سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:14 

باب تيرهون

آبپاشي (IRRIGATION)

سنڌ کي جيڪڏهن حقيقتن مطابق نالو ڏجي ته انهي کي دريا ڏتو يا دريا ڏنو يعني درياء جي سوکڙي چئي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته سنڌ سنڌو درياء کانسواءِ ائين ٿيندي جيئن نه مصر کي نيل درياء کان محروم ڪري ڇڏجي. انهي ۾ مينهن صفا ٿورو پوندو آهي ۽ اهو به ڪٿي گهڻو ته ڪٿي ٿورو ۽ اهو به انهي لاءِ ڪافي نه هوندو آهي  جنهن تي ڪي اهڙا سٺا باقاعدي فصل پوکي سگهجن جن تي هڪ وڏي آبادي گذارو ڪري سگهي. پر جيئن ته سنڌو درياء جي هيٺاهين ماٿري ۾ گذريل پنجن هزارن ورهين کان انسان رهندا پيا اچن تنهنڪري انهي مان اهو  نتيجو لازماً ڪڍي سگهجي ٿو ته انهي عظيم درياء جي غير يقيني ۽ پورالي ڀلائي مان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ انساني ذهانت ڪم پئي ڪندي رهي آهي. سنڌو درياء سنڌ جي ماڻهن جي حياتي ۽ انهن جي بهتري ۾ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو انهي جو اندازو تڏهن سولائي سان ٿي ويندو جڏهن پهريان انهي ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويندو ته سنڌ جي اتر ۾ ساليانو سراسري مينهن فقط 3 انچ ۽ ڏکڻ ۾ 9 انچ پوندو آهي ۽ ٻين ڳالهه اها ته انهي مينهن جو وڏو حصو جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ پوندو آهي. اتر سنڌ ۾ ڇانو ۾ درجه حرارت 52.7 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويندو آهي ۽ اونهاري جي مند تمام گهڻي ڊگهي ٿي ويندي آهي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ ڇانو ۾ درجه حرارت گهڻو ڪري 43 ڊگري تائين وڃي پهچندو آهي. آڪٽوبر جو مهينو ڪجهه ٿڌو ٿيندو آهي ۽ نومبر مهيني ۾ ڇانو ۾ درجه حرارت 37 ڊگري کان مٿي رڪارڊ ٿيندو آهي. جيڪڏهن رات جي درجه حرارت کي مدنظر رکبو ته ڳالهه اڃا وڌيڪ خراب ٿي ويندي جو ڪجهه ورهين ۾ اپريل ۽ جون جي مهينن جي وچ ۾ ٿرماميٽر صبح جو سوير ئي 32 ڊگرين کان گهٽ نه ڏيکاريندو آهي.

سنڌ جي ايراضي خيرپور سميت 56447 چورس ميل (90842.7 ڪ.م) آهي ۽ انهي جي ٿلهي ليکي اڌ تي جبل ۽  وارياسيون ٽڪريون آهن. باقي اڌ زمين فصلن جي پيداوار لاءِ مناسب آهي. سن 1951ع جي آدم شماري مطابق سنڌ جي خيرپور سميت آبادي 42,28,057 هئي ۽ تقريباً سموري آبادي سڌي يا اڻ سڌي طرح زراعت ۾ رُڌل آهي. انهي مان ڀلي ڀت اندازو ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي گذران لاءِ ڪيتري حد تائين سنڌو درياء جي پاڻي تي دارو مدار رکن ٿا.

سنڌو درياء جون ٽي نمايان خصوصتيون آهن (الف) انهيءَ ۾ باقاعدگي سان ٻوڏ ايندي رهندي آهي جيڪا پاڻ سان گڏ تمام وڏي مقدار ۾ لٽ آڻيندي آهي. انهي لٽ صديون گذرڻ دوران سنڌو ماٿريءَ جو لٽاسو علائقو ٺاهيو آهي ۽ اڃا تائين درياء جي ڦاٽ وٽ لٽاسي زمين ٺاهي رهي آهي (ب) درياءَ آهستي آهستي پنهنجي تر جي سطح ٻنهي ڪنارن واري لٽاسي مٽي کان مٿي ڪندو وڃي ٿو اهڙي طرح اهو قدرتي توڙي هٿراڌو آبپاشي لاءِ تمام مناسب آهي ڇاڪاڻ ته درياء سدائين پنهنجن ڪنارن تان اٿلي انهن جي ويجهو هيٺاهين ايراضين ۾ ٻوڏ آڻيندو رهندو آهي اهڙي طرح قدرتي آبپاشي ٿي ويندي آهي. باقي انهيءَ ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ سوين صدين کان هٿراڌو آبپاشي نظام پڻ موجود رهيو آهي (ج) اهو ورن وڪڙن وارو رستو ٺاهي پيو هلندو آهي ۽ صدين کان اهو لاڙو ڏيکاريندو رهيو آهي جو سواءِ ڪجهه موقعن جي سدائين پيو ساڄي پاسي واري زمين پائيندو ۽ ان ۾ کاڌ ڪندو ويندو آهي ۽ کاٻي پاسي واري زمين کي ڇڏيندو ويندو آهي. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تمام آڳاٽي وقت کان ۽ نسبتاً ويجهي دور تائين سنڌو درياءَ جو وهڪرو اڀرندي پاسي رهيو آهي ۽ انهي جا آثار اڄڪلهه گهگهر، هاڪڙي ۽ مهراڻ جي خالي پيٽ ۾ ڏسي سگهجن ٿا. مهراڻ ڪنهن وقت ڪو تمام وڏو درياء هو جيڪو پنهنجي موجوده وهڪري کان گهڻو اوڀر طرف عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اروڙ ڪنهن وقت هاڪڙي جي ڪناري تي هو ۽ مهراڻ جو پراڻو وهڪرو  اڄ به نواب شاه، ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن جي اڀرندن حصن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سنڌو درياء جو الهندي طرف سُرڪڻ اڃا به جاري آهي ۽ انهي کي مٿاهين سنڌ جي سرحد سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي هيٺاهين زرخيز زمينن تي اٿلي پوڻ کان بچائڻ لاءِ مضبوط حفاظتي بند ضروري سمجهيا ويا آهن. اهي اڃا به خطرناڪ جايون آهن. درياء سيوهڻ ۽ جهرڪن جي وچ ۾ گهڻو اولهه طرف نه ٿو وڃي سگهي ڇاڪاڻ ته کيرٿر جبلن جي وڏي قطار انهي جي وهڪري کي هڪ سو ميلن (160 ڪ.م) تائين چڱي طرح بند ڪري ڇڏيو آهي سنڌو درياء لٽاسي پٽ ۾ گهٽ وڌ وچ وٺيون پيو ٿو هلي.

الهندي طرف کيرٿر جبل جي چن جي پٿرن ۾ بند آهي ته اڀرندي طرف راجستان جي واري جي ڀٽن بند ڪري رکيو اٿس. انهي جو پاڻي تقريباً هڪ ڪروڙ سٺ لک ايڪڙ  ايراضي تي پکڙجي سگهي ٿو يا ورهائي سگهجي ٿو. انهي ايراضي جو وڏو حصو هڪ ڪري سڌي سطح آهي جنهن جا فقط ڪي ٽڙيل پکڙيل حصا عام سطح کان چند فوٽ مٿي آهن. سرحد شهر کان پنجاب جي ڏاکڻين سرحد کان هندي وڏي سمنڊ تائين زمين جولاهه (Gradient)ڇهه سو ميلن ۾ اڍائي سو فوٽن کان وڌيڪ نه آهي. اهو في ميل تي ڇهن انچن کان به گهٽ بيهي ٿو. تنهنڪري حالتون هر لحاظ کان سائنسي آبپاشي جي حق ۾ آهن جنهن جو اڄڪلهه سنڌ سموري دنيا ۾ هڪ نمايان مثال آهي. سکر کان لڳ ڀڳ 60 ميل (96 ڪ.م) اتر ۾ گڊو بيراج جي مڪمل ٿيڻ، هيٺاهين سنڌ ۾ ڪوٽڙي کان ٻه ٽي ميل مٿي غلام محمد بيراج تي اڳڀرائي ۽ هاڻي تقريباً مڪمل طور ڪم ڪندڙ سکر بيراج سان تقريباً سموري لٽاسي ايراضي جنهن تي پاڻي وهائي آبپاشي ڪري سگهجي ٿي، اها پيچ ۾ اچي ويندي ۽ تقريباً هڪ ڪروڙ اڍائي لک ايڪڙن جيتري ايراضي تي سمورو سال پوکي راهي يقيني بڻجي ويندي.

ٽئين هزارين قبل مسيح ۾ اوج تي رهندڙ سنڌو ماٿري جي تهذيب زرعي اقتصاديات تي ٻڌل هئي. انهي هڙپا ۽ موئن جي دڙي جي ٻن وڏن شهرن کي هٿي پئي ڏني جيڪي لڳي ٿو ته وڏي واپار جا مرڪز هوندا هئا. جيتوڻيڪ ايتري پراهين دور ۾ اسان کي آبپاشي جا ڪي ثبوت نه مليا آهن پر انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪو چڱو ڪارگر ڪينال سسٽم ضرور ڪم ڪندو هوندو. انهي ڳالهه جو به گمان آهي ته انهي دور ۾ سنڌو ماٿري ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ اڄ کان  وڌيڪ مينهن پوندو هوندو. فقط مينهن جي پاڻي تي ايتري وسيع پوکي راهي ڪڏهن به نه ٿي ٿي سگهي جنهن سان هٿرادو آبپاشي جي ضرورت ئي ختم ٿي وڃي. ابن حوقل جي منصوره بابت ڏنل بيان مان (جيڪو سن 800 عيسوي ڌاران اوج تي هو) اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته انهي دور ۾ آبپاشي نظام وڏي پيماني تي هلندڙ هو ۽ تمام ڪارگرهو. ابن حوقل لکي ٿو ته منصوره تقريباً ڏيڍ ميل ويڪرو آهي ۽ ان جي پاسي ۾ مهراڻ جي هڪ شاخ وهي ٿي.  هتي کجي جا وڻ ڦٽن ٿا پر انگور، صوف ۽ اخروٽ نه ٿاٿين. هتي ڪمند ٿئي ٿو. هتي  صوف جي جسامت جيترو هڪ ميوو پيدا ٿئي ٿو جنهن کي ليمون چيو وڃي ٿو اهو تمام کٽو ٿئي ٿو. هتي شڪل ۽ ذائقي ۾ آڙو سان ملندڙ هڪ ميوو ”انبج“ پيدا ٿئي ٿو. اهو تمام جهجهو ۽ سستو ملي ٿو. شين جون قيمتون گهٽ آهن ۽ کاڌي جي ڪثرت آهي.“ مغل بادشاه اڪبر جي حڪمن هيٺ ترتيب ڏياريل مغل سلطنت جي گزيٽيٽر آئين اڪبري ۾ ٺٽي جي سرڪار جو بيان ڏنل آهي. انهي ۾ لکيل آهي: ملڪ ۾ ڍل جو تعين فصلن جي ورهاست جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. انهي مطابق اپت جو ٽيون حصو هاري کان ورتو ويندو آهي. ساري گهڻي ۽ سٺي ٿيندي آهي. چانور ۽ مڇي عام ۽ هر هنڌ واپرايو ويندڙ کاڌو آهي.

سنڌ ۾ آبپاشي نامعلوم وقتن کان وٺي هٿراڌو واهن ذريعي ٿيندي آهي. سنڌ ۾ ايندڙ  فاتحن کي اٺين صدي دوران به ڍل جي حساب ۾ عوامي واهن تي آباد ٿيندڙ زمينن ۽ خانگي طور هٿراڌو ذريعن سان سيراب ٿيندڙ زمينن ۾ فرق رکڻو پوندو هو. جيڪڏهن گهڻي ويجهي دور ۾ اچون ته ڪيپٽن (اڳتي هلي سر اليگزينڊر) برنس الهندي ناري (سنڌو درياءَ جو هڪ پراڻو وهڪرو پرواهه طور ڪم ايندڙ) جو گشت ڪندي 1830ع ۾ هي لفظ لکيا! ”انهي جا پاڻي واهه پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ۽ ورهائيندا آهن. اهي واهه هن سڌي ۽ زرخيز زمين کي قدرت طرفان عطا ڪيل نعمتن ۾ واڌارو ڪن ٿا. اڀرندي ڪناري تي جيتوڻيڪ الهندي ڪناري کان گهٽ نوازشون ٿيل آهن پر انهي تي تمام گهڻي پوکي راهي ٿئي ٿي ۽ اڪثر شهر ۽ ڳوٺ به واهن جي ڪنارن تي آباد آهن جيڪي درياء ۾ وقت بوقت ايندڙ چاڙهه جو پاڻي فياضي سان ورهائين ٿا ۽ رهواسين جي محنت ۽ اورچائي جو ثبوت ڏين ٿا. انهي وقت جا سنڌ جا حڪمران، مير سرڪاري واهن تي آباد ٿيندڙ زمينن تان واڌو محصول ته اڳاڙيندا هئا پر انهن واهن جي مرمت ۽ صفائي بابت پنهنجو فرض تمام اڻپوري نموني پورو ڪندا هئا ايتريقدر جو ليفٽيننٽ پوسٽنس 1841ع ۾ لکيو: اهڙا ڪيترائي مثال آهن جو زرخيز زمينن جا وڏا وڏا ٽڪرا فقط سرڪاري واهن جي خراب حالت سبب بلڪل غيرآباد ٿي ويا آهن. انگريزن پاران 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ واهن جي حالت ويتر خراب ٿي وئي. انهي جو هڪ سبب اهو هو جو انهن جا ذميوار آفيسر پنهنجي ڪم جي فني ڄاڻ کان اڻ واقف هئا. نيپيئر جيتوڻيڪ بمبئي رائيل انجنيئرز جي ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي زيردستي ۾ ڪينال ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو هو پر سندس اسسٽنٽ انجنيئرنگ سان لاڳاپيل نه هئا ۽ انهي کاتي پاران ڪوڪارائتو ڪم سرانجام ڏيڻ کان اڳ ئي انهي کي 1849ع ۾ ختم ڪيو ويو.

انهي ڳالهه جي ڪا به ثابتي نه آهي ته مغل انتظاميا سنڌ جي آبپاشي نظام کي هلائڻ يا انهي ۾ ڪا بهتري آڻڻ لاءِ ڪو به قدم کنيو يا نه. پر اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکي وڃي ته مغل نظام ۾ مقامي اختيارين کي ايتريقدر ئي تسليم ڪيو ويندو هو جيتريقدر اهي مقامي اختيار هلائي سگهندا هئا بشرطيڪه اهي پنهنجي جاگيرداراڻين ذميوارين کي به پورو ڪن. تنهنڪري نتيجو اهو ٿو نڪرندو ڏسڻ ۾ اچي ته مغلن جي دور ۾ واهن، واٽرڪورسن، بندن ۽ کوهن جي سار سنڀال جو ڪم گهڻي ڀاڱي مقامي سردارن جي حوالي ڪيل هو جيڪي انهن کي نظرانداز ڪرڻ جو جو کم نه ٿي کڻي سگهيا ڇاڪاڻ ته محصول جو دارومدار سنڌو درياء جي پاڻي تي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول تي هوندو هو. انهيءَ ڳالهه ۾ ذري برابر به شڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ تمام اوائلي دور کان آبپاشي جو ماهراڻو نظام موجود رهيو آهي ۽ واهن جو موجوده سرشتو پوکي راهي ڪندڙن جي ڪيترين ئي پيڙهين جي ڪم کانپوءِ وجود ۾ آيل آهي جيڪي انهن ڏينهن جي محدود عوامي وسيلن ۾ رهندي عوامي تجربن تي آڌاريل طريقن جي بنياد تي پاڻي کي زمينن تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ پورالي درياءَ جي من موجي طبيعت کي به ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ريورٽي جي The Mehran of Shind نالي شاندار ڪتاب ۾ تاريخي دور  ۾ سنڌو درياءَ جي وهڪرن جو پيرو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ انهي ڪتاب جي هڪ خصوصيت اها آهي ته انهي ۾ سڀني مقامي  ماخذن مان همعصر شاهدين جو هڪ خزانو گڏ ڪيو ويو آهي. وري انهي جي پٺڀرائي ۾ هيٺاهين سنڌو ماٿري جي جاگرافي جو تمام وسيع اڀياس ڪيو ويو آهي. جديد سنڌ ۾ انهي جي لٽاسي علائقي تي هر هنڌ سنڌو درياءَ جي رولاڪين جا نشان موجود آهن جيڪو هميشه پنهنجا پراڻا وهڪرا ڇڏي نون وهڪرن ۾ هلندو رهي ٿو. ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ هاڻي به درياءَ جا پراڻا وهڪرا ڏسي سگهجن ٿا ۽ انهي جي ڪنارن تي گهڻو وقت اڳ غائب ٿي ويل ڳوٺن جا آثار به ڏسي سگهجن ٿا. آبپاشي نظام ۾ جهڙي پختگي اڄ آهي اڳ ۾ اهڙي ڪڏهن به نه هوندي هئي، اڳ ۾ پختگي ۽ پڪ بجاءِ غير يقيني واري صورتحال هوندي هئي ڇاڪاڻ ته وهڪرا بدلبا رهندا هئا ۽ وقت بوقت نئين زمين ٻوڏ هيٺ ايندي رهندي هئي.

قديم سنڌي طريقي مطابق اهڙي طرح ٺهيل درياء جي قدرتي وهڪرن کي ڪم آندو ويندو هو انهن مان ننڍا واٽر ڪورس ڪڍي کوها ڏا کوٽيا ويندا هئا جن تي نار هلندا هئا ۽ جن هيٺاهين جاين تي ٻوڏ جو پاڻي گڏ ٿي ويندو هو کوهن ۽ نارن جي مدد سان انهن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو ويندو هو. انهن هيٺاهين جاين، جن جا سنڌي زبان ۾ ڪيترائي نالا آهن، ۾ گهڻي پوک ٿي سگهندي هئي ۽ زمين جا اهڙا وڏا وڏا ٽڪرا به هوندا هئا جن کي ڇن سڏيو ويندو هو اتي جيڪڏهن حالتن مطابق پاڻي پهچائي سگهبو هو ته اتي جهنگلي گاهه ٻوٽا به تمام جهجهي انداز ۾ ڦٽندا هئا جن تي اٺن، مينهين ۽ ڍڳين جو وڏو انگ تڳندو هو جيڪي وري هڪ وڏي آبادي جي سهائتا ڪندا هئا. اهي ئي جانور کير، ڏهي ۽ گيهه جي ڌنڌي ۽ کلن ۽ چمڙي جي صنعت جو بنياد هوندا هئا جن جو سياحن ذڪر ڪيو آهي. پراڻي دور ۾ موڪي تي آباد ٿيندڙ ايراضي موجوده دور کان گهڻي گهٽ هوندي هئي. هاڻي ته سائنسي اصولن تحت واهه کوٽيا ويا آهن ۽ واهن جو سطحون منڍ کان پڇڙي تائين ذري پرزي ماپيل آهن. اهڙي طرح ساري جيڪا موڪي جو فصل آهي اها فقط اهڙن علائقن تائين محدود هوندي هئي جتي پاڻي بغير دقت جي پهچائي سگهجي. اهڙي طرح هن فصل کي گهربل اونهو بيٺل پاڻي ڏئي سگهبو هو. اهي علائقا گهڻو ڪري مٿاهين سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هوندا هئا جنهن کي پراڻن رڪارڊن ۾ چانڊوڪو سڏيو وڃي ٿو. اهڙا ٻيا علائقا هيٺاهين سنڌ جي ڊيلٽا جي ويجهو هيٺاهن علائقن ۾ هوندا هئا انهي علائقي تي هاڻي حيدرآباد ۾ ٺٽي ضلعن جو هيٺاهون لٽاسو علائقو آهي.

پاٽينجر خيرپور جي ڀرسان لنگهندڙ هڪ وڏي واهه جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جي ذريعي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ننڍيون ٻيڙيون انهي هنڌ جي ويجهو پهچنديون هيون. ٻين وقتن تي واهه چڱو سڪي ويندو هو ۽ روڊ طور ڪتب ايندو هو. روهڙي جي چوڌاري باغ هوندا هئا. سنڌو درياء تي ٻيڙيءَ ۾ هلندي پاٽنجر لکي ٿو ڪنارن تي ڪيترائي وڏا شهر ۽ ڳوٺ ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر ڪجهه هنڌن تي ملڪ جي حالتن کي ڏسندي اها ڳالهه بلڪل پڌري ٿي پوي ٿي ته ٻوڏن جي ڏينهن ۾ وڏا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويندا هوندا. اها ڳالهه به نظر اچي ٿي ته شهر بچاء جي لحاظ کان ڪنارن کان ڪجهه ميل پرڀرو اڏيل آهن ۽ انهي بنياد تي ئي ڪجهه سياحن اهو سمجهيو آهي ته سنڌو درياء جي ڪنارن تي ڪيترين جاين تي ملڪ غير آباد ۽ ويران  لڳو پيو آهي جيڪا ڳالهه حقيقت کان پري آهي. هو اها ڳالهه به لکي ٿو ته ”شڪارپور جي اتر ۽ اتر اولهه ۾  هڪ وڏو علائقو اهڙو به آهي جيڪو هڪ مند ۾ ڪنهن جابلو نئن سبب سمورو پاڻي هيٺ هوندو آهي. اها نئن اتر طرف کان ٽڪرين تان ايندي آهي. انهي علائقي جي پاڻي هيٺ هئڻ هو هڪ سبب ٻوڏ دوران آيل تمام گهڻو پاڻي به هوندو آهي جيڪو  سنڌو درياء جي هڪ ڦٽل وهڪري مان ڌوڪيندو ايندو آهي. درياء جو اهو وهڪرو اڳ ۾ مکيه درياء کان ڏکڻ اولهه طرف بکر جي اتر ۾ هڪ سو ميلن تائين وهندو هو. انهن ٻنهي سرچشمن مان ايندڙ پاڻي کي جيئن ته نيڪال جو ٻيو ڪو ذريعو ڪونهي تنهنڪري اهو تقريباً سموري ملڪ کي ٻوڙي ٿو ڇڏي ۽ ايتريقدر جو هن کي سياري جي مند ۾ گهوڙن ذريعي به ڏکيا ئي سان پار ڪري سگهجي ٿو. هيٺاهين سنڌ ۾ به ساڳيون حالتون هيون اهو  به ساريون پيدا ڪندڙ وڏو علائقو هو.

ڊيل هوسٽ سنڌو درياء جون پراڻ، نارا، اڙل، ڦليلي گوني، پنڃاري، گهانگڙو، لکي، سيتا ۽ بگهاڙ نالي شاخون ٻڌايون آهن ۽ انهيءَ ڳالهه جو به واڌارو ڪيو آهي ته  ٻيا به ڪيترائي اهم واٽرڪورس ۽ وڏيون ڍنڍون پڻ هونديون هيون. واٽر ڪورسن ۾ نارا، ڌاٻيجي ۽ نورواهه ۽ ڍنڍن ۾ مارئي، منڇر، ميرپور ۽ ڪينجهراچي ٿي ويون. هيملٽن 1699ع ۾ سنڌو درياء جي لٽ جي زرخيزي جو بيان ڏنو آهي ۽ ٺٽي بابت لکي ٿو ته اهو هڪ ڪشادي پٽ تي اڏيل آهي ۽ ”انهن کي درياء مان کوٽيل اهڙا واهه آهن جيڪي شهر ڏانهن پاڻي آڻين ٿا ۽ انهن جو ڪجهه پاڻي سندن باغن لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهي حالتون برنيئر پاران مغل دور ۾ هندستان جي مٿانهن علائقن جي بيان ڪيل حالتن کان مختلف آهن. برنيئر اها ڳالهه چٽي طرح محسوس ڪئي هئي ته هڪ ته آبپاشي نظام موجود ئي نه هو ۽ جيڪو ڪجهه هو انهي ۾ سڌارا آڻڻ ڏانهن ڪنهن جو ڌيان نه هو. سچي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اصل کان سموري هندستان ۾ آبپاشي جي ڪمن ۾ بانيڪار رهي آهي ۽ انهي وٽ تاريخي دور جي شروعات کان وٺي واهن ۽ واٽرڪورسن جو هڪ نظام رهيو آهي جنهن جي سار سنڀال اهڙا ماڻهو لهندا هئا جن کي اها ڄاڻ ڀلي ڀت هئي ته قدرت جي نعمت کي ڪهڙي ريت ڪتب آڻڻو هو. هاڻي موجود ڪيترائي قديم واهه سنڌ جي زباني روايت مطابق ڪلهوڙن جي محنت ڏانهن منسوب ڪيا وڃن ٿا. انهي  ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪلهوڙن سنڌين جي حيثيت ۾ انهي نظام کي چالو رکڻ جي اهميت جو ادراڪ ڪري ورتو  هو. وري اها ڳالهه مڃڻ لاءِ به ڪي بنياد موجود آهن ته انهي دور ۾ موجود  آبپاشي نظام ٽالپرن جي حڪومت ۾ موجود آبپاشي نظام کان گهڻو  بهتر هو. انهن جا هڪ ته آبپاشي جي ميدان ۾ ڪيل ڪم ايترا گهڻا نه هئا ٻيو ته اهي آبڪلاڻي واهن ۽ واٽرڪورسن جي ضروري سالياني صفائي لاءِ پئسو ڏيڻ ۾ به ڪنجوسي ڪندا هئا. ڊاڪٽر ڪينيڍي 1840ع ۾ اڙل واهه بابت لکي ٿو ته ”اهو هڪ هٿراڌو واهه آهي جيڪو ڪنهن وساريل دور ۾ ڪنهن محب وطن حاڪم يا ڪنهن ڏاهي نسل کوٽايو هو جن پنهنجو پئسو بادشاهن توڙي عوام واري روايتي ذيان بجاء ڪارائتي ڪم تي خرچ ڪرڻ کي ترجيح ڏني“ جيمس لکي ٿو ته شاه ڪينال جيڪو ٽالپرن جي دور ۾ زوال جو شڪار ٿي ويو هو اهو نور محمد ڪلهوڙي کوٽرايو جنهن تان ئي انهي تي ۽ شاهپور ڳوٺ تي اهو نالو پيو. انهي جي سموري وهڪري جي پاسن سان وڏي پوکي راهي جا آثار ڏسي سگهجن ٿا. ۽ اميرن جي رڪارڊن مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته اهو اڳوڻي حڪومت لاءِ ڪيتريقدر اهميت وارو هو. حيدرآباد ضلعي ۾ سرفراز واهه به سرفراز خان ڪلهوڙي ڏانهن منسوب آهي. تنهنڪري اهو فرض ڪرڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي ته 1843ع ۾ ٽالپرن کان ورتل ڪينال سسٽم ڪيترن ئي عوامي ڪمن جو مجموعو هو جيڪي ڪلهوڙن جي دور ۾ اڃا وڌيڪ موثر ۽ ڪارگر هئا.

اسان کي انهي سرشتي جي حالتن بابت بمبئي رڪارڊ آفيس ۾ مڪمل شاهديون موجود آهن جيڪي ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ جي 1853ع واري سنڌ ۾ واهن ۽ ٻيلن جي انتظام  بابت رپورٽ ۾ موجود آهن. ڪرنل اسڪاٽ ٽالپرن کان مليل آبپاشي نظام جو هڪ سائنسي انجنيئر واري تنقيدي نگاه کان جائزو ورتو. هن کي تنقيد لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون نظر آيون. ”اها ڳالهه سٺي نموني چئي سگهجي ٿي ته ”اهو لکي ٿو“، سنڌ ۾ واهن جو سمورو نظام ڪم ٽپائو ۽ وقتي نوعيت جو آهي جيئن وقتي طور خرچ کان بچي سگهجي. اهڙا ڪيترائي پاڻي آهن جن کي هاڻي واهه ڪوٺيو وڃي ٿو پر انهن جي حيثيت شايد سڌاريل برانچن کان وڌيڪ نه هئي. ائين به نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته اميرن انهن برانچن بابت ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف ورتي هئي. درحقيقت آءُ نه ٿو سمجهان ته هٿ جي محنت ذريعي انهن ۾ ڪو سڌارو اچي سگهي ٿو. مونکي لڳي ٿو ته سنڌو درياء مان گذريل دور ۾ موجوده دور کان وڌيڪ شاخون نڪرنديون هيون ۽ مکيه وهڪري ۾ ڪا وڏي فطري تبديلي نه آئي آهي.“ ڪرنل اسڪاٽ کي هن سرشتي ۾ هي نقص نظر آيا. (1) درياء کان پري وارن ضلعن کي زندگي جي عام ڪارو هنوار لاءِ به بلڪل ٿورو پاڻي ملي ٿو (2) کوهن جو پاڻي گهڻو ڪري تمام بدبو دار هوندو هو ڇاڪاڻ ته کوهن جي ڀتين کي عام طور وڻن جي ٽارين سان ٻڌو ويندو هو. انهن ۾ ڪڏهن ته وڏي مهارت سان لئي جي وڻ جون ٽاريون هڪٻئي سان وٽي ٻڌي  بيهاريون وينديون هيون. (3) واهن ۾ سرن سان ٺاهيل موريون به ناقص هونديون هيون؛ جو انهن ۾ دروازا نه پر پاسي وارين ڀتين ۾ crossbeams ٺاهيون وينديون هيون ۽ پاڻي کي ٻڌڻ لاءِ وڻن جون ٽاريون ۽ گندگاهه اڇلايو ويندو هو (4) سنڌ جي آبپاشي نظام جي هڪ عجيب خصوصيت يعني بندن جو نظام به تسلي بخش نه هوندو هو.

انهن بندن بابت وڌيڪ بيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اهي گهڻا عام هوندا هئا. ”پراڻن واهن جي نشانن مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته گذريل دور ۾ انهن تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو. سواءِ اهڙين حالتن ۾ جتي زمين کي ڪڻڪ جي پوکي لائق بڻايو يو هجي. ٻين حالتن ۾ لڳي ٿو ته ٻوڏ جي  پاڻي جي بغير رڪاوٽ جي وهڪري کان خوف کاڌو ويندو هو. اهي بند جيڪي مٽي ۽ گاهه جي تهن سان ۽ جيترو ٿي سگهي ايترا اوچا ٺاهيا ويندا هئا اهي حقيقت ۾ تمام غيرمحفوظ هوندا هئا. انهي جي درياء واري پاسي تي هر سال گاهه ۽ ٽاريون وڌيون وينديون آهن. پر انهي مان به لڳي ٿو ته بچاء خير ڪو ٿيندو آهي. وڏين ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ انهن تي ڏينهن رات چوڪسي جي ضرورت هوندي آهي ۽ انهن جي هميشه ڪنهن نه ڪنهن قسم جي مرمت پئي هلندي آهي. انهن بندن منجهان واهن جو پاڻي مٿي بيان ڏنل سِرُن جي مورين ذريعي گذاريو ويندو آهي. اهڙين جاين تي جتي پاڻي تلائن ۽ ڍنڍن جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندو آهي اتي پوکي راهي هميشه نار ذريعي ٿيندي هئي جنهن جا سنڌ ۾ ٻه قسم هوندا هئا. هڪ وڏو نار جنهن کي اٺ ڇڪيندا هئا ٻيو ننڍو ’هرلو‘ جنهن کي ٻه ته ڪڏهن هڪ ڍڳو هلائيندو هو. اهڙي پوک کي چرخي چيو ويندو هو ۽ انهي طريقي سان ٻاجهري، جوئر، ڦٽي، ڪمند ۽ ڀاڄين جهڙا خشڪ فصل پوکيا ويندا هئا. ڪڻڪ ۽ جو عام طور ٻوڏ جي پاڻي تي يا وري اهڙي زمين تي پوکيا ويندا هئا جنهن تي پاڻي لهڻ کان اڳ هڪ دفعو  پاڻي اچي ويندو هو. اهڙي فصل کي ’بوسي‘ چيو ويندو هو. اهي طريقا اڄ به ڪتب اچن ٿا ۽ سموري سنڌ ۾ ڏسي سگهجن ٿا جتي چيڪاٽ ڪندڙ نار پنهنجي ننڍڙي لاندي، ونگن ۽ هيرڻ جي وڻن ۽ ٻين ڇانوري وارن وڻن سان هڪ سماجي مرڪز بڻيل هوندو آهي.

سنڌو ندي جهڙو دريا جيڪو پاڻ سان گڏ تمام گهڻي لٽ کڻي اچي ٿو ۽ جنهن جو خود ۽ ٻين واهن جو وهڪرو وروڪڙ کائيندو رهي ٿو انهي لاءِ باقاعدگي سان لٽ جي کاٽي نهايت ضرورت هوندي هئي. پاڻي جي وهڪري کي برقرار رکڻ آبپاشي جي نظام جو تمام مهانگو حصو هوندو هو. انهي بابت وڏا تفصيلي قاعدا ۽ قانون هوندا هئا. انهي بابت چار مکيه سرشتا هوندا هئا (1) وڏن واهن جي کاٽي ڪجهه صورتن ۾ ته فقط سرڪار ئي ڪرائيندي هئي. (2) ٻين حالتن ۾ کاٽي ته جيتوڻيڪ حڪومت ڪرائيندي هئي پر  خرچ جو ڪجهه حصو آباد گارن کان ڀرايو ويندو هو انهي کي شراڪتي چيو ويندو هو. (3) ٻين ننڍن واهن بابت حڪومت کاٽي جي حصي طور پيداوار مان في خرار تي ڪجهه ڪاسا مقرر ڪندي هئي. (4) باقي ٻين سڀني حالتن ۾ آبادگار واٽرڪورس يا ننڍا چينل جن کي ڪڙيو يا ڪسي چيو ويندو هو انهن جي پنهنجي خرچ سان کاٽي ڪرائيندا هئا. ائين به ٿي سگهيو ٿي ته ڪنهن ته سموري علائقي کي واهه جي کاٽي لاءِ گهرايو وڃي ۽ انهن کي مزدوري ۾ عام طور کاڌي جو ڪو مقدار ملندو هو. ڪرنل اسڪاٽ کي باقاعدي سالياني کاٽي جي ڪا ثابتي نه ملي سگهي هئي. تڏهن واهه جي پراڻن مُنهن جي کاٽي ڪرائڻ بجاء نوان منهن کوٽڻ کي پسند ڪيو ويندو هو. اهو عام طور تمام محنت طلب ڪم هوندو هو ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ڪيل کاٽي سبب ڪپر تمام مٿي ۽ اوچا ٿي ويندا هئا جن تان مٽي ٻاهر اڇلائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. موجوده دور ۾ واهه بغير ڪنهن سبب جي وڌندا ۽ سُسندا رهن ٿا ۽ سنڌ ۾ اهڙو ڪو واهه مشڪل سان لڀندو جنهن جا ڪپر فقط هڪ ميل تائين به سڌا هجن. واهن جو مقامي طور ٿيندڙ انتظام بلڪل تخميني طور ٿيندو هو ۽ واهن کي هڪ سرشتي هيٺ گڏ ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي. واهه وڏن فاصلن تائين هڪٻئي سان پورو ڇوٽ هلندي ڏسي سگهبا هئا ۽  جاگيرن جي وڏي انگ سبب سرڪار لاءِ ڪنٽرول هڪ هٿ ۾ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. جڏهن کاٽي ۽ خرچ سرڪار پاران ڪرايو وڃڻو هوندو هو ته ڪاردار ڪي به تفصيل ڏيڻ کانسواءِ جملي گهربل رقم جو هڪ تخمينو ٺاهيندو هو. امير وٽ پنهنجي علائقي جي واهن جون لسٽون ۽ ڪچا نقشا هوندا هئا ۽ هو زمين جي نوعيت کان به ذاتي طور  واقف هوندو هو. حساب انهي علائقي جي رپئي ۾ ڪيو ويندو هو ۽ ماپ گزن پيرين ڪئي ويندي هئي. گزجي معياري ماپ تقريباً هر پرڳڻي ۾ مختلف هوندي هئي. ٿيل ڪم جي ماپ لاءِ هڪ سُٽ جي ڏور ڪم آندي ويندي هئي ۽ زمين جي هيٺ مٿاهين کي به فقط اک سان جا چيو ويندو هو. امير ايتري ئي رقم جاري ڪندا هئا جيتري مناسب سمجهندا هئا ۽ انهي جو دارومدار ڪم جي ضرورتن بجاء انهي تي هوندو هو ته هو ڪاردار کي ڪيترو ايماندار سمجهندا هئا. اهڙي طرح ٻئي اختياريون پاڻ کي بچائڻ جو بندوبست ڪنديون هيون ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن ۾ اهو عين ممڪن هو ته ڪاردار در حقيقت جيترو ڪم ڪرائڻ چاهيو ٿي تخمينو انهي کان وڌيڪ هڻي، کاٽي جو ڪم ڪرائڻ ۾ به گهڻي ڪرپشن ٿيندي هئي، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ کاٽي جي مزدوري جي ادائيگي لاءِ 56 قسمن جا قاعدا هوندا هئا. عام طور رقم جو اڌ روڪ نه پر جنس جي صورت ۾ ڏنو ويندو هو. عام طور ڏلهي جي ذريعي ڪڍيل مٽي ۽ ڪوڏر ذريعي ڪڍيل مٽي ۾ فرق ڪيو ويندو هو. ڏلهو هڪ قسم جي ٽوڪري يا کاري هوندي آهي ۽ انهي ۾ ڏاڍي محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ پراڻن واهن جن جا ڪپر اوچا هوندا هئا انهن جي کاٽي لاءِ اهو طريقو ضروري هوندو هو . ڪوڏر واري طريقي کي اُڇل چيو ويندو هو. ٻنهي طريقن ۾ مزدوري جي تفاوت لاءِ ڇهه گز في رپئي جو حساب ڪيو ويندو هو. ڪاردار ڪا مڙين جي ڪم جي نگراني ڪندو هو ۽ انهي ڪم ۾ امين ۽ مُهيري سندس معاونت ڪندا هئا. امين کوٽائي جي اونهائي ۽ مهيري کوٽائي جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي ماپ ڪندا هئا. انهن کي پنهنجي حساب ۾ مدد ڪرڻ لاءِ واهه جي پيٽ ۾ ننڍڙا ٽڪرا اصلي حالت ۾ ڇڏيا ويندا هئا. انهن کي تاڪي سڏيو ويندو هو. سنڌ ۾ واهن جي کاٽي جي ماپ لاءِ اڄ به هوبهو اهوئي طريقو اختيار ڪيو  ويندو آهي.

ٽالپر ڪنجوس هوندا هئا ۽ پنهنجن ڪاردارن جي ايمانداري تي اعتماد نه ڪندا هئا. اهي واهن جي کاٽي توڙي آبپاشي جانوان ڪم ڪرائڻ لاءِ پئسن جي طلب ۾ ڪٽو تي ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. تنهن هوندي به انهن پاران ڪجهه ڪم ٿي ويا جهڙوڪ ڦليلي تي علي بند وارو بند جنهن جو پاٽنجر فتح علي ٽالپر جي ڪم جي حيثيت ۾  تذڪرو ڪيو آهي. ٽالپرن پنهنجي ملڪ جي پيدا واري صلاحيت کي تباهه ڪرڻ لاءِ  ڄاڻي واڻي ڪي به قدم نه کنيا هئا. البت اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي ڪوتاه انديش هئا ۽ بهتري کي شڪ شبهي جي نظر سان ڏسندا هئا. تنهنڪري عين ممڪن آهي ته انگريزن جيڪا بي ڌياني ۽ ڪنجوسي انهن ڏانهن منسوب ڪئي آهي انهي جو هڪ سبب گهٽ ۾ گهٽ درياء جي وهڪري ۾ ايندڙ تبديلي هجي جنهن سبب درياء جون ڪي پراڻيون شاخون سڪي وينديون هيون. جيئن ته انهن کي ڪو پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ به نه هوندو هو تنهنڪري انهن کان اها اميد ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو ته هو انهي ڏس ۾ ويهي مهانگا تجربا ڪندا ته دريا پاران ڇڏيل شاخن ۾ واپس پاڻي ڪئين آڻجي ۽ انهن کي ڪارآمد ڪيئن بڻائجي.

سنڌ جي ڪمشنر جي 1848ع ۾ راء هئي ته روينيو نظام اڪثر حالتن ۾ هڪ طرفو ۽ پنهنجي هلائيندڙ هو ۽ ان تي ڪا به رنڊروڪ نه هئي: برنس جيڪو انصاف پسند ۽ صحيح ذهن وارو سياح آهي اهو سنڌ جي آخري مقامي حڪمرانن بابت چوي ٿو: انهي جا حاڪم بي علم ۽ زور زبردستي ڪندڙ آهن ۽ انهي جي تاريخ مان خبر پوي ٿي ته انهي تي موجوده دور کان بهتر نموني ۾ ڪڏهن به حڪمراني نه ٿي آهي ۽ انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اها خوبي ضرور آهي ته انهن انهي کي گذريل ٽيهن ورهين کان سڪون ۽ اطمينان واري حالت ۾ رکيو آهي. تنهنڪري اسين اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته سورهين ۽ سترهين صدين ۾ آبپاشي جي لحاظ کان حالتون 1843ع ۾ انگريزن کي مليل حالتن کان گهڻيون مختلف نه هيون ۽ جيڪڏهن ڪا خرابي آئي به هئي ته به انهي جو سبب ماڻهن جي ناداني بجاءِ سنڌو درياء ۾ آيل تبديليون هونديون. پراڻا سمجهيا ويندڙ واهن مان هيٺين جو تذڪرو  غيرمناسب نه ٿيندو.

نواب شاه ضلعي ۾ نو لکي واهه کي ڪلهوڙا دور کان پراڻو سمجهيو وڃي ٿو. ساڳئي ضلعي ۾ نصرت ڪينال نورمحمد ڪلهوڙي جي دور جو آهي جيڪو 1754ع ۾ فوت ٿيو. حيدرآباد ضلعي ۾ سرفراز واهه بابت چيو ٿو وڃي ته سرفراز خان ڪلهوڙي جي دور جو آهي. مٿين سنڌ سرحدي ضلعي ۾ بيگاري واهه به هڪ پراڻو آبڪلاڻي واهه آهي پر اها خبر نه آهي ته اهو ڪڏهن کوٽايو ويو هو. جيئن انهي جي نالي مان اشارو ملي ٿو ته اهو بيگارجي مزدوري جو نتيجو آهي. سنڌ جي بلڪل اتر ۾ ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي تعلقن ۾ درياء جي کاٻي ڪپ وارا آبڪلاڻي وارا سڀ واهه پراڻا آهن. انهن جا نالا آهن لنڊي واهه، ڍينگڙو واهه ۽ ڪورائي واهه. ڪورائي واهه ڪورائي قبليلي پاران ٿيل ڪم آهي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن ۾ مولچند واهه ميرنصير خان ٽالپرن جي دور جو آهي ۽ علي بند به ٽالپرن جو ئي ٺهرايل آهي جيڪو پراڻ جي پاڻين جي وهڪري کي روڪيندو هو ۽ انهن کي ڪڇ جي زمينن ڏانهن وڌڻ کان روڪيندي سنڌ جي سرحد ڏانهن ڪري ڇڏيندو هو.

انگريزن پاران سنڌ جو الحاق ڪرڻ کانپوءِ آبڪلاڻي واهن جي بهتري ڏانهن ڌيان ڏنو وڃڻ لڳو. نيپئر پاران ڪينال ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش انهي ڪري ناڪام ٿي جو هن جو دارومدار فوجي آفيسرن تي هو جيڪي انجنيئرنگ جي ڪم کان اڻواقف هئا. سندن دور ۾ واهن ۽ ٻيلن جي گڏيل کاتي جو سپرنٽنڊنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ هو. واهن ۽ ٻيلن جو گڏيل کاتو 1849ع ۾ ختم ڪيو ويو پر ٻه يا ٽي ورهيه پوءِ ليفٽيننٽ (پوءِ جنرل) فائيف آر. اي. جي ماتحتي ۾ نئين سر ٺاهيو ويو. گزيٽئير جي هن اشاعت ۾ سنڌ جي تاريخ واري بيان ۾ انگريزن پاران آبڪلاڻي واهن جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ کنيل قدمن جو عمومي بيان ڏنو ويو آهي. اوڻيهين صدي جي پنجاه واري ڏهاڪي جي شروعات کان موجوده دور تائين مستحڪم حڪومت کانپوءِ آبپاشي جي سائنسي بنيادن تي ترقي برطانوي راڄ جو سنڌ کي ڏنل تمام قيمتي تحفو آهي. هن عظيم ڪم جا بانيڪار ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ، جنرل جان جيڪب، مسٽر بارٽل فريئر ۽ ليفٽيننٽ فائيف آر.اي. هئا. والٽر اسڪاٽ بابت ته اڳ ۾ ئي ٻڌايو ويو آهي ته هن آبپاشي جي پراڻي نظام جي مکيه نقصن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهيءَ ۾ بهتري آڻڻ جا بهترين طريقا ٻڌايا. ڊزرٽ ڪينال کوٽڻ جي ڏس ۾ پهريون قدم جنرل جان جيڪب کنيو. مٿاهين سنڌ جي سرحد جي زرخيزي ۾ واڌاري جي شابس به هوئي لهڻي. انهي سان جيڪب آباد جي شهر جو پايو پوڻ جي راهه هموار ٿي جيڪو ٻن پيڙهين جي دوران سموري ملڪ جي گهڻي پيداوار ڏيندڙ علائقن جو هڪ مرڪز ٿي ويو آهي. مسٽر بارٽل فريئر سنڌ کي ملندڙ شايد سڀ کان وڏو منتظم هو. هن پنهنجيون سموريون قابليتون ۽ مهارتون سنڌ جي آبپاشي نظام کي سائنسي ۽ فائديمند بنيادن تي بيهارڻ لاءِ ڪم آنديون. پر پبلڪ ورڪس جي انهي شاندار نظام جو حقيقي معمار ليفٽيننٽ فائيف ئي هو. هن سنڌ ۾ نه فقط سڀ کان اڳ ننڍي پيماني تي بهتريون آنديون پر هوئي سڀ کان پهريون آبپاشي انجنيئر هو جنهن سڀ کان اڳ سکر بيراج جي ضرورت محسوس ڪئي. ليفٽيننٽ جي. جي فائيف آر. اي. (تڏهن سندس سڃاڻپ اها ئي هئي) 1855ع ۾ سموري صوبي جو آبپاشي نظام نئين سر ٺاهڻ بابت هڪ تمام ماهراڻي رپورٽ پيش ڪئي. انهي رپورٽ جو عنوان هو  A Sketch of Irrigation in Sind with proposals for its improvement هن انهي رپورٽ ۾ ڄاڻاڻو ته صوبي فقط هڪ سال ۾ پنهنجي آبپاشي نطام جي خامين سبب 31 لک وڃايا ۽ هن ڪجهه اصول به ٻڌايا جيڪي سندس خيال مطابق ايندڙ سڀني ڪمن جو بنياد هئڻ گهرجن. هن انهن اصولن مطابق واهن جون چار قطارون تجويز ڪيون. هڪ روهڙي وٽان درياءَ مان نڪري ۽ انهي جي کاٻي ڪپ سان 15 ميلن جي فاصلي تي هن سان پورو وڇوٽ هلندي حيدرآباد ويجهو ڦليلي واهه ۾ ڇوڙ ڪري. ٻي سکر وٽان درياء مان نڪري ساڄي ڪپ سان چئن  ميلن تي پوروڇوٽ هلندي لاڙڪاڻي جي اتراوڀر ۾ ڪجهه ميلن تي الهندي ناري (western Nara canal) ۾ پوي. ٽئين ۽ چوٿين لائين درياء جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ مان جهرڪن وٽان نڪرن. اهي ٻئي آخرڪار هلي ڪراچي پهچن. هن هڪ پنجين واهه جي به تجويز ڏني جيڪو به ملڪ لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ٿي سگهيو ٿي. اهو مٺڙائو کان واڻڪي بازار هلي. انهن رٿائن مان پهرئين يعني روهڙي ڪينال کي انهي وقت تمام وڏو سمجهندي هٿ ۾ نه کنيو ويو. ٻئين رٿا يعني سکر ڪينال کي تمام محدود ۽ ترميمي شڪل ۾ آڻي 1861ع ۾ منظوري ڏني وئي. پنجين ڪينال جي جيتوڻيڪ بنا دير منظوري ڏني وئي پر انهي دور جي مالي مسئلن سبب اهو 1879ع ۾ هلي تڪميل تي پهتو.

جيڪڏهن 1855ع کان (اها ليفٽيننٽ فائيف جي عهد ساز رپورٽ  جو وقت آهي) 1932ع يعني سکر ۾ لائيڊ بيراج کلڻ تائين جي وچ واري دور جي تاريخ جو جائزو ورتو وڃي ته ذهن تي مجموعي تاثر اهو ويهندو ته ڄڻ ته ٻن مختلف سوچ رکندڙ گروپن ۾ ڪا جنگ هلي رهي هئي. هڪڙا اهي جيڪي سنڌ جي آبپاشي جي مسئلي جي حل طور آبڪلاڻي واهن تي دارو مدار رکندا هئا ۽ ٻيا اهي جيڪي وڏي سوچ رکندي سمجهندا هئا ته واحد طويل مدتي ۽ اطمينان بخش حل اهو هو ته دائمي پاڻي وڌ کان وڌ زمين تائين پهچايو وڃي. ڪم ٽپائو سوچ رکندڙ ۽ ڪجهه ٿورن دورانديش ماڻهن- جيڪي انهي طريقي کي ناڪافي سمجهندا هئا- ۾ هلندڙ انهي جنگ ۾ ڪاميابي سدائين ڪم ٽپائو ماڻهن کي ملي. انهن کي انهي سموري عرصي دوران خزاني وارن يعني گورنمينٽ آف بامبي جي فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ گورنمينٽ آف انڊيا جي مضبوط حمايت حاصل رهي ڇو ته اهي کاتا آئيندي جي ترقي جي وڏين رٿائن تي وڏيون رقمون هڻڻ جو جو کم کڻڻ نه چاهيندا هئا. پر گذريل صدي جي شروعاتي ورهين ۾ حقيقتن جي منطق دورانديش ماڻهن جي سوچ جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. انهي سلسلي ۾ ليفٽيننٽ فائيف پاران سرانجام ڏنل هڪ وڌيڪ خدمت ذهن ۾ آڻڻ دلچسپي کان خالي نه ٿيندي جيڪو اوڻيهن صدي جي نوي واري ڏهاڪي تائين ليفٽيننٽ جنرل فائيف ٿي ويو هو. بمبئي جي گورنر لارڊري (Reay) جيڪو به مستقبل تي نظر رکندڙ دورانديش ماڻهن مان هڪ هو انهي آبپاشي جي موضوع تي 1890ع ۾ لکيو: ”آءٌ هڪ سوال رڪارڊ تي رکڻ گهران ٿو، آءٌ انهي کي تمام اهم سمجهان ٿو ۽ اهو ڪنهن به لحاظ کان نئون نه آهي. اهو سوال هي آهي: ڇا اسين آبڪلاڻي واهن جي موجوده نظام ۾ بهتري آڻيندي، وڌائيندي ۽ انهي ذريعي انهي نظام کي برقرار رکڻ ۾ درست آهيون؟ گذريل پنجن ورهين دوران پوکي راهي ۽ ڍلن مان آمدني ۾ اطمينان بخش واڌارن مان پهرئين نظر ۾ ئي انهي سوال جو جواب ملي ويندو. پر اها ڳالهه اڳ ۾ ئي چئجي چڪي هئي ته انهي واڌاري جو وڏو حصو سرڪار پاران کوٽايل نون واهن تي ٿيو هو. پر جيڪڏهن انهن ڪمن کي دائري مان خارج ڪيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ ايترو ضرور چئي سگهبو ته سنڌ ۾ ڪينال سسٽم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ موثر نموني خير ڪو ڪم ڪيو ويو آهي. پوکي راهي جو وڏو حصو اڃا تائين نار ذريعي پاڻي ٻنين تائين پهچائي ڪيو وڃي ٿو جنهن تي تمام گهڻي سخت ڪرڻي پوي ٿي ۽ اهڙا شايد ٽن کان وڌيڪ وڏا واهه نه آهن جنهن جي مُنهن (heads) کي ڪنهن به لحاظ کان مستقل چئي سگهجي ۽ انهن کي دريائي وهڪري ۾ تبديلي سبب ڪو نقصان نه پهچي سگهي. جنرل فائيف  پاران ڪيترا ورهيه اڳ لکيل شاندار ليک A sketch of Irrigation in Sind with Proposals for it’s improvement  موجوده نظام جي اوڻاين کي وائکو ڪري ٿو انهن مان ڪيتريون ته اڃا به موجود آهن ۽ انهن مان ٿيندڙ نقصانن سان گڏو گڏ انهي ۾ موثر حل به بيان ڪيل آهن. انهي موضوع کي آءٌ جنرل فائيف جي راين جي روشني ۾ وڌيڪ سوچ ويچار ۽ کوجنا لاءِ پيش ڪندس. ۽ ليفٽيننٽ جنرل فائيف (جنهن جو پنهنجي رٿا ۾ انهي کي 1855ع ۾ هٿ ۾ کڻڻ کان وٺي ڪڏهن به يقين ۾ لوڏو نه آيو). 9- مئي 1890ع تي بمبئي ۾ سيڪريٽري ٽو گورنمينٽ ڏانهن هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن لارڊري جي ياد داشت جو حوالو ڏنو ۽ پڻ سبب ڏنا ته اهو ڪينال ڇو ٺهڻ گهرجي. اهڙي طرح انهي پيغمبر کي 35 ورهيه گذري وڃڻ کانپوءِ به خود پنهنجي ملڪ ۾ به عزت نه پئي ملي. جنرل فائيف جي خوابن کي حقيقت جو روپ وٺڻ لاءِ اڃا ٻيا 42 ورهيه گذرڻا هئا ۽ تيستائين کيس وفات ڪئي به گهڻو وقت گذري ويو هو. هاڻي دائمي آبپاشي جي سوڀ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه وقت اندر آبڪلاڻي واهه تاريخ جو حصو ٿي ويندا ڇاڪاڻ ته سکر بيراج جي رٿا جي ڪمانڊ مان رهجي ويل ٻه وڏا علائقا هاڻي ڪوٽڙي بيراج ۽ گڊو بيراج ۾ اچي رهيا آهن. غلام محمد بيراج جي نالي سان سڏيو ويندڙ ڪوٽڙي بيراج حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن جي انهن علائقن کي دائمي پاڻي ڏيندو جيڪي روهڙي ڪينال جي ڪمانڊ مان رهجي ويا هئا ۽ مٿاهين سنڌ ۾ گڊو بيراج سکر ضلعي ۽ اپرسنڌ فرنٽيئر ضلعي (يعني جيڪب آباد) جي انهن علائقن کي پاڻي ڏيندو جن کي سکر بيراج مان پاڻي نه ٿي مليو- گڊو بيراج- جنهن بابت هن باب ۾ اڳتي هلي ڪجهه ڄاڻ ڏني ويندي اهو- اڃا ٺهي رهيو آهي ۽ جيستائين اهو ۽ ڪوٽڙي بيراج پنهنجي پوري گنجائش مطابق ڪم ڪرڻ لڳن تيستائين ڪجهه پوکي راهي پراڻي نموني جي آبڪلاڻي واهن تي ٿيندي رهندي. سن 1884ع کان 1894ع جي وچ ۾ ڪينالن جو سڀ کان وڏو ڪم اتر سنڌ ۾ انهڙ واهه جي کوٽائي هو جنهن تي 6 لک رپيا لڳا. پرچارڊ (Prichard) ۽ ڌامراهو نالي ٻه ننڍا ڪينال 1894ع ۾ ٺهيا. هرهڪ تي ٽي ٽي لک رپيا خرچ ٿيو. جمڙائوڪينال پڻ 1894ع ۾ شروع ٿيو. انهي ڪينال جي ڊزائين دائمي ڪينال طور ٺاهي وئي هئي ۽ لائيڊ بيراج جي ڪينالن ۾ پاڻي وهڻ تائين اهو پنهنجي نوعيت جو واحد ڪينال هو. پر ايسٽرن ناراجي هڪ فيڊر چينل طور 1908ع ڌاران ناڪام ٿيڻ سبب ربيع جي مند ۾ پاڻي غير يقيني ۽ اڻپورو ٿي پيو. ليفٽيننٽ فائيف 1860ع ۾ جمڙائو ڪينال رٿا حڪومت کي پيش ڪئي هئي. تڏهن سندس ارادو زوربار وجهي انهي تي فوراً ڪم شروع ڪرائڻ جو نه هو پر  هن چاهيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان اها رٿا نظرن کان اوجهل ٿيڻ کان ته بچي ويندي. حقيقت ۾ جمڙائو ڪينال رٿا روهڙي حيدرآباد ڪينال واري تمام وڏي رٿا جي ماتحت هئي ۽ اها 1872ع ۾ نئين سر هٿ ۾ کڻڻ تائين مهمل رهي.

پوءِ هڪ سروي شروع ڪئي وئي ۽ سن 1876ع ۾ پيش ڪيل سروي جي تفصيلن مان هڪ رٿا تيار ڪئي وئي پر انهي کي انهي وقت منظوري نه ملي سگهي. سن 1891ع ۾ پيش ڪيل تجويزن ۾ روهڙي حيدرآباد ڪينال جي حمايت ڪئي وئي ۽ انهن جي نتيجي ۾ سنڌ ايريگشن ڪميشن قائم ڪئي وئي جنهن آخرڪار جمڙائو ڪينال جي رٿا جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ نظرثاني ٿيل پلان ۽ تخمينو ٺاهڻ جو ڪم مسٽر جي.ٽيٽ (J.Tate) جي حوالي ڪيو ويو. انهن نظرثاني ٿيل رٿائن ۽ تخمينن ۾ 72 لک رپين جو خرچ ڄاڻايل هو ۽ سن 1894ع ۾ ڪم جي منظوري ڏني وئي.

ڪينال سن 1899ع ۾ کوليو ويو. جمڙائو ڪينال کُلڻ کانپوءِ ٿيل سڀ کان وڏو ڪم نصرت ۽ داد ڪينالن جي ري ماڊلنگ هو. جن مان نصرت ڪينال تي 18 لک ۽ داد ڪينال تي 27 لک رپيا خرچ آيو. ڊزرٽ ڪينال جي ري ماڊلنگ پڻ وڏن ڪمن مان هڪ هو. اهي سڀئي ڪم 1902ع کان 1904ع جي وچ ۾ مڪمل ٿيا ۽ انهي وقت ۽ لائيڊ بيراج ائنڊ ڪينالز ڪنسٽرڪشن اسڪيم جي منظوري جي وچ دوران ڪو وڏو مڪينيڪل ڪم نه ٿيو ۽ سنڌ تڏهن به ڪنهن خاطريءَ واري دائمي واهه کان وانجهيل رهي. ڪيترائي آبڪلاڻي واهه سنڌو درياء جي سازگار هئڻ وارن ورهين دوران صحيح ڪم ڪندا هئا. پر انهن واهن جي ڪاميابي جو دارومدار فقط انهي تي هوندو هو ته درياء ۾ چاڙهه ڪيترو ٿو اچي ۽ اهو ڪيترو وقت چڱو مٿي رهي ٿو. تنهنڪري دائمي واهن جي ضرورت سخت کان سخت ٿيندي وئي ۽ انهي سان گڏوگڏ لائيڊ بيراج ڪنسٽرڪشن اسڪيم جي منظوري سان سنڌ جي آبادگارن کي چڱو اطمينان ٿيو. سنڌ 1920ع واري ڏهاڪي تائين سنڌو درياءَ جي رحم وڪرم تي رهي جيڪو انهي سان اکٻوٽ پيو کيڏندو هو، پنهنجو پنج سو ميل ڊگهو وهڪرو پنهنجي مرضي سان پيو مٽائيندو هو ۽ تباه ڪار ٻوڏون آڻي وقت بوقت ٻنيون فصل پيو برباد ڪندو هو ۽ پنهنجي پٺيان ڏک اهنج ۽ گندگي جا نشان ڇڏي ويندو هو. پر لائيڊ بيراج جي اچڻ سان درياء کي پنهنجا هٿيار دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام آڏو ڦٽا ڪرڻا پيا. انهي نظام ۾ 1028 ميلن تي مکيه واهه، 1071 ميلن تي برانچون ۽ نون واٽرڪورسن جي ڊيگهه پنجاهه هزار ميل آهي جيڪي ڌرتي جي گولي جي چوڌاري ٻه دفعا ڦيرو ڏئي سگهن ٿا. انهي نظام ۾ ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ پُليون ۽ ريگيوليٽر آهن. اهو پنجهتر لک ايڪڙ زمين کي پاڻي پهچائي سگهي ٿو جن مان 52 لک پنجاهه هزار ايڪڙن تي پوکي راهي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته بيراج کان اڳ فقط 20 لک ايڪڙن تي پوک ٿي سگهندي هئي.

سن 1932ع ۾ لائيڊبيراج جي کلڻ جو مطلب سنڌ ۾  آبپاشي ۾ هڪ مڪمل انقلاب هو. پرلائيڊ بيراج سموري صوبي جي پورت نه ٿي ڪري سگهيو. اتر ۽ ڏکڻ ۾ زمين جا چڱا ٽڪر بيراج جي ڪمانڊ کان ٻاهر هئا. انهي جو مطلب ٿيو ته تمام وڏي ايراضي تي پوک کي بيراج کان اڳ وانگر آبڪلاڻي واهن ذريعي پاڻي ملندو. سن 46/ 1945ع جي لئنڊروينيو ايڊمنسٽريشن رپورٽ جي ضميمي 18 ۾ بيراجي پاڻي، غير بيراجي پاڻي ۽ مينهن تي ٿيندڙ فصلن جون ايراضيون ڏيکاريل آهن. انهيءَ مان ڏسڻ ۾ ايندو ته لائيڊبيراج چالو ٿيڻ کان ٻارنهن ورهيه پوءِ بيراجي پاڻي تي آباد ٿيندڙ غير منتقل ٿيل زمين 2868562 ايڪڙ هئي. غير بيراجي پاڻي تي آباد ٿيندڙ زمين جي ايراضي 1629891 ايڪڙ ۽ مينهن جي پاڻي تي آباد ٿيندڙ زمين جي ايراضي 825428 ايڪڙ هئي. جملي 55.55 لک ايڪڙ آباديءَ هيٺ آيل ايراضي مان ٿلهي لکي 28.7 لک بيراجي پاڻيءَ تي 16.3 لک ايڪڙ غير بيراجي پاڻيءَ تي ۽ 8.25 لک ايڪڙ مينهن جي پاڻي تي آباد ٿيندا هئا. يعني 45/ 1944ع ۾ بيراج جملي آبادي هيٺ ايراضي جي 52 سيڪڙي لاءِ پاڻي ڏئي رهيو هو جڏهن ته 28.6 سيڪڙو آبڪلاڻي واهن ۽ 14 سيڪڙو مينهن جي پاڻي تي آبادي ٿي رهي هئي. جيستائين منتقل ٿيل زمين جو تعلق آهي ته بيراج تي 117019 ايڪڙن ۽ غير بيراج تي 117905 ايڪڙن تي آبادي ٿيندي هئي. مينهن تي آباد ٿيندڙ 11047 ايڪڙ ته بلڪل نه هئڻ جي برابر آبادي هئي. انهيءَ جو مطلب ٿيو ته منتقل ٿيل زمينن ۾ پوک بيراجي پاڻي ۽ آبڪلاڻي واهن ۾ برابر جي بنياد تي ٿيندي هئي. انهن انگن اکرن ۾ خيرپور شامل نه آهي جو انهي سال جا انگ اکر دستياب نه آهن. سنڌ جي چيف انجنيئر ايريگيشن، سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن آڏو 10 ۽ 11 نومبر 1953ع تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سکر بيراج جي سڀني ڪينالن (خيرپور رياست جي ڪينالن سميت) جو خريف ۾ 46583 ۽ ربيع ۾ 25648 ڪيوسيڪ وهڪرو هو ۽ ڪمانڊ هيٺ ايراضي ساڍا ست هٺ لک ايڪڙ هئي. انهن انگن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

 

ڪينال

 

پوکيءَ لائق ايراضي لک ايڪڙن ۾

وهڪرو

خريف

ربيع

1. نارٿ ويسٽرن ڪينال

9.33

5042

3639

2. رائيس ڪينال

4.81

10215

........

3. دادو ڪينال

4.99

2837

2525

4. خيرپور فيڊرويسٽ

3.89

4000

2625

5. روهڙي ڪينال

25.35

10887

9900

6. خيرپور فيڊر ايسٽ

3.36

4000

2625

7. نارا ڪينال

18.33

13602

6959

گزيٽيئر جي 1907ع واري اشاعت ۾ آبڪلاڻي واهن جي 1905ع تائين جو احوال چڱي تفصيل سان ڏنل آهي. جيئن ته لائيڊ بيراج ۽ ان کانپوءِ ڪوٽڙي بيراج ٺهڻ سان صورتحال ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي ۽ جيئن ته انهن بيراجن کانپوءِ گڊو بيراج تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي تنهنڪري گزيٽيئر ۾ آبڪلاڻي واهن جي طريقي بابت شامل ڄاڻ فقط ٻن مثالن کانسواءِ هاڻي پراڻي ٿي وئي آهي ۽ فقط تاريخي دلچسپيءَ جي آهي. البت انهن ٻن وڏن علائقن جو مختصر  بيان ڏيڻ غير مناسب نه ٿيندو جن تائين لائيڊ بيراج جو پاڻي نه ٿو پهچي.

گڊو بيراج ڪمانڊ: پهريون اتر وارو علائقو آهي جيڪو گڊو بيراج جي ڪمانڊ ۾ شامل ٿيڻو آهي. هن علائقي ۾ جيڪي واهه اڃا تائين وهي رهيا آهن انهن ۾ ساڄي ڪپ تي ڊزرٽ ڪينال، انهڙ واهه ۽ ان جون شاخون ۽ بيگاري ڪينال ۽ کاٻي ڪپ تي شيهر، مهاڙي، مسو، مهرو، لنڊي، ڍينگڙو، مهسيرو، ڪورائي، جانب ۽ گرڪڻو واهه اچي وڃن ٿا. جڏهن گڊو بيراج چالو ٿيندو ته اهي سڀئي واهه متاثر ٿيندا. گڊو بيراج رٿا ۾ هنن شين جي تعمير ٿيڻي آهي (الف) سنڌو درياء تي گڊو وٽ هڪ بيراج (ب) ساڄي ڪپ تي ٻه فيڊر؛ انهن مان هڪ ڊزرٽ انهر فيڊر جي نالي سان سڏيو ويندو اهو ڊزرٽ ۽ انهرڪينال سسٽم کي ڀريندو جڏهن ته ٻيو بيگاري سنڌ فيڊر؛ بيگاري سنڌ راجب ۽ ڇٽي ڪينال سسٽم کي ڀريندو (ج) کاٻي ڪپ تي گهوٽڪي فيڊر سڏيو ويندڙ ڪينال کاٻي ڪپ تي سڀني ڪينالن کي ڀريندو. ڊزرٽ انهر فيڊر  50.66 ميل ڊگهو آهي، انهي ۾ مڪمل سپلاء تي وهڪرو 12945 ڪيو سيڪ ٿيندو. ڊزرٽ انهر فيڊر مان نڪرندڙ موجود تقريباً سڀني واهن کي ڪتب آندو ويو آهي ۽ انهن کي سندن نظرثاني ڪيل وهڪرن مطابق ڪرڻ لاءِ ري ماڊل ڪيو ويو آهي. جتي جتي ضروري هو اتي واهن جي ڪمانڊ ۾ به ڦيرڦار ڪئي وئي آهي ۽ موجوده چينلن جي ڊيگهه ۾ واڌارو ڪرڻ سان گڏوگڏ نوان چينل پڻ تجويز ڪيا ويا آهن جيئن واٽر ڪورسن جي ڊيگهه ٻن کان ٽن ميلن  جي اندر رکي سگهجي. اڏيو واهه، اڏيو ڊسٽري بيوٽري ۽ سون واهه جي ڪمانڊ ۾ اهڙا علائقا آهن جتي پاڻي ڏکيو پهچي ٿو. انهن چينلن جي ڊزائين خريف چينل واري رکي وئي آهي. ساڳئي طرح چندر، ٽالهو ۽ مالهي ڊسٽري بيوٽرين جي ڊزائين پڻ خريف چينل واري رکي وئي آهي. باقي ٻين چينلن کي ساريالي فصل جي چينل طور ڊزائين ڪيو ويو آهي. پراڻا واهه جن کي ري ماڊل ڪرڻو آهي انهن جي جملي ڊيگهه 473 ميل ۽ نون کوٽائي هيٺ ايندڙ چينلن مان فيڊرن جي ڊيگهه 42 ميل ۽ ٻين چينلن جي ڊيگهه 105 ميل هوندي. بيگاري سنڌ فيڊر جي جملي ڊيگهه 83.9 ميل هوندي ۽ اهو سمورو نئون هوندو. فيڊر جو مُنهن وٽ مڪمل سپلاءِ وهڪرو 15494 ڪيوسڪ هوندو . فيڊر شروعاتي 28 ميلن ۾ پڪي زمين ۾ آهي تنهنڪري کنڊ پوڻ جو به ڪو خطرو نه آهي. فيڊر مان نڪرندڙ موجوده واهه تقريباً سڀئي ڪتب آندا ويا آهن ۽ انهن کي نظر ثاني ٿيل وهڪري سان برابر ڪرڻ لاءِ ري ماڊل ڪيو ويو آهي. ڪشموربند جي سامهون 20 کان 42 ميل تائين ڪچي جي علائقي کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ دريائي بند (river bund) جي تجويز ڏني وئي آهي. ڪشمور بند جي سامهون ميل 0 کان 20 تائين ڪچي جي ٻين علائقن کي اڳيئي  frontal bunds جي ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي. ڪچي جي انهي علائقي ۾ آبپاشي لاءِ 74 ميل نون چينلن جي تجويز آهي. پراڻا واهه جيڪي ري ماڊل ڪيا وڃڻا آهن انهن جي جملي ڊيگهه 391 ميل آهي ۽ نون کوٽائي هيٺ ايندڙ چينلن مان 89 ميل فيڊر ۽ 232 ميل ٻيا چينل هوندا. گهوٽڪي فيڊر 836 ميل ڊگهو آهي. جنهن ۾ ايل. ايم فيڊر به شامل آهي جيڪو 47/ 1940 ۾ کوٽيو ويو هو. فيڊر جو مڪمل سپلاءِ تي منهن وٽ وهڪرو 8490 ڪيوسڪ آهي. کاٻي ڪپ تي وڏن علائقن تي غيرآباد جهنگ ۽ موجوده ڪينالن جون پڇڙيون آهن تنهنڪري ڪيترائي نوان چينل تجويز هيٺ آهن. پراڻا چينل جيڪي ري ماڊل ڪيا وڃڻا آهن انهن جي جملي ڊيگهه 380 ميل آهي ۽ کوٽائي هيٺ ايندڙ نون چينلن مان فيڊرن جي ڊيگهه 54 ميل ۽ ٻين چينلن جي ڊيگهه 296 ميل آهي. نون چينلن ۾ اهي وچ وارا لنڪ (Link) به شامل آهن جيڪي خراب وڪڙ ڪڍڻ ۽ پراڻ واهن جي واڌارن کي ختم ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن. گڊو بيراج جي ڪمانڊ واري جملي ايراضي ٻيلن سميت 2663184 ايڪڙ (4161 چورس ميل) آهي جنهن مان 198767 ايڪڙ (311 چورس ميل) بلوچستان ۾ اچي ٿي. ڪمانڊ هيٺ ايندڙ پوکيءَ لائق جملي ايراضي ٻيلن کانسواءِ 2144590 ايڪڙ آهي جنهن مان 193459 ايڪڙ بلوچستان ۾ اچي ٿي. ڪمانڊ هيٺ ايندڙ ٻيلن جي جملي ايراضي 1150320 ايڪڙ آهي جيڪا سموري سنڌ جي حدن ۾ اچي ٿي.

ڪوٽڙي (غلام محمد) بيراج ڪمانڊ: ٻيو وڏو علائقو جيڪو لائيڊ بيراج جي ڪمانڊ کان ٻاهر آهي اهو آهي ڏکڻ سنڌ. اهو هڪ وڏو ٽڪنڊو آهي جنهن جي چوٽي ڪوٽڙي وٽ  آهي ۽ پايو سنڌو جي ڊيلٽا جي هيٺاهن ڪنارن ۽ ڪڇ رڻ سان لڳو لڳ وڌندو وڃيس ٿو. انهيءَ علائقي ۾ ڦليلي ڪينال سسٽم جو وڏو حصو ۽ پراڻي ڪراچي جا سڀئي واهه اچي وڃن ٿا. هونئن هاڻي پراڻي ڪراچي  کي ٺٽه ڪينال ڊسٽرڪٽ چيو وڃي ٿو. ڦليلي سان گڏوگڏ ٻين واهن ۾ امام واهه جنوبي، نصير واهه. امام واهه جاگير، گوني واهه ۽ حيدرآباد ضلعي جي حدن اندر حسن علي واهه اچي وڃن ٿا. ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ مولچند واهه، پنڃاري واهه، گهانگهرو واهه، ستار واهه، گهاڙ واهه، بگهاڙ ڪينال ۽ ڪلري ڪينال اچي وڃن ٿا. اهي سڀئي واهه ڪوٽڙي وٽ غلام محمد بيراج جي ٺهڻ سان متاثر ٿيا آهن. اهي سڀئي واهه جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهن گڊو بيراج جي واهن وانگر ري ماڊل ٿيا آهن يا اڳتي هلي ري ماڊل ٿيندا. سنڌ حڪومت پاران 1955ع ۾ غلام محمد بيراج ٺهي پورو ٿيڻ تي ڇپيل هڪ ڪتابڙي ۾ لکيل آهي: جيڪڏهن مٿاهين سنڌ ۾ سکر ۾ لائيڊ بيراج موجوده دور ۾ ساڀيان ماڻيندڙ گذريل دور جو هڪ خواب آهي ته هيٺاهين سنڌ ۾ غلام محمد بيراج اڄ جي هڪ اميد آهي. اهڙي اميد جيڪا پٿر ۽ ڪنڪريٽ جي صورت ۾ امرتاماڻي چڪي آهي. انهي جي 15- مارچ 1955 تي افتتاحي تقريب هڪ اهڙي عظيم رٿا جي تعمير جو آخري مرحلو هو. جنهن جو  اوائلي ڪم 1946ع ۾ ڪلري بگهاڙ فيڊر جي کوٽائي سان شروع ٿيو هو. خود بيراج تي ڪم 1949ع ۾ شروع ٿيو. پاڪستان جي گورنر جنرل خواجه ناظم الدين 12 فيبروري 1950ع تي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب ۾ انهي کي تمام وڏي قومي اهميت جو حامل تمام وڏو منصوبو قرار ڏنو. بيراج تي 1946ع واري رٿا واري اصل ڊزائين مطابق 701 لک رپيا خرچ جو ڪاٿو هو. انهي مان 680 لک ڪم لاءِ، 74 لک عملي لاءِ ۽ 14 لک اوزارن ۽ پلانٽن لاءِ هئا. جڏهن ته اها به پيش بندي ڪئي وئي هئي ته بيراج ٺهي پورو ٿيڻ تي واڌو پلانٽ وڪرو ڪرڻ سان 74 لک رپيا ايندا. سن 1950 ۾ صحيح معنيٰ ۾ ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ بيراج کي نئين سر ڊزائين ڪندي خرچ جي ڪاٿي تي پڻ نظرثاني ڪئي وئي. خرچ ۾ 510 لک ڪم تي 74 لک عملي تي ۽ 8 لک عام رواجي اوزارن ۽ پلانٽ لاءِ رکيا ويا. گڏوگڏ اهو به حساب رکيو ويو ته ڪم پورو ٿيڻ تي ڳري مشينري جي وڪري مان 48 لک ملندا. اهڙي طرح ڪجهه ٻيا ننڍا ننڍا خرچ گڏ ائي جملي لاڳت 549 لک رپيا ڪئي وئي. انهي بيراج مان اميد آهي ته سنڌو جي هيٺاهن علائقن ۾ ٻوڏن تي ضابطو ايندو ۽ اهو حيدرآباد، ٺٽي ۽ دادو ضلعن جي تقريباً 28 لک ايڪڙ آبادي لائق ايراضي کي پاڻي ڏيندو انهن مان 17 لک ايڪڙ زمين پهريون دفعو پوک هيٺ ايندي ۽ انهي جو چڱو حصو هارين کي ملندو. ٽيهتر هزار ايڪڙن تي ٻيلا هوندا. خانگي ملڪيت هيٺ زمينن جي پيمائش 1174000 ايڪڙ هوندي ۽ سرڪاري زمينون 1574000 ايڪڙن تي هونديون. توقع آهي ته هاڻي فصلن مان جيڪا 179000 ٽن اپت ٿئي ٿي اها رٿا بلڪل پوري ٿي وڃڻ تي 000، 750 ٽنن تائين وڃي پهچندي. جن واهن کي انهي بيراج مان پاڻي ملندو اهي خود تمام وڏا آهن. ساڄي ڪپ تي دائمي ڪلري واهه جنهن جي گنجائش 9100 ڪيوسڪ هوندي اهو ڏاڍي ڏکي زمين مان کوٽيو ويندو. واهه جابلو علائقي مان 8 مليل گذرڻ کانپوءِ هيٺاهين جي هڪ سلسلي مان گذرندو جن کي پاڻي سان ڀري 20 ميل ڊگهي ڍنڍ ٺاهي ويندي جنهن جي پکيڙ 45 چورس ميل هوندي. اها ڍنڍ هائڊرو اليڪٽرڪ پاور جي پيداوار لاءِ سهوليتون ڏيندي ۽ ڪراچي جي واٽر سپلاءِ لاءِ پڻ هڪ ڪارائتو ذخيرو ٿيندي. اهڙيون ڍنڍون ملڪ جي پُر  فضا جاين  ۾ وڏو واڌارو ڪن ٿيون ۽ سير تفريح ۽  ماهي گيري لاءِ پڻ وڏيون سهوليتون ڏين ٿيون.

ڪلري ڪينال گادي جي هنڌ ڪراچي جي وڌندڙ ضرورتن لاءِ 460 ڪيوسيڪ يا لڳ ڀڳ 23 ڪروڙ گيلن روزانو پاڻي ڏيندو. ڪلري ڍنڍ تي انهي ذخيري (storage) کانسواءِ سال جي ڪجهه وقتن ۾ ايتري سپلاءِ ڏيڻ ناممڪن هوندو. جيڪڏهن اها سپلاءِ بحال رکبي ته زراعت لاءِ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي پوندي.

بيراج کاٻي ڪپ تي اڳيئي موجود ڦليلي ڪينال کي پاڻي ڏيندو جنهن مان وڪڙ ڪڍي سڌو ڪري جديد بڻايو ويندو. انهي جي گنجائش موجوده 11000 ڪيوسڪ مان وڌائي 18000 ڪيوسيڪ ڪئي ويندي. ڦليلي مان هڪ نئين گوني برانچ ڪڍي پئي وڃي جيڪا موجوده ڪمانڊ کان ٻاهر زمين جي هڪ وڏي بلاڪ کي پاڻي پهچائيندي.

ڦليلي ڪينال سان لڳو لڳ 114350 ڪيوسڪ گنجائش وارو دائمي پنڃاري فيڊر ٺاهيو پيو وڃي. اهو چينل موجوده آبڪلاڻي واهن کي کڻي اڳتي وڌائيندو ۽ انهي ۾ موجوده پنڃاري آبڪلاڻي واهه پڻ شامل ٿي ويندو.

کاٻي ڪپ کان هڪ ٽيون واهه زمين جي ٻن  بلاڪن کي دائمي پاڻي پهچائڻ لاءِ نڪري ٿو. انهن زمينن کي هاڻي ڦليلي مان غيردائمي پاڻي ملي ٿو. جيئن ته 4100 ڪيوسڪ گنجائش وارو هي واهه دائمي وهندو تنهنڪري انهي کي سيمنٽ ڪنڪريٽ سان پڪو ڪيو پيو وڃي جيئن سم جي نقصانن کي گهٽائي سگهجي. سترمليل ڊگهي 44 فوٽ ويڪري پيٽ ۽ ½ 15 فوٽ اونهي چينل جي تمير سنڌ ۾ هڪ وڏو ڪارنامو  ۽ هڪ اختراع هوندي.

بيراج ٺهي پورو ٿيڻ سان کاٻي ڪپ وارن واهن کي خاطري سان پاڻي ڏيڻ ممڪن ٿي ويندو. توقع ڪئي ٿي وڃي ته ڦليلي کي پنهنجي ضرورت آهر پاڻي ڏنو ويندو. پنڃاري فيڊر کي به  4/3 وهڪرو  (discharge) ڏنو ويندو جيڪو موجوده ايراضين لاءِ ڪافي هوندو. گوني کي 2000 ڪيوسڪ ڏنا ويندا جيڪي انهي جي موجود ه ايراضي لاءِ ڪافي هوندا ۽ انهي مان ڪجهه وڌيڪ علائقا پوکي هيٺ آڻڻ جي پڻ گنجائش هوندي. لائينڊ (Lined) چينل هيٺ ميل 22 تائين وهندو ۽ انهي ڪپ تي دائمي زمين جي مٿئين بلاڪ کي پاڻي پهچائيندو.

انهي کانپوءِ پنڃاري ۽ گوني کي ويڪرو ڪيو ويندو، ڊسٽري بيوٽريون ٺاهيون وينديون ۽ پراڻن چينلن کي ري ماڊل ڪيو ويندو جيئن اهي نيون زمينون آبادي هيٺ اچڻ جي رفتار جو ساٿ ڏئي سگهن ۽ زمينن جي تخميني نه پر حقيقي ضرورتن جو پورائو  ڪري سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org