سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:8 

باب نائون

ثـقـافـت

سنڌي ٻولي:

ملڪ کي مليل موروثي ورثن مان سنڌي ٻولي هڪ قيمتي ورثو آهي. رياست، هاڻوڪو ضلعو خيرپور، ۽ اڳوڻي سنڌ صوبي ۾ آبادي جي اڪثريت سنڌي ڳالهائي ٿي. جنهن خطي ۾ اها ڇانئيل آهي اتان جا رهواسي پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي فرق کان سواءِ سڀ طبقا گرامر جي بيهڪ ۽ ان جي خاصيت سان سنڌي ڳالهائين ٿا. سنڌي هڪ آڳاٽي ٻولي آهي. اها ٻهراڙي جي رهواسين، هارين ۽ ڌنارن جي وچ۾ بنيادي طور رابطي جي ٻولي آهي. سنڌي ٻولي جي اثر واري علائقي ۾ پراڻي سماجي ۽ سياسي ڍانچي جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ بدلجندڙ حالتون ان طرف اشارو ڪن ٿيون ته ويهين صدي عيسوي ۾ اڀرندڙ نون خيالن جي اظهار لاءِ ٻولي وٽ طاقت نه آهي.

سائنسي سکيا ورتل ماهرن ۽ عالمن جي گهٽتائي سبب سنڌي ٻولي جو جديد اڀياس معذوريءَ جو شڪار آهي. هن وقت جيڪي سنڌ ۾ عالم پيدا ٿي رهيا آهن اهي مختلف مضمونن جهڙوڪ لسانيات، ٻولي جي تاريخ، معنائن سان واسطو رکندڙ علم ۽ مقدس ڪتاب جي تشريح کان اڻ واقف آهن. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جنهن 1958 ۾ لاڏاڻو ڪيو، پنهنجي وقت جو واحد مڃيل سنڌي عالم هو ۽ آڳاٽي سنڌ جي ٻولي ۽ ادب کي عوام آڏو پڌرو ڪرڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. بهرحال هن جي دلچسپي اسلام تائين محدود رهي. هن وقت سنڌ ۽ خيرپور جي علائقن ۾ اهم ڌارائون سنڌي ٻولي جي ظاهري ويس تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. اهي مختلف ڌارائون سياسي، سماجي ۽ ادبي خانن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون.

هن وقت سنڌي ٻولي تي مکيه اثر انداز ٿيندڙ سماجي اثر سنڌ ۽ خيرپور جي علائقن ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي داخلا آهي، جنهن کي مهاجر سڏيو وڃي ٿو.

1951ع جي آبادي جي ڳڻپ مطابق سنڌ جي آبادي 4928057 هئي جن مان 3917836 (79.51) سنڌي ٻولي، 680816 (13.81) اردو ٻولي، 495482 (10.1%) بلوچي ٻولي، 17599 (0.4%) پشتو ٻولي، 12184 (0.2%) فارسي ٻولي، 2339 (0.05%) عربي ٻولي ۽ 924 (0.02%) بنگالي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا. 1951ع جي ڳڻپ جي سرڪاري انگن اکرن مطابق نين ٻولين سان گڏ هنن ٻولين کي مادري ٻولين طور رکيو ويو. گجراتي 97659 (2.0%)، راجستاني 69374 (1.4%) ۽ براهوي 22460 (0.5%)، گاڏڙ ساڏڙ ٻولين ۾ هندي 523 فرد، ڏکڻ هندوستاني ٻوليون 70 فرد ۽ اتر اولهه جون قبائلي ٻوليون 107 فرد ڳالهائي رهيا هئا. مهاجر پاڻ سان گجراتي ٻولي کڻي آيا. گهٽ ذات (Scheduled Castes) وارن جي راجستاني ۽ ڏکڻ بلوچ قبائلين جي مادري ٻولي براهوي آهي. مارواڙي ۽ سرائڪي، جيڪي ترتيبوار راجستاني ۽ سنڌي ٻولين جا لهجا آهن، مان هرهڪ جي دعويٰ آهي ته انهن جي ڳالهايندڙن جو ڳاڻيٽو 60،000 فردن کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۽ خيرپور جي علائقن ۾ ٻولين جي ورهاست جو وچور هيٺين جدول ۾ ڏنل آهي. ان ۾ ڳالهائيندڙن جو تفصيل پڻ شامل آهي.

 

ٻولي

 

دادو

 

حيدرآباد

 

لاڙڪاڻو

 

نوابشاهه

 

سکر

 

ٿرپارڪر

 

ٺٽو

 

جيڪب آباد

 

خيرپور

سنڌي

76.1

68.8

77.2

69.2

79.0

64.4

95.6

64.5

89.0

اردو

4.0

20.4

4.9

11.3

12.0

9.9

1.2

1.8

2.8

بلوچي

17.1

3.8

14.8

10.4

4.8

5.4

2.0

30.9

3.3

پنجابي

1.9

2.2

.5

6.2

1.9

6.5

.4

1.2

-

گجراتي

.2

3.7

.4

1.1

.7

6.6

.4

-

-

راجستاني

-

.7

-

1.1

.7

6.6

-

.1

.6

بروهي

.4

-

2.0

.2

.6

.1

-

1.1

-

پشتو

.2

.2

.1

.3

.3

.5

.3

.4

.2

فارسي

-

-

-

0.1

-

.1

-

-

-

ٻيون ٻوليون

-

-

.1

-

-

-

-

-

-

1951ع جي ڳڻپ جي انگن اکرن مطابق مهاجر، ڪڇي، اردو پنجابي، گجراتي، سنڌي، پشتو، راجستاني، بلوچي، فارسي، عربي، بنگالي، انگريزي، ڪشميري ۽ ٻيون ٻوليون پاڻ سان کڻي آيا. 55 لک مهاجرن مان 4 لک مهاجرن جي مادري ٻولي اردو هئي. جڏهن ته 70 هزار پنجابي، 15000 گجراتي، 4000 سنڌي ۽ 1.5 هزار پشتو ٻوليون ڳالهائي رهيا هئا. اهي سندن مادري ٻوليون هيون. سنڌي، جيڪا صوبي جي مُک ٻولي آهي، ڳالهائيندڙن جي ڳاڻيٽي ۾ 5.3 سيڪڙو گهٽتائي ئي جڏهن ته ڪل آبادي ۾ 11.9 سيڪڙو اضافو ٿيو. اها تبديلي هندن جي لڏپلاڻ سبب آئي جن مان اڪثريت جي اها مادري ٻولي هئي. عام ڳالهائي ويندڙ ٻوليون سنڌي، اردو ۽ انگريزي آهن. اردو جي پڙهندڙن جو ڳاڻيٽو 2.4% ۽ لکندڙ 2.2% آهن. انگريزي جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن جو ترتيبوار ڳاڻيٽو اسيڪڙ ۽ 0.9 سيڪڙو آهي. صوبي جي مُک ٻولي هئڻ سبب هر ضلعي ۾ سنڌي پڙهندڙ ۽ لکندڙن جو ڳاڻيٽو ٻين مِڙني ٻولين کان وڌيڪ آهي. دادو ۾ سڀني کان وڌيڪ ۽ ٿرپارڪر ۾ گهٽ آهن. شهرن ۾ دادو کي سرسي حاصل آهي. حيدرآباد ۾ گهٽ ۽ ميرپورخاص ان لحاظ کان پوئتي پيل آهي. ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ آبادي جو وڏو حصو مهاجرن تي مشتمل آهي ۽ اهي اڃان تائين سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نه سکيا آهن. اردو پڙهندڙن جي اڪثريت حيدرآباد، ٿرپارڪر، سکر ۽ نوابشاهه ۾ رهي ٿي جتي هندوستان کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مهاجر آباد ٿيا.

سنڌي تي مکيه مستند ڪ م لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي جلد اٺين ۽ حصي پهرين ۾ ٿيل آهي جنهن ۾ سنڌي ۽ لهنڊا جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻولي انڊو آرين ڪٽنب جي اتر- اولهه گروهه سان تعلق رکي ٿي. ان جي اولهه ۾ بلوچي ٻولي آهي جيڪا ايراني ٻولي سان ڪجهه واسطو رکي ٿي ۽ ان کان ڪنهن حد تائين متاثر به آهي. اتر ۾ لهنڊا ٻولي آهي جنهن سان ان جو گهرو تعلق آهي. لهنڊا نه رڳو سنڌ علائقي جي اتر ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر هڪ لک کان وڌيڪ مهاجر سنڌ ۾ پکڙيل آهن جيڪي اها ٻولي ڳالهائين ٿا. جيتوڻيڪ لهنڊا سان گهرو تعلق رکي ٿي. انتهائي اتر کان سواءِ سنڌي تي ان جو ايترو اثر نه آهي ۽ جيڪو اثر آهي اهو به لغت تائين محدود آهي. ٻي طرف سنڌي نه رڳو ڳالهائڻ ۾ لهنڊا تي اثر ڇڏيو آهي. سنڌ جي سرحد ڀرسان پنجاب جي علائقي ۾ به لهنڊا سنڌي ٻولي جو اثر قبول ڪيو. اوڀر ۾ سنڌي جو واسطو راجستاني ٻولي جي مارواڙي لهجي سان پيو. گفتگو جا ڪيترائي قسم آهن جيڪي سنڌي ۽ مارواڙي ٻولين جي ملاوٽ مان ٺهيا آهن. سنڌي ۽ مارواڙي جو تعلق انڊو- آرين ٻولين جي مختلف گروهن سان آهي ۽ تنهن ڪري اندروني لهجن سبب پاڻ ۾ جنم نه ٿين ٿيون. گڏيل لهجن کي ميڪانيڪي ميلاپ چئي سگهجي ٿو. ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ سنڌي ٻولي جو واسطو گجراتي ٻولي جي مختلف لهجن سان آهي. گجراتي، جيڪا انڊو آرين ٻولين جي وچين گروهه جي رڪن آهي، جو بنياد انهن ٻولين جي ٻاهرين نسل سان آهي جنهن جو سنڌي ٻولي پڻ هڪ حصو آهي. اها غائب ٻولي تنهن ڪري سنڌي جي مائٽن مان هئي ۽ ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ اسان جڏهن سنڌي گجراتي رابطي تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي ٻئي ٻوليون آزاداڻي نموني ملنديون نظر اچن ٿيون ۽ ان جو نتيجو سنڌي جي ڪچي جي مختلف لهجن ۾ ملن ٿيون. لهنڊا ۽ سنڌي گڏجي انڊو آرين ٻولين جو اتر- اولهه گروهه جوڙين ٿيون ۽ ڪيتريون ئي خاصيتون رکن ٿيون جيڪي انهن کي اتر- اولهه سرحدي صوبي ۽ خاص طور ڪشمير جي داردي ٻولين سان ملائن ٿيون. ڪشمير ۽ افغانستان جي وچ واري علائقي ۽ قراقرم ۽ هندوڪش جي جبلن جي لهوارين تي آباد قبيلا داردي ٻوليون ڳالهائين ٿا. داردي هندوستان- يوروپين ماڻهو آهن جيڪي پهريائين ٻڌمت جا پوئلڳ هئا ۽ هينئر شيعا مسلمان آهن. داردي ٻولين جو نسل اتر- اولهه پراڪرت مان نڪري ٿو جيڪي سنسڪرت جي ڪا سوشت گروهن جي تحفظ ۽ ٻين ابتدائي وصفن سبب ننڍي کنڊ جي انڊو- آريائي ٻولين کان مختلف آهي. جديد داردي ٻولين ۾ عقلي (Cerebral) ۽ ڏندن جي (Dental) اکرن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿو ڪيو وڃي لهنڊا جي ”ٿالي“ لهجي ۾ ”ڊي“ کي اڪثر ”ڊي ٻڙي“ ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ”ايس“ ۽ ”ٽي“ کي به ننڊيل ڪيو وڃي ٿو. هندي ٻولي ۾ اهڙو مثال ”تابا“ سنڌي مان ”ٽرامو يا هندي مان دينا“ پر سنڌي مان ”ڏيڻ“ آهي. پراڪرتي گرامر جي آڳاٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته وارچڊ اپڀرنش پراڪوت ۾ ڪجهه تبدليون آيون جن مان سنڌي نڪتل آهي. هنيئر اڪثر انڊو آريائي ٻوليون علت جي ٻن اکرن جي وچ ۾ ”ت“ جو استعمال نٿو ڪيو وڃي. پر لهنڊا ۽ سنڌي ٻولين ۾ ائين نه آهي. انڪري سنڌي ۾ ”پيتو“ پر هندي ۾ ”پيا“ يا سنڌي ۾ ”ڇٽو“ پر هندي ۾ ”ڇوا“، سنڌي ۾ ”ڪيتو“ يا ”ڪيو“ پر هندي ۾ ”ڪيا“، سنڌي ۾ ”ستو“ پر هندي ۾ ”سويا“.

سنڌي ۽ داردي ٻولين جي وچ ۾ تعلق ۽ سنڌي ٻولي جي قدامت جي شاهدي طور پراڪرت مان نڪتل ٻٽن غير علت اکرن جي استعمال جو طريقو اهميت رکي ٿو. ننڍي کنڊ جي اڪثر ٻولين ۾ ”ڀت (Bhat)“ ٿئي ٿو پر پنجابي ۽ لهنڊا ٻولين ۾ ائين نه آهي. انهن ۾ غير علت جي ٻٽن اکرن جو رواج آهي. مثال طور پنجابي ۽ لهنڊا ۾ ”ڀت (Bhat)“ آهي.

پر سنڌي ۽ داردي ٻولين ۾ اها حالت مختلف آهي. مثال طور ڪشميري ٻولي ۾ ”بَتُ“ ۽ سنڌي ۾ ”ڀَتُ (Bhat)“ آهي. اهو هڪ اهم نڪتو آهي جنهن جو رواج تمام آڳاٽي وقت يعني شهنشاهه اشوڪ (250 بي.سي) جي نقشن (Inscription) کان ملي ٿو جنهن مان سنڌي ۽ داردي ٻولين جي وچ ۾ تعلق جو اشارو ملي ٿو. سنڌي ٻولي جي ذاتي تلفظن جي جمع (Plurals) جو بنياد انهن اصلي جزن تي رکيل آهي جن سان مشابهت رکندڙ لفظ لهنڊا ۽ داردي ٻولين ۾ ملن ٿا. لهنڊا، سنڌي، ڪشميري ۽ داردي ٻولين ۾ ضميري لاحق (Suffix)  لفظن جو استعمال عام جام آهي.

سنڌي ٻولي جي هڪ اهم خاصيت آهي. اها پاڪستان جي ٻين هڪ يا ٻن ٻولين سان حصو پتي ڪري ٿي. يعني هر لفظ علت جي اکر تي ختم ٿئي. پراڪرتي گرامر جو ماهر مرڪن ديوا چئي ٿو ته سنڌي ۾ ڳالهائي ويندڙ اپڀرنش پراڪرت کي وراچڊ سڏجي ٿو. ان مان سنڌي ٻولي نڪتل آهي. عام اندازي مطابق سنڌي ٻولي جا چار لهجا آهن. معياري يا وچولو، سرائڪي، ٿري ۽ لاڙي. سنڌي لهجي طور سرائڪي جو ڪوبه وجود نه آهي پر ٻن ٻين لاسي ۽ ڪڇي لهجن کي ان فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي جا مخصوص اکر ”ٻ“، ”جهه“، ”ڌ“ ۽ ”ڳ“ آهن. اهي ڪجهه زور ڏئي اچاريا وڃن ٿا ۽ ڪجهه حد تائين ويجهن جزن جي رابطن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ حقيقت ۾ ٻٽن اکرن جي صورت ۾ آواز ڪڍيو وڃي ٿو جيئن ملڪ جي ٻين حصن ۾ رواج آهي پر اهو اکرن جي شروعات پڻ ظاهر ڪري ٿو. جيئن ”نٻل“ (ڪمزور)

”آج“ (اڄ)، ”وڏو“ (عظيم)، ”ڏٺو“. حقيقت ۾ سنڌي ۾ اهي ٻٽا اکر آهن.

        ضميري لاحق جي استعمال ۾ سنڌي ٻولي ڪشميري ۽ لهنڊا ٻولين سان حصي پتي ڪري ٿي. ڪشمير ۾ رڳو اهو فعل تائين محدود آهن ۽ لهنڊا ۾ ظاهري طور اسم، حرف جر ۽ فعل سان ڳنڍيل آهن. انهن جو استعمال فارسي ۽ عبراني ٻولين وانگر ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به حالت ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا. ماريم وغيره ضميري لاحق جا فاعل ”ماريو-س“ آهي.

  اوڀر جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻولي ۾ غيرقاعدي جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ ان سلسلي ۾ لهنڊا ۽ ڪشميري ٻولين سان ٽڪر کائي ٿي. لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي صفحي 128 تي اهڙي غير قاعدي جو ذڪر ڏنل آهي. عملي فعل (Active Verb) سان ضميري لاحق جو مونجهارو هيٺين مثالن جهڙوڪ ”ماريو- اٿ- م“ ۽ ”ماريو- هو- م“ وغيره ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

پنجاب ٻن بلڪل مختلف ٻولين داردي، جيڪا سنڌو ماٿري جي اوڀرندي حصي ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ وچين علائقي جي آڳاٽي ٻولي، جيڪا جديد اولهندي هندي ٻولي جي پدري ٻولي ۽ جمنا ماٿري جي اولهندي حصي ۾ ڳالهائي ويندي هئي، جي ميلاپ جي جڳهه آهي. پنجاب ۾ انهن هڪٻئي جو اثر قبول ڪيو. لهنڊا کي داردي ٻولي طور شمار ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ اولهندي هندي ٻولي جا جزا شامل آهن. جڏهن ته پنجابي، داردي جي اولهندي هندي ٻولي جو قسم آهي. ان جي ابتڙ اوڀر ۾ اولهندي راجپوتانه جي حفاظت هيٺ سنڌي ٻولي جو داردي ٻولين سان رشتو واضح آهي. سنڌي ٻولي راجستاني ٻولي ۾ جنم نٿي ٿئي. انهن سرحدي لهجن جو وجود صرف ميڪانيڪي ميلاپ سبب آهي.

اتر اولهه گروهه مقامي انڊو- آريائي ٻولين جو خارجي دائري جو رڪن آهي. ان خارجي دائري جا رڪن ڏاکڻي ٻوليون ميراٺي ۽ ٻولين جو اڀرندو گروهه اوريا، بنگالي، بهاري ۽ آسامي آهن. ڳالهائڻ جا نمونا، جيڪي اتر اولهندي گروهه جي ٻولين سان ڪوبه گهرو واسطو ڏيکارين ٿا. ٽي پهاڙي ٻوليون آهن. انهن جو سنڌي جيان بنياد داردي ٻولين سان ڳنڍيل آهي. سنڌي جي سڀ کان پهريائين جاءِ اپڀرنش پراڪوت والاري جنهن کي مارڪن ديوا (گرامر جو ماهر) مطابق وراچڊ سڏجي ٿو ڪجهه نشان ڇڏيا آهن. هن مطابق وراچڊ پيساچي ساڳي علائقي ۾ ڳالهائي وئي ۽ ان حقيقت تي زور ڏئي ٿو ته ڪيڪيا پيساچي ان سنسڪرت جو مُک حصو آهي. گنڌارا ۾ شهباز ڳڙهي ۽ مانسهره وٽ شهنشاهه اشوڪ (250 ق.م) جي دور جي پٿڙن جا ٻه نقش موجود آهن جيڪي ان ٻولي ۾ لکيل آهن جيڪا ان وقت ملڪ جي سرڪاري ٻولي هئي. اهو پالي جي لهجي جو نمونو هو ۽ موتيا تي خاصيتن سبب منفرد هو جنهن جو مشاهدو هينئر به داردي. لهنڊا ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڪري سگهجي ٿو.

سنڌي ٻولي عربي ۽ فارسي لفظن سان ٽمٽار آهي. جيڪا، ننڍي کنڊ ۽ وچ ايشيا ۾ عام حڪمراني جي ابتڙ، شين جا عام نالا مقرر ڪري ٿي. مثال طور ”جبل“، ”بصر“، ”ابو“، ”ٿوم“، ۽ ”شيءِ“ وغيره. خالص يا اڻ خالص سنسڪرتي لفظ جهڙوڪ ”سائين“، ”ڪڪڙ، ”حبس“، ”اپر“ هميشه سنڌي ۾ موجود رهيا آهن. حيدرآباد هڪ مثال (Model) ۽ وچولي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي، جيڪو سماج جو مرڪز آهي، خالص سنڌي آهي. ٺٽي کان ڏاکڻي طرف لاڙ جو لهجو موجود آهي، جنهن جي انفراديت ”هه“ اکر جو استعمال نه آهي. ڪڇ ۽ ٿر ۾ پڻ استعمال هيٺ ٻولي ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي منفرد لفظ موجود آهن. حيدرآباد ضلعي جي ٽن اترين علائقن کي اتر سڏجي ٿو ۽ اترادي لهجو، جيڪو شڪارپوري سان مشابهت رکي ٿو. ”هٽڙي“ ۽ ڪٺڙي لفظ ”هٽي“ ۾ ”ڪٺي“ جي جاءِ والارين ٿا. شڪاپور ۾ تلفظ جي ادائگي ۾ ان فرق سان گڏ ڪيترائي لفظ عام استعمال ۾ آهن جن مان اردو جو اثر ظاهر ٿئي ٿو جيئن ”کٽي“ بدران ”ڌوٻي“ ان علائقي ۾ هڪ مختلف لهجو جا ٽڪي يا سرائڪي موجود آهي. جيڪا ملڪ جي اتر جي ٻولي آهي جيڪو اڳوڻي پنجاب جو حصو آهي. ۽ سنڌي ان کي پنجابي لهجو سڏين ٿا. اها ٻولي مُک طور جاٽ، ڪجهه بلوچ قبيلا جهڙوڪ رند ۽ لغاري ۽ عباسي ڳالهائين ٿا. معلوم ٿئي ٿو اهو سنڌي، مارواڙي ۽ ٻين جزن جو مرڪب آهي.

اٻاوڙو جي زبان، جنهن بگڙجي شالي (Proverbial) صورت اختيار ڪئي آهي. شايد ان جو انتهائي نمونو آهي. ڪيترائي بلوچ پاڻ ۾ بلوچڪي ٻولي استعمال ڪن ٿا جنهن کي تلفظ جي بگاڙ ۽ غير محدوديت سبب فارسي طور ڄاڻايو ويو آهي پر حقيقت ۾ اها هڪ مختلف ٻولي ۽ آريائي گروهه جي ايراني ٻولي سان تعلق رکي ٿي. بروهي عام طور پنهنجي بروهڪي استعمال ڪن ٿا جيڪا دراوڙي ٻولين جي زبان آهي. باقي بلوچ ۽ بروهي سنڌي سمجهي ۽ ڳالهائي سگهن ٿا. افغان، مرهٽا ۽ گجراتي پاڻ ۾ پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا. اردو وڏن شهرن ۾ سمجهي وڃي ٿي ۽ انگريزي پڙهيل طبقو ڳالهائي ۽ پنهنجي لکپڙهه ۾ استعمال ڪري ٿو. عربي سنڌي آئيوبيٽا، فارسي صورتخطي جو اسريل نمونو، سنڌي لکڻي ۽ ڇپائي ۾ استعمال ٿئي ٿي. پر بنيا، جن 1947ع کان پوءِ سنڌ ڇڏي، اڃان تائين ناگري لپي، جنهن کي هندو سنڌي سڏجي ٿو. ڪاروبار ۾ استعمال ڪن ٿا. ڪجهه آڳاٽا ماڻهو فارسي ۾ لکپڙهه کي زندهه  رکيو ويٺا آهن.

سنڌي ٻولي سادن ۽ سٻاجهڙن ماڻهن جي ٻولي آهي جيڪي ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ زندگي گهاري رهيا آهن ۽ ٻهراڙي جي نظارن ۽ ڌنن کان واقف آهن، جتي کيتي ٻاڙي، ڌنارڪو ڪم ۽ خانه بدوشي زندگي جي نظام جو هڪ حصو آهي. اظهار جا ڪجهه طريقا سنڌي سهڻي نموني ادا ڪري سگهن ٿا. مثال طور احترام جو احساس، ارپنا ۽ مذهبي جوش ۽ جذبو. ڪيترائي کل خوشي جا ننڍا گانا اهڙي طرح ترتيب ڏنل آهن جيڪي موضوع سان مطابقت رکن ٿا. ان قسم جي ٻولي پهاڪن ۾ سهڻي نموني استعمال ٿيل آهي ۽ سنڌي ان کان محروم نه آهي. ڪيترائي سنڌي پهاڪا فارسي جي اثر هيٺ جڙيا آهن. انهن مان معنيٰ ڀريل دانائي، گهريلو خوشي ۽ جامع بلاغت ملي ٿي جيڪي اتان جي رهواسين جي زندگي جو حصو آهي. ڪيترائي پهاڪا ڇڻ ڇڻ (Jingles) جي روپ ۾ جڙيل آهن. سنڌي پهاڪن جو مثال هتي مهل موقعي سان ٺهڪندڙ هوندو: قرض وڏو مرض، دير پيا درست ٿيا، يار اهو جو اوکي ۾ ڪم اچي، ڪماليت کي زواليت، جيسين آس تيسين ساس، ڪارو منهن ڪتي جو، وئي سنگهڻ کي ڪن به ڪپائي آئي، گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي، جهڙو وڻ تهڙو ڦر، جتي هر اتي گهر. سنڌي جي ٻهراڙي ۾ ڳائجندڙ پهاڪن ۽ سماجي تحقيق لاءِ وڏو مواد موجود آهي. پر غير دلچسپي ۽ عالماڻي حس جي غير موجودگي سبب انهن زرخيز انساني تجربن جو ڦلهوڙ نه ٿي سگهي آهي.

ثقافت

سنڌي ادب: 1907ع جي گزيٽيئر واري ڇاپي ۾ ادب وارو حصو متاثر ڪندڙ انداز ۾ شروع ٿئي ٿو. ان ۾ بيان ڪيل آهي. ”ارڙهين صدي جي پڄاڻي تائين، جڏهن ٽالپر حڪمران بڻجي چڪا هئا، سنڌ علائقي ۾ ديسي ادب نالي ورلي شي موجود هئي ۽ حقيقت ۾ سنڌي ٻولي کي لکت واري ٻولي نه سگهجي پيو. يوروپ ۾ لاطيني ٻولي وانگر سنڌ ۾ فارسي کي علم ۽ ادب جي ٻولي جي حيثيت حاصل هئي. تاريخدانن، شاعرن ۽ فيلسوفن جو تعلق ايران، افغانستان يا وچ ايشيا جي مهاجرن ۽ ڪاهه ڪندڙن جي ڪٽنبن سان هو. سنڌ ۾ ترخانن ۽ ارغونن جي حڪمراني وقت برطانيه ۾ انگريزي ادب جو ايلزبيٿ وارو دور هو.

ادب کي مختلف موضوعن يعني تاريخ، شاعري ۽ اسلاميات ۾ ورهائي اسان تاريخ کي وڌيڪ اهميت لائق موضوع چئي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته سڌي تاريخدانن کان سواءِ اسان کي سنڌي تاريخ بابت ايتري ڄاڻ ملڻ ناممڪن هئي.

سنڌ جي آڳاٽي ادب بابت سڀ کان وڌيڪ چٽو ۽ متوازن نظريو سنڌي عالم ڊاڪٽر يو.اين.دائودپوٽو ڏنو آهي جيڪو هن ”سنڌي ماڻهو ۽ ترقي“ جي سري هيٺ هڪ ڪتابچي لاءِ لکيو ۽ 1954 ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف انفرميشن سنڌ ڇپايو. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ سنڌ صوبائي حڪومت جو اهو عظيم ڪارنامو هو ته ان اهو ڪتابچو ڇپايو. ڊاڪٽر دائود پوٽي مطابق ”دنيا جي ٻين ادبن وانگر سنڌي ادب جي شروعات پڻ شاعري سان ٿي جڏهن پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ڳائي ۽ لکي وڃڻ لڳي ته ان وقت سنڌي ماڻهو وحشي نه هئا ۽ اسلام جي تعليمات انهن جي ذهنن کي متاثر ڪيو ۽ صوفياڻي اثر انهن کي وڌيڪ روشن ڪيو. ان ڪري شروعاتي شاعري جيڪا اسان تائين پهتي ان ۾ مذهبي ۽ صوفياڻو رنگ شامل آهي. شروع ۾ اها محتاط ۽ تخيل جي اڏام کان وانجهيل هئي پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعرن جو سريلو وهڪرو، سوچ جي زبردست اڏام ۽ اظهار جي خوبصورتي ان کي منفرد بڻائي ڇڏيو.

آڳاٽي سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ اهم نالو شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو (1623-1537ع) جنهن کي ڊاڪٽر دائود پوٽي مطابق سنڌي شاعري جو ”وهائو تارو“ سڏي سگهجي ٿو. هن جي شاعري جو ڪو وڏو ذخيرو نه آهي ۽ رڳو 91 ڏوهيڙن، ٽن ٽيڙوئن ۽ هڪ بيت تي مشتمل آهي. هن جي خيال جي پهچ ۽ موضوع محدود آهي پر شاعري جي روحاني پرواز گهري اظهار جو اولڙو آهي جنهن لاءِ شاعري ۽ موسيقي سندس زندگي جو روح هئي. اها سوچ غير هموار ۽ کهري آهي پر احساس ۽ باطني حسن سان ٽمٽار آهي، بيت جامع، معنيٰ خيز، صوفياڻي سچ ۽ اخلاقي قدرن جي اُپٽار آهي. انهن مان ڏوهيڙا، جن کي شاهه عبداللطيف سؤ سالن کان پوءِ ڪماليت بخشي، پنهنجي عروج تي نظر اچن ٿا. عربي ۽ فارسي لفظن کان پاڪ احوال ان امر طرف اشارو ڪري ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ ٻين جا گهرا ۽ مخفي خيالن کي بيان ڪرڻ جي صلاحيت آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752- 1689ع) واحد شخصيت آهي جنهن جي وڏائي چار سؤ سال گذرڻ کان پوءِ به سنڌي ادب تي قائم ۽ واضح آهي. شاهه عبداللطيف کان اڳ غربت جو سبب سنڌي ٻولي جو هڪ ادبي اظهار جي ذريعي طور اڀرڻ ۾ دير هو. هندوستان جي مسلمانن تي اسلام پنهنجي حڪمراني قائم ڪري رهيو هو. ان وقت سڀ کان وڌيڪ اتساهه عربي ۽ فارسي جي عظيم روايتن مان مليو. اها حيرت جوڳي ڳالهه نه آهي ته سترهين صدي عيسوي جي پڇاڙي تائين اردو هڪ شاعراڻو اتساهه پيدا ڪندڙ ٻولي طور مڃتا حاصل نه ڪئي هئي. عدالتن ۾ فارسي ٻولي استعمال هيٺ هئي. فارسي ادب اظهار جو ذريعو هو. پڙهيل طبقو عربي ۽ فارسي ۾ لکندو هو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪنهن به عظيم اصلي نظريي جو خالق سڏي نٿو سگهجي پر پنهنجي پڙهيل طبقي ۾ موجود مذهبي فلسفي کي اعليٰ نموني پيش ڪيو.

اعليٰ پايي جو سنڌي عالم مرزا قليچ بيگ (1929-1855) سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسوي ۾ سنڌي ادب جي حالتن تي تمام گهڻو لکيو آهي. پنهنجي ڪتاب ”آڳاٽي سنڌ“ ۾ هن ٺٽي جي عروج واري زماني جي لکيل ماڻهن جو احوال ڏنو آهي. شاهڪار ڪتابن جا موضوع گهڻي ڀاڱي مذهبي، سچي مسلمان جا فرض، تاريخ ۽ فارسي طرز تي سنڌي شاعري هئا. ان وقت جي لکارين ، جيڪي ان وقت جا وڏا عالم هئا. ٻهراڙي جي ٻولي ۾ لکڻ بدران فارسي ۽ عربي ۾ قلم وهايو. ان خطي، جنهن ۾ مسلم مذهبي نظريو مضبوط هو، ۾ اهو ناگزير هو ته مذهب ۽ تعليم گڏ پرورش حاصل ڪن ڇاڪاڻ ته آڳاٽي سنڌ جو پڙهيل طبقو سيدن، قاضين، ملن يا انهن ماڻهن تي مشتمل هو جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح قرآن پاڪ يا مذهبي تعليم سان واڳيل هئا. ملن، آخوندن ۽ استادن جي نگراني ۾ هلندڙ مڪتبن ۽ مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. ميمڻ، هڪ مسلم طبقو جيڪي اصل ۾ ڪڇ علائقي جا رهواسي هئا،(علمي سرگرمين ۾ دلچسپي سبب برٽن جي مطابق) انهن ڪيترائي عالم پيدا ڪيا جن ملڪ ۾ مذهبي سائنس جو علم ڏنو. مرزا قليچ بيگ ٺٽي جي عروج واري زماني جي عظيم عالمن جي هڪ ڊگهي فهرست ڏني آهي. انهن جي علميت ۽ عالميت جي معيار جو هينئر اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي محنت جو ڪجهه اثاثو اسان تائين پهتو آهي. شاعرن ۽ لکارين جي فهرست ۾ ڪيترن ئي انسانن جا نالا شامل آهن. شاعري، تارن جو علم، طب، لسانيات، لپي ۽ اهڙا ٻيا مضمون مقالن جا موضوع هئا. علم جا مکيه مرڪز ٺٽو، مٽياري ۽ روهڙي هئا جيڪي سيدن ۽ مقبرن ۽ مسجدن سان واڳيل پرهيزگار انسانن جو مسڪن هئا. ان وقت جي علم جي اها خاصيت هئي ته لکارين جو تعلق انهن ڪٽنبن سان هو جيڪي لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا. اهي پيدائشي سنڌي نه هئا. ارغونن جي دور ۾ ان قسم جو پڙهيل طبقو سنڌ ۾ داخل ٿيو جيڪو اها ٻولي لکي ۽ ڳالهائي سگهي پيو جيڪا عالمن جي استعمال هيٺ هئي. اها پڪ آهي ته پنهنجي عروج واري زماني ۾ ٺٽو علم، مذهبي تعليم، لسانيات ۽ سياست سبب مشهور هو ۽ انهن مضمونن ۾ نوجوانن جي سکيا لاءِ اٽڪل چار سؤ ڪاليج هئا. مان هڪ سيد کي سڃاڻان جيڪو دينيات جو پروفيسر هو ۽ عظيم تاريخدان هو. هن مون کان پڇا ڪئي ته ڇا هن منهنجي ملڪ ۾ سڪندر اعظم بابت ڪجهه ٻڌو آهي؟ هئملٽن جي احوال مان هڪ اشارو ملي ٿو ته ٺٽي ۾ وڏي انگ ۾ مڪتب ۽ لائبريريون هيون جن جا سربراهه ناميارا عالم هوندا هئا. سنڌين شاعرن جون جيڪي سنجيده صنفون پيش ڪيون انهن ۾ مناجات ۽ مرثيا وغيره آهن.

شاعري جي سادي جوڙجڪ ۾ سنڌي فتحنانا (فتح جا گيت) ڪافي يا وائي، آسان گيت ۽ پيار جي پيغام وارا نظم لکن ٿا. شاهه عبداللطيف بابت ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو، ”هن جي شاعري هڪ هيري وانگر آهي جنهن ۾ سڀ رنگ ۽ نقش جهڙوڪ مضمون، صوفيت، روحانيت، رومانيت، عبرت ڏيندڙ مواد ۽ نظم شامل آهن. پر انهن مڙني شين ۾ شاعر جو ذهن پنهنجي خالق ڏانهن مائل آهي جنهن ڏانهن سڀني کي ورڻو آهي. اهو فراق جو درد، محبتي روحن جي چاهت ۽ دل جي خواهش، ته ان لامحدود هستي سان واڳيل ۽ دل جي گهراين سان سچو هجي، ۾ ملي ٿو. اها سنڌ جي ڌرتي ۽ آسمان جي قدرتي سندرتا بيان ڪري ٿي ۽ ان جي عظيم ندي جي دهشت جو احوال ڏئي ٿي. پنهنجي تهذيبي عظمت کان علاوه شاعري ۾ جمالياتي حسن ۽ هر سوچ جو اولڙو سمايل آهي. اهو سنڌي ٻولي جو خزانو آهي ۽ جيستائين موجود آهي سنڌي ٻولي ۽ ادب زندهه رهندو. هي بيان ڪري ٿو، ”شاهه لطيف سان گيت پنهنجي ڪماليت تي پهتو جنهن کي بعد جي شاعرن سان ڀيٽي نٿو سگهجي. شاهه لطيف شاعري جي هڪ صنف وائي جو موحد هو جنهن ۾ وڌيڪ وسعت بعد وارن شاعرن آندي ۽ رمضان، احمد علي، نور محمد ۽ مصري شاهه ۽ ٻين جي هٿن ۾ فن جو ڪمال حاصل ڪيو. شاهه جي رسالي (لفظ رسالو جي معنيٰ آهي فوجي قطارن جيان شاعري جو جڙاءُ) ۾ ڏنل شاعري جي معيار جو مثال نٿو ملي. غير معمولي معيار هر عظيم شاعر جي خاصيت آهي ۽ شاعري جا مداح ڄاڻ رکن ٿا ته رب جي رضا ڪيئن حاصل ڪجي؟ رسالي ۾ صوفياڻي فلسفي جي گهرائپ باوجود اهو يقين سان نٿو چئي سگهجي ته سموري شاعري مقبوليت حاصل ڪئي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي بيت لوڪ داستان تي لکيل آهن جيڪي ان وقت سنڌ جي ٻهراڙي ۾ عام هئا. رسالي جو دين اسلام آهي. الله تعاليٰ جا 34 نالا ڏنل آهن جيڪي خلقڻهار جي 99 نالن ۾ شامل آهن. جيئن اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي ته سنڌ جا سڀ طبقا شاعري سان چاهت رکن ٿا. ان جو مُک سبب شاعري جو قائل ڪندڙ انداز آهي جنهن ۾ شاعرن اهڙين آکاڻين جو ذڪر آندو آهي جيئن انگلنڊ ۾ ٻارن جي ڪتابن ۾ پرين جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙي قسم جون اڌ ڊزن آکاڻيون آهن جن مان پنج محبتي قصن ۽ ڇهه بادشاهن ۽ وزيرن بابت آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي لکيل ڪتابن ۾ انهن آکاڻين جو ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو. ان قسم جي اشاعتن جو ڳاڻيٽو لامحدود آهي. سوچ جي بلندي جو اندازو شاهه عبداللطيف جي سرڪلياڻ جي هيٺين بيت مان لڳائي سگهجي ٿو:

سڌڙيا شراب جا جون، ڪل پچارون ڪن؟
جُه ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن
پِڪون سي پين، سر جنين جا سٽ ۾
 

سر آسا ۾ آهي ته

اکين کي آهين، عجب جيهون عادتون
سور پرائي ساٿ جا، وڃيو وهائين
اتي لنولائين، جت حاجت ناهه هٿيار جي

مذهبي خوبصورتي تي چيل سر بلال جا بيت هن ريت آهن:

جکرا تو جِئين، تنهنجو ڪنين مدومَ سڻان
اکين ۽ هِنئين، ٻنهي تاري تنهنجي

سر سهڻي ۽ ميهار جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ندي جي ٻي ڪناري پنهنجي محبوب جي مال جي ڳچين ۾ پيل گهنڊڻين جي آواز تي سهڻي خوشي جو اظهار هن ريت ڪري ٿي:

اديون سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا،
لارُنِ جا لنؤ لائي، سا ڪيئن آڇيان عام،
لڳيس جنهن جي لاهه، سو دلاسا دوست منجي.

ان معيار جي شاعري سنڌي ماڻهن کي ان دعويٰ ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي ته انهن وکڙيل سٽن ۾ اها شاعري سمايل آهي جيڪا دنيا جي بهترين شاعري سان ڪلهو ملائي سگهي ٿي. شاهه عبداللطيف جو ڪوبه اصلي وارث نه هو.

ڊاڪٽر دائود پوٽو چئي ٿو ته ڪلهوڙن جو دور (1783-1657) سنڌي شاعري جو سونهري دور هو جنهن ۾ بيت جي صنف کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ساڳي دور جي ٻي انفراديت مثنوين جي جوڙجڪ آهي جنهن ۾ ليلا مجنون جي پيار کي اهميت حاصل آهي ۽ ان کي فاضل خليفا عبدالله نظاماڻي خوبصورتي سان بيان ڪيو آهي. ٽالپر غير تعصبي شيعا حڪمران هئا ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ ڪنهن کي به قتل نه ڪيو. تڏهن به انهن امامن ۽ اهل بيتن جي عظمت کي مڃتا ڏني. هن دور ۾ سيد ثابت علي شاهه (1810- 1740ع) مرثيي جي صنف کي ڪمال بخشيو، ٽالپر دور جو عظيم شاعر سچل سرمست (1829- 1737ع) هو. ڊاڪٽر دائود پوٽو مطابق هن جي شاعري جيتوڻيڪ سوچ ۽ خيال جي لحاظ کان گهري ۽ منفرد هئي پر شاهه لطيف جي شاعري جي سطح تائين نه پهچي سگهي. هن جون ڪافيون ۽ غزل پنهنجي لحاظ کان منفرد هئا. قرآن پاڪ جو حافظ ۽ اسلامي قانون جو ڄاڻو هوندي به پنهنجي شاعري ۾ وڌاءَ ۾ وڃي پيو ۽ ملحدي واري بيان ۾ منصور الحلاج کان به اڳتي نڪري ويو جنهن سبب ڪٽر مذهبي طبقو هن کي پسند نٿو ڪري. انگريزن جي دؤر (1947- 1843ع)
جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر دائود پوٽو شاعري ۾ دلچسپي جي ورجاءَ جي سڌ ڏئي ٿو جنهن بهرحال
سنڌي گاني مان روايتي تال ختم ڪئي ۽ شاعري تي فارسي شاعري جو رنگ چڙهڻ لڳو ۽
نتيجي ۾ سندس پنهنجي اصليت، طاقت ۽ پاڻ مرادو پيدا ٿيڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي. اهو دور معمولي شاعري لاءِ آڱوٺي ڇاپ حڪمراني جو دور سڏجي ٿو.

1907ع جي گزيٽيئر ۾ اچي ٿو ته برطانوي طريقن تي جوڙيل ملڪ جي تعليمي نظام مختلف قسمن جي ادب جو زرخيز فصل ڏنو جن ۾ اسڪول جا ڪتاب ۽ ترجمان شامل آهن. انهن ۾ انگريزي ڪتابن کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. سنسڪرت ۽ فارسي جي ادب کي سنڌي ويس پهرائڻ جي سلسلي ۾ ڪارائتو ڪم ڪيو ويو آهي. ان ميدان ۾ مرزا قليچ بيگ پاڻ موهيو ۽ ڪيترائي اصلوڪا ڪتاب پڻ لکيا. هن انهن ڪتابن تي ان ٻولي ۾ پڻ ڪم ڪيو جن کان سنڌي اڻ ڄاڻ هئا. مثال طور چنچنامي جو انگريزي ۾ ترجمو، تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام مان چونڊ ٽڪرا کڻي هسٽري آف سنڌ ڪتاب لکڻ. نئين تعليمي نظام سندن کي پڻ اڳتي آندو جن ۾ ويارام گوئندمل، ليلا رام، وطن مل، ڪارومل، واڌ مل ۽ ٻيا جن پنهنجي وطن واسين کي اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب ڏنا. موجوده دور جي شاعري بابت ڊاڪٽر دائود پوٽو چئي ٿو ته بيتن جي فارسي ڍنگ جي پوئلڳي ڪندڙ نوجوان شاعرن پنهنجن موضوعن جي چونڊ ۾ نواڻ پيدا ڪئي آهي. انهن شاعري جي نون نمونن کي جنم ڏنو آهي. مثال طور پنج منڊلي ۽ اٺن مصرعن جو شعر وغيره. اهي صنفون شاعرن جي ماهراڻي صلاحيت جو اظهار ۽ سندن لفظن جو استعمال دل لڀائيندڙ آهي. شاعري ۾ ڏنل خيال ۽ سوچ قيمتي ۽ رنگ برنگي آهن. سنڌي ادب جي ڏنل مٿئين سروي ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو جن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن جي شاعري مان ڪابه اهڙي چڻنگ نظر نٿي اچي جيڪا شاهه لطيف جي تخليقي شاعري جي برميچي ٿي سگهي.

موجوده دور جي خيال ۾ به ڪا تبديلي نه آئي آهي. جنهن جو مشاهدو سنڌي نثر جي ترقي مان ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر دائود پوٽو چئي ٿو ته سنڌي نثر جو آڳاٽو نمونو مولانا عبدالرحيم گرهوڙي جي اخلاقيات تي مشتمل ڪتابن ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم ۽ خواجه محمد زمان جي پرچار به سنڌي نثر ۾ آهي. پر انهن جي عقيدتمندن ٻنهي جي تعليمات کي ترتيبوار فارسي ۽ عربي ويس ڍڪايو. نثر ۾ شروعاتي ڪم عربي ۽ فارسي جي ڪتابن جي ترجمي تي مشتمل هو ۽ اصلوڪي روح وارو ڪم برقرار رکيو. ڊاڪٽر دائود پوٽو جي مطابق مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو محسن آهي. هي نثر جواڻ ٿڪ ليکڪ آهي جنهن جي علميت جو اندازو سندس لکيل ڪتابن مان ٿئي ٿو جيڪي خوشگوار ۽ سادي نموني لکيل آهن. سرڳواسي ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، جنهن 1947ع ۾ ديهانت ڪيو.

جاندار لکڻي جو مالڪ هو. ڊاڪٽر دائود پوٽو جي چواڻي هن جي نورجهان ۽ ”شاهه جو رسالو“ جو تعارف ڪلاسيڪي فن جو نمونو آهن ۽ فڪر رکندڙ پڙهندڙ کي متاثر ڪندا رهندا. پرنسپال ايس. سي شاهواڻي هميشه پنهنجن ناولن ”بلوکوکر“ ۽ ”تاراڻي جو اڀياس“ سبب هميشه ياد رکيو ويندو. جيتوڻيڪ اهي ٿامس هارڊي ۽ ٻين جي ڪمن کان متاثر آهن. پر سنڌي ادب ۾ ناول نويسي جو نئون دور هو.

موجوده دور ۾ سنڌي ادب ۾ نثر جي زندهه هئڻ جي خاصيتن مان هڪ خاصيت اها به آهي ته مختلف موضوعن تي لکڻين سان سرجيل رسالا باقاعدگي سان شايع ٿي رهيا آهن.  ان سلسلي ۾ هڪ مثال ”نئي کيتي“ آهي جنهن ۾ زرعي موضوع شامل هوندا آهن. هي قدامت پسند ماضي کان گريز آهي ۽ ان طرف اشارو ڪري ٿي ته ڳوٺاڻي ۽ خالص سماج ۾ جديد سوچ جون تحريڪون هرهنڌ پاڙون وٺي رهيون آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽو جي مطابق اها حوصلو بخشيندڙ نشاني آهي ته سنڌي نثر ان صورت ۽ فطرت ۾ سرجي رهيو آهي. جيڪو ان جي بهترين مستقبل جي اڳ ڪٿي ڪري ٿو. هي چئي ٿو، ”اسان ان جي گؤنج کي اعتماد ۽ اميد سان ڏسي سگهون ٿا.“

ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ وقت ۽ ڌيان شاعري تي ڏنو ويو آهي. پر تازي ۽ ويجهي دور ۾ جديد نثر پڻ ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. پر شايد اهو تاريخ ۾ آهي ته شاهه جو رسالو کان علاوه سنڌي لکارين پاڻ مڃايو آهي. جيئن 1907ع ۾ گزيٽيئر ۾ ايٽڪن چئي ٿو. سنڌي تاريخدانن کان سواءِ سنڌ جي تاريخ بابت اسان گهڻو نه ڄاڻو ها. اهو سچ آهي ته ماضي جي واقعن جي علم جي شاگردن ۽ عالمن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ سنڌي تاريخدانن وٽ صلاحيت نه هئي پر اهو پڻ سچ آهي ته انهن ماضي جي چٽي ۽ صاف تصوير پيش ڪئي آهي ۽ انهن جون لکڻيون شاهڪار آهن. چچنامي کي سنڌي لکاري جي لکيل آڳاٽي تاريخ سمجهيو وڃي ٿو. چچ هڪ برهمڻ حاڪم هو جنهن ستين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سنڌ تي حڪومت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته چچنامو ڪنهن نامعلوم اديب جو عربي ۾ لکيل آڳاٽي ڪتاب جو ترجمو آهي. ان جو ترجمو ڪندڙ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي هو. هي ڌاريو هو ۽ آوارهه گردي کان پوءِ هنيرالدين قباچه (1216) جي دور ۾ اُچ ۾ رهائش اختيار ڪئي چچنامي بابت ”دي هسٽري آف انڊيا ائزٽولڊبا ۽ اٽزاون هسٽورينز“ جو ليکڪ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ ان ۾ مُک ڪردارن لاءِ ناگوار جملا بيان ٿيل آهن اهو محمد بن قاسم جي سنڌ مٿان ڪاهه ۽ هن کان اڳ سنڌ جي هندو حڪمرانن بابت تفصيلي احوال ڏئي ٿو.

تاريخ جو ٻيو ڪتاب بکرجي رهواسي ميان محمد معصوم جو لکيل ”تاريخ معصومي“ آهي. هن اڪبر جي دور م مقبوليت حاصل ڪئي ۽ سندس منارو سکر شهر جي سڃاڻپ آهي. اهو ڪتاب 1600ع ۾ لکيو ويو جنهن ۾ محمد بن قاسم کان وٺي هن ڪي زماني جي حالتن جو احوال ڏنل آهي. هن مهل تائين ملندڙ ڪتابن مان ان ڪتاب ۾ تفصيلي ۽ سربستو احوال ملي ٿو. خيرپور ۾ رهندڙ هڪ انگريز ڪئپٽن جي. مليٽ ان جو انگريزي ۾ لفظي ترجمو ڪيو. تاريخ معصومي يا تاريخ سنڌ پاڻ ۾ سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان واضح احوال سانڍي ويٺي آهي. پر ان ۾ 1952ع ۾ اڪبر اعظم هٿان ان وقت جي حڪمراني گهراڻي جي شڪست کان پوءِ واري زماني جي پاڻ نٿي ملي. محمد معصوم پنهنجي پٽ جي ذهني سڌاري ۽ ترقي لاءِ اهو ڪتاب لکيو جن ۾ ناميارن بزرگن ۽ پرهيزگار بندن جي ڪرامتن جو ذڪر ايتري حد تائين ڪيو آهي ته تاريخ تي سائنسي نظر رکندڙ تاريخدانن ان کي ڪا اهميت نه ڏني آهي. 1621ع ۾ سميڙيل ”تاريخ طاهري“ ۾ سومرا حڪمرانن جي اسرڻ کان وٺي غازي بيگ ترخان جي مرڻ تائين جي تاريخ جون ڪر آهي. ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي تاريخ بابت ڪجهه جملا ڏنل آهن ۽ مُک طور تصويري ۽ ڪشش ڀريي نموني ۾ لکيل آهي. ”دي ترخان نامه“ ارغونن ۽ ترخانن جي نسل ۽ زماني جي احوال تي مشتمل آهي جنهن جو مواد، ڪنهن به قبوليت (Acknowledgment) کان سواءِ تاريخ معصومي ۽ ٻين ذريعن تان ورتل آهي. اهو ڪتاب 55-1654ع ۾ سيد جمال شيرازي لکيو جيڪو مرزا محمد صالح ترخان جي شان ۾ لکيل آهي. هي وقت جي مغل شهنشاهه جو اطاعت گذار هو ۽ هن جي مدد ڪرڻ جي صلي ۾ سيد جمال شيرازي کي پهريائين ٺٽي ۽ بعد ۾ گجرات جي صوبيداري عطا ڪئي وئي. اهو ڪتاب تاريخي لحاظ کان ڪا خاص اهميت نٿو رکي. تحفة الڪرام ٽن ڀاڱن تي لکيل آهي جنهن جو آخري ڀاڱو، ايليٽ جي مطابق، وڌيڪ تفصيلي ۽ اڳواڻي سنڌ جي تاريخ جي احوال تي مشتمل آهي. اهو 1774ع تائين مڪمل ڪيو ويو. ان جو ليکڪ علي شير هو. ان ۾ انهن مڙني جڳهڙن جو ذڪر ٿيل آهي. جيڪي سنڌ جي بادشاهي مان ڪلهوڙا گهراڻي جي خارج ۽ ٽالپر گهراڻي جي داخل ٿيڻ جو سبب بڻيا. اهو ذڪر ٽالپر حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي انداز ۾ لکيل آهي. سنڌ جي تاريخدان جو لکيل ”تحفة الڪرام“ هڪ نمائشي ڪم آهي. ان ۾ آڳاٽي سنڌ کان وٺي مرزا سرفراز جي لاڏاڻي تائين جو ذڪر ڏنل آهي ۽ اٽڪل 1773ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. ”بلقرنامه“ امير سيد قاسم بلقر ڏانهن ارپيل آهي. هن جو تعلق سمرقند جي ترميذ ڪٽنب سان هو جيڪو شاهه حسين ارغون جي دور ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيو ۽ سنڌي جي پٽي ذات مان شاديون ڪيائون. اهو ڪتاب شايد 1628ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ تاريخي لحاظ کان ڪا خاص اهميت نٿو رکي. ان ڪتاب جي دلچسپي جو مرڪز ترخان گهراڻي جا غير اهم معاملا ۽ عمرڪوٽ جي راجا راڻو جون ڪاهون آهن جنهن جي گهراڻي مان ليکڪ شادي ڪئي. اهو ”تاريخ طاهري“ جي زماني ۾ لکيو ويو. فتح نامه ٽالپر دور جي شروعاتي زماني بابت شعر ۾ لکيل تاريخ آهي. ان جو ليکڪ ٺٽو جو محمد عظيم ۽ مير فتح علي خان ڏانهن ارپيل آهي.

تاريخ کان علاوه دينيات يا مذهبي فلسفي تي پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. مذهبي ڪتابن کان علاوه ٻين عالمن به پنهنجي واندڪائي وارو وقت وقت ان قسم جي دلچسپي ۾ خرچ ڪيو. چيو وڃي ٿو ته ارغون بادشاهن شرحون ۽ مذهبي ڪتاب لکيا پر انهن بابت ڄاڻ گهٽ ملي ٿي. جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته شاهه عبداللطيف کان علاوه تاريخدان ان آڳاٽي سنڌ جا مُک اديب هئا.

موسيقي :

شاعري کان علاوه، سنڌي موسيقي شايد سڀ کان وڌيڪ اهم ثقافتي حاصلات آهي. ”آئين اڪبري“ ۾ سنڌ جي موسيقي کي ”ڪمي“ سڏيو ويو آهي. سنڌ ۾ موسيقي جا ماهر فنڪار هميشه موجود رهيا آهن. وچين دور، خاص طور منگولن کان اڳ واري دور ۾، سنڌ پنهنجن موسيقارن ۽ ڳائڻ وڄائڻ سبب مشهور هئي. هندوستاني موسيقي وانگر عام طور، سنڌي موسيقي کي انهن پيشي ور فنڪارن ۽ موسيقارن کان نقصان پهتو آهي جن ان کي روايتي حدن تائين محدود رکيو. مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ موسيقي جا ساز عام طور سادا ۽ باجي ۽ پياني جهڙو آواز ڪڍڻ کان قاصر آهن. مختلف قسمن جا ساز جڏهن گڏ وڄايا وڃن ٿا ته وڏي پئماني تي سازن جو آواز نڪري ٿو. موسيقي جي اهي خاميون هينئر آهستي آهستي محسوس ڪيون وڃن ٿيون. پيشيور موسيقارن ۽ ڀِٽن جي هٿن مان موسيقي جي جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ طاقتور تحريڪ اڀري آهي جنهن ان کي پنهنجو هڪ جادوئي شعبو بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن عام ماپا رائج ڪري سگهجن جنهن سان هرهڪ سرتار لکي ۽ ان جو مظاهرو ڪرڻ لائق ٿي سگهندو. ان عمل سان موسيقي ۾ مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي. پر ان مسئلي تي ويچارن ۾ اتفاق نه آهي. پيشيورڀانن، جيڪي گهٽ پڙهيل ۽ اڪثر جاهل هئا، کي سادي ساز تي فن جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪجهه عبور حاصل هو پر موسيقي جي عام ڄاڻ ۾ اڻ لکيل عبارتون اڃان تائين رڪاوٽ هيون. يورپي طرز جي مُک ۽ غيراهم پئمانن جي سر تي مقرر هٿ سان وڄندڙ هارمونيم عام ماڻهو جي موسيقي جي حس تي خراب اثر ڇڏيو. پتل جي سازن جي بري آواز جو يوروپي سر ۾ وڄڻ پڻ موسيقي جي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي.

هن وقت سنڌي موسيقي جو ڪوبه الڳ اسڪول موجود نه آهي. ڪليمينٽس پنهنجي ڪتاب ”انٽروڊڪشن ٽو دي اسٽڊي آف انڊين ميوزڪ“ ۾ هندوستاني موسيقي بابت کليل  نموني حقيقتون  بيان ڪيون آهن. هندوستاني موسيقي ٻن عظيم گروهن سان تعلق رکي ٿي. هڪ ننڍي کنڊ جي اتر ۽ اولهه ۽ ٻي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ موجود دکن ۽ ڪرناٽڪ جي موسيقي ڪليمينٽس چئي ٿو. ٻنهي گروهن جي موسيقي ۾ ڪيترائي پئمانا هڪجهڙا آهن ۽ انهن پئمانن مان ٻن گروهن جو عام رخ واضح آهي. اولهه ۾ يوروپ وانگر پئمانو ساڳيو آهي پر ڏکڻ ۾ اهو رنگين پئمانو آهي. سرتار، جن کي راڳ سڏجي ٿو. سرتاري نظام مان اڀريا آهن جن ۾ موسيقي جون سڀ ڌنون شامل آهن. سرتاري نظام جو بنياد حساس نظام تي رکيل آهي جن جو ذڪر سروليم جونس سميت ڪيترن ئي ليکڪن ڪيو آهي.

شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ شعر راڳن جي سرتاري نمونن تي بيٺل آهن. اهي شعر جنسي نموني جي راڳن ۽ راڳڻين تي ڳايا وڃن ٿا. انهن نمونن ۾ مقامي تبديليون شامل آهن. اڪثر مغل راڳڻيون، جن مطابق شاهه عبداللطيف جا سر ڳايا وڃن ٿا، هندوستاني نمونن جي بدليل شڪل آهي. شاهه عبداللطيف تي لکيل پنهنجي شرح ۾ مرزا قليچ بيگ هندوستاني موسيقي جي نظام مطابق راڳن ۽ راڳڻين کي ورهايو آهي. هي راڳ جا ڇهه قسم مثلاً بروو، مالڪوس، سري، ميگهه، هندول ۽ ديپڪ ٻڌائي ٿو. انهن راڳن کي راڳڻين جي سنگت حاصل آهي جيڪي وڌيڪ ڀٽن ۽ ٻين مائٽن ۾ ورهايل آهن. انڪري سنڌ جي علائقي جي موسيقي مختلف نه آهي. مُک ساز مثلاً يڪتارو، ستار، سارنگي، تنبور، مختلف قسمن جا نڙ ۽ دهل پاڪستان ۾ هر هنڌ وڄايا وڃن ٿا. ٻين شڪل سان نظر اچي ٿي. اڪثر پيشيور موسيقارن جو تعلق ڀانن جي طبقي سان هو جيڪي غريب هئا. انهن کان علاوه ڪيترائي غير پيشيوار لائق فنڪار هئا. سنڌ جي تاريخ ان امر جي شاهد آهي ته هر زماني ۾ مڃيل موسيقار موجود رهيا آهن. برٽن چئي ٿو ته ماڻهو موسيقي ۽ ڳائڻ جا شوقين آهن. شعر ۽ موسيقي جي جوڙجڪ جي ديسي انفراديت لاءِ برٽن ”فتح نامه“ جو حوالو ڏئي ٿو جنهن کي لانگاهن ترتيب ڏنو ۽ ان جي مشابهت آڳاٽي عرب شاعرن جي وائي، تنبور يا گٽار تي ڳايل بيت، دهل جي سنگت ۾ ڏوهيڙو، ۽ نڙ جي موسيقي تي ڳايل سنيارو سان آهي جيڪو غير شهري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ مقبول آهي.

جيڪي سرتار ديسي سنڌي ڌنن جي دعويٰ ڪن ٿا انهن بابت ڪا ثابتي نٿي ملي، اها پڪ آهي ته چچ جي دور کان گهڻو اڳ عسيوي سن جي شروعاتي صدين ۾ سنڌ ۾ هندو موسيقي کي بالادستي حاصل هوندي. عربن جي فتح وقت سنڌ ۾ عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڪابه ابتري نه هئي ۽ موسيقي جي لذت ۾ ڪا وڏي تبديلي نه اچي سگهي پئي. سومرو ۽ سمو بادشاهتون اصل ۾ هندو هيون. تنهن ڪري اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جي وچين دور تائين هندوستان جي موسيقي جو رنگ سنڌ ۾ جاري موسيقي تي غالب هوندو. ان کان پوءِ به اهو جاري رهيو جنهن مان موسيقي جي استعمال جي طريقي جي ڄاڻ ملي ٿي. شاهه عبداللطيف به پنهنجي رسالي ۾ شامل بيتن جي جڙاءُ مهل موسيقي جو استعمال ڪيو. جيڪڏهن ڪيترائي سر، راڳ ۽ راڳڻيون آهن ته انهن کي سنڌي سڏي سگهجي ٿو جيڪي هندوستاني موسيقي جي سرتاري نظام جي برجسته نظم جو آوازي اظهار آهي. ساڳي طريقي سان هن وقت به معياري نموني جي ڍانچي ۾ سرتاري نظام لڳاتار سرجي رهيا آهن. هندوستاني ۽ پاڪستاني موسيقي مجموعي طور ان مطابقت ۽ برجستگي مان کنيل آهي. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته اها شاهدي پيش ڪجي ته ديسي سنڌي سرتارن ان طريقي سان جنم نه ورتو. جيئن ته نج بلوچي، براهوي يا افغان سرتارن پنهنجو ڪردار نڀايو آهي ان ڪري سنڌي موسيقي جي اڻ خالض اصليت آهي. ڊاڪٽر اين. بي بلوچ جي ٿيسز، ديسي عنصرن سنڌي موسيقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، کي عملي ۽ تاريخي شاهدي سان ڀيٽي ڏسجي جيڪا ثابتي ملڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر بلوچ هن گزيٽيئر جي موسيقي جي مضمون کي سهيڙڻ ۾ سهيڙيندڙ جي گهڻي مدد ڪئي آهي. هيٺ ڪجهه هن جي ليک جا ٽڪرا ڏجن ٿا جيڪي ان مقصد لاءِ لکيا. ڊاڪٽر بلوچ چئي ٿو، ”سورهين صدي عيسوي ۾ ترخان حڪمرانن مرزا جاني بيگ ۽ هن جي پٽ مرزا غازي بيگ جي دور ۾ ڪلاسيڪي هندوستاني موسيقي ۽ سنڌ ۾ ديسي موسيقي ۾ دلچسپي عروج تي پهتي. ٻئي پيءُ ۽ پٽ شاعرن جهڙوڪ طالب الموليٰ ۽ ٻيا ۽ ڪيترن موسيقارن، جن موسيقي جا نمونا، گانا ۽ ڌنن جا قسم ايجاد ڪيا، جي تمام گهڻي سرپرستي ڪئي. ٻئي حڪمران پاڻ به ماهر موسيقار هئا. انهن جي راڄڌاني ٺٽو مشهور موسيقارن جو مرڪز هو. ان زماني جو ليکڪ شيخ فريد بخاري پنهنجي ڪتاب ذخيرة الخوانين ۾ ٺٽي کي کل ۽ خوشي جو هنڌ لکيو آهي. جنهن جي فضا موسيقي جي آواز سان گونجي رهي هئي. هن جي مطابق، ”تنبور ۽ ڍولڪي جي موسيقي جو آواز هر گهر مان ايندو هو. ڊاڪٽر بلوچ سنڌ ۾ موسيقي جي ترقي ۾ موفيت جي ڪردار ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي ٻن صوفي سرشتن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي استعمال ڪيا ويا. اهي سهروردي طريقو ۽ قادري طريقو آهي. پهرين بابت هي لکي ٿو ته اهو عظيم بزرگ بهاءَالدين زڪريا شروع ڪيو. وفات کان پوءِ هن بزرگ کي ملتان ۾ دفنايو ويو ۽ هن جي مقبري ڏانهن وڃڻ لاءِ سنڌ ۾ هن جي پوئلڳن کي ڊگهو ۽ مشڪل سفر ڪرڻو پوندو هو. پنهنجي مرشد لاءِ پوئلڳن جي محبت ۽ عقيدت جو اظهار بيتن جي شڪل ۾ سامهون آيو جن کي پانڌين جي گروهن ڳايو ۽ اڳتي هلي ان جو نالو ڏهر پيو. مرشد کان مدد جي طلب يا هن جي واکاڻ ڏهر جو بنيادي خيال بڻجي پيو. ڏهر موسيقي جي ساز جي سنگت ۾ ڳايو ويو جنهن ديسي راڳڻي ڌانسري کي جنم ڏنو. قادري طريقي ۾ ساز وچائڻ جي پائبندي هئي تنهنڪري آوازي موسيقي کي مقبوليت نصيب ٿي. ان الحال ۽ احليان تي وڌيڪ زور ڏنو جيڪا پير پڳارو جي مريدن جي آوازي موسيقي جي خاصيت آهي. انهن جي ڳائڻ جو طريقو مختلف آهي جنهن کي جماعت جو راڳ سڏجي ٿو. ان قسم جون ڪيتريون ئي راڳڻيون جهڙوڪ سنڌي ڀيروي، سنڌي بروويا سنڌي تلنگ، ڪيڏارو، سنڌي پيلو، سنڌي منجهه ۽ سنڌي ڌانسري وغيره شروع ٿيون. ڊاڪٽر بلوچ جي مطابق اهي راڳڻيون پنهنجين اصل کان مختلف آهن ۽ اسان جي قومي پاڪستاني موسيقي کي شاهوڪار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ چئي ٿو، ”انهن کان علاوه ٻيون به راڳڻيون آهن جيڪي، منهنجي سمجهه مطابق، پنهنجي تخم ۾ مڪمل سنڌين آهن. انهن ۾ جوڳ، ڪوهياري، راڻو، پرڀاتي. ڌانسري ۽ لاڙئو وغيره آهن. سڀ سنڌي سرتا رستن بنيادي ڌنن جي ستن پئمانن سان مطابقت رکن ٿا جن مان پهريون ”سا“ ۽ پنجون ”پا“ وڌيڪ ٻن حصن ڪومل (نرم) ۽ تيور (سخت) ۾ ورهايل آهي. مطلب ته سڀني ۾ ٻارنهن سُر آهن جن جو نتيجو مختلف سُر آهن. اها رٿا ڪلاسيڪي هندوستاني موسيقي ۾ استعمال ٿئي ٿي. جنهن جي پهرين سرکي خرج (Kharj) سڏجي ٿو ۽ ”سا“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڀٽ شاهه ۾ هفتي جي ٽن ڏينهن يعني آچر، اڱارو ۽ جمعو تي شاهه عبداللطيف جي ڳائجندڙ سرن بابت منهنجو تجزيو آهي ته اهي شاهه جا راڳ ياسر (سرتار جهڙوڪ ڪلياڻ، ڪوهياري) ۽ ٻين کي ڪلاسيڪي پئماني جو پنجون سر ”پا“ انهن جو بنيادي سر آهي. ان خاصيت جي لحاظ کان شاهه جي راڳن جي عربي موسيقي سان مائٽي نظر اچي ٿي. سنڌي سازن واري موسيقي پنهنجي اصليت اڃان پراڻي ٻڌائي ٿي. پهريون ساز جهڙوڪ يڪتارو،. نڙ، سرندو، ڪماچي ۽ الگرزا، پنهنجي موجوده شڪل ۾، سنڌ ڄاوائي لڳن ٿا. اهڙي طرح مرلي، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجپوتانه ۽ هندوستان جي ڪجهه ٻين حصن ۾ نانگ پاليندڙ جوڳي پنهنجي پيشي لاءِ استعمال ڪن ٿا. سنڌي پيشيور فنڪارن جي هٿن ۾ موسيقي جي ساز طور استعمال ٿئي ٿو جنهن ۾ کين ڪمال حاصل آهي. انهن مان نڙ ۽ سرندو سنڌ جي اولهندي ٽاڪرو حصي ڪوهستان جا ساز آهن، ٽاڪرو موسيقي (Music of the mountion) جا ٻه اهم جزا نغما ۽ لهرا انهن سازن تي ڳايا وڃن ٿا. ڪجهه مشهور ٽاڪرو ڌنون، جيڪي مان ڄاڻان ٿو، وصال، مڌر، زهمر، مورو جا ٻه قسم، زيلگٽ، بروهي ليرو، شهپ ۽ داستان وغيره آهن. اهي سڀ مٺا تيز سرتار آهن جن کي پنهنجو وزن ۽ لاهه چاڙهه آهي.

اها بدقسمتي آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڳايا ويندڙ گيت گڏ نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي اسڪاٽس موسيقي تي مشتمل والٽراسڪاٽ جي ڪتاب ”دي منسٽرلي آف دي اسڪاٽش بارڊر“ وانگر ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيا ويا آهن. ڊپ آهي ته جيڪڏهن اهو ڪم هٿن ۾ نه کنيو ويو ته اهي آڳاٽا گانا ڳولهڻ مشڪل ٿي ويندا. پنهنجن ابن ڏاڏن جي ابتڙ نوجوان نسل ان ڪم ۾ ڪا به دلچسپي نٿو رکي.

فن:

جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته سنڌ جا مُک ثقافتي ڪم ٻولي، شاعري ۽ موسيقي جي شعبن ۾ ٿيو. چترڪاري جي علمن جي چڱي نموني سرپرستي نه هئڻ سبب هتي مغل اسڪول يا ڪانگرا اسڪول وانگر ڪوبه چترڪاري جو اسڪول نه آهي. ڀت تي نقش ڪڍڻ جو رواج موجود رهيو ۽ هينئر به موجود آهي پر آخري پساهن ۾ آهي. انهن ۾ اسٽڪو، چرولي ۽ چترڪاري شامل آهي. اسٽڪو جو ڪم جپسم تي ڪيو وڃي ٿو جيڪو اڳوڻي سنڌ ۾ جهجهي مقدار ۾ موجود هو، ڪم وقت فنڪار جپسم کي آڱرين جي نهن يا ڪاٺ جي سادن اوزارن ذريعي صورت ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اسٽڪو جو مٿاڇرو اڻ گهڙيل ڇڏي پاڻي وارن رنگن سان فنڪار سينگاري ٿو جنهن کي ”ڪمانگر“ سڏجي ٿو. انهن تصويرن جو موضوع گل، پکي ۽ جهنگلي جانور هوندا آهن ڇاڪاڻ ته سنڌي فنڪار انهن جو خيال محفوظ ڪرڻ ۾ ماهر آهن. انهن ۾ استعمال ٿيندڙ. پاڻي جا رنگ ڪيترن اهلڪارن جي رپورٽن ۾ ٿيل آهي. ليفٽيننٽ پوسٽنس 1840ع ۾ پنهنجي يادداشت ۾ قندار کان قافلن ذريعي ايندڙ سامان ۾ بخار، هرات ۽ يازد جي ڪچي ريشم جا 6 نمونا، رنڱڻ جو سامان جنهن ۾ ڳاڙهو رنگ ڏيندڙ ٻوٽو ميڊر، زعفران ۽ ساغ رنگ آهي ۽ اکروٽن مان تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڀرت لاءِ قيمتي ڌاڳي جو ذڪر ڪيو آهي. هي چئي ٿو ته شڪارپور ۾ کلن کي ڪَتي رنگيو ويندو هو

در تي ٿيل اُڪر جو ڪم- بُوبڪ

سنڌو درياهه ۾ هلندڙ هڪ ٻيڙيءَ تي اُڪر جو ڪم

جنهن کان پوءِ اُڻڻ لاءِ سکر، روهڙي، خيرپور، سيوهڻ ۽ ٺٽو ڏانهن موڪليو ويندو هو. ڪراچي جي واپار بابت ڪئپٽن هارٽ ساڳي سال لکي ٿو ته بمبئي ۽ مسقط مان جيڪي تنيون گهرايون وينديون هيون انهن ۾ ڪچو ريشم ۽ رڱڻ جو سامان وغيره شامل هئا. لونگيون، جن کي سنڌ جي اڳين سياحن ميرن جي پوشاڪ ۾ امتيازي حيثيت طور ياد ڪيو آهي، ان وقت هر صاحب حيثيت استعمال ڪري رهيو هو، هينئر پنهنجي اهميت وڃائي رهيون آهن. ان کان علاوه ٻيا ريشمي ڪپڙا هٿن سان اُڻندڙن جي ڀيٽ ۾ سستا ۽ عمدا گهرائي سگهجن پيا. تڏهن به ڪراچي، ٺٽو، روهڙي، جيڪب آباد ۽ ٻين هنڌن تي هن وقت به ريشم اُڻڻ جي ڪرت جاري آهي. هن وقت ڪپڙو گاربي، ماشرو ۽ لنگين تي مشتمل آهي. گاربي ۽ ماشرو ريشم ۽ ڪپهه جو ڪپڙو آهي جيڪو بناوٽ ۾ مضبوط ۽ کهرو آهي، جيئن اڪثر پاڪستاني يا ريشمي ڪپڙا آهن. اهي ڊيگهه ۾ ٽيهه وال ۽ ويڪر ۾ منو وال ٺاهيا وڃن ٿا. گاربي جنهن کي ٽسر پڻ چيو وڃي ٿو، پر ٽسر ريشم مان نٿو ٺاهيو وڃي، اڪثر ٻنهي برادرين جي خوشحال گهراڻن جون عورتون پتلونن ۾ استعمال ڪن ٿيون. ماشرو گدن ۽ ويهاڻن جي ڍڪ ۽ ٻين مقصدن لاءِ سٺو آهي. لونگيون پٽڪن يا ڪمربند طور استعمال ٿين ٿيون جيڪي ڊيگهه ۾ اٺن کان ٻارهن والن تائين آهن. انهن کي ڪپهه جي ڪناري ٿئي ٿي ۽ ريشم سان موڙ ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته انهن جون پڇاڙيون سونهري ۽ چاندي جي ڌاڳي سان اُڻيون وڃن ٿيون.

گلڪاري هڪ ٻيو فن هو جيڪا سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ وڏي هنر سان ڪئي وڃي ٿي. شالن، ڪوٽن، ٽوپين، عورتن جون قميصون ۽ ٻارڙن جي پاجامن لاءِ ريشمي، سونهري يا چاندي جي ڌاڳي جي گلڪاري جي ڪنهن وقت وڏي گهرج هئي. پيشيور گلڪاري ڪندڙ سڀ مسلمان هئا ۽ انهن مان ڪجهه هينئر به حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ موجود آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجن ڪپڙن تي گلڪاري جا خواهشمند هئا اهي ڪپڙا انهن ڏانهن کڻي ويندا هئا ۽ سامان ۽ محنت جو اجورو ڪندا هئا. سيکڙاٽ ننڍپڻ ۾ شروعات ڪن ٿا ۽ هڪ نصاب پڙهن ٿا. هيٺين طبقي جا شاگرد زمين تي قطار ۾ ويهن ٿا ۽ ايستائين پنهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين کي حرڪت ڏين ٿا ۽ موڙين ٿا جيستائين اهي گٽا پرچا جي شرط پوري ڪن. ان کان پوءِ اهي ٻي ڪلاس ۾ موڪليا وڃن ٿا ۽ هرهڪ کهرو ڪپڙو ۽ هڪ سئي، جيڪا ڪاٺي جي ننڍي ڳن سان سُئي (موچين جي سڻ اوزار) وانگر هوندي آهي، سندن ذمو هوندو آهي ته هو ڪيتري تيزي سان ڪپڙي ۾ سئي داخل ڪري سگهن ٿا. اڳلي مرحلي ۾ هي پنهنجي سئي ۾ ڌاڳو داخل ڪري ٿو، جڏهن سمورو نصاب مڪمل ڪري ٿو، جنهن تيزي سان هي ڪم ڪندو ته ڏکين نمونن جا گل ۽ پن حيرت ۾ وجهڻ جهڙا هوندا. ڇا پيشيور گلڪاري ڪندڙ کي بچائي سگهجي ٿو غير يقيني واري ڳالهه آهي. پر ان فن هن وقت مقامي مٽي ۾ پاڙون پختيون ڪيون آهن ۽ ڪيترين واندين عورتن کي روزگار مهيا ڪيو اٿس. ان قسم جو ڪم چپل، گدن ۽ ميزپوشن ۾ هرهنڌ عام آهي. اهو خاڪي جا نمونا ۽ نزاڪت پيش ڪري ٿو جيڪا سنڌ جي علائقي جي ڪم جي سڃاڻپ آهي. گلڪاري ڪندڙن جي هنر جو هڪ ٻيو دلچسپ نمونو ٿرپارڪر جي ريگستان ۾ ملي ٿو. هن علائقن جون عورتون چُني جي گهگهرن تي ڪم ڪن ٿيون جيڪو ڪپهه جو هڪ کهرو ڳاڙهي رنگ سان رنڱيل ڪپڙو هوندو آهي جنهن تي ڪيترن رنگن سان گهري ريشمي گلڪاري ٿيل هوندي آهي ۽ ان ۾ ننڍا ننڍا شيشا پڻ لڳل هوندا آهن. اهو ارڙهن انچن جي ويڪر سان تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪٻئي مٿان ٽي تهه رکي گهگهرو تيار ڪيو وڃي ٿو. پر سڀ کان مٿين تهه تي گلڪاري جي ضرورت نه هوندي آهي.

سنڌ جي علائقي جا ٻه وڌيڪ فن جن جو هن باب ۾ ذڪر ڪرڻ ضروري آهي اهي آهن لاک مان روغني مال ٺاهڻ ۽ ڪا شي جا ٺڪر جا ٿانو. ڪاٺ کي روغن سان رنڱڻ جو هنر هن مهل تائين زنده آهي جيتوڻيڪ ان ڪم جا ڪيترائي ماهر ختم ٿي ويا آهن. ان قسم جو ڪم سڄي ملڪ ۾ سنڌ جي هنر طور وڪرو ڪيو وڃي ٿو. جيڪي گول پيتين جي صورت ۾ هڪ جي اندر ٻيو ٿين ٿا ۽ ڳاڙهي پيلي، ڪاري ۽ سائي رنگ سان رنڱيل ٿين ٿا. انهن رنگن کان علاوه ٻيا به رنگ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ مختلف خوبصورت سامان جهڙوڪ ڪوپ، گلدان، ميڻ بتي رکڻي ۽ پٽيون (Rulers) ٺاهيو وڃي ٿو. پر ان هنر جو استعمال اهي ديسي جهولڻا ۽ ڏوليون آهن جيڪي هر شريف خوشحال سنڌي جي گهر ۾ موجود آهن. ان ڪم کي عام طور سنڌ ۾ هالا جو ڪم چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هالا ۾ خاڻوٺ ان صنعت جو مُک مرڪز آهي. پر اهو ٻين هنڌن تي پڻ ڪيو وڃي ٿو. جيڪب آباد ۾ ڪشمور خاص قسم جي سامان لاءِ مشهور آهي جنهن تي ڪاري تر سان چاندي جون عمديون قطارون لڳل ٿين ٿيون. ان ڪم لاءِ بهترين ڪاٺ مشهور اڇو باهڻ ۽ لئي آهي. اهو ٻٻر جي ڪاٺي مان پڻ ٺاهيو وڃي ٿو. ليٿ مشين ۾ موڙيل ۽ صاف ٿيل سامان کي ليٿ ۾ واپس وڌو وڃي ٿو. ان کي نرمي سان موڙيو وڃي ٿو جڏهن ته لاک کي دٻائڻ ڏکيو آهي. لاک سنڌ جي پيداوار آهي ۽ ان مقصد لاءِ تيار ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف رنگ ملائي ان کي ميڻ ۽ گندرف سان پگهاري تراکڙن سانچن ۾ وڌي وڃي ٿي. جڏهن انهن مان هڪ ٽِڪي کي تيزي سان گهمندڙ ڪاٺ جي مخالفت ۾ ڌٻايو وڃي ٿو ته نتيجي ۾ گرمي پيدا ٿئي ٿي. ان رڳڙجڻ سان ٽڪي آهستي پگهرجي ٿي ۽ مٿاڇرو ان جي تهه سان ڍڪيو وڃي ٿو. پهريون تهه جيڪو ان تي چاڙهيو وڃي ٿو اهو زميني رنگ آهي. ان کان پوءِ ڪارڪن تيز لوهي اوزار سان ان تي رٿيل نقش اڪيري ٿو. اهو نقش سندس ذهن جي پيداوار هوندو آهي ۽ هن آڏو ڪوبه نمونو نه هوندو آهي. جڏهن اهو ٿي وڃي ٿو ته ان جو ٽڪرو ٻيهر ليٿ ۾ وڃي ٿو ۽ ٻي رنگ سان چاڙهيو وڃي ٿو. ان کي الي اڳڙي ۽ ريتي سان گسارو وڃي ٿو. نتيجي ۾ زميني رنگ ٻيهر ظاهر ٿئي ٿو، جيستائين نموني ۾ رنگ موجود آهن، ايستائين اهو عمل ورجايو وڃي ٿو، ٻيو طريقو جيڪو ٽامي جي سامان تي آزمايو وڃي ٿو ان مطابق لاک جا ٻه مختلف تهه مختلف رنگن سان کنيا وڃن ٿا ۽ ايستائين نقش ڪڍيا وڃن ٿا ته هيٺيون تهه ظاهر ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ان جي ڀرسان تاسڙي ۾ ڪاٺ جو ڪوئلو ٻاريو وڃي ٿو، ۽ تيز لڳل اڳڙي سان لسو ڪيو وڃي ٿو، ٽامي جي سامان لاءِ ڪاٺ جي مٿاڇري تي قلعي جو تهه چاڙهي ان کي پگهريل ٿڀن سان، جنهن ۾ ٿوري مقدار ۾ قلعي ۾ شامل هوندي آهي، رنگ ڏنو وڃي ٿو ۽ پوءِ پٿر جي لسي اوزار سان صاف ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ جون روغني سرون پڻ مشهور آهن. ڪيترائي سوين سال اڳ جڏهن فن پنهنجي عروج تي مسجدون ۽ قبن کي انهن سرن سان سينگاريو ويندو هو. اهو فن اڄ به استعمال هيٺ آهي. پر ماضي جهڙو هنر موجود نه آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه هنرمند هينئر به اهو فن پيدا ڪري سگهن ٿا جنهن کي مغلن جي دؤر جي فن سان ڀيٽي سگهجي ٿو.

ماضي قريب تائين سرن جو ڪم تعمير جي فن لاءِ وقف هو جيڪو ديوارن لاءِ جيوميٽري جي نقش سان گهري ۽ هلڪي نيري رنگ جي سرن سان مقبرن جي قبن، مقبرن، چوڪٽن ۽ مختلف ماپن جي لنٽيل تي لکيل ٿلهن عربي اکرن، جن مان مسلمانن جو عقيدو نمايان هو، تي مشتمل هو. جيڪي رنگ استعمال ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ گهرو نيرو ۽ فيروزي شامل آهن. سرون ۽ ٽائلون، جيڪي مڪلي جي مقبرن ۽ ٺٽي جي مسجدن ۾ لڳل آهن، ٺاهڻ جو فن ختم ٿي ويو آهي. هالا ان فن جو مکيه هنڌ آهي پر اهو نصرپور، گني، ٺٽو ۽ شايد ٻين هنڌن تي جاري آهي. ڪاٺي تي نڪتل نقش هڪ فن آهي جيڪو پڻ پوين پساهن ۾ آهي. ڪيترن ئي پراڻن گهرن اهڙا دروازا آهن جن تي نقش جو ڏکيو ڪم ٿيل آهي. جن ۾ گلن جا نقش اهم آهن ۽ ان جي جهلڪ سنڌوندي ۾ هلندڙ ٻيڙين ۾ پڻ نظر اچي ٿي. جيئن ته ٻيڙين ٺاهڻ جو فن به پنهنجن پوين پساهن ۾ آهي انڪري توقع آهي ته ان سان گڏ ڪاٺي تي نقش اڪيرڻ جو فن به ختم ٿي ويندو.

زندگي جي رهڻي ڪهڻي:

رهڻ جون جايون: سنڌ جي آبهوا کليل هوا واري زندگي لاءِ مناسب آهي ۽ آبادي جو وڏو انگ خاص طور ڊيلٽا ۾ چرندڙ نڙ جي تڏن يا پلال جي پناهه گاهن ۾ رهن ٿا. ملڪ جتي بارش گهٽ آهي ۽ سال جو اڪثر حصو سج چمڪندڙ ۽ چڀيندڙ هجي اتي اهو بهتر آهي ته ٿلهي تعمير ٿيل جاءِ کان پناهه گاهه يا ڪنهن ڇاپري هيٺان رهجي. ملڪ جي اڪثر حصن ۾ پٿر جي کوٽ آهي. انڪري جتي گهڻيون جايون تعمير ڪرڻيون هجن ته ان ۾ سرون ضرور استعمال ڪرڻ گهرجن. اهي سرون جيڪي بٺن ۾ پچايون وڃن ٿيون. پر سنڌ جي مٿانهين علائقي ۾ جتي بارش گهٽ پئي ٿي اتي اڪثر گهر مٽي ۽ انهن گهرن جا ٺاهيا وڃن ٿا جيڪي سج ۾ سخت ڪيون وڃن ٿيون. 1842ع ۾ وون آرلچ هيٺاهين سنڌ جون حالتون بيان ڪندي لکيو. سڀ گهر جيڪي مٽي جا ٺهيل آهن. اهي مشڪل سان 20 فوٽ اوچا هوندا جن جون ڇتيون تراکڙيون جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن روشندان ڪڍيا وڃن ٿا ۽ هوا جا سوراخ درين جو ڪم ڏين ٿا. ڊگهي ۽ مسلسل بارش انهن جهوپڙين کي تباهه ڪندي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ وهائي ويندي.“ الا دريسي لکي ٿو ته ديبل ۾ گهر ڪچي مٽي ۽ ٺڪر جا ٺهيل هئا. اڻويهين صدي عيسوي جي شروعات ۾ ٺٽي بابت ڳالهائيندي لکيو، ”هتي گهر رٿابندي مطابق ٺهيل آهن جيڪي مان ٻي ڪنهن ملڪ ۾ نه ڏٺا. انهن گهرن جون ڀتيون ڪاٺي جي ننڍن ٽڪرن، جيڪي ڇلهيل ۽ پوريون آهن. سان ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪاٺي جا اهي ننڍا ٽڪرا اٺ کان سورهن انچ ڊگها ٿين ٿا ۽ وتري (Diagonal) شڪل ۾ رکيا وڃن ٿا ته جيئن اهي ٻنهي پاسن کان تمام مضبوط چؤڪاٺو ٺاهن ٿا جنهن جي مٿان گاري يا چوني سان پلستر ڪيو وڃي ٿو ۽ معلوم ٿيندو آهي ته اها مضبوط ڀت هجي. ان اصول تي ٽي يا چار ماڙ عمارتون تراکڙين ڇتن سان ٺهيل آهن جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اهي مضبوط آهن. اهو رڳو پراڻن ۽ آباد شهرن ۾ سرن جون عمارتون ٺهيل آهن.

آڳاٽي سنڌ اڃان تائين ٻهراڙي، ڳوٺاڻي ۽ خانه بدوشي وارو ملڪ آهي ۽ رهواسين جي اڪثريت جي گهٽ خواهش آهي ته اهي هڪ هنڌ رهن يا کين سرن سان اڏيل عمارتون هجن. ڪجهه نڙجي تڏن سان ٺهيل پناهه گاهن کي برو سمجهن ٿا ۽ وڻن جي هيٺان رهن ٿا پر عام ڳوٺاڻي وٽ ننڍي جهوپڙي ٿئي ٿي جيڪا گاري جي ڀتين ۽ سڪل گاهه جي ڇت تي مشتمل هوندي آهي. جنهن کي چوڌاري چوپايي مال لاءِ گول ٻنون ڏنل هوندو آهي ۽ جڏهن دوستن کي سڏجي ٿو ته اها پڻ اوطاق هوندي آهي. هنگامي حالتن ۾ ڳئون کي جهوپڙي اندر ٻڌندا آهن جتي سندن ڪٽنب هوندو آهي. هن جو فرنيچر هڪ يا ٻن کٽن، تڏي، رڌپچاءَ جي ٿانون ۽ حقي تي مشتمل ٿئي ٿو. اتان کان زميندار جي گهر جو سفر ٿئي ٿو جيڪو سج ۾ پڪايل سرن سان ٺهيل ۽ تراکڙي ڇت تي مشتمل ٿئي ٿو. ان ۾ صفو جنهن سان پاسي ۾ هڪ يا ٻه ڪمرا هوندا آهن جنهن ۾ وڏي ڪٽنب جا رڪن يا شادي ڪيل پٽ رهن ٿا. جيڪڏهن ممڪن آهي ته اتي رنڌڻو به هوندو پر ان جي نه هئڻ جي صورت ۾ رڌپچاءُ صفي ۾ ٿيندو. ان کان علاوه سامان رکڻ جي ڪوٺي، غسلخانو ۽ مخفي ٿين ٿا. شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ آخري ڪمرو مسلمانن جي ضرورت آهي. پر سڀ کان اهم شيءِ ڪوٽ ٿئي ٿو جنهن کي اڱڻ هوندو آهي. ان جي اندرو ڇاپرو ٿئي ٿو جيڪو هن ۽ سندس ڪٽنب کي ايستائين تحفظ مهيا ڪندو جيستائين هو ٻيو ڪجهه بهتر بڻائي سگهي. پر عزت سان رهڻ لاءِ گهر مالڪ کي اوطاق گهرجي جنهن ۾ هو مرد مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري سگهي ۽ ڏينهن جو وقت گذاري سگهي. اها هڪ الڳ عمارت ٿئي ٿي جنهن ۾ هن وٽ موجود عمدو فرنيچر پيل هوندو آهي جيڪو کٽن، ڏولي ۽ شايد هڪ يا ٻن ڪرسين تي مشتمل ٿئي ٿو. شاهوڪار ماڻهن جا گهر ڪشادگي سبب نمايان هوندا آهن. وڏي زميندار يا پير جي رهائشگاهه کي اڪثر محل وانگر اوچي ڀت آهي جنهن جي اندر ڪيتريون ئي عمارتون هونديون آهن. ٻي طرف ڪيترن بلوچن کي وهمي خوف آهي ته پڪين عمارتن ۾ رهڻ سان سندن مٿان ڪري پونديون جنهن ڪري اهي ڪيترا به شاهوڪار هجن هميشه ڪکائن جهوپڙن ۾ رهن ٿا.

خيرپور جي مير جو ڪٽنب آخر تائين انهن حالتن ۾ رهيو. ٻه ماڙ گهر اڃان تائين غير معمولي آهن ۽ اهي پاڙيسرين جي ڪاوڙ جو باعث بڻجن ٿا ڇاڪاڻ ته ان سان سندن بي پردگي ٿئي ٿي. ٻهراڙي ۾ پراڻي طرز جي گهرن ۾ درين کي فالتو سمجهيو وڃي ٿو پر منگهه عام آهن ۽ انهن علائقن جي گهرج آهي جيستائين سامونڊي هوا پهچي ٿي. اتر کانسواءِ تراکڙيون ڇتون گهڻي قدر سمهڻ لاءِ استعمال نٿيون ڪيون وڃن. ڪجهه ماڻهن وٽ هڪ ماڙ گهر آهن جنهن کي اڱڻ به ٿئي ٿو پر حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ شاهوڪار ماڻهن وٽ ڪيترائي عمدا گهر آهن.

گزيٽيئر جي 1907ع جي شماري ۾ اڳواڻي سنڌ ۾ رهڻ جي جاين بابت اهو احوال ڏنل آهي. ان وقت کان وٺي هن مهل تائين ڪا ٿوري تبديلي ٿي آهي. هتان جي رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي آمدني ۾ بهتري آئي ۽ ان بهتري ناڻي جي مقدار ۾ اضافو ڪيو جيڪو هارين وڌيڪ مضبوط عمارتن تي خرچ ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن زرعي مندي هئي جيڪا پهرين مهاڀاري لڙائي جي پڄاڻي کان بعد ويهن سالن تائين جاري رهيو، دريائي ضلعن ۾ ملڪ جي اڪثر حصن ۾ حالتون ان وقت کان گهڻيون مختلف نه آهن جن جو ذڪر ليفٽنينٽ جيمس پنهنجي چانڊڪا جي احوال ۾ هڪ سؤ سال اڳ ڏنو جيڪو هاڻي لاڙڪاڻو ضلعو آهي. هن چيو گهر تراکڙي ڇتن سان گاري مان ٺهيل آهن ۽ غريب طبقن جا گهر آمڙي جي ڪاٺي جيڪي تڏن ۽ ٽارين سان ڍڪيل ٿين ٿا ۽ جتي ممڪن آهي ته گاهه به استعمال ڪيو وڃي ٿو. هيٺاهين زمين تي ڳوٺ ٻڌا وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ڳوٺن جي چوڌاري ٻوڏ جي پاڻي کان بچاءَ لاءِ کاهي به کوٽيل هوندي آهي. سردارن يا وڏن زميندارن ۽ سرڪاري اهڪارن جي گهرن آڏو هر ڪنڊ گاري جو هڪ مينار ٿئي ٿو ۽ تقريباً هر ڳوٺ ۾ چوڪي مينار نظر اچن ٿا جيڪي اتان جي رهواسين لاءِ اوچتي حملي جي صورت ۾ بچاءَ لاءِ استعمال ٿين ٿا. اڻويهين صدي عيسوي جي شروعات ۾ سنڌ جي علائقي بابت پنهنجي احوال ۾ پوٽنگر (Pottinger) چئي ٿو، ”آبادي جو ڳچ حصو وانڍهه ۾ رهي ٿو جيڪا ڪکن ۽ ڇپر سان ٺهيل هوندي آهي ۽ ان جي مٿان گاري جو پلستر ٿيل هوندو آهي. ڪراچي بند رکان سيوهڻ تائين ندي جي اولهندي ڪناري تي: ندي جي بلڪل ويجهو رهڻ وارين جاين کان سواءِ سڀ جايون ان طرز تي تعمير ٿيل آهن. انهن وانڍن جي آبادي ڇهه يا ست سؤ کان وڌيڪ نه هوندي آهي. پر اتي حيدرآباد جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ ڪموراڻي آهي جنهن ۾ چار هزار آبادي رهي ٿي.“ مجموعي طور سنڌ جي آبهوا آبادي جي هڪ اڪثر حصي کي سهڻ لائق آرام وارين حالتن ۾ رهڻ جي قابل بڻائي ٿي. انهن علائقن ۾ جتي وقفي سان ٻوڏ اچي ٿي، کانسواءِ آبهوا مشڪل سان سخت آهي ته رهڻ جون جايون ٺاهي سگهجن ۽ آرام سان گاهه، نڙ، شاخن يا ڪنڊن جون جايون آرام سان تعمير ڪن. ان حالتن ۾ جيڪڏهن ٻنين يا چوپايي مال، مينهن، رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن جا ڌڻ نه چارڻ نه وڃجي ته وقت گذارڻ ڏکيو ٿي پئي ٿو. تنهنڪري اهو يقين بي فضول ڳالهه هوندي ته سنڌي هاري انهن گهرن ۾ رهندي ناخوش آهن. هي پنهنجي رهڻ جي حالتن کان مطمئن آهن سواءِ ان مهل جي جڏهن هو ٻنيون ڇڏي شهرن ۾ اچن ٿا ۽ سوچين ٿا ته ٻي قسم جي رهڻ جي جاءِ بهتر ٿيندي. ڳوٺن ۾ هينئر جيڪي مضبوط عمارتون آهن انهن ۾ اسڪول، تپيدار جو ديرو، مقامي روينيو اهلڪار ۽ جيڪڏهن ڳوٺ ڪافي وڏو آهي ته ڊسپينسري به هوندي ڇاڪاڻ ته اهي عمارتون پڪين سرن سان ٺاهيون وڃن ٿيون.

لباس:

جيئن ته سنڌ جي آبادي جي اڪثريت زراعت پيشه ۽ ٻهراڙي ۾ رهي ٿي ۽ اڪثر وقت کليل هوا ۾ گذارين ٿا، ان ڪري لباس جو سوال گهڻي ڌيان جو مرڪز نه آهي. حقيقت ۾ سنڌي هاري ۽ سنڌي ڌنار لباس جي معاملي ۾ بلڪل قدامت پسند آهن ۽ ملڪ ۾ گذريل پنجاهه سالن ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن انهن جو زرعي، طبقي، زميندار يا هاري، جي لباس تي گهڻو اثر نه پيو آهي. اهو ان ڪري به آهي ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪپڙا جيڪي پهريا وڃن ٿا سنڌ علائقي جي گهريلو صنعت جي پيداوار آهن. اها حقيقت نه وڏي زرعي آبادي رهي ٿي ۽ انهن ڪپڙن مان خوش آهي جيڪي هن کي آڏاڻا مهيا ڪن ٿا هڪ سٺي ڳالهه آهي.

”سنڌي جي لباس ۾، چاهي هن جو مذهب، سماجي رتبو يا جنس ڪهڙي به هجي، ٻه ناگزير ڪپڙا پهراڻ ۽ سٿڻ آهن. سٿڻ يا پاجامي کي اڳٺ سان ٻڌو وڃي ٿو جيڪي مختلف رنگن جا ٿين ٿا ۽ انهن جي تياري کي اڳوڻي سنڌ ۾ صنعت جو درجو حاصل هو. اها ياد ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته پهراڻ، جنهن جي ڊيگهه ۽ شڪل مختلف ٿئي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن صدري جهڙو ٿئي ٿو. جنهن کي واسڪوٽي سان به ڀيٽي سگهجي ٿو. بلوچي ”ٿيلها“ جيڪي هيٺان سوڙها ۽ مليل هوندا آهن، سڀني جي لاءِ رواج ۾ آهن. پهراڻ اڇي ململ مان ٺاهيا وڃن ٿا. جيڪڏهن پهريندڙ مسلمان آهي ته پهراڻ ساڄي پاسي کان کليل هوندو ۽ هندو جي شڪل ۾ کاٻي پاسي کان. ان جون ٻانهون ويڪريون ۽ ڪن ٿين ٿا. ان جي مٿان مسلمان مخمل جي صدري پائڻ پسند ڪري ٿو جهن تي ريشمي گلڪاري جو ڪم ٿيل هوندو آهي. ان جي مٿان هي پنهنجي پسند جو ڊگهو ڪوٽ پائي يا نه. اصلي بلوچ مٿان اڇي رنگ جي قميص پائي ٿو جيڪا سندس مُرن (Angeles) تائين پهچي ٿي چيلهه وٽ ٻڌجي ٿي. سنڌي زميندار سياري ۾ ٿلهي يا کهري ڪپڙي جا گرم ڪوٽ پائن ٿا جن تي ڪڏهن ڪڏهن سونهري رسي يا ريشم جو ڪم ٿيل هوندو آهي. سڀ طبقا اسڪارف جهڙو ڪپڙو پائين ٿا جنهن کي ”ڪمربند“ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ مختلف ڪمن لاءِ ڪتب اچي ٿو. جيڪڏهن ريشم سان تيار ڪيل ۽ ڇيڙا سونهري ڌاڳي سان اڻيل آهن ته اها لنگي خوشحال سنڌين لاءِ آهي. جيڪڏهن اڇو ڪپهه جو ڪپڙو آهي ته اهو بوڇڻ آهي. سنڌ جي علائقي ۾ سڀ بوٽ پائين ٿا. مٿين طبقي جا فرد رنگين ۽ سينگاريل ۽ غريب لسا پهرين ٿا.

پڙهيل ماڻهن جو وڌنڌڙ انگ قميص، ڪوٽ ۽ پتلون اختيار ڪري رهيو آهي. جن جو نمونو اهڙين يوروپين شين جهڙو آهي. وڏن شهرن ۾ ڪنهن حيثيت جو مالڪ اهڙو ماڻهو مشڪل سان ملندو جنهن جي پوشاڪ مشرقي نه هجي. لونگي، بوڇڻ ۽ رون جو رواج آهستي آهستي ان تبديلي سبب ختم ٿي رهيو آهي. بوٽ عام طور يوروپي نموني تي آهن ۽ عام ماڻهو جوراب استعمال ڪري رهيا آهن. ليفٽيننٽ پوٽنگر ڏٺو ته 1809ع ۾ حيدرآباد جا مير صبح جو عظيم الشان پٽڪا پهرين ٿا جنهن جو قطر ٻه کان اڍائي فوٽ ۽ 80 والن تي مشتمل ٿئي ٿو. پر ٻين وقتن تي اهي سنڌي ٽوپ پائين ٿا جيئن تصويرن مان ظاهر آهي.

عورتون ٻه ناگزير ڪپڙن سان گڏ مٿي کي ڍڪڻ لاءِ رئو استعمال ڪن ٿيون جيڪو گهر جي اندر سنهي ڪپڙي جو ٿئي ٿو. بروهي عورتن جو چولو نيري يا ڳاڙهي ڪپڙي جو ٿئي ٿو. جيڪو پيرن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. گجراتي ۽ ماروڙ زناني چولي سنڌ جي علائقي ۾ عام آهي.

آخر اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته اڳوڻي سنڌ ۾ ڪيترائي نسل ۽ منفرد گروهه آهن جيڪي عجيب نموني جا لباس پهرين ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ڪپڙا سنڌي آبادي جي اڪثر حصي جو عام روايتي لباس پهرين ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ڪپڙا سنڌي آبادي جي اڪثر حصي جو عام روايتي لباس آهي. مٿين ۽ هيٺين طبقن جي وچ ۾ ڪپڙو ۽ ڪپڙن جو نمونو فرق واضح ڪري ٿو. اهو پڻ ضرور ياد رکڻ گهرجي ته غربت رواج (Fashion) ۾ نه آهي. هاري جي زال کي چادر جي گهٽ ضرورت آهي. غريب ماڻهو اهو پهري ٿو جيڪو هو خريد ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ايستائين پهري ٿو جيستائين اهو خراب نه ٿي وڃي. يوروپ کان پراڻن ڪپڙن جو اچرج ۾ وجهندڙ ڪاروبار ٿئي ٿو.

ڪپڙن وانگر زيور به سنڌي عورت لاءِ ناگزير آهن. سڀني کان اهم نٿ آهي. جيڪا پرڻيل عورت لاءِ شادي جي منڊي وانگر آهي جيڪا پنهنجي مڙس جي زندگي ۾ ڪڏهن به نٿي لاهي. نٿن جا ڪيترائي قسم آهن. اهي وڏيون ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن عجيب پڻ. پر ان جو وزن ڳتيل چوٽي تي هوندو آهي جنهن کي پيشاني جي مٿان ڦيرايو وڃي ٿو. ننڍيون منڊيون، جيڪي ڇوڪريون پائين ٿيون، انهن بولو سڏجي ٿو. ايرنگ پڻ مختلف آهن، ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڪن سوراخ سان ڀريل هوندو آهي ته جيئن 12 کان 20 تائين ننڍا ڇڻ ڇڻ ڪندڙ زيور پائي سگهجن. انهن کي چاندي جي زنجير جي جهل هوندي آهي جيڪا وارن ۾ لڳل هوندي آهي. هار، وارن لاءِ اڳيان پائڻ جو زيور (ٽڪو يا چنڊي)، آڱرين ۾ ۽ پير جي آڱرين ۾ منڊيون (منڊي يا باندرا)، ڪرائي ۾ پائڻ جو زيور، مري ۾ پائڻ جو زيور ۽ ڪنگڻ، ڪڙي ۽ ٻانهن رکي ۽ ڳنڍو جيڪو ٻانهن ۾ پاتل يا نڪ کان لڙڪيل ٿئي ٿو خوش لباس عورت جي سينگار کي مڪمل ڪن ٿا. شيشن جون چوڙيون پاڪستان ۾ ٻين هنڌن تي عام آهن پر سنڌين وٽ رواج ۾ نه آهن ۽ سنڌ علائقي جي عورت ٿلهين عاج جي منڊين، جيڪي سڄي ٻانهن کي مياڻ بڻائين ٿيون، کي پسند نٿي ڪري. پيرن ۾ مرن جا زيور آهستي آهستي رواج مان خارج ٿي رهيا آهن. اهي ٻئي چاندي جا ٿين ٿا. ٻين لاءِ سون کي اوليت ڏني وڃي ٿي ۽ هيرن جي شديد خواهش ڪئي وڃي ٿي پر ان جو انحصار حيثيت تي آهي.

سنڌي عام طور پنهنجا مٿا صفائي ۽ ٿڌ لاءِ ڪوڙائن ٿا پر بلوچ وارن کي وڌڻ ڏين ٿا ۽ جبلن ۾ رهندڙ بلوچن جا وار ڪلهن تائين ڊگها ٿين ٿا. پٺاڻ فوجي مڇون رکن ٿا جڏهن ته خوبن ان سلسلي ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي رواج قائم رکيو آهي.

سنڌي ٽوپ، جيڪو سٺو آهي، آهستي آهستي استعمال مان ختم ٿي ويو آهي. جيڪڏهن هينئر پهريو وڃي ٿو ته درٻارن ۾ جتي رسمي لباس جي پابندي آهي. سٺي طبقي جي عورت جديد رواج ۽ يوروپيائي طرز جي ڪپڙن ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري آهي جيڪي هن لاءِ وڏن شهرن ۾ موجود آهن.

کاڌو:

1907ع جي گزيٽيئر ۾ سنڌ جي کاڌي بابت ڏنل احوال هينئر به ساڳيو آهي. ڪپڙن وانگر اوڀر جي کاڌي (Eastern Food) جي معاملي ۾ قدامت پسند آهي. جيتوڻيڪ گذريل 50 سالن ۾ ٻهراڙي ۾ موٽر، بس جي اچڻ ۽ ڳوٺن کان چرپر جي آزادي جي باوجود انهن تبديلين بنيادي نظام کي متاثر نه ڪيو آهي. جنهن تي آبادي جي اڪثريت جي غذا جو انحصار آهي. جيڪي تبديليون آيون آهن انهن ۾ چانهه جي دوڪانن جو وڌندڙ انگ ۽ ڳوٺن ۾ سوڍا واٽر جو دوڪان، مٺن بسڪوٽن جي وڏي تعداد ۾ کپت جيڪي هاڻي ملڪ اندر فيڪٽريون پيدا ڪري رهيون آهن. انهن سان گڏ اهو محسوس ڪيو وڃي ٿو ته اٻاريل مٺاين جي سستن نمونن جي کپت وڌي رهي آهي ۽ هينئر ننڍن ڳوٺن ۾ بسڪوٽن ۽ منرل پاڻي جي اشتهارن جو هجڻ عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. ان ڳالهه جا آثار نه آهن ته سنڌ جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ آبادي جي اڪثريت متوازن غذا جي لاءِ هلندڙ تحريڪ کان واقف هجن جيڪا طبي علم دعويٰ ڪري ٿو ته مڪمل صحت لاءِ ضروري آهي.

عام طور ماڻهن جو کاڌو سادو آهي. زرعي طبقا اناج کائين ٿا جيڪو مُک طور انهن حصن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ هو رهن ٿا. ان ڪري جوئر ۽ ٻاجهري علائقي جي وڏي حصي ۾ رهندڙ انهن طبقن جي کاڌي جي مُک غذا آهن پر چانور پيدا ڪندڙن ۾ اهي اڻلڀ آهن، مثال طور لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ جڏهن ته ڪڻڪ اهي واپرائين ٿا جيڪي ان کي خريد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. جيڪي دولتمند آهن اهي جوئر ۽ ٻاجهري بلڪل استعمال نٿا ڪن. ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهري ماني جي صورت ۾ سبزي ۽ مرچن يا ڏهي ۽ گيهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت يا مڇي سان کائي وڃي ٿي. چانور اٻاريا وڃن ٿا ۽ ساڳي ئي غذا سان کاڌا وڃن ٿا يا گوشت سان ان جو پلاءُ تيار ڪيو وڃي ٿو. آواره جت پنهنجن اٺن جي کير تي گذران ڪن ٿا جڏهن ته ڪوهستان جا بلوچ رڍن ۽ ٻڪرين جي کير تي. مٿين طبقن جي غذا يقينن مختلف آهي جنهن ۾ داليون، ميوو ۽ مٺاين سان گڏ سبزيون به شامل آهن جيڪي غريب استعمال ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن. چيو وڃي ٿو ته رهڻ جو معيار ڏاڍي دير سان اوچو ٿيو آهي. ڪيترائي رهواسي هينئر گوشت روزانو استعمال ڪن ٿا جيڪو اڳ ۾ هفتي ۾ هڪ ڀيرو استعمال ٿيندو هو. ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ماني ضروري کائي وڃي ٿي، هڪ منجهند ۽ ٻيو رات 8 يا 9 وڳي. پر يقينن ان معاملي ۾ هرهڪ لاءِ موزون وقت اهو آهي جيڪو هن لاءِ مناسب هجي.

اها وچولي ۽ مٿين طبقن ۾ عام ڳالهه آهي ته صبح سويل مهل هلڪي ماني کائين ٿا. رات جي ماني کان پوءِ گرم کير پيئڻ کي فائديمند سمجهيو وڃي ٿو. چانهه جو واهپو عام آهي جيڪا عام طور سويل ماني سان گڏ پيتي وڃي ٿي، خاص طور سياري جي موسم ۾. ڪافي جو واهپو عام نه آهي. تماڪ ڇڪڻ عام آهي. حقو عام طور ڊگهي ماپ جو ٿئي ٿو. ٻيڙي ڪجهه طبقا پيئن ٿا جڏهن ته سگريٽ ۽ چروٽ جو رواج وڌي رهيو آهي.

اهو پڇي سگهجي ٿو ته عام سنڌي پنهنجو ڏينهن ڪيئن گذاري ٿو. تقريباً سڀني گهرن ۾ زال کي گهر ۾ گهڻو ڪم ڪرڻو پئي ٿو. اها صبح مهل سويل اٿي ٿي. پاڻي ڀري ٿي، ان پيهي ٿي، چانور صاف ڪري ٿي، ڪپڙا ڌوئي ٿي، ٻڪرين مان کير ڏهي ٿي. پنهنجي مُڙس کي ماني کارائي ٿي ۽ عام طور فصل پوکي، ڪپهه چونڊي، اٺن کي هڪلي ۽ پکي پالي ڪٽنب جي ڪمائي ۾ اضافو ڪري ٿي. ڪيترائي مسلمان، جيڪڏهن انهن جو ڪم اجازت ڏئي ٿو. جمعي ڏينهن خاص طور وهنجن ٿا ۽ مسجد ڏانهن وڃن ٿا. جن جو ڌنڌو يا حيثيت وڌيڪ واندڪائي جو وقت ڏئي ٿو ته اهي پنهنجو وقت دوستن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ گذارين ٿا جنهن ۾ هو شايد تاش کيڏن ٿا يا موسيقي ٻڌن ٿا. جيڪڏهن هي تمام مذهبي آهي ته مسلمان پنهنجي ڏينهن جي شروعات وضو، نماز پڙهڻ ۽ قرآن مجيد پڙهڻ سان ڪن ٿا جنهن کان پوءِ ڪٽنب سان گڏ سماجي ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا جيستائين هو ڪم تي وڃي ٿو. پر ڪجهه دولتمند گهرن ۾، جن ۾ نوڪر رکيا وڃن ٿا، عورت واندڪائي ۾ ڏينهن گذاري ٿي. انهن جو مشغلو سئي سان ڀرت ڀرڻ آهي. ڪيتريون مسلمان عورتون ماڻهن وانگر باقاعدگي سان قرآن پڙهن ٿيون. دولتمند، جاگيردار يا زميندار پنهنجو وقت شڪار، ڪڪڙ ويڙهائن ۽ باز پالڻ ۾ گذارين ٿا.

جيڪڏهن ان ڪم ۾ مصروف نه هوندا آهن ته پوءِ حيثيت جو مالڪ ماڻهو پنهنجي اوطاق ۾ ويهي ٿو ۽ حقو ڇڪي يا ڪچهري ڪري ٿو يا تاش کيڏي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن موسيقارن ۽ ناچڻين جي فن سان پاڻ کي وندرائي ٿو.

پر صبح جي ناگزير ڪمن يعني ڏند صاف ڪرڻ ۽ مذهبي فرض ادا ڪرڻ کان پوءِ هي آڌي رات جي ويجهو پنهنجي دوڪان تي ويهي ٿو. ان دؤران صرف هڪ ڀيرو وقفو ڪري ٿو جڏهن هو ناشتو ڪري ٿو، وهنجي ٿو ۽ ٿوري ننڊ ڪري ٿو. هندن لاءِ اهو مذهبي فرض آهي ته هر ڏينهن وهنجن ۽ اهو رواج عورتن ۽ ماڻهن ۾ عام آهي.

راند روند:

باقي پاڪستان وانگر اڳوڻي سنڌ ۾ اسريل (Grown) ماڻهو راند نٿا کيڏن. ايندڙ نسل جا نوجوان صحتمند راندين جي سڪ دل ۾ رکي سامهون اچي رهيا آهن. ٽولي جي صورت ۾ رانديون کيڏڻ ۽ جسماني مشقن جو باقاعده ذڪر هينئر اسڪولن جي نصاب جو حصو آهي. ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن ۾ پڻ اهو شامل آهي. برطانوي زندگي جو اثر انهن ٽولي وارين راندين جي مشهوري ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خاص طور جڏهن کان پاڪستان ڪرڪيٽ، ٽينس ۽ هاڪي جا ايشيا ۾ سٺا راندگر پيدا ڪيا آهن. اڪثر ڳوٺن ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ فٽبال جي ايسوسيئشن واضح نقشي طور اڀري رهي آهي. عام مرڪز جي ذريعي ڳوٺن ۾ سماجي سرگرمين کي همٿائڻ لاءِ عام تحريڪ هلائي وئي جنهن سان اميد هئي ته وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انهن راندين ۾ حصو وٺنديون. ڪجهه ديسي رانديون آهن جيڪي هر هنڌ کيڏيون وڃن ٿيون. ٻيلهاڙو، جنهن ۾ للڪار ڪندڙ پنهنجي مخالف کي پڪڙڻ جي دعوت ڏيندو آهي. حملو ڪندڙ للڪاريندڙ کي پڪڙڻ لاءِ سخت ڪوششون وٺي ٿو، جڏهن ته للڪاريندڙ پاڻ بچائڻ لاءِ ڪا زور آزمائي نه ڪندو آهي.

گزيٽيئر جي سهيڙيندڙ ٻهراڙي جي علائقن ۾ عام کيڏيون ويندڙ رانديون ڏٺيون جنهن ۾ للڪاريندڙ حملي ڪندڙ جي اگهاڙي سيني تي ايتري زور سان ڌڪ هڻي ٿو ته ان مان رت وهڻ لڳي ٿو. مناسب موسم ۾ نوجوان ۽ پوڙها لغڙبازي سان دل وندرائن ٿا. لغڙ جي ڏور کي شيشن مليل پائوڊر سان مانجهو چاڙهيو وڃي ٿو ۽ مخالف اڏائيندڙ ڪوشش ڪن ٿا ته هڪٻئي جي ڏور ڪٽن ۽ انهن جي لغڙن کي زمين ڀيرو ڪيون جيڪي جوش پيدا ڪن ٿا ۽ اهو يوروپ ۾ اڻلڀ آهي. پر بالغ آبادي لاءِ سڀ کان وڌيڪ مزي واري راند ملاکڙو آهي. اهو مشهوري ۽ جوش ۾ برطانيا ۾ فوٽ بال جهڙو آهي. ان ۾ وڏو هجوم شرڪت ڪري ٿو خاص طور ان ملاکڙي ۾ جن ۾ عالمي مشهور پاڪستاني ملهه حصو وٺندا هجن. ملاکڙي جون مئچون جمع ۽ موڪل جي ڏينهن تي منعقد ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر ميلي جي زينت آهن. شاهوڪار ماڻهو مشهور ملهه رکن ٿا ۽ مئچون ڪرائن ٿا. اهو عام آهي ته هڪ ڳوٺ ٻي ڳوٺ سان ملهه وڙهي ٿو جهڙي طرح برطانيا ۾ ٻن پاڙيسري حريفن جي وچ ۾ مقابلو ٿئي ٿو. سڀ کان بهترين ملهه شيدي آهن. ملاکڙي ۾ کٽڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته مخالف کي زمين تي ڪيرائجي ته جيئن ٻئي ڪلها مٽي کي ڇهي وڃن. عام طور مئچون گهڻو وقت نه هلنديون آهن. پنهنجي مخالف کي اڇلائڻ کان پوءِ، ملهه وڏن وڏن قدمن سان ڪڏندو پنهنجو هٿ فتح جي نشاني طور مٿي کڻي ماڻهن جي وچ۾ چوڌاري چڪر ڪاٽيندو آهي. جيئن ته ملهه وڏيون شلوارون پائن ٿا. ملاکڙي کان پوءِ مشهوري جي لحاظ کان ٻي راند ڪڪڙن، تترن ۽ ٻٽيرن جي ويڙهه آهي جنهن ۾ شرط وڌيڪ جوش پيدا ڪري ٿي. سنڌ جي علائقي ۾ ڪڪڙن کي پاليو وڃي ٿو جنهن کي انگلنڊ ۾ هند- پاڪستاني راند طور سڃاتو وڃي ٿو. نوجوان ڀورا تتر پڪڙيا وڃن ٿا ۽ بهترين نموني مانوس ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن اهي انعام کٽندڙ ٿين ٿا ته انهن جو ملهه وڌي وڃي ٿو. ڪاري تتر کي ويڙهه لاءِ استعمال نٿو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان جي اڙي ناسي تتر  وانگر نرم نه هوندي آهي.

موسيقي تفريح جو پسنديده مشغلو آهي ۽ ڪجهه شاهڪار پنهنجي تفريح لاءِ ڳائڻا رکن ٿا. شهر شهر گهمندڙ ڀاٽ، شهنائي وڄائيندڙ ۽ دهلائي شادين ۽ ميلن ملاکڙن تي پنهنجي موسيقي جي فن جو مظاهرو ڪن ٿا. گيت لاءِ سنگيت ڪرڻ ۾ اهم اوزارن ۾ سرندو، جنهن کي سر رچرڊ برٽن وائلن جو نمونو قرار ڏنو. ان جي بناوٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو بلوچي اصليت رکي ٿو. يڪتارو، گٽار جو نمونو رکندڙ، پوري سنڌ ۾ عام آهي. مرلي ۾ هوا گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ خانو ٿئي ٿو جيڪو ڪدو جو ٺهيل هوندو آهي ۽ ڊگها نڙ هوندا اٿس. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت جهمريون آهن. سڀني کان وڌيڪ مقبوليت ناچ کي آهي. دروازي کان اندر راندين ۾ شطرنج، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها سنڌ ۾ ايجاد ٿي، کي مقبوليت حاصل آهي ۽ ان جا ڪيترائي بهترين کيڏاڙي موجود آهن. چوپڙا راند جيڪا تختي تي ڍاري سان کيڏي وڃي ٿي، ۽ ڪيتريون ئي رانديون، جنهن ۾ پتا استعمال ٿين ٿا، عام آهن. سڀ بلوچ ميداني رانديون کيڏن ٿا ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ شڪار گاهون يا سيوهڻ کان وٺي ٺٽي تائين سنڌوندي جي ڪنارن سان راندين جي جاين کي مقدس حيثيت حاصل هئي. بلوچي پنهنجي بندوق هلائڻ ۾ غير معمولي ماهر هئا. هڪ ٻيو هٿيار جيڪو استعمال هيٺ هو اهو سنڱ سان ٺهيل ڪمان آهي جنهن ۾ تير لڳل آهن جن کي پکي مارڻ لاءِ اڇلايو ويو. سموري آبادي  راند سان پيار ڪري ٿي. پر وڏي پئماني تي جهنگلن جي صفائي ۽ راندين جي تباهي تمام گهٽ موقعا ڇڏيا آهن. ته ماڻهو ان ۾ حصو وٺن ڪيترائي زميندار شوقين رانديگر آهن ۽ رائفل سان سٺو نشان لڳائين ٿا پر ڪجهه شاٽ گن جي نشاني ۾ ماهر آهن. هن گزيٽيئر جي سهيڙيندڙ، جڏهن جيڪب آباد ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر طور ڪم ڪري رهيو هو، اهڙا ڪيترائي دور سردار عبدالرحيم خان کوسو، جيڪو پنهنجو گهڻو وقت راندين ۾ گذاريندو هو. منعقد ڪيا. جڏهن سنڌ ۾ راند دستياب نه هئي ته هي راجپوتانا ۽ هندوستان جي ٻين لاڳاپيل حصن ڏانهن ويو ۽ چيو ته سراسري سال ۾ هن پنهنجي شاٽ گن سان گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار ڪارتوس هلايا. هي هٿيار جو سٺي نشاني باز هو.

مير ۽ شاهوڪار زميندار اڃان تائين باز جي شڪار جا شوقين هئا. جنهن ۾ هنن ڪماليت حاصل ڪئي هئي. جيڪي باز ۽ شڪرا استعمال ڪيا ويا انهن ۾ پيلي اکين يا ننڍن پرن جا مالڪ شڪرا، جهرڪي ۽ پاڪستاني شاهين، ڪارين اکين يا ڊگهن پرن جو مالڪ شڪرو ۽ شاهين باز وغيره شامل هئا.

باز يا مادي شڪرو تي نشاني باز ٻين سڀني شڪرن کان وڌيڪ انعام لڳائين ٿا. انهن کي هماليه ۽ خراسان ايران مان پڪڙيو وڃي ٿو ۽ سکيا حاصل ڪرڻ کان پوءِ قيمتي بڻجي وڃي ٿو. انهن کي سرڻ، بگلا ۽ ابس پر خاص طور سيهڙڻ کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهن کي هٿن مان جيئن جهرڪي، شاهين يا شڪرو کي ڇڏيو وڃي ٿو. شڪرو پالتو پکي آهي ۽ تمام عام ۽ سستو آهي جڏهن ته ٻيا ٿڌي موسم جا پکي آهن.

ڪجهه مير هرڻ کي پڪڙڻ لاءِ چيتا استعمال ڪن ٿا. هن گزيٽيئر جي سيهڙيندڙ ٽيهه سال اڳ چيتي جي شڪار ۾ حصو ورتو جنهن ۾ ٻن چيتن کي پڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو ۽ انهن پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. گهوڙي ڊوڙ ۾ بلوچي شوق سان حصو وٺندا آهن. جيڪب آباد جي سالياني هارس شو ۾ شوقين جوش سان شرڪت ڪن ٿا. پر ڊوڙ ۽ گهوڙي سواري جي حيثيت جو معيار گهڻو اوچو نه آهي. گهوڙي ڊوڙ، يقيني طور، جوا جو موقعو مهيا ڪري ٿي.

مسلمانن جون ريتون ۽ رسمون:

انساني زندگي جي مختلف موقعن ڄمڻ، شادي ۽ مرڻ وغيره تي سنين ۽ شيعن ۾ بنيادي طور رسمون ساڳيون آهن. زندگي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مسلمان عقيدي جون ٽي رسمون يعني نالو رکڻ، مٿو ڪوڙائڻ (عقيقو) ۽ طهر شامل آهن.

نالو رکڻ: ٻار جي ڄمڻ کان جلد ئي پوءِ پيءُ يا هن جي غير موجودگي ۾ چاچو يا ڪٽنب جو ٻيو وڏو هن جي ڪن ۾ ”الله وڏو آهي“ جا لفظ ورجائي ٿو. ان عمل جو مقصد اهو آهي ته جيئن ٻار جي ڪن ۾ پهريون آواز الله جو پئي. ان کان جلد ئي پوءِ پيءُ ٻار جو نالو رکي ٿو.

مٿو ڪوڙائڻ: ستين، چوڏهين، ايڪويهين يا چاليهين ڏينهن تي، ٻار جو مٿو ڪوڙيو وڃي ٿو. ڪنهن به داغ يا عيب کان پاڪ ٻه ٻڪريون ڇوڪر ۽ هڪ ٻڪري ڇوڪري لاءِ قربان ڪئي وڃي ٿي. ان کان پوءِ انهن جو گوشت پچائي دوستن ۽ مائٽن ۾ ورهايو وڃي ٿو. جڏهن ته هڏا ٻار جي وارن سان گڏ (ڪڏهن گهر ۾) دفن ڪيا وڃن ٿا. وارن کي سون يا چاندي سان توريو وڃي ٿو ۽ ان جي خيرات ڪئي وڃي ٿي. ان موقعي تي موجود مائٽ ٻار مٿان رقم گهورن ٿا ۽ اها حجام کي اجرت طور ڏني وڃي ٿي.

طهر ڪرڻ: طهر ڪرائڻ لاءِ ڪابه عمر مقرر نه آهي. مشڪل سان اهو ٻار جي ڄمڻ جي ڇهين ڏينهن ڪرايو وڃي ٿو پر عام طور جڏهن ٻاراڻي عمر کي پهچي ٿو. غريب ماڻهو خرچ سبب ان کي ملتوي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڏڻ جي ڏينهن تي ٻار کي پوشاڪ پارائي ڳچي ۾ گلن جا هار وڌا وڃن ٿا ۽ گهوڙي تي، جيڪڏهن حالتون اجازت ڏين ٿيون. ويهاري دهلن سان شهر جو سير ڪرايو وڃي ٿو. ان کان پوءِ مائٽن ۽ دوستن جي موجودگي ۾ حجام طهر جي رسم ادا ڪري ٿو. حجام جي اجرت کي پيءُ ٻار جي ساڄي پير جي هيٺان رکي ٿو ان کان علاوه هن کي دوستن جي گهور پڻ ملي ٿي. اتر ۾ طهر ڪرڻ وقت ٻار جي بدقسمتي ختم ڪرڻ لاءِ ماءُ ٻار جي مٿن کان بيهي ٿي ۽ مرد مائٽ پاڻي هاري ٿو پر ڏکڻ ۾ اهو مختلف آهي جتي ماءُ سان پيءَ پاڻي ۾ پير وجهي ٿو ۽ قرآن پاڪ هن جي مٿن کان جهليو وڃي ٿو. مرض جي صحتيابي يعني يارهين ڏينهن تي اهو پيءُ تي لازم آهي ته مائٽن ۽ دوستن جي مان ۾ دعوت ڏيندو جنهن ۾ غريب 50 يا سؤ روپيا خرچ ڪندو جڏهن ته شاهوڪار هزارين روپيا خرچ ڪري سگهي ٿو. مهمان کان اها اميد ڪئي ويندي آهي ته هو ڪجهه رقم تحفي طور ڏيندو ۽ مقبول ماڻهو اهڙي طرح پنهنجي خرچ جي وصولي ڪري ٿو.

شادي: جڏهن نوجوان مسلمان زال جي خواهش ڪري ٿو ته ان لاءِ هي پهريائين پنهنجي ڪٽنب ۾ ڳولها ڪري ٿو. ان ۾ ناڪامي کان پوءِ پنهنجي قبيلي ۾ ڪوشش ڪري ٿو. پنهنجي سماجي رتبي کان گهٽ ڇوڪري کي پيءُ پنهنجي نياڻي نٿو ڏئي. سيد ڪٽنب پنهنجي نياڻي سيد ڪٽنب ۾ ڏئي ٿو. ان معاملي ۾ نوجوان پاڻ ڪوشش نٿو ڪري سگهي. سني ساک جي مالڪ عورت ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي ٿي، پر سيدياڻي کي فوقيت حاصل آهي. هن جي ذريعي جيڪڏهن اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته ڇوڪري جو پيءُ خوشحال آهي ته عام طور شادي جي آڇ هڪ يا ٻه ڀيرا ورجائي ٿي. پوءِ هڪ مقرر ڏينهن تي ڪنوار پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين رڪنن سان گڏ مٺائي ۽ تحفن سان گهوٽ جي گهر وڃي ٿي. جڏهن مرد مردن سان ۽ عورتون عورتن سان ويهن ٿيون ته حجام جي زال کي مٺاين ۽ کير جي ٿانو سان گڏ مردن جي حصي ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. جڏهن اهي کائي پي وٺن ٿا ۽ پاڻ ۾ دوستي پيدا ڪن ٿا ته پوءِ قرآن پاڪ مان ڪجهه آيتن جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي. نٿ پائڻ لاءِ ڪنوار جو نڪ ٽوپيو وڃي ٿو جيڪا هوءَ شادي جي ڏينهن پائيندي، پوءِ سڀ هٿ مٿي کڻندا ۽ مڱڻو مڪمل ٿيندو. ان کان پوءِ ٻئي ڪٽنب پاڻ ۾ اهو ماحول برقرار رکڻ لاءِ هڪٻئي سان تحفن جي ڏي وٺ ڪندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن مڱڻو ٽٽي وڃي ٿو، جيڪڏهن اهو مرد ۽ عورت جي ننڍپڻ يا ڄمڻ کان اڳ ڪيو ويو آهي. ان سبب ڪيترائي مقدما جنم وٺن ٿا. مڱڻو عمر جي شروعاتي حصي ۾ ٿي سگهي ٿو پر شادي ايستائين نٿي ٿئي جيستائين ٻار بالغ ٿي وڃن. پر شهر ۾ جيستائين پٽ پنهنجن پيرن تي بيهي ايستائين ماءُ هن جي شادي ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿي. شادي جي هفتي کان اڳ ڪنوار کي خوبصورت (ونواهه) بنائڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو. حجام جي زال هر ڏينهن اچي ڪنوار کي وهنجاري ٿي، اٽي ۽ تيل سان مهٽي ٿي، ڪاجل سان هن جون اکيون ڪاريون ڪري ٿي، ساڳ سان هن جو چپ رنڱي ٿي ۽ سندس هٿ جي ترين ۽ پير جي کڙين تي مهندي لڳائي ٿي. شادي کان ٽي ڏينهن اڳ حجام گهوٽ کي ساڳي طرح تيار ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن طاقت رکن ٿا ته هن کي گهوڙي تي ويهاري شهر جو چڪر هڻايو وڃي ٿو. شادي جي ڏينهن شام ۾ حجام ٻيهر گهوٽ کي تيار ڪري ٿو ۽ ڪنوار جي والد طرفان موڪليل ڪپڙا پهرائي ٿو. جڏهن ته گهوٽ جي طرفان موڪليل ڪپڙن سان ڪنوار کي سينگاريو وڃي ٿو. ان کان پوءِ گهوٽ ڄاڃاين سان گڏ ڪنوار جي گهر جي طرف روانو ٿي وڃي ٿو. جتي نڪاح پڙهائيندڙ موجود هوندو آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار جي طرفان ٽي ٽي مائٽ ان رسم ۾ حصو وٺن ٿا. هڪ کي وڪيل ۽ ٻين کي شاهد چيو وڃي ٿو. رسم سوالن سان شروع ٿئي ٿي. ”ڇا توکي هي عورت قبول آهي؟“ ”ڇا توکي هي مرد قبول آهي؟“ اهي سوال ٽي ڀيرا ورجايا وڃن ٿا جن جو جواب هاڪار ۾ ڏنو وڃي ٿو. ان کان پوءِ شادي جي لکت ٿئي ٿي ۽ شاهد صحيحون ڪن ٿا، جنهن کان پوءِ نڪاح پڙهيو وڃي ٿو. شادي کان پوءِ پوري شهر ۾ جلوس ڪڍيو وڃي ٿو ۽ پوءِ پارٽي گهوٽ جي گهر ڏانهن موٽي ٿي جتي مختلف رسمون جن کي مذهبي تقدس حاصل نه آهي پر رائج آهن، ادا ڪيون وڃن ٿيون. انهن رسمن مان ناگز پر رسم مٿن جو ٽڪرائڻ آهي. ڇوڪري اوڀر جي طرف ويهي ٿي ۽ ڇوڪرو اولهه جي رخ ۾ ويهي ٿو ۽ ٻنهي جي وچ۾ ويهاڻو رکيو وڃي ٿو. شادي جو وڌ ۾ وڌ خرچ، حق مهر جنهن کي مذهبي پٺڀرائي حاصل آهي، گهوٽ جي پيءُ طرفان مائٽن ۽ دوستن کي تحفن جي صورت ۾ ٿئي ٿو. مهمان جيڪي شادي ۾ اچن ٿا اهي ڪجهه مبارڪي پئسا ڏئي ان خرچ جو پورائو ڪن ٿا. جڏهن هڪ ڪٽنب جي ڇوڪري ٻي ڪٽنب ۾ پرڻائي وڃي ٿي ته ڪنوار جي ڪٽنب جي مرد لاءِ ڏي وٺ ۾ ڇوڪري حاصل ڪئي وڃي ٿي. انڪري شادي جا تحفا ٻنهي طرفن کان ڏنا وڃن ٿا ۽ اهڙي خرچ ڪيل رقم ضايع نٿي ٿئي.

شادي کان پوءِ فرض ڪيو وڃي ٿو ته ڇوڪري پهرين ٻار جي ڄمڻ تائين هر جمعي تي پنهنجي والدين جي گهر ويندي. طلاق ورتل عورت يا بيواهه جي ٻيهر شادي تي ڪابه بندش نه آهي. بلوچن ۾ زال جي عذاري کي طلاق جي صورت ۾ ختم نٿو ڪيو وڃي. پنهنجي آشنا سان گڏ ماريو وڃيس ٿو.

اهو واحد رستو سمجهيو وڃي ٿو جنهن ذريعي مرد پنهنجي عزت برقرار رکي سگهي ٿو. ان عمل جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته فوجداري قانون ۾ ان ڏوهه لاءِ ڪو خاص قانون ڪونه آهي. سنڌ جي عزتدار گهراڻن ۾ پردو عام آهي ۽ ڪجهه قبيلا جهڙوڪ سيد، مغل ۽ ڪجهه بلوچي ۽ خاص طور ٽالپر پنهنجي عورت جي منهن اگهاڙڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن پر ڪم ڪندڙ طبقن ۾ پردي جي آزادي آهي.

لاڏاڻو: جڏهن مسلمان لاڏاڻي جي مرحلي ۾ هوندو آهي ته ماکي جا ڪجهه قطرا هن جي وات ۾ وڌا وڃن ٿا ۽ سندس چوڌاري بيٺل مائٽ قرآن پاڪ مان ڪجهه آيتون پڙهن ٿا ۽ هن جي معافي لاءِ نماز وغيره پڙهن ٿا. مرڻ کان پوءِ اکيون ۽ چپ بند ڪيا وڃن ٿا ۽ پوءِ لاش کي چڱي نموني غسل ڏئي ان کي ڪفن ويڙهيو وڃي ٿو. گلاب جو پاڻي ۽ عطر جو هن جي مٿان ڇڻڪار ڪري ڪاٺ جي تختي تي ليٽائي مٿان شال وڌي وڃي ٿي ۽ قرآن پاڪ سندس مٿن کان رکيو وڃي ٿو. ويجها چار مائٽ ان ڪاٺ جي تختي کي مقام ڏانهن کڻي هلن ٿا جنهن جي پٺيان ڪانڌي هوندا آهن جيڪي ڪلمي جو ورد ڪندا رهندا آهن. قبر ۾ سامي کوٽي وڃي ٿي جنهن جي ڀرسان لاش دفنايو وڃي ٿو، لاش جو منهن اولهه ڏانهن هوندو آهي. ٽين ڏينهن لاڏاڻو ڪيل انسان جي گهر تي ٽيجهو منعقد  ڪيو وڃي ٿو جنهن کان اڳ قرآن شريف پڙهيو ۽ نماز ادا ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته چاليهين ڏينهن تي ماني کارائي وڃي ٿي ۽ اهو ڏک جو آخري ڏينهن هوندو آهي. شاهوڪار ماڻهو مُلا کي پئسا ڏئي چاليهن ڏينهن تائين قبر تي قرآن شريف پڙهائين ٿا ۽ ان کان پوءِ ڪيترن سالن تائين قبر تي قرآن شريف پڙهي مئل انسان جي ياد تازي رکي وڃي ٿي. پر ٻارهو، مرڻ جي هڪ سال کان پوءِ ضرور منعقد ڪيو وڃي ٿو.

خوجن، بوهرن ۽ ميمڻن ۾ رسمون مٿي ذڪر ڪيل رسمن کان مختلف آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org