سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد1 ۽2)

باب:

صفحو:13 

اهي ڪراچي ۽ حيدرآباد کانسواءِ اڃا هر هنڌ هلن پيون انهن جا ڦيٿا نهريون ٿالهيون هوندا آهن جن ۾ ٽائر نه هوندا آهن. انهن جي ٺهڻ ۾ لوهه ڪتب نه ايندو آهي. اهي ڪاٺ جي گهڙيل ٺڪرن جا ٺهيل هوندا آهن جن کي هڪٻئي ۾ سار ۽ چوڙون ڪڍي ويهاريو ويندو آهي ۽ اهي جيڪڏهن کُلي به وڃن ته به انهن کي ڪنهن پٿر سان ٺوڪي سگهبو آهي. انهن کي سکر ۽ شڪارپور ۾ پنهنجي اصلي معصوميت سان ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن جو آواز ٻڌي سگهجي ٿو. انهن گاڏين جي ڦيٿن جا لڳاتار چيڪاٽ ۽ انهن چيڪاٽن جو گاڏي جي هلڻ ۽ اڳتي وڌڻ سان لازمي تعلق مان انهي سوچ کي هٿي ملي ٿي ته اهي چيڪاٽ به اها گاڏي ايجاد ڪندڙ جي رٿا جو حصو هوندا. انهن چيڪاٽن جي بند ٿيڻ سان ننڊ  جا جهوٽا کائيندڙ ڊرائيور کي بنا دير خبر پئجي ويندي آهي ته سندس ڍڳا بيهي رهيا آهن.

زراعت کاتي جي ترقي

ڊائريڪٽر ائگريڪلچر سن 1953ع ۾ سنڌ ائگريڪلچر ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ ڄاڻ ڏيندي سن 1907ع ۾ گزيٽيئر ڇپجڻ کان پوءِ زراعت کاتي ۾ ٿيل تمام وڏي ترقي کان آگاهه ڪيو. زراعت کاتي وٽ هاڻي هيڊڪوارٽر اسٽاف، پروپيگنڊا اسٽاف، ريسرچ ائنڊ ايڊيوڪيشن سيڪشن ۽ ائگريڪلچرل انجنيئرنگ سيڪشن آهي. ڊائريڪٽر ائگريڪلچر کان جڏهن پڇيو ويو ته هو ڦٽي، ڪڻڪ، ڪمند، تيلي ٻجن، دالين، مال جي گاهه ۽ سائي ڀاڻ وارن فصلن جي بهتري بابت پنهنجي کاتي جي خاص ڪردار تي روشني وجهندي هيٺيون ڳالهيون بيان ڪيون.

(1) ڦٽي: سن  1935ع ۾ ايف- ون جنس تيار ڪئي وئي ۽ سن 45- 1944ع ۾ ايم. فور تيار ٿي. هاڻي زمينداري زمينن ۾ ايم- هنڊريڊ جي چڪاس ٿي رهي آهي. ننڍي ريشي واري جنس ۾ 27- اين- ڊبليو تي ڪم ٿي رهيو آهي.

(2) ڪڻڪ: غير بيراجي علائقن لاءِ اي. ٽي 38 فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پنجاب جي جنسن سي. 591 ۽ سي. 518 کي سنڌ جي موسم مطابق ڪيو پيو وڃي جيئن اهي سنڌ جي ”ڦنڊي“ نسل جي جاءِ والاري سگهن. هاڻي ايڇ. 68 تي زمينداري زمينن تي تجرباتي رهيا آهن.

(3) ڪمند: سنڌ جي ڪمند جي جنس سي.او. 312 جي جاءِ تي سي. او 42 ۽ سي. او 213 اچي رهيون آهن. انهن جنسن کي وڌائڻ جي ڪا سهولت موجود نه  آهي.

(4) تيلي ٻج ۽ داليون: تيلي ٻجن ۽ دالين تي ڪوبه ڪم نه پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته انهن فصلن لاءِ ڪو اسٽاف مقرر ٿيل نه آهي.

(5) مال جي گاهه ۽ سائي ڀاڻ جا فصل: انهيءَ ڪم لاءِ ڪو اسٽاف مقرر ٿيل نه آهي. عام هلي چلي مطابق خريف ۾ گوار ۽ سڻي ۽ ربيع ۾ برسيم کي سائي ڀاڻ جي فصلن طور ڪم آڻڻ جي طريقن تي ڪم ڪيو ويو آهي.

جيستائين ڦٽي ۽ غذائي فصلن جي بهتر بڻايل جنسن جي وڌيڪ پيداوار جو تعلق آهي ته اها ڳالهه مڃيل آهي ته اهي جنسون اڳ ۾ موجود جنسن کان 15 کان 20 سيڪڙو وڌيڪ پيداوار ڏين ٿيون. نئين جنس جي پرک جي فقط پيداوار ئي هڪ ڪسوٽي نه آهي. بيمارين جي خلاف مزاحمت، جلدي پچڻ ۽ مارڪيٽ ۾ قيمت کي به اهم عنصرن طور نظر ۾ رکيو وڃڻ گهرجي. نيون جنسون مٿين خصوصيتن جي لحاظ کان بهتر آهن.

سن 1955ع ۾ سنڌ حڪومت پاران ڇپيل سرڪاري ڪتابڙي ۾ سڪرنڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ بابت چيل آهي ته اتي ريسرچ جو ڪم ڪيميڪل سيڪشن، ائگريڪلچرل سيڪشن، مائيڪو لاجيل (Mycological) سيڪشن، باٽنيڪل سيڪشن،  اينٽا مالا جيڪل سيڪشن ۽ هارٽيڪلچرل سيڪشن ۾ ورهايل آهي. مختلف سيڪشن جدا جدا سيڪشن هيڊ جي ماتحتي ۾ هوندا آهن. ان جي معاونت لاءِ زراعت ۾ گريجوئيٽ ريسرچ اسسٽنٽ هوندا آهن. ريسرچ جا مکيه ادارا هي آهن.

(1) ميرپور خاص ۾ گورنمينٽ فروٽ فارم: اتي ميون جا باغ رکڻ ۽ انهن جي سنڀال جا بهترين طريقا ڳولهڻ لاءِ تجرباتي ڪم هلي رهيو آهي. انهي سان گڏو گڏ سنڌ جي حالتن مطابق باغن لاءِ متبادل موسمون ڳولهڻ، ميون ۽ ڀاڄين جي فصلن لاءِ آبپاشي ضرورتن جو اڀياس ڪرڻ، انهن جي پوکي سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ ۽ ميون جي وڻن جي ڀاڻ ۽  سار سنڀال بابت ڪم ٿي رهيو آهي.

(2) رائيس ريسرچ اسٽيشن ڏوڪري: اتي تحقيق جي مکيه اسمن ۾ عام ڀلائي جو ڪم ۽ زرعي ڪم ڪار اچي وڃن ٿا.

(3) ڪاٽن ريسرچ اسٽيشن ميرپورخاص:  سنڌ ۾ ڦٽي قبل تاريخي دور کان پوکي پئي وڃي جنهن جو سلسلو موئن جي دڙي جي تهذيب سان وڃي ملي ٿو.

سنڌ جي مقامي ڦٽي ديسي جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي جيڪا Harlerum Var neglectum جي نوع سان تعلق رکي ٿي پرهاڻي انهي جي جاءِ تي چڱي حد تائين آمريڪي جنس C. Hirsutum اچي وئي آهي. ڦٽي جون ديسي توڙي آمريڪي جنسون هٿراڌو آبپاشي نظام تي پوکيون وڃن ٿيون.

کاتي طرفان جيڪي بهتر بڻايل جنسون آبادگارن ۾ تقسيم ڪيون ويون آهن انهن ۾ ديسي ۾ 27 ڊبليو. اين ۽ آمريڪي ۾ ايم. فور اچي  وڃن ٿيون. آمريڪي ڦٽي ۾ جيتري به ايراضي پوک هيٺ آهي لڳ ڀڳ انهي سموري تي ايم فور جنس ئي آهي. علائقي ۾ مجموعي طور ڦٽي جي بهتر نموني واڌ ويجهه لاءِ پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽيءَ طرفان هيٺيون پنج رٿائون جوڙي انهن جي منظوري ڏني وئي آهي.

(1) سنڌ ۾ ڊگهي تاندوري واري آمريڪي ڦُٽي جي پيداوار.

(2) هيٺاهين سنڌ جي بيراجي ايراضي ۾ مصري ڦٽي جي افزائش.

(3) سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي آمريڪي ڦٽي جي مضبوطي.

(4) ڪپهه جي مختلف قسمن جي موجوده دور ۾ ڦٽندڙ ٻوٽن جو نباتات گهر قائم ڪرڻ.

(5) ڀاڻ جي ذريعي في يونٽ ڪپهه جي وڌيڪ پيداوار.

ميرپورخاص جي ڪاٽن ريسرچ اسٽيشن ۾ پيوندڪاري جي ذريعي آمريڪي ڦٽي جي هڪ  وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ۽ اعليٰ قسم جي جنس تيار ڪئي وئي آهي جنهن جو نمبر ايم. هنڊريڊ آهي. انهيءَ زمينداري زمينن تي به سٺا نتيجا ڏنا آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ روشن دماغ زميندار مير احمد خان جنهن ايم. هنڊريڊ ۽ ايم فور (تجارتي نالو اين. ٽي. سنڌ) گڏو گڏ پوکيون تنهن رپورٽ ڏني ته ايم. هنڊ ريڊ في ايڪڙ تي 17 مڻ جڏهن ته ايم فور 13 مڻ ڦٽي ڏني. انهي جنس جو تاندورو به 16/11 جو ۽ اسپننگ ويليو 60/ 40 اٿس. انهي جي ڀيٽ ۾ ايم فور جو تاندورو 16/ 15 ۽ اسپننگ ويليو 34 اٿس. هي جنس هاڻي مختلف علائقن ۾ آزمائشي طور پوکجي رهي آهي.

سرراجر ٿامس جي ٻوٽا پوکڻ ۽ ٻوٽن جي پيوند ڪاري بابت ڏنل راين مان زراعت کاتي جي موجوده دور جي ڪمن ڪارين تي روشني پوي ٿي.

”هن وقت پنهنجي مٿي ڦٽي جي پيوندڪاري جو ڪم سڪرنڊ ۽ ڏوڪري وارين ريسرچ اسٽيشنن ۽ ميرپور خاص واري لانگ اسٽيپل ڪاٽن بريڊنگ اسٽيشن ۾ ٿي رهيو آهي. سنڌ جي موجوده حالتن کي مدنظر رکندي چئي سگهجي ٿو ته جيئن ته آمريڪي ڦٽي جي تاندوري جي ڊيگهه هڪ انچ کان گهٽ آهي تنهنڪري ويجهي مستقبل ۾ انهن جي جاءِ تي اهڙيون جنسون اچي وينديون جن جي تاندوري جي ڊيگهه هڪ انچ کان وڌيڪ هوندي ۽ انهن ۾ ٻيون گهربل خصوصيتون پڻ هونديون. تنهنڪري ڦٽي جي جنسن ۾ بهتري ۾ مصروف پيوند ڪارن ۾ وڌيڪ اشتراڪ عمل جي ضرورت آهي. ڦٽيءَ جي آمريڪي قسمن جي پيوند ڪاري جو مکيه ڪم ميرپور خاص ۾ جاري رهڻ گهرجي. جڏهن ته سڪرنڊ ۽ ڏوڪري ۾ ڪم ميرپور خاص ۾ تيار ٿيل بهتر جنسن جي ٻنيءَ ۾ چڪاس تائين محدود هئڻ گهرجي. انهي سان سڪرنڊ ۽ ڏوڪري ۾ پيوندڪاري جو ڪم ڪندڙ ڦٽي کانسواءِ ٻين فصلن جي پيوند ڪاري جي لاءِ پنهنجو وقت صرف ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا.

مقصد اهو هئڻ گهرجي ته جلدي پچندڙ ۽ رتي جي خلاف مزاحمت رکندڙ جنسون تيار ڪيون وڃن. سڪرنڊ ۾ تيار ٿيل تمام بهتر جنسون سڀني ضلعي ۽ تعلقي فارمن تي آزمائشي طور پوکيون وڃن جڏهن ته هاڻي فقط 8- اي؛ سي 591؛ سي 518، پي- 125 ۽ پي 228 جهڙيون تجارتي جنسون پوکيون وڃن ٿيون. تجربا هلندي سڀني جنسن جي آزمائشن ۾ هر فارم تي پوکائي جون آڳاٽيون، وچوليون ۽ تمام پاڇاٽيون تاريخون مدنظر رکيون وڃن. پلاٽن جي ايراضي شمارياتي تجزيي ۽ ڪم ڪار جي سهوليت مطابق گهٽ کان گهٽ رکي وڃي. خاص ڌيان هر جنس جي پوکائي جو بهترين وقت ڳولهڻ تي ڏنو وڃي. انهي ۾ اها ڳالهه مد نظر هجي ته جيئن ربيع ۾ پوکي جو مقدار وڌي سگهي. جيستائين موجوده جنسن جو تعلق آهي ته اهو اهم مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ٽن ورهين جو عرصو ڪافي هئڻ گهرجي. ضلعي فارمن تي آزمائشن ۾ پنجاب ۾ ۽ نئين دهلي ۾ امپيريئل بوٽانسٽ پاران تيار ڪيل واڌو نيون جنسون شامل ڪيون وڃن. هي ڪم زرعي ڪاليج ۾ ڪلاس ون بوٽانسٽ جي حوالي ڪيو وڃي، انهي سان گڏ هر ضلعي فارم تي دائمي پاڻي مهيا ڪندي ڪلاس ٽو پلانٽ بريڊر ڪم ڪري.

”مٿاهين سنڌ جي حالتن  سان مطابقت رکندڙ سارين جي بهتر جنسن جي پيوندڪاري ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. هيٺاهين سنڌ ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ رائيس ڪينالن تي انهيءَ ڪم کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪراچي ضلعي ۾ تازو کليل شورڪي رائيس فارم ۾ سارين جي نين جنسن تيار ڪرڻ جي ڪم لاءِ جلد سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن. سارين جي وڌيڪ پاڻي گهرندڙ ۽ لوڻ خلاف مزاحمت رکندڙ جنسن لاءِ جدا جدا انتظام ضروري هوندو، سارين جا اهي ٻئي قسم هن علائقي جون مخصوص خاصيتون اهن. اهو ڪم ڏوڪري ۾ مقرر ڪلاس ون بوٽانسٽ جي حوالي ڪرڻ گهرجي. ان جي معاونت لاءِ هر ڊسٽرڪٽ رائيس فارم تي هڪ ڪلاس ٽو پلانٽ بريڊر هئڻ گهرجي.

ميرپورخاص فروٽ فارم کي تازو ئي 60 ايڪڙن کان 124 ايڪڙن تي وڌايو  ويو آهي. اهو نرسري ٻوٽن جو مکيه مرڪز آهي. انهي کي مارڪيٽ ۾ تازا ميوا پهچائڻ خاطر پنهنجن وڻن جو تعداد وڌائڻ نه گهرجي. پر ڪجهه قلم ۽ ٻوٽا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه جنسن جي وڌيڪ وڻن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. ٻج ٻوٽا ۽ قلم ورهائڻ وقت سرڪاري فارمن ۽ پي. ڊبليو. ڊي. جي بنگلن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. پر ميويدار وڻ ورهائڻ وقت مختلف جنسن جو انگ گهٽائي انهن چونڊ جنسن تي ڪم ۾ شدت آڻڻ گهرجي جن پنهنجي برتري ثابت ڪئي هجي.

چوپايو مال: سنڌ جو علائقو اڃا تائين ڳوٺاڻي قسم جو آهي. جيتوڻيڪ هاڻي انهي پيماني تي نه آهي جيترو ڪنهن وقت هو. سن 1945ع ۾ چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي وئي هئي ۽ انهي جا نتيجا هيٺئين جدول ۾ ڏيکاريا ويا آهن.

مينهون ڍڳيون

143، 61، 26

گهوڙا

789، 05، 1

ڪڪڙيون

803740

رڍون

638101

ٻڪريون

1414167

اٺ

105469

گڏهه

125698

سن 1957ع ۾ ڏنل سرڪاري انگن اکرن مطابق انساني آدمشماري جي هرهڪ هزار تي 60 مينهون ڍڳيون سوئا، 56 وهڪيل ۽ 14 اڻ وياميل آهن. اهي انگ اکر سن 1907 واري گزيٽيئر سان بلڪل مطابقت نه ٿا ڏيکارين جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته يا ته 1907ع وارن انگن اکرن ۾ تمام گهڻو وڌاء هو يا ته گذريل پنجاهه ورهين دوران کير جي صنعت جي صورتحال ۾ تمام وڏي تبديلي آئي آهي. يا ته وري کير جي واهپي بابت ماڻهن جي عادتن ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي.

هاڻي اهو چئي نه سگهبو ته انهن مان ڪهڙو بيان صحيح آهي. سن 1957ع ۾ هر ڪاهيندڙ جانورن لاءِ سرڪاري طور ڏنل انگ 044، 587 هو جيڪو 1907ع واري گزيٽيئر ۾ ڏنل 933، 538 جي انگ سان ٺهڪي اچي ٿو. هاڻي اها خبر نه آهي ته هر ڪاهيندڙ جانورن جي جاءِ تي هر جا مڪينيڪل طريقا ڪيتري تناسب سان اچي رهيا آهن. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ ٽريڪٽرن جو تعداد وڌي رهيو آهي ۽ انهي سان گهٽ ۾ گهٽ جيستائين وڏن زميندارن جو تعلق آهي ته اهي جيڪي هر ڪاهيندڙ ڍور رکيون ويٺا آهن انهن جو تعداد گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.

اُٺ: سنڌ ۾ باربرداري ۽ اچ وڃ جو سڀ کان فطري ذريعو هاڻي به ۽ اصل کان اٺ رهيو آهي ۽ انهي ڳالهه جو ثبوت موجود آهي ته ٻارهن صديون اڳ به اٺ پالڻ ۽ اٺن جو نسل وڌائڻ آبادي جي هڪ وڏي حصي جو ڌنڌو هوندو هو. جڏهن ته خاص طور حيدرآباد، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ اڄ به ماڻهن جو اهو ئي ڌنڌو آهي. انهي ۾ چونڊ تي به ڪجهه ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ڪجهه اهم نسل ٻين کان جدا سڃاڻپ رکن ٿا. سواري جي اٺن (مهري) طور ڍاٽي يا ٿري اٺن کان ڀلو ڪنهن به اٺ کي نه ٿو سمجهيو وڃي. اهي بيڪانير جي اٺن جهڙا ٿيندا آهن جيڪي هندوستان ۾ سڀ کان سٺا هوندا آهن. اهي قد جا وڏا ۽ رنگ جا هلڪا ٿيندا آهن. انهن جي کل نرم ٿيندي آهي ۽ هلڻ وقت پنهنجو مٿو مٿي ڪري وڏي شان سان هلندا آهن. انهن جي وک وڏي هوندي آهي ۽ هلندي هيٺ مٿي حرڪت به گهٽ ڪندا آهن. پر اهي جنهن وارياسي علائقي جا رهواسي هوندا آهن انهي کان ٻاهر جالي نه سگهندا آهن. مڪران جي سواري جي اٺ کي ڪجهه ماڻهو ڍاٽي اٺ کان به سٺو سمجهندا آهن. اهو ننڍو، وڏي اُن سان ۽ ڳوڙهي رنگ جو هوندو آهي. هلڻ وقت مُنڍي هيٺ ڪندو آهي پر تيز رفتاري سان هلندو آهي البت انهي جي وک ڍاٽي اٺ جي برابر نه هوندي آهي. اهو سخت جان ۽ جفا ڪش هوندو آهي ۽ جابلو علائقن ۾ ٻئي ڪنهن به اٺ کان سٺو هلندو آهي پر انهي جي طبيعت ڏاڍي خوفناڪ هوندي آهي. لاڏو اٺن ۾ سڀ کان مضبوط حيدرآباد ضلعي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي اتر جا هوندا آهن. جڏهن ته سانگهڙ تعلقي جي اُٺن جي وڏي هاڪ آهي. اٺن بابت عام مفروضو اهو آهي ته اهي فطري طور پاڻيءَ کان پري ڀڄندا آهن ۽ گهميل آبهوا وارن علائقن ۾ وڌي ويجهي نه سگهندا آهن پر درياءَ جي ڊيلٽائي علائقن ۾ اهڙا سوين اُٺ موجود آهن جن جو گذران ئي تمر جي پنن تي ٿيندو آهي اهي گپ ۾ پيا هلندا آهن ۽ کارين ۾ پيا ترندا آهن. انهن سامونڊي ڪناري وارن اٺن کي هڪ ڌار نسل سمجهيو ويندو آهي. اٺن جي قيمت انهن جي خاصيتن ۽ عمر جي لحاظ کان گهٽ وڌ هوندي آهي. ٻين سڀني شين وانگر اٺن جون قيمتون به هن صدي جي پهرئين ڏهاڪي کان گهڻيون وڌي ويون آهن. اڄڪلهه قيمتون سراسري طور 250 کان هڪ هزار رپين جي وچ ۾ آهن. ٿلهي ليکي چار سورپيا سراسري قيمت سمجهي سگهجي ٿي، لاڏو اٺن جي سراسري قيمت سن 1907ع واري گزيٽيئر ۾ ڏنل قيمت کان تقريباً ٽيڻي يا چئوڻي ٿي وئي آهي.

اٺ پنهنجي عمر جي ٽئين سال کان ڪم ۾ هنيا ويندا آهن ۽ ٻارنهن سالن تائين پنهنجي ڦوهه جواني ۾ هوندا آهن پر اهي انهي کانپوءِ به ڪيترن ورهين تائين ڪم ڪندا آهن ۽ چاليهن ورهين جي ڄمار تائين زنده رهي سگهن ٿا. ڏاچي پهريون دفعو چئن ورهين جي ڄمار ۾ ويا مندي آهي پيٽ جو مدو تقريباً هڪ سال هوندو اٿس ۽ اها لڳ ڀڳ هر ٻئين سال ٻئي ويا مندي آهي تان جو نويا ڏهه دفعا ويامي وٺي. انهن جي لڳ جي مند ڊسمبر کان مارچ تائين هوندي آهي تڏهن نرمست ٿي ويندو آهي ۽ ڪنهن به طرح وٺ ئي نه ڏيندو آهي. ڏاچي پنهنجي گوري کي هڪ سال تائين کير ڌارائيندي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته سٺي ڏاچي ڏينهن ۾ 12 سير کير ڏيندي آهي. جت کير عام جام ڪتب آڻيندا آهن پر جيڪڏهن ڪو غير جت نئين مان ڪم آڻيندو ته انهي لاءِ اهو قبض ڪشا جو ڪم ڪندو. اهو تِريءَ جي بيمارين لاءِ سٺي دوا سمجهيو ويندو آهي.

اٺ جي سهپ ۽ برداشت ۽ کاڌي پاڻي کانسواءِ رهي سگهڻ وغيره بابت ڪيتريون ئي متضاد ڳالهيون لکيون ويون آهن. انهن ڳالهين ۾ هڪ پاسي ته تمام گهڻو وڌاء آهي ته ٻئي پاسي وري ناواجبي ڪندي ڪي ڳالهيون گهٽ ڪري لکيون ويون آهن. هڪ عام درست بيان موجب چئي سگهجي ٿو ته ڪو لاڏو اٺ پنهنجي قد مطابق 300 کان 400  پائونڊ وزن کڻي روزانو 20 ميل سفر ڪري سگهي ٿو. ڪو سٺو مهري اٺ 6 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهي ٿو. ڪجهه گهٽ رفتار سان هڪ ڏينهن ۾ چاليهه يا پنجاهه ميل به هلي سگهي ٿو. اٺن هنگامي حالتن ۾ هڪ ڏينهن ۾ هڪ سو ميل به ڪيا آهن. پر اٺن کان خاص ڪوششون ڪرائبيون ته انهي لاءِ مناسب گاهه سان گڏو گڏ ڳڙ ۽ اٽي جي خاص غذا جي به ضرورت پوندي. جيڪڏهن ڪو اٺ هيراڪ ٿي ويو ته ڪيترا ڏينهن  پاڻي کانسواءِ به هلي ويندو. پر جيڪڏهن اٺ کان واقعي گهڻو ڪم ورتو ويو ته اهو ساڻو ٿي ڪري پوندو ۽ پوءِ شايد مري وڃي. باربرداري جي جانور طور ان جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته چند وڻن ٻوٽڻ کانسواءِ تقريباً سڀني وڻ ٻوٽن جا پن کائيندو آهي ۽ واٽ ويندي به چرندو ويندو آهي.

گهوڙا: جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ اچ وڃ جي ذريعي طور اٺ اڃا به غالب حيثيت ۾ آهي پر اها ڳالهه گهوڙن بابت نه ٿي چئي سگهجي جن جو انگ موٽر گاڏين جي وڌڻ ۽ ميٽلڊ روڊن ۾ بهتري اچڻ سان گهٽبو پيو وڃي. مقامي سنڌي گهوڙو ڊيگهه ۾ ورلي ئي 14 هٿن کان وڌندو آهي. انهي جا هڏا هلڪا هوندا آهن. چيلهه ۽ پويان گوڏا ڪمزور ۽ سڌيون پاسراٽيون هونديون اٿس. رنگ به مجموعي طور چڱو نه هوندو اٿس. اهي نقص پيڙهي پٺيان پيڙهي هڪ ئي نسل ۾ ميلاپ ڪرائڻ ۽ ڪچي عمر ۾ ئي سواري توڙي بار ڍوئڻ لاءِ ڪم آڻڻ جو نتيجو آهن. انهن خامين جي باوجود به اهو سخت جان نسل آهي ۽ تمام ٿوري کاڌ خوراڪ تي وڏا فاصلا  طي ڪري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ڪيترن ورهين کان اهڙيون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ته ڪجهه وڌيڪ سمجهه رکندڙ زميندارن کي سول وٽرنري ڊپارٽمينٽ پاران رکيل وهڙن ذريعي چونڊ نسلن سان ميڙائڻ ذريعي اعليٰ درجي جا وهٽ حاصل ڪرڻ تي آماده ڪجي پر انهي سلسلي ۾ تمام گهٽ ڪاميابي ملي آهي. زميندارن جي سوچ اها آهي ته سنڌي گهوڙي ۾ بهتري نه ٿي آڻي سگهجي يا گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو چڱو سٺو آهي. انهن ۾ هڪ اها به سوچ آهي ته عربي يا انگريز اعليٰ نسل جي گهوڙي کي وک جي جنهن انداز کي رلو چئبو آهي اهو نه ٿو سيکاري سگهجي. انهي ۾ سوار  اهڙي طرح ويٺو هوندو آهي جو سندس پيٽ ۾ پاڻي کي لوڏو ئي نه ايندو آهي. سنڌ ۾ فقط جيڪب آباد ۾ فيبروري جي مهيني ۾ هڪ هارس شو ٿيندو آهي. سال 53/ 1952ع جي سرڪاري رپورٽ ۾ جيڪب آباد هارس شو ۾ موجود گهوڙن جو تعداد ڏنل آهي. انهي انگ ۾ نشان ڏنل گهوڙيون شامل نه آهن: 160 وهٽ پالي تاتي نسل وڌائيندڙن جا ۽ 40 واپارين جا. حقيقت اها آهي ته اڄڪلهه جو جيڪب آباد هارس  شو جيتوڻيڪ هڪ رنگا رنگ منظر پيش ڪندو آهي پر هاڻي انهي ۾ انهي دور جي شان و شوڪت جا ڪي چند آثار ئي باقي رهيا آهن جڏهن گهوڙي جي برتري بابت ڪو شڪ شبهو ئي نه هوندو هو.

چوپايو مال: سنڌ جو چوپايو مال پاڪستان جي بهترين چوپائي مال مان هڪ آهي. بهترين سوئا ڍڳيون ڪراچي جي ٽيهن کان چاليهن ميلن جي نيم قطر خاص طور جابلو علائقن ۾ جتي گاهه ۽ پاڻي موجود هجي اتي ڏٺيون وڃن ٿيون. سوئا ڍڳيون جيتريون ٿي سگهن اوتريون ڪراچي جي ويجهو رکيون وينديون آهن ۽ کير ڏينهن ۾ ٻه دفعا اٺن ذريعي ڪراچي اماڻيو ويندو آهي. ڍڳين جا مالڪ breeding وارن ڍڳن جي چونڊ ڏاڍي ڌيان سان ڪندا آهن ۽ شجرن جو رڪارڊ رکندا آهن. عام رواجي کير ڏيندڙ ڍڳين جي وَهڙن کي خصي ڪري هر ۾ ڪم اچڻ لاءِ وڪرو ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي ڍڳين جو نسل ڪنهن خاص قسم يا رنگ مطابق نه وڌايو ويندو آهي پر اهي ڪانه ڪا خاص سڃاڻپ رکنديون آهن. ڍڳين ۾ ڳوڙهو ڳاڙهو ناسي رنگ عام آهي جن ۾ بعضي بعضي اکين جي آسپاس وڌيڪ ڳوڙهي رنگ جا نشان هوندا آهن. انهن جو قد وچولو، جسم ڊگهو ۽ ٽنگون ننڍيون ٿينديون آهن. انهن جو پُڇ ڊگهو ٿيندو آهي ۽ تمام سٺيون ڍڳيون پٺين ٽنگن ۽ چيلهه وٽان ڪجهه هيٺ ڍرڪيل نظر اينديون آهن، انهن جو مٿو ڳرو، ڳچي ننڍي ۽ دُهري ۽ غبعب چڱو وڌيل هوندو اٿن. ڍڳيون توڙي ڍڳا طبيعت ۾ ڏاڍا ٿڌا هوندا آهن ۽ ويندي اوپرن ماڻهن سان به سولائي سان مانوس ٿي ويندا آهن.

سنڌ جي ڊائريڪٽر آف ائگريڪلچر جي ڪنٽرول هيٺ 1938ع ۾ قائم ٿيل لائيو اسٽاڪ سيڪشن وٽرنري ڊپارٽمينٽ ۾ ضم ڪيو ويو ۽ پهرئين نومبر 1950ع کان ڊائريڪٽر آف اينيمل هسبنڊري جي ڪنٽرول هيٺ رکيو ويو. انهيءَ سيڪشن جي سرگرمين ۾ علائقي جي ڍڳين ۽ مينهن جي ٽن قسمن: ڳاڙهي سنڌي، ٿري ۽ ڀاڳناڙي ۽ ڪنڊي مينهن، جي بهتري لاءِ تحقيقي ڪم ڪرائڻ ۽ زميندارن ۽ مالدارن کي جانورن جي گاهه وارا فصل پوکڻ، ڪڪڙيون پالڻ ۽ کير مکڻ وڪرو ڪندڙن کي انهي صنعت جي بهتريءَ لاءِ صلاحون ڏيڻ شامل آهي. سن 53/ 1952ع جي اينميل هسبنڊري رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ڳاڙهي سنڌي نسل جي سڀ کان وڻندڙ قسم جو قد وچولو، رنگ تيز ۽ اوهه ويڪرو هئڻ گهرجي. اها جلدي جوان ٿي وڃي، کير سٺو ڏئي ڦِرجهلڻ جي سٺي صلاحيت هجيس ۽ پڻ بيمارين جو مقابلي ڪرڻ ۾ سخت جان هجي. ڌڻ ۾ انهن خصوصتين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بڻائتن ڍڳن جي چونڊ ڌاڍي ڌيان سان ڪئي ويندي آهي. افزائش نسل جو ڪم رپورٽ لکڻ واري سال تائين ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري (بريڊنگ ائنڊريسرچ) جي ذاتي نگهباني هيٺ هلندڙ هو. جڏهن ته حقيقت اها هئي ته فارمن جي تڏهو ڪين حالتن مطابق بهتر نتيجن جي ڪا به اميد نه هئي. البت کير جي پيداوار جي لحاظ کان حاصل ٿيل نتيجا اطمينان بخش هئا. 35 ڍڳين مان کير جو حاصل ڪيل ڪل مقدار 163، 176 پائونڊ هو.

جڏهن ته انهي کان گذريل سال 37 ڍڳين مان 148622 پائونڊ کير مليو هو. کير جي روزاني سراسري 13.4 پائونڊ ۽ گذريل سال 12 پائونڊ هئي. اهو مقدار ڦرن کي ڌارائڻ کانپوءِ جو نوٽ ڪيل هو. رپورٽ واري سال 41 ڍڳين پنهنجو کير ڏيڻ جو مڪمل عرصو پورو ڪيو ۽ ٻن ڍڳين مان کير ڏيڻ واري مڪمل عرصي 300 ڏينهن ۾ وڌ ۾ گهٽ 1742 پائونڊ کير مليو. نون وهڙين اڍائين کان سواٽن ورهين جي ڄمار جي وچ ۾ ڦر ڏنا جڏهن ته انهن وهڙين ڦرن کي ڌارائڻ کانپوءِ هر روز 24 پائونڊ کير ڏنو.

ٿري نسل: ٿري ڍڳين جو ڌڻ سڪرنڊ واري ائگريڪلچرل ريسرچ اسٽيشن تي پالنا هيٺ آهي. ٿري نسل ٻن مقصدن وارو جانور آهي. انهن جا نر باربرداري جو ڪم ڏيندا آهن. جڏهن ته ماديون کير جي سٺي پيداوار ڏينديون آهن. لائيو اسٽاڪ کاتو وٽرنري ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ ائگريڪلچرل ريسرچ اسٽيشن سڪرنڊ جي انهي بريڊنگ اسٽيشن جي رپورٽ وصول نه ٿي سگهي ۽ اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ ۾ شامل نه ٿي سگهي تنهنڪري تفصيل نه ٿا ڏئي سگهجن. البت اها ڳالهه بيان ٿي سگهي ٿي ته ڌڻ جيتوڻيڪ آهستگيءَ سان پر سٺي نموني ترقي وٺي رهيو آهي، سڪرنڊ واري انهيءَ ڌڻ مان يارنهن سٺا ٿري ڍڳا جاري ڪيا ويا ۽ پراڻي اسٽاڪ مان پوڙها ڍڳا رد ڪري سڪرنڊ واپس آندا ويا ۽ باربرداري لاءِ ڪتب آندا ويا.

ڀاڳناڙي نسل: هيءُ مٿاهين سنڌ جو نسل آهي. انهي جو اصل وطن جيڪب آباد جي اتر ۾ ناري درياء سان لڳو لڳ ڀاڳ ۽ ناڙي آهي. اهو علائقو خود جيڪب آباد تائين هليو اچي ٿو. دادو وارو گورنمينٽ آگزيلري فارم جتي ڍڳين جو اهو نسل هاڻي بيٺل آهي انهي جو نالو مٽائي ڀاڳناڙي ڪيٽل ريسرچ اسٽيشن دادو رکيو ويو ۽ هڪ ڪلاس ٽو آفيسر کي انهي جو انچارج ڪيو ويو. ڌڻ پنهنجي  ڪجهه اڻ وڻندڙ خصوصيتن جي سبب اڀياس هيٺ رهندو آيو.

انهيءَ نسل جي نمايان خصوصيتن کي برقرار رکڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهڙيون ڪوششون پڻ ڪيون ويون جو جن جانورن ۾ مٿيون اڻ وڻندڙ خصوصيتون هيون انهن  کي ختم ڪيو ويو جيئن وڌيڪ غير متوقع نتيجن کان بچي سگهجي.

هيٺ سڀ کان تازا دستياب انگ اکر ڏنل آهن جن ۾ ڳاڙهي سنڌي ڍڳي، ٿري ڍڳي، ڀاڳناڙي ڍڳي، مينهن ۽ ڪامورين ٻڪرين جي سراسري کير جي پيداوار ڏنل آهي.

نسل جو نالو

سوئا هئڻ دوران گهٽ ۾ گهٽ کير

سوئا هئڻ دوران وڌ ۾ وڌ کير

سوئا هئڻ دوران سراسري کير

روزانو وڌ ۾ وڌ کير

ڳاڙهي سنڌي ڍڳي

2000 پاڻونڊ

8000 پائونڊ

4000 پائونڊ

40 پائونڊ

ٿري ڍڳي

1500 پائونڊ

7000 پائونڊ

3500 پائونڊ

30 پائونڊ

ڀاڳناڙي ڍڳي

500 پائونڊ

4000 پائونڊ

2000 پائونڊ

20 پائونڊ

مينهن

2000 پائونڊ

8000 پائونڊ

4500 پائونڊ

40 پائونڊ

ٻڪري

(ڪاموڏ)

100 پائونڊ

800 پائونڊ

300 پائونڊ

8 پائونڊ

سوئا ڍڳي جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 150 رپين کان وڌ ۾ وڌ 1000 رپين تائين ۽ سراسري قيمت 500 رپيا آهي جڏهن ته مينهن جي وڌ ۾ وڌ قيمت 1500 رپين کان گهٽ ۾ گهٽ 300 رپين تائين ۽ هڪ مينهن جي سراسري قيمت 800 رپيا آهي.

سن 53/ 1952ع جي سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪيٽل شو منعقد ٿيڻ بابت انگ اکر هي آهن.

 

ضلعو

شو جو تعداد

ڍڳا

ڍڳيون

مينهون

ٻڪريون

جوان

ٽوٽل

انعام

يو.ايس.ايف

2

48

55

36

47

84

323

800

سکر

1

17

22

20

-

51

110

100

لاڙڪاڻو

1

23

19

36

-

53

131

100

ٿرپارڪر

1

82

170

-

-

40

382

200

نواب شاه

1

37

49

-

-

30

159

100

حيدرآباد

1

64

59

29

-

115

388

300

 

7

271

374

211

47

373

1493

1600

مينهون سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي ۽ ڊيلٽا ۾ وڏي انگ ۾ موجود آهن. اهو نسل دهلي جي نسل جهڙو آهي. انهي جي خصوصيتن ۾ ننڍا وريل سڱ، ٻين جي ڀيٽ ۾ ڊگهيون ٽنگون، ننڍو ڌڙ، جسم تي چڱا وار ۽ رنگ تقريباً سڀني مينهين جو ڪارو هوندو آهي.

بمبئي واري لسي ڊگهي جسم ۽ ڊگهن تلوار جي شڪل جهڙن سڱن واري مينهن سنڌ ۾ ناپيد آهي. پر سنڌ جون مينهون کير جون ڀليون آهن.

رڍون سنڌ ۾ هر هنڌ خاص طور تي الهندين ٽڪرين ۽ اڀرندي ريگستاني علائقي ۾ ٻڪرين سان گڏ ڏٺيون وڃن ٿيون. سنڌ جي انهن ٻنهي علائقن جي لاڏائو ريڍارن جو گذر سفر ئي تقريباً سمورو انهن جي پيداوار تي ٿيندو آهي. اهي ٻڪرين سان گڏ وقت سر ڏڌيون وينديون آهن ۽ انهن جي اُن يا ته وڪرو ڪئي ويندي آهي يا ريڍار ۽ سندس ڪٽنب اها ڪتي ان مان کٿا ۽ خرزينون وغيره ٺاهيندا آهن. ٿرپارڪر ۾ غريب لوڪ گهڻو ڪري اهڙو مقامي طرح تيار ڪيل ڪپڙو پهريندا آهن. سنڌ جي ميداني علائقن خاص طور ٿرپارڪر جي رڍ عام طور رنگ ۾ هلڪي ڀوري ۽ ڄانگهي هوندي آهي ۽ ٻنهي جنسن ۾ سڱ نه هوندا اٿن. انهن جي اُن ڊگهي، ججهي ۽ ڪئالٽي جي لحاظ کان تمام بهترين هوندي آهي. اها سنڌ جي ان جي نالي سان ملڪ کان ٻاهرپڻ موڪلي ويندي آهي. اها نارا ان (Nara wool) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ گهڻو ڪري فرانس موڪلي ويندي آهي. ٿلهي پُڇ واري رڍ جنهن کي دُنبو سڏيو ويندو آهي اها الهندن جابلو علائقن جي آهي، اها جسم ۾ مضبوط، ۽ ان جون ٽنگون ننڍيون، رنگ اڇو ۽ ٻوٿ ۽ پيرڪارا هوندا اٿس. انهن جي نرن جا ڊگها وريل سڱ ٿيندا اهن. انهي نسل جي ناماچاريءَ جو مکيه سبب انهي جو گوشت آهي.

سنڌ جا ڪنڊيدار ٻوٽا ٻڪرين لاءِ خاص طور موزون آهن. اهي هر ضلعي ۾ رڍن کان تمام جهجهي انگ ۾ آهن. انهن مان اڪثر ڊگهيون ۽ پٽ کان مٿي هونديون آهن. انهن جي جسم تي وار گهڻا هوندا آهن. انهن جا مٿا ننڍا، مخصوص نموني وريل ۽ ننڍو جسم ۽ کل جوڳا ڊگها ڪن هوندا اٿن. اها به ڏاڍي اچرج جهڙي حقيقت آهي، ته انهن جا سڱ پوري طرح واڌ ويجهه وٺڻ کانپوءِ بلڪل مار خور جهڙا لڳندا آهن. برخلاف يورپ جي ٻڪرين جي سڱن جي جيڪي سڙهه يعني جابلو ٻڪر (ibex) جهڙا هوندا آهن.

سنڌ ۾ حلال پکي تمام عام قسم جا هوندا آهن. ڪي ٽرڪيون، ڪي قاز (Geese) يا ڪڏهن ڪڏهن بد ڪن جو ڪو ولر به وڏن شهرن ۾ ڏسي سگهبو آهي. سنڌ ۾ حلال پکي تڏهن ئي واڌ ويجهه وٺندا آهن جڏهن انهن کي روايتي ڳوٺن جهڙو آزاد ماحول ڏنو وڃي. پر انهن کي جڏهن بند ماحول ۾ رکبو ته انهن تي ڪيترين ئي بيمارين جي حملن جو خطرو هوندو آهي ۽ انهن بيمارين جا نقصان به وڏا ٿيندا آهن. سنڌ جا مقامي پکي جن کي شڪار ڪري کائبو آهي اهي سخت جان هوندا آهن ۽ انهن جو گوشت به کائڻ ۾ سٺو ٿيندو آهي پر انهن جون آنا ڏيندڙ ماديون معمولي قسم جون ٿينديون آهن. مقامي حالتن مطابق حلال پکين جي اصل اهميت انهن جي گوشت بجاء انهن جي آنن جي سبب آهي. رک وارين حالتن ۾ White Leghorn ۽ Rhode Island Red به سنڌ جي شڪار جي پکين جهڙا ئي سخت جان آهن پر آنا ڏيندڙ پکين طور اهي تمام بهترين آهن. زرعي رٿائن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته هر سرڪاري فارم، وٽرنري اسپتال ۽ ڊسپينسري ۾ فائونڊيشن فلاڪ (Foundation Flocks) قائم ڪيا ويندا ۽ هر مرڪز ۾ آنا، ننڍا ٻچا ۽ وڏا پکي تيار ڪيا ويندا جيڪي عام ماڻهن کي سٺي اگهه تي ڏنا ويندا.

اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي

سنڌ ۾ فارمي جانورن جي سڀ کان نقصان ڪار بيمارين ۾ ٿڌڙي (Rinderpest) ۽ لور فلوڪ (Liver Fluke) عام آهن. انهن ٻنهي بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سمارو (Foot & mouth) وڏي پيماني تي پکڙجندي آهي پر انهي تي ضابطو نه آڻي سگهبو آهي پر ڀلين ڀاڳين اها غير زهري (non virulent) نموني ۾ پکڙبندي آهي ۽ انهي مان ٿيندڙ موت نسبتاً گهٽ هوندا آهن. ٻين وڏين بيمارين ۾ ٽي. بي. ٿڻن جي سوچ (mastities) ۽ مالٽا بخار (Contagious abortion) اچي وڃن ٿا. سن 53/ 1952 واري رپورٽ ۾ جانورن جي بيمارين بابت ڪجهه تفصيل ڏاڍا دلچسپ آهن. جيڪب آباد کانسواءِ سڀني ضلعن ۾ سمارو پکڙبو آهي. انهي جا 5257 جانورن تي حملا ٿيا جن ۾ 77 جانور مري ويا. حيدرآباد. ٺٽي. نواب شاه ۽ ميرپور خاص جي علائقن ۾ مينهن تي ٿڌڙي جا 402 حملا ٿيا جن ۾ 285 مينهون مري ويون. جيڪب آباد کانسواءِ باقي سڀني ضلعن ۾ هيمرج سيپٽيسيميا جا 679 حملا ٿيا جن ۾ 158 جانور مري ويا. ٻين وچڙندڙ ۽ متعدي مرضن جا جملي 5979 حملا ٿيا جن ۾ موت جي شرح 853 رهي. رڍن تي وچڙندڙ ۽ پيرا سائيٽي مرضن جا جملي 13475 حملا ٿيا جن ۾ 535 رڍون مري ويون. ٻڪرين ۾ جيتوڻيڪ اينٿراڪس، گوٽ پوڪس، پليرو نمونيا ۽ سماري جي مرضن سبب ڪجهه موت ٿيا پر سڀ کان وڌيڪ موت ٻين متعدي ۽ وچڙندڙ مرضن سبب ٿيا: جملي 7704 ٻڪرين تي اهڙا  حملا ٿيا جن ۾ 421 ٻڪريون مري ويون. اٺ بيمارين کان چڱي حد تائين محفوظ لڳن ٿا ڇو ته سن 53/ 1952ع ۾ سُرا (Surra) نالي مرض جا 90 ڪيس آيا جن ۾ 15 اٺ مري ويا ۽ مينگي (Mange) نالي مرض جا 41 ڪيس آيا جن ۾ 2 اٺ مري ويا. سنڌ ۾ حلال پکين ۾ گهڻي ڀاڱي راڻي کيت، اسپائيرو ڪائيٽو سس (Spirochaetosis) ۽ فائول پوڪس (Fowl Pox) جا مرض ٿيندا آهن ۽ حيدرآباد، نواب شاه، ٿرپارڪر، دادو ۽ ميرپور خاص ضلعن مان انهن جا ڪيس رپورٽ ٿيا. 863 متاثر پکين مان 708 مري ويا.

”سنڌ پيپل ائنڊ پراگريس“ نالي سن 1955ع جي سرڪاري ڪتابڙي ۾ اينيمل هسبنڊري جي عنوان تي چڱي توجه ڏني وئي آهي. انهيءَ ۾ هي ڳالهيون درج آهن: مالدارن سستي ڪا هلي ۽ وهمن ۽ سنسن کي ڇڏڻ ۾ گهڻو وقت ورتو آهي پر انهن وٽرنري سروسز جي اهميت محسوس ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ هاڻي اهي پنهنجا بيمار جانور وٽرنري اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ کڻي اچن ٿا ۽ وچڙندڙ مرضن جي منهن ڪڍڻ بابت به ترت آگاهي ڏين ٿا. في الوقت سڀ کان وڏي رڪاوٽ عام مالوند جي غربت ۽ بي علمي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجن جانورن جي سار سنڀال کان اکٻوٽ ڪري ٿو. هاڻي البت مالوندن ۾ وڏي سجاڳي اچي وئي آهي ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن اهي ڊپارٽمنٽ مان مڪمل فائدو وٺڻ لڳندا. سرڪار کي اميد آهي ته جيئن ئي انهي ڪم لاءِ ضروري عملو مهيا ٿي ويندو ته گهٽ درجي وارن ڍڳن کي خصي ڪرڻ جو ڪم به وڏي پيماني تي ڪيو ويندو.

اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ پاران 53/ 1952ع ۾ ٿيندڙ ڪم هيٺئين جدول ۾ ڏيکاريل آهي.

وٽرنري اسپتال ۽ ڊسپينسريون 53/ 1952ع.                        

داخل جانور جن جو علاج ڪيو ويو.

1003

علاج ڪرائي ٻاهران ئي ويندڙ جانور

52147

جيڪي جانور ڊسپينرين ۾ نه آندا ويا فقط دوائون ڏنيون ويون

25521

ڊسپينسرين ۾ خصي ڪيل جانور

9198

گشت دوران خصي ڪيل جانور

3113

گشت دوران غيرمتعدي مرضن ۾ ورتل جانورن جو علاج

41721

گشت دوران متعدي مرضن ۾ ورتل جانورن جو علاج

7828

وٽرنري ڊسپينسرين ۾ جفتي ڪرايل ڍڳيون

1203

وٽرنري ڊسپينسرين ۾ ميڙايل گهوڙيون

118

ٿڌري جي بچاءَ جا ٽڪا

11688

هيمرجڪ سيپٽيسيما جي بچاء جا ٽڪا

11261

اينٿرا ڪس جي بچاء جا ٽڪا

1508

راڻي کيت کان بچاء جا ٽڪا

4954

سرڪار جانورن کي پليرو نمونيا ۽ ٿڌڙي ۽ ٻين وچڙندڙ مرضن کان بچائڻ لاءِ بهترين سهوليتن واري گشتي ڊسپنسري هلائي ٿي ۽ تمام ڏورانهن علائقن ۾ به وٽرنري امداد اڳي کان وڌيڪ بروقت ۽ جلد جلد پهچائي وڃي ٿي.

سرڪار جي گرانٽ سان هلندڙ ڊسپينسريون                   27

سرڪار جون هڪ هنڌ کليل ۽ گشتي ڊسپينسريون           13

ڳاڙهي سنڌي ڍڳي جي جسامت ۽ هڏ ڪاٺ ۾ واڌ ويجهه توڙي کير جي پيداوار ۾ اضافو اطمينان بخش رهيو. سراسري طور 37 سوئا ڍڳين مان روزانو کير جي پيداوار 433 پائونڊ رهي. ڦر کي ڌارائڻ کانپوءِ روزاني کير جي پيداوار 12 پائونڊ رهي. تقريباً 169 ڍڳا ۽ ٻيانر ضلعن کي ڏنا ويا آهن جيئن اتي موجود نسل ۾ بهتري اچي سگهي. انهن نرن پاران جملي 7945 لڳ ڪيا ويا. انهن ۾ جيڪڏهن 4000 لڳ يا مٿي بيان ڪيل لڳن جو  % 50 جمع ڪيو وڃي ته جملي ڪيل لڳن جو انگ 11900 بيهي ٿو. حڪومت پاران اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ لاءِ نيون ترقياتي رٿائون منظور ڪيون ويون آهن انهن رٿائن ۾ خاص طور سنڌ ۾ گهريلو جانورن ۾ لور فلوڪ (Liver Fluke) ۽ ٻين پيراسائٽي مرضن ٿيڻ ۽ انهن تي ضابطي جون رٿائون ۽ هڪ رٿا طبي امداد ڏيڻ لاءِ گشتي ڊسپينسريون هلائڻ جي پڻ منظور ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ 31- مارچ 1954ع تائين وٽرنري ڊسپينسرين ۾ لڳ لاءِ بيهاريل ڍڳن ۽ گهوڙن جو تعداد 31 هو. سن 53/ 1952 دوران جفتي ڪرايل ڍڳين جو جملي انگ 1203 هو. حڪومت جو ٽارگيٽ اهو آهي ته جيڪب آباد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 67 ڍڳيون ۽ مينهون رکيون وڃن ۽ هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ لڳ لاءِ گهوڙا بيهاريا وڃن. رڍن جو نسل وڌائڻ بابت هڪ اهم رٿا پڻ زير غور آهي. انهي رٿا جو مقصد اهو آهي ته مقامي رڍن جي نسل ۾ بهتري آڻي انهن کي دنيا جي بهترين ان واري رڍن جي نسل جهڙوڪ ميرينو (Merino) سان ڪراس بريڊنگ لاءِ تيار ڪجي. رڍن جو اهو قسم هن علائقي جي موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو، آزادي سان وڌي ويجهي سگهي ٿو، ڪن پک تي گذارو ڪري سگهي ٿو ۽ پڻ مقامي نسلن کان بهتر نسل پيدا ڪري سگهي ٿو.

سول وٽرنري ڊپارٽمينٽ جو ڪم

هيٺئين جدول ۾ سال 5/ 1950ع دوران سول وٽرنري ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي ڏيکاريل آهي. سن 1907ع کانپوءِ سول وٽرنري ڊپارٽمينٽ ۾ نمايان ترقي ٿي آهي.

 

علائقو

وٽرنري ادارن جو تعداد

نوڪري ۾ رکيل وٽرنري اسسٽنٽ سرجن

 

سال دوران اسپتالن ۾ بيهاري علاج ڪيل جانورن جو تعداد

ڍڳيون

گهوڙا

ٻيا

جملي

سنڌ

40

44

367

420

216

1003

جملي

40

44

367

420

216

1003

1951ع جو ٽوٽل

40

44

230

380

181

791

1950ع جو ٽوٽل

40

44

287

420

222

929

سن 13/ 1912ع ۾ نئين سر تنظيم جي رٿا تيار ڪئي وئي. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ وٽرنري  اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جو جملي انگ 8 هو. سن 1922ع ۾ بلوچستان جو وٽرنري کاتو سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ تڏهن وٽرنري اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جو انگ وڌي 16 ٿي ويو هو. سنڌ کي پهرئين اپريل 1936ع تي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪيو ويو ۽ صوبائي خود مختياري ملڻ ۽ گورنر وارو مڪمل صوبو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي سپرنٽنڊنٽ آف سول وٽرنري ڊپارٽمينٽ کي کاتي جو سربراهه ڪري سندس عهدي جو نالو ڊائريڪٽر آف وٽرنري سروسز سنڌ ڪيو ويو. تڏهن سنڌ ۾ وٽرنري اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جو تعداد 19 هو جيڪو 1941ع ۾ وڌي 32 تي پهچي ويو. پهرئين نومبر 1950ع تي لائيو اسٽاڪ سيڪشن کي اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ تحت هلندڙ وٽرنري سيڪشن ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ڊائريڪٽر آف وٽرنري سروسز جو نالو مٽائي ڊائريڪٽر آف اينميل هسبنڊري ڪيو ويو. 23 جولاءِ 1948ع تي ڪراچي کي سنڌ کان عارضي طور ڌار ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار ملير وارو ولنگڊن ڪيٽل فارم حڪومت پاڪستان جي حوالي ڪيو ۽ انهي جو اڌ ڌڻ ميرپور خاص منتقل ڪيو. وري نومبر 1949ع کان زراعت کاتي واري سيڊ فارم کي ريڊسنڌي ڪيٽل فارم ميرپور خاص ۾ تبديل ڪيو ويو. ائگريڪلچرل ريسرچ اسٽيشن ڏوڪري ۾ بيٺل ڀاڳناڙي ڪيٽل هرڊ کي 1949ع ۾ دادو واري آگزيليئري فارم منتقل ڪيو ويو. دادو واري انهي آگزيليئري فارم کي 1950ع ۾ مڪمل با اختيار ڀاڳناڙي ڪيٽل ريسرچ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويو. سن 1939ع کان ٿري ڍڳين جو نسل وڌائڻ جو ڪم ڪنگ جارج iv انسٽيٽيوٽ آف ائگريڪلچر ۽ ائگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن سڪرنڊ ۾ جاري آهي. لائيو اسٽاڪ کي سنڌ جي اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ جي تحت هلندڙ وٽرنري ڊپارٽمينٽ ۾ ضم ڪرڻ سان چوپائي مال جو نسل وڌائڻ ۽ ريسرچ جي ڪم کي ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اينيمل هسبنڊري بريڊنگ ائنڊ ريسرچ جي ماتحت ڪيو ويو آهي جنهن جو اڳوڻو نالو لائيو اسٽاڪ آفيسر فار سنڌ هو.

وٽرنري سهوليتن جي ترقي ۽ اينيمل هسنڊري جي توسيع جي لحاظ کان خيرپور سنڌ کان پٺتي رهيو آهي. شروعات ۾ خيرپور ۾ فقط هڪ سينٽرل وٽرنري اسپتال هوندي هئي. سال 1937ع کان ڪجهه وقت اڳ گمبٽ ۾ هڪ ٻي وٽرنري ڊسپينسري کولي وئي پر اها بنيادي طور هڪ ڪمپائونڊر هلائيندو هو ۽ ويهه ورهيه اڳ جن جانورن جو علاج ڪيو ويو انهن جو انگ ويهن هزارن جي لڳ ڀڳ هو ۽ حفاظتي ٽڪا هنيا ئي نه ويا هئا. سن 1955ع ۾ 18، 3000 جانورن جو علاج ڪيو ويو ۽ 14256 ٽڪا هنيا ويا. آنن مان چوزا ڦوڙائڻ جو ڪم وٽرنري ڊپارٽمينٽ کي ڏنو ويو آهي جنهن کي هاڻي ڇهه هيچنگ مشينون آهن. انهن جي جملي صلاحيت هڪ وقت ۾ ست سو آنن جي آهي. في الوقت ٽي چوزن جي پالنا جا مرڪز، بجلي تي هلندڙ بروڊر، چار سرڪاري گهوڙا، ٻه لڳ لاءِ گهوڙا، هڪ سان ۽ هڪ ڍڳو موجود آهن. وٽرنري ڊپارٽمينٽ سان پولٽري ڊپارٽمينٽ ۽ ڊيري فارم جو الحاق ڪيو ويو آهي. سنڌ ائگريڪلچرل ڪميشن، اينيمل هسبنڊري جي ضرورتن کي سنجيدگيءَ سان محسوس ڪيو ۽ سرانجام ڏنل ڪم سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي تجويزون ڏنيون. هڪ تجويز اها هئي ته چوپائي مال جي افزائش جا فارم اڳي کان تمام وڏي پيماني تي کوليا وڃن ۽ اهو ته جانور شماري نسل مطابق ڪئي وڃي. ڪميشن انهي حقيقت بابت راءِ ڏيندي ته جيئن ته جديد انداز ۾ ڊيري صنعت وجود ئي نه ٿي رکي تنهنڪري اهو ضروري هو ته حڪومت ڪي اپ ٽو ڊيٽ ۽ جديد ڊيري فارم کولي جن ۾ مناسب ليباريٽريون پڻ هجن ۽ جتي ڊيري پيداوار کي پراسيس ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جا ڪم ڪيا وڃن ۽ اتان ملندڙ نتيجن مان خانگي ڪارو بارين کي پڻ فائدو ڏنو وڃي. ڪميشن اهو به لکيو ته بلاشڪ ته علائقي جا ڪجهه حصا جهڙوڪ ڪوهستان جوٽلٽي تعلقو جانورن جي واڌ ويجهه لاءِ تمام مثالي آهن پر مينهن نه وسڻ جي سبب ڪجهه سالن ۾ گاهه نه ٿو ٿئي جنهن جي نتيجي ۾ گاهه جي قلت پيدا ٿئي ٿي ۽ جانور بکن ۾ پاهه  ٿي وڃن ٿا. ڪي اهڙا بندوبست ڪرڻ گهرجن جو جن ورهين دوران جانورن جي کاڌ خوراڪ وارا فصل جهجهاٿين ته انهن کي اهڙي ڪفايت سان ڪتب آندو وڃي جيئن اهي قلت ۽ اَوَسَرِ وارن ورهين ۾ به هلي وڃن. انهي بابت هي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ دلچسپي کان خالي نه هوندي ته اينيمل هسبنڊي ڊپارٽمينٽ پاران اڳتي هلي زير عمل آڻڻ لاءِ هڪ رٿا اها پيش ڪئي وئي ته ٿر ۾ بُهه گڏ ڪري رکيو وڃي. ڪميٽي انهي ڳالهه تي به غور ڪيو ته چوپائي مال جي دولت جو وڏو حصو وبائي ۽ ٻين مرضن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. ڪميٽي لکيو ته جيتوڻيڪ اينيمل هسبنڊري ڊپارٽمينٽ پاران وڏي پيماني تي حفاظتي ٽڪا هنيا وڃن ٿا پر اهو ڪم اڃا به ناڪافي آهي. تمام وڏي پيماني تي ٽڪا هڻڻ لاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ توسيع ڪئي وڃي. ائگريڪلچرل ڪميشن هر تعلقي ۾ هڪ وٽرنري ڊسپينري هلڻ ۽ مڪمل بااختيار اينيمل هسبنڊري ۽ وٽرنري سائنس ڪاليج هلڻ کي پسنديدگي جي نظر سان ڏسندي. انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ائگريڪلچرل ڪميشن جي سفارشن کي وقت اچڻ تي لاڳو ڪيو ويندو.

سنڌو ماٿري ۾ ڏڪار جو ڪنهن نالو ئي نه ٻڌو آهي ڇو ته انهي ۾ پوکي راهي جو دارو مدار مينهن تي نه آهي پر ٿرپارڪر جي ٿر واري حصي کي انهي جو بير حماڻو تجربو ٿيل آهي. سن 69/ 1868ع ۽ وري 99/ 1898ع ۾ شديد ڏڪار پيو هو. پهرئين ڏڪار ۾ ماڻهو پنهنجو سمورو پئسو ڏوڪڙ ۽ تقريباً سمورو الهه تلهه کپائڻ کانپوءِ پنهنجو چوپايو مال بچائي ويا هئا جو اهو انهن جي گذر سفر جو واحد ذريعو هو. انهن  پنهنجا ڌڻ الهندي طرف نارا ڏانهن موڪلي ڇڏيا هئا. پر ڍور ايترا ته ڏٻراٿي ويا هئا جو سفر جي ڏکيائين ۽ ماحول جي تبديلين کي منهن نه ڏئي سگهيا ۽ انهن مان گهڻا مري ويا. سن 99/ 1898ع واري ڏڪار ۾ ڊپٽي ڪمشنر رپورٽ ڏني ته ڍورن جو 95 سيڪڙو مري ويو هو ۽ باقي بچيلن کي به نارايا بڙودا ۽ ٻين سرحدي علائقن ڏانهن موڪلي موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچايو ويو. ٿر تقريباً خالي ٿي ويو ۽ ۽ اتان جا رهواسي آخري پناهه گاهه طور نارا ويلي ڊويزن ڏانهن ويا هليا ته اتي بيشمار مارواڙين ۾ گڏجي سڏجي ويا جن جي پڻ ساڳئي حالت هئي. اهي پنهنجي انهي ڌتڙيل حالت ۾ بخار، پيچش ۽ نمونيا جو شڪار ٿيندا ويا ۽ مئي 1900ع ۾ ڪالراجي وبا پکڙي ته انهي کان به بچي نه سگهيا.

محنت ڪش طبقي کي مزدوري حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نه ٿيندي هئي پر معزز زميندار ۽ مالوند جيڪي مزدورن وانگر ڪم نه ٿي ڪري سگهيا انهن کي وياج کان سواءِ ننڍا قرض ڏئي مصيبت ۽ بيعزتيءَ کان بچايو ويو.

جيئن سرراجرٿامس لکيو آهي ته ٿر جي ڏکڻ اڀرندي علائقي ۾ هر سال جڏهن مون سون جا سڻاوا مينهن پوندا آهن ته وڏن ٽُڪرن تي جوئر ۽ داليون پوکيون وينديون آهن. انهي ٽڪري ۾ به بعضي بعضي شديد ڏڪار ايندا آهن پر اهو ٽڪرو سخت جان ماڻهن ۽ سخت جان ٿرپارڪر جي ڍڳين جو وطن آهي. اهي ٻئي تڏهن اسرندا آهن جڏهن گاهه ڦٽندا آهن. حقيقت اها آهي ته جڏهن به ٻن لاڳتين مندن ۾ مينهن نه پوي ته اُتي ڏڪاري حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون ڇو ته اها صورتحال ماضي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿي چڪي آهي پر جنهن قسم جو ڏڪار 1869ع ۽ 1899ع آيو اهڙي پيماني جو ڏڪار وري اچڻ جو امڪان گهٽ آهي ڇو ته جنگ وارن ورهين دوران جيڪا تنظيم ڪاري ڪئي وئي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ وارن ورهين دوران جيڪي سبق سکيا ويا آهن انهن کي ڪم ۾ آندو ويو آهي. اهڙي وقت جڏهن فصل قلت ۾ هئا تڏهن سرڪار غذائي جنسن جي دستيابي يقيني بنائڻ لاءِ اُپاء ورتا هئا ۽ جن علائقن ۾ قلت محسوس ڪئي وئي انهن ۾ اناج جي ورهاست جو هڪ منظم سرشتو لاڳو ڪيو ويو هو. تنهنڪري انهي ڳالهه جو ڪو امڪان ڪونهي ته اهڙي انتظامي طور حاصل ڪيل تجربي مان سبق نه سکيو ويندو ۽ ڀلي جيڪڏهن ٿر ۾ آئيندي به ٻه لاڳيتيون مندون مينهن نه پيا ته به انهي ڳالهه جو امڪان ڪونهي ته ماڻهن کي اهڙي مصيبت ڀوڳڻي پوندي جهڙي انهن جي ابن ڏاڏن سٺ يا نوي ورهيه اڳ ڀوڳي هئي. جنگ جي ورهين دوران جهڙي نموني غذائي جنسن جي راشن بندي ڪئي وئي انهي سرڪار کي ڏڪار جي آفت جو خاتمو ڪرڻ جو طريقو سيکاريو آهي جيتوڻيڪ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته غير سازگار مندن ۾ قلت جي دشوارين کي مڪمل طور ختم نه ٿو ڪري سگهجي. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ سٺن ورهين دوران گاهه کي محفوظ ڪرڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ جون رٿائون جوڙيون ويون ته انهن ڍورن ڍڳن ۾ تمام وڏي پيماني تي موت پوڻ جو خوف گهٽجي ويندو جن تي ٿري ماڻهن جو پنهنجي گذران لاءِ تمام گهڻو دارو مدار هوندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org