پبلڪ هيلٿ
Public Health
برطانيا پاران قبضي کانپوءِ به چڱو وقت اهو سمجهيو
ويندو هو ته سنڌ جي آبهوا بلڪل غير صحت بخش هئي.
پر برطانوي فوج جو انهيءَ بابت پهريون تجربو
ناخوشگوار هو. سن 1843ع جي سرءَ جي موسم ۾ نيپيئر
جي فوج جو ٻه ڀاڱي ٽي کان به وڌيڪ حصو بيمار ٿي
پيو هو. پر چڱي آزمو دي کانپوءِ اهو ثابت ٿي ويو
آهي ته سنڌ مجموعي طور هڪ صحت افزا ملڪ آهي. سال
جو وڏو حصو سج جي طاقت ۽ خشڪ آبهوا کي ذهن ۾ ر
کندي اها ڳالهه ايتري حيران ڪن نه ٿي لڳي. فقط ٻوڏ
هيٺ آيل علائقن ۽ ساريالي فصل وارن ٽڪرن ۾ آبڪلاڻي
موسم جي پڄاڻي کان سياري جي موسم شروع ٿيڻ تائين
سال جا ٽن کان چار مهينا مليريا جو آزار رهندو
آهي. جيستائين سنڌ ۽ خيرپور جو تعلق آهي ته انهن
بابت ڄم ۽ موت جا انگ اکر اعتبار جوڳا نه آهن. سن
1931ع تائين آدمشماري ۾ جسماني نقصن بابت انگ اکر
ڏنا ويندا هئا پر 1931ع کانپوءِ اهي ختم ڪيا ويا
ڇاڪاڻ ته ماهرن جي راءِ ۾ جسماني نقصن بابت انگ
اکر بلڪل اعتبار جوڳا نه هوندا هئا. انهن بابت فقط
اهو چئي سگهجي پيو ته هڪ ڏهاڪي کان ٻي ڏهاڪي تائين
انهن ۾ غلطي جي يڪسان شرح هوندي هئي. پر انهي شرح
جو تعين ڪرڻ ناممڪن هوندو هو. ميونسپل ايڪٽ جي هڪ
باءِ لا مطابق وڏن شهرن ۾ ڄم ۽ موت جي شرح جي
رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي ڪيو ويو آهي پر انهن تي عمل
نه ڪرڻ جي صورت ۾ مقرر ڪيل سزائون ورلي ئي لاڳو
ڪيون وينديون آهن، ڪارڪردگي جو معيار اڳي ئي پورو
سارو هوندو آهي. وري عهدي جي لحاظ کان (ex-officio)
رجسٽرار به ميونسپل سيڪريٽري يا چيف آفيسر هوندو
آهي جنهن کي ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪرڻا هوندا آهن.
ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته ايترو به نه ٿيندو آهي. ڪوبه
ماڻهو گهرجي ڪابه ڳالهه رپورٽ نه ڪرائيندو آهي ۽
ڪنهن به انگ اکر جو سرچشمو ڳوٺاڻي ٻڌ سڌ هوندي
آهي. اهي انگر اکر گڏ ڪرڻ تپيدار جو ذمو هوندو
آهي پر هو انهي ذميواري تي ذاتي طور ڌيان نه ڏئي
سگهندو آهي تنهنڪري پنهنجي ڪوٽار جي حوالي ڪندو
آهي. ڪجهه ڳوٺن ۾ اسڪولن جا استاد يا دڪاندار
رجسٽر رکندا آهن ۽ جنهن به ڄم يا موت بابت خبر
پوندي اٿن اهو درج ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح گڏ
ڪيل ڄاڻ تپيدار هر مهيني گڏ ڪري پبلڪ هيلٿ اٿارٽي
۾ جمع ڪرائي ايندو آهي. هن گزيٽيئر جو مرتب جڏهن
سنڌ ۾ ضلعي آفيسر هوندو هو ته هن پنهنجي حد جي
ڳوٺن جا ڄم ۽ موت جا رجسٽر چيڪ ڪرڻ تي ڪيترا دفعا
اهو ڏٺو هو ته ڳوٺن جي رجسٽرن ۾ ٻن ٻن ٽن ٽن مهينن
تائين ڪو اندراج ئي نه هوندو هو پر هڪ ئي مهيني ۾
ٽيهه چاليهه داخلائون رکيون وينديون هيون. ڪنهن به
ڳوٺ جي آدمشماري مطابق اتان جي ڄم ۽ موت جو سراسري
حساب ڪرڻ سان انهن داخلائن جو غير حتمي هئڻ ثابت
ٿي ويندو. انهن انگن اکرن جي غير مڪمل هئڻ جا ٻه
سبب اهي به هوندا هئا جو هيٺين طبقي جي ماڻهن ۾ ڪي
وهم سنسا ۽ شڪ شبها هوندا هئا ۽ وڏي طبقي جا
ماڻهو وري زناني ڳالهين بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان
لنوائيندا هئا.
پاڪستان جي 60-1955ع جي پنج سالا پلان ۾ لکيل آهي
ته اڳوڻن ڏينهن ۾ صحت جا معيار گهٽ هئا. اڻپوري
غذا، گندگي واريون حالتون، ناقص طبي سهوليتون ۽
والدين طرفان نه هئڻ جي برابر ڌيان سبب بيماريون ۽
وبائون عام هونديون هيون ۽ کير پياڪ ٻارن ۾ موت جي
شرح به وڌيڪ هوندي هئي. موت جي شرح ترقي يافتا
ملڪن کان ٻيڻي ۽ کير پياڪ ٻارن جي موت جي شرح
پنجوڻ تي هئي. دستياب طبي عملي جو تعداد آدمشماري
۽ مسئلي جي مقدار جي لحاظ کان ناڪافي هو. پنج سالا
پلان ۾ پاڪستان جي ڊاڪٽرن، نرسن، تربيت يافتا
دائين ۽ هيلٿ وزيٽرن جي انگ جي برطانيا جي ڊاڪٽرن،
نرسن، تربيت يافتا دائين ۽ هيلٿ وزيٽرن جي انگ سان
ڀيٽ ڪيل آهي. ڊاڪٽرن جو پاڪستان ۾ تناسب 13،500
ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر جڏهن ته برطانيا ۾ هڪ هزار
ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر هو. پاڪستان ۾ نرسن جو جملي انگ
1600 هو ۽ اهو تناسب 50700 ماڻهن تي هڪ نرس جڏهن
ته برطانيا ۾ 300 ماڻهن تي هڪ نرس هئي. پاڪستان ۾
هيلٿ وزيٽرس جو تعداد 200 هو. اهڙي طرح انهن جو
تناسب 40600 ماڻهن تي هڪ هيلٿ وزيٽر؛ جڏهن ته
برطانيا ۾ اهو تناسب 4800 تي هڪ هو. ساڳئي ريت
پاڪستان ۾ جملي تربيت يافتا دائين جو انگ 1040هو
جن مان 78000 عورتن لاءِ هڪ دائي جو حساب بيٺو ٿي،
جڏهن برطانيا ۾ 600 عورتن لاءِ هڪ دائي هئي. پنج
سالا پلان ۾ پاڪستان جي حالتن بابت مجموعي طور
ڳالهائيندي لکيل آهي ته پيئڻ جي پاڻي جون سهوليتون
فقط ڇهه سيڪڙو ماڻهن لاءِ دستياب آهن ۽ اهو به
مقدار ۽ معيار جي لحاظ کان ناڪافي آهي. گندي پاڻي
جي نيڪال جو بندوبست اڃا وڌيڪ غير اطمينان بخش
آهي. زير زمين نيڪال جي بندوبست جي سهوليت فقط ٻه
سيڪڙو ماڻهن لاءِ دستياب آهي. نتيجي طور جراثيمي
بيماريون عام هيون، مليريا سبب ڪيترائي ماڻهو
بيمار رهن ٿا ۽ ڪيترائي فوت ٿي وڃن ٿا. انهي سبب
لکين ماڻهو سال جي انهن موسمن ۾ ڪم کان بيڪار ٿي
وڃي ويهي رهن ٿا جڏهن زرعي ڪم ڪار عروج تي هوندو
آهي. مائرن ۽ کيرپياڪ ٻارن ۾ موت جي شرح سموري
دنيا ۾ وڌيڪ شرح رکندڙ ملڪن جي برابر آهي. اهي انگ
اکر ڪجهه گهٽ وڌائي سان سنڌ لاءِ به درست آهن ته
پاڻي جي سپلاءِ مجموعي طور سموري ملڪ ۾ ناڪافي آهي
تنهنڪري ٻيا ڪيترائي وسيلا ڪتب آندا وڃن ٿا. جن ۾
لازماً گدلاڻ به هوندي آهي ۽ پاڻي کي پيئڻ کان اڳ
اٻارڻ جي عادت به عام نه ٿي آهي. ڪنهن به ڳوٺ ۾
اهو منظر ڏسي سگهجي ٿو ته جتان مينهون ۽ ٻيو مال
پيو پاڻي پيئندو هوندو ۽ گپ اڏائيندو هوندو اتان
ئي پيئڻ ۽ رڌ پچاءُ لاءِ پاڻي جا ڀانو ڀربا پيا
هوندا. پنج سالا پلان ۾ لکيل آهي ته توليدي ۽ ٻارن
جي صحت جي خدمتن جي ميدان ۾ احتياطي (Preventive)
۽ علاجي (Curative)
لحاظ کان گهڻي ڪم جي ضرورت آهي، کيرپياڪ ٻارن جي
موت جي شرح هر هڪ هزار زنده ڄاول ٻارن ۾ 100 کان
130 آهي ۽ زچگي دوران فوت ٿيندڙ مائرن جو تناسب هر
هڪ لک پيدائشن تي 440 کان 680 آهي. اها شرح ترقي
يافتا ملڪن جي شرح کان تقريباً پنجوڻ تي آهي.
مسئلي جو گهڻي ڀاڱي حل بهتر غذا، بهتر گهرن ۽ صحت
جي اصولن جي وڌيڪ ڄاڻ ۾ آهي، پلان واري عرصي
دوران اها گنجائش رکي سگهجي ٿي ته جن علائقن ۾
ميٽرنٽي اسپتالون ڪافي انگ ۾ نه آهن اتي انهن جو
تعداد وڌايو وڃي ۽ ڪجهه موجوده ادارن کي بهتر
بڻايو وڃي. پر ڪنهن وڏي پروگرام کي هلائڻ لاءِ
گهربل ڊاڪٽرن، نرسن، هيلٿ وزيٽرس ۽ ٻئي عملي جو
تعداد گهٽ آهي. پنج سالا پلان ۾ جيترن فنڊن جي
سفارش ڪئي وئي آهي اهي حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾
تقريبن 36 ميٽرنٽي ۽ چائلڊ هيلٿ سينٽر ٺاهڻ لاءِ
ڪافي ٿيندا. پلان ۾ انهي حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو
ويو آهي ته احتياطي (Preventive)
۽ علاجي (Curative)
سروسز کي هڪ انتظام هيٺ هلائڻ وارو مسئلو جيڪو
ماضي ۾ ڪافي ڳنڀير هو اهو هاڻي گهڻي حد تائين حل
ٿي ويو آهي. مرڪزي حڪومت ۽ مغربي پاڪستان اهو
انضمام مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. پر لوڪل باڊيز هيلٿ
پروگرام تي عملدر آمد ڪرائڻ ۾ جنهن قانون بابت
شڪايت ڪن ٿيون اهو مسئلو اڃا حل نه ٿيو آهي. اڪثر
مقامي ڊسپينسريون اڃا به ڊسٽرڪٽ بورڊن ۽ ٻين لوڪل
باڊيز طرفان هلايون وڃن ٿيون، پر لڳاتار اها ڪوشش
ٿيندي رهي آهي ته ڪنٽرول صوبائي حڪومت ڏانهن منتقل
ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته فنڊ گهٽ هوندا آهن، سياسي مداخلت
ٿيندي رهندي آهي ۽ مجموعي طور بدانتظامي رهندي آهي
البت پلان ٺاهيندڙن جو خيال اهي ته لوڪل باڊيز کي
مضبوط ڪيو وڃي ۽ انهن کي وڌيڪ اختيار ڏنو وڃي ڀلي
جو انهي جي نتيجي ۾ وقتي طور ڪارڪردگي گهٽ ٿي وڃي.
”سنڌ پيپل ائنڊ پراگريس نالي 1954ع ۾ ڇپيل ڪتابڙي
۾ لکيل آهي ته پبلڪ هيلٿ ۾ سال 54-1953ع ۾ ڪا وڏي
تنظيمي تبديلي نه آئي آهي. صوبي ۾ صحت جي صورتحال
مسلسل اطمينان بخش رهي آهي. سال 1953ع تي پڄاڻي تي
پهچندڙ پنجن ورهين دوران ڪالرا جا ڪي به ڪيس منظر
تي نه آيا آهن ماتا به ڪو ڳنڀير مسئلو پيدا نه ڪيو
آهي جو سمورو سال وئڪيسينيشن جاري رهي آهي.
وئڪسينيشن جي مهم کي اثرائتو بنائڻ لاءِ جيئن
آبادي جو جيترو وڌيڪ حصو ٿي سگهي ايترو مهم هيٺ
آڻي سگهجي انهي لاءِ وئڪسينيشن اسٽيشنن ۽
وئڪسينيشن لاءِ خاص ڏينهن جي تعداد ۾ واڌارو ڪيو
پيو وڃي ۽ هر وئڪسينٽر لاءِ مقرر ٿيل سراسري تي به
نظرثاني ٿي رهي آهي. مليريا کي سنڌ لاءِ مصيبت چوڻ
۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اهو صوبي جو شايد واحد وڏو
مسئلو آهي.صوبي جي پروانشل مليريا آرگنائيزيشن
گذريل ڪيترن ورهين کان پاڻ وٽ دستياب وسيلن جي مدد
سان مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ علائقي ۾ مرض ٿيڻ
کي گهٽائڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي آهي. سن
1949ع کان ڊي. ڊي. ٽي جا ڦوهارا به ٿيندا رهيا
آهن. پراونشل اينٽي مليريا آرگنائيزيشن مليريا
بابت بنيادي سکيا ڏيڻ جا ڪلاس هلائي رهي آهي سال ۾
ٻن سيشنن جا انتظام موجود آهن. ڊسپينسرين جي سولي
پهچ کان پري وارن ڳوٺن ۾ طبي مدد پهچائڻ لاءِ هر
ضلعي ۾ ٻن جي حساب سان سورهن موبائيل هيلٿ يونٽ ڪم
ڪري رهيا آهن حڪومت دائپي جي خدمتن لاءِ عملي کي
سکيا ڏيڻ جي پاليسي به جاري رکيو پئي اچي جنهن ۾
ٻن ليڊي هيلٿ وزيٽرز، پنجن دائين ۽ ٽيهن معاون
داين کي اسڪالرشپون، وظيفا ڏنا پيا وڃن، لوڪل
باڊيز پاران تربيت يافتا ميٽرنٽي سروسز مهيا ڪرڻ
کي همٿائڻ لاءِ حڪومت ڪل خرچ جي ٽئين حصي تائين
گرانٽ ان- ايڊ ڏئي رهي آهي، جيتوڻيڪ تشهير لاءِ ڪا
جدا تنظيم موجود نه آهي ته به عوام کي ڄاڻ ڏيڻ
لاءِ هر موقعي مان فائدو ورتو پيو وڃي. مختلف هنڌن
تي ٿيندڙ شوز (Shows)
۽ نمائشن ۾ پبلڪ هيلٿ پاران اسٽال هنيا پيا وڃن،
صحت جا عالمي ڏينهن وڏي جوش جذبي سان ملهايا وڃن
ٿا. جڏهن ته تقريباً هر تعلقي ۾
تقريبون
منعقد ڪيون وڃن ٿيون. حيدرآباد ۽ سکر انهن تقريبن
جا مرڪز آهن. صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ هر
مختيارڪار کي ٽيهه هزار پيلو ڊرين((Paludrine
مليريا جي علاج جون) گوريون ورهائڻ لاءِ ڏنيون
ويون آهن. حڪومت يوناني حڪيمن کي زرتلافي (Subsidy)
ڏيڻ جي اسڪيم پڻ نئين سر شروع ڪئي آهي ۽ سن 1954ع
۾ اها تجويز پيش ڪئي وئي ته سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾
زرتلافي جي بنياد تي پنجاهه حڪيم مقرر ڪيا وڃن.
سوشل اپ لفٽ اسڪيم تحت 1954ع م حيدرآباد ۾ هڪ
تربيتي اداري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنهن ۾ نرسن، داين ۽
معاون داين کي تربيت ڏني وڃي ٿي. حيدرآباد سنڌ ۾
شاگردن جي هاسٽل لاءِ چرچ مشن جو بورڊنگ هائوس
حاصل ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي نامزد اميدوارن طور
ڪراچي جي ٽي. بي. هاسپيٽل ۾ ايڪسري ۽ ليبارٽري
ڪورسن لاءِ ٻارهن اميدوارن جي منظوري ڏني وئي. فقط
سنڌ ۽ خيرپور ۾ اها خوبي موجود آهي ته اهي وڏين
وبائن کان پاڪ آهن. گذريل صدي جي آخر ۾ پليگ ۽ 19-
1918ع ۾ انفلوئينزا جي وڏي وبا کانسواءِ جنهن بابت
هن گزيٽيئر جي تاريخ واري باب ۾ اڳيئي بيان اچي
چڪو آهي) سنڌ ۾ ڪا وڏي وبا نه آئي آهي.
وئڪسينيشن
Vaccination
سنڌ ۾ وئڪسينيشن جو ڪنٽرول ڊائريڪٽر آف پبلڪ هيلٿ
وٽ آهي جنهن جي مدد لاءِ انسپيڪٽرس آف سينيٽيشن
اينڊ وئڪسينيشن هوندا آهن. ڪراچي جي شهر ۾ هڪ خاص
قانون بامبي ائڪٽ 17 آف 1879ع تحت وئڪسينيشن کي
لازمي قرار ڏنو ويو جنهن مطابق شهر کي پبلڪ وئڪسين
اسٽيشنز، وئڪسينيٽر ۽ هڪ سپرنٽندنٽ ڏنا ويا. اهي
سڀ ڊپٽي ڪمشنر آف سينيٽيشن جي ماتحت هوندا هئا.
سکر، روهڙي ۽ لاڙڪاڻي جي شهرن ۾ پوءِ ميونسپالٽين
طرفان درخواست تي نوٽيفڪيشن ذريعي وئڪسينيشن لازمي
ڪئي وئي ۽ 1892ع جي ائڪٽ
I
کي عمل هيٺ آندو ويو. عام طور وئڪسينيشن جي عمل ۾
واڌ ويجهه جو دارو مدار وئڪسينٽر پاران ريهڻ ريبڻ
جي فن تي هوندو آهي. انهي ۾ ڳوٺ جو وڏيرو سندس مدد
ڪندو آهي، وئڪسينيٽرن کي پگهار لوڪل فنڊن مان
ملندي آهي پر ميونسپالٽيون پنهنجا وئڪسينيٽر پڻ
رکنديون آهن. وئڪسينيشن جي ڪيترا سال مخالفت هلڻ
کانپوءِ اِها آهستي آهستي گهٽ ٿي آهي ۽ شايد ته
ذات پات واري نظام ۾ يقين رکندڙ هندن جي هليو وڃڻ
سان به ماتا جي تباهه ڪارين کان بچاءُ طور
وئڪسينيشن جي پير پختا ڪرڻ کي هٿي ملي آهي. اهڙا
اڪثر هندو مذهبي بنيادن تي وئڪسينيشن تي اعتراض
ڪندا هئا.
سي. ايم. ايس جو ڪم
سنڌ ۾ طبي ترقي جو بيان سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾
چرچ مشن هاسپيٽل پاران سرانجام ڏنل نمايان خدمتن
جي بيان کانسواءِ اڻپورو رهندو. انهي جو هيڊڪوارٽر
ڪوئيٽا ۾ هو. هن گزيٽيئر جو مرتب سرهينري هالينڊ
سي. آءِ.اي. جو ٿورائتو آهي جنهن پنجاهه ورهين کان
به مٿي عرصي کان پاڻ کي دنيا جو ممتاز ترين اکين
جو ماهر ڊاڪٽر ثابت ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جو
بيان آتم ڪهاڻي واري نموني ۾ ”فرنٽيئر ڊاڪٽر“ نالي
ڪتاب ۾ ڏنو آهي جيڪو 1959ع ۾ ڇپيو. سر هينري
هالينڊ هن گزيٽيئر لاءِ هي نوٽ ڏنو آهي. هن سنڌ جي
ماڻهن لاءِ جيڪي بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون آهن
انهن جي تذڪري لاءِ هي نهايت موزون جاءِ آهي.
”ڊاڪٽر سٽن (Sutton)
پهرئين مشن هاسپيٽل 1885ع ۾ بلوچستان ۾ قائم ڪئي.
چرچ مشن سوسائٽي جو ٻيو سمورو طبي ڪم ڪوئيٽا ۾ هن
اسپتال مان شروع ٿيو. ڊاڪٽر سٽن جو جانشين 1897ع ۾
ڊاڪٽر سمرهيز(Summer
Hayes)
ٿيو ۽ آءُ 1902 کان انچارج ٿيس جيتوڻيڪ آءُ چرچ
مشن سوسائٽي اسپتال ۾ 1900ع کان دخلڪار ٿيل هوس.
تنهن وقت اها 28 بسترن جي هڪ ننڍي اسپتال هوندي
هئي.
انهي جلد ئي اکين جي علاج سبب شهرت حاصل ڪري ورتي
۽ 1908ع ۾ جيڪب آباد جي ڪجهه هندو دڪاندارن مون
کي هڪ مندر ڀرسان هڪ جاءِ ۾ آپريشن ڪرڻ جي ڪوٺ
ڏني. آءُ اتي تقريباً ٻه هفتا رهيس ۽ چاليهن جي لڳ
ڀڳ مريضن جون آپريشنون ڪيون.
ٻه ورهيه پوءِ سيٺ هيرانند مينڍا مون کي شڪارپور
اچڻ جي دعوت ڏني. هن سمورا خرچ برداشت ڪرڻ ۽ اسان
کي رهائڻ ۽ خاطر تواضع ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي. هن
اسپتال کان ٻاهر پنهنجي بنگلي جو سامهون وارو
ويرانڊو اسان جي استعمال لاءِ واندو ڪري ڇڏيو ۽
اهو هر قسم جي مريضن سان سٿجي ويندو هو. آءُ مريضن
جي انبوهن کي منهن نه ٿي ڏئي سگهيس تنهنڪري معاونت
لاءِ ڊاڪٽر نيو (Neve)
کي تار ڪئي. هو تڏهن پنجاب ۾ هو. اسان 250 موتين
جي آپريشن سميت 600 جي لڳ ڀڳ آپريشن ڪيا.
ڪلينڪ جو ڪم پورو ٿيڻ کانپوءِ مون ڏهن ورهين جو
معاهدو ڪيو ته هر سال جنوري ۽ فيبروري جي مهينن ۾
ڇهن هفتن کان ٻن مهينن لاءِ شڪارپور ايندس، سيٺ
هڪ تمام بنيادي سهوليتن واري اسپتال ٺهرائي ۽
انهي سان لاڳاپيل سمورو خرچ ڀريندو رهيو. ڪلينڪ
1935ع تائين ڪم ڪندي رهي. انهي سال ڪوئيٽا ۾ تمام
وڏو زلزلو آيو هو. پر عمارتون تمام خراب ۽ انسانن
جي رهڻ لاءِ غير مناسب هونديون هيون. اسين حڪومت
جي مهرباني سان ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾ هڪ نئين
جاءِ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين،.
سرهيو ۽ ليڊي ڊائون ۽ انهن جي دوستن ٻه لک رپيا گڏ
ڪري ورتا جنهن مان هڪ هزار مريضن جي رهڻ لاءِ هڪ
ڪنڪريٽ جي عمارت ۽ هڪ سٺو آپريشن بلاڪ ٺهي ويا.
شڪارپور اسپتال کي هاڻي سرهينري هالينڊ هاسپيٽل
سڏيو وڃي ٿو جتي هر سال وڏيون آئي ڪلينڪس لڳن
ٿيون. شڪارپور جي اسپتال ۾ آپريشن جو تجربو حاصل
ڪرڻ 180 سرجن اچي چڪا آهن. موجوده وقت ۾ ڊاڪٽر
رونالڊ هالينڊ هن ڪم جو انچارج آهي. سن 1909ع ۾ ڪم
شروع ٿيڻ کان موتيي جون ستر هزار آپريشنون ٿي
چڪيون آهن. اهو ڄڻ ته مقرر قاعدو هو ته ڇهن هفتن ۾
1800 کان 2000 آپريشن ٿيندا هئا. فقط هڪ ڏينهن ۾
200 آپريشن ڪيا ويا آهن. انهن ۾ 109 آپريشن موتيي
جا هئا.
مون کي تقريباً 37 ورهيه اڳ ڪراچي جي پوئر پيشنٽس
رليف سوسائٽي پاران ڪراچي ۾ ڪلينڪ هلائڻ جي
درخواست ڪئي وئي آهي. آءُ ڇهه ست ورهيه ڪراچي
ويندو رهيس ۽ ڪيتريون ئي آپريشنون ڪيون. اسان
ڪيترائي ورهيه خيرپور رياست ۾ سالياني ڪلينڪ
هلائيندا هئاسين جتي هر سال 600 يا ان کان به وڌيڪ
آپريشنون ڪيون وينديون هيون.
چرچ زنانا مشن سوسائٽي جو ڪم
(C.Z. M.S Work)
سنڌ ۽ خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ جي ڪم جو بيان چرچ
زنانا مشن هاسپيٽل جي ٻن تمام همٿ وارين عورتن مس
راشيل پگٽ
Miss Rachel Piggott))
۽ مس اليس وارڊ (Miss
Alice Ward)
پاران ٻن پيڙهين دوران ڪيل ڪم بابت ڪجهه لفظ چوڻ
کانسواءِ اڌورو رهندو. هن گزيٽيئر جي مرتب کي انهن
بي خوف عورتن سان سن 1927ع ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي
جي ڪنڌڪوٽ تعلقي جي وارياسن پٽن ۾ ٿيل ملاقات جي
چٽي يادگيري آهي. هو تڏهن اتي بلوچن جي اڪثريتي
آبادي واري علائقي ۾ ڳوٺاڻين داين لاءِ سکيا جا
مرڪز قائم ڪري رهيون هيون. هو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي
ڏورانهن ٻهراڙين وارن علائقن، وارياسن پٽن ۽
جهنگن جهرن ۾ پنهنجي انسانيت جي مشن تي عملدار آمد
لاءِ هڪ پراڻي فورڊ ڪار تي پيون گهمنديون هيون.
انهي ڪار کي عام طور
Tin Lizzie
سڏيو ويندو هو. هن گزيٽيئر جو مرتب مس وارڊ جو
ٿورائتو آهي جو هن انهي عام ڀلائي واري ڪم جي ڪار
گذارين جو هڪ مختصر بيان لکي ڏنو. انهي ڪم ذريعي
اڳتي هلي ٻهراڙي واري سنڌ ۾ دائين ۽ ميٽرنٽي نرسن
جي سکيا جي ڪم جو بنياد پيو. مس وارڊ اڃا به حال
حيات آهي ۽ سندس عمر جيتوڻيڪ اسي ورهين کان به
مٿي آهي ته به پنهنجي زندگي ۾ ڪيل ڪم ۾ دلچسپي اٿس
۽ هر سال حيدرآباد ايندي آهي جتي اصلوڪو زنانا مشن
شروع ڪيو ويو هو. اها ڳالهه بيجانه ٿيندي جو هن
قسم جي ڪارڪردگي کي هن گزيٽيئر ۾ مناسب توجهه ڏني
وڃي.
مس وارڊ جو بيان:
چرچ آف انگلينڊ زنانا مشنري سوسائٽي پاران
حيدرآباد ۾ طبي ڪم ڪار جي شروعات مس ڪامپٽن پاران
گذريل صدي آخري ڏهاڪي جي شروعاتي ورهين ۾ ڪئي وئي
هئي جڏهن مس ڪامپٽن ڪوئيٽا ۾ هڪ گاڏي جي حادثي ۾
مري وئي ته مس راشيل پگٽ سندس پيروي ڪئي. راشيل جي
لفظن ۾ سندس ڪم جو وڏو حصو مقامي دائين پاران ڪيل
نقصان جو ازالو ڪرڻ هوندو هو. انهن کي ڪابه سکيا
نه هوندي هئي کين فقط پنهنجين مائرن کان ڄاڻ ورثي
۾ ملندي هئي. تنهنڪري هن اها ڪوشش شروع ڪئي ته
انهن عورتن کي گهٽ هاڃيڪار ڪجي. انهن لاءِ ڪلاس
شروع ڪيا ويا ۽ انهن کي هر حاضري لاءِ اٺ آنا ڏنا
ويندا هئا. اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم هو ڇاڪاڻ ته
عورتون سمجهنديون هيون ته انهن کي پنهنجي استاد
کان وڌيڪ ڄاڻ هئي جوان جي ماءُ ته اڻ ڄاڻ هئي جڏهن
ته انهن جون عورتون ته پيڙهين کان اهو ڪم ڪنديون
هيون. دهلي ۾ طبي هيڊڪوارٽر کي به انهي ڪم ۾
دلچسپي هئي ۽ انهن راشيل پگٽ جي هر طرح سان همٿ
افزائي ڪئي. اهڙي طرح سن 1918ع ۾ سرڪاري طور (Dais
Improved Scheme)
شروع ڪئي وئي. ڪلاس هڪ شاگردياڻي کان وڌندي وڌندي
انهن جو انگ 33 تائين وڃي پهتو. انهن سڀني کي سکڻ
۽ پرائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. دائين جي هڪ
ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ بمبئي جي تڏهوڪي
گورنر جي گهرواري شرڪت ڪئي.
موت جي شرح:
سنڌ جي آبادي جي هندستان جي آبادي وانگر خصوصيت
اها آهي ته انهي ۾ ڄم ۽ موت جي شرح وڌيڪ آهي انهي
خصوصيت سان لاڳاپيل هڪ ٻي خصوصيت کيرپياڪ ٻارن جي
موت جي وڏي شرح آهي. اهڙي طرح ڄم جي شرح، موت جي
شرح ۽ کيرپياڪ ٻارن جي موت جي شرح مغربي ملڪن جي
اهڙين شرحن کان وڌيڪ آهي جتي آدمشماري ۾ واڌ جي
شرح گهٽجي رهي آهي ۽ ڄم ۽ موت جي شرح گهٽجي رهي
آهي. ٻئي طرف وري پنجن ورهين جي عرصي دوران موت جي
شرح ۾ واڌ پڻ يڪسان نه رهي. حقيقت ۾ جنگ کان اڳ
واري پنج سالي ۾ برطانوي هندستان لاءِ انگ اکر 22
۽ 24 في هزار جي وچ ۾ تبديل ٿيندا رهيا. سن 1940ع
۽ 1942ع ۾ 21 في هزار ۽ 1941ع ۾ 22 في هزار هئي.
اها شرح فقط 1943ع ۽ 1944 ۾ وڌي 24 في هزار تائين
پهتي. برطانوي هندستان لاءِ کيرپياڪ ٻارن جي موت
جي شرح 1935ع ۾ في هڪ هزار زنده ڄاول ٻارن تي 164
کان هيٺ لهي 1989ع ۾ 156 تي پهتي پر 1940ع کانپوءِ
انهن انگن مٿي چاڙهه کاڌو
سنڌ ۾ 1952ع کان 1956ع تائين ڄم، موت ۽ کيرپياڪ
ٻارن جي موت جي شرح
سال |
علائقو |
ڄم جي شرح في
هزار آبادي تي |
موت جي شرح في
هزار آبادي تي |
کير پياڪ ٻارن جي شرح في هزار آبادي
تي |
1952 |
سنڌ |
5.59 |
3.46 |
85 |
1953 |
سنڌ |
5.74 |
3.01 |
74 |
1954 |
سنڌ |
4.31 |
2.05 |
75 |
1955 |
سنڌ |
4.19 |
2.24 |
74 |
1956 |
سنڌ |
5.31 |
3.02 |
86 |
خيرپور رياست ۾ ڄم ۽ موت جي رجسٽريشن جو نظام
موجود نه هو. اهو علائقو هاڻي خيرپور ريجن جي
خيرپور ضلعي ۾ اچي ٿو.
سن 1952ع کان 1956ع تائين سنڌ ۾ مختلف بيمارين سبب
ٿيندڙ فوتين جا انگر اکر
سال |
علائقو |
ڪالرا |
ماتا |
پليگ |
بخارَ |
دست ۽ پيچش |
ساهه جون بيماريون |
زخم ڌڪ |
ٻيا سبب |
1952 |
سنڌ |
....... |
263 |
....... |
11،200 |
217 |
2207 |
......... |
2332 |
1953 |
سنڌ |
....... |
19 |
....... |
10803 |
231 |
1077 |
........ |
2144 |
1954 |
سنڌ |
....... |
14 |
....... |
5656 |
88 |
1217 |
89 |
2750 |
1955 |
سنڌ |
....... |
66 |
....... |
6748 |
136 |
2108 |
71 |
1747 |
1956 |
سنڌ |
....... |
95 |
....... |
9970 |
162 |
2404 |
113 |
2104 |
سال 60- 1955ع لاءِ پاڪستان جي پهرئين پنج سالا
پلان جي هڪ بيان مطابق کيرپياڪ ٻارن جي موت جي شرح
110 کان 130 في هزار سمجهي وڃي ٿي ۽ ويم دوران
مائرن جي موت جي شرح في هزار تي 4.4 کان 6.8 جي وچ
۾ آهي. هاڻي انهي حقيقت کي مدنظر رکندي ته ڄم جي
شرح ۾ گهٽتائي جي باوجود سنڌ ۽ خيرپور جي آدمشماري
في ڏهاڪي ۾ 10 سيڪڙي جي شرح سان وڌي رهي آهي،
انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته عام ماڻهن ۾
زندگي جي بچاءَ جي اپائن سٺو اثر ڏيکاريو آهي. سال
1947ع لاءِ انڊين ييئر بوڪ ۾ زچگي ۽ ٻارن جي
چڱڀلائي جي موضوع تي لکيل آهي ته هندستان جو صحت
جي ميدان ۾ سڀ کان شديد مسئلو مائرن ۽ کيرپياڪ
ٻارن جي تمام گهڻي موت جي شرح آهي. جيتوڻيڪ مائرن
جي موت جا انگ اکر پڪي طرح معلوم نه آهن پر هر سال
تقريباً ٻه لک مائرون حمل ۽ ويم جي نتيجي طور
پنهنجين زندگين تان هٿ کڻي ويهن ٿيون. ٻار ڄڻڻ جي
نارمل عضوياتي عمل جي نتيجي ۾ بيمار ٿيندڙ ۽ وقتي
يا مستقل طور معذور ٿي ويندڙ مائرن جو انگ سالياني
مائرن جي فوت ٿيڻ جي تعداد کان ويهوڻ تي آهي. هر
سال پنجويهن لکن کان وڌيڪ ٻار پنجن ورهين جي عمر
تي پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا جڏهن ته زنده بچي
ويندڙن مان ڪيترائي کير پياڪي ۽ ٻاروتڻ جي عمر ۾
آسپاس جي غير صحت بخش حالتن سبب ڪمزور ۽ نٻل رهجي
وڃن ٿا.
اسپتال ۽ ويلفيئر ڊپارٽمينٽ:
زچڱي ۽ ٻارڙن جي چڱڀلائي جي تحريڪ جنهن جو مقصد
ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر بنائڻ ۽موت گهٽائڻ آهي، آل
انڊيا مئٽرنٽي اينڊ چائلڊ ويلفيئر ليگ جي ٿورائتي
آهي جيڪا 1918ع ۾ ليڊي چيمسفورڊ پاران شروع ڪئي
وئي هئي. اها تحريڪ انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽي جي به
زير بار احسان آهي. انهن ٻنهي ادارن جي 1931ع ۾
انضمام سان انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽي بلاشڪ ڪم کي
وڌائي ۽ ان کي بهتر صورت ۾ آندو آهي. هن اهم موضوع
تي سنڌ ۽ خيرپور لاءِ ڌار انگ اکر موجود نه آهن.
اهو نتيجو ڪڍڻ غلط نه هوندو ته هندستان ۾ عمومي
طور ٿيل ترقي جو بلاشڪ ته سنڌ ۾ به ورجاءِ ٿيو
آهي. هن باب ۽ بحالي واري باب ۾ ڪافي ڳالهيون لکجي
چڪيون آهن. جن مان اهو يقين ڪري سگهجي ٿو ته
اختياريون اهڙين سرگرمين کي جاري رکڻ ۽ وڌائڻ جي
اهميت کان ڀلي ڀت واقف آهن جن جو مقصد مائرن ۽
ننڍن ٻارن لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ هجي. هاڻي
جيئن ته طب جون احتياطي ۽ علاجي شاخون هڪ انتظاميا
هيٺ گڏ ٿي ويون آهن. تنهنڪري گذريل اڌ صدي دوران
اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جي ڪار گذاري جي تاريخ تي
تفصيلي روشني وجهڻ ضروري نه آهي. في الوقت موجود
اسپتالن ۽ ڊسپينسرين بابت انگر اکر هن گزيٽيئر جي
ضلعي وار جلدن مان ملي ويندا. گذريل ڏهن ورهين
دوران رٿابندي جو هڪ مکيه مقصد طبي سهولتن ۾ بهتري
آڻڻ آهي. سنڌ حڪومت
Sindh People and Progress
نالي پنهنجي ڪتابڙي ۾ لکيو آهي ته سوشل اپ لفٽ
پروگرام جو هڪ نقطو اکين جي اسپتال قائم ڪرڻ آهي.
حيدرآباد ۾ هڪ مڪمل ۽ خود مختيار اکين جي اسپتال
قائم ڪرڻ جي تجويز آهي. اها اسپتال اکين جي مرضن
جي انهي شعبي کان ڌار هوندي جيڪا پنجاهه بسترن
واري انهي ڪلينيڪل هاسپيٽل جو حصو هوندي جيڪا
لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد جي مستقل هنڌ تي
تعمير ٿيڻي آهي. آخر ۾ اهو به طيءِ ڪيو ويو ته
لياقت ميڊيڪل ڪاليج جون نيون عمارتون ۽ ان جي 500
بسترن واري ٽيچنگ هاسپيٽل سنڌو درياءِ جي ساڄي ڪپ
تي يونيورسٽي شهر ۾ اڏايون وڃن. انهي لاءِ 20 ايڪڙ
زمين مختص ڪئي وئي آهي. هڪ تعميري رٿا جي فائنل
پلان جي منظوري ٿي وئي آهي جنهن تي جملي خرچ هڪ
ڪروڙ پنجونجاهه لک رپيا ايندو. ڪاليج جو پيڙهه جو
پٿر 6 جنوري 1954ع تي هز ايڪسيلينسي گورنر جنرل
پاڪستان رکيو. هن اسپتال ۾ جن بلاڪن کي اوليت ڏني
وئي اهي هئا 250 ڇوڪرن لاءِ هاسٽل ۽ 50 ڇوڪرين
لاءِ هاسٽل ۽ عملي لاءِ رهائشگاهون. هڪ ٽي. بي.
سينيٽوريم جو پيڙهه جو پٿر هز ايڪسيلينسي گورنر
سنڌ رکيو. ساڳئي پروگرام تحت سنڌ جي اسپتالن ۽
ڊسپينسرين جي توسيع، بهتري ۽ نئين سر تنظيم جي به
هڪ اسڪيم آهي. انهي ۾ نوابشاهه، دادو ۽ ميرپورخاص
جي سول اسپتال جي عمارتن جي توسيع ۽ حيدرآباد ۾
مينٽل هاسپيٽل کي 152 واڌو بسترن جي گنجائش، 33
تعلقي ڊسپينسرين جي عمارتن جي توسيع ۽ آرائش ۽ ٺٽي
۾ هڪ سؤ بسترن جي گنجائش واري نئين سول اسپتال جا
اسم شامل آهن. صوبي ۾ طبي سهولتن جي توسيع جي مٿي
بيان ڪيل سوشل اپ لفٽ اسڪيمن سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت
لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ نين سول اسپتالن جي
تعمير جي هڪ اسڪيم پڻ منظور ڪئي آهي. انهن مان
لاڙڪاڻي واري اسپتال ۾ 126، سکر واري اسپتال ۾ 200
۽ جيڪب آباد واري اسپتال ۾ هڪ سو مريضن جي گنجائش
هوندي. انهن تي خرچ جو ڪاٿو 000 ،61، 53 رپيا هنيو
ويو هو.
سول اسپتال حيدرآباد ۾ بسترن جي گنجائش 132 مان
وڌائي 500 ڪرڻ ۽ ويهه لک رپين جي تخميني لاڳت سان
ٻيا ضروري اضافا مهيا ڪرڻ جي تجويز پڻ زير غور
هئي. سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ نين سول اسپتالن
جي تعمير جو ڪم 1954ع ۾ تڪميل جي ويجهو هو.
حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ 288،000 رپين جي خرچ سان
واڌارن ۽ تبديلين جو ڪم ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ نرسن
جا ويهه ڪوارٽر، پرائيويٽ وارڊ، ڪينٽين بلاڪ ۽ باٿ
روم شامل آهن. سنڌ حڪومت پنج سالا ڊيولپمينٽ پلان
۾ هي واڌو رٿائون تيار ڪيون هيون جيئن اهي نئين
پنج سالا ڊيولپمينٽ پلان 1960- 1955 ۾ شامل ٿي
سگهن. هر ضلعي ۾ ٽي. بي اسپتال قائم ڪرڻ، حيدرآباد
۾ پراونشل ميڊيڪل اسٽورز ڊيپو قائم ڪرڻ ۽ ان جي
نئين سر تنظيم، ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن جو سڌارو ۽
انهن ۾ اکين، نڪ ڪن ڳلي، ڏندن ۽ چمڙي جي بيمارين ۽
عورتن ۽ ٻارن جي خاص مرضن جي علاج بابت سهوليتون
مهيا ڪرڻ، سموري صوبي ۾ 64 نيون ڊسپينسريون قائم
ڪرڻ، اسپتال جي عملي جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ ۽
ٻاهرين ملڪن توڙي پاڪستان ۾ پوسٽ گريجوئيٽ سکيا
مهيا ڪرڻ.
دماغي مرضن جون اسپتالون (Mental
Hospital)
سنڌ ۽ خيرپور ۾ فقط هڪ مينٽل هاسپيٽل آهي. اها
حيدرآباد جي ويجهو گدو بندر وٽ ڪائوسجي جهانگير
مينٽل هاسپيٽل جي نالي سان سڏجي ٿي. اها سن 1871ع
۾ قائم ٿي. انهي لاءِ بمبئي جي سرڪائوسجي جهانگير
ريڊي مني اڌ لک رپيا ڏنا هئا. دماغي مرضن جي اها
سپتال سموري سنڌ لاءِ آهي. انهي ان کان اڳ لاڙڪاڻي
۾ موجود اسپتال جي جاءِ ورتي. عمارت تي 68،441
پئسا خرچ آيو. باقي پئسا حڪومت ڀريا. اها 25
ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ مريضن جي مختلف درجن (Classes)
لاءِ ڇهن ايوانن (Yards)
تي ٻڌل آهي. انهي ۾ شروع ۾ 180 مردن ۽ 20 عورتن جي
گنجائش هئي. انهي سان ملحق اسپتال ۾ ڇهن مريضن جي
جاءِ هئي. پوءِ علاج گهرندڙ ذهني طور متاثر ماڻهن
جي انگ ۾ واڌاري کي ڏسندي واڌارا ڪرڻا پيا.
حيدرآباد جي سول سرجن کي سرنٽنڊنٽ جي حيثيت آهي ۽
هن جا ٻه اسسٽنٽ اسپتال ۾ رهندا آهن. اسپتال جو
مهيني ۾ هڪ دفعو سرڪاري عملدار دورو ڪندا آهن.
زيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري حيدرآباد |