ڀٽو صاحب سڀ کان پهريائين قوم ۾ موجوده مايوسي ختم
ڪري اعتماد پيدا ڪيو، تمام سياسي پارٽين سان
مذاڪرات ۽ رابطا شروع ڪيا، پاڪستان ۾ قيد بنگالين
جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي 7 جنوري 1972ع تي
آزاد ڪيو. مخالف پارٽين سان رابطن بعد پاڪستان ۾
سياسي استحڪام پيدا ٿيو. ڀٽو صاحب صدر پاڪستان جي
حيثيت ۾ 21 اپريل 1972ع تي چونڊيل بالغ رائي دهي
جي بنياد تي پهرين قومي اسيمبلي جو افتتاح ڪيو،
ڀٽو صاحب کي يڪراءِ ان جو صدر چونڊيو ويو. ڀٽو
صاحب مارشل لا هٽائي عبوري آئين ڏنو. تڏهن تمام
قومي اسيمبلي ميمبرن بحثيت سربراهه مملڪت سندس حق
۾ اعتماد جو ووٽ ڏنو، ڀٽو صاحب پنهنجي صلاحيتن کي
استعمال ڪندي پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري، اسلامي
۽ جمهوري آئين بابت مختلف نظرين وارين پارٽين کي
گڏيل فيصلو ڪرڻ خاطر هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي،
جنهن ۾ تمام سياسي پارٽين جي منتخب پارليامينٽري
اڳواڻن کي ميمبر مقرر ڪيو، آخر تمام پارٽين جي
قائدن متطفقه طور تي هڪ اسلام جمهوري ۽ صوبائي
خودمختياري سان ڀرپور آئين ٺاهيو. جنهن کي قومي
اسيمبلي منظور ڪيو. تمام اڳواڻن دستخط ڪيا ۽ 10
اپريل 1973ع تي اهو آئين قوم کي ڏنو ويو. نئين
آئين کي پارليامينٽري نظام تحت ترتيب ڏنو ويو جنهن
۾ حڪومت جو آئيني سربراهه صدر مملڪت ۽ انتظامي
سربراهه وزيراعظم هوندو. ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1973ع
تي نئين آئين مطابق وزيراعظم پاڪستان جو قسم کنيو.
بر صغير هند جي تاريخ سر شاهنواز ڀٽو صاحب سنڌ جي
تمام سياستدانن جاگيردارن پيرن کي هڪ ڪري سنڌ جي
بمبئي کان عليحدگي تحريڪ هلائي هئي، اهو سياستدانن
جو ڪنهن هڪ قائد جي قيادت ۾ ڪنهن مقصد لاءِ عظيم
اتحاد هيو، جڏهن ته وري پاڪستان جي تاريخ ۾ قوم کي
يڪراءِ آئين ڏيڻ خاطر ملڪ جي تمام اسلامي، آزاد،
سوشلسٽ پارٽين ۽ قائدن کي سندس ئي پٽ ذوالفقار علي
ڀٽو ورجائي ڏيکاريو ۽ تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪيو.
واضح رهي ته 1973ع واري آئين ۾ ٽن قسمن جي سياسي نظرين جو
ٽڪراءُ هيو. هڪ اسلامي سوچ رکندڙ جماعتون، ٻيون
صوبائي خودمختياري چاهيندڙ، ٽيون سوشلزم جي حمايت
ڪندڙ پارٽيون، هن آئين تي جماعت اسلامي سميت تمام
سياسي ۽ اسلامي پارٽين جهڙوڪ مولانا شاهه احمد
نوراني ۽ مولانا مفتي محمود، قومپرست پارٽين خان
عبدالولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ مير غوث بخش
خان بزنجو جهڙا اڳواڻ سڀني گڏجي آئين منظور ڪيو،
هن آئين ۾ ڏنل خود مختياري کي ڏهن سالن لاءِ لازم
ڪيو ويو هيو ۽ اها گنجائش رکي وئي هئي ته ڏهن سالن
بعد صوبائي خودمختياري کي ٻيهر جائزو وٺي ضرورت
مطابق واڌارو ڪيو ويندو. اهڙي طرح آئين ۾ اسلامي
نظام لاءِ به اهڙو طريقو رکيو ويو هيو. آئين کي
محفوظ رکڻ لاءِ هڪ شق به رکي وئي هئي ته جيڪو هن
آئين کي ٽوڙيندو ان جي سزا موت ٿي سگهي ٿي. هن
آئين ۾ خاص طرح سان صوبن کي حق ڏيڻ، ناڻي جي
ورهاست يا ڪنهن به اختلافي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
بين الصوبائي رابطه ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن
پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هڪ ٻئي وڏي ڪاميابي
ڀٽو صاحب جو 28 جون کان 3 جولائي 1973ع تائين ڀارت
جو دورو ۽ شملا معاهدو ڪرڻ آهي. جنهن جي روشني ۾
پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي ۽ پاڪستان فوج جا
252 سينيئر آفيسر بنا مقدمن جي آزاد ڪرڻ، ڀارت وٽ
قبضي ۾ پاڪستاني علائقن جي واپسي کان علاوه
پاڪستان ڀارت لاڳاپن جي سفارتي سطح تي بحالي،
فضائي سهولتون شروع ڪرڻ کان علاوه ڪشمير بابت
ڳالهين ذريعي حل تلاش ڪرڻ شامل هيا. پنهنجي قوم
لاءِ ڳالهين جي ٽيبل تي ويهي دليلن سان فاتح يا
دشمن ملڪ کان سفارتي فتح ماڻڻ صرف ذوالفقار علي
ڀٽو صاحب جو ئي ڪم ۽ وس هيو. هن معاهدي تي 14 آگسٽ
1972ع کان عمل شروع ٿيو ۽ 2 ڊسمبر 1973ع تائين
ڀارتي فوج پاڪستاني علائقا خالي ڪيا، جڏهن ته آگسٽ
1973ع ۾ ڀارت پاڪستان جي جنگي قيدين کي آزاد ڪيو.
ڀٽو صاحب جي دعوت تي 69 ملڪن جي پاڪستان ۾ سفيرن
کي ٽرين ذريعي راولپنڊي کان لاڙڪاڻي آندو ويو ۽ 21
جنوري 1972ع تي لاڙڪاڻي ۾ جشن وارو ماحول هيو.
لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ايڏي تعداد ۾ پرڏيهي
سفير پهريون دفعو گڏ ٿيا. ڀٽو صاحب پنهنجي دور
اقتدار ۾ هارين، مزدورن، تعليم، صحت، قانون ۽ صنعت
بابت ڪيترا سڌارا آندا.
پاڪستاني سماج اندر جاگيردارن، وڏيرن، صنعتڪارن ۽ واپارين جي هڪ
طرف هڪ هٽي هئي ته وري ٻئي طرف بيورو ڪريسي جون
پاڙون مضبوط هيون، صنعتڪار پاڻ کي ملڪ جي مقدر جو
مالڪ ته وري ڪامورو حڪومت جو مالڪ سمجهندا هيا.
غريب عوام جو ڪو به داد فرياد ڪو نه هوندو هيو،
ڀٽو صاحب 10 فيبروري 1972ع تي ليبر اصلاحات آندا،
14 مارچ 1972ع تي تعليمي اصلاحات، 24 مارچ 1972ع
تي صحت پاليسي ۽ 17 اپريل 1972ع تائين زرعي قانون
۽ پوليس اصلاحات نافظ ڪيا. ان کان اڳ ڀٽو صاحب
صنعتڪارن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪندي 2
جنوري 1972ع تي وڏيون صنعتون قومي تحويل ۾ ورتيون.
جڏهن ته سيپٽمبر 1973ع گيهه جي ڪارخانن ۽ جنوري
1974ع ۾ بئنڪن کي قومي تحويل ۾ ورتو. ڀٽو صاحب
عوام سان اليڪشن ۾ محنت ڪشن ۽ هارين جو راڄ قائم
ڪرڻ، عوام جي حاڪميت، سوشلزم نافذ ڪرڻ جو واعدو
ڪيو هيو. پاڪستان جي عوام کي جاگيردار سرمائيدار ۽
ڪاموري گڏيل مفادن تحت آزاد ملڪ ۾ غلام شهرين وارا
حق ڏنا هيا. ڪا به آزادي واري فضا موجود ڪو نه هئي
جنهن ڪري ملڪ ۾ جمهوري ادارن کي ترقي ڪو نه ملي.
هر قانون صرف غريبن لاءِ هيو، دولتمند لاءِ ڪا به
قانون جي پابندي ڪا نه هئي، اهڙي ٻوساٽ واري
پاڪستان ۾ ڀٽو صاحب عوام کي اهو احساس ڏياريو ته
هن ملڪ جا مالڪ اوهان آهيو، طاقت جو سرچشمو عوام
آهي، هاري، مزدور، شاگرد، قانوندان، صحافي، دانشور
۽ اديب ڀٽو صاحب وٽ جمع ٿي ويو. کيس عوام پاران
”قائد عوام“ جو لقب ڏنو ويو، قائد عوام جي هدايتن
تي جڏهن ڪامورن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو. ڪارخانن
۽ بينڪن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي مزدورن کي اجتماعي
سوديڪاري جو حق، پينشن، علاج، موڪلن بابت حق
ڏياريا ۽ اهڙي طرح مزدور يونين، فيڊريشن جو وجود
عمل ۾ آيو ۽ هڪ مضبوط محنت ڪش قوت اڀري مزدور راڄ
قائم ٿيندي نظر آيو، ملازمن جي ملازمت جو تحفظ ۽
ٻيا ڪيترا حق محنت ڪشن ماڻيا. ٻئي طرف هارين کي
حقن ڏيڻ لاءِ هارين کي زرعي قرض ڏيڻ، وڏيرن مٿان
ٻج ڀاڻ ۽ ٻين خرچن جي ذميواري، جيڪو وڏيرو زمين
وڪرو ڪري پهريان ان جي هاري جو حق هوندو، ڍل اوطاق
ٻج اڌو اڌ ختم ۽ سڄو ذمو وڏيري مٿان، هاري صرف هر
ڪاهيندو ۽ اناج اپائيندو فصل لاهيندو ۽ اڌ حصو
ماڻيندو، هارين کي پهريون دفعو مفت زمينون ڏنيون
ويون، هارين جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلي لاءِ وفاقي لينڊ
ڪميشن قائم ڪئي وئي ڀٽو صاحب جو غريب هارين سان
عشق جي حد تائين پيار هيو ۽ هن پوري ملڪ جي هارين
جون دليون کٽيون، جيڪو ڪم ڪامريڊ عبدالقادر ميوا
خان کوکر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن اڳواڻن هٿ ۾
کنيو هيو ۽ پنهنجي حال مطابق جدوجهد ڪري هارين کي
حق ڏياريا ڀٽو صاحب ان کي انجام تي پهچايو. زرعي
اصلاحات تحت وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ٿي ۽ 30
سيپٽمبر 1976ع تائين پوري پاڪستان ۾ اٽڪل 30 لک
ايڪڙ زمين جاگيردارن کان حاصل ڪئي ۽ ان ۾ يارهن لک
ايڪڙ اها به زمين هئي جيڪا جنرل محمد ايوب خان جي
دور ۾ اصلاحات وقت ڄاڻي واڻي ڇڏي وئي هئي. وفاقي
لينڊ ڪميشن سوشلسٽ ليڊر شيخ محمد رشيد جي اڳواڻي ۾
پنجاب مان سردار فاروق احمد خان لغاري ۽ ان جو
خاندان، سردار عاشق محمد مزاري کان علاوه پيپلز
پارٽي جي ايم پي اي رانا قول محمد خان، چوڌري محمد
اڪرم چيمه کان علاه سنڌ مان ٽن صوبائي وزيرن ڄام
صادق، مير عطا حسين ٽالپر، مير هزار خان بجاراڻي
کان علاوه وڏن جاگيردارن مير اعجاز ٽالپر، سردار
غلام محمد خان مهر جهڙن ڪيترين سرحد ۽ بلوچستان جي
سردار شخصيتن کان به زمينون حاصل ڪيون، جيڪي ڀٽو
صاحب غريب هارين ۾ تقسيم ڪيون.
هنزه ۽ نگر رياستن مان بيگار سسٽم جو خاتمو ڪيو ويو، گلگت ۽
بلبستان ۾ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو، بلوچستان
۾ سرداري نظام جو خاتمو آندائين، ڳوٺن ۾ هارين ۾
شعور لاءِ ٽرانسسٽر ريڊيا مفت ورهايا ويا. ٻهراڙين
کي وڏي پيماني تي ترقي ڏياري وئي جنهن ۾ روڊ،
رستا، پل، اسپتالون، اسڪول، بجلي، پاڻي جا نلڪا هر
هڪ ڳوٺ ۾ پهچايا ويا. هاري مضبوط ۽ وڏيرو ڪمزور
نطر آيو. شهرن ۾ هڪ طرفي ترقي جي تيز رفتاري سان
ڳوٺن ۾ احساس محرومي وڌي وئي هئي، زندگي جي نعمتن
۽ جديد آسائشي سهولتن تي صرف شهرين جو حق هيو.
پريس، ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ٻهراڙين کي ڪا نمائندگي
ڪو نه هئي، ڀٽو صاحب پاران پيپلز ورڪس پروگرام صرف
ٻهراڙين کي شهرن برابر سهولتون ڏيڻ، ٻهراڙين جو
سماج ۾ رتبو وڌائڻ خاطر هيو. ڀٽو صاحب جي دور ۾
ٻهراڙين ۾ روڊن، رستن، بجلي واٽر سپلاءِ، اسڪولن،
ڪاليجن، زرعي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن جي واڌاري
سبب ٻهراڙي جي ماروئڙن ۾ تعليم، صحت ۽ اعليٰ
روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جذبو پيدا ٿيو. صدر جنرل
محمد ايوب خان جي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي لياقت
ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ٻه سيٽون هونديون هيون.
جڏهن ته ڀٽو صاحب جي وقت ۾ لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۾
نيون ميڊيڪل ڪاليجون قائم ٿيون، ڪراچي حيدرآباد جي
ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ٻهراڙي جون سيٽون وڌايون ويون،
وفاقي ادارن ۾ ملازمت لاءِ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل
ڪرائيندي ٻهراڙين جي تعليم يافته نوجوانن کي ڪسٽم،
ايف آءِ اي، پي آءِ اي، ڪي پي ٽي، مواصلات، صنعت
جهڙن کاتن ۾ داخل ڪيو ويو. اڳ انهن سڀني وفاقي
ادارن ۽ ملازمتن ۾ سنڌين ۽ ٻهراڙين کي مڪمل طرح
نظرانداز ڪيو ويو هيو، ڪراچي جيڪو سنڌ جو گادي
وارو هنڌ هيو ۽ آهي، سنڌ صوبي جي دل ۽ مرڪز آهي
اتي جيڪڏهن ڪو سنڌي هڪ ٻئي سان ملندو هيو ته عيد
ٿي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته سنڌين کي ڪراچي ۾ ملازمت ڪو
نه ملندي هئي، ماستري، سپاهي ۽ روينيو ۾ ڪلارڪي
جيڪڏهن اثر رسوخ آهي ته تپيداري يا صوبيداري سنڌي
تعليم يافته جوان جو مقدر ۽ منزل هئي، ليڪن ڀٽو
صاحب انقلابي فيصلا ڪري ڪراچي شهر ۾ پورٽ قاسم،
پاڪ اسٽيل، سول ايويئيشن اٿارٽي، جهڙا وڏا منصوبا
جوڙي ڪراچي ۾ سنڌي تعليم لازمي ڪري هزارين سنڌي
آفيسرن، ڪلارڪن، ماسترن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو، هر
هڪ اداري ۾ سنڌي نظر اچڻ لڳا. ڪراچي کي باقائدي
سنڌين جو شهر بڻايو، هر طرف هر هنڌ سنڌي ملازمت
ڪندي رهندي، گهمندي ڦرندي نظر آيا نه صرف ڪراچي پر
اسلام آباد جو به ساڳيو رنگ روپ هيو، ڪراچي جي
فائيو اسٽار هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ سلوار قميص ۽
ٽوپي واري جي داخلا بند هوندي هئي، ڀٽو صاحب ان
طريقي کي ختم ڪري هر قومي لباس کي قابل احترام
قرار ڏنو، سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو نوڪرين جو سيلاب
ڪڏهن ڪو نه آيو جهڙو ڀٽو صاحب جي دور ۾ آيو هيو.
ٻهراڙين مان ڪراچي ملازمت ڪندڙ سنڌي ڪراچي
حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ منتقل ٿي پنهنجي خاندان
سميت رهڻ لڳا ۽ اهڙي طرح وري انهن پنهنجي اولاد
ڀائرن، ڀينرن کي جديد سهولتون ڏنيون اعليٰ تعليم
ڏياري ۽ هاڻي سنڌي ماڻهو هر هنڌ هر محاذ هر اداري
۾ مقابلو ڪندي نظر اچي ٿو.
هڪ طرف ملازمتن وسيلي ڀٽو صاحب جي دور ۾ خوشحالي جو سيلاب آيو
ته وري ٻئي پاسي لبيا، سعودي عرب، عرب امارات، قطر
وغيره جهڙن عرب دولتمند ملڪن کي ڀٽو صاحب راضي ڪري
ملڪ مان مزدور، هاري، فني هنر ڄاڻيندڙ ماڻهن کي ٻن
ٽن هزار رپين جي عيوض انهن ملڪن ۾ موڪليو، اهڙي
طرح ملڪ جي ٻين صوبن کان علاوه سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ
جي ويهن گهرن مان هڪ فرد عرب ملڪ رهڻ لڳو، عرب
ملڪن ۾ هنن وڏيون پگهارون ماڻيون ۽ غريب مزدورن ۽
هارين پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون، پنهنجي عزيزن کي
شهرن ۾ ٺيڪيداري ۽ ٻين وڏن رزوگار جي وسيلن ۾ شامل
ڪرايو. ڀٽو صاحب جي حڪومت جي هن عمل غريب ڳوٺاڻي
کي پئسي وارو خوشحال بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح ڳوٺن ۾
انقلاب اچي ويو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سنڌي وڏيري جي
گهر ۾ رنگين ٽي وي، وي سي آر، ٽيليفون ۽ فرج موجود
هيا ته سندس ڪڙمي جي پٽ به عرب ملڪن مان ساڳيون
شيون پنهنجي گهر موڪليون ۽ وڏيري جي سماجي ٺٺ
ٺانگر کي ڇيهو رسيو. ان وقت ۾ ڪيترن ئي پيپلز
پارٽي جي وڏيرن مون سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو. ڀٽو
صاحب جي دور ۽ ان کان اڳ واري سنڌ ۾ هڪ صدي جو فرق
محسوس ٿيندو هيو. ملڪ جي مفاد خاطر 30 جنوري 1972ع
تي پاڪستان دولت مشترڪه کان ڌار ٿيو، ڀٽو صاحب جي
ذاتي اثر رسوخ سبب چين 2 فيبروري 1972ع تي پاڪستان
کي ڏنل يارهن ڪروڙ ڊالرن جو قرض معاف ڪرڻ جو اعلان
ڪيو. 19 فيبروري 1972ع تي آمريڪا کان پاڪستان جي
فوجي اقتصادي امداد بحال ڪرايائين. 9 مارچ 1972ع
بين الاقوامي ڪنسور شيم کان پاڪستان جي امداد بحال
ڪرايائين. 19 مارچ 1972ع تي ملڪ ۾ 43 انشورنس
ڪمپنين کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. 6 مارچ 1972ع
تي مخالف پارٽي نيشنل عوامي پارٽي سان ٿيل سمجهوتي
مطابق سرحد بلوچستان ۾ انهن جا گورنر مقرر ڪيائين.
فلمي صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ 31 مارچ تي لاهور ۽
ڪراچي ۾ فلم سنسر بورڊ جي شاخ قائم ڪئي، قائد عوام
ذوالفقار علي ڀٽو کي 16 اپريل 1972ع تي قومي
ايمبلي جي 104 ميمبرن پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. 17
اپريل تي قومي اسيمبلي کان ملڪ لاءِ عبوري آئين
منظور ڪرايو. اهڙي طرح 20 اپريل 1972ع تي ملڪ مان
مارشل لا ختم ٿيو. ڀٽو صاحب 7 مئي 1972ع تي چين
سان مال جي بدلي مال جو واپار ڪرڻ وارو تاريخي
معاهدو به ڪيو. ڀٽو صاحب آگسٽ ۾ حڪومت جو تختو
الٽڻ واري سازش ۾ ڇهن فوجي جنرلن کي ملازمت تان
هٽايو. ملڪ جي عدالتن کي 13 آگسٽ تي انتظاميا کان
ڌار ڪيو ويو. تعليمي ادارن ۾ امير ۽ غريب جي فرق
کي مٽائڻ لاءِ 31 آگسٽ تي 176 خانگي لا ڪاليجن کي
سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. در اصل 1972ع جو سال ڀٽو
صاحب جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته
هن سال حڪومتي سطح تي تمام گهڻا فيصلا، معاهدا ٿيا
۽ ڀٽو صاحب قوم ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. قوم
کي باقائدي تبديلي نظر اچي وئي.
ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1973ع تي نئون اسلامي جمهوري
وفاقي پارلياماني آئين نافذ ڪيو جنهن کي 10 اپريل
تي قومي اسيمبلي ۾ يڪراءِ پاس ڪيو ويو ۽ ڀٽو صاحب
بحيثيت وزيراعظم پاڪستان حلف کنيو. آڪٽومبر 1973ع
۾ رياستن کي ختم ڪري صوبن ۾ شامل ڪيو. 30 ڊسمبر
1973ع تي روس جي سهڪار سان ملڪ ۾ سڀ کان وڏي
فولادي ڪارخاني پاڪستان اسٽيل مل جو افتتاح
ڪيائين. هن ڪارخاني ۾ 50 قسم جي مشينري ٺاهڻ جي
صلاحيت موجود آهي، ڀٽو صاحب 1 جنوري 1974ع تي
سرمائيدارن جي هڪ هٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ نجي
شعبي ۾ قائم بئنڪن کي به سرڪاري تحويل ۾ ورتو. ان
کان اڳ انهن بئنڪن جو فائدو چند خاندان ماڻيندا
هيا. |