سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :7

پندرهن هزارن جي تعداد ۾ هارين مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي ويٺا. هن هاري مظاهري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي سياسي قوت اهميت ۽ اتحاد جو شاندار مثال پيش ڪيو. ڪيترن هاري ورڪرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو. هارين پاران اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس جو گهيراءُ ختم ڪرڻ لاءِ پهريان ته حڪومت پوليس ۽ فوج کي وڏي تعداد ۾ گهرايو هيو پر پوءِ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد ان وقت جي وزير اعلى مسٽر يوسف هارون ملاقات ڪرڻ لاءِ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪجهه اڳواڻن کي اسيمبلي ۾ گهرايو. مذڪرات ٿيا ۽ آخر اسيمبلي 3 اپريل 1950ع تي ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ بحيثيت قانون پاس ڪيو. اها صرف ۽ صرف حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪرشمه ساز شخصيت ۽ ولوله انگيز قيادت جي ڪاميابي هئي. شاعري ۽ ادب جي خدمت جي جذبي هيٺ پاڻ نوڪري تان استعفيٰڏنائين، پر انگريز ڪليڪٽر مئڪملن حيدر بخش ۽ سندس والد کي گهرائي هيڊ منشيءَ جي عهدي تان استعيفى واپس وٺرائي، هن شاعري اسڪول جي زماني ۾ امام حسين جي شهادت بابت مرثيه پڙهي شروع ڪئي.

حيدر بخش جتوئي صحافت ڏانهن پڻ هاري انقلاب خاطر لاڙو کاڌو، 1945ع ۾ هاري حقدار اخبار جاري ڪيائين، پوءِ سال 1946ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار ”ڪسان“ ڪڍيائين جيڪا قسمت ڇڳاڻي جي پريس مان ايڊيٽر ڪامريڊ عبدالواحد سومرو ۽ سب ايڊيٽر نبي بخش تونيه جي قيادت ۾ سال 1950ع تائين جاري رهي. پاڻ سنڌ جو ڪيس قلم، ادب، صحافت، قانون، عقل ۽ ڏاهپ سان ڳايو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کانپوءِ حيدربخش جتوئي ٻئي نمبر تي سنڌ جو عاشق هيو. جنهن پنهنجي زندگي ۾ سنڌ سان سچو عشق ڪيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي قول فعل ۽ سياسي عمل کان علاوه شاعري ذريعي پڻ ڪيو آهي. هن جي دور ۾ شاعر سڳورا عشق، محبت، محبوب جا زلف ۽ اکيون، گل چمن ۽ بلبل جون ڳالهيون، چنڊ جي چانڊوڪي ۽ چڪور جي محبت، باغ برسات، ڪوئل جي ڪوڪ، آسمان ۽ ستارن جي دنيا تائين محدود هيا. پر حيدر بخش جتوئي پنهنجي شاعري ۾ ادب ۽ انسانيت جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين کي ختم ڪري ادب کي انسان جي مظلوميت ڌرتي ۽ ملڪي يا قومي پيغام، هاريءَ جي ڏک سور، هر ۽ ڪوڏر واري مزور جي محنت ۽ ڏاٽي، اجرڪ پٽڪي، شهپر ۽ ڏاڙهي جي عظمت کي خاص محور ۽ مقصد بڻايو. شاعري ۾ لفظن کي مظلومن جي آزادي ۽ قوم جا مسئلا پيش ڪرڻ وارا لفظ وڏا ۽ جملا ڏنا، لفظن ۾ جوش تلخي ۽ قومپرستي جا موتي مالا وانگر مڻيا نظر ايندا.

ڪاليج جي زماني ۾ حيدر بخش جو نالو شاعري ۾ مشهور ٿيو. ڪاليج ۾ 1927ع ڌاري شاگردن جي هڪ جماعت نالي ”سر سوتي گروپ“ هئي اتي مشاعره ٿيندا هيا. سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پهريون ڪتاب تحفه سنڌ شايع ٿيو. جنهن ۾ شڪوه جو انساني انداز پنهنجي مالڪ سان پيش ڪيو. هن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي وارن ماڻهن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تحريڪ ايوانن ۾ ويهندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان هٽائي سندس ڪتاب ضبط ڪري ڦاسي چاڙهڻ جي فتوى پڻ شامل هئي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو ٿيو ۽ نامياري گادي نشين کان علاوه مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، نظر محمد پٺاڻ جهڙا سياستدان ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا اديب شامل هيا. سيد ميزان محمد شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي جي مسلمان ميمبرن جي وفد جي قيادت هيٺ بمبئي جي گورنر وٽ حيدر بخش جتوئي خلاف شڪايت کڻي ويا. حيدرآباد جي ڪمشنر مسٽر گبسن وٽ به دانهين ٿيا. جنهن حيدر بخش کي گهرائي سمجهايو ته اهو ڪتاب واپس وٺي پر جتوئي صاحب انگريز ڪمشنر کي صاف جواب ڏنو. جڏهن فائيل بمبئي جي گورنر وٽ پهتي تڏهن گورنر صاحب فائيل ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر ٽو گورنر بمبئي سر شاهنواز خان ڀٽو ڏانهن موڪليو. جنهن تي سر شاهنواز خان ڀٽو نوٽ لکيو ته سڄي سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي واحد قابل، لائق ۽ هوشيار مسلمان آفيسر آهي. قابليت کان علاوه ايماندار ۽ ديانتدار به آهي. اهڙي قسم جا ڪتاب اڳ پڻ شايع ٿيا آهن جن تي ڪو به قدم کنيو ناهي ويو. لحاظه هن ڪيس ۾ به خاص قسم يا قدم جي ضرورت ناهي. سر شاهنواز ڀٽو جي سفارش کانپوءِ فائيل داخل دفتر ٿيو. حيدر بخش جتوئي جي ملازمت بچي وئي. سر شاهنواز خان کان علاوه ان وقت جي اخبارن ۾ صرف مولانا دين محمد وفائي ۽ محمد هاشم ٻه اهڙا ايڊيٽر هيا جن حيدر بخش جتوئي جي خيالن جي مخالفت نه ڪئي ۽ اهو چيو ته اها ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. جيئن ته هو وطن ۽ قوم سان محبت ڪندڙ شاعر هيو تنهن ڪري سندس خاص شعرن جهڙوڪ سنڌ جو دلبر هوش محمد، پاڪستان زنده آباد، جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ته اڄ تائين هر محفل ۾ هر فنڪار جي آواز ۾ جهونگار جي پيو شاعري ۾ سندس تخلص ”حيدر“ هيو. شاعري ۾ خاص طرح تحفه سنڌ نظم آزادي قوم مخصس سال 1943ع سنڌ پياري (نظم) اي مٺي جيجل سونهاري سنڌ (ضبط ٿيل) بلوچستان زنده آباد (ضبط ٿيل) هاري انقلاب (نثر) ۾ هاري گيت (شعر) ڪمدار جا ڪارناما (نثر) سال 1952ع پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس شاعري ۾ هر هڪ شيءِ جو ذڪر هئڻ ۽ سنڌ جي هر هڪ شيءِ ساڻ عشق سبب ماڻهو هن کي چريو به سڏيندا هيا. اڄ به وڏا شاعر ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڌرتيءَ قوم ۽ ٻوليءَ بابت شاعري ڪن پيا پر حيدر بخش جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ ويهي ڌرتيءَ جا گيت ڳايا. مرڻ گهڙي تائين سنڌ ۽ سنڌي سنڌي ڪندو رهيو. هو روزانو زندگي جي وهنوار ۾ قسم به سنڌ جو کڻندو هيو. سندس شاعري ۾ جذبو پيدا ڪندڙ، جوش ڏياريندڙ ۽ غيرت جاڳائيندڙ شاهڪار شامل آهن. ماڻهن ۾ حقن جي قومي جدوجهد جي رهبر جي شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 18 آهي. جن ۾ سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (انگريزي) سال 1950ع ڊيمو ڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (انگريزي چار حصا سال 1955ع) ڊيمو ڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (انگريزي) سال 1956ع لينڊس ان سنڌ، هوشڊ اون ڊيم (انگريزي) شل سنڌي لينگويج سٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي)، انجسٽس لينڊ اسيسمينٽ ريٽس (انگريزي) ۽ ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي) سال 1957ع، ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (انگريزي) سال 1962ع، ان جسٽس ٽو سنڌ (انگريزي) ٻه حصا ليٽ اس سيو پاڪستان (انگريزي) ٻه حصا، هاير لينڊ ٽيڪسيشن (انگريزي) سال 1966ع کان علاوه رويو آف قرآن شريف شامل آهي جيڪو شايع نه ٿيو.

حيدر بخش جتوئي سنڌ جو پهريون سياستدان آهي جنهن سنڌ جي سياست کي مذهب وانگر اختيار ڪيو جنهن ڪري وقت جا وڏيرا سياستدان مٿس ٽوڪون ڪندا هيا، هي عملي انسان، تحرير ۽ تقرير جو بادشاهه، حساس ۽ سٻاجهڙو اديب شاعر، بلند ڪردار ۽ اخلاق واري شخيصت جو مالڪ، ذاتي شهرت، تعريف امارت، ٺٺ ٺانگر کان پري سياستدان، زاهدن وانگر اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ ۾ سادو انسان نه ڪاوڙ نه آڪڙ نه وڏائي، سورنهن آنا سچي ڳالهه ڪندڙ، امن انسان ۽ محبت دوست، غريبن جي گهرن ۾ خوشيون آڻيندڙ اڳواڻ لڳاتار جيلن ۾ قيد جون ازيتون برداشت ڪرڻ، تشدد سهڻ، خراب کاڌ خوراڪ ۽ مناسب صحت جو علاج نه ٿيڻ ڪري مسلسل بيمار ۽ ڪمزور رهڻ لڳو ۽ فالج سبب آخر اسپتال ۾ 21 مئي 1970ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ حوصلي سان لاڏاڻو ڪري ويو. جيئن ته هو لاڙڪاڻي مان لڏي حيدرآباد رهائش پذير ٿيو هيو. تنهنڪري سندس آخري وصيت مطابق کيس سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار جي احاطي ۾ جڳهه ڏني وئي. هن پاڻ هٿن ۾ زنجير پائي قوم کي هٿڪڙين کان آزاد ڪرايو. جيسين سنڌ سرزمين تي سنڌي قوم جو وجود آهي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو نالو ڌرتيءَ جي مرد مٿيرن ۾ هوندو. مون ناچيز کي هن عظيم شخصيت کي ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جو زندگي ۾ هڪ دفعو موقعو مليو. پاڻ جڏهن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سال 1970ع ۾ لاڙڪاڻي آيو ته ريلوي اسٽيشن تي سمورين سياسي پارٽين ۽ شاگرد تنظيمن سندس شاندار استقبال ڪيو. هو گاڏيءَ ۾ نه ويٺو ۽ جلوس جي صورت ۾ پنڌ غريبو مقام ميدان تي جلسي ۾ پهتو. مان سندس خطاب ٻڌو، اسان استاد عبدالوحيد ڪٽپر جي قيادت ۾ سندس اسقبال ڪيو. پاڻ ڪامريڊ دوست محمد ابڙو وڪيل وٽ مهمان هيا. مون گذارش ڪئي ته ڪامريڊ جيل جي تجربن بابت ڪجهه ٻڌايو. حيدر بخش چيو ته ”مون مختلف موقعن تي جيل ۾ آرام سان سنڌي انگريزي ڪتاب لکيا.تقريبن شاعري جيل ۾ ڪئي ۽ لکي اٿم. مون جيلن ۾ رهي ڪري سنڌ جو مقدمو وڙهيو آهي. جيل ۾ وڃڻ بعد يار دوست، مٽ ۽ مائٽ ته ملڻ ئي ڪو نه اچن. لڳاتار جيلن ۾ وڃڻ ڪري هي منهنجو پٽ دادن پڻ ملڻ ڪو نه ايندو هيو. هو چوندا هيا ته پاڻ بابو آزاد ٿي ايندو. مان جيل مان پنهنجا ڪيس به لڙيا آهن ڇاڪاڻ ته مان سنڌ ۽ سنڌين جو وڪيل آهيان.“ اڄ هڪ قومپرست ٽولو حيدر بخش جي ڪردار کي مٽائڻ ۾  مصروف آهي. جڏهن ته هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڌرتي دوست جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وٽ رتبو ۽ حيثيت نه پر تحريڪ ۽ نظريي ساڻ وفاداري اتم آهي. هو انهن آدرشوادي انسانن مان ڪو نه هيو جيڪي صرف سماجي براين تي تنقيد ڪندا وتن پر هو هڪ سچو سماجي انقلاب آڻيندڙ انسان هيو. ڇاڪاڻ ته جيسين سماج جا بنياد نه بدلبا تيسين شخصي نيڪي ڪنهن ڪم جي ڪونهي. پورهيت ۽ هاري جي حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ ڌرتي جي هاري کي ڏوجهرن ۽ ڏهڪاءُ کان نجات ڏياري، ڪاش اڄ جديد سهولتن ۽ شعوري دور ۾ ڪامريڊ جتوئي جو نظريو ۽ پارٽي ڪنهن ڪنڊ تان عملي جدوجهد ۾ نظر اچي ها هاري حقن جا ڏيئا ٻاري ها ته جتوئي مرحوم جي زندگي جو خواب سجايو ٿئي ها. سندن زندگي جي جدوجهد لاڀ ماڻي ها. 1970ع کان هي انقلاب جو باب ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪاش ڪو حيدر بخش جتوئي اڄ پيدا ٿئي ۽ هاري حقدار جو نعرو هڻي.

 مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، مهراڻ، هو ڏوٿي هو ڏينهن، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، اهي ڏينهن اهي شينهن، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي لائبريري ۽ سنڌ پبلڪيشن لاڙڪاڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org