٿالا سوڪيلس ڪاريٽا) سائي ڪميءَ جيان،
چار فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. مري موجب هيءُ ڪڇون عام آهي،
پر ڀٽ، بابا، ابراهيم حيدري، ريڙهي ۽ ڪيٽي بندر جي
مهاڻن جو چوڻ آهي ته ائين نه آهي، اُهي اِهو پڻ
چون ٿا ته ان جو گوشت ڪنهن کي ڪونه وڻي ۽ بنگالي
هندو اهو چاهه سان کائيندا آهن. هيءُ ڪڇون گوشت
خور ٿئي ٿو ۽ گهڻو ڪري سَپ جهڙا ٻه پڙا ۽ کيکڙي
جهڙا سخت کلا ساهوارا کائي ٿو. ان جا آنا سائي
ڪميءَ جي آنن جهڙا ٿيندا آهن ۽ مارچ يا اپريل ڌاري
واريءَ ۾ لاهي پوريا ويندا آهن. ابراهيم حيدريءَ
جي مهاڻن کي ان جا آنا سنڌ جي سرحد لڳ ڪجهر ۽ نير
کارين جي چوڙن وٽ واريءَ جي وڏن ٻيٽن تان به هٿ
آيا آهن.
ڪِرڙيون ۽ سانڊا
ليسرٽيليا ايٽ رپٽوگلوسا:
سنڌ ۽ خيرپور ۾ انهن جا 38 قسم ملن ٿا، جي هي آهن:
گيڪو (گيڪنيڊا) 11، اک پور گيڪو (يوبليفريڊاءِ) 2،
ائگامڊ (ائگامڊاءِ) 8، مانيٽر (ورانيڊاءِ) 3،
ٽپيڪل (لئسرٽيڊاءِ) 4 ۽ رگماهي (سفيڊاءِ) 10، سنڌ
۽ خيرپور ۾ ڪي به انڌا ڪينئان (ائنگئيڊاءِ ۽
ڊئباميڊاءِ) يا سانڊا (ڪئميليانٽيڊاءِ) ڪونه آهن.
گيڪو ڪرڙيون گهڻو ڪري جيت کائينديون آهن ۽ رات جو
نڪرنديون آهن. عام طرح سندن پيرن جون آڱريون وڌيل
هونديون آهن، جن جي مدد سان اهي لسي مٿاڇري تي
ڪنهن به طرف ڏانهن، ويندي ڀت تي مٿان کان هيٺ،
تڪڙيون هلي سگهنديون آهن. اهي گول، سخت کل وارا
آنا ڏينديون آهن. انهن جا وڌيڪ عام قسم هر گهر ۽
باغ ۾ ٿيندا آهن. هي چڱيون دلير ۽ لالچي ٿينديون
آهن ۽ گهرن جون ڪي ڪرڙيون پنهنجو جيتن وارو قدرتي
کاڌو ڌڪاريندي ماڻهن وارو کاڌو چاهه سان چورائي
کائينديون آهن ۽ مچي وينديون آهن.
گيڪو ڪرڙيءَ جا جيڪي قسم جاين ۽ باغ جي وڻن تي
گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سي هي آهن: عام گهرو گيڪو
(هيمي ڊئڪٽائلس گليڊوءِ)، پير جي سوڙهين آڱرين
واري گهر گيڪو (آلسو فائيلئڪس ٽيوبرڪيوليشس) ۽
ايشيائي گهرو گيڪو (هيمي ڊئڪٽائلس ڪاڪٽيئي).
ڊنسٽروني گيڪو (اسٽينو ڊئڪٽائلس اورئنٽالس) عام
طرح وارياسي بيابان ۾، اڏامي آيل واريءَ جي ٽُڪرن
۾ يا اڪ (ڪئلوٽراپس) جي پاڙن ۾ ملي ٿي، جڏهن ته
ٽاڪرو گيڪو (جمنو ڊئڪٽائلس ڪاچينسيز) ڇپن جي چيرن
اندر رهڻ پسند ڪندي آهي ۽ گهرن ۾ ورلي ملندي آهي.
اک پور گيڪو جي سچي گيڪو سان ويجهي مشابهت ٿئي ٿي،
پر اهي انهن کان ٻاهرينءَ طرح هن ڳالهه ۾ مختلف
هونديون آهن جو هنن جي اکين جا ڇپر پورجي ويندڙ
هوندا آهن ۽ پيرن جون آڱريون سنهيون ٿينديون اٿن،
جي وڌيل نه هونديون آهن. کل، داڻا داڻا ۽ هسن واري
ٿيندي اٿن. ۽ پڇ ٿلهو ۽ اُٽيل. سنڌ علائقي ۾ ان
ڪرڙيءَ جا ٻه قسم ٿين جي ٻئي پٿرپهڻ جي ڪپجي يا
ڳريل ڪاٺ جي ڍڳن ۽ ڀڳل ڦٽل جاين ۾ رهڻ پسند ڪن.
هارڊوڪ جي هسي واري گيڪو (يوبلي فارس هارڊويڪ) ۽
چٽن سان هسي واري گيڪو (يوبلي فارس ميڪيولاريئس)
يعني سنڌ جي ڀوائتي هڻ کڻ، اهي ٻئي بنهه اڻ
ڏکوئيندڙ آهن، تنهن هوندي به انهن کي ايترو موتمار
سمجهيو ويندو آهي جو نالو ئي ’هڻ کڻ‘ اٿن. سنڌي
پهاڪو، پدم نه کڻ قدم، انهيءَ ڀوَ ۽ ڏهڪاءَ کي
چٽيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو، جيڪو سنڌين ۾ ڪو نقصان نه
پهچائيندڙ ڪِرڙيءَ جي چڪ لاءِ ويٺل آهي. پهرين قسم
جي گيڪو اٺ نو انچ ڊگهي ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻي، جا
عراق ۾ موصل وٽ نينوا جي پَڊَ ۾ ڏٺي وئي آهي، سا
ڊيگهه ۾ فوٽ کن ٿئي ٿي، ٻئي هسي واريون، بي ڊوليون
۽ رنگ جون ايتريون ته ڳوڙهيون ٿين ٿيون جو ڏسندي
بُڇان پئي ايندي. هنن جي بي واجبي بدناموسيءَ جو
سبب شايد سندن بي ڊولي شڪل آهي، جا کين قدرت طرفان
ملي آهي. سنڌين جو چوڻ آهي ته ان جو چڪ موتمار ٿئي
ٿو ۽ اها ڪيترن فوٽن جي مفاصلي تان ٽپو ڏيئي چڪ
هڻندي آهي.
سکر ۾ مون وٽ ٻنهي جنسن جون ڪيتريون ڪرڙيون ٻن
ورهين کان مٿي بند هيون. اهي ايتريون ته هِري ويون
هيون جو آءٌ وڏا وڏا جيت ڏيندو هو مان ته وٺي کائي
وينديون هيون. شڪار جي پٺيان هونديون آهن ته ڇپ ڇپ
ڪري ويجهو وينديون اٿس ۽ اُمالڪ اُلر ڪري وڃي ڳٿڙ
کان جهلينديون اٿس. پاڻيءَ کي ويجهو نه وڃن، پر اڪ
جي پنن يا گاهه جي تيلن تان پاڻيءَ جا ڦڙا چاهه
سان چٽي وينديون آهن، يا جي بت تي پاڻيءَ جو هلڪو
ڇنڊو هڻبن ته اهو لڪينديون آهن. هي پنهنجي ٻاهرين
چمڙي چتين ۾ لاهنديون آهن. اڪثر ڪري چمڙيءَ جا ٽڪر
پٽي کائينديون وينديون آهن. مون واريون ڪرڙيون
ڪڏهن به اڳريون نه ٿيون، ۽ جيتوڻيڪ ڪنهن جو هٿ
لائڻ نه وڻندو هون، تڏهن به چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪڏهن
نه ڪيائون. سندن پُڇَ، اصل گيڪو ۽ لسرٽن ڪرڙين جي
پُڇن وانگر، ٽاڪئنان هئا ۽ شايد احتجاج طور
سولائيءَ سان ڀڄي پوندا هئا. وري ڄمندا هئا، پر
جهڙي بدزيبي بونڊڙي.
ڪِرڙي جا رڳو ٻه قسم، جي ٻئي هليوڊرما يا ڏاڙهيار
ڪرڙيءَ جي جنس سان واسطو رکندڙ آهن، تن بابت معلوم
آهي ته اهي زهريلا آهن. هڪڙو آمريڪا ۾ ٿئي ٿو ۽
ٻيو ميڪسيڪو ۾.
سنڌ علائقي ۾ ائگامڊ ڪرڙين جا جيڪي 8 قسم ٿين ٿا،
تن مان رڳو چئن جو ذڪر ضروري آهي. ’رت پياڪ‘ يا
باغ جي ڪرڙي (ڪئلوٽيز ورسيڪلم) سڀني ۾ عام آهي ۽
باغن ۽ باغيچن ۾ ملي ٿي. هيءَ ڪرڙي ريگستاني سنهي
جهنگ ۾ به ٿئي ٿي، جتي اها ٿوهر (يونوربيا) جي
ٻوٽن تي ويهي تڙڪي کاڻڻ جي شوقين آهي. کليل خشڪ
زمين جي ٻيلن ۾ به ملي ٿي، جتي ان کي ڪنڊي
(پراسوپس اسپسيجيرا) ۽ ٻٻر (اڪيشيها اربيڪا) جي
وڻن تي رهڻ وڻندو آهي. ان کي سانڊي وانگر رنگ
مٽائڻ جي عادت آهي، ۽ لڳ واري مند ۾ هٺيلي نر جي
کل شوخ ڳاڙهي، ڪاري ۽ پيلي ٿي ويندي آهي، جنهن جي
ڪري اهو ڏاڍو رعبائتو لڳندو آهي، اهي ڪرڙيون ڪنهن
کي نقصان نه پهچائن ۽ سندن ’رت پياڪ‘ وارو نالو
بلڪل بي واجبي آهي، هي پکين جا آنا ته جام پيئي،
پر رت بنهه ڪونه پيئي، ڪئلوٽيز جنس جي ٻين ڪرڙين
جيان هن ڪرڙيءَ کي به پنهنجو ڪنڌ هيٺ مٿي ڪرڻ جي
عادت آهي. هيءَ ڪنهن ٻوٽي يا وڻ جي مٿاهين ٽاريءَ
تي ويهي اُس کائڻ پسند ڪندي آهي، ۽ سولائيءَ سان
شڪري (ائڪسيپائٽر باڊيويس ڊسومائري) ۽ ڳاڙهي مٿي
واري چٽئو (فالڪو چڪئيرا) جي ور چڙهيو وڃي. مون
هڪڙي گُهگهه (سينٽروپس سائنينس سائينينسس) کي هيءَ
ڪرڙي جهلي ڳڙڪائيندي ڏٺو. ڪرڙيءَ جو پڇ ٻه انچ کن
وات مان ٻاهر نڪتو پيو هئس، ۽ هيڏي هوڏي پئي
چُريو. گُهگهه ڏاڍو بي مزي پئي لڳو، پر نيٺ اها
رکي رکي چرندڙ پڇڙي به ڳڙڪائي ويو. مون هڪڙي ڪانءَ
(ڪاروس اسپلينسس زگميئري) کي هڪڙي نر تي لامارو
ڏيندي ڏٺو، جيڪو انجير جي اتاهين لام جي ڇيڙي تي
ويٺي هوا کائي رهيو هو. پر ڪرڙو پير پختا ڪيو،
ڄاڙيون ڦاڙي ويٺو رهيو ڪانءُ هڻي هڻي بيهي رهيو،
’رت پياڪ‘ کي چوري نه سگهيو. نيٺ جَڪَ کائيندو
هليو ويو. نيري پاسي واري اگاما (اگاما آئسوليپس)
ميدانن، ٽڪرين، ڇپن ۽ ٻوٽن ۾ هڪ جهڙي ملندي آهي.
نر کي هڪڙو ننڍڙو غبغب ٿيندو آهي ۽ لڳ واري مند ۾
سندس ڳچي ۽ پاسا گهاٽا نيرا ٿي ويندا آهن. ڳاڙهي
ڳچيءَ واري ائگما (ائگما بيگُلاريس) وارياسي يا
نيم ريگستاني جنس آهي. نر توڙي ماد، ٻنهي جي نڙيءَ
جي هيٺيان تيز ڳاڙهو نشان ٿيندو آهي.
هيءَ ڪِرڙي کيرٿر پير ٽڪرين جي تر وٽ عام ٿئي ۽
مون اها لڪيءَ ۽ سرجاڻي وٽ نئن باران جي آپاس به
ڏٺي آهي.
ڏيڏر جهڙي مٿي واري ڪرڙي (فرائنو سيفالس
اوليويئري) بڇڙي شڪل واري ڪرڙي آهي. جيڪا ٽاڪرو،
سڃن هنڌن، سُڪل نديءَ جي ڪڪرالن ترن ۽ اهڙن ٻين
هنڌن تي ٿئي ٿي. ان جو حفاظتي رنگ مڪمل ٿئي ٿو ۽
جڏهن پريشان ڪبس ته ڀڄي وڃي سنهي واريءَ يا ڪڪريءَ
يا بجريءَ هيٺان لڪندي. هيءَ ڪراچي ضلعي اندر
جهنگڙي ۽ باران جي پيٽ واري علائقي ۾ عام آهي ۽
مون ان کي اپريل ۽ مئي ۾ ملير ۽ گڏيجي ندين جي
سُڪل پيٽ اندر ڏٺو آهي.
آخر ۾، ڪنڊر پُڇ واري ڪرڙيءَ (يورو مئسٽڪس
هارڊويڪاءَ) جو ذڪر ڪجي ٿو. ان کي سنڌيءَ ۾ سانڊو
چون. هيءَ ڳري ۽ بيڊولي ڪرڙي، جا 15 انچ ڊگهي ٿئي
ٿي. سا وارياسي، پٿريلي، خشڪ علائقي ۾ ملندڙ ڪرڙين
مان سڀني ۾ عام آهي. هيءَ رواجي طرح رستن تي نظر
ايندي آهي. موٽر ۾ لنگهبو ته هن تي نظر پوندي.
موٽر کي ايندو ڏسي وٺي ڀڄندي ۽ وڃي پنهنجي
ريگستاني ٻرڙ ۾ ڪرندي. هيءَ ڪرڙي ڀاڄين ۽ ان ڦل تي
گذران ڪري ٿي ۽ پوريءَ ريت ٿل واسي آهي. هيءَ
پنهنجو ٻرڙ پاڻ کوٽي ٿي. جيڪو 8 يا 9 انچ ڊگهو
مٿاڇري کان 4 کان 5 پنج هيٺ ٿيندو آهي. ٿڌي ۽
گهميل مند ۾ هيءَ پنهنجي ٻرڙ ۾ هلي ويندي آهي ۽ ان
جو منهن اندرين پاسي کان سنهي واريءَ سان چڱيءَ
طرح بند ڪري ڇڏيندي آهي. عام طرح لنز باز (فالڪو
جگر) شڪار ڪريس ۽ مون ڊگهين ڄنگهين واري باز (ٻيٽو
ليراڪس ليراڪس) کي مٿس لامارا ڏيندي پر ڪامياب نه
ٿيندي ڏٺو آهي. سانڊو سراوندو ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن به چڪ
نه پائيندو آهي، پر وڏن سانڊن کي کڻڻ يا هٿ رکڻ ۾
بيپرواهي ڪبي ته ٿي سگهي ٿو ته اهو ڊڄي پنهنجي
هٿيار جهڙي پڇ کي ڪم آڻيندي ڌڪي وجهي. هن جو ڀَو
جهڙو ڪنڊر پُڇ جو پاڙ وٽ چڱو ويڪرو ٿئي ٿو، سو
بچاءَ جو نهايت اثرائتو هٿيار آهي. ڪيترن معتبر
شڪارين مون کي ٻڌايو آهي ته نانگ ڪڍ پوندو اٿس ته
سانڊو پنهنجي ٻرڙ ڏانهن ڀڄندو آهي، پر سڄو اندر
ناهي ويندو. پڇ سڄي جو سڄو ٻاهر رهڻ ڏيندو آهي.
ائين ڪرڻ سان ان جي نرم، غير محفوظ عضون کي ڇيهي
رسڻ جو ڪو امڪان نه رهندو آهي. پوءِ اهو پنهنجي
پُڇ جا سٽڪا ڪرائڻ لڳندو آهي، جنهن جا ڀوائتا ڪنڊا
ڪنهن به اهڙي نانگ، لومڙ يا گدڙ کي ڀڄائڻ لاءِ
ڪافي آهن، جنهن لچائيءَ تي سندرو ٻڌو هجي.
ڪوموڊو (انڊونيشيا) جي اجگر ڪرڙي، جا ڏهه فوٽ ڊگهي
ٿئي ٿي، جيڪا مانيٽرلزرڊ (چتاءُ ڏيندڙ) ڪرڙي آهي.
وڏي ميداني مانيٽر (وارانس بنگالينسيس)، جنهن کي
سنڌي، ڳوهه ۽ ڪاٺياواڙي ۽ مرهٽا، گورپڙ چون، سان
ننڍي کنڊ جي عام مانيٽر ڪرڙي آهي. ڇپ يا ڀت جي چير
کي ان جي وَٺَ ايتري ته پختي هوندي آهي جو چيو وڃي
ٿو ته کاٽڙ يا وڏن ڀتين تي چڙهڻ لاءِ ان کي جيئري
ٻلي ڪري ڪم آڻيندا آهن. ڳوهه کي نوڙي ٻڌي پٽ تي
ڇڏي ڏيندا آهن. اها مٿي چڙهندي ويندي آهي تان جو
چڱو مٿي ڪا وٿي ڏسي ان ۾ گهڙي سوگهو جهلي ويهي
رهندي آهي، اهڙو جو ماڻهو ان جي زور تي ڀت تي چڙهي
سگهندو آهي. ڪراچي ضلعي اندر اگهاماڻي ريسٽ هائوس
۾ هڪڙي ڳوهه ورانڊي جي ٿنڀي تان چڙهي وڃي چمڙن تي
پئي هئي، جيڪي ڪام هيٺان هڪڙي وٿيءَ ۾ رهندڙ هئا.
چمڙن جي ڪيڪراٽ ۽ هڏن جي رڙڪجڻ منهنجو ڌيان ڇڪائي
وڌو، پر جيسين مون ڳوهه کي ڀڄائڻ جي ڪئي، تيسين ان
ڪيترا چمڙا کائي پورا ڪري ڇڏيا. ڪراچي ضلعي ۾ ڳوهه
عام آهي، جتي اها ملير ۽ لانڍي جي آسپاس باغن جي
ڦٽل کوهن اندر رهي ٿي. رولو قومون ان جو گوشت چاهه
سان کائينديون آهن. ڊاڪٽر ڪيلارٽ ٻين ڳالهين سان
گڏ هي به چوي ٿو ته ”دکن ۽ سنڌ جا اصل رهواسي ان
جي گوشت کي ڏاڍو ڀائيندا آهن ۽ وائيءَ جي سور لاءِ
اڪسير سمجهندا آهن. چون ٿا ته ان جو رت تازو پيئڻ
يا چيلهه کي هڻن سان چيلهه جو سور ڇڏي ويندو ۽ قوت
باهه به وڌائيندو.“ ڳوهه جي کل دُهل ۽ دنبوري تي
مڙهڻ جي به ڪم ايندي آهي. توڙي مانيٽر جنس جي ٻين
ڪرڙين جا ٻچا چِٽ چِٽ ۽ ڳُوڙهن رنگن وارا ٿيندا
آهن. اڻڄاڻ انهن کي هڻ کڻ سڏيندا آهن ۽ سمجهندا
آهن ته ان جو چڪ زهريلو ٿئي ٿو ۽ ماڻهو توڙي ڍور
ٻنهي کي ماري وجهي ٿو. پر ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي
ڪانهي ۽ اها ٺلهي ڏند ڪٿا آهي. سڀ مانيٽر ڪرڙيون
گوشت خور ٿينديون آهن. سو ٿي سگهي ٿو ته ان جي چَڪ
سان ڪا بيماري ٿي پوي. مون انهيءَ مانيٽر کي
ڪراچي، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڪيترائي ڀيرا
ماڪوڙا کائيندي ڏٺو آهي.
ريگستاني مانيٽر (وارانس گريسيوس) 4 فوٽ ڊگهي ٿئي
ٿي ۽ ريگستاني هنڌن تي عام ملي ٿي. اتي اها وڏن
وڏن ٻرن ۾ رهي ٿي، جي اها پاڻ کوٽيندي آهي. بارڊ
مانيٽر (وارانس فليوسينس) ڊيگهه ۾ 3 فوٽ ٿئي. هيءَ
ڪِرڙي، بنگالينسيس قسم جيان، ميداني جنس آهي ۽ عام
طرح خشڪ ريگستان ۽ آباد زمين جي وچ واري ٽُڪري ۾
ملي ٿي. هيءَ سُڪل واهه جي پيٽ پٿرين جي ڍڳن ۾ رهڻ
پسند ڪري ٿي. هڪ اهڙي ٽي فوٽ ڊگهي ڪِرڙي ڪراچيءَ ۾
اورنگ نئن وٽ هڪ تلاءَ ويجهو رهندڙ هئي ۽ تلاءَ تي
پاڻي پيئڻ لاءِ ايندڙ پٽ تترن ۽ ڳيرن تي اُلرون
ڪندي هئي، پر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي.
اصل پاڻيءَ واري مانيٽر (وارانس سلوٽور)، جا 7 فوٽ
ڊگهي ٿئي ٿي ۽ پنهنجي سختيءَ سان ڳتيل پُڇ جي ڪري
پاڻيءَ ۾ رهي سگهي ٿي، سا سنڌ ۽ خيرپور ۾ ڪونه
ٿئي.
سنڌ ۾ مخصوص ڪرڙيون (لئسرٽائيڊي) تمام ٿوريون آهن.
هتي ان جا رڳو چار قسم ٿين ٿا، جن مان ٽي ذڪر لائق
آهن. سڀ نهايت ڦڙت هونديون آهن ۽ تڙڪو وڻندو اٿن.
ٻه واري- ڪرڙيون (اڪنٿو ڊڪٽيلس ڪئنٽورس ۽ اڪنٿو
ڊڪٽيلس مائيڪرو فولس)، جي ڊيگهه ۾ 8 يا 9 انچ ٿين
ٿيون، سي وارياسن هنڌن تي تمام عام آهن. انهن کي
اُڏامي آيل واريءَ جي ڀٽن تي رهڻ وڻندو آهي، جتي
اهي اڪثر گڏ ملنديون آهن. نندن پَٽن سان ڪرڙين
(اڪنٿوڊڪٽيلس مائيڪروفولس) جي پُڇَ جي نوڪ شوخ
نيري رنگ جي هوندي آهي اها شايد جيتن کي هرکائڻ
لاءِ هوندي آهي. هيءَ ڪرڙي ڇا ڪندي آهي ته واريءَ
تي مٿو پڇ ڏانهن ڪري ليٽي پوندي آهي. چُرندي
پُرندي بلڪل ناهي. رڳو پڇ جي پڇڙيءَ کي رکي رکي
تڪڙي لرزش ۾ آڻيندي آهي. آيا پڇڙيءَ جي اها لرزش
جيتن کي هرکائڻ لاءِ هوندي آهي، جن تي سندس گذران
آهي، يا اها حملي کان بچڻ جي ڪا اٽڪل آهي يا
ماڳهين ان جي ڪا جنسي اهميت آهي، سو چئي نٿو
سگهجي. بهرحال مون ڪڏهن جيت کي هرکجي موت جي منهن
۾ ويندي يا انهيءَ جنس جي مادي ڪِرڙيءَ کي ان جي
موهه ۾ ايندي ناهي ڏٺو. شايد متان پورو انتظار نه
ڪيو هجيم، نه ته شايد انهن مان ڪا ئي ڳالهه ٿيندي
ڏسان ها. انهن ٻنهي ڪرڙين جي پيرن جي بڻاوت اهڙي
آهي جو اهي واريءَ تي سولائيءَ سان هلي سگهنديون
آهن. چُٽن سان واري ڪرڙي (اريمياس گٽولاٽا)، جا 6
انچ ڊگهي ٿئي ٿي، سا گهڻي ڀاڱي مڪاني آهي ۽ اڪثر
ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. تاهم، اها باران، حب، ملير ۽
گڏيجي ندي جي ڀرپاسي ۾ وارياسن ٽڪرن ۾ اڻ لڀ نه
آهي. اتي اها کپ (ليپٽاڊينيا اسپارٽيئم)، اڪ (ڪولو
ٽراپس پروسيرا ۽ ڪولوٽراپس گگانٽيا)، ڦوڳ ۽ بوهه
جي ٻوٽن وٽ ملي ٿي. مون کي اها اهڙين ئي جاين تي
تروڙ، غلام ڳوٺ، لنواري ۽ ٻير واريءَ ويجهو واريءَ
جي ڀٽن تي نظر آئي آهي.
سنڌ، خيرپور ۽ ريگماهي (سنسيڊاءِ) جون ڪافي جنسون
ملن ٿيون. هتي ڏهه قسم ٿين ٿا، جن مان پنج ڪراچيءَ
۾ آهن. ريگماهي ڪرڙيون نهايت بي ضرر ٿين ٿيون.
سندن پُڇَ، گيڪو ۽ لئسرٽين ڪرڙين جي پڇن وانگر،
ٿاڪئنان ٿيندا آهن ۽ سولائيءَ سان ڀڄي پوندا آهن.
اُتر هندستان جي گهڻن هنڌن، جتي ريگماهي ڪرڙيون
ٿينديون آهن، اتي انهن کي ’بامن‘ يا ’بامني‘ سڏيو
وڃي ٿو. اهي ڀتين جي ڏارن، باغن لوڙهن ۾، سڪل پنن
يا ڊسڙ هيٺان ۽ جاين ۾ رهن ٿيون. ريگماهيءَ جون
رڳو ٽي جنسون ذڪر لائق آهن. پٽاپٽي ريگماهي
(مابوئيا ڪاريناٽا)، جا 14 انچ ڊيگهه ڪري وڃي ٿي،
سا اڻ ورهايل ننڍي کنڊ جي عام ريگماهي آهي. هيءَ
سڄيءَ سنڌ ۽ خيرپور ۾ ملي ٿي. نر ريگماهيءَ جي بت
تي ڪلهي کان سٿر تائين هڪڙو ڳاڙهو پٽو هوندو آهي.
چٽن واري ريگماهي (مابويا مئڪيولاريا)، جا ڇهه انچ
ڊيگهه ڪري وڃي ٿي، سا باغن ۽ لوڙهن ۾ رهڻ پسند ڪري
ٿي. هيءَ ڪراچيءَ ۾ عام آهي. ٽپيري ريگماهي
(اوفيمورس ٽراءِ ڊئڪٽيلس)، جا ڇهه انچ ڊگهي ٿئي
ٿي. سا سڄي ريگستاني جنس آهي ۽ واريءَ ۾ ٻرڙ ٺاهڻ
جي پوري پوري اهليت اٿس. هيءَ اڏامي آيل واريءَ جي
دڙي ۾ رهڻ پسند ڪري ٿي. اُتي جتي واريءَ جا ٻوٽا
جهڙو کپ، ڦوڳ، اڪ ۽ بوهه، ٿيندا آهن، مون هيءَ نئن
باران جي ڪنڌين تي ۽ سکر ضلعي اندر تروڙ، صالح پٽ،
مامري ۽ ساهي پٽ وٽ واريءَ جي ڀٽن تي ڏٺي آهي،
انهيءَ ڪرڙي جي چرٻي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وائيءَ ۽ چيلهه
جي سور کان واپرائيندا آهن.
نانگ (اوفيڊيا):
دنيا جا ڄاتل نانگ 9 ڪٽنبن ۾ ورهايل آهن ۽ انهن ۾
1536 جنسون اچي وڃن ٿيون. خوشقمستيءَ سان رڳو 300
جنسن جو زهر ماڻهوءَ لاءِ خطرناڪ آهي.
ڏندن جي لحاظ کان سڀ نانگ ٽن واضح طبقن مان ڪنهن
نه ڪنهن سان واسطو رکندڙ ٿين ٿا. پهرين طبقي وارن
نانگن کي وهه وارا ڏند ڪونه ٿين. انهن کي ’اڻ
ڏنديا‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. ٻئي طبقي وارن نانگن جا زهر
وارا ڏند مٿين ڄاڙيءَ يا هڙٻاٽ جي پٺيان ٿورا
کانچيل ٿين ٿا. اهڙن نانگن کي ”پٺ ڏنديا“ چيو وڃي
ٿو. ٽئين طبقي وارن نانگن جي زهر وارا ڏند مٿين
ڄاڙيءَ جي اڳيان اونها کانچيل ٿين ٿا. انهن کي ”اڳ
ڏنديا“ سڏيو وڃي ٿو. سڀني اڳ ڏندين نانگن جو زهر
ٺاهيندڙ عضوو تمام سڌريل ٿئي ٿو ۽ انهن جا زهر
ماڻهو لاءِ، جي سڀ موتمار نه ته خطرناڪ ضرور آهن.
اهي سڀ جنسون، جيڪي هن طبقي ۾ شامل آهن، سي ٻن
ڪٽنبن ۾ ورهايل آهن جيڪي يا ته ڪوليوبر ٿيندا آهن
يا وائيپر. پهرئين ۾ سامونڊي نانگ، ڪرئتَ، ڪاريم ۽
ڳڻوٺي نانگ اچي وڃن ٿا ۽ ٻئي ۾ سچي لنڊي ۽ کڏ لنڊي
(وائپر) شامل آهن. پهرئين ڪٽنب جا نانگ ”پراڻي
دنيا “ تائين محدود آهن. پوئين ڪٽنب جا نانگ،
ورهاڱي کان اڳ واري هندستان جي ٻين هنڌن تي چڱا
ٿين ٿا، پر سنڌ يا خيرپور ۾ ڪونه آهن.
’اڻ ڏنديا‘ طبقي جي نانگن جا ڏند سادا يعني نهرا
ٿيندا آهن. زهر وارا غدود غير موجود هوندا اٿن. پر
تنهن هوندي به ڪولبري ڪٽنب جي ’اڻ ڏندين‘ نانگن جو
پڪ هڪڙو زهريلو مادو ٿيندوآهي، سو تنهن مادي سان
هي هڪ موافق نه ته هڪجهڙائي رکندڙ آهي، جنهن جي
ڪري ساڳي ڪٽنب جي ”اڳ ڏندين“ نانگن جي زهر ۾
موتمار خاصيتون ٿينديون آهن.
سنڌ ۽ خيرپور ۾ نانگن جون 43 جنسون آهن. انهن مان
21 کي وهه وارا ڏند ڪونه ٿين ۽ باقي 22 کي ٿيندا
آهن، جن مان 4 پٺ ڏندين، کي ڇڏي سڀ ’اڳ ڏنديا‘ آهن
۽ سندن زهر ماڻهوءَ لاءِ موتمار ٿئي ٿو. انهيءَ 18
اڳ ڏندين جنسن ۾ 13 سامونڊي، 2 ڪرئت، 1 ڪاريهر ۽ 2
لنڊيون اچي وڃن ٿيون. سنڌ يا خيرپور ۾ کڏ لنڊي يا
ڳڻوٺي نانگ ڪين ٿين. سنڌ جي سڀني ضلعن اندر جتي
جتي به موافق جوءِ آهي، اتي ڪاريهر، ڪرئت ۽ کپر
عام آهي. سنڌ جو ڪرئت (بنگارس سنڊانس) جنهن کي
سنڌيءَ ۾ ’پيئڻ بلا‘ چون، سا ڇهه فوٽ ڊگهي ٿئي ٿي
۽ ٿرپارڪر، سکر ۽ خيرپور جي وارياسن ٽڪرن ۾ عام
جام ملي ٿو. کپر، جي وڌيڪ نه ته به ايترو ئي عام
آهي ۽ سڀني ضلعن اندر اهڙن هنڌن تي ٿئي ٿو، جتي
خشڪ پٿريلا پٽ، هيٺاهون ٽڪريون يا ريگستاني سنهو
جهنگ هجي. هيءُ ننڍو نانگ، کپر يا لنڊي، سڀني ۾
عام بلا آهي. هيءَ اڍائي فوٽ کن ڊگهي ٿئي ٿي. هن
جا پرڪار به اهڙائي ڍلا ۽ چهڙائتا ٿين ٿا، جيڪي هن
ڪٽنب (وائپريڊاءِ) جو مرڪ آهن ۽ جن جي ڪري سڀ
وائپر خطرناڪ ٿين ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي ڄاڻي واڻي پر
بنا ڪنهن چرچ يا چتاءُ جي حملو ڪري سگهن ٿا. مون
کي ان جو ذاتي آزمودو آهي. خوشقسمتيءَ سان هن بلا
جو وهه ڪو گهڻو اثرائتو نه ٿيندو آهي. ڪَٿ ڪئي وئي
آهي ته کپر جي کاڌلن مان فقط 20 سيڪڙو کن مرندا
آهن. 1933ع ۾ سکر ضلعي جي روهڙي تعلقي ۾ اپريل ۽
آگسٽ جي وچ ۾ سچ پچ نانگ جي ڏنگيلن جا جيڪي ڏهه
ڪيس پوليس جي ڌيان تي آيا، تن مان ڇهه موت کپر جي
ڏنگ وگهي ۽ چار ڪاريهر يا ڪرئت جي ڏنگ وگهي ٿيا
هئا.
هيءُ وائپر مڪمل طرح خشڪيءَ جو نانگ نه آهي ۽ گهڻن
اهڙن خشڪيءَ جي نانگن جيان، جن کي پيٽ تي ڇلر
هونديون آهن، هن بلا جون عادتون به وڻن تي رهڻ
وارن جهڙيون آهن. مون ان کي ڪيترائي ڀيرا ڪرڙ
(ڪئپارس ائفائلا) جي چوٽيءَ تي تڙڪو کائيندي ڏٺو
آهي. هڪ دفعي ته ان کي 9 فوٽن جي اتانهينءَ تي
ڏٺم. ٻئي دفعي هڪڙي لئي (تمارڪس گئليڪا) جي وڻ تي
چڙهي وڃي هڪڙي ڪاٺير کي ڏنگي وڌو هو، جو 20 فوٽ
مٿي لامون ڪپي رهيو هو.
عام ڪرئت (بنگارس ڪئروليوس)، جو چئن فوٽن کان ورلي
وڏو ٿيندو آهي. سو رنگ ۽ نشانين ۾ سنڌي ڪرئت يعني
پيئڻ (بنگارس سنڊانس) سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. اهو
ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر ضلعن ۾ ڏٺو ويو
آهي، ۽ گهڻو ڪري ٻين ضلعن ۾ به ٿئي ٿو، پر مون کي
خشڪ ريگستاني هنڌن تي نه مليو آهي، جي ان جو وڏو
مائٽ ’سنڊانس‘ جام ٿئي ٿو.
هتي هيءُ ڄاڻائڻ واجبي ٿيندو ته ڪرنل فرئنڪ وال کي
پوري پڪ نه هئي ته ’سنڊانس‘ کي ’ڪئروليوس‘ کان الڳ
جنس جو درجو ملڻ گهرجي، جڏهن ته ڊاڪٽر ائناڊيل جو
چوڻ هو ته ’والي‘ ۽ ’سنڊانس‘ جنسون هڪ ئي ڳالهه
آهن. مون کي انهن ٽنهي جنس جي ڪيترن ئي جيئرن توڙي
تازو ماريل نمونن کي چڪاسڻ جو وجهه مليو آهي، ۽
ائين وسهڻ لاءِ ڪو سبب ڪين اٿم ته ’ڪئروليوس‘ ۽
’سنڊانس‘ هڪ ئي جنس آهن يا ’سنڊانس‘ ۽ ’والي‘
جنسون هڪ موافق آهن. ٻين ڪيترن تفاوتن کان سواءِ
مون ’سنڊانس‘ کي خشڪ علائقي جو نانگ ڏٺو، جڏهن ته
’والي‘ ۽ ’ڪئروليوس‘ ٻئي گهميل ترن جون جنسون آهن
يعني خشڪ ريگستان جون نه.
ڪوبرا (نائيا ٽرائپوڊينسي) يعني ڪاريهر ۽ رسيلز
وائپر (وائپر رسيلي) يعني ڪوراڙ، اهي ٻئي چڱن
گهميل هنڌن تي رهڻ پسند ڪندا آهن. ڪُرئت جيان
ڪاريهر به گهڻو واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ رهندو آهي، جتي
ڪُئا هوندا آهن، جو ان جو دل گهريو کاڄ آهن. ڪوراڙ
سنڌ ۾ تمام گهٽ لڀ آهي. هيءَ بلا گهڻو ڪري هيٺينءَ
سنڌ يعني لاڙ ۾ ملي ٿي، جتي جي ڊبليو رولئنڊ ٻه
جهرڪ وٽ ماريون هيون. فلن کي اها ڊملوٽيءَ ۾ نظر
آئي هئي ۽ مون وٽ ان جي کار، گڏيجي، هلايا ۽ پير
پٺي ۾ هجڻ جا رڪارڊ آهن. مَري، ان کي جيڪب آباد ۾
ڏٺو هو، جتي 1934ع ۾ پراڻي ريزيڊنسيءَ جي پويان
پٻڻ جي تلاءَ وٽ هڪ ٻي ڪوراڙ ماري وئي هئي. انهيءَ
بلا جي وِهه تمام موتمار ٿئي. ان جو کاڌل ماڻهو
گهڻو ڪري ڪونه بچي.
سنڌ ۽ خيرپور جي علائقي ۾ جيڪي ڪاريهر ملن ٿا، تن
جي وڏي اڪثريت رنگ جي ڪاري ۽ بائنوسيليٽ قسم جي
آهي، (Monocella)
۽ انهيءَ قسم جا ٻيا نانگ پڻ ٿين ٿا. (Monocella)
نانگ، جو مري رڪارڊ ڪيو هو، سو بنگال برما وارو
قسم آهي ۽ سنڌ ۽ خيرپور اندر ضرور گهٽ لڀ هوندو.
مون ڪڏهن ناهي ڏٺو، توڻي سنڌ اندر 34 ورهين جي
ايامڪاريءَ ۾ مون ڪيئي ڪاريهر ڏٺا آهن. هڪڙو 4
فوٽن کان وڌيڪ ڊگهو ڳوڙهو، ڳاڙهيرو ڪڪو ڪاريهر
1935ع ۾ نوابشاهه ضلعي اندر درٻيلي وٽ ماريو ويو
هو، ۽ ڪي ڏکڻ اوڀر (ننگر پارڪر) واري پاسي ملندڙ
ڪاريهر اراولي (ابو) ٽڪر جي ڪاريهر جيان سخت ڪارا
ٿيندا آهن. ڪاريهر يا ڪارو نانگ ڇهه فوٽ ۽ ڪڏهن ته
ان کان به وڌيڪ وڏو ٿئي ٿو. مون 1930ع ۾ سکر ضلعي
اندر سنڌوءَ جي ٻوڏ سبب پنهنجن ٻرن مان نڪري آيل
تمام گهڻي تعداد ۾ ڪاريهر ڏٺا يا ماريا هئا. هڪڙي
ڀيري مون ڪرڙين نانگ، جن ۾ گهڻا کپر، ڪاريهر،
ڪرئت، واري نانگ ۽ ڪئا- نانگ هئا، هڪڙي ٻيٽاريءَ
تي ڏٺا هئا، جتي انهن ٻوڏن کان پناهه وڃي ورتي
هئي. مٿاهين پٽ جي انهيءَ ٽڪري تي ڪرڙ ۽ کٻڙ جا وڻ
نانگن سان ڪارا لڳا پيا هئا، پر آءٌ انهيءَ هنڌ
کان پري رهيو هئس، ڇا لاءِ جو نانگ بلائن سان ڀريل
وڻ ٻوٽن منجهان دڳ ٺاهڻ کان سواءِ ٻيٽاريءَ تي لهڻ
ممڪن نه هو.
سامونڊي نانگن جون 13 ئي جنسون ڏاڍيون زهريليون
ٿين ٿيون. هڪ عام قسم اينهائيڊرينا ولاڪاڊائن يعني
باز جي چهنب جهڙي ڦڻ وارو سامونڊي نانگ جو زهر
ڪاريهر جي زهر کان ست اٺ ڀيرا ۽ پيئڻ بلا جا
خشڪيءَ جي موتمار بلائن مان هڪڙي آهي، تنهن جي زهر
کان چار پنج ڀيرا وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو. هڪڙو اٺ،
جنهن کي سمنڊ ۾ تڙ ڪرايو پئي ويو، تنهن کي انهيءَ
سامونڊي نانگ (Hawk-
nose)
ناس تي ڏنگي وڌو ۽ اهو اُٺ ڪلاڪ جي اندر مري ويو.
خوشقسمتيءَ سان سامونڊي نانگ نه ته اڳرا ٿيندا آهن
نه چهڙائتا، ۽ جيستائين ڇيڙين نه، تيستائين چڪ نه
پائيندا. کارين جا مهاڻا ڪنهن به سامونڊي نانگ کان
ايترو ناهن ڊڄندا، جيترو سئريءَ کان، اها هڪ ننڍڙي
گپ جي مڇي آهي، جنهن جي پٺيءَ واري کنڀڙاٽي جا
ڪنڊا زهريلا ٿيندا آهن.
سڀني نانگن جا زهر مرڪب ٿيندا آهن ۽ ڪولبري ڪٽنب
جي ’اڳ ڏندين‘ نانگن (سامونڊي نانگ) ڪرئت، ڪاريهر
۽ ڳڻوٺي نانگ جا زهر، وائپر نانگن جي زهر جيان،
بناوت ۽ ماڻهوءَ تي ٿيندڙ مکيه اثرن جي لحاظ کان
هڪٻئي کان ڪي گهڻا مختلف نه هوندا آهن. پر ڪولبري
ڪٽنب جي نانگن جي ڏنگ سبب ظاهر ٿيندڙ نشانيون،
وائپر ڪٽنب جي نانگن جي ڏنگ سبب ظاهر ٿيندڙ نشانين
کان مجموعي طرح ڪافي مختلف ٿينديون آهن. ڪولبري
نانگن جو زهر گهڻي ڀاڱي مرڪزي تنتي سرشتي تي اثر
ڪري ٿو ۽ مغز جي ساهه کڻڻ واري مرڪز کي نستو ڪري
ڇڏي ٿو. موت دم گهٽجڻ وگهي ٿئي ٿو، رت تي ڪو خاص
اثر نٿو پوي. خون جو جريان ورلي ٿئي، ۽ جي ٿئي به
سهي ته تمام معمولي ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن به گهڻو نٿو
ٿئي. ٻئي طرف، وائپرين ڪٽنب جي نانگن جي زهر جو
مرڪز تنتي سرشتي تي ڪو اثر ڪونه ٿئي، سواءِ رت جي
دوري کي ضابطي هيٺ رکندڙ مرڪز جي البت اهي زهر دل
۽ رت تي وڏو اثر ڪونه ٿئي، سواءِ رت جي دوري کي
ضابطي هيٺ رکندڙ مرڪز جي نستي ٿيڻ ڪري ۽ اندر توڙي
ٻاهر رت جي بند نه ٿيندڙ جريان ڪري پيدا ٿيندڙ
هيڻائيءَ سبب يا وري هڪ اڻسڌي سبب يعني جيوڙي جي
ڇوت جي ڪري ٿيندو آهي. پوئين حالت ۾ ڏنگيل هنڌ وٽ
ماس تنتو جي سڙڻ جي ڪري ناسور جهڙو ڦَٽ ٿي پوندو
آهي، جنهن کي جيوڙي جي ڇوت ترت لڳي سگهي ٿي.
نانگ جي زهر جو عمل تمام تڪڙو آهي ۽ جيئن ئي جيئري
ماس تنتوءَ ۾ داخل ٿيندو آهي، تيئن ئي اهڙو ته سخت
چهٽي پوندو آهي جو وڏي تڪليف سان، سو پڻ پوريءَ
طرح نه، ڪا بي اثر ڪندڙ دوا ان سان ڪيميائي لاڳاپي
۾ آڻي سگهبي آهي. اهڙيون دوائون تڏهن ئي اثر
ڪنديون، جڏهن انهن کي زهر سان سڌي واسطي ۾ آندو
ويندو. ائنٽي وينين هڪ اهڙو ترياق آهي، جيڪو اهڙي
زهر کي بي اثر ۽ نستو ڪري ٿو، جيڪو رت جي دوري ۾
داخل ٿي ويو هُجي.
هتي هيءُ ڄاڻائڻ ضروري آهي ته الڪوحل بي اثر ڪندڙ
دوا نه آهي ۽ ان کي نانگ جي ڏنگ لاءِ ترياق ڪري ڪم
آڻڻ بلڪل غلط آهي. الڪوحل جو تحرڪي اثر عارضي ٿئي
ٿو. اهو ستت ئي لهيو وڃي ۽ ان کان پوءِ جا گهوماٽ
ٿئي ٿي، سا نانگ جي ڏنگيلن لاءِ سخت هاڃيڪار آهي.
الڪوحل رت جي نلين کي ڦنڊائي ۽ دل جي سرگرميءَ کي
وڌائي رت ڇڏڻ جو لاڙو پيدا ڪري ٿي، ۽ جيڪڏهن اهو
لاڙو اڳي ئي موجود هوندو، جيئن وائپر جي ڏنگيل جي
حالت ۾ اوس ٿئي ٿو ته پوءِ اهو ويتر وڌي ويندو
ازانسواءِ، دل جي سرگرمي وڌڻ سان رت جو دورو تکو
ٿئي ٿو، جنهن ڪري زهر وڌيڪ تيزي سان جذب ٿيڻ لڳي
ٿو. پڇاڙيءَ ۾، الڪوحل اهڙي حالت پيدا ڪري ٿو،
جنهن ۾ بيماريءَ جي مزاحمت ڪرڻ واري سگهه ڪافي
گهٽجيو وڃي. اهي رد عمل چٽيءَ طرح ثابت ڪن ٿا ته
الڪوحل نانگ جي زهر جي اثر کي ٽوڙڻ جي بدران ان کي
پنهنجي هاڃيڪار ڪاروائي تڪڙي ۽ وڌيڪ اثرائتي نموني
۾ اُڪلائڻ ۾ هٿي ڏي ٿو.
ڪولبري ڪٽنب جي چئن ’پٺ ڏندين‘ مان ڪڪو وڻ جو نانگ
(ڊپساس ٽرائگوناٽا) ۽ پٽن وارو واري نانگ (سئموفيس
ليٿاءِ) سڀني کان وڌيڪ عام آهن. پهريون نانگ رنگ ۽
نشانن ۾ ’ايڪس‘ سان گهڻي مشابهت رکي ٿو ۽ اڻ ڄاڻو
ان کي اڪثر ڪري ’ايڪس‘ ئي سمجهندا آهن. ڪراچيءَ ۾
ٽرائگوناٽا، گهٽ وڌ، باغ جو نانگ آهي ۽ پڃري جي
پکين لاءِ خطرو. اهو چار فوٽ ڊيگهه ڪري وڃي ٿو.
عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته باغن کان پري اهو خشڪ
ريگستاني جهنگ ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هيءُ
ساڳي سٿ جي ٻين نانگن کان گهٽ وڻ واسي آهي، مون ان
کي ڪرڙ ۽ ڪنڊيءَ تي ويهي تڙڪو کائيندي ڏٺو آهي، ۽
ڪراچيءَ ۾ هڪڙو ٽن فوٽن کان ڊگهو لئيءَ جي هڪ وڏي
وڻ تي چڙهي ٻه جهرڪ ڳڙڪائي ويو هو. تنهن تي
ڪيتريون جهرڪيون وڪوڙي ويس، ۽ نانگ جو وٺ ڇڏائجي
ويو ۽ اچي ويهارو فوٽ هيٺ ڪريو، پر ٿيس ڪجهه ڪونه.
ڀڄڻ جي پئي ڪيائين جو ماڻهن ماري وڌس. ٻئي جهرڪ
منڍيءَ کان جهلي ڳڙڪايا هئائين. ٻئي تازا مئل ۽
نانگ جي پيٽ ۾ هڪٻئي کان ٻه انچ کن پري هئا.
انهيءَ جنس جو هڪ ٻيو نانگ پڃري ۾ گهڙي هڪ چٽڪمري
چتلي (امانڊوا امانڊوا) ڳڙڪائي ويو هو. ٻين پکين
جي هاس ڪري ان ڀڄڻ جي ڪئي. پر پيٽ ڦوڪيل هجڻ ڪري
پڃري جي شيخن منجهه ڦاسي ٿي پيو. هڻي هڻي بيهي
رهيو، پر نه نڪري سگهيو. نيٺ چتلي اوڳاڇي پوءِ
نڪتو. جهرڪن جيان چتلي (Chitle)
تي به لعاب جو تهه چڙهيل ۽ منڍيءَ واري پاسي کان
ڳڙڪايو ويو هو، چتلي (Chitle)
سوَلي ٻاهر ڪونه نڪتي هئي، ڇو جو توڻي جو ان جا
چنبا ڀڪوڙيل هئا، تڏهن به اوڳاڇڻ ۾ رنڊڪ ٿئي ٿي.
مس مس وڃي چتليءَ جا پير وات تائين آندائين، جنهن
کان پوءِ ٻاهر ڪڍڻ ۾ تڪليف ڪونه ٿيس. اهڙو ئي هڪڙو
ٻيو نانگ، جو 4 فوٽ کن ڊگهو هو، تنهن کي هڪ ڪمريءَ
۾ ٻليءَ اچي سوڙهو ڪيو. تنهن تي نانگ ويڙهجي
سيڙهجي پئجي رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ٻليءَ کي چڪ هڻڻ
جي ڪيائين. جڏهن مارجي ويو، تڏهن ڏٺو ويو ته ان جي
ذري گهٽ سڄي بُت تي هڪڙي پيليرڙي ڌپ واري لعاب جو
ليپ آيل هو، جو پوءِ سڪي شفاف روغني پني جي ٽُڪرن
جيان لهي ويو. ظاهر آهي ته اهو لعاب ٻليءَ جي حملي
خلاف بچاءَ جي اُپاءَ طور نانگ پاڻ خارج ڪيو هو.
پٽاپٽي واري- نانگ (سئموفس لائٽاءِ)، جو 4 فوٽ وڏو
ٿئي ٿو، سو اهڙن کليل وارياسن هنڌن تي ٿئي ٿو، جتي
ڪِرڙ، ڪنڊي، اڪ ۽ ڪانڊيرو پيدا ٿيندڙ هجي. اهو
اڪثر قد ماريل ريگستاني وڻن يا ڪرڙ جي ٻوٽن تي
تڙڪو کائيندي نظر ايندو آهي. سئموفس ڪنڊانارس، جو
’لائٿاءِ‘ جهڙو ۽ ان جيترو سهڻو نانگ آهي، سو ٽي
فوٽ کن ڊگهو ٿئي ٿو ۽ سنڌ علائقي ۾ تمام گهٽ ٿئي
ٿو. اهو فقط جيڪب آباد ۾ ڏٺو ويو آهي. اهي ٻئي
نانگ ’پٺ ڏنديا‘ آهن. سنڌ ۾ ’پٺ ڏندين‘ نانگن جي
جا ڇوٿين جنس ٿئي ٿي، سا آهي ڪتي منهنو. منهن ٻاري
جو نانگ (سربيرس رنچاپس) اهو ساڍا ٽي فوٽ وڏو ٿئي
ٿو ۽ سامونڊي ڪپر تي چڪن ۾، تمر ۽ ڪامي جي وڻن سان
ڇانيل ڌٻُڻين ۾ ۽ وير وهيڻين کارين جي گپ ۾ ملي
ٿو. هيءُ فقط ننڍي مڇي کائيندو آهي ۽ اڳرو نه آهي.
ڪن ڏکڻ آفريقي جنسن کي ڇڏي ٻين ’پٺ ڏندين‘ نانگن
جي زهر بابت تمام ٿوري ڄاڻ ملي سگهي آهي. انهيءَ
طبقي (اوپسٽو گلائفا) جا وِهه ڏند کتل ۽ کانچيل
هوندا آهن. سندن وِهه ٺاهيندڙ غدود اکين کان هيٺ ۽
وِهه ڏندن کان مٿي هوندا آهن. اهي غدود وِهه ڏندن
سان ڪنهن نليءَ رستي ڳنڍيل نه هوندا آهن، جيئن ’اڳ
ڏندين‘ نانگن (پروٽيرو گلائفا) ۾ بلڪ پنهنجو زهر
وهه ڏندن وارين مهارن ۾ موجود ننڍن ننڍن ٽنگن رستي
ڪڍندا آهن. سندن وهه ڏند مٿين ڄاڙيءَ ۾ چڱو پٺتي
ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري هي نانگ تمام ننڍن ساهوارن
(ڪئا، ننڍين پکين جا ٻچٽ، ننڍيون ڪِرڙيون وغيره)
کي ئي سوگهو جهلي سگهندا آهن. سندن گذران به اهڙن
ئي ساهوارن تي آهي.
سنڌ ۾ اهڙن نانگن جون 21 جنسون آهن، جن کي زهر
ڪونه ٿئي. ڪينئين جهڙن ٻر ڪندڙ نانگن (ٽائيفولو
پيڊاءِ) جون ٻه جنسون لاڳاپيل ڪيماب دُڏر نانگ
(گلوڪونيا بلائفورڊي) ملندڙ آهن. اهي ٽيئي جنسون
ٻر ڪري رهڻ جي عادت ۽ روشنيءَ کان ٽهڻ جي ڪري ورلي
ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
اروڙ (بوئڊاءِ) بلا جون هي ٽي جنسون ٿين ٿيون: (1)
ٽاڪرو اروڙ (پائٿن مولرس)، جو 20 فوٽن کان وڏو ٿئي
ٿو. (2) وارياسو اروڙ (گانگيلوفس ڪونيڪس) ۽ (3)
جان وارو ڌرتي نانگ (ايرڪس جاني) ٽاڪرو اروڙ جهرڪ
(1926ع)، سڪرنڊ (1935ع)، ڪلان ڪوٽ (1936ع) ۽
جنگشاهيءَ (1937ع) وٽ ڏٺا ويا آهن. منجهائن ڪوبه
12 فوٽن کان وڌيڪ ڊگهو ڪونه هو ۽ سڀ پاڻيءَ جي
ويجهو مليا هئا. وارياسو اروڙ سنڌ ۾ ڪمياب آهي.
اهڙو هڪڙو 1932ع ۾ ڪرنل هارٽيءَ مون ڏانهن ڏياري
موڪليو هو، جو کيس سکر ۾ سندس گهر وٽ هڪڙي ٽڪريءَ
تان هٿ آيو هو. هن بلا جون اکيون ۽ ڇلر تمام ننڍا
ٿين ٿا. اهي ڇلر، خاص ڪري پُڇ جا، سخت اُپيٽا ٿين
ٿا. هيءُ ٻه فوٽ کن ڊگهو ۽ سڀاءُ جو تکو ۽ اهڙو ئي
ڪرڙو ٿئي ٿو، جهڙو ان جو ٿورو پري جو مائٽ، ڌرتي
نانگ، ماٺيڻو ۽ حليم آهي، ڏرتي نانگ، پنهنجين
ننڍين ننڍين اکين جي باوجود، رات جو نڪرندو آهي ۽
ننڍن ٿڻيارن ۽ ڪينئن تي گذران ڪري ٿو. هيءُ
وارياسن هنڌن تي عام ملي ٿو ۽ پاڪستان جا جوڳي ان
کي ’ٻه منهين‘ سڏيندا آهن. هيءُ چار فوٽ ڊگهو ٿئي
ٿو ۽ تمام بي ضرر ۽ مسڪين نانگ آهي. انهيءَ ڄاڻائڻ
جو ڪو خاص ضرور ڪونهي ته جيئن جوڳين کي هڪڙو منهن
ٿيندو آهي، تيئن هن نانگ جو به هڪڙو ئي منهن آهي ۽
اهو چوڻ سراسر غلط آهي ته ڪو هن جو پڇ سال جا ڇهه
مهينا منهن جو ڪم ڏيندو آهي ۽ ان جو اصل مُنهن
آرام ڪرڻ لاءِ پڇ تي پوندو آهي.
باقي 15 بي زهر جنسون ڪولبري ڪٽنب سان واسطو رکن
ٿيون. انهن ۾ بگهڙ نانگ (جينس لائيڪوڊان) 2، ڪئا
نانگ (جينس زامينيس) 6، پٺان پٺيا (جينس ٽراپيڊو
نوٽس) 3، جينس سوڊو سائيڪلوفيس 1، جينس اوليگوڊان
1، جينس لائٽور هنڪس 1، ۽ جينس ڪولبر 1، اچي وڃن
ٿيون.
عام بگهڙ نانگ (ائيڪوڊان آليڪس) رنگدان ٿئي ٿو ۽
اهڙا ئي چٽ ٿينس ٿا، جهڙا عام ڪرئت (بنگارس
ڪئروليوس) تي ۽ اڪثر ان کي به ڪرئت سمجهيو ويندو
آهي. ڪئا، جهرڪين جا آنا ۽ ٻچا ان کي ڳوٺاڻن جي
ڀونگين ۽ شهر ۾ نوڪرن جي جاين ڏانهن ڇڪي ايندا
آهن. ٻن فوٽن کان وڏا نمونا ڪمياب آهن.
شاهي بگهڙ نانگ (لائيڪوڊان اسٽرياٽس) سنڌ ۾ گهٽ
ٿيندو آهي. اهڙو هڪڙو نانگ 1933ع ۾ ايس. بي هِڪي
مون کي سکر ڏياري موڪليو هو.
ڪئا- نانگن ۾ ڊمڻ (زامينيس ميوڪوسس)، شاهي ڪئو
نانگ (زامينسيس ڊايا ڊيما) ۽ چٽڪمرو ڪئو نانگ
(زامينسيس وينٽريمئڪيولاٽس) گاهه وارين زميننن ۽
حب ماٿريءَ جي هيٺاهين ٽڪرين ۽ اهڙين ٻين هنڌ تي
عام آهن. پهريون ٻه جنسون ڇهه ڇهه فوٽ ڊگهيون ٿين
ٿيون ۽ سڀاءَ جون ڪرڙيون آهن ۽ جهلجهڻ کان بچڻ
لاءِ ڇتي ويڙهه کائينديون آهن. چٽڪمرو ڪئو نانگ 3
فوٽ وڏو ٿئي ٿو ۽ اهڙو ڪرڙو نه آهي، جهڙا ان جا هم
جنس.
پٺان پٺين ۾ پٽاپٽي پٺان پٺيو (تراچي ڊونوٽس
اسٽولاٽس) ۽ چؤنڪڙين سان پٺيان پٺيو (ٽراچي ڊونوٽس
پسڪاٽر) عام آهن. پهرين قسم جي پٺيان پٺتي جا ٻن
فٽن کان وڌيڪ وڏا نمونا ورلي ملندا. پوئين قسم جو
نانگ پاڻيءَ ۾ رهي ٿو، 4 فوٽ کن ڊگهو ٿئي ٿو ۽
گهڻو ڪري مڇيون ۽ ڏيڏر کائي ٿو. هيءُ سڀاءُ جو ڇتو
۽ چهڙائتو آهي. اسٽولاٽس جڏهن ڪاوڙبو آهي يا جڏهن
سوڙهو ڪبو اٿس، تڏهن ڳچيءَ جا پاسا کڻي ڦنڊائيندو
آهي. ائين رڳو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪندو آهي.
پٽاپٽي پٽان پٽيو تمام سهڻو نانگ آهي. ڪاري پيٽ
وارو پٽان پٽيو (ٽراپي ڊونوٽس پلمبي ڪلر) سنڌ ۾
گهٽ لڀي ٿو. مون کي اهو 1935ع ۾ سڪرنڊ وٽ ڏسڻ ۾
آيو هو. هيءُ اڍائي فوٽ کن ڊگهو ٿئي ٿو ۽ اسٽلاٽس
وانگر ڳچي ڦنڊائڻ جي عادت اٿس.
باقي چئن قسمن مان رڳو هڪڙو ذڪر لائق آهي يعني
چهنب جهڙي نڪ وارو بيابان وارو نانگ (لائٽورهنڪس
پئرا ڊاڪسس). هيءَ رڳو سنڌ ۾ ٿئي ٿو ۽ ان کي ويندي
ان جي ڳڙهه يعني ريگستان ۾ به ڳولي لهڻ تمام ڏکيو
آهي ڇاڪاڻ ته ان کي ٻر ڪري رهڻ جي عادت آهي.
سائنسدانن کي ان جون رڳو ٽي جنسون معلوم آهن: ايل
ڊايا ڊيميا، جو ايران کان آلجيريا تائين ملي ٿو،
ايل رجويئي، جو افغانستان ۽ ترڪستان ۾ ٿئي ٿو، ۽
ايل پئرا ڊاڪسس، جيڪو رڳو سنڌ ۾ آهي. هن ننڍڙي
نانگ جو رنگ ان کي پاڻ بچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽
واريءَ جي سڃن نانگن جيان واريءَ ۾ ٻر ڪرڻ جو
ڏانءُ اٿس. هڪڙي فوٽ کان وڌيڪ وڏا نمونا گهٽ لڀندا
آهن. مون اهو ٿرپارڪر ضلعي ۾ کوکراپار وٽ ۽ سکر
ضلعي ۾ کينجوءَ وٽ ڏٺو آهي.
ڏند ڪٿا:
ٿرين جو چوڻ آهي ته پيڻ بلا ستل ماڻهوءَ جي ڇاتيءَ
تي ور وڪڙ ٿي ويهندي آهي ۽ سندس ساهه اندر کڻندي
آهي ۽ پنهنجو زهر ساهه ٻاهر ڪڍڻ سان سُتل جي وات ۾
اُماڻيندي آهي. سُتل جي ڄڀ تي ڦلوڪڻو ٿي پوندو
آهي. جنهن ۾ زهر هوندو آهي، ۽ هو جيئن ئي ڪا روشني
ڏسندو آهي، تيئن ئي انڌو ٿي پوندو آهي. جڏهن
ڦلوڪڻو ڦاٽندو آهي، تڏهن زهر اندر هليو ويندو آهي
۽ ماڻهوءَ تي بيهوشي طاري ٿي ويندي آهي ۽ هو
بيهوشيءَ جي حالت ۾ گذاري ويندو آهي. ٿري پاڻ سان
ڪچا بصر کڻندا آهن ته جيئن پيڻ ويجهو نه اچين. جتي
سمهندا آهن، اتي چوڌاري ڦِٿل بصر پکيڙي ڇڏيندا
آهن. بتي ٻاري پٽَ تي رکي ڇڏيندا آهن ڇو ته هُو
سمجهندا آهن ته پيڻ رات جو روشنيءَ جي ويجهو نه
ويندي آهي.
ٿرين جو اعتماد آهي ته مصري ڳجهه يا هل (نيونيران
پرڪنو پٽيرس پرڪنو پٽيرس) يا (Gorham)
(ڪوريوٽيس نائيجرسيسپس نائيمبريسيپس) جو آنو پيڻ
جي زهر کي بي اثر ڪري ٿو. سو هو پاڻ سان ٽينَ جي
دٻلي کڻندا آهن، جنهن ۾ هل يا ڳجهه جي آني ۾ پُسيل
ڪپهه پيل هوندي آهي. ضرورت مهل ڪپهه کي پاڻيءَ ۾
پُسائي کاڌل جي وات ۾ ڦڙو ڦڙو ڪري وجهندا آهن ۽
سندس اکين کي پٽي ٻڌي ڇڏيندا آهن ته جيئن روشنيءَ
تي نظر نه پويس، نه ته انڌو ٿي پوندو. پوءِ کيس
ڪنهن اونداهيءَ ڪوٺيءَ يا سڪل کوهه ۾ ابتو ٽنگي
ڇڏيندا آهن تان جو هو خوش ٿي پوندو آهي يا مري
ويندو آهي. حقيقت ۾، ڪڏهن به بچندو ناهي. اُبتو
انهيءَ لاءِ ٽنگيندا آهن ته جيئن هو ڦلوڪڻي ڦاٽڻ
وقت زهر ڳهي نه وڃي. جيڪڏهن آني وارو علاج نه ٿي
سگهي ته کاڌل کي اُبتي ٽنگڻ کان اڳ پيٺل ڦٽڪي
کارائيندا آهن. ڦٽڪي لاءِ پڻ سمجهيو ويندو آهي ته
اها زهر کي بي اثر ڪري ٿي.
ريگستاني علائقن ۾ گهڻي پڇا ڳاڇا کان پوءِ به اهڙي
ڪا ثابتي نه ملي آهي ته علاج جي انهيءَ طريقي ڪنهن
کي ڇٽايو آهي. ان هوندي به ٿرين جو ان جي تاثير ۾
انڌو اعتماد آهي ۽ هو ان تي عمل ڪندا رهن ٿا. ۽
جيڪي پيئڻ نه ڪيو هوندو آهي، سو هي ڪري وجهندا
آهن. ريگستان جي ڪن علائقن جا ٿري پيڻ کان ايترو
ته ڊڄندا آهن جو سڄي سڄي رات باهه يا بتي ٻريل
رکندا آهن. ٿر ۾ مينهن کان پوءِ نانگ گهڻو ڪري
چوئنرن جي ڇتين ۾ وڃي پناهه وٺندا آهن. سو ٿري ڇت
هيٺان ڪپڙو ٽنگي ڇڏيندا آهن ته جيئن نانگ چوئنرن ۾
هيٺ نه اچي ڪِرن. ٿرپارڪر ۾ سخت برساتون پونديون
آهن ته ڏاڍا نانگ نڪرندا آهن ۽ سخت خطرو ٿي پوندو
آهي. 1934ع ۾ گڏڙي ۾ پيڻ بلا ايتري ته گهڻي نڪتي
هئي ۽ ماڻهو ۽ ڍور ٻئي ايترا گهڻا ماريا هئائين جو
ٿري هندو ڪجهه وقت لاءِ ڳوٺ ئي ڇڏي ويا هئا. 1930ع
۾ سکر ضلعي اندر سنڌوءَ جي ٻوڏ دوران مڇر جي ڪري
به لڏپلاڻ ٿي هئي. تڏهن ٻيلن واري تر ۽ ڪچي ۾
ايترا ته گهڻا مڇر ٿي پيا هئا جو ماڻهن توڙي ڍورن
جو جيئڻ حرام ٿي ويو هو. پيڻ ۽ ٻيون بلائون کٻڙ
(سئلواڊورا پرسيڪا)، ٿوهر (يونوربيا نيريفوليا) ۽
ڪِرڙ (ڪئپاريس ائفلائلا) جي پاڙن ۾ سياري ڪاٽڻ جون
شوقين آهن. هڪڙي ڀيري مون ڪراچي ضلعي اندر گهاري
جي ڀرپاسي ۾، جتي کٻڙ گهڻو ٿئي ٿو، رڳو هڪڙي کٻڙ
جي پاڙ مان 7 نانگ 3 پيڻ ۽ 4 لنڊيون ڪڍيون هيون.
سنڌين ۾ هڪڙو ٻيو اعتماد هيءُ آهي ته بي ضرر ڪئو
نانگ، ڌمڻ جو پڇ زهريلو ٿئي ٿو، ۽ جنهن عضوي کي ان
جو ڌڪ لڳي ٿو، سو هوريان هوريان سڪي بيڪار ٿي وڃي
ٿو. ڪي ته ائين به سمجهندا ته انهيءَ نانگ جي پڇ
لڪڻ کي لڳندو ته اهو به زهريلو ٿي ويندو ۽ ماڻهوءَ
کي اهو زهريلو هنڌ جتي ڇُهندو اتي زهر ڇڙهي ويندو.
ڏيڏر ۽ ٻيا جل ٿل واسي:
جل ٿل واسي ساهوارن (بئٽراڪيا) ۾ ڏيڏر ۽
ڏيڏار (ايڪوڊيٽا)، نيوٽ، سلامئنڊر (ڪاڊيٽا) ۽
سئسيليئن (ائپوڊا) اچي وڃن ٿا.
سنڌ ۽ خيرپور جي علائقي ۾ نيوٽ، سلامئنڊر يا
سئسيلسئن ڪونه ٿين ڏيڏرن(Frog)
۽ ڏيڏارن (Toad)
جا به ڪي ٿورا قسم آهن. ڏيڏرن جون جيڪي ڇهه جنسون
ٿين ٿيون، تن مان فقط ٽي ذڪر جوڳيون آهن. وڏو ڏيڏر
(رانا ٽائيگرينا)، جو ساڍا ڇهه انچ ڊگهو ٿئي ٿو،
سو وڏي ۾ وڏو ۽ عام ۾ عام آهي. اهو اصل جل واسي
آهي ۽ گهڻو وقت پاڻيءَ اندر گذاري ٿو. اهي هر ڳوٺ
جي کوهه ۾ ٿيندا آهن ۽ توڻي جو کوهه مان نڪري نه
سگهندا آهن، تڏهن به اتي پڻ تيتروئي آرام سان
گهاريندا آهن. جيتروڪ درياهن، واهن ڍنڍن يا تلائن
۾ سامايل توڙي اڻ سامايل، ٻئي چڱا هٻڇي ٿيندا آهن
۽ ننڍن پکين، ويندي نانگن تي به حملو ڪندي ڏٺا ويا
آهن. پر جي ڪو نانگ جي ور چڙهي ويندو آهي ته اهڙو
روڄ راڙو ڪندو آهي جو بس. لاڙڪاڻي واري ريسٽ هائوس
جي باغ ۾ هڪ چڱيرڙو وڏو ڏيڏر ٽانڪيءَ جي ڇيڙي تي
تڙڪي ۾ ويٺو هو ته امالڪ هڪڙي چانهن (ڪورئسياس
بنگالينسس بنگالينسس) ڳٿڙ کان جهلي کڻي هڙپ ڪيس.
چڱي چوکي جاکوڙ کان پوءِ سڄو گڙڪائي ويس. سواءِ
پوين ٽنگن جي، جيڪي وات منجهان ايئن ٻاهر نڪتيون
پيون هيس. جيئن ڀوت جا ڪن. چانهن جي شڪل اهڙي ٿي
وئي هئي جو ڏسي کل ٿي آئي ۽ ڏيڏر جي ٽنگن کي
ڳڙڪائڻ لاءِ ان جي لُڇ پڇ به ڏسڻ وٽان هئي. نيٺ
هڻي اهي به ڪيائين، پر سڄي آڦرجي پئي ۽ کنڀ کنڀ
ڪانڊار جي ويس. طعام ته ڏيڏري کاڌو هئائين، پر
ائين ٿي لڳو ڄڻ کائي ڦاٽي هجي.
پاڻي ٽپڻو ڏيڏر (رانا سيانوفلڪٽس) ساڍا ٽي انچ وڏو
ٿئي ٿو ۽ تلائن، ڍنڍن جي تانگهارن، پاڻيءَ ٻڌل
ٻنين، ڳوٺ جي ٽانڪين ۽ ويندي ٻرن جي اندر بيٺل
کاري پاڻيءَ جو ڏيڏر آهي. پاڻيءَ جي مٿاڇري تان
ترڪندو هليو ويندو آهي. هيءَ انهيءَ جنس جي ڏيڏرن
جي خاصيت آهي. اسٽريچن وارو ڏيڏر (رانا اسٽريچني)،
تي اهو نالو جي. اسٽريچن پٺيان رکيو ويو آهي، جنهن
کي هيلر وٽ هٿ آيو هو هي ڏيڏر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي
ته رڳو سنڌ ۾ ٿئي ٿو، هي ننڍڙو ڏيڏر آهي، جنهن جا
اڳيان پير پوريءَ طرح ڇٻو ٿيل نه هوندا آهن. ان
بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪانهي.
سنڌ ۽ خيرپور ۾ ڏيڏر جون فقط ٻه جنسون ٿين ٿيون،
يعني اينڊرسن وارو ڏيڏر (بيوفواينڊرسني) ۽ عام
ڏيڏار (بيوفو اسٽائڪيوٽس). پهرين جنس ٽي انچ وڏي
ٿئي ٿي، ٺٽي ۽ جنگشاهيءَ وٽ تلائن ۾ ڏٺي وئي هئي.
ان بابت سواءِ ان جي ٿوري ڄاڻ آهي ته اهو عربستان
۽ هندستان ۾ به ملي ٿي. ٻي جنس اها آهي، جيڪا رهڻ
جي جاين ۾ گهڙي اچي ٿي ۽ اڻ ورهايل هندستان ۾ عام
ٿيندڙ آهي. هيءُ ڏيڏار ڇهه انچ وڏو ٿئي ٿو ۽ پهڻن
هيٺان، ڏرن اندر، کوکن هيٺان، سچ پڇ ته هر اهڙي
هنڌ ملي ٿو، جتي پاڻ لڪائي سگهي.
انهيءَ ڏيڏار کي خبرداريءَ سان هٿ وجهڻ کپي، ڇو ته
ان جي هسياري کل مان هڪ ڪُرائيندڙ رطوبت خارج
ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري ڪتا انهيءَ ڏيڏار کي کڻندا
آهن ته وات ۾ ڳڦ ٿي پوندي اٿن. هيءُ ڏيڏار به
ايترو ئي بي ڊپو ۽ پيٽوڙي آهي، جيتروڪ ان جا ٻيا
هم جنس. مون اهڙن ڪيترن ڏيڏارن کي ڏٺو آهي، جي
ريسٽ هائوس جي ورانڊي ۾ پيل لالٽين جي چوڌاري
اوڪڙو ويهي وسڪاري جي ڪري اڏامندڙ جيتن جا جيڪي
هشام نڪرندا هئا ۽ لالٽين جي روشنيءَ تي ڀنڀلجي
ايندا هئا، تن کي کائي کائي ڦوڪجي ويندا هئا. اهڙن
موقعن تي جيت روشنيءَ تي اصل ڳاهٽ پيا ٿيندا آهن ۽
منجهائن گهڻا ظاهر بنا ڪنهن سبب جي پنهنجا کنڀ
ڇاڻي ڇڏيندا آهن. اهڙي ئي موقعي تي مير خان ۾ هڪڙو
سهڻو کپر اتي اچي نڪتو ۽ جائزي وٺڻ کان پوءِ هڪڙو
ڏاڏار جهلي هوريان هوريان ڳڙڪائي ويو. ساهي پٽي
وري ٻيو جهليائين، جنهن کي ڳڙڪائڻ کان پوءِ ساڻو
ٿي پئجي رهيو. جيت مٿان پئي پيس ۽ اڃا ڏيڏار ٿڏي
تي موجود هئا ۽ مزي سان جيت ٿي کاڌائون. ان جي ڪا
ڪاڻ ڪانه هين ته اهو کپر اڃا اُتي آهي، جنهن سندن
ٻه همراهه ڳڙڪايا آهن، مون ويٺي تماشو ڏٺو. جڏهن
سمجهيم ته هاڻ وڌيڪ ڪجهه نه ٿيندو، تڏهن وڃي
ڏيڏارن جو پاسو کڻندي کپر کي پورو ڪري ڇڏيم. ان
جيڪي ٻه ڏيڏار ڳڙڪايا هئا، تن کي لعاب جو چڱيءَ
طرح ليپ آيل هو ۽ ساهه بنهه ڪونه هون. کپر سان به
ساڳي حالت هئي. ڏيڏارن جا ڪرائيندڙ رطوبت خارج ٿي
ڪئي، تن کين کپر جي حملي کان ڪين بچايو ۽ نه ئي ان
جو نانگ تي ڪو اثر ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مري لکي ٿو ته:
هن انهيءَ ڏيڏار کي هڪ پٽان پٽيي نانگ جو ۽ پنهنجي
هڪڙي هم جنس جو کاڄ ٿيندي ڏٺو هو.
ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته انهيءَ ڏيڏار جي ڪُرائيندڙ
رطوبت ان کي سڀني حالتن ۾ حملي کان ڪونه بچائيندي
آهي.
مڇيون
سامونڊي مڇيون:
سنڌ جي علائقي جو سامونڊي ڪپر راس مئاري (راس
مانزي) لڳ حب نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي ڪڇ لڳ سير
کاريءَ تائين پکڙيل آهي.
گِذريءَ کان سيرکاريءَ تائين هيءَ ڪپر- ليڪ 120
ميل ٿيندي. هيءُ سمورو ڪپر سامونڊي کارين جهڙوڪ
ڪورنگي، جهاري، پٽي، کوبر، مل، ڪجهر ۽ ٻين ڪيترين
سان اِنگڙ ونگڙ لڳو پيو آهي. اهي سڀ هڪٻئي سان آڏن
ٽيڏن واهڙن جي هڪ مها ڄار وسيلي ڳنڍيل آهن، واهڙ،
جي ڪيئي ميل خشڪيءَ اندر هليا وڃن ٿا ۽ جي اوڀر جو
شايد وڏي ۾ وڏو ۽ منجهائيندڙ ۾ منجهائيندڙ
مونجهارو ٺاهين ٿا، ڇا لاءِ جو زمين جي ڪابه سروي
هوائي فوٽن کان سواءِ هن منجهيل گنڊگوڙ جي صحيح
پيمائش نه ڪري سگهندي.
سنڌوءَ جي ڪيٽي صدين کان گهڻي ڦرندي گهرندي رهي
آهي. درياء جون پراڻيون ڇاڙون جهڙوڪ پُراڻ، ريڻ،
ڦليلي، گهارو ۽ بگهاڙ، هاڻ ڇاڙون نه رهيون آهن.
1819ع واري زلزلي ڪيٽيءَ جي مهانڊي ۾ وڏي ڦيرڦار
آندي هئي. ڪيٽيءَ جي هاڻوڪي نوڪ سانول پور کان ڪي
اٺ ميل هيٺ تي اوچتو (حجامڙو) ۽ مٽڻيءَ (حيدري) جو
دوشاخو آهي. ڪيٽيءَ جو پايو مکيه شاخن، حجامڙو ۽
حيدري، جي وچ واري اِنگڙ وِنگڙ ڪپر ليڪ آهي. اهي
ٻئي شاخون ڏکڻ ۾ اڳتي هلي ڪيترين وڏين کارين ۾
ورهائجي وڃن ٿيون، جن مان ڪن جا نالا ترشيان،
قلندري، ڪهر ۽ مل آهن.
سامونڊي وِير جو اثر انهيءَ هنڌ کان، جتي سنڌوندي
دوشاخي ٿئي ٿي، ڪو گهڻو مٿي محسوس نه ڪيو ويندو
آهي: تنهن هوندي به مٺي پاڻي تي کاري پاڻيءَ جي
غلبي (سواءِ وير جي آلڙ واري وقت جي) انهن آباديءَ
لائق زمين تي تمام هاڃيڪار اثر وڌو آهي، جيڪي
سنڌونديءَ جي هيٺئين وهڪري جي پهچ هيٺ آهن.
سامونڊي ڪپر لڳ مهاڻن جا جيڪي ڳوٺ آهن، تن ۾ مکيه
ڀٽ، بابا، گذري، ابراهيم حيدري، ريڙهي، ڪيٽي بندر،
جاديواري ۽ سرگنڊا آهن.
سنڌ علائقي جي حد اندر سمنڊ ۾ هڪ ئي وقت هزارين
مڇين جي مرڻ جو سبب سمنڊ ۾ هيٺ شايد آتشي مول منڊ
جي اٿل پٿل آهي، جنهن جو خاص سبب زهريلين گئسن جو
خارج ٿيڻ آهي.
انهيءَ نوعيت جو هڪڙو واقعو 1849ع ۾ پوربندر
(ڪاٺياواڙ) جي ڪپر کان ٻاهر سمنڊ ۾ رونما ٿيو هو ۽
هزارن جي تعداد ۾ زهر ماريل مڇيون ڏينهن جا ڏينهن
پاڻي جي مٿاڇڙي تي لڙهنديون رهيون هيون.
اي. ايڇ. اي. وارو رڪارڊ:
”مئي 1905ع ۾ ڪلفٽن واري ڪناري تي مئل مڇيون ايتري
ته گهڻي تعداد ۾ لڙهي آيون هيون جو 5 کان 10 فوٽ
ويڪرو ۽ ڪيئي ميل ڊگهو ڍير ٺهي پيو هو.“
”ڊسمبر 1929ع ۾ ٻيڙي تي ڪراچيءَ ٻئي آياسين ته
حجامڙي واري شاخ جي ڇوڙ وٽ هڪ وڏي ٻيٽ جي پاڻي ليڪ
تي هزارين ٿورن انچن کان وٺي فوٽ تائين وڏيون مئل
مڇيون پکڙيل هيون ۽ جا ڳالهه مون کي ڏاڍي عجيب
لڳي، سا هيءَ هئي ته ڪينا ۽ ڊڊ پکي به اتي جام
هئا، پر اهي مئل مڇين جي طعام کي ويجها ئي ڪونه ٿي
ويا. وري 1934ع ۾ مون کي جاڙي شاخ ۾ ڪوٽ رتي وٽ ۽
ڪجهه پرڀرو اولهه ۾ پٽي کاريءَ کان پرتي اڪاب ٻيٽ
جي ڪپر لڳ پڻ ساڳي ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي هئي. مون ڪن
مهاڻن کان پڇيو ته اهي مڇيون ڦاسائي پوءِ بيڪار
سمجهي اڇلائي ڇڏيون اٿو ڇا. تنهن تي هنن وراڻيو ته
نه، البت ڪڏهن ڪڏهن ڪپر لڳ کارين ۾ ٻرندڙ گپ گاگي
نڪرندي آهي، جنهن جي زهر وگهي مڇيون مري وينديون
آهن.“
1945ع ۾ حب نديءَ جي ڇوڙ کان پرتي سمنڊ ۾ چرنا
نالي ٻيٽ ويجهو ساڳي طرح جو واقعو ٿيو هو ۽ فوٽ
تائين ڊگهين مڇين جا ڍير گڏاڻي لڳ ۽ مڪران جي ڪپر
لڳ پري مياڻي هور تائين ڪناري تي لڙهي آيا هئا.
ڊاڪٽر فرانسز ڊي، مڇين جا 224 قسم ڄاڻايا آهن، جن
مان 160 سامونڊي ۽ 64 مٺي پاڻيءَ جون مڇيون آهن.
ٻيا به ڪيترائي سامونڊي توڙي مٺي پاڻي جا قسم ضرور
هوندا، جي هو هٿ نه ڪري سگهيو هوندو.
هتي انهن قسمن جو ذڪر واجبي ٿيندو، جي کائڻ ۾ اچن
ٿيون يا ڪو ٻيو اقتصادي ملهه اٿن.
پٿون:
(اسٽروماٽيوس سائنيريرس) ۽ ڪارو پٿون (اسٽرو
ماٽريس نائيجر)، جي ٻئي مڇي جي دڪانن تي ’پاپليٽ‘
جي مشهور نالي سان وڪامنديون آهن. ٻئي کائڻ ۾
سوادي آهن. پهرينءَ مڇيءَ جو گوشت ٻيءَ جي گوشت
کان وڌيڪ نرم ۽ سوادي ٿئي ٿو. پاپليٽ روز ڪونه
ڦاسي ڪڏهن ڪڏهن ئي ملندي آهي.
گاڻو مڇي:
(ڊريپاني پنڪٽاٽا) لڳ ڀڳ پاپليٽ جهڙي ٿئي ۽ مهاڻا
وسوڙل گهرڌياڻين کي پاپليٽ چئي هيءَ مڇي مٿي ۾ هڻي
ويندا آهن. هن جو گوشت اصل پاپليٽ کان ڪسو ٿئي ٿو.
گور: (سائيبيئم گٽاٽم) يعني مڇي مارڪيٽ جي سرمائي
مڇي: هيءَ مڇي کائڻ جي سٺي آهي ۽ منجهس ڪنڊا به
گهڻا ڪونه ٿين. هيءَ چڱيءَ ڊگهي ٿئي ٿي. ڪڪڻ
(سائبيئم انٽرپٽم) ۽ ڪرگهڻ (سائبيئم ڪامرسوني)،
اهي ٻئي هڪ ٻئي سان ويجهي مشابهت رکندڙ قسم آهن،
انهن ٽنهي جنسن جو گوشت شوق سان کاڌو وڃي ٿو.
سنڌ جو مشهور پَلو ۽ بنگال جو هلسر (ڪلوپيا ايشا):
هيءَ مڇي، جا اولهه جي هِرنگ مڇيءَ جي ڪڙم مان
آهي، سا جيتوڻيڪ سالمن جيان، کاري پاڻي جي مڇي
آهي. تنهن هوندي به ٻچن ڪرڻ لاءِ درياهه ۾ هلي
ايندي آهي. سنڌوءَ ۾ وڃڻ کان اڳ وڏي تعداد ۾ گڏ
ٿيندا آهن ۽ انهيءَ وقت انهن کي سمنڊ ۾ ڦاسائي
سگهبو آهي، پر جڏهن اوڀاري لڏپلاڻ شروع ٿيندي آهي،
تڏهن کين سنڌونديءَ اندر هر سڻائي هنڌ ڦاسائي
سگهبو آهي. انهن کي ڦاسائڻ جو نمونو جيترو عجيب
آهي اوتروئي اصلوڪو آهي. اوڀاري لڏپلاڻ فيبروري،
مارچ ۽ اپريل جا مهينا هلندي آهي ۽ انهن مهينن
دوران سوين پلا ڦاسايا ويندا آهن ۽ وڃي امير توڙي
غريب جي دسترخوان جي زينت بڻبا آهن.
پلي ۾ ڪنڊن جو سرشتو ڏاڍو پيچيدو ٿئي ٿو، تڏهن به
اهو اوڀر جي سوادي ۾ سوادي مڇي آهي، اي ايڇ اي جي
چوڻ موجب، ”سنڌ ۾ يورپي توڙي ڏيهي ماڻهو هن مڇيءَ
کي دسترخوان جو سڀني ۾ لذيذ طعام ڪري سمجهندا آهن
۽ کڻي ان جي ڪنڊن جو سرشتو سراسري سمجهه واري
ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ اچي به وڃي، تڏهن به ان جي لذت
کان انڪار نه ڪيو ويندو.
جن اڳي ڪڏهن پلو نه کاڌو هوندو، تن لاءِ ان مان
لطف وٺڻ وڏي آزمائش ٿئي ٿي، جيڪڏهن صبر جو ڦل مٺو
ٿئي ٿو ته پوءِ تحقيق پلو وڏي نعمت آهي. پر هيءَ
طعام انهن لاءِ ناهي، جن کي ڇتي بک هجي يا جن کي
ريل پڪڙڻي هجي تاهم، پلي مان ٻيا به فائدا آهن.
هڪڙي ڏهر زميندار مون کي ٻڌايو ته هتي سڀني کي خبر
آهي ته ڪنهن بلوچ سردار وٽ ڪا واتراڌي شيدياڻي
آهي، پوءِ الائي به ڪهڙي مقصد لاءِ، سردار صاحب
مائيءَ کي پلو کارائيندو آهي ته جيئن منجهند جي
مانيءَ کان پوءِ ننڊ نه ڦٽائيس. اکيون ڇنڀيندي
وڌيڪ چيائين ته خان بهادر ويچاري جي اٽڪل ڪونه ٿي
هلي، ڇو جو جوڻس جي نڙيءَ ۾ جيڪي به ڪنڊا ڦاسندا
آهن سي هوءَ اڃا تائين ته هڪ هڪ ڪري ڪڍي ويندي
آهي.
پلي ۾ تيل گهڻو ٿئي ٿو، ان ڪري اصل مزو وٺڻو هجي
ته سڄو تازو کائجي. وڪري لاءِ پلي جي چڱي چوکي
تعداد کي لوڻ هنيو وڃي ٿو، پر لوڻ هڻڻ سان ان جو
اصل سواد نڪريو وڃي البت کِکَ باقي رهي ٿي، جا اصل
سنڌيءَ کي گهڻي وڻندي آهي.
سنڌ ۾ پلي ڦاسائڻ جو نمونو بنهه نرالو آهي، ۽ اي.
ايڇ.اي ان کي اهڙو ته سهڻو بيان ڪيو آهي جو سندس
لکت نقل ڪرڻ ڌاران رهي نٿو سگهان.
”سنڌين وٽ جيڪي بنهه اصلوڪيون ڳالهيون آهن، تن ۾
هڪ پلي جي شڪار جو عام نمونو به آهي. پلي ڦاسائڻ
لاءِ هڪ ڳوٿريءَ جهڙي ڄاري ڪم آڻيندا آهن، جا هڪ
تمام ڊگهي لڪڙي جي پڇڙي سان ٻڌل هوندي آهي. اهو
لڪڙو پڇڙيءَ وٽ ٻشانگو هوندو آهي. انهيءَ ٻيانيءَ
جون شاخون 5 فوٽ کن ڊگهيون ٿينديون آهن ۽ ڄاريءَ
کي ڪنهن وڏي پوپٽن واري ڄاري جيان، تيستائين کليل
رکنديون آهن، جيستائين انهن سان لڳل ٻٽي ڏور، ڇڪيل
رکبي آهي. جيئن ڏور ڍري ڪبي آهي، تيئن ئي ڄاري ڊهي
پوندي آهي.
”مهاڻو سوڙهي منهن سان هڪ وڏي ويڪري چاڏي تاري پاڻ
ان تي اهڙيءَ طرح ليٽي پوندو آهي، جو سندس پيٽ
چاڏيءَ جي منهن کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندو آهي.
پوءِ هو مزي سان لهوارو لڙهڻ لڳندو آهي ۽ پاڻ کي
واٽ سنئين رکڻ لاءِ پير هڻندو ويندو آهي، جهڙيءَ
طرح ارڌانگي ڪڇون پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. هاڻ لڪڙو
اُڀو جهلي ڄاريءَ وارو پاسو هيٺ ڪندا آهن ۽ ڏور کي
ساڄي هٿ سان ڇڪيل رکندا آهن. جيئن ئي پلو ڇوهي ۽
لڙاٽيل وهڪري خلاف ترندو ڄاريءَ سان اچي لڳندو
آهي، تيئن ئي مهاڻو ڏور ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ڄاري ڊهي
پوندي آهي ۽ وهڪري جي ڪري ويڙهجي سيڙهجي ويندو
آهي. هاڻ رڳو ايترو ڪرڻو هوندو آهي ته ڄاري ڇڪي،
ور مان لوهي ڪيرو ڪڍي پلي کي هڻجي ۽ ڄاريءَ مان
ڪڍي چاڏيءَ ۾ وجهي ڇڏجيس، اهو سڀ ڪجهه گوتي کائڻ
يا ٻڏڻ کانسواءِ ڪيئن ٿو ڪيو وڃي. سو بازيگريءَ جو
راز آهي. ڪڏهن ڪڏهن مهاڻو چاڏيءَ جي بدران تنبي جي
آڌار تي لڙهندو آهي، پر اهو سندس مرڪ نه آهي. جڏهن
مهاڻو پنهنجي حد جي ڇيڙي وٽ پهچندو آهي، تڏهن نڪري
ڪنڌيءَ تي ايندو آهي ۽ ڄاري ۽ چاڏي ڪلهي تي ڪري
پويان پير ڪري وري اچي ساڳي هنڌان پاڻيءَ ۾ گهڙندو
آهي. هتي هيءُ ڄاڻائڻ واجبي ٿيندو ته پلي ڦاسائڻ
جي ڄاريءَ جو اکو گهيري ۾ 2/71 انچ کن هوندو آهي.
انهيءَ ڪري ان ۾ رڳو چڱيرڙي وڏي مڇي ئي ڦاسندي
آهي.“
ٻچن ڪرڻ کان پوءِ پلو لهوارو تري سمنڊ ۾ هليو
ويندو آهي، پر تڏهن اهو بيحال هوندو آهي. نه سواد
هوندو اٿس. نه کِکَ، سو مهاڻا ڪونه ڦاسائيندا اٿس.
پاليمس انڊيڪس، پاليمس سيڪسٽاريئس ۽ پاليمس ريٽرا
ڊئڪاٽيلس، مڇيءَ جون اهي ٽيئي جنسون سنڌيءَ ۾
’سير‘ سڏبيون آهن، ۽ ڏاڍي شوق سان کاڌيون وينديون
آهن. ٽنهي جي ٻوري (اوجهري) سٺي ٿيندي آهي، خاص
ڪري انڊيڪس جنس جي. هيءَ جنس تمام گهڻي پسند ڪئي
ويندي آهي ۽ سٺي ٻوري جي ڪري سنڌي ’سرڦوٽائي‘
سڏيندا اٿس. پاليمس سيڪسٽاريئس کي بمبئي ۽ گوا
وارا ’رانوس‘ ۽ پاليمس اريٽرا ڊڪٽيلس کي سامونڊي
مهاڻا ’بامن‘ ڪوٺيندا آهن.
موري يا ڦار: (ميوگل
وئگينسس)، ڇوڏي (ميوگل ڊسومائري) ۾ لاڳاپيل جنسون
مڇي مارڪيٽ ۾ ’بوئي‘ جي نالي سان سڏيون وينديون
آهن. لڳ ڀڳ سٺو طعام آهن ۽ گهڻو ڪري جام ۽
سهانگيون ٿينديون آهن.
ڪرينيڊنيس انڊيڪس ۽ ڪرينيڊينس فارسڪالي، جن کي
سنڌيءَ ۾ ڪسي چون، سارگس ناڪٽ ڪرائسوفرس ساربا،
ڪرائسوفرس بائفئشياٽا ۽ ڪرائسوفرس برٽا، جي سڀ
ڍانڍيو سڏجن ٿيون، ۽ ڪجهه ٻيو اسپاريڊا ۽
ڊاياگراما نائيجرم، سنڌيءَ ۾ ’موئي‘، اهي سڀ ’پهڻ
مڇي‘ جي ڪڙم مان آهن ۽ مارڪيٽ ۾ ’اشٽون پش‘ جي
نالي سان وڪامنديون آهن. منجهائن ڪي کائڻ ۾ تمام
سٺيون ٿين ٿيون.
ڦاڻي:
(سائنا پٽورا اوئنٽالس) ڏاڍي نرم ۽ نازڪ مڇي آهي.
تمام لذيذ ٿئي ٿي ۽ شوق سان کاڌي ويندي آهي. کارين
جي ڦاڻي ڀلي ٿيندي آهي.
ڇئل:
(پلاگوشيا بلائنيٽا) ۽ ڦاڻيءَ جهڙي هڪ ٻي جنس،
جنهن کي ’حجم‘ سڏين، سي وڪامنديون ته آهن پر اصل
ڦاڻيءَ کان ڪسيون ٿين ٿيون.
بمالوهه:
(هارپوڊان نهيرئيس) سُڪائي کائبي آهي ان جو ٻوڙ
سٺو ٿئي ٿو ۽ سڀ ماڻهو چاهه سان کائيندا آهن. هيءَ
رڳو مند تي ملندي آهي ۽ گوا وارن جي ’ليڊي فش‘
وانگر ڪڏهن ڪڏهن ئي جام ٿيندي آهي.
لوڙم:
(ڪلوپيا لانجي سيپس)، جنهن کي مرهٽيءَ ۾ ’تارلي‘
چون، سا تنهن زماني ۾ ڦاسندي آهي، جنهن زماني ۾
اها وڏا جوها ڪري سنڌ جي ڪپر ڏانهن ايندي آهي.
غريب غربي کي هيءَ مڇي ڏاڍي وڻي ۽ تمام سوادي
هوندي به اميرن ۽ ’نڪ چڙهين‘ جي دسترخوان تي ورلي
نظر ايندي آهي، جو اهي ان کي گهٽ ۽ خسيس، رڳو سڃن
سکڻن جو کاڌو ڪري سمجهندا آهن.
ڪلوپيا ڪاپرا، جنهن کي سنڌي ’ننڍو پلو‘ سڏين، سا
لائجيسيپس جيان هيرنگ مڇي جي ڪٽنب مان آهي. اهو
ايترو وڏو نٿو ٿئي. جيترو اصل پلو (ڪلوپيا ايشا) ۽
9 يا 10 انچن کان وڌيڪ ورلي ڊگهو ٿيندو آهي. اهو
سنڌونديءَ ۽ ان جي شاخن، اوچتو ۽ مٽڻي، ۾ ملي ٿو.
ڪلوپيا فمبرياٽا، ڪلوپيا لائيل ۽ اينگرولس
ملباريڪا، سنڌي ڪاريٿري يا ڦنڊڻ، اهي سڀ ميرنگ جي
ڪٽنب جون مڇيون آهن، لئار مڇي ڪري وڪيون وينديون
آهن. مئڪرال (مائڪرو ليپيڊوٽس اسڪامبر) جنهن کي
مرهٽيءَ ۾ بانگدا چون تنهن جيان هي به جام ملن
ٿيون ۽ سهانگيون ۽ کائڻ ۾ ڀليون آهن ان هوندي به
وڏن ماڻهن جي دسترخوان تي اچڻ لائق نه ڄاتيون
وينديون، رڳو انهيءَ ڪري جو اهڙي سستي شيءِ کائڻ ۾
هو پنهنجي گهٽتائي سمجهندا آهن.
ڍانگرو:
(ليٽس ڪئلڪاريفر)، جا درياهه جي ڇاڙن ۽ اونهي پاڻي
جي کارين اندر ملي ٿي، سا ڀلي ۽ ڳري مڇي آهي ۽ 5
فوٽ کن ڊگهي ٿئي ٿي. هيءَ پنهنجي غذائيت جي ڪري
ڏاڍي پسند ڪئي وڃي ٿي.
گسر:
(سيرانس لينسيولاٽس) ۽ ڊمبو (سيرانس ڊايا ڪئٽس)
توڙي ڪٽنب جون ٻيون مڇيون، سٺي ٻوريءَ جي ڪري
گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ هنن جو گوشت
ڪي قدر کهَرو ٿيندو آهي، تڏهن به کائڻ ۾ لذيذ ٿين
ٿيون.
دوٿر:
(پرسٽي پوما هئسٽا) چاهه سان کاڌي وڃي ٿي ۽ پارسين
جو مرغوب کاڌو آهي، باوجود ڪن ماڻهن جي انهيءَ وهم
جي ته، ان جو گوشت چٽي ڪري ٿو، هيءَ انهن وڏين
مڇين مان هڪڙي آهي، جيڪي لوڻي ڏيساور موڪليون
وينديون آهن.
شئنا سنا ۽ شئنا مائيلسن، جن ٻنهيءَ کي سنڌيءَ ۾
’سوڻا‘ چون، سي وڏي انداز ۾ لوڻ هڻي ٻاهر موڪليون
وينديون آهن. دوٿر ۽ ال
A’II
(ڪورينيمس سئنڪٽپيٽري) وانگر،
سوڻا مڇي پڻ وڏن جوهڻن ۾ چوماسي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ
جي ڪپر ڏانهن ايندي آهي. تڏهن ان کي هزارن جي
تعداد ۾ ڦاسائي روانگي واپار لاءِ لوڻيو ويندو
آهي. سٺي مند ۾ هڪڙي ڏينهن اندر انهيءَ مڇيءَ جا
2500 داڻا تائين لوڻجڻ لاءِ کڏي ايندا آهن.
گول:
(شئنا ايگزيلارس)، سنينا ڪئائٽر، شئنا گلوڪا ۽
ٻيون اهڙيون جنسون آهن، جن کي لوڻيو ويندو آهي ۽
اُچي قسم جي آنيءَ جي ڪري گهڻو پسند ڪيو ويندو
آهي.
سائلوريڊاءِ قسم جون سڀ مڇيون پڻ آنيءَ واريون
آهن، جن جو مارڪيٽ ۾ چڱو ملهه ٿئي ٿو. کارين ۾ کڳن
جو شڪار ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو ٻوريءَ لاءِ ڪيو ويندو
آهي. آني (ٻوري) ڪڍي باقي مڇي اُڇلائي ڇڏيندا آهن.
ڪن مڇين جون هوا نليون ڇيڙهه ٺاهڻ جي ڪم اينديون
آهن ۽ چڱي مقدار ۾ يورپ ۽ چين موڪليون وينديون
آهن.
ڪنگو:
(بيلوني اسٽرانگيليورا) به جام ٿئي ٿي، پر ان ۾ ڪو
خاص فائدو ڪونهي. ان کي کائڻ مهل ڪنڊيءُ ۾ گانگٽ
يا جهينگو وجهي سولائيءَ سان ڦاسائي سگهجي ٿو. مون
هيءَ مڇي ڪياماڙيءَ ۾ وير جي چاڙهه وقت هڪٻئي
پٺيان ڦاسندي ڏٺي آهي.
کڳو:
(آرئيس ٿئلاسينس) ۽ انهيءَ قسم جي ٻين مڇين: منگرو
۽ مور منگر سان ڪڇين، مهاڻن، شيدين ۽ مڪرانين کي
ڏاڍي رغبت آهي. خاص ڪري منگري جو کهرو گوشت تمام
طاقت وارو سمجهيو وڃي ٿو. وڏو تعداد لوڻي ڏيساور
اُماڻيو وڃي ٿو.
منگري:
سانگوس ۽ مور منگر جا کنڀڙا لوڻي چين ڏانهن موڪليا
ويندا آهن. انهن مڇين جي جيري مان جيڪو تيل ڪڍيو
وڃي ٿو، سو تمام قيمتي هوندي به عام طرح ٻاهر ناهي
موڪليو ويندو، ڇاڪاڻ جو اهو گهڻي ڀاڱي مڇي مارڻ جي
ٻيڙين وغيره جي پٺانن ۾ ترن کي مکڻ لاءِ ڪم آندو
وڃي ٿو.
گپ ٽپڻي مڇي (پيريوف ٿالمس)، جنهن جا تارا ٻاهر
نڪتل هوندا آهن، سا وير جي آثر وقت کارين اندر گپ
تي اصل ڳاهٽ اچي ٿيندي آهي، ۽ رولو ڪتن ۽ سامونڊي
ڄاهن لاءِ رونشو ٿي پوندو آهي. اهي کڏي لڳ لياريءَ
جي ڇوڙ وٽ هن مڇيءَ جي ڪڍ گپ ۽ ليءَ ۾ ٿاڦوڙا
هڻندا وتندا آهن.
اونهي سمنڊ ۾ مڇي ڀنُ ڇڪي ماري ويندي آهي. ان لاءِ
جيئرو يا مئل چارو، جهينگو يا مڇي، کڻندا آهن ۽
سرندي آهر ٻيڙي يا لانچ ڪم آڻيندا آهن.
سٺي ۾ سٺو شڪار حب نديءَ ڇوڙ کان پرڀرو چرنا ٻيٽ
وٽ ملندو آهي.
ڪپر تي ويهي مڇي مارڻ جو شوق سڀني طبقن کي آهي.
اهڙيءَ طرح خاص ڪري پاٽ مڇي ڦاسائيندا آهن. هاڪس
بي، باليجيءَ تي ويندي راس مئاريءَ وٽ بتي گهر
تائين گوج ۽ ٻيون سامونڊي مڇيون چڱيون ڦاسنديون
آهن.
مٺي پاڻيءَ جون مڇيون:
ڊاڪٽر ڊي، مٺي پاڻيءَ جي مڇين جا 64 قسم ڄاڻايا
آهن، جيڪي کيس درياهن، پاڻيءَ جي ڌٻن ۽ ڍنڍن مان
هٿ آيا هئا.
سڻائي ۾ سڻائي وقت تي نمونن هٿ ڪرڻ لاءِ مڇي مارڻ
جو کائتو ڪم آهي، سو ضرور مٺي پاڻيءَ جي مڇين جا
ڪيئي قسم اهڙا به هوندا، جي هن کي هٿ نه آيا
هوندا.
مکيه وسيلو درياهه ۽ ڍنڍون آهن: سنڌوندي ۽ ان جا
واهه، حب ۽ باران جهڙيون غير مدامي نديون، جن کي
ٽڪرن تان وهي ايندڙ ڇرن جو پاڻي ملندو آهي، سي ڳري
برسات کان پوءِ وهنديون آهن، ۽ نيون جيڪي کيرٿر
ڇپر کي چيرينديون سنڌ ۾ ميدان ۾ اچي پونديون آهن،
جهڙوڪ: کينجي، سيتا، دلان، سالاري، گاج ۽ نئنگ.
سنڌ ۽ خيرپور ۾ سنڌو ندي ئي اهڙي ندي آهي، جا منڍ
کان وٺي سمنڊ تائين سڄو سال وهي ٿي. ٻيون سڀ نديون
يا نيون مندائتيون آهن ۽ رڳو برسات تي ڀاڙينديون
آهن. ڪي اهڙيون به آهن، جي ٻارهوئي سڪل رهن ٿيون.
درياهه جي پيٽ ۾ وڪڙن ۽ هيٺالهن اندر وڏا اونها
دُٻا ٺهي پوندا آهن، ۽ انهن مان هڪ، به يا وڌيڪ
پاڻ ۾ تانگهي واهي رستي ڳنڍيل به ٿي سگهن ٿا، يا
ماڳهين اهو ڳانڍاپو هڪ کان ٻئي ڏانهن ٿورو ٿورو
ڪري وهندڙ پاڻيءَ جي شڪل ۾ به ٿي سگهي ٿو.
وڏين ڍنڍن ۾ منڇر، ڪينجهر، سونهري، هاليجي ۽ هڏيرو
جا نالا وٺي سگهجن ٿا. اهي سڀ مدامي آهن. ڏٻا، سرو
۽ تروڙ به وڏيون ڍنڍون آهن، پر سول وارن ورهين ۾
انهن اندر تمام ٿورو پاڻي ٿئي ٿو. اهڙيون ننڍيون
ڍنڍون ته اڪيچار آهن، جن درياهن يا واهن جي اُٿل
سبب يا قدرتي هيٺالهن جي ڀرجڻ ڪري ٺهي پونديون
آهن. اهڙي هڪڙي ڍنڍ مڪران جي ڪپر تي سراندا نالي
آهي. ٽڪرين ۾ ڳري يا لاڳيتي برسات کان پوءِ جيڪي
نيون وهنديون آهن، تن جي ليٽ جو پاڻي وڃي انهيءَ
ڍنڍ ۾ پوندو آهي.
مٺي پاڻيءَ جون اڪثر مڇيون کائڻ جوڳيون آهن، سو هت
وڌيڪ اهم يا ڄاتل سڃاتل مڇين جو ذڪر ڪجي ٿو.
ڏنڀرو:
(لئبيو روهيٽا) عاليشان مڇي آهي، جنهن جي ڊيگهه ٽن
فوٽن تائين ٿئي ٿي. گوشت سٺو اٿس، پر سواد بعضي
بعضي گپ جهڙو ٿئس ٿو. هيءَ عام ڪري سڄي پاڪستان ۽
هندستان ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي.
سرهو:
(لئبر گونيئس)، ڏاهي (لئبيو ڪئلباسو) ۽ سڱاري
(لئبيو ڊايوڪيلس) اهي سڀ وڏيون مڇيون آهن ۽ ڏنڀري
سان ويجهي مائٽي اٿن.
موراکو:
(سرهيان مريگيل) ۽ ٿيلهي (ڪئٽلا بچاناني) پڻ ڏنڀري
واري ڪٽنب مان ۽ کائڻ ۾ سٺيون آهن. ٿيلهي تمام وڏي
ٿئي ٿي، ان جي ڊگهه ڇهه يا وڌيڪ فوٽ ٿيندي آهي، ۽
نسبتي طرح ڳري ٿئي ٿي.
انهن سڀني مڇين جو اصل گهر سنڌو ندي آهي، جتان اهي
ٻوڏن دوران ڍنڍن ۾ وڃي پهتيون آهن. اهي ڍنڍن ۾ ٻچا
ڪن ٿيون.
مندائتيون ڍنڍون اونهاري ۾ جيئن سُڪنديون ۽
سُسنديون وينديون آهن، تئين سوين وڏيون ۽ لکين
ننڍيون مڇيون ختم ٿينديون وينديون آهن. وڏين جو
انت ته ماڻهو جي هٿان ايندو آهي. ۽ ننڍيون وري
واهن يا شاخن، ڪسين ۽ ڪڙين جي وهڪري سان وهي
وينديون آهن ۽ جيئن ته موٽي نه سگهنديون آهن ۽ ان
ڪري لکن جي تعداد ۾ ناس ٿي وينديون آهن.
کڳا ۽ سائلوريڊاءِ ڪٽنب جون ٻيون مڇيون، جن ۾
ڪيتريون وڏيون جنسون به شامل آهن ۽ جيڪي درياهه،
ڍنڍ ۽ واهه اندر مٺي پاڻيءَ جي مڇي مياڻين جو ملهه
۾ وڏو واڌارو ڪن ٿيون، تن ۾ ٻين سان گڏ کڳو (ريٽا
بچاناني) سڱاري (مکڪرونس ائور)، ملي، مولي يا
پوئڪي (ملاگو اَٽو) ۽ ڊمڻ (ڪاليڪرس باءِ
مئڪيوليٽس) اچي وڃن ٿيون.
خاص ڪري پويون ٻه مڇيون سولائيءَ سان ڦاسنديون
آهن. انهن کي ڪنڍيءَ ۾ سانپا، ڏيڏر يا پکين جا
آنڊا وجهي ڦاسائي سگهجي ٿو، اهي کائڻ ۾ سٺيون آهن.
ڄرڪو:
(اوفيوسيفالس اسٽرياٽس)، گوج (موسٽاسيمبلس
ارماٽس)، گڏڻ (نوٽوپٽيرس ڪاپيرٽ)، ڦنڊن (نوٽو
پٽيرس چيٽلا)، اهي سڀ گپ مڇيءَ جي ڪٽنب مان آهن ۽
گهڻين پن (ٽائيفا ايليفنٽينا) سان ڇانيل ڊاڀيري
ڍنڍن ۾ عام جام ٿين ٿيون.
کيرٿر ڇپر جي نين جهڙوڪ سيتا، دلان ۽ گاج جي دٻن ۽
حب ۽ باران ان مڇين جا 12 قسم هٿ آيا آهن، ۽ وسهڻ
۾ ايئن ٿو اچي ته ڪيترا ٻيا قسم به ضرور هوندا،
جيڪي هٿ نه اچي سگهيا هئا.
هٿ آيل قسم هي آهن:
لئبيو ڊپلواسٽوسس، سرهينا ڊيرو، سرهينا گوهاما،
سرهينا سنڊينسس، سرهينا ريبا ۽ سرهينا مرگانا، جي
سڀ ڏنڀري جي ڪٽنب مان آهن، بوٽيا ڊاريو، اسڪئفيوڊن
واٽسني، چيلا بوڪلائلا، ولاگو اٽو، نيما ڪيلس
سنئاٽس ۽ بارس ٽور.
باربس ٽور:
مشهور ماهيسر آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڪاريا چوندا
آهن. هيءَ مڇي حب نديءَ جي دُٻن اندر موچڪي ۽
لوهارڻيءَ جي وچ ۾، چڱي وڏي ڊيگهه ڪري وڃي ٿو.
ايم، مئڪڊونلڊ، ڊبليو، مئڪڊونلڊ، ڪرنل جي،
اينڊرسن، ڪرنل ڊبليو، ڊڪسيءَ، ڊبليو. هسٽيڊ، اي.
ڊليما ۽ ايڇ. ٿامپسن حب نديءَ جي دٻن منجهان ڪي
چڱيون ڳريون مڇيون ڦاسايون آهن.
مهاڻا ۽ مير بحر اڪثر ڪري لڌڙا ڌاري انهن کان مڇي
۽ ٻلهڻ کي دٻن ڏانهن ڌڪڻ ڌتارڻ جو ڪم وٺندا آهن،
جتي انهن کي سولائيءَ سان ڦاسائي يا ماري سگهبو
آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته پيڻ ۽ سلي پکي پڻ ڌاريا
ويندا آهن، جي ننڍي مڇي ڦاسائڻ جو ڪم ڪندا آهن.
انهن پکين جي ڦاسايل ننڍي مڇي کاريءَ يا مٺي
پاڻيءَ جي منهن وٽ آرپار ٽنگيل ڏور ۾ چاري طور
هنئي ويندي آهي.
مٿي جن مڇين جو بيان ڪيو ويو آهي، تن کانسواءِ
ٻيون به ڪيتريون ننڍيون ۽ ڪنڊر جنسون آهن. ماڻهو
توڙي اگهاڙا پيٽ ڇورا هٿن ۾ ڄاريون کنيو انهن جي
ڪڍ هوندا آهن. ريلوائي بند يا روڊ جي پاسي ۾، مطلب
ته جتي به پاڻي ڏسندا، اتي بيٺا هوندا، پوءِ اهو
پاڻي سسندڙ ڍنڍ جو هجي يا تڪڙو سُڪندڙ کڏ جو،
ويندي گوڏي جيڏي پاڻيءَ جي گپ مان پيرن يا هٿن سان
ڪوجهيون ڪُرڙيون کوٽي ڪڍڻ کان به نه مڙندا آهن.
بکيو پيٽ انگل مان نه ڄاڻي. جيڪي ملي سو بسّم
الله. |