سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:11 

باب ٻارهون

زراعت

 

زراعت جي نوعيت ۽ مکيه فصل:

اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور هڪ اهڙو علائقو تشڪيل ڏين ٿا جنهن ۾ زراعت سڀ کان اهم صنعت يا ڌنڌو آهي. ملڪ جي دولت جو وڏو حصو زراعت مان حاصل ڪيو وڃي ٿو ۽ آدمشماري جو وڏو حصو سڌي يا اڻسڌي طرح زرعي ڪمن ڪارين جي ڪاميابي تي دارومدار رکي ٿو. موجوده پاڪستان حڪومت جي اها پاليسي آهي ته سنڌ ۽ خيرپور جي علائقي ۾ زرعي ايراضي ۽ فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌارو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته مستقبل ۾ آبادي ۾ تمام گهڻي واڌاري سان انسان جي کاڌ خوراڪ لاءِ وڌيڪ غذا جي ضرورت پوندي. بيراج جي پاليسي جو مقصد اهو رهيو آهي ته سنڌ جي علائقي جي زرعي صلاحيت ٻن رخن ۾ وڌائي وڃي. پهريون ڪڻڪ جهڙن غذائي فصلن جي ايراضي وڌائي وڃي ٻيو ڦٽيءَ جهڙا ناڻي وارا فصل؛ جن جي عالمي مارڪيٽ ۾ طلب آهي انهن جي ايراضي وڌائي وڃي. ٽئي بيراج جڏهن پنهنجي مڪمل صلاحيت سان گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا ته ڪڻڪ ۽ ڦٽي جي فصلن جي ايراضي ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪندا. تنهنڪري اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور ۾ پوکي راهي جو مقدار  نه فقط خود انهن علائقن پر مجموعي طور مغربي پاڪستان جي بهبود لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. زراعت کاتي جي نموني طور سال 40/1939ع جي رپورٽ، تڏهن لائيڊ بيراج کي ڪم ڪندي لڳ ڀڳ 8 سال ٿي ويا هئا، مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهي سال ملڪ جي مجموعي زرعي پيداوار جو 75 سيڪڙو اناجن، 14.4 سيڪڙو ريشي (fibre) ]جيڪو تقريباً سمورو ڦٽي آهي[، 5.3 سيڪڙو تيلي ٻجن ۽ 2.4 سيڪڙو مال جي چاري تي مشتمل آهي. انهي مان باقي 2.9 سيڪڙي ۾ ٻي هر قسم جي پوک اچي وڃي ٿي. اناجن ۽ دالين ۾ وري سڀ کان وڌيڪ حصو چانور، ڪڻڪ، جوئر،  چڻن ۽ جَوَن جو هو. ريشي جي پيداوار ۾ فقط ڦٽي ئي اهميت واري آهي ۽ اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي ريشي جي جملي پيداوار تقريباً فقط انهي تي ئي مشتمل آهي. تيلي ٻج جيڪي جملي پيداوار جو 5.3 سيڪڙو آهن انهن ۾ توريو (rape) ۽ اَهُر (mustard) جملي پيداوار جي 80 سيڪڙي تي ٻڌل آهن. جيڪڏهن ايندڙ سالن جي انگن اکرن مان به سال 40/1939ع وارا لاڙا ظاهر ٿين ۽ اها ڳالهه فرض ڪرڻ به عقل کان ٻاهر نه هوندي ته ڪڻڪ ۽ ڦٽي جي فصلن جي ايراضي انهي سال واري ايراضي کان وڌيڪ هوندي ته اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي زراعت بابت اهو چئي سگهبو ته انهي علائقي ۾ وڏي حد تائين غذائي جنسن ۾ چانور، ڪڻڪ، ٻاجهري ۽ جوئر، تيلي ٻجن ۾ توريو ۽ اَهُر ۽ ريشي ۾ ڦٽي پيدا ٿئي ٿي. ٻي زرعي پيداوار مقابلتاً غير اهم آهي.

معيشت ۾ زراعت جي اهم حيثيت:

سنڌ ۽ خيرپور ۾ ذريعه معاش طور زراعت جي اهم حيثيت 1951ع جي آدمشماري جي انگن اکرن مان به ظاهر ٿئي ٿي. اهي انگ اکر ڏيکارين ٿا ته زرعي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ماڻهن جو انگ غير زرعي ڌنڌن وارن ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ آهي. آدمشماري جي انگن اکرن جي تجزيي مان خبر پئي ته سراسري طور آدمشماري جي فقط ٽئين حصي کي ڪو روزگار ڪندڙ چئي سگهجي ٿو، جڏهن ته باقي 3/2 حصي ۾ ٻين تي دارومدار رکندڙ پوڙها، ٻار ۽ اقتصادي پيداواري سرگرمين ۾ حصو نه وٺندڙ اچي وڃن ٿا. آدمشماري جي انگن اکرن مان اها به خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ خيرپور ۾ سراسري طور روزگار ڪمائيندڙ ليکيو ويندڙ هڪ شخص پٺيان ٻه ماڻهو انهي تي دارومدار رکندڙ آهن. هيٺئين جدول مان اها ڳالهه ڀلي ڀت واضح ٿئي ٿي ته ملڪ جي اقتصادي سيٽ اپ ۾ زراعت کي اهم حيثيت حاصل آهي. انهي مان اها ڳالهه به ظاهر ٿيندي ته اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور ۾ جملي آبادي جي پاڻ روزگار ڪمائيندڙ  شهري آبادي جو 24.1 سيڪڙو زرعي ڪمن ڪارين سان لاڳاپيل آهي جڏهن ته فقط 9.3 سيڪڙو غير زرعي ڌنڌا ڪن ٿا. فقط اڳوڻي سنڌ جي ضلعن لاءِ اهي انگ اکر بالترتيب 24 سيڪڙو ۽ 90.5 سيڪڙو ۽ خيرپور لاءِ 25.1 ۽ 6.9 سيڪڙو آهن.

آدمشماري جي اقتصادي حيثيت سيڪڙي ۾

 

علائقا

 

جملي آدمشماري

 

زرعي

 

غير زرعي

 

ڪو ڪم نه ڪندڙ

12 ورهين کان گهٽ عمر وارا

12 ورهيه ۽ ان کان وڏي عمر وارا

اڳوڻي سنڌ

46,05,934

24

9.5

0.7

34.2

31.6

خيرپور

3,19,408

25.1

6.9

0.7

37.1

30.2

جملي

49,25,342

24.1

9.3

0.6

34.4

31.6

مٿئين جدول مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ڪنهن ڌنڌي ۽ نوڪري ۽ روزگار جي ذريعي طور زراعت ٻين سڀني ڌنڌن کي گڏائي به انهن کان اڍائوڻ تي وڌيڪ آهي. موجوده وقت ۾ اها صورتحال آهي. مستقبل ۾ انهيءَ صورتحال ۾ تبديلي جو دارومدار انهي تي آهي ته هن تمام وڏي ۽ زراعت ۾ غلبو رکندڙ علائقي ۾ صنعتون ڪيتري ڪاميابي سان قائم ڪيون ٿيون وڃن ۽ ڇا پيداواري فصلن هيٺ آيل ايراضي ۾ متوقع واڌارو نيون صنعتون قائم ٿيڻ سان پيدا ٿيل صنعتي سرگرمي سان وک وک ۾ ملائي هلي ٿو يا پٺتي رهجي وڃي ٿو.

اڳوڻي سنڌ جو علائقو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ جو لٽ وارو علائقو، اولهه وارو جابلو ۽ ريتيءَ وارو علائقو جنهن کي ڪوهستان چئجي ٿو ۽ اوڀر طرف جا راجسٿان وارا وارياسا ٽڪرا. جملي ايراضي 50,397 چورس ميل آهي ۽ جملي آدمشماري 64,08,514. انهي جو مطلب ته سراسري طور في چورس ميل تي 91 ماڻهو آباد آهن. خيرپور جي ايراضي 6050 چورس ميل آهي ۽ انهي جي آدمشماري 319543 آهي. انهي جو مطلب ته سراسري طور في چورس ميل تي 53 ماڻهو آباد آهن. خاص طور تي سڀ آباد زمين سنڌو ندي جي ماٿري جي لٽ واري علائقي تي آهي. انهي جي ايراضي سموري ملڪ جي تقريباً اڌ ايراضي جيتري آهي. ٻئي اڌ تي راجسٿان ۽ ڪوهستان آهن. ملڪ جي جملي ايراضي ٽي ڪروڙ کان ڪجهه وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل آهي. جن مان ڏيڍ ڪروڙ آبادي لائق نه آهي، ڏيڍ ڪروڙ آبادي لائق آهي جن مان تقريباً هڪ ڪروڙ ايڪڙن تي آبادي ٿئي ٿي. واري ڦيري سان ساهي وارا ٽڪرا به انهيءَ ۾ اچي ٿا وڃن. پر حقيقت اها آهي ته آبادي لائق انهي هڪ ڪروڙ ايڪڙ ايراضي ۾ ساهي واري زمين پنجاهه لک ايڪڙ هوندي آهي. ايتري وڏي ايراضي ساهي ۾ ڇڏڻ جا سبب به پيچيدا آهن. پر آبادي لائق زمين تي پوکي نه ٿيڻ جو مکيه سبب ته ايستائين پاڻي جو نه پهچي سگهڻ آهي. ٻيا سبب زمين جي فطري صلاحيت ۽ سنڌي آبادگار جي عادت پڻ آهن. آبادي لائق زمين جنهن کي آبادي هيٺ نه آندو ويو آهي انهي جي ايراضي پنجاهه لک ايڪڙ آهي. جڏهن ٽئي بيراج مڪمل طور ڪم ڪرڻ لڳندا ته اهي پوکي لائق سموري ايراضي جي 3/2 کان به وڌيڪ ايراضي کي پاڻي پهچائيندا جنهن سان ٻوڏ دوران واهن، ٻوڏ، مينهن ۽ کوهن تي آباد ڪرڻ لاءِ پوکي لائق زمين جو فقط ٽيون حصو وڃي باقي بچندو. تنهنڪري اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي پوکيءَ هيٺ ايراضي ۾ واڌاري جو دارومدار انهي تي آهي ته ٽنهي بيراجن جي ڪارڪردگي کي هر قسم جي فصلن لاءِ وڌ کان وڌ حد تائين پهچايو وڃي ۽ بهتر زرعي طريقن ۽ هٿراڌو ۽ قدرتي ڀاڻن جي ڪتب آڻڻ سان انهي ايراضي ۾ ڪمي آندي وڃي جيڪا هر سال ساهي ۾ ڇڏي وڃي ٿي. اهم حقيقتون هي آهن ته جملي ڏيڍ ڪروڙ ايڪڙ آبادي لائق ايراضي مان ٽئي بيراج هڪ ڪروڙ ايڪڙ ايراضي کي پاڻي پهچائي سگهن ٿا. جڏهن ته هر سال آباد ٿيندڙ ايراضي پنجاهه لک ايڪڙن کان مشڪل سان ڪجهه وڌيڪ هوندي. اها جملي آباديءَ لائق ايراضي جو ٽيون حصو ٿئي ٿي. انهيءَ جي ئي برابر پنجاهه لک ايڪڙ ايراضي ساهي ۾ ڇڏي وڃي ٿي. اڄڪلهه هر سال پنجاهه لک ايڪڙ ايراضي تي آبادي ٿئي ٿي ۽ پنجاهه لک ايڪڙ ايراضي ساهي ۾ ڇڏي وڃي ٿي. انهي جو مطلب ته اڃا ٽيون حصو يعني پنجاهه لک ايڪڙ ايراضي اهڙي رهي ٿي جتي هاڻي يا ايندڙ وقت ۾ آبادي ممڪن آهي. مناسب پاليسي لاڳو ڪرڻ ۽ زراعت جا وڌيڪ جديد طريقا ڪتب آڻڻ سان انهيءَ حد تائين پيداوار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي خالي ايراضين مان مڪمل فائدو وٺڻو آهي جن تي فصل اپائي سگهجن ٿا ته انهيءَ لاءِ اهڙيون ڊگهي مدي واريون اسڪيمون ضروري هونديون جن جي مدد سان بيراجي پاڻين جو مڪمل استعمال يقيني بڻائجي ۽ ساهي ۾ ڇڏيل وسيع ايراضين تي ڀرپور حملو پڻ ٿي سگهي.

زراعت ۽ جنگ کانپوءِ بحالي بابت حڪومت جي اڳوڻي صلاحڪار سر راجر ٿامس پنهنجي “Notes on Agricultural Development in Sindh” ۾ لکيو آهي: ”اڻ واقف ماڻهن ۾ سنڌي آبادگار جي شهرت سُست ۽ ڪاهل ماڻهو واري آهي. اها هڪ ڇتي ۽ بي واجبي تنقيد آهي. ڳوٺاڻي آبادي جون سماجي ريتون رسمون انهن جي زندگي جي معيار تي وڏو اثر وجهن ٿيون ۽ اهي خانداني روايتن ۽ مذهبي احڪامن جي زير اثر پڻ هلن ٿيون. اهي سڀئي گڏجي انهن جي مالي وسيلن جي وڏي ڇڪ ڪن ٿيون. انهن جي عيش آرام بابت سوچ به تمام قديم انداز جي آهي ۽ ساڳيو حال انهن جي زرعي طور طريقن جو آهي. ڪجهه غير معمولي حالتن کانسواءِ انهن کي ڪڏهن به اها پڪ نه هوندي آهي ته اهي جيڪي زمينون آباد ڪن ٿا اهي انهن تي ڪيترو وقت رهندا؟ سماجي سهوليتون به نالي ماتر هونديون آهن. انهن جي اڻ ڄاڻائي به ڏاڍي گهري هوندي آهي. انهن جي قسمت ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ انهن پاران سرڪار به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي ۽ اهي پاڻ به گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا بشرطيڪه انهن کي وڌيڪ ڄاڻ ۽ علم حاصل هجي. تعليم پنهنجي وسيع ترين مفهوم ۾ يعني گهربل علم جي حاصلات ڪنهن به رٿابندي جي شروعات ۾ هئڻ گهرجي.

سنڌ جي علائقي جي آبهوا ڪيترن ئي گرم ۽ نيم گرم علائقن جي فصلن لاءِ مناسب آهي پر انهن مان جوئر ۽ ڪجهه دالين کانسواءِ ڪوبه آبپاشي کانسواءِ نه ٿو پوکي سگهجي. اڳوڻي سنڌ صوبي جي اولهه ۾ مِينهن ساليانو سراسري پنج انچ جڏهن ته ڏکڻ اڀرندي حصي ۾ ساليانو سراسري 12 انچ وسي ٿو. جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر مِينهن جا مهينا هوندا آهن. سال جي باقي مهينن جي وڏي حصي ۾ آسمان صاف رهندو آهي ۽ عام طور فصلن ۾ مِينهن جي نقصان کانسواءِ لابارو پئجي ويندو آهي. سياري جا مِينهن ڪڻڪ جي فصل لاءِ فائديمند ٿيندا آهن. پر اونهاري جا مينهن ڦٽي جي فصل کي فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ ڏيندا آهن. ٿر جي ريگستان جي خشڪ ڏکڻ اڀرندي علائقي ۾ جڏهن مون سون جا مِينهن فائدي وارا وسندا آهن ته وڏين ايراضين تي جوئر ۽ دالين جا فصل پوکيا ويندا آهن. هيءَ علائقو وقت بوقت سخت ڏڪارن هيٺ ايندو رهندو آهي. هي علائقو سخت جان ماڻهن ۽ چوپائي مال جي سخت جان ٿرپارڪري نسل جو مسڪن آهي. اهي ٻئي انهيءَ وقت وڌندا ويجهندا آهن، جڏهن گاهه ڦٽندا آهن. سمنڊ کان فاصلو وڌڻ سان هوا ۾ نمي گهٽبي ويندي آهي. خشڪ علائقن ۾ مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڇانوَ ۾ ٽيمپريچر 115 ڊگري عام رواجي ڳالهه هوندو آهي. ڏکڻ اولهه جي مون سون سان لاڳاپيل جهڙالي ۽ نمي واري موسم اچڻ تائين اها صورتحال رهندي آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ ٽيمپريچر چڱو گهٽجي ويندو آهي، پر سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني جي منڍ ۾ انهيءَ ۾ وري واڌ اچي ويندي آهي انهيءَ سان ڦٽي جي پيداوار ۾ ڪمي اچي ويندي آهي. سياري ۾ ٽيمپريچر ورلي ئي ڄمڻ پد تي پهچندو آهي.

اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي ايراضي ٿلهي ليکي انگلينڊ (51000 چورس ميل)، چيڪو سلواڪيه (49000 چورس ميل)، يونان (50000 چورس ميل) ۽ تيونس (49000 چورس ميل) جي ايراضي جيتري آهي، جڏهن ته في چورس ميل انسانن جو تعداد انگلينڊ ۾ 764، چيڪوسلواڪيا ۾ 284، يونان ۾ 155 آهي ۽ سنڌ لاءِ اهو انگ 117 ماڻهو في چورس ميل آهي. انهيءَ لحاظ کان سنڌتيونس کان اڳتي آهي، جتي 56 ماڻهو في چورس ميل تي آباد آهن. اهو سو آهي ته تيونس ۾ ريگستاني ايراضي وڌيڪ آهي. مٿي بحث هيٺ آيل ڳالهين مان پڙهندڙ اهو سمجهڻ جي لائق ٿي ويندا ته اڳوڻي سنڌ ۾ زرعي ڪم ڪار ۾ ڪيتريون سخت طبعي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون  فصلن جي في ايڪڙ پيداوار جو سڌريل مغربي ملڪن جهڙو معيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي سماجي رڪاوٽن تي غالب ٿيڻو پوندو يا گهٽ ۾ گهٽ انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي. هيٺ ڏنل جدول ۾ اڳوڻي سنڌ ۽ خيرپور جي سڀني ضلعن جي سالياني مينهن جي شرح ڏيکاريل آهي.

زمينون ۽ زمينن جي درجي بندي

ٽڪرين تي، ٽڪرين جي ڪڇ ۾ ۽ ٿرپارڪر جي ريگستان کانسواءِ، سنڌ جي سموري زمين لٽاسي آهي جيڪا تمام سنهي واري ۽ مٽيءَ تي مشتمل آهي. مختلف جاين جي واريءَ ۽ مٽيءَ جي تناسب ۾ فرق آهي جيڪو انهيءَ جي پڪائي يا ڪچائي تي اثر وجهي ٿو. انهي لحاظ کان زمين ۾ موجود نامياتي مواد جي سيڪڙي تي به فرق پوي ٿو. اهي فرق ڪيترن ئي سنڌي نالن مان ظاهر ٿين ٿا جيڪي ڍلي ڍالي نموني ۾ ڪتب آندا وڃن ٿا ۽ گهڻو ڪري مقامي آهن. سن 1907ع واري گزيٽيئر ۾ اڳوڻي سنڌ جي زمينن جي اهم قسمن جا نالا هن ريت ڏنل آهن: وارياسي، چيڪي يا پڪي، ڪچي راؤ، رئي واري ۽ ڪلراٺي. انهن زمينن بابت ائٽڪن لکي ٿو ”وارياسي اڻ پختي واري هوندي آهي جيڪا فقط هنداڻن جي پوک لاءِ مناسب هوندي آهي. ڪچو تازي ٻوڏ مان نڪتل زمين کي چيو ويندو آهي. اها زمين جيڪڏهن ساڳئي سال ربيع جي پوکي لاءِ ڪتب اچي ته ان کي ريو ڪچو چوندا آهن ۽ ان کي جيڪڏهن هڪ يا ٻه مندون ٿي ويون ۽ اها سُڪي ۽ پڪي ٿي وئي  ته ان کي پڪو ڪچو چوندا اهن. انهيءَ جي مختلف قسمن لاءِ لٽياري، لٽواري ۽ لسياري جا مقامي نالا ڪتب ايندا آهن ۽ انهي لاءِ عام طور مٺيءَ جو گڏيل لفظ ڪم آندو ويندو آهي. جنهن زمين ۾ واريءَ جو وڌيڪ تناسب هوندو آهي انهيءَ لاءِ گسياري جو لفظ ڪتب ايندو آهي. اهڙي زمين کي تقريباً سڀني فصلن لاءِ مناسب ليکيو ويندو آهي جيڪا گهڻو وقت پاڻيءَ هيٺ رهي هجي. انهيءَ کي کاهوڙي، ٽڪ، رپا، رپ ۽ ڌٻڻ جي نالن سان پڻ سڏيو ويندو آهي. اها جڏهن کهري ۽ ڳنڍا ڳنڍا هوندي آهي ته انهي کي کرڙو ۽ کرياڙي سڏيو ويندو آهي. اها ڏاڍي چيڙهالي ۽ کڻڻ ڪَرڻ ۾ ڳري هوندي آهي تنهنڪري ان کي پسند نه ڪيو ويندو آهي پر انهي ۾ ساريون، ڪڻڪ، ڄانڀو ۽ ٻيا فصل سٺا ٿيندا آهن. زمين جي انهن ٽنهي مکيه قسمن جي ڪيميائي تجزئي مان ظاهر ٿئي ٿو ته وارياسي ۾ 76.74 سيڪڙو اڻ ڳرندڙ سيليڪيٽ ۽ واري هوندي آهي، ڪچي ۾ اهو تناسب 67.64 سيڪڙو ۽ چيڪي يا پڪي ۾ 66.68 سيڪڙو هوندو آهي. رئو يا رئي واري زمين ۾ جابلو نئين مان آيل ذرا هوندا آهن. سڀاويڪ طور انهي جا مختلف قسم هوندا آهن، انهيءَ جو بنياد جيئن ته وارياسو ۽ ڊُسڙ وارو هوندو آهي تنهنڪري چيڙهه جي لحاظ کان به انهي جا مختلف قسم هوندا آهن. حيدرآباد جي آسپاس هلڪي ۽ ڊُسڙ واري زمين کي ڊسڙ چيو ويندو آهي.  انهيءَ کي بظاهر هن ئي درجي ۾ رکيو وڃڻ گهرجي پر ڊُسڙ ۽ گُسڙ جا لفظ وڏي پيماني تي نرم ۽ هلڪي رنگ واري زمين لاءِ ڪتب آندا وڃن ٿا جيڪا وڏي پيداوار ڏيندي آهي. هن درجي جون زمينون خاص طور باراني پوک لاءِ مناسب هونديون آهن. ڪيميائي تجزئي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن قسم جي زمين ۾ ڪچي، چيڪي يا پڪي کان وڌيڪ چُن هوندو آهي. ڪلراٺي انهي زمين کي چئبو آهي جيڪا لوڻياٺ جي ڪثرت سبب زرعي ڪمن لاءِ ناڪارا ٿي چُڪي هجي. انهي کي ڪيترائي نالا ڏنل آهن. شور ۽ ٺٽ ڪلر پوک جي لاءِ بلڪل نامناسب هونديون آهن جڏهن ته مٺي ڪلر تي سارين جي پوک ٿيندي آهي.سامونڊي ڪناري جي ويجهو شور زمين مان کنيل هڪ نموني جي تجزئي مان ظاهر ٿيو ته انهي ۾ 19.62 سيڪڙو سوڊيم ڪلورائيڊ 2.32 سيڪڙو ڪيلشيم ڪلورائيڊ ۽ 1.04 سيڪڙو ميگنيشم ڪلورائيڊ موجود هو. سٺي مٽيءَ واري زمين ۾ 6 کان 7 سيڪڙي تائين سوڊيم ڪلورائيڊ موجود ٿي سگهي ٿي. انهيءَ هوندي به اها سارين لاءِ مناسب ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ کانپوءِ انهي ۾ دالين وارا ۽ تيلي ٻجن وارا فصل ٿي سگهن ٿا. انهي جو سبب اهو آهي جو سارين جي فصل دوران ٻنين ۾ لاڳيتو پاڻي بيهندو آهي ۽ انهي کي تڪڙو تڪڙو مٽايو پڻ ويندو آهي ته انهي عمل دوران زمين مان لوڻياٺ جو وڏو حصو ڌوپجي ويندو آهي. اهڙي زمين کي ڏنگياسي يا ڏنگاڇي چيو ويندو آهي. جتي وري سٺي زمين سان گڏ ڪلر گڏجي وڃي انهي کي ڪلراٺي چيو ويندو آهي. اهڙين زمينن ۾ لوڻياٺ گهڻو ڪري سطح جي ويجهو هوندو آهي ۽ انهيءَ کي بار بار پاڻي ڏئي ۽ پاڻي ڇنڊي ڌوئي به سگهبو آهي. اهڙي طرح بلڪل غير آباد لڳندڙ زمين کي سرسبز ٻني ۾ تبديل ڪري سگهبو آهي. ٿرپارڪر جي ريگستاني علائقن ۾ سموري زمين وارياسي آهي جنهن کي ڊڳو چيو ويندو آهي. انهيءَ ۾ مِينهن کانپوءِ ٻاجهر جا ڇڊا پاڊا فصل ٿيندا آهن. انهي ۾ پوکي راهي به عام طور خاص هنڌن تائين محدود هوندي آهي جهڙوڪ سڌيون ماٿريون ۽ عارضي تراکڙيون کڏون جتي سڙيل ڳريل آبي گندگاهه وارو نامياتي مواد پڻ چڱي مقدار ۾ موجود هجي. رڻ جي ڪناري تي پڪي زمين به موجود آهي جنهن کي ڪاٺي زمين سڏيو ويندو آهي اها اونهاري ۾ پاڻي ۾ ٻڏل هوندي آهي ۽ سڪي وڃڻ کانپوءِ ربيع جو ڪڻڪ جو فصل ڏيندي آهي. ننگرپارڪر ۾ تمام بهترين زمين کي ڊاسڙ چيو ويندو آهي. هاڻي زمينن جي انهيءَ باقاعدي ۽ ڪجهه قدر غير سائنسي درجي بندي جي جاءِ تي وڌيڪ عقلي سرشتو اچي رهيو آهي. اهو سرشتو هڪ خاص آفيسر لاڳو ڪندو آهي جنهن کي Soil Classification Officer چيو وڃي ٿو. هن وٽ مڪمل عملو هوندو آهي جنهن ۾ ٻين سان گڏوگڏ هڪ Soil Chemist پڻ هوندو آهي. جنهن وٽ زراعت ۾ ڊپلوما هوندو آهي. سئائل ڪلاسيفڪيشن آفيسر سن 1953ع ۾ سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن جي آڏو پنهنجي بيان ۾ زمين جي چڪاس لاءِ ڪم ايندڙ طريقو بيان ڪيو هو. هن چيو ته زمين جي چڪاس لاءِ چار ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن. پهرئين ٽيسٽ سطح جي حالت بابت ڪئي ويندي آهي، صاف ڊسڙ واريون زمينون پڪيون هونديون آهن، تنهنڪري انهن جي سطح سخت هوندي آهي. جڏهن ته ڊسڙ واريون ۽ وارياسون زمينون نرم هونديون آهن. ٻئين ٽيسٽ رنگ جي ڪئي ويندي اهي، ڪجهه رنگ مختلف قسمن جي زمينن سان لاڳاپيل آهن: مٽي جي مٿاڇري واريون زمينون ڀوريون يا ڳاڙهسريون هونديون آهن ۽ ڊسڙ واريون عام طور خاڪي رنگ جون هونديون آهن. ٽئين ٽيسٽ سڀ کان اهم هوندي اهي، انهيءَ ۾ مٽي کي هٿ سان ڇُهي ڏسبو آهي ته ڇا اها نرم اهي يا ڊسڙ وانگر بخملي ڇهاءَ اٿس يا وري اها ننڍڙن ذرڙن تي مشتمل آهي انهي مان سمجهبو آهي ته اها صاف ڊُسڙ  آهي يا وري جيڪڏهن مٽي هٿ جي دٻاءَ ۾ نه ايندي ته سمجهبو ته اها پڪي مٽي آهي. چوٿين چڪاس پاڻي جي هوندي آهي. ڪجهه حالتن ۾ جڏهن ڇُهاءُ واري ٽيسٽ اطمينان بخش ثابت نه ٿيندي آهي ته پاڻي ڪم آندو ويندو آهي. انهيءَ ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته مٽي ۽ پاڻي پاڻ ۾ ڪيئن ٿا تعامل ڪن؟ مٽي جيڪڏهن پاڻي سان گڏجي چيڙهالي ٿي وڃي ته اها نشاني چيڪي مٽي هئڻ جي آهي ۽ جيڪڏهن مٽي هٿن تان جلدي ڌوپجي وڃي ٿي ته اها ان جي وارياسي هئڻ جي نشاني آهي.

سئائل ڪلاسيفڪيشن ڊپارٽمينٽ انهن اصولن تي عمل ڪندي لائيڊ بيراج ۽ لوئر سنڌ بيراج ۾ زمين کي چئن درجن اي. بي. سي ۽ ڊي (Categories) ۾ ورهايو آهي. چئني چڪاسن ۾ زمين جي ظاهر ٿيندڙ خصوصيتن مطابق زمين کي مارڪون ڏنيون وينديون آهن. فرسٽ ڪلاس زمين جيڪڏهن 326 کان 400 مارڪون کڻندي آهي ته انهي کي ”اي“ درجي ۾ رکيو ويندو آهي. زمين جيڪڏهن 151 کان 325 مارڪون کڻندي اهي ته انهي کي ”بي“ درجو ڏنو ويندو آهي. ”سي“ درجو انهي زمين کي ڏنو ويندو آهي جيڪا 51 کان 150 مارڪون کڻندي آهي ۽ ٻڙي کان 50 مارڪون کڻندڙ زمين کي ”ڊي“ درجي ۾ رکيو ويندو آهي. زمينن جي درجي بندي خاص طور ڍل جي اُڳاڙي لاءِ ڪئي ويندي آهي. زمين سان لاڳاپيل مسئلن ۾ هڪ انهيءَ جي زرخيزي آهي. انهي جو دارومدار انهي تي هوندو آهي ته اهو ڏٺو وڃي ته زمين ۽ انهي جي پاڻي جو بهترين استعمال ڪندي زمين لاءِ ڪهڙا مناسب فصل پوکيا وڃن. وري هڪ مسئلو زمين جي خراب ٿي وڃڻ جو به هوندو آهي. انهي جو سبب سم ۽ ڪلر هوندو آهي. انهي مسئلي کان بچاءَ جا اُپاء اڳواٽ وٺي سگهجن ٿا. لائيڊ بيراج جي زمينن جي جملي ايراضي جن جي درجي بندي ڪئي وڃڻي هئي اها هئي 564100 ۽ لوئر سنڌ بيراج جي اهڙين زمينن جي ايراضي 2663200 ايڪڙ هئي. اهڙين زمينن مان لائيڊ بيراج جي سموري ايراضي جي درجي بندي ڪئي وئي آهي ۽ لوئر سنڌ بيراج مان به 20000 ايڪڙن کي ڇڏي باقي تقريباً سموري ايراضي جي درجي بندي ڪئي وئي آهي. لوئر سنڌ بيراج ۾ ايتري ايراضي جي درجي بندي نه ٿيڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته زمين جا حد بندين جا نشان واضح نه آهن ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته  ڪجهه علائقا سمنڊ جون ويرون چڙهڻ سبب سمنڊ جي پاڻي هيٺ ايندا رهن ٿا. لائيڊ بيراج ۽ لوئر سنڌ بيراج جي زمينن جي درجي بندي جو نتيجو هيٺئين جدول ۾ ڏيکاريل آهي.

 

اي

بي

سي

ڊي

لائيڊ بيراج

18,23,749

26,74,160

833,600

308,630

لوئر سنڌ بيراج

436,700

10,14,300

764,500

6400

ٿر جي علائقي ۾ زمينن جي درجي بندي بابت سئائل (Soil) ڪلاسيفڪيشن آفيسر ڪميشن جي آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو: ”حقيقت اها آهي ته مون ٿر ۾ زمينن جي چڪاس اندازي تي ڪئي آهي. اتان جي پوکي لائق زمينن کي ٽن درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين درجي ۾ واري جي ٻن ڀٽن جي وچ ۾ هيٺاهينءَ واريون زمينون آهن جيڪي تمام ننڍي پيماني تي هڪ ماٿري ٺاهين ٿيون. مينهن جي مند ۾ پاڻي انهيءَ هيٺاهين سطح ۾ وهي اچي ٿو ۽ انهي تي فصل پوکيو ويندو آهي جيڪو عام طور ٻاجهري جو هوندو آهي پر ڪجهه جاين تي تر به پوکيا ويندا آهن. اها زمين بلڪل هلڪي هوندي آهي ۽ اسين انهي کي وارياسي ڊُسڙ چئي  سگهون ٿا. زمين جي ٻئي قسم کي ترائي (هيٺاهين سطح) چئجي ٿو. اتي زمين ٻَجهيل هوندي آهي ۽ انهيءَ ۾ پاڻي کي روڪڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ڳوٺاڻا انهيءَ زمين کي جهوپڙيون ٺاهڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن اهو علائقو سڀاويڪ طور ڪنهن کڏ وانگر لڳندو آهي. مينهن جو پاڻي انهن ترائين ۾ خاص طور پيئڻ جي مقصد لاءِ گڏ ڪيو ويندو آهي. ترائيون ورلي ئي پوکي لاءِ ڪتب آنديون وينديون آهن. زمين جو ٽيون قسم واريءَ جون ڀٽون آهن. وقت بوقت پوندڙ مِينهن جي سبب انهن تي گاهه ڦٽي پوندو آهي ۽ هر سال مِينهن پوڻ ۽ گاهه ڦٽڻ مان اهو فائدو ٿيو آهي جو گاهه جون پاڙون واري کي پاڻ ۾ قابو ڪري بيهارين ٿيون ۽ ڪجهه آلاڻ به پاڻ ۾ روڪي رکن ٿيون. انهي جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو نه فقط گاهه مان مال جو چارو جهجهي انداز ۾ ملي ٿو پر اهو واري کي به ٽڙڻ پکڙڻ کان روڪي ٿو. واري جي ڀٽن تي ڪنڊي ۽ ڪونڀٽ وغيره جهڙا وڻ به ڦٽندا آهن.

منهنجي راءِ اها آهي ته ٿر جي زمين ڪڏهن به زميني سطح جُڙڻ جي عمل مان نه گذري آهي. جنهن ۾ هڪ ته زمين جي مٿاڇري تي لٽ گڏ ٿيندي ويندي آهي يا هوائن ۽ مينهن جهڙن فطري عملن جي نتيجي ۾ جبلن تان وهي آيل مواد تهه ٺاهيندو آهي. سموري ٿر ۾ زمينن يا واري جي ماهيت هڪ جهڙي آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ته انهن زمينن جي درجي بندي مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

ساڳئي ڳالهه جابلو علائقن بابت به چئي سگهجي ٿي ته اتي به زمين جي ماهيت تقريباً هڪ جهڙي آهي ۽ اتي به زمينن جي درجي بندي مان ڪو گهڻو فائدو نه ٿيندو.

 ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري ۾ درياءَ جي ڊيلٽائي ٽڪرن بابت سئائل (Soil) ڪلاسيفڪيشن آفيسر چيو: ”هرڪو ماڻهو ڏسي سگهي ٿو ته هتي زمين تقريباً چيڪي مٽيءَ واري آهي. درياءُ پنهنجي ڊگهي رستي ۾ پنهنجي ڳري لٽ مٿين حصن ۾ ڇڏيندو ايندو آهي ۽ انهي جي پڇڙي ۾ فقط تمام سنهي لٽ ئي گڏ ٿيندي آهي. اها به سمنڊ جي وير سان گڏ چڙهي ايندڙ پاڻي جي طاقت جي زور تي گڏ ٿيندي آهي. انهي ڪري زمين پاڻ ۾ ٻجهيل ۽ چيڙهالي ۽ سارين جي پوک لاءِ مناسب هوندي آهي. زميني حالتون يڪسان آهن ۽ منهنجي راءِ ۾ ته انهي ٽُڪري جي درجي بندي ڪرڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو. هن ٽُڪري تي ڪنهن به قسم جو وڻ ٽڻ نه ٿو ڦٽي جنهن جو خاص سبب اهو آهي ته زمين اڃا تشڪيل جي عمل مان گذري رهي آهي ۽ پاڻي تي سامونڊي پاڻي جو گهڻو اثر ٿئي ٿو.

سر راجر ٿامس “Notes on agricultural development sindh” ۾ سنڌ جي زمينن بابت لکي ٿو: ”لٽاسي پٽي ۾ زمينون عام طور هلڪي ڊسڙ واريون  آهن جن ۾ پنجاب جي سراسري زمينن کان واريءَ جو حصو وڌيڪ آهي ۽ مصر ۽ سوڊان جي زمينن کان به واري چڱي وڌيڪ آهي. سنڌ جون زمينون جيڪو سو ڪلراٺيون نه هجن باقي پوک جو نتيجو جلد ڏيکارينديون آهن. زمين کي غذا پهچائيندڙ جزو جنهن جي سڀ کان وڌيڪ کوٽ هوندي آهي اهو نائٽروجن آهي. فاسفيٽ فصلن جي پيداوار ۾ ورلي ئي ڪو اثر وجهندي آهي. پوٽاش عام طور فصلن جي ضرورت لاءِ پورو هوندو آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”زمين جي فطري زرخيزي هڪ ميراث آهي جنهن جو قدر ۽ حفاظت ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ انهي ڳالهه جو ڏاڍو خطرو آهي ۽ اها ميراث ايندڙ نسلن کي نه ملي سگهندي. اهڙيون سڀئي لٽاسيون زمينون جن تي مينهن گهٽ پوي ٿو انهن ۾ مختلف درجن جا نقصانڪار لوڻياٺ هوندا آهن. اهي لوڻياٺ ايتري وڏي حد تائين گڏ ٿي سگهن ٿا جنهن جي سبب فائديمند پوک جي راهه ۾  رڪاوٽ پئجي سگهي ٿي. جڏهن هيٺين لٽاسين زمينن کي پاڻي ايندو آهي ته اهي عام طور پنهنجي فطري زرخيزي برقرار رکنديون آهن پر انهي لاءِ ضروري آهي ته زمين جي هيٺان پاڻي جي سطح ايتري هجي جو اتي سطح وارو پاڻي سيمو ڪري پهچي نه سگهي. جيئن ئي پاڻي جي سطح انهي سطح تي پهچندي ته خطرو به سر تي اچي پهچندو. ڪجهه ورهين ۾ فطري زرخيزي اهڙي ختم ٿيندي جو وري ڪڏهن واپس نه ايندي. اهو ڪم سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي وسيع ايراضين ۾ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. زمينن جي درجي بندي ٿيڻ کانپوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته لوڻياٺ انهي کان وڌيڪ ايراضين ۾ موجود آهي جيترين ايراضين ۾ اڳ ۾ سمجهي پئي وئي. هن مرحلي تي اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته لائيڊ بيراج جي علائقن ۾ انهي ڳالهه جي ضرورت آهي ته زمين جي چونڊ وڏن بلاڪن جي وقت بوقت نئين سر درجي بندي ٿيندي رهي جنهن ۾ اهو مقصد مدنظر هجي ته زمينن جي خطري جي شرح تي اک رکي وڃي ۽ ساڳئي وقت لوڻياٺ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ روڪٿام ڪرڻ ۽ احتياطي اپائن جي منصوبه بندي ڪئي وڃي. سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن جي ميمبرن زير زمين پاڻي جي سطح مٿي ٿيڻ ۽ سم جي سبب زمين جي خراب ٿيڻ جي مسئلي کي تمام سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ اهي پنهنجي رپورٽ جي پيراگراف نمبر 102 ۾ لکن ٿا: ”لائيڊ بيراج جي ساڄي ڪپ وارن واهن جي گذريل ويهن يا وڌيڪ سالن جي ڪارڪردگي جي تجربي مان اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي آهي ته زير زمين پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي. انهي لاڙڪاڻي ضلعي جي اڪثر حصن، سکر ضلعي جي شڪارپور سب ڊويزن جي ڪجهه حصن ۽ پڻ دادو ضلعي جي ڪجهه حصن کي خطرناڪ حد تائين متاثر ڪيو آهي. لائيڊ بيراج جي اصلي اسڪيم ۾ ٻن يا ٽن ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پاڻي جي نيڪال جي نالن جي رٿابندي ڪيل هئي. اهي نالا خاص طور درياءَ جي ساڄي ڪپ تي دائمي وهندڙ واهن سان گڏوگڏ ٺاهيا وڃڻا هئا ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي سارين جي پوک وڌيڪ ٿئي ٿي. حقيقت اها آهي ته اهڙا نالا ٻي ڪپ تي پڻ ٺاهيا وڃڻا هئا. آخرڪار ٿيو ائين جو بيراجي ڪينالن جي مکيه اسڪيم تي ئي بمبئي سرڪار جو اصلي ڪاٿي کان گهڻو وڌيڪ خرچ اچي ويو. اصلي ڪاٿو 23 ڪروڙن جو هو جڏهن ته خرچ 30 ڪروڙ ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ بمبئي حڪومت نالا ٺاهڻ جي ارادي تان هٿ کڻي وئي.“ ڪميشن بيراجي علائقن ۾ سم جي انهي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا تجويز ڏني اها سندن رپورٽ جي پيراگراف نمبر 103 ۽ 104 ۾ ڏنل آهي.

”اسان جي ذهن ۾ ٻه علاج آهن: هڪ اهو جيڪو جنهن جو شروعات ۾ بمبئي حڪومت هن اسڪيم تيار ٿيڻ وقت ارادو ڪيو هو ته درياءَ جي ساڄي ڪپ تي دادو ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال ۽ کاٻي ڪپ تي روهڙي ڪينال ۽ ايسٽرن نارا ڪينال جهڙن دائمي واهن سان گڏوگڏ نالا ٺهرايا وڃن جيڪي زمين جي سطح تي تري ايندڙ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جو ڪم ڏين.

ٻئين اسڪيم اها آهي ته ساڄي ڪپ تي گهٽ ۾ گهٽ دادو ۽ کيرٿر ٻن ڪينالن يا اڃا به گهٽ ته وارهه برانچ کي جيڪا کيرٿر ڪينال جي سپلاءِ جو 50 سيڪڙو کڻي ٿي. غير دائمي ڪينال ۾ تبديل ڪيو وڃي.

ڪميشن پنهنجي رپورٽ جي پيراگراف نمبر 106 ۾ لکيو: ”حالتون جيتوڻيڪ مقابلتاً سازگار آهن ته به دورانديشي کان ڪم وٺندي ۽ انهي خطري جو به اڳواٽ بندوبست ڪندي ته متان کاٻي ڪپ جي ڪينالن واري زمين به سم ۽ ڪلر جي مسئلي جي ور چڙهي وڃي، اهو ضروري آهي ته ساڄي ڪپ لاءِ تجويز ڪيل قدم هاڻي کان ئي کاٻي ڪپ لاءِ کنيا وڃن. انهيءَ راءِ مطابق ڪميشن گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بيراج جي ايراضين لاءِ مناسب نيڪال وارن نالن ۾ توسيع ڪرڻ جي سفارش ڪري ٿي.“

سئائل ڪلاسيفڪيشن آفيسر ڪميشن جي آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو ته سم جو ڪوبه هڪ سبب نه ٿو ڏئي سگهجي. زمين جي طبعي حالت سان گڏوگڏ آبپاشي نظام پڻ سم آڻڻ جا ذميوار ٿين ٿا. اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته سنهي بناوٽ واري زمين جهڙوڪ وارياسي ڊُسڙ يا ڊُسڙ سم مان متاٿر ٿئي ٿي. زمين جي اندرئين تهه تائين اونهائي رکندڙ ڪينال کوٽڻ يا هيٺاهين سطح تي ڪينال کوٽڻ سان سم لاءِ موافق حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. سارين جي پوک به سِم جو هڪ سبب آهي ڇاڪاڻ ته سارين کي گهڻو پاڻي گهربل هوندو آهي جيڪو مقابلتاً گهڻو وقت بيٺو هوندو آهي ۽ انهي علائقي ۾ پاڻي جي سطح چڱي مٿي ٿي ويندي آهي. جيستائين انهي سوال جو تعلق آهي ته سم وڌي پئي يا گهٽجي پئي ته انهي بابت سئائل ڪلاسيفڪيشن آفيسر چيو ته انهي بابت سندس آفيس ۾ ڪي به انگ اکر موجود نه هئا پر لائيڊ بيراج واري علائقي ۾ ڪينالن ۾ پاڻي جو لاڳيتو وهڪرو ڏسندي توقع رکي سگهجي ٿي ته سم ۾ واڌارو ايندو.

سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن جي آڏو بيان ڏيندي ريسرچ ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر چيو ته: ”سنڌ ۾ ڪلراٺيون زمينون گهڻيون عام آهن. اهي پوکي هيٺ آيل زمينن سان گڏوگڏ وڏن يا ننڍن ٽُڪرن تي موجود هونديون آهن ۽ هزارين ايڪڙن تي پکڙيل وسيع غيرآباد ٽڪرن تي به موجود آهن، گهڻي ڪلر وارن ٽڪرن ڏانهن ڌيان انهي وقت ويو جڏهن سن 32-1930ع وارن ورهين دوران بيراج جي علائقي ۾ زير زمين پائيپ هنيا ٿي ويا. پائيپ لڳڻ کانپوءِ انهن ٽڪرن جي تفصيلي چڪاس ڪئي وئي ۽ اها چڪاس 1937ع ۾ پوري ٿي. چڪاس هيٺ آيل ٽڪرن جو انگ 34 هو. چڪاس جو مقصد اهو هو ته ڪلرجي مختلف قسمن جي لحاظ کان زمين جي سطح جي ظاهري شڪل بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به ڏسڻ ته انهي جي هيٺيان زمين جي مختلف تهن جي ماهيت ڪهڙي آهي ۽ پوءِ وري سطح تي مختلف قسمن جا ڪلر ٺهڻ جي سببن بابت ڄاڻ وٺڻ ۽ آخر ۾ ڪلرجي نقصان ڪار اثرن بابت تدارڪي اپائن تي غور ڪرڻ جيئن زمين کي پوک لائق بڻائي سگهجي.

چڪاس جو هڪ ٻيو مقصد انهيءَ ڳالهه جو تعين ڪرڻ هو ته زمين تي ڦٽندڙ مختلف نباتات جو زمين جي ظاهري شڪل، زمين جي اندرين تهن ۽ انهي جي هيٺيان پاڻي جي سطح جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي.

انهي سان گڏوگڏ زمين جي ماهيت به نوٽ ڪئي وئي ته ڇا اها سخت آهي، ڦاٽل آهي يا ٻوري وانگر آهي.

نباتات جي چڪاس ۾ انهي ڳالهه تي خاص ڌيان ڏنو ويو ته ڦوٽهڙي ۾ زور ۽ ان جي ڪثرت ڪيتري آهي.

سن 1933ع کان 1937ع جي وچ ۾ ڪلراٺين زمينن جي پهرئين درجي بندي ٿي وڃڻ کانپوءِ سينٽرل بورڊ آف ايريگيشن جي سب ڪاميٽي جي سفارش مطابق، اها ڪاميٽي اڳوڻي سنڌ ۾ 1936ع ۾ سم بابت رپورٽ ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، جتي به ڪلراٺيون زمينون گهڻيون آهن اتي مڪمل سروي ڪرائي وڃي جيئن اهو ڏسي سگهجي ته ڇا اهڙا علائقا جي پوکي جي لائق نه آهن، انهن جي ايراضي ۾ ڪو واڌارو آيو  آهي. اهڙن علائقن جي نئين سر درجي بندي جو ڪم 1937ع ۾ شروع ڪيو ويو.

اها تجويز ڏني وئي ته باقي ڪلراٺن ٽُڪرن جي نئين سر درجي بندي جو ڪم ٻن ورهين ۾ پورو ڪيو وڃي، پر ورهاڱو ٿيڻ سان اسٽاف جي کوٽ ٿي پئي ۽ اڳتي هلي ڊرينيج اينڊ ريسرچ سرڪل بند ڪيو ويو ۽ وڌيڪ نالي ماتر ئي ڪم ٿي سگهيو. 

پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ پاران ڪلر ختم ڪرڻ جو ڪم اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي توڙي جو ڊرينيج اينڊ ريسرچ سرڪل شروع ٿيڻ سان- جنهن ۾ زراعت کاتي مان هڪ ريڪليميشن آفيسر ڊيپوٽيشن تي موڪليو ويو هو- تجويزون ۽ ابتدائي اسڪيمون تيار ڪيون ويون هيون. انهي ڳالهه تي به سوچ ويچار ڪئي وئي هئي ته اڳوڻي سنڌ لاءِ اشد ضروري مسئلو ڪلراٺين زمينن مان ڪلر ختم ڪري وڌيڪ ايراضي پوکي هيٺ آڻڻ واريون ٽڙيل پکڙيل رٿائون شروع ڪرڻ بجاءِ اهو هو ته زمينن جي وڌيڪ خرابي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت اپاءَ ورتا وڃن. انهي سلسلي ۾ پهرئين قدم طور بيراجي ۽ غير بيراجي علائقن ۾ سن 1932ع ۽ 1945ع يا 1946ع ۾ سارين جي پوکي جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا، جيئن انهن جي سارين جي پوکي جي ڄاتل سڃاتل ۽ موڪل وارن علائقن سان ڀيٽ ڪري سگهجي. اهي انگ اکر 1947ع ۾ ورهاڱي تائين گڏ نه ٿي سگهيا، تنهنڪري انهيءَ کان وڌيڪ ڪو ڪم نه ٿي سگهيو جو زير زمين پاڻي جي سطح جي ساريالي ۽ غير ساريالي فصلن جي حوالي سان ٿيل هڪ اڀياس مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته زير زمين پاڻي جي سطح مٿي ٿيڻ جو واحد سبب ساريالو فصل نه آهي.

نومبر 1947ع ۾ ڪلراٺين زمينن جي بحالي جي هڪ تفصيلي پروگرام جي تجويز ڏني وئي. اهو ڪم ڊرينيج ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي نگراني ۾ ريڪليميشن آفيسر پاران سرانجام ڏنو وڃڻو هو. اها تجويز ڊرينيج ائنڊ ريسرچ سرڪل جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر پاران پيش ڪئي وئي. بحالي جا ٻه نظام پيش ڪيا ويا هئا، هڪ اهو هو ته ٻه تجرباتي ۽ بحالي جا فارم ٺاهيا وڃن.

(1) هڪ انهي علائقي ۾ جتي زير زمين پاڻي جي سطح مٿي هجي.

(2) ٻيو انهي علائقي ۾ جتي زير زمين پاڻي جي سطح هيٺ هجي .

انهي لاءِ اهڙا هنڌ چونڊيا ويا جتي زمين ۾ ٽنهي قسمن يعني هلڪي، وچولي ۽ ڳري مٽي هجي. شروعاتي طور فارمن جي ايراضي 60 ايڪڙ رکي وڃڻي هئي. اهڙا تجربا ڪرڻا هئا جن تحت بحالي جي هيٺين طريقن جي نسبتي ڪارڪردگي جي جاچ ڪئي وڃڻي هئي.

(الف) سنڌ جو طريقو يعني: سِمائڻ ۽ پوکڻ.

(ب) پنجاب جو طريقو يعني سِمائڻ ۽ پوکڻ سان گڏ يا سِمائڻ ۽ پوکڻ کانسواءِ.

(ج) زمين ۽ آبپاشي کي مدنظر رکندي مٿين طريقن ۾ ضروري ڦيرڦار ڪندي.

ٻئين تجويز اها هئي ته زمينداري زمينن تي نمائشي پلاٽ ٺاهيا وڃن جن ۾ اهو ڏيکارجي ته ڪلر جو خاتمو ڪيئن ٿي سگهي ٿو. بهرحال رٿائون ٺاهڻ کان وڌيڪ ڪوبه ڪم نه ٿي سگهيو، جو ڊرينيج سرڪل ۽ ڊرينيج ڊويزن سن 1947ع ۾ ختم ٿي ويون.

پوک جون ٻه مکيه مندون ربيع ۽ خريف آهن. خريف جي مند عام طور جون کان آڪٽوبر تائين هلي ٿي ۽ پهريان ٽي مهينا ٻوڏ جي زور واري دور سان گڏوگڏ هلي ٿي. پوکي جو مهينو عام طور جون هوندو آهي، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ۽ خاص طور سارين جو ٻيجارو مئي مهيني ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن درياءَ ۾ چاڙهه دير سان ايندو آهي ته پوکي عام طور جولاءِ ۾ ٿيندي آهي. خريف جي فصلن ۾ لاب عام طور آڪٽوبر ۾ پوندو آهي. هڪ عام مقبول فارمولي مطابق جوئر کي پچڻ لاءِ ٽي چاليها يا چار مهينا ۽ ٻاجهري کي ٽي ٽيها يعني ٽي مهينا کپندا آهن. ٻئي طرف وري ڦٽين جي آخري چونڊي ۾ 5 چاليها يا لڳ ڀڳ ست مهينا لڳي ويندا آهن. ربيع جي موسم عام طور آڪٽوبر کان مارچ تائين هلندي آهي. جيتوڻيڪ فصلن جي پوکائي سيپٽمبر مهيني کان ڊسمبر جي شروعات تائين هلي سگهي ٿي ۽ لابارو اپريل تائين هلي سگهي ٿو. ٽئين موسم حيدرآباد ۾ اڌائو سڏبي آهي ۽ مٿاهين سنڌ ۾ پيش رس جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اها اپريل کان جون تائين هلندي آهي، پر سال جي انهي وقت ۾ پاڻي جي قلت سبب انهي جا فصل تمام گهٽ ايراضي تي هوندا آهن ۽ جانورن جي چاري طور جوئر ۽ داليون ۽ ڀاڄيون ۽ مٿاهين سنڌ ۾ تماڪ پوکيو ويندو آهي.

هيٺ سنڌين ۽ مسلمانن جي ڪيلينڊر جا نالا ۽ انهن جا انگريزي مترادف ڏجن ٿا. (مسلمانن جي مهينن جو حساب هجري سن 1377 مطابق ٿيل آهي).

سنڌي مهينا

انگريزي مهينا

هجري مهينا

چيٽ

مارچ – اپريل

رمضان

ويساک

اپريل- مئي

شوال

ڄيٺ

مئي – جون

ذي القعد

آهڙ

جون – جولاءِ

ذي الحج

سانوڻ

جولاءِ – آگسٽ

محرم

بڊو

آگسٽ – سيپٽمبر

صفر

اسو

سيپٽمبر – آڪٽوبر

ربيع الاول

ڪتي

آڪٽوبر – نومبر

ربيع الآخر

ناهري

نومبر – ڊسمبر

جمادي الاول

پوهه

ڊسمبر – جنوري

جمادي الآخر

ماگهه

جنوري – فيبروري

رجب

ڦڳڻ

فيبروري – مارچ

شعبان

مٿي ڏنل سنڌي مهينن جا نالا اصل ۾ سنسڪرت جا آهن ۽ اهي سنڌ ۽ خيرپور ۾ عام جام ڪتب آندا وڃن ٿا.

ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ مندون جيتوڻيڪ ساڳيون آهن ته به هارين جا ڪم ڪار جيئن ته مڪمل طور مِينهن تي دارومدار رکن ٿا تنهنڪري مينهن جي ڦيرگهير سان انهن ۾ به تبديلي ايندي رهي ٿي. خريف جي پوکائي ڪڏهن ڪڏهن ته جولاءِ جو مهينو چڱو اڳتي وڌڻ سان به شروع ٿي سگهي ٿي ۽ ربيع جو فصل يا ته نالي ماتر يا ته ٿيندو ئي نه آهي.

پوک جا طريقا – خريف جا فصل

ساريون: سارين جو ٻج يا ته اڳ ۾ تيار ٿيل ٻارين ۾ پوکي پوءِ اتان ٻيجارو ڪڍي ٻي جاءِ تي هڻبو آهي يا ته سڌو سنئون زمين ۾ ڇٽبو آهي. اهو طريقو (جنهن کي ڪوراڙ ساريون سڏبو آهي) يا ته سُستي سبب اختيار ڪيو ويندو آهي يا هيٺاهين زمينن جهڙوڪ ڍنڍن جي پيٽن ۽ قدرتي کڏن ۾ ڪم آڻبو  آهي جتي زمين گهڻو وقت آلاڻ برقرار رکندي آهي ۽ اها زمين ٻيجاري ڪڍڻ لاءِ مناسب نه هوندي آهي. اهڙي زمين جيئن ئي چڱي سُڪندي آهي ته انهي کي ڪيترائي دفعا هر ڏئي – پوءِ اپريل مهيني ڌاران ٻج ڇٽيو ويندو آهي ۽ زمين کي وري هر ڏنو ويندو آهي. ٻوٽا ڪجهه انچن جا ٿيڻ کان اڳ زمين کي پاڻي نه ڏنو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ناڙي ڪئي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته زمين پاڻي ۾ ٻوڙي ٻج پاڻي ۾ اڇلايو ويندو آهي. هن قسم جي پوک لاءِ في ايڪڙ هڪ کان ڏيڍ مڻ ٻج کپندو آهي. ٻيجارو ٺاهي رونبو ڪرڻ وارو طريقو جيتوڻيڪ ڪجهه ڏکيوآهي پر اهو تمام سٺا نتيجا ڏئي ٿو ۽ مٿاهين توڙي هيٺاهين سنڌ ۾ جتي به زمين انهي لائق هوندي آهي ته اهو ئي اختيار ڪيو ويندو آهي. ٻاري يا ته ٻني جي ڪنهن آلاڻ واري پاسي ۾ ٺاهي ويندي آهي جنهن کي ڪيترائي هر ڏئي ڀتر ڀڃي ٻج ڇٽيو ويندو آهي ۽ سلن ڦٽڻ تي تمام ٿورو پاڻي ڏنو ويندو آهي. انهي صورت ۾ انهي طريقي کي ٻيجو يا پراڻيون ٻيجاريون چئبو آهي. ڇاڪاڻ ته سلا پراڻي آلاڻ تي پوکيا ويندا آهن. ٻيجارو يا ته وري هڪ اڳواٽ تيار ڪيل ٻاري ۾ پوکيو ويندو آهي جنهن تي ڀاڻ ساڙيو ويندو آهي. ٻج انهي سڙيل خاڪ ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ ان کي چڱي طرح ۽ جلدي جلدي پاڻي ڏنو ويندو آهي. انهي طريقي کي خاموش يا  لڙهيا چئبو آهي. جڏهن سارين جو ٻيجارو پوکڻ جو ارادو هوندو آهي ته لڳي ٿو ته سراسري طور گهربل مقدار هڪ مڻ في ايڪڙ کان گهٽ هوندو آهي ۽ جڏهن ٻيجارو نه پوکيو ويندو آهي ته اپت گهڻي وڌيڪ هوندي آهي. اڳوڻي سنڌ جي مختلف حصن ۾ ڪيل 19 تجربن جوسراسري نتيجو 1638 پائونڊ (تقريباً 743 ڪلوگرام يعني ساڍا 18 مڻ- سنڌيڪار) في ايڪڙ هو. پر انهي بابت سوال اٿي سگهي ٿو ته ڇا انهي جي ڪا عملي اهميت آهي.

سارين جو ٻج پوکڻ کان هڪ مهينو يا انهي کان به ڪجهه وڌيڪ عرصو پوءِ جڏهن سلا تقريباً هڪ فوٽ جا ٿي ويندا آهن ته رونبو ڪيو ويندو آهي. رونبو سمورو هٿ سان ڪيو ويندو آهي. اهي ٻيجي بجاءِ خاموش واري طريقي ۾ جلدي تيار ٿي ويندا آهن. زمين کي سياري ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا هر ڏنل هوندا آهن. انهي کي وري هر ڏنا ويندا آهن ۽ جيئن ئي واهن ۾ پاڻي تار ٿيندو آهي ته زمين وري پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏبي آهي ۽ سارين جي ٻوٽن جون پاڙون زمين ۾ ڪاٺي يا هٿ سان ڪيل سوراخن ۾ ٽنبيون وينديون آهن. انهي کانپوءِ ٻني کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيل رکبو آهي ۽ وقت بوقت پاڻي ڇنڊي نئون پاڻي ڏبو آهي خاص طور جيڪڏهن ڪنهن ڪلر واري زمين جو پاڻي ٻني ۾ اچي پوي ته ٻني جو پاڻي ضرور نيڪال ڪيو ويندو آهي. ساريون رونبي کان ٻه يا ٽي مهينا پوءِ لاباري لاءِ تيار ٿي وينديون آهن ۽ سڀ مرد عورتون مزدور گڏجي لابارو ڪندا آهن. انهن کي محنت جو اجورو عام طور جنس جي صورت ۾ ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ڪيل لاب جي ڏهين يا پندرهين پتي جي برابر ڏنو ويندو آهي. ٻوٽا زمين کان ڪجهه انچ مٿي ڪٽيا ويندا آهن. سلن مان ان ڌار ڪرڻ لاءِ سموري ول کي هڪ کري تي گڏ ڪيو ويندو آهي. کري تي ڪلراٺي مٽي وجهي انهي کي هڪ ڪرو ۽ سخت ڪيو ويندو آهي. پوءِ انهي مٿان ڏاند گهمندا آهن. اهڙي طرح حاصل ڪيل اناج کي واپاري زبان ۾ ساريون چئبو آهي. انهن مان چانور ٺاهڻ لاءِ انهن جو جنڊ مان گذرڻ ضروري آهي. جنڊ پٿر بجاءِ مٽيءَ جي هٿ چڪي (Hand mill) هوندي آهي. انهيءَ کانپوءِ انهيءَ کي ڪاٺ جي مهري ۽ ٺڪر جي اُکري ۾ ڪُٽيو ويندو آهي. اهڙي طرح سارين جي توتڙن جي هيٺيان جيڪا سنهڙي کل هوندي آهي اها به لهي ويندي آهي. سارين جي ڪٽي مال لاءِ سٺو چارو آهي البته گهوڙا انهي کي پسند نه ڪندا آهن.

گهوڙا ٻاري ۽ شاهبندر تعلقن جي ڀل زمينن ۾ هڪ خاص طريقي سان پوک ٿيندي آهي. اهي زمينون سامونڊي ويرن جي اثر ۾ هونديون آهن ۽ انهن تي ڪنهن به وقت سامونڊي پاڻي چڙهي سگهندو آهي ۽ اهو پاڻي گهٽ وڌ لوڻ ئي هوندو آهي. انهن زمينن کي ڪڏهن به هر نه ڏنو ويندو آهي. انهن زمينن ۾ مينهون گهمڻ سان انهن جا کُر لڳڻ سان زمين پٽجي ويندي آهي اهو ئي هر سمجهيو ويندو آهي جيئن ته لاباري کانپوءِ فصل جا بچيل ٿُٻ ۽ گاهه ٻوٽا چرڻ لاءِ مال زمين ۾ ڇڏيو ويندو آهي. انهن جي گهمڻ سان زمين چڱي طرح اٿلجي پُٿلجي ويندي آهي. درياءَ ۾ چاڙهه اچڻ سان جڏهن تازو پاڻي ڪلر تي چڙهي ويندو آهي ته اهو ٻنين ۾ پڻ ڇڏيو ويندو آهي. ٻنين کي چئني پاسن کان اوچا بند ڏئي پاڻي ٻج ڇٽڻ تائين ٻنين ۾ بيٺل ڇڏيو ويندو آهي. ٻج کي تياري جي هڪ عجيب عمل مان گذاريو ويندو آهي. اهو پهريان ڪَل جي ٺهيل ٻورين ۾ وجهي چئن ڏينهن تائين مٺي پاڻي سان ڀريل کڏن ۾ رکيو ويندو آهي پوءِ اهو پڪي مٽي واري هڪ ٿلهي تي پکيڙيو ويندو آهي ۽ انهي کي تڏن ۽ مٽي سان ڍڪيو ويندو آهي ۽ وري چار ڏينهن ڇڏيو ويندو آهي. انهي وقت جي پڄاڻي تي اهو انگورجڻ شروع ٿيندو پوءِ انهي کي ڌوئي تڏن تي وڇائي وري خوب پاڻي ڏنو ويندو آهي. پوءِ اهو پوکڻ لاءِ تيار هوندو آهي ۽ مٺيون ڀري هوا ۾ اڇلائيندي ٻنيءَ ۾ ڇٽيو ويندو آهي. اهڙي طرح اهو ٻج زمين تي ڪرندو آهي ته ان جو ڦُٽل حصو نرم زمين ۾ ٽنبجي ويندو آهي. زمين مان پاڻي اڳيئي ڇنڊي ڇڏبو آهي. ٻج ايندڙ ٽن ڏينهن تائين جيستائين ڄمي ۽ زمين ۾ گهري وڃن اهي پکين کي ڏاڍو پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهندا آهن تنهنڪري انهن جي ڏينهن رات رکوالي ٿيندي آهي. پوکيءَ جي انهي طريقي ۾ ٿوري محنت سان وڏي پيداوار کنئي ويندي آهي پر انهي طريقي سان فقط ڳاڙهو چانور ئي ٿي سگهندو آهي. چانورن جا ڪيترائي قسم آهن جيڪي مختلف نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. هڪ سڀ کان مشهور جنس سڳداسي آهي اهو سٺو سفيد چانور ٿيندو آهي. سٺڙيا ۽ سونهري پڻ سفيد چانورن جا ٻه ٻيا قسم آهن. موتيا، گنجا، ڪنبرو ۽ لاڙي ڳاڙهن چانورن جا قسم آهن.

ٻاجهري: ٻاجهري جو ڳنو سخت ٿيندو آهي ۽ جوئر جي ڀيٽ ۾ ان تي جيتن ۽ ڪيڙن جو حملو به گهٽ ٿيندو آهي. پاڻي جيئن ئي واهن ۾ ايندو آهي- عام طور جون جي شروعاتي حصي ۾ - ته اڳ ۾ ئي تيار نار چالو ڪيا ويندا آهن. انهن جي ذريعي زمينن کي هرن کان اڳ پاڻي ڏنو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻئي ڪم کان اڳ زمين کي ٻه دفعا پاڻي ڏنو ويندو آهي. جڏهن زمين جي سطح جي آلاڻ ڪجهه جذب ٿي ويندي آهي ته ٻج ڇٽي زمين کي وري هر ڏنو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن جڏهن زمين پڪي هوندي آهي يا هر لاءِ ڏاند دستياب نه هوندا آهن ته اهو هر نه ڏنو ويندو آهي. ٻج جي شرح 6 کان 16 پائونڊ في ايڪڙ آهي. پوءِ زمين ۾ ٻنا ٺاهي زمين کي ٻارن ۾ ورهايو ويندو آهي جيئن پاڻي ڏيڻ ۾ سهوليت ٿئي. جيڪڏهن آبادگار کان هن مرحلي تي پڇيو وڃي ته سندس ٻني جو ڪهڙو حال آهي ته هو چوندو ته سندس ٻني کي ٻنا آيل آهن. ڏهن يا پندرهن ڏينهن کانپوءِ ٻيو پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ پوءِ هڪ هفتي يا ڏهن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ پاڻي ڏبو رهبو آهي. وارياسن زمينن کي اڃا وڌيڪ جلدي پاڻي گهربل هوندو آهي. لڳ ڀڳ چاليهن ڏينهن ۾ سنگ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. انهي مرحلي کي ڏيڍو چؤنڪ سڏبو آهي. پندرهن ڏينهن پوءِ سنگ ۾ داڻو ٺهڻ شروع ٿيندو آهي ۽ انهي کي پکين جي تباهه ڪارين کان بچائڻ جي فوري ضرورت ڪر کڻندي آهي. انهي مقصد لاءِ ٿوڻين تي بيٺل هڪ پيهو ٺاهيو ويندو آهي جتي ويٺل لڏندڙ سنگن جون چوٽيون ڏسي سگهندو آهي. پيهي تي خود آبادگار يا سندس ڪو پٽ کانڀاڻي ۽ گليلن جو هڪ ڍير کڻي صبح کان شام تائين پکين کي گاريون ڏيندو گليلا هڻندو رهندو آهي. تڏهن چئبو آهي ته پوک پيهن تي پهچي وئي اهي. جيئن فصل پچندو ويندو آهي ته جهار هڪليندڙ به پنهنجي پيهي تي ئي رهڻ لڳندو آهي. جيتوڻيڪ هو ننڊئي پيو ڪندو آهي. هو رات جو به اتي ئي رهندو آهي، پر هاڻي هو ٻين خطرن کي پيو ڀڄائيندو آهي. ٻاجهري ٽن مهينن ۾ لاب لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. لاب ڪندڙ مرد ۽ عورتون جيڪي انهي ڪم لاءِ مزدوري تي رکيا ويندا آهن فقط سنگ ڪٽيندا ويندا آهن ۽ اڳ ۾ تيار ٿيل کري ۾ گڏ ڪندا ويندا آهن. کري جي سطح وڌ کان وڌ سخت ڪئي ويندي آهي. لاهيارن کي ادائيگي عام طور جنس جي صورت ۾ ڪئي ويندي آهي. انهن کي ڪم ختم ڪرڻ تي 2 ٽويا سنگ يا 16 پائونڊن جيترو ان ڏنو ويندو آهي. سنگ بلڪل پڇڙي تائين ڪپيا ويندا آهن ۽ ڳنا پوءِ لڻيا ويندا آهن. جڏهن سڀ سنگ گڏ ٿي ويندا آهن ته اهي زمين ۾ کُتل هڪ مُني جي چوڌاري ٿوري اونهائي ۾ رکيا ويندا آهن ۽ انهن مٿان ڍڳا هلايا ويندا آهن.

مٿي ٻڌايل طريقو حيدرآباد ضلعي ۾ عام آهي ۽ ڪجهه ڦيرڦار سان سموري سنڌ ۾ انهن زمينن تي هلي ٿو جن کي هٿراڌو طريقي سان پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ٿرپارڪر جي ٿر واري حصي۽ ٻين علائقن ۾ جتي پوکيءَ جو دارومدار مينهن تي آهي اتي ڪڙمي کي پاڻ کي بلڪل مختلف حالتن جو عادي ڪرڻو پوي ٿو. هو مينهن پوڻ کان اڳ ڪم شروع نه ٿو ڪري سگهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته مينهن جون يا جولاءِ ۾ پوي يا اڃا به ايترو دير سان پوي جو ڪنهن به فائدي جو نه ٿئي. ماٿرين ۾ عام طور قيمتي پاڻي روڪي رکڻ لاءِ بند ٺاهيا ويندا آهن. زمين پوري طرح گهمجي وڃڻ کانپوءِ فوراً بعد انهيءَ ۾ هر ڪاهيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان مٿان سانهر ڦيري ڇڏبي آهي جيئن گهم اُس تي سُڪي نه وڃي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري هر هلايو ويندو آهي ۽ پوءِ ٻج ڪفايت سان ناڙي ذريعي پوکيو ويندو آهي. ٽي سير ٻج هڪ ايڪڙ لاءِ ڪافي هوندو آهي. لابارو آڪٽوبر ۾ ڪرڻ گهرجي پر انهي ۾ پوکي جي وقت جي لحاظ کان فرق ٿي سگهي ٿو. هٿراڌو طريقي سان آبپاشي وارين زمينن جي ڀيٽ ۾ اپت گهٽ ٿيندي آهي.

جوئر: جوئر جي پوکي هر لحاظ کان ٻاجهري جي پوکي وانگر ٿيندي آهي سواءِ انهي جي جو فصل ٽن بجاءِ چئن مهينن ۾ پچندو آهي ۽ انهيءَ ئي ڪري وڌيڪ وقت لاءِ پاڻي گهرندو آهي. عام طور ڀاڻ به ڪتب نه آندو ويندوآهي، سواءِ انهي جي جو زمين کي ساهي ڏنل نه هجي  ۽ لڳاتار پوک هيٺ هجي. سڄي رات پاڻي ۾ پُسايل ٻج هٿ سان ڇٽيو ويندو آهي ۽ ٻج جي عام شرح هڪ کان اڍائي ٽويا في ايڪڙ هوندي آهي. سانئين، گوار، موٺ، ساوا چڻا ۽ چونئرن جهڙا ذيلي فصل به جوئر سان گڏوگڏ يا ٻارن جي ٻنن تي پوکيا ويندا آهن. جوئر به ٻني جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڳ ۾ ٻج پوکي پوءِ اتان سلا ڪڍي ٻي جاءِ تي رونبو ڪيو ويندو آهي. عام سوچ اها آهي ته رونبو ڪيل جوئر جون پاڙون اونهيون ٿينديون آهن ۽ اها پيداوار وڌيڪ ڏيندي آهي. جوئر عام طور ڏهن کان ٻارنهن فوٽ ڊگهي ٿيندي آهي، تنهنڪري لاباري کانپوءِ مٿيون حصو ڪٽي ڇڏبو آهي. ان جو ٻاجهري وانگر ڳاهه ڳاهيو ويندو آهي، جوئر جو ڳنو جهن کي ڪڙٻ چيو ويندو آهي اهو مال ۽ گهوڙن لاءِ بهترين چارو آهي ۽ اهو دَنِ ۾ ڍير ڪري رکيو ويندو آهي. انهي جو ڳنو مٺو هوندو آهي ۽ ننڍي پيماني تي ڪجهه آبادگار ڪمند وانگر کائيندا آهن. اڌائي مُند ۾ يا ربيع ۽ خريف جي معمول وارن فصلن جي وچ ۾ گرم مهينن ۾ پوکيل فصل کي آرهاڙي جوئر سڏيو ويندو آهي ۽ اها فقط مال جي گاهه طور پوکي ويندي آهي.

جوئر جي گهڻي پوک فقط مِينهن جي پاڻي تي نه پر جابلو نئين مان ايندڙ پاڻي تي آباد ٿيندڙ زمين تي پوکي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ پوکي جو عمل ڪنهن حد تائين ٻاجهري جي باراني پوکي جهڙو هوندو آهي، پر جيڪڏهن فصل لاباري جي ويجهو هجي ۽ مِينهن وسي پوي ته لاباري کانپوءِ جوئر وري پاڙن وٽان ڦٽي پوندي آهي ۽ مارچ يا اپريل ۾ ٻيو فصل کنيو ويندو آهي وري جيڪڏهن مئي ۾ ٻيو مِينهن وسي پوي ته ساڳين پاڙن مان ٻيو خريف جو فصل به کڻي سگهجي ٿو.

مڪائي: مڪائي گهڻو ڪري خريف ۾ ذيلي فصل طور ۽ اڌ وامند ۾ مال جي گاهه طور پوکي ويندي آهي. خريف جي پوکائي جون يا جولاءِ مهينن ۾ ٿيندي آهي. انهي جو ٻج ڦٽي، جوئر يا ٻاجهري جي ٻج سان گڏ پوکيو ويندو آهي. پوک سيپٽمبر ۾ پچندي آهي،  پر جيڪڏهن انهي کي ڀاڄي طور ڪتب آڻڻو هوندو آهي ته انهي وقت لڻبو آهي جڏهن سنگن ۾ داڻو اڃا نرم هوندو آهي.

سانئون: هڪ قسم جي سستي ٻاجهري آهي جيڪو جوئر ۽ ٻاجهري سان گڏ ساڳئي ٻنيءَ ۾ پوکيو ويندو آهي. اهو جلدي پچندو اهي. انهي جو ان هندو ورت واري ڏينهن يا ننڍي پيمانيءَ غريب هاري کائيندا آهن. اهو مال جي گاهه طور پڻ پوکيو ويندو آهي.

چونرا: چونرا هڪ قسم جي دال آهي جيڪو ٻاجهري، جوئر يا ڦٽين سان گڏ ذيلي فصل طور انهن سان گڏ يا ساڳئي ٻني ۾ هڪ ٻن جدا ٻارن ۾ پوکيو ويندو آهي. ڦريون سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ چونڊيون وينديون آهن.

تِر: ترن جي پوکائي جو طريقو ٻاجهري يا جوئر جهڙو هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته تر عام طور انهن سان گڏ ئي ٻنن تي ساڳئي ٻني ۾ جدا ٻارن تي پوکيا ويندا آهن. ترن جو سفيد يا ڳاڙهو قسم پوکيو ويندو آهي. سفيد جنس جي قيمت وڌيڪ ملندي آهي. ٻج عام طور تي 4 کان 6 پائونڊ في ايڪڙ گهربل هوندو آهي. فصل ٽن مهينن ۾ پچندو آهي ۽ ڏاٽي سان لڻبو آهي. تيلو پاڙ جي ڀرسان ڪٽيو ويندو آهي. اهو سڪي وڃڻ کان پوءِ ڏوڏو کلي ويندو آهي ۽ هٿ سان ڇنڊي ٻج ڪڍيو ويندو آهي.

ڦٽي: ڦٽيءَ جي پوک ڪيترن ئي طريقن سان ڪئي ويندي آهي هيٺيون طريقو حيدرآباد ضلعي ۾ چالو آهي. جيڪڏهن زمين کي چڱي  ساهي مليل نه آهي ته 6 ٽن في ايڪڙ ڀاڻ جو تهه ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن دستياب هجي ته پراڻين عمارتن جي مٽي پڻ ڏئي سگهجي ٿي. برهمڻ آباد جي آسپاس انهي ڦٽل شهر جي مٽي عام جام ڪتب آندي ويندي آهي. ٻج پاڻي ۾ پُسائي ۽ ان کي مٽي ۾ مهٽي بج لاهي هٿ سان پوکبو آهي. وري ٻج جيڪڏهن هٿ سان ٽاڻيو ويو آهي ته ان جا في ايڪڙ 24 پائونڊ کپندا ۽ جيڪڏهن ٻج جننگ فيڪٽري مان ورتل آهي ته انهي کان ٻيڻ تي ڏيڻو پوندو. ڪجهه جاين تي ٻج ناڙي پڻ ڪيو ويندو آهي. زمين کي چڱي طرح هر ڏيڻ ۽ پاڻي ڏيڻ کانپوءِ جون مهيني ۾ ٻج پوکيو ويندو آهي. ٻج زمين ۾ پوکڻ کانپوءِ زمين کي هڪ دفعو وري هر ڏنو ويندو آهي. فصل کي پندرهن ڏينهن تائين پاڻي جي گهرج نه پوندي آهي. انهي کانپوءِ انهي کي 8 يا 9 ڏينهن جي وٿي تي پاڻي ڏنو ويندو آهي. انهي کي هڪ  مهيني جي وقفي سان ٻه يا ٽي گُڏون پڻ گهربل هونديون آهن. پهريون چونڊو نومبر مهيني ۾ تيار هوندو آهي. انهي کانپوءِ فيبروري تائين ٽي يا وڌيڪ چونڊا ڪيا ويندا آهن. لاهيارن کي مزدوري ۾ پنهنجي چونڊيل ڦُٽين جي سورهين کان ويهين پتي ملندي آهي. جيڪڏهن ڦٽيون چونڊڻ کان اڳ سخت سيءُ ٿي وڃي ته انهي ڳالهه جو تمام خطرو موجود هوندو آهي ته فصل کي پارو ڌڪ هڻي ويندو جنهن سان تمام خراب جنس ملندي پر انهي جو ٻج وري جلدي پڇي راس ٿيندو ۽ اها جنس سنڌ ۾ ڏاڍي مقبول آهي.

ڦٽي کوهه جي پاڻيءَ تي پڻ ٿيندي آهي ۽ انهي صورت ۾ فصل فيبروري ۾ پوکيو ويندو آهي. نرم زمين کي پهريان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ پوءِ هڪ يا ٻه هر ڏئي سيپٽمبر ۽ نومبر مهيني جي وچ ۾ ڀتر ڀڳا ويندا آهن. ٻج پوکڻ کان اڳ زمين کي وري هر ڏنو ويندو آهي ۽ پوءِ کِرين ۾ ٻج هٿن سان ٽنبيو ويندو آهي، چونڊا جو لاءِ ۾ شروع ٿيندا آهن. پهرئين فصل کي نيري چئبو آهي. ٻيون فصل (منڍيون) ايندڙ سال فيبروري ۾ اهڙي طرح کنيو ويندو آهي جو ٻوٽن کي ڪٽي ڇڏي ڏنو ويندو آهي. اهي پراڻين پاڙن مان وري  ڦٽندا آهن.

ٽيون هڪ تمام پراڻو طريقو آهي انهي کي ٻيلائي چيو ويندو آهي. اهو طريقو نرم يا ويندي وارياسي زمين تي درياءَ جي ويجهو ڪم آندو ويندو آهي. اهڙي زمين تي  ٻوڏ جو پاڻي آيل هوندو آهي ۽ اها آلي هوندي آهي. زمين کي فقط هڪ دفعو هر ڏئي سانهر گهمائبي آهي ۽ پوءِ ٻج وٿين تي آڱرين سان ٽنبيا ويندا آهن. اهي ٻوٽا تمام ڊگها ۽ مضبوط ٿيندا آهن پر ڪپهه نرم نه ٿيندي آهي. ڪپهه جون مصري جنسون متعارف ٿيڻ سان- جن جو ٻئي هنڌ بيان ڏنل آهي- بلاشڪ ته جيڪڏهن اهي جنسون ڪامياب ٿيون ته انهن مٿي بيان ٿيل طريقن کان وڌيڪ ڌيان وارا طريقا عمل ۾ ايندا.

ڪمند: ڪمند جي پوکائي جي بهترين مند فيبروري جو مهينو آهي ڇو ته جيڪڏهن انهي کي ڀاڻ سٺو ملي ويو ته اهو نومبر ۾ پچي ويندو ۽ گهڻو ڪري ڊسمبر جي آخريا ان کانپوءِ پوندڙ تباه ڪار پارن کان بچي ويندو. پر اهو بعضي بعضي مئي تائين به پوکيو ويندو آهي ۽ انهي صورت ۾ اهو فيبروري کان اڳ تيار نه ٿيندو آهي. تازين بولين مان ڦٽل  پهريون فصل  نيري سڏبو آهي پر جيڪڏهن ڳنا مضبوط هجن ته پهريون فصل ڪپڻ کانپوءِ پراڻين پاڙن مان ٻيون فصل به کنيو ويندو آهي. انهي کي بانٺ سڏبو آهي. بانٺ پهرئين فصل کان گهٽ وقت ۾ تيار ٿيندو آهي. جنهن زمين ۾ ڪمند پوکڻو هوندو آهي انهي ۾ وٿاڻ جي ڀاڻ جا 10 کان 30 ٽن في ايڪڙ وڌا ويندا آهن. انهي کي چڱي طرح هر ڏئي انهي ۾ ننڍا ٻارا ٺاهي ڪمند جون 20 کان 30 هزار بوليون اڀيون في ايڪڙ پوکيون وينديون آهن. بولي ڪمند جي هڪ ننڍڙي لٺ هوندي آهي جنهن تي هڪ ڳنڍ هوندي آهي جن مان ٻه يا ٽي سلا ڦٽندا آهن. زمين ۾ پوکڻ کان اڳ انهن کي نرم زمين ۾ رکيو ويندو آهي ته انهن ۾ سلا ظاهر ٿي پوندا آهن. پوءِ زمين کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏبو آهي ۽ انهي کان پوءِ فصل کي هفتي ۾ هڪ دفعو پاڻي ڏبو آهي. پاڻي عام طور نار جي ذريعي ڏنو ڏنو ويندو آهي. هڪ نار پنجن کان ڇهن ايڪڙن کي پاڻي ڏئي ويندو آهي. پهريان چار مهينا فصل جي هر مهيني گُڏ ڪبي آهي. ڪمند پهريان ٽي مهينا آهستي وڌندو آهي تنهنڪري انهيءَ ۾ ذيلي فصلن طور چونرا يا ٻاجهري مال جي گاهه لاءِ پوکڻ عام ڳالهه آهي. وري انهي کان اڳ جو اهي مکيه فصل ۾ رنڊڪ وجهن انهن کي لڻي ڇڏبو آهي. ڪمند ڏاٽي سان ڪٽي اٺن يا ڍڳن سان هلندڙ چيچڙن ۾ پيڙهيو ويندو آهي. هاڻي پراڻي ڪاٺ واري چيچڙي جي جاءِ تي لوهيون مشينون اچي رهيون آهن.  انهي مان نڪتل رس ۾ ٿورو چانيهو يا ڪروڊ ڪاربونيٽ آف سوڊا ملايو ويندو آهي انهي سان رس ۾ پيدا ٿيل گجي هٽائڻ ۾ سهوليت ٿيندي آهي. پوءِ انهي کي لوهه جي وڏن ڪڙڇن ۾ ڪاڙهي نرم نهري حالت ۾  آندو ويندو آهي ۽ ڳڙ ڪري وڪرو ڪيو ويندو. انهي کي انگريزيءَ ۾ molasses جو غلط نالو ڏنو ويندو آهي. اها سڌي سادي اڻ صاف ٿيل کنڊ (Unrefined Sugar) هوندي آهي. ڪمند جو چڱو خاصو مقدار ائين ئي وڪرو ڪيو ويندو آهي جيئن تازو واپرائي سگهجي.

نير: نيرجي فصل لاءِ هلڪي مٽي تمام بهترين ليکي ويندي آهي. جيئن ئي جون مهيني ۾ واهه ڀربا آهن ته ٻني کي پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ سٺو هر ڏنو ويندو آهي پوءِ ان کي ننڍن ٻارن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ زمين اڃا چڱي آلي ئي هوندي آهي ته ٻج ڇٽيو ويندو آهي. في ايڪڙ تي ٻج جا ٻن کان ٽي ڪاسا (76 کان 114 پائونڊ) وڌا ويندا آهن. ٻج سڄي رات پاڻي ۾ پُسايو ويندو آهي. زمين کي هر ٻئين ڏينهن هلڪو پاڻي ڏنو ويندو آهي ايستائين جو سلو زمين کان تقريباً ٻه انچ مٿي نڪري ايندو آهي. پوءِ هر چوٿين ڏينهن پاڻي ڏنو ويندو آهي. فصل لڳ ڀڳ 18 انچ ٿيڻ کانپوءِ هفتي ۾ هڪ دفعو پاڻي ڏنو ويندو آهي. فصل ٽن انچن جيترو ٿيندو آهي ته هڪ گڏ وري ڏيڍ فوٽ جيترو ٿيڻ تي ٻيو دفعو  گڏ ڪئي ويندي آهي. نير جا ٻوٽا تقريباً ٽن مهينن ۾ لاب لاءِ تيار ٿيندا آهن. ٻج مان ڦُٽل فصل کي نيري چيو ويندو آهي. پاڙون سدائين زمين ۾ ڇڏيون وينديون آهن جن مان ايندڙ سال ٻيو فصل کڻبو آهي. انهي کي منڍيون سڏبو آهي. اهو اڍائي مهينن ۾ پچندو آهي ۽ ٻج به انهي فصل مان کڻبو آهي.

ٻوٽي جي ٿڙن ۽ پنن مان رنگ ڪڍيو ويندو آهي. انهي لاءِ ٿڙن ۽ پنن کي سِرن ۽ گچ مان ٺهيل حوضن ۾ پسايو ويندو آهي. لابارو سدائين صبح جو ڪيو ويندو آهي ۽ پيداوار  کي منجهند جي وقت حوضن ۾ اڇلايو ويندو آهي. ٿڙن ۽ پنن کي 12 ڪلاڪ ٻوڙڻ کانپوءِ اهي پاڻي مان ڪڍي پاڻي کي ٻه يا ٽي ڪلاڪ ولوڙيو ويندو آهي پوءِ انهي مواد کي ڇهن ڪلاڪن لاءِ ڇڏي ڏبو آهي. انهي دوران رنگ حوض جي تري ۾ ويهجي ويندو آهي.

سڻي: سڻي زمين جي ننڍڙن ٽڪرن تي آباد گارن جي سهوليت لاءِ پوکي ويندي آهي. ڪڙمي جو انهي ۾ ڪو حصو نه هوندو آهي. ٻج جولاءِ جي مهيني ۾ جوئريا ٻاجهري جي فصل ۾ ننڍن ٻارن ۾ ٻارن جي ٻنن تي پوکيو ويندو آهي. سڻي جي فصل کي پاڻي مکيه فصل سان گڏ ڏنو ويندو آهي ۽ انهي کان جلد ئي پوءِ لڻيو ويندو آهي. اهو لڻڻ کانپوءِ ڏينا ڪٽي ٻوٽا چئن کان پنجن ڏينهن تائين پاڻي ۾ پُسايا ويندا آهن ۽ انهي کانپوءِ ڪڍي سُڪائي تاندورا يا سٽ هٿ سان پٽيا ويندا آهن. ڪُڙمي تاندورن مان رسيون ٺاهيندا آهن جيڪي هو ڪيترن ئي زرعي ڪمن ڪارين ۾ ڪتب آڻيندا آهن.

تماڪ: تماڪ سدائين رونبي ذريعي پوکيو ويندو آهي. حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جون مهيني ۾ ٻارين جي ٻنن جي ڪنارن تي ٻج پوکيو ويندو آهي. ٻارين کي اڳ ۾ چڱي نموني هر ڏئي پاڻي ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. ٻج جي شرح 4 کان 8 پائونڊ في ايڪڙ هوندي آهي. هڪ مهيني جي واڌ کانپوءِ سلا ٻارين مان ڪڍي هڪ هڪ ڪري ٻنن تي هنيا ويندا آهن. ٻني ۾ ٻڪرين ۽ رڍن جو ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگهندو آهي ته آباد گار ٻني ۾ ڪجهه وقت لاءِ انهن جانورن جو واڙو ٺاهي ڇڏيندو آهي پر جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهي ته هو في ايڪڙ تي پنج ٽن ڀاڻ ڏئي ڇڏيندو آهي.

فصل کي پهريان ٽي ڏينهن هر روز پاڻي ڏنو ويندو آهي انهي کانپوءِ آهستي آهستي پاڻي گهٽائي هفتي ۾ هڪ ڏينهن تي آڻبو آهي. لابارو لڳ ڀڳ ڊسمبر مهيني ۾ ٿيندو آهي ۽ لاب باک ڦٽي ۽ سج اڀرڻ جي وچ ۾ ڪيو ويندو آهي. سڄو ٻوٽو پاڙ کان ئي ڪپيو ويندو آهي ۽ ورندي ڏينهن ان جا پن پٽي اُس ۾ پکيڙي ڇڏبا آهن. سُڪَڻ ۾ پندرهن يا وڌيڪ ڏينهن به لڳي ويندا آهن. انهي دوران هر ٽئين چوٿين ڏينهن پنن کي اٿلايو پُٿلايو ويندو آهي. پن سُڪڻ کانپوءِ گڏ ڪري ڍير ڪيا ويندا آهن. ڍير کي ناريل جي پنن جي تڏين ۾ ويڙهي انهن جي تور ڪئي ويندي آهي. پنن کي انهي حالت ۾ تقريباً پندرهن ڏينهن ڇڏڻ کانپوءِ کجي جي پُوٽن مان ٺهيل تو نرين ۾ سبي ڇڏبو آهي. هر تونريءَ ۾ 160 پائونڊ هوندا آهن.

سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ تماڪ بهار جي مند جو فصل آهي. ٻج ڊسمبر ۽ فيبروري جي وچ ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ اپريل کان جون مهيني تائين پن پٽيا ويندا اهن. پوکيءَ جي طريقي ۾ گهڻو فرق نه هوندو آهي.

ربيع جي فصلن جي پوکيءَ جا طريقا

ڪڻڪ: ٻوڏ جي پڄاڻي تي زمين کي ريج ڏئي زمين ڪڻڪ لاءِ تيار ڪئي ويندي آهي پوءِ هڪ يا ٻه هر ڏئي، ڀتر ڀڃي سانهر هلائي ڇڏبي آهي جيئن ريج سڪي نه وڃي. ٻوڏ وارين ۽ ڍنڍن جي تري وارين زمينن کي به انهن تان پاڻي سڪي وڃڻ شرط ئي ساڳئي نموني تيار ڪيو  ويندو آهي جن زمينن کي هٿرادو طريقي سان پاڻي ڏنو ويندو آهي انهن کانسواءِ ٻين زمينن کي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت نه پوندي آهي. عام طور ڀاڻ ڪتب نه آندو ويندو آهي. ٻج عام طور ڇٽيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ناڙي به ڪئي ويندي آهي. ٻج جي شرح ۾ تمام گهڻي ڦيرڦار ايندي رهندي آهي پر عام طور 50 کان 180  پائونڊ في ايڪڙ ڏنو ويندو آهي. پوکي نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ۽ لابارو عام طور اپريل ۾ ٿيندو آهي. لاهيارن کي مزدوري يا ته روڪ يا لڻيل ول جي پندرهين کان ويهين پتي ڏني ويندي آهي.

سرنهن ۽ ڄانڀو: ڄانڀي ۽ سرنهن جا فصل ڪي جي زمين ۾ يا اهڙي زمين ۾ ڪيا ويندا آهن جنهن تي درياء يا سيلابي واهه جي ليٽ اچي وئي هجي، اهي فصل اهڙين زمينن ۾ به ٿيندا آهن جن کي ٻوڏ جي آخر ۾ نار ذريعي پاڻي ڏنو ويو هجي. پوکي سيپٽمبر جي آخر يا آڪٽوبر جي شروع ۾ ٿيندي آهي. ٻج عام طور ڇٽيو ويندو آهي يا ناڙي ڪئي ويندي آهي. ٻج جي شرح عام طور ٻه ٽويا يا 15 پائونڊ في ايڪڙ هوندي آهي. ٻوٽن جون ٽاريون وقت بوقت لڻيون وينديون آهن  جيئن اهي گهاٽا ڦٽن. سرنهن جا پن هر طبقي جا ماڻهو سبزيءَ طور واپرائيندا آهن. لابارو مارچ يا اپريل مهيني ۾ ٿيندو آهي. ان ڍڳن ذريعي ڳاهيو ويندو آهي.

چڻا: چڻي جي پوک هر ڳالهه ۾ سرنهن ۽ ڄانڀي وانگر هوندي آهي سواءِ انهي جي جو اهو پچندو ڪجهه دير سان آهي. لاب ۾ سڄو ٻوٽو پٽيو ويندو آهي. ٻج جي شرح مڻ کان ڪجهه گهٽ في ايڪڙ هوندي آهي.

مٽر: مٽرن جي پوک چڻي يا ڄانڀي وانگر ئي ٿيندي آهي. ڪچي ۾ زمين کي ته ايترو هر به نه ڏنو ويندو آهي. ڦاٽل زمين تي فقط ٻج ڇٽي ڇڏبو آهي. پاڻي يا ڀاڻ به نه ڏنو ويندو آهي. ٻج جي شرح  تقريباً ٻه ڪاسايا 75 پائونڊ في ايڪڙ هوندي آهي. فصل تڪڙو تڪڙو لڻيو ويندو آهي جيئن اهو مضبوط ٿئي ۽ انهي جا پن هاري طبقو ڀاڄي طور واپرائيندو آهي. فصل مارچ ۾ پچندو آهي. انهي وقت ٻوٽا ٻاڙئون پٽيا ويندا آهن ۽ ڦرين تي ڏاندن ذريعي ڳاهه ڪيو ويندو آهي.

ڀاڄيون ۽ ميوا:

سنڌ ۾ پوکيون ويندڙ  مکيه ڀاڄين جي فهرست باٽنيء تي ليک ۾ نظرايندي. پوکيءَ جا طريقا تفصيل سان نه ٿا ڏئي سگهجن. اهي سڀئي ڀاڄيون جن جون پاڙون واپرايون وڃن ٿيون اهي سياري ۾ پوکجن ٿيون. ڀاڄين مان ڀينڊيون. واڱڻ، لوڻڪ ۽ مريڙو خريف جي مند شروع ٿيڻ سان پوکيا ويندا آهن جڏهن ته باقي ڀاڄيون نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پوکيون وينديون آهن. تقريباً سڀني قسمن جا ڪدو خريف ۾ جڏهن ته گدرا ۽ هنداڻا ربيع ۾ پوکيا ويندا آهن. انهن سان گڏو گڏ گوار جون ڦريون- اها به هڪ قسم جي دال آهي جيڪا بعضي بعضي جوئر ۽ ٻاجهري سان گڏ پوکي ويندي آهي- سهانجڙي جي وڻ جون ڦريون ۽ سرنهن ۽ چڻن جا پن به هر طبقي جا ماڻهو ڀاڄي طور واپرائيندا آهن. سياري ۾ وڏن شهرن جي ڀرسان واڙين ۾ ٽماٽن، ڪاهو (lettuce)، چقندر، گُل گوبي ۽ مٽرن جهڙيون يورپي ڀاڄيون پوکيون وينديون آهن.

گرم مصالحا:

سنڌ ۾ گرم مصالحن جي فصلن مان اهم ڳاڙها مرچ، ڌاڻا، سونف (Fennel) ۽ اَهُر (mustard) آهن. مرچ ربيع توڙي خريف ٻنهي مندن ۾  پوکيا ويندا آهن باقي ٻيا سڀ فقط ربيع ۾ پوکيا ويندا آهن.

ميوا:

ڪو به سنڌي ڇوڪراڻي وهيء ۾ ڪچن ٻيرن ۽ ٻين جهنگلي ميون لاءِ دنيا جي ٻين حصن جي ڇوڪرن جهڙي ئي چاهت ڏيکاريندو آهي پر هو جڏهن وڏو ٿيندو آهي ته هو پنهنجي واپرائڻ لاءِ ميوا نه پوکيندو آهي. البت ون يونٽ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ميون جي بهترين قسمن جي پيداوار ۾ اڳتي وڌي رهي آهي. سنڌ جا خاص طور انب ۽ ڪيلا ملڪ جي ٻين حصن ۾ پڻ واپرائجن ٿا. ڪيپٽن اليگزينڊر هيملٽن ٺٽي جو بيان ڏيندي 1699ع ۾ لکي ٿو: بادشاهه جا باغ چڱي حالت ۾ هئا ۽ انهن ۾ ميون ۽ گلن جا بهترين قسم هوندا هئا خاص طور ڏاڙهون ته تمام سٺا هوندا هئا. انهي دور ۾ ته اهو ٺٽو هوندو هو پر هاڻي اها حيثيت حيدرآباد کي حاصل آهي جتي جيتوڻيڪ ڪو بادشاهه ته نه آهي پر اتان جي آبادي کي سٺي ميوي جو قدر ڪرڻ ۽ انهي جو مُلهه ڏيڻ جي سگهه آهي. ڪراچي جي ويجهو پڻ لياري ندي سان گڏو گڏ ۽ ملير تائين خوجن ۽ ميمڻن جا باغ آهن جتان مارڪيٽ ۾ هر قسم جا معياري ميوا اچن ٿا جن مان مکيه هي آهن:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org